خير، اهو شيخ اياز جو ڪمال هو ته سنڌين جو به، اهي
پنهنجن شاعرن، فنڪارن ۽ صوفين کي تقريباً پوڄين
ٿا، محبت ڪندڙ انهن سنڌين لاءِ ڊسمبر جا آخري
پندرنهن ڏينهن تمام ڳرا گذريا. انهن ٻن هفتن ۾
پهرين ڊاڪٽر اياز قادري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري
ويو. هو سنڌ جو مشهور محقق ۽ تعليمي ماهر هو.
ڊاڪٽر صاحب شاعري به ڪئي ۽ نثر ۾ به پنهنجون
لکڻيون ڇڏي ويو. ان کان صرف ٻارنهن ڏينهن بعد
ڊاڪٽر درشهوار سيد لاڏاڻو ڪيو، جنهن ڏينهن ڊاڪٽر
صاحبه کي دفنايو پئي ويو، اهو شيخ صاحب جي زندگي
جو آخري ڏينهن هو. پنجاب ۾ شيخ اياز ون يونٽ جي
مخالف ۽ سنڌي قوم پرستي جي شدت پسند طور متعارف
ٿيو. اسان جي سياستدانن جو اهو ڪمال آهي ته اهي
پنهنجي هر مفاد کي قوم جي ايمان جو حصو بڻائي ٿا
ڇڏين. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ون يونٽ کي متبرڪ مقام حاصل
هو، تنهن ڪري ان ڏهاڪي جو وچيون پنجاب جو نسل شيخ
اياز کي ”بي ايمان غدار“ طور سڃاڻندو هو. بهرحال
سنڌ جي ٻين دانشورن جيان شيخ اياز ون يونٽ جي
مخالفت ڪئي هئي ۽ کلي عام ڪئي. هن ان حوالي سان هڪ
نظم لکيو جيڪو سنڌ جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ويو ۽ ٻچي
ٻچي جي زبان تائين پهتو. حڪومت ان نظم کي ضبط ڪري
باغي شاعر کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو.
ون
يونٽ ته پنهنجا جلوا ڏيکاري ختم ٿي ويو، پر پنجاب
وارن شيخ اياز کي معاف نه ڪيو، جيتوڻيڪ شيخ اياز
جي دل ۾ پنجاب لاءِ محبت ئي محبت هئي. سندس هڪ
ولوله انگيز نظم، ڀڳت سنگهه تي به آهي. هڪ ڀيرو
منهنجي ملاقات ساڻس ٿي. ان هڪ ڪلاڪ جي ڪچهري ۾ هن
چار پنج ڀيرا بلي شاهه، شاهه حسين ۽ بابا فريد جي
شعرن جو حوالو ڏنو. سندس چوڻ هو ته پنجابين پنهنجي
سڃاڻپ وڃائي ڇڏي آهي. پنهنجن انهن شاعرن ڏانهن
اچي اهي پاڻ کي ڳولي سگهن ٿا. (اتي سڀني جواب ڏنو
ته اسان سڀني ڇوڪرن سيد سبط حسن، شفقت تنوير مرزا
۽ محمد آصف خان کي انهي ڪم تي لڳايو آهي. اهي اسان
کي ڳولي اسان تائين پهچائيندا) شيخ اياز کي پنجابي
۽ سنڌي ٻولي جي گهرن رشتن جو ڀرپور احساس هو ۽
انهن کي سنڌو ماٿري جي قديم ٻولي جون ٻه شاخون
سمجهندو هو.
2
مارچ 1923ع تي شڪارپور جي هڪ وچئين طبقي سان واسطو
رکندڙ گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز ڪراچي مان
وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ 1940ع واري ترقي
پسند تحريڪ جي وڪڙ ۾ آيو هو. هن بيٺڪي سرشتي سان
نفرت، آزادي جي جستجو ۽ سماجي انصاف جي خواهش
انهيءَ تحريڪ مان حاصل ڪئي هئي. پر ڪجهه ترقي
پسندن جي ابتڙ سندس پنهنجي روايت جون پاڙون تمام
گهريون هيون ۽ آخري وقت تائين قائم رهيون. هن تي
سڀني کان وڌيڪ اثر سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو هو. شاهه ڀٽائي ۽ شاعري جي
سنڌي روايت ۾ ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ نوان
تجربا ڪري شيخ اياز جديد دور جي سڀ کان وڏي سنڌي
شاعر جو مقام حاصل ڪيو. بلڪ ائين چوڻ گهرجي ته هو
شاهه ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ٻيو وڏو
شاعر مڃيو وڃي ٿو. هن جي شاعري قديم ۽ جديد جو
ميلاپ آهي. هن سنڌي شاعري جي پراڻن موضوعن، تصورن
۽ اسلوب کي بدلائي نئون طرز احساس، نوان اسلوب ۽
نوان تصور ڏنا. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان
گهري محبت جي شاعري آهي. هن جي شاعري ۾ صدين کان
مظلوم ۽ محروم رهندڙ عوام کي نئون ولولو ۽ نئون
پيغام ڏنل آهي. هو صدين کان انسان دشمن نظام جي
زنجيرن ۾ جڪڙيل محروم انسانن کي سجاڳ ڪري ٿو.
ڀٽو
صاحب جي دور ۾ شيخ اياز ۽ اسلام آباد وچ ۾ پهريون
رابطو ٿيو، جيڪو سندس لاءِ فائدي مند ثابت نه
ٿيو، نتيجي ۾ ڀٽي صاحب کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس
چانسلر بڻائي ڇڏيو. وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ شيخ
اياز سنڌ يونيورسٽي کي نوان خيال ڏنا، تحقيق کي
هٿي ڏني ۽ نئين ڳالهه اها ڪئي ته تعليم ۽ ثقافت ۾
هڪ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ شروع ڪيو، پر يونيورسٽي جي
انهي دور شيخ صاحب جي اميج کي ڌڪ رسايو. سندس ڪجهه
ويجها دوست انهي تي خوش نه هئا ۽ انتها پسند
قومپرست ته انهي کي سنڌڪاز سان غداري قرار ڏيندا
هئا. اهڙي ريت نوجوان نسل ساڻس ناراض ٿيڻ لڳو .
ڀٽي صاحب کان پوءِ جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ به
شيخ صاحب انهي عهدي تي برقرار رهيو ته معاملو
وڌيڪ خراب ٿي ويو. ۽ شيخ اياز سنڌ ۾ پسمنظر ۾ وڃڻ
لڳو. انهن ڏينهن ۾ ئي آءُ سنڌ يونيورسٽي ۾
”پاڪستاني فلسفو ڪانگريس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ
حيدرآباد ويس. مون ڏٺو ته نوجوان کائنس پري پري
رهڻ لڳا هئا. شيخ صاحب جي پراڻن دوستن مان هڪ
ابراهيم جويي صاحب سان ملڻ جو موقعو مليو هو. جويو
صاحب سنڌ جو تمام وڏو عالم ۽ اديب آهي، بس اهو ئي
شيخ صاحب جي تعريف ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته
ڪجهه سنڌي نوجوان ان غلط فهمي سبب شيخ صاحب سان
ناراض آهن. احمد سليم تن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هو
۽هن شيخ اياز جي چونڊ ڪلام جو پنجابي ۾ ترجمو ڪيو.
اهو ترجمو ”جو ٻيجل ني آکيا“ جي عنوان سان شايد
سنڌ يونيورسٽي طرفان شايع ٿيو هو. هن ان ڪتاب جو
هڪ نسخو مون کي ڏنو جيڪو ڪيتري وقت تائين مون وٽ
رهيو پوءِ ڪنهن دوست جي ور چڙهي ويو.
پنجابي کان سواءِ شيخ اياز جي ڪلام جو اردو ۾ به
ترجمو ٿيو ۽ اهو فهميده رياض ”حلقه مير زنجير ڪا“
جي عنوان سان ڪيو. ڪجهه سال پهرين آءُ ۽ ڊاڪٽر
مبارڪ علي اسلام آباد ۾ رهائش پذير فهميده رياض
سان ملڻ لاءِ وياسين. هن ان ڪتاب جو هڪ نسخو ڏنو.
شيخ اياز پاڻ به اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس اردو
شاعري جو مجموعو 1954ع ۾ ” بوئي گل ناله دل“ جي
نالي سان شايع ٿيو. جڏهن ته سندس سنڌي شاعري جو
پهريون مجموعو ان کان اٺ سال بعد 1962ع ۾ شايع
ٿيو. شيخ صاحب جي هڪ ٻي وڏي ڪارنامي جو واسطو پڻ
اردو سان آهي. اهو ڪارنامو هو شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي رسالي جو اردو ۾ ترجمو. شيخ اياز هزارين
لکين عقيدتمندن کان سواءِ 46 ڪتاب پوئتي ڇڏي
ويو. انهن ڪتابن ۾ سندس پنهنجي لکيل آتم ڪٿا پڻ
شامل آهي. ان کان سواءِ شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمونن جا
مجموعا ۽ ڊائريون شامل آهن. سندس آخري سالن جي
شاعري ۾ آفاقيت ڏانهن رجحان بلڪل واضح نظر اچي
ٿو. مان ان جو سبب پنهنجي مهربان دوست ۽ سنڌ جي
مهان دانشور ۽ اديب غلام رباني آگري کان پڇندو هئس
۽ هو جواب ڏيندو هو ته شيخ اياز اهي ڳالهيون
ٻاهران نه سکيون آهن. خود سنڌي شاعري آفاقيت ۽
انسان دوستي جي جذبن سان ٽمٽار آهي، اها به شاهه
ڀٽائي جي عطا ڪيل آهي.
(11
جنوري روزانه عوامي آواز)
چونڊ نثري ٽڪرا
ترتيب:- نور احمد خوجو
قوم
جو ڪردار
هڪ
بي معنيٰ لفظ آهي.
جنهن قوم
روسو پيدا ڪيو
اها
الجيريا ۾
قتل
عام به ڪري سگهندي آهي.
*
تون
چوين ٿي
ته
سرير جو ناتو
پؤتر نه ٿيندو آهي.
ڇا؟
سورج مکي جي سجيلي سونهن
جڏهن سج لاءِ
پنهنجي ڇاتي کوليندي آهي
تڏهن اپوتر ٿي پوندي آهي
ڇا؟
سانوڻ جي رم جهم
اُن
اڻ مندائتيءَ ڪڪري کان گهٽ پوتر هوندي آهي
جا
ڏوران ڏيک ڏئي
ويندي رهندي آهي
چري!
پريت سرير کان سواءِ
ائين آهي
جيئن ساز کان سواءِ سنگيت:
تار
جي چهاوَ کان سواءِ
مڌرتا
ڪنهن ٻي کي ملي آهي!
*
حافظ جي محبوبه
شاخ
نبات
حامله آهي ۽ سوچي رهي آهي،
”هي
مون ڏانهن ڌيان ڇو نه ٿو ڏئي
ڇا
ديوان
انسان کان وڌيڪ ڳورو آهي!“
*
ڪالهه سامراج عقاب هو
اڄ
بگلو آهي،
ڪالهه خونخوار سپاهي هو
اڄ
جمهوريت جو فسلفي آهي.
*
ڪنهن
به پيار جي گيت تي
فحاشيءَ جو الزام
ائين
آئي
جيئن
انارڪليءَ جو موت.
*
منهنجا پٽ!
منهنجي موت کان پوءِ
جڏهن
اها تلوار
جا
منهنجي گردن تي ڪري هجي،
ٽٽي
پوي
تڏهن منهنجي جلاد کي
منهنجون خون
بخشي
ڇڏجانءِ.
*
نيٺ
ته پنهنجي مٽيءَ جي مٺ
هن
ساري مانڊاڻ ۾ ملي وڃڻي آهي.
ڪيتري نه وسعت آهي انهيءَ ڦهلاو ۾!
جندڙي جي الڳ ٽڪاو
جي ايرکا ڪيڏي نه اجائي آهي!
ڌرتيءَ جي سائي پن کان
آڪاس
جي سنهري ڪرڻي تائين،
ڪوئي
سمونڊ آهي
جو
سدائين
سرجي
رهيو آهي
ڀرجي
رهيو آهي
گرجي رهيو آهي،
پوءِ به نه ڪٿان نڪتو آهي
۽ نه
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي
ان
جي اڪائي ۾
تنهنجو اڪلاءُ
تو
لاءِ گهاٽو نه آهي.
*
تون
ياد ڪجانءِ
سنڌ
۾
منهنجي موت کان پوءِ
جيڪڏهن
ٻئي
ڪنهن جو شعر
زنده
رهندو
ته
اهو ائين اُسريو هوندو
ڪمند
جي جيئن
هڪ
فصل ڪپڻ کان پوءِ
ٻيو
فصل
ان
جي جڙن مان
خود
به خود اُسري ايندو آهي
*
مان
اهو پڙهي
ته
ڀٽائيءَ
پنهنجو پورو ڪلام
ڪراڙ ۾ لوڙهي ڇڏيو هو
ته
متان عوام ان کي سمجهي نه سگهي،
هن
کي چئي رهيو آهيان،
”منهنجا مرشد!
پنهنجي هن گستاخ مريد جي
همٿ
ته ڏس!
همٿ
ته ڏس.“
*
تون
مون کي گهٽو ڏئي،
مون
کان پڇي رهيو آهين،
”چئو، اڃا ڳائيندين؟“
۽
منهنجن گيتن
منهنجين ات- ڪاوڙيل اکين مان ٽپو ڏئي
پنهنجا واگهه نک
تنهنجي نڙ گهٽ تي کپائي ڇڏيا آهن:
ممڪن آهي ته مان ٻوساٽجي مران
پر
منهنجا گيت
تنهنجن ستن پيڙهين سان
منهنجو پلئه ڪندا رهندا.
*
تون
مون کان پڇي رهيو آهين،
”تون
دهريو آهين ڇا؟“
۽
مان
هن
رنگبرنگي ڪيئين ڏانهن،
جو
منهنجي رابيل جي ڪونڊيءَ ۾
ڏانڊيءَ تي چڙهي رهيو آهي،
پيار سان نهاري رهيو آهيان،
شايد تون سمجهي سگهين
ته
منهنجي اها نهار
تنهنجي سوال جو جواب آهي!
*
منهنجا دوست
ته
فقط اهي بادل آهن
جي
پنهنجيءَ تي آيا
ته
توکي ٻوڙي ماريندا
*
ڪالهه منهنجو انڌو پاڙيسري
سج
کي بجو ڏيئي چئي رهيو هو،
”جي
مان ڏسي نه ٿو سگهان
ته
تون چمڪين ڇو ٿو؟“
*
نه
خيام پنهنجي رباعيءَ جهڙو بدمست هو (1)
۽ نه
زيب النساءِ مخفي جو غزل (2)
هن
وانگر ڪنوارو هئو.
شاعر
جي پرک هڪ ڳالهه آهي
شاعريءَ پروڙ ٻي ڳالهه آهي.
1))خيام-
فارسي جو مشهور شاعر
(2)
زيب النساءِ مخفي- اورنگ زيب مغل بادشاهه جي شاعره
ڌيءَ
*
ماڻهو
مون تي ڪفر جون فتوائون ٿا ڏين
اي
سانوڻ جي گهٽائن ۾ ڇپي ويندڙ چنڊ!
ڇا؟
توکي به منهنجي ڪفر سان شڪايت آهي؟
*
ڇا تون
ذره پائي اهو سمجهي رهيو آهين ته مان
تنهنجي
اندر جو ناسور نه ڏسي رهيو آهيان؟
*
ڇا سچ
به مري ويندو آهي ۽ ان کي به اسرافيل
جي
صور جي ضرورت پوندي آهي؟
*
مون هن
جي منهن تان چڱون هٽايون ۽ هن جي منهن کي
پنهنجن
ٻنهي هٿن ۾ ائين جهليو جيئن پتن جي وچ ۾ ڪنول
مهڪندو
آهي. هوءَ ڦوهه جواني ۾ هئي ۽ منهنجو من هن جي
ون ۽
واس ۾ ويڙهجي ويو.
مون هن
جا چپ ۽ اکيون چمي هن کي گهوري ڏٺو. اوچتو هن جا
وار گم
ٿي ويا ۽هن جي هڏائين کوپري نظر آئي. ڪاري ڪجل
جي ڌار
سوڌيون هن جون اکيون به الاجي ڪيڏانهن ويون ۽ ان
جي جاءِ تي ٻه هڏاوان کوپا نظر آيا. مون سوچيو ته
اها
چمي مون زندگي کان وتي يا موت کان؟
انسان
جي انت تي سوچي منهنجو من گائو مائون ٿيڻ لڳو
هن
مون کي وائڙو ٿي ڏٺو ۽ پوءِ مون کي چمي ڏئي
چيائين،
” ڇا
ٿو سوچين؟ دير ٿي وئي آهي، مون کي وڃڻو آهي،“
”هر
ڪنهن کي وڃڻو آهي.“ مون من ۾ سوچيو پر هن کي
ڪوئي
جواب نه ڏنو. هوءَ هلي وئي؟ تڏهن مون اڌ ڇڪيل
سگريٽ رک – دانيءَ ۾ وسايو ۽ اهو مون کي ميران
ٻائي جي
هاٺين
وانگر لڳو.
*
اي
سنڌ! تون ماءُ آهين
مان
تنهنجي ڌرتيءَ مان شاعري جو مواد
ائين
حاصل ڪندو آهيان،
جيئن
ٿر جي ڳاڙهي گانءِ جي ارهن مان ان جو ٻچڙو
کير
حاصل ڪندو آهي
سِرُ
اياز اڄ ڏنو- سنڌ ڏسندي رهي!
سنڌ
جيڪا صدين کان قائم ۽ دائم آهي، سنڌ جي صدين کان
هڪ مضبوط شناخت هڪ ٽڪنڊي انڊلٺ رهي آهي، اها
”ٽڪنڊي انڊلٺ“ ڇا آهي؟ اها آدجڳاد کان موجود پاڻي،
کنڊر ۽ شاعري جو انڊلٺي ٽڪنڊو آهي، جنهن کي سنڌ
واسين سنڌو، موهن جي دڙي ۽ شاهه لطيف جي مهان
نالن سان سڃاڻين ٿا ۽ جنهن جي سحر ۾ سنڌ جا ماڻهو
صدين کان اسير آهن. سنڌو، موهن جي دڙي ۽ شاهه لطيف
جي سحر جي اسيري مان ٻاهر نڪرندي سنڌين کي دور
حاضر ۾ جيڪڏهن ڪي نظر آيا آهن ته اهي فقط ٻه نالا
آهن، هڪ ڀٽو ۽ ٻيو شيخ اياز. جن جي ڏات ۽ جن جي
ذات بغير ڪنهن متڀيد جي اجرڪ ۽ ٽوپي وارا سنڌي
ماڻهو سدائين ناز ڪندا آهن.
انهيءَ پاڻي، کنڊر ۽ شاعري واري سنڌ، انهيءَ اجرڪ
ٽوپي ۽ پلي واري سنڌ
۽
انهيءَ سنڌو، موهن جي دڙي ۽ لطيف واري سنڌ مان
اڄوڪي، دؤر حاضر واري سنڌ مان هڪ شخص جنهن شڪارپور
۾ اڄ کان 74 سال اڳ جنم ورتو هو، اهو شخص جنهن کي
سندس گهر وارا شيخ مبارڪ علي جي نالي سان، ۽ شعرو
سخن جي دنيا اياز جي نالي سان ۽ سنڌ جنهن کي لطيف
ثاني جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اهو شيخ
اياز
۽ لطيف ثاني اڄوڪي سنڌ کي 28 ڊسمبر 1997ع تي داغ
فراق ڏئي اورانهين پار کان پرانهين پار ڏانهن
رمندو ٿي ويو.
لطيف
ثاني شيخ اياز جنهن جي موت جي خبر جي حوالي کان
سنڌ توڙي ملڪ جون ڪالهوڪيون اخبارون ڀريون
پيون
آهن، ان لطيف ثاني شيخ جي موت جي خبر هند ۽ سنڌ جي
اندر ڏک جي هڪ اهڙي لهر اڀاري وئي آهي، جنهن جي
ڪري سمورو ننڍو کنڊ اشڪبار آهي، ڇاڪاڻ جو لطيف
ثاني شيخ اياز جي افسوسناڪ موت ننڍي کنڊ جي ادبي
دنيا جي”هماليه“ جي موت کان گهٽ ڪونهي، جنهن جي
آغوش ۾ ويهي سنڌ ۽ هند جا انيڪ ماڻهو سندس ”شاعري“
۽ ”دانش“ مان ”اڃ“ اُجهائيندا هئا.
شيخ
اياز جنهن جو بلاشڪ شمار ننڍي کنڊ جي دؤر حاضر
جي عظيم شاعرن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو ۽ جنهن جو واقعي
به ننڍي کنڊ جي هن صدي جي سڀ کان وڏن
شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ٿئي ٿو، سندس افسوسناڪ موت
سنڌ جي لاءِ ڪنهن به المئي ۽ ٽريجڊي کان گهٽ
ڪونهي، ڇاڪاڻ
جو
سندس جسماني موت سان دنيا ۽ شعر وسخن جو هڪ وڏو
”در“ بند ٿي چڪو آهي ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته شاعرن
جي سرتاج مرشد سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان
پوءِ جنهن خال کي شيخ اياز پُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي، اهو ”خال“ هڪ دفعو ٻيهر لطيف ثاني شيخ اياز
جي افسوسناڪ موت جي ڪري پيدا ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ
خال کي پر ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي محنت ۽ رياضت جي
ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو لطيف ثاني شيخ اياز مرحوم
لطيف ثاني جو اهو مرتبو شاعري ۾ سخت رياضت ۽ محنت
کان پوءِ ئي حاصل ڪيو هو ۽ اها سندس شاعري جي
رياضت هئي، جنهن جي ڪري شيخ اياز مرحوم لفظن سان
مصوري ۽ چترڪاري ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجي شاعراڻي
مشق سخن سان سنڌي شاعري کي نئين لب، و لهجي،
اسلوب ۽ گهاڙيٽي سان گڏوگڏ نوان ترقي پسند ۽
مزاحمت جا رجحان ڏنا، جنهن جي ڪري ئي هو رڳو سنڌ
جو لطيف ثاني ٿي سگهيو، بلڪ ان سان ئي گڏوگڏ هو
هند ۽ سنڌ جي دؤر حاضر جي شاعرن ۾ هڪ مٿانهون نالو
بڻجي، دنياءِ ادب جي آسمان تي روشن سج وانگر جڳ
مڳائيندو رهيو.
لطيف
ثاني شيخ اياز جي وڇوڙي کي اسان سنڌ جي لاءِ ڪنهن
”قومي الميئي ۽ سوڳ“ کان گهٽ ڪو نه ٿا سمجهو،
ڇاڪاڻ جو بلاشڪ لطيف ثاني شيخ اياز سنڌ جو هڪ
”قومي شاعر“ هو، سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جنهن
جي شاعري ۾ اسان کي وطن دوستي ۽ انسان دوستي جا
عظيم رجحان ۽ احساس ملن ٿا، انهيءَ لطيف ثاني ۽
قومي شاعر شيخ اياز جي افسوسناڪ موت تي اسان، اهلِ
سنڌ، اهل ادب و سخن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي اپيل
ڪريون ٿا ته اهي لطيف ثاني ۽ سنڌ جي قومي شاعر شيخ
اياز جي ٽيجهي جي ڏينهن تي قومي سوڳ جو اعلان ڪن.
آخر
۾ اسان لطيف ثاني ۽ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي
افسوسناڪ موت تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪندي اهو
ضرور چونداسين ته اسان جو ادارو مهان ڪوي ۽ عظيم
دانشور ۽ سنڌ جي قومي شاعر لطيف ثاني شيخ اياز جي
موت ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ اسين سڀ خدا تعاليٰ
جي سامهون هٿ کڻي دعاڳو آهيون ته اورانهين پار کان
پرانهين پار جو سفر ڪري ويندڙ ”اياز“ کي پنهنجي
جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس پونيئرن، اهلِ
سنڌ ۽ اهلِ ادب و سخن کي صبر و جميل عطا فرمائي ته
جيئن اهي هن قومي نقصان کي برداشت ڪري سگهن.
(عبرت اڱارو 30 ڊسمبر 1997ع)
الامان اڏري ويندو سانءِ!
شيخ
اياز ڪو نه رهيو. پر شيخ اياز وڃڻ جي باوجود رهجي
ويو آهي. شيخ اياز ڀلي طبعي طرح موجود نه رهي پر
هو دنيا ۾ اوترو موجود رهندو جيترو دنيا ۾ پيار
موجود رهندو. امرتا يعني
Immortality
ان شيءِ کي نصيب ٿيندي آهي جيڪا موجود نه هوندي به
هجي. اهو ئي سبب آهي جو وجوديت ۽ تصوف جي فلسفن جي
سوڙهين گهٽين مان گذرندي تاريخ جو هڪ وڏو ماڻهو
پنهنجي ظاهري هجڻ ۽ ابدي هجڻ جي وچ وارا فاصلا
ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو نظر اچي ٿو. ننڍي کنڊ جو
وڏو شاعر اسد الله خان غالب پنهنجي ظاهري هجڻ جو
ماتم ڪندي چوي ٿو ته کيس سندس ان هجڻ ئي امرتا کان
محروم ڪري ڇڏيو آهي. اخلاقي طرح به اهڙي ائپروچ
انساني عظمت جي اتاهين سان ٺهڪي اچي ٿي ۽ تصوف جي
دنيا ۾ ته پنهنجي وجود جي نفيءَ جون وڏيون مارڪون
آهن. شيخ اياز تصوف، وجوديت ۽ جديديت جي مٽيءَ ۽
فطرت جي ڳوڙهن مان ڳوهيل شاعر هو. هن کي ته ماڻهوءَ
جي ضايع ٿيڻ جي احساس اها سٽ چوڻ تي به مجبور ڪيو
هو ته:
ڏس
ڏس ماڻهوءَ جي مٽيءَ کي، مون ڳوڙهي ڳوڙهي سان ڳوهي
ڪيڏو
نه لسايو آ
پيارا،
ڇا جام بنايو آ پيارا!
هن
جو پنهنجي فن جي دنيا ۾ ٺاهيل ماڻهو مثالي ماڻهو
آهي ۽ ان جو وجود هن جي شاعريءَ سان لسايل آهي. هر
ڪلاڪار جيان شيخ اياز کي به پنهنجي ان مثالي
ماڻهوءَ جي ڏاڍي ڳولا رهي ۽ رڳو ان مثاليءَ جي نه
پر مثالي ديس جي پڻ. هن جو چوڻ هو ته شاعر جي ديس
جو ته اڃا تائين تعين به ڪو نه ٿيو آهي جڏهن ته
پورهيت لاءِ هو ديس ۽ پرديس جي فرق جي خاتمي جون
خبرون ٻڌائيندو . اهو شيخ اياز ڪونهي رهيو ته هن
جي ڪتابن جي صفحن ۾ اظهاريل ۽ خلقيل مثالي ماڻهو
به حيران پريشان ۽ سندس ڪتابن کان ٻاهر جو ديس ۽
ان جا ماڻهو سوڳوارا آهن.
تاريخ جو هر وڏو ماڻهو دنيا جي اسرارن تان پردا
کڻڻ جي جاکوڙ ۾ رهيو آهي ۽ پاڻ اسرار بنجي ويو
آهي. دراصل جيئڻ اسرارن تان پردو کڻڻ جو ئي ته
نالو آهي. آئينِ اسٽائين جهڙي ماڻهو جي هڪ انتها
اها آهي جتي هو نهايت مادياتي سائنسي نظريا ڏئي
ٿو ۽ ٻي اها آهي جتي هو پنهنجي ٿيوري آف ريلٽوٽيءَ
جي بنهه شاعراڻي تشريح ڪري ٿو ۽ مرڻ وقت چوي ٿو ته
”آئون دنيا جي اسرارن تان پردا کڻڻ لاءِ دنيا ۾
آيو هئس پر جيئن جيئن مون انهن جا راز کوليا تيئن
تيئن اسرار ڦهلجندا ويا. هن وقت آئون سراپا حيرت
بڻجي مري رهيو آهيان.“ آئين اسٽائين جا
اُهي
لفظ اڄ به سموري ”هجڻ“ جي ڪائناتن ۾ گونجي رهيا
آهن ته
“Iam
dying with full wonder!”
جنهن
وقت شيخ اياز پنهنجي آخرين سفر لاءِ روانو ٿيندو
ته اسرارن جا پردا لاهڻ لاءِ کنيل دنيا جا اهي سڀ
ڪتاب جيڪي سندس هٿن ۽ نظرن مان گذريا، اهي به
جيڪي هن ٿوڪاري ڇڏيا ۽ اهي به جيڪي ڪنهن خنجر جيان
سندس روح جي سيني ۾ لهي ويا سي بڪ شيلفن ۾ سوڳوار،
پيل هوندا ۽ ڪٿي ڪنهن ڪتاب ۾ فيض احمد فيض جو اهو
شعر ڦٿڪي پوندو ته:
”دونون جهان اپني محبت مين هارڪي
وه
جا رها هي ڪوئي شب غم گذارڪي
سال
1997ع ۾ جتي دنيا لاءِ شهزادي ڊائنا جي موت وڏو
صدمو پيدا ڪيو اتي اسان لاءِ اياز قادري، ڊاڪٽر
درشهوار سيد ۽ شيخ اياز جو لاڏاڻو لڳاتار ٿيندڙ
هاڃو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبليءَ جي
موقعي تي شيخ اياز جي لاڏاڻي سان سنڌ جي سياسي،
ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو هڪ اهم باب بند ٿي ويو
آهي. نقاد، محقق ۽ تاريخدان پنهنجي منطق جي چاٻيءَ
سان هن دروازي جو ڪرف کوليندا ۽ ان جي پنهنجي
تشريح ڪندا پر شيخ اياز ويهين صديءَ جي سنڌ جي سڀ
کان وڏن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن جي غيرموجودگي
ايڪويهين صديءَ جي سنڌ کي نهايت ککندي.
هو
سنڌ جي جديد شعور جو بانيڪار هو، هو نئين سنڌ جي
اڏاوت جو ڪم شروع ڪندڙن مان هڪ هو ۽ هن ان جو
مستقبل به پنهنجي خوابن جي سڳي سان سوئيٽر وانگي
اڳواٽ اڻيو. شاعر شيخ اياز جي شاعري اسٽيٽسڪو کي
”ڌو ڌڙام“ ڪرائي ڇڏيو ۽ پهرين ڀيرو اهو معلوم ٿيو
ته شعر ڪنهن تڪ بندي جي نه پر شعور جي پيداوار
هجي ٿو. سنڌ سان پيش ايندڙ سمورن هاڃن ۾ جتي شيخ
اياز سميت سنڌ جا باشعور ماڻهو جيلن ۾ ويا ۽
آمريتن کي للڪاريائون، اتي شاعر شيخ اياز جا گيت
سپاهين وانگيان وڙهيا ۽ هراول دستي جو ڪردار ادا
ڪيائون. جيتوڻيڪ اڄ جي سنڌ پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ جي
Revision
(نظرثاني) ڪري رهي آهي ۽ اڄ جي اديب وٽ اهي عالمي
پچارون به اچي پهتيون آهن ته ادب ۽ فن جي دنيا
جنگي ميدان ۾ ڀلي بيٺل هجي پر ان کي ادبي
ڊڪشنريءَ ۾
Fake
army
(جڙتو لشڪر) سڏيو وڃي ٿو. پر ان جي باوجود به ڪير
ان ڳالهه کان انڪار نه ڪري سگهندو ته سنڌ ۾ شعور
جي دنيا جون جيڪي به حاصلاتون ٿيون (جن مان ڪجهه
ضايع به ٿي رهيون آهن) سي سڀ ادب ۽ فن جي سياست
سان امتزاج جي پيداوار آهن ۽ ان ۾ جيڪڏهن ليکو ڪبو
ته شيخ اياز جي شاعري انهن حاصلاتن جو 80 سيڪڙو
والاري ٿي. قانوندان، تعليمي ماهر، سياستڪار ۽
شاعر شيخ اياز هڪ ئي وقت انهن سڀني ميدانن ۾
اعليٰ پائي جو ماڻهو رهيو جيڪا ڳالهه ورلي ڪنهن جي
نصيب ۾ ايندي آهي.
شاعر
دراصل بيچين دنيا جا فرد هجن ٿا ۽ اهي پنهنجي ان
حيثيت ۾ غير رواجي ماڻهو هجن ٿا. اياز جي لفظن ۾
”ڪنهن ملڪ جي ڪنهن وڏي شاعر جو هجڻ متوازي رياست
جي هجڻ برابر آهي.“ شيخ اياز جي ڏات به وڏي شيءِ
هئي ۽ هن جو سچ به وڏي شي هو. شاعر طور هن جي
حيثيت واقعي به ڪنهن پور وڇوٽ رياست کان گهٽ ڪا نه
هئي جنهن زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن تي پنهنجا
اثر ڇڏيا. هن جڏهن پنهنجي ديس ڏانهن ڏٺو ته کيس
ڪنڊيءَ ۾ سڱري ۽ ٻٻر جي وڻ ۾ پلڙو به نظر نه آيو.
هن پنڊيءَ ۾ ڳڀڙو نه هجڻ جو به ماتم ڪيو ته مارن
جي اڪيلائپ به کيس ماري وئي. هو ان ديس جو شاعر هو
جنهن ان هيڻي حال جي باوجود آمريتن سان جهيڙو ڏنو
۽ دنيا ۾ ان جي سڃاڻپ انهن قدرن جي حوالي سان ٿي
جيڪي شيخ اياز ان لاءِ اڻيا هئا. بطور شاعر هن جي
دنيا هن جي طبعي وجود تائين محدود نه هئي تنهن
ڪري اها هاڻي ڪائنات وانگر ڦهلجڻ شروع ڪندي. بطور
انسان هن جي ان ڏک جو البته ارمان ڪري سگهجي ٿو ته
”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ!“
ڪاوش
29 ڊسمبر
روئندڙ ڪاڪ جي اياز کي الوداع!
ويندڙ، ويهين صدي، هڪ ڏهاڳ، سنڌ کي عظيم ۽ مهان
ڪوي شيخ اياز جي موت جي صورت ۾ ڏٺو آهي. ڪلاڪار
جنهن لاءِ موت جون معنائون مختلف هجن ٿيون، جيڪي
مرڻ جو مشاهدو ڪنهن سٽ سرجڻ ۽ سورڻ مهل به ڪري
وجهندا آهن ۽ انهي مشاهدي مان هو تا ابد جيئڻ کي
جنم ڏيندا آهن. اياز به انهن ڪلاڪارن ۽ ڪوين مان
آهي/ هو، جيڪي صدين جي ولوڙ کان پوءِ جنم وٺي،
صدين تائين جنب گهاريندا آهن. سنڌ تي ٿيندڙ تاريخي
جبر جي آڳ مان ڦٽي نڪتل شيخ اياز اڄ ڀٽائي گهوٽ جي
وڃي ڀر وسائي آهي. ڀٽائي ۽ اياز جي فڪري ميلاپ مان
ايندڙ وقت جي سنڌ ڪيئن ڪر موڙي جاڳي ٿي، اهو ان
نسل تي منحصر آهي، جنهن جي هٿن ۾ ”بڙ جي گهاٽي
ڇانوَ“ جهڙي شاعري اياز ڏئي اسان کان موڪلايو آهي،
سنڌ ۽ هند جو مهان ڪوي جنهن جي سٽن ۾ سنڌ جي
روئندڙ هر ڪاڪ جا درد ڇوليون به هڻن ٿا ته سنڌ جو
غصو، ڪاوڙ، عزم ارادو به ڇلڪي ٿو. اهو اڄ اسان وٽ
طبَعي طور موجود ناهي، پر ساگر جهڙي شاعر چواڻي
ته،
وقت
جيان مان وڃڻو آهيان،
وڃي
وري ڀي ورڻو آهيان،
جيسين منهنجا گيت نه مرندا،
تيسين مان ڀي مرڻو ناهيان.
اياز، سنڌي ادب جي هڪ حصي جو انت به آهي ته هڪ
حساب ۾ ڪنهن حصي جي شروعات به آهي، جيڪڏهن سنڌ مان
اڄ يا سڀاڻي بين الاقوامي ادب جي سطح تي ڪا شخصيت
قطار ۾ بيهي سگهي ٿي ته اها هن دور جي سنڌ ۾، سنڌ
جي، اياز جي ئي آهي. ادب جي جڏهن ڪٿ ۽ ماپ تور ڪئي
وڃي ٿي ته سنڌ جي ڪنهن قدر فڪري ڏڪار ۽ دنيا جي
ڪيترن حصن ۾ تخليق ٿيندڙ سنڌي ادب ۾ اياز جو قد
واقعي اوچو، مٿانهون ۽ ارفع آهي.
سنڌوءَ جي سيراندي ۽ پيراندي کان ويهي ’ڪوتا، ڪاڪ‘
۾ سٽون سرجيندڙ ۽ سنڌ سميت سموري دنيا جا درد ۽
سوز سوريندڙ اياز جنهن ويل اسان کان وڇڙي ويو آهي،
اها ويل ڪيڏي غمناڪ ۽ المناڪ آهي.
”ڪنهن پر روئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان،
اڀا
ڪيو ڀڻا، هنجڻ هاڻا هٿڙا.“
اڄ
اسان اياز کي سڄي سنڌ جيئن سندس ئي سٽ ۾ هي عقيدت
جا گل آڇيون ٿا:
ڪنهنجي
ڪنهنجي روپ مان، ڪوري ڪاليداس،
آندي
آهي شڪنتلا، جنهن ۾ سندس واس.
۽ هي
سنڌ جيڪا پرين جو پاڇو آهي، تنهن پاڇي سان گڏوگڏ
ازل تائين اياز جو واس رهڻو آهي ۽ اياز جي سنڌ مان
اها اميد آهي جيڪا اياز جي به آس هئي:
”شال
وري ڪا ڪوڪ ڪٽاري چيري چُپ چپات.“
30-ڊسمبر 1997ع، روزانه ’ڪاوش‘
مار
نه تاڙي، اڏار نه سانون
اياز
جو آخري شايع ٿيل ڪتاب ” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ هن
سال اپريل جي مهيني ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جو انتساب
هن ڀٽائي جي نالي ڪندي لکيو هو ته،
”پنهنجي پيش رو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي نالي
تون
پارس آءٌ لوه، جي سڃي ته سون ٿيان،
تنهنجي جتيءَ جي مٽي
شيخ
اياز“
۽ اڄ
پنهنجو پاڻ کي ڀٽائي جي جتيءَ جي مٽي ڪوٺيندڙ کي
ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويندو.
اياز
پيار جي پورهئي طور 55 ڪتاب ڏنا، جن مان ”ڀونئر
ڀري آڪاس،“ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ” جي ڪاڪ ڪڪوري
ڪاپڙي“ بندش هيٺ به آيا. شڪارپور جي شيخ غلام حسين
جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شيخ مبارڪ اياز 2 مارچ 1923ع
کان 28 ڊسمبر 1997ع تائين 74 سال 9 مهينا ۽ 26
ڏينهن هن دنيا جو سير ڪري فنا جي ازلي آواز کي
لبيڪ چئي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي هميشه لاءِ اوڏانهن
هليو ويو آهي، جنهن جي ڪنهن به جيو کي ڪا به ڪل
ڪانهي. سنڌي،انگريزي، اردو، فارسي ۽ پنجابي ٻولين
تي مهارت رکندڙ شيخ اياز جي پهرين لکڻي 1938ع ۾
شايع ٿي ۽ اهڙي ريت 60 سالن تائين هو ڪلاکيتر جي
آسمان تي اڏرندو رهيو ۽ آخري ڏينهن تائين ڪو به
هن سان برميچي ڪو نه سگهيو. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي اها
واويلا به ڪئي ته هو ڀٽائي کان پوءِ هن نمبر يا
هُن نمبر جو شاعر هو. سنڌ ۾ ڀٽائي کان پوءِ جنهن
شاعر جي شاعري عام پڙهندڙن کي برزبان ياد آهي. اهو
شيخ اياز هو. هن هر موضوع کي پنهنجي ڏات سان منظوم
ڪري انهن کي زنده جاويد ڪري ڇڏيو. اياز جي لاءِ
ڪائنات جو ذرو ذرو ڄڻ ته شڪار هو ۽ اهو اياز کي ڄڻ
ته اهو چوندو هجي ته اسان کي شڪار ڪري هميشه لاءِ
امر ڪري ڇڏ. اياز پاڻ ان باري ۾ لکيو آهي ته،
”ڇا
چنڊ، ڇا ستارا، ڇا ڪتيون، ڇا هي اکٽ سنسار، ڇا ان
جا ونءُ واس وارا ڦول، وليون ۽ هرڻي جي اکين
واريون ۽ گنهگهور گهاٽن جهڙيون من موهڻيون ناريون،
سڀئي پنهنجو پاڻ آڇي چوندا آهن ته اسان کي منظوم
ڪر، اسان جي حسن کي پائيندگي عطا ڪر، زندگي ۽ موت
کي مسترد ڪري، اسان کي ازل ابد سان همڪنار ڪري
ڇڏ، جو تنهنجي شاعري ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي. ائين
اياز نه رڳو گهڻو لکيو پر هن ڀٽائي کان پوءِ فن
توڙي موضوع جي حوالي سان سڀني کان بهتر لکيو. اياز
وطن، آزادي، غلامي، جنگ امن، مذهب، وحدت، ڪثرت،
اشتراڪيت، پيار، نفرت، جماليات توڙي زندگي جي
مختلف فلسفن، نظرين ۽ رجحانن جي ڇنڊڇاڻ اهڙي ته
مدلل انداز سان ڪئي آهي جو انهن تي اختلاف ته ڪنهن
کي به ٿي سگهي ٿو، پر يڪسر رد ڪرڻ جي جرئت ڪنهن ۾
به ڪونهي. جيڪڏهن ڪن پنهنجي مفادن جي اک سان اياز
کي ڏٺو يا اياز کي استعمال ڪرڻ چاهيائون ۽ پوءِ
اياز نه ته انهن جي مفادن تي پورو لٿو ۽ نه ئي
استعمال ٿيو ۽ پوءِ اياز جي خلاف گوڙ گهمسان ڪري
ان جي سڄي پورهئي کي رد ڪرڻ جي حماقت ڪيائون ته
انهن کي اياز خود گهڻو وقت اڳ چئي چڪو هو ته:
”ڪالهه منهنجو انڌو پاڙيسري
سج
کي بُجو ڏئي چئي رهيو هو
”جي
مان ڏسي نٿو سگهان
ته
تون چمڪين ڇو ٿو؟
اياز
تي آخري ڏهاڙن ۾ خاص ڪري جڏهن هو سنڌ يونيورسٽي جو
وائيس چانسلر هو، تڏهن تمام گهڻي تنقيد ٿيندي رهي
۽ ائين سدائين ٿيو به آهي دنيا جو ڪو به انسان اڻ
تڪراري ناهي. هو جينيئس تڪراري رهيو آهي. سنڌ
حقيقي معنيٰ ۾ لطيف کان پوءِ هڪڙو جينئيس پيدا
ڪيو ۽ اهو اياز هو. اياز زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾
گهڻو وقت موت تي سوچيو ۽ ان تي لکيو. اياز جو اهو
دور مالڪ سان قربت جو دور هو. ڪجهه ڏهاڙا اڳ
لاڏاڻو ڪري ويل اياز قادري پنهنجي آخري تقرير ۾
ڀٽائي تي ڳالهائيندي چيو هو ته، ”دعا ٻانهي ۽ خالق
کي ملائڻ جو آخري رستو آهي.“ ائين ئي شيخ اياز
به آخري ڏهاڙن ۾ دعائون گهريون. ڇا هن، هي دعا
گهُري ڪو ڏوهه ڪيو هو ته يا رب! مون کي دارا ۽
سڪندر جي قدوقامت نه گهرجي!
مون
کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر! مون کي
شمس تبريز ۽ رومي واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري
شان پئدا ڪر....“
”سفيد وحشي“ کان وٺي ” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ تائين
جو سفر ڪندي اياز نه رڳو پراون جي عتاب هيٺ رهيو
پر هن سان پنهنجن به گهٽ ڪا نه ڪئي! سندس ڪتابن تي
پابندي وجهڻ سان گڏ کيس ”ساهيوال جيل“ ۾ به واڙيو
ويو ۽ سکر ۾ سندس گهر کي به دهشتگردن باهه ڏئي
ساڙي ڇڏيو، ته پنهنجن نه رڳو ”سنڌ ديس جي ڌرتي
توتي، پنهنجو سيس نوايان“ کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه
ڪئي پر هن جي آخري دور واري شاعريءَ سبب هن تي
الزام در الزام پڻ لڳايا ويا. هن تي اِهو به الزام
لڳايو ويو ته هن ڪمپرومائيز ڪري ورتو آهي. اياز جي
شاعري ان جو جواب آهي هن ڪڏهن به سمجهوتو نه
ڪيو.”سچ وڏو ڏوهاري آهي،“ کان وٺي ”اي سنڌ مان
سيزر نه آهيان ۽ تون قلوپطرا نه آهين، پر پوءِ به
اسان ٻنهي جي محبت هڪ ٻئي کان وڌيڪ دل جي حڪومت
سان آهي.“ تائين اياز جا لفظ اها ساک ڏين ٿا، ته
هن خوف ۽ ڊپ ۽ لالچ کي ڪڏهن به پنهنجي ويجهو اچڻ
نه ڏنو. باهو کان سخت متاثر اياز تمام گهڻو وقت
اڳي 1982ع ۾ ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ سندس اهو شعر
”مار
نه تاڙي، اڏار نه سانون
ميان
باهو، اسان آپي اڏڻ هاري.“
ڏئي،
اسان کي چئي ويو هو ته منهنجي وڃڻ جون ڳالهيون نه
ڪريو، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ سنڌ يتيم ٿي
ويندي. اياز سياستدان نه هو. هو شاعر هو. هو ته
تخليقڪار هو. ان ڪري اهو ممڪن آهي ته هن جون ڪجهه
ڳالهيون وقتي طور صحيح نه لڳنديون هجن، پر شاعر ته
صدين کي ذهن ۾ سمائي هڪ سٽ سرجيندا آهن. ان ڪري
هن جي لفظن کي رڳو حال جي حالتن تي پرکڻ غلط
ٿيندو. اياز ورهيه اڳ اها اڳڪٿي ڪري ويو هو ته،
”تون ياد ڪجانءِ، سنڌ ۾ منهنجي موت کان پوءِ
جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جو شعر زنده رهندو ته اهو ائين
اسريو هوندو، جيئن ڪمند جي هڪ فصل ڪپڻ کان پوءِ
ٻيو فصل ان جي جڙن مان خود به
خود
اُسري ايندو آهي.
اياز
جيڪو انسان هو، سو اڄ اسان وٽ ناهي. ڇاڪاڻ ته ساهه
جي هن پکيئڙي کي اڏامڻو آهي. ساهه ته مهمان آهي.
اهو سدائين
نه ٿو رهي سگهي. ان کي اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجي ماڳ
ڏانهن موٽڻو آهي. پر اياز جيڪو شاعر آهي، تنهن کي
موت ماري نٿو سگهي. جيئن ڀٽائي موت کي مات ڏني،
جيئن شيڪسپيئر زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ٿي ويو
آهي، جيئن هومر اڃا تائين امر آهي. ائين ئي اياز
وقت جي وهڪري ۾ لڙهي نه سگهندو. موت جنهن کي هن
”اڌ ٻڙي“ سڏيو آهي، تنهن جي باري ۾ هن پنهنجي
زندگي ۾ ڇپيل آخري ڪتاب” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ جي
آخري پيج تي شعر چيو هو ته:
”خبر
نه آهي ته ڇا موت اڌ ٻُڙي آهي،
خبر
نه آهي ته جملو ڪٿي کٽي ٿو پيو!
خبر
نه آهي ته ڪنهن پنڊ جي ڪُڙي آهي،
انهي
سان پريت سندم هيئن ڇو جُڙي آهي؟“
اها
اسان جي وڏي بدقسمتي آهي ته اڄ اياز اسان کان
هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. اسين دعاڳو آهيون ته
ڌڻي کي اياز جو پورهيو قبول پوي۽ اياز کي هڪ ٻيو
جنم ڏئي، اسان ڏانهن واپس موڪلي. اهو اياز جنهن
”ننڊ- وليون“ ڪنهن ڏانهن منسوب ڪرڻ بدران ان جي
انتساب ۾ چيو هو ته:
”اي
موهن جي دڙي جي ڌرتي!
جي مان ٻيهر ڄمندس ته وري تنهنجي واريءَ ڏانهن
موٽي ايندس. مون کي ٻي ڌرتي تي ننڊ نه ايندي.“
ٻار
کي هميشه پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ننڊ ايندي آهي ۽ اڄ
اياز هميشه لاءِ ڀٽائي جو پاڙيسري ٿيڻ لاءِ ڀٽ تي
آرامي ٿي رهيو آهي. اسان سنڌ ڄائي جي وصال تي
اياز جي خاندان ۽ سڄي سنڌ سان تعزيت ڪريون ٿا ۽
دعا گهرون ٿا ته، الله سنڌ کي اياز جو غم سنڀالڻ
جي شڪتي ڏي.
29-ڊسمبر 1997ع. روزانه ’سنڌ‘
متان
سِر سوا ٻيون ڪرين ڪي صدائون
سڀني
جي خواهش هئي ته ايڪيهين صدي اسان جي شاعر کي ۽
اسان جو شاعر ايڪيهين صدي کي ڏسي سگهي، پر ان
خواهش جي ابتڙ شيخ اياز ۽ نئون سال ئي هڪٻئي کي
پسي ناهن سگهيا. بقا ۽ فنا جي منزل جو تعين ماڻهن
جي وس ۾ ناهي، تنهن ڪري انهن جون خواهشون ۽
ايجنڊائون پيل ئي رهجي وينديون آهن ۽ وقت وار ڪري
ويندو آهي. شيخ اياز پنهنجي بيماريءَ کان ڪيئي
دفعا مهلتون وٺڻ کان پوءِ آخرڪار پنهنجا ساهه
پساهه هارائي ويٺو ۽ اڻ ڏٺل ڪائناتن ڏانهن روانو
ٿي ويو. پنهنجي شاعر جي لاڏاڻي سڄي سنڌ کي
سوڳوار ڪري ڇڏيو ۽ شهر شهر ۽ وستي وستيءَ مان هن
سان پيار ڪندڙن جا قافلا هن جي آخري سفر ۾ کيس گلن
جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس رستن ۾ سيس نوائي بيهي
رهيا. شاهه ۽ شيخ سنڌ جي قديم ۽ جديد وچ ۾ هيڪڙائي
جوڙين ٿا، تنهن ڪري ڀٽ شاهه جي زمين کي سنڌ جي هڪ
ٻئي
ارڏي شاعر کي پنهنجي دامن ۾ پناهه ڏيڻ جو اعزاز
نصيب ٿيو. ڀٽ شاهه ۽ شيخ اياز پنهنجي پنهنجي وجود
۾ هڪٻئي لاءِ الڳ اعزاز آهن.
سنڌ
جي شهرن ۽ ٻهراڙين جي رستن ۾ پکڙيل فاصلا دراصل
محبتن جا منتظر رهيا آهن. هنن رستن جي مٽيءَ ۾ شيخ
اياز جي محبتن جا گل ۽ ٻه آلا لڙڪ جذب ٿيندا رهيا
آهن ۽ هي رستا ٻانهون ڦهلائي پنهنجي شاعر جي آجيان
ڪندا رهيا آهن. وقت جي هن مرحلي تي جڏهن دنيا
لاءِ سال 1997ع جي پڄاڻيءَ ۾ اڃا ڪجهه ڪلاڪ باقي
آهن، تڏهن سنڌ واسين لاءِ ان سال جي پڄاڻي ان جي
خاتمي کان ٽي ڏينهن اڳ ٿي چڪي آهي. شيخ اياز جي
وڇوڙي وارو ڏينهن صدين تي ڀاري آهي. شيخ اياز جي
زندگي جيتوڻيڪ 75 ورهين تي پکڙيل آهي، پر هن جي
سڄي
ڪهاڻي
هن جي لاڏاڻي وارو ڏينهن پنهنجي وجود ۾ موجزن رکي
ٿو. هن ڏينهن ۾ سنڌي شاعري جي 50 سالن جي وارتا
اڳتي پوئتي ٿيندي رهي ٿي ۽ هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ
رڪجي ويل ڏينهن آهي. سنڌي ادب لاءِ ڪئلينڊر
ڪيترائي سال هن ڏينهن تي بيٺل رهندو ۽ گهڙيال جا
ڪانٽا کريل رهندا. هنن ڪانٽن پٺيان شيخ اياز جو ۽
سنڌ جو ماضي لڪل آهي.
شيخ
اياز کان پهرين، شاعري تُڪ بنديءَ جو نالو هئي ۽
شاعري روح گرمائي نه سگهندي هئي پر هن ته ان کان
انوکا ڪم ورتا. هن پاڻ چيو ته: ”مون ڏات انوکي
آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان.“ هن شاعري کي جنگ
جي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو. عام سپاهي ٿڪجي پوندا آهن،
زخمي ٿيندا يا مارجي ويندا آهن، پر هي سپاهي نه
ٿڪڻ نه هٽڻ ۽ نه مرڻ وارا سپاهي هئا، هي سپاهي
طبقاتي نظام خلاف جنگ وڙهيا ۽ آزادين ۽ حقن جي
انفرادي توڻي اجتماعي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا. شيخ
اياز جا گيت جتي ويڙهه جي ضرورت هئي، اتي وڙهيا
۽ جتي
روحن
کي
تازگي ڏيڻ جي ضرورت هئي، اتي اجري اجري نرم سويري
جي ڪرڻن وانگر ماڻهن جي روح ۾ جهاتيون وجهندا
رهيا.
شيخ
کان اڳ جي سنڌ کي سموريون معنائون لطيف ڏنيون
هيون ۽ ويهين صديءَ جي سنڌ جي منظرنامي جي سمورن
واقعن ۾ هر تسلسل کي اياز معنيٰ ڏني. نه رڳو اهو
پر هن لطيف جي ڪردارن کي اڃا اڳتي وٺي وڃڻ جو ڪم
به ڪيو ۽ نوري، سسئي، مارئي، سورٺ راءِ ڏياچ ۽
ٻيجل هن جي شاعري جي آب حيات مان نڪري نئون نجم
ورتو ۽ هاڻي اهي ڪردار اڃا به صدين تائين نين
معنائن ۽ رستن جا مسافر رهندا. هي اهو ڪم آهي جيڪو
هونئن ته ڪي تحريڪون يا انقلاب ئي ڪري ٿي سگهيا پر
شيخ اياز اڪيلي سر اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. ان جو
مطلب اهو ٿيو ته هو سنڌ ۾ نئين سجاڳي (Renaissance)
جو پايو وجهندڙ هو. ويهين صديءَ جي سنڌ ڪنهن به
چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي، پر ان کي
ثقافتي نرواڻ ڏياري. شيخ اياز جڏهن ان کي
جهنجهوڙي جاڳايو آهي ته اها ڪنهن حد تائين نئين
صديءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو دم ختم رکي ٿي.
شيخ
اياز کي دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ بهاري سگهجي ٿو
۽ دراصل هو ئي ته اسان جي ادبي خزاني جي واحد
ڏيکارڻ جهڙي شئي آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ
شيخ اياز جهڙي شاعر جو موجود هجڻ وڏي غنيمت هجي
ٿو. ڏکڻ ايشيا جي نقشي ۾ اسين جنهن جاءِ تي آهيون
اتي جا ماڻهو دراصل اندر جي دنيا جا ماڻهو رهيا
آهن. تنهن ڪري هتي ادب ۽ فن جي ميدان ۾ ئي اڳڀرائي
نظر اچي ٿي. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن دنيا
۾ سڀ کان گهڻو ڳالهايو آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه طنز
ناهي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته گهڻي ۾ گهڻا لفظ
ڳالهائيندڙ هن خطي ادب ۽ فن جي دنيا کي مقدار جي
ڀيٽ ۾ معيار واري لحاظ کان به مالا مال ڪيو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ ڳالهايل يا لکيل لفظن ۾ شيخ اياز جو
به حصو آهي ۽ شيخ اياز ان حوالي سان ٽئگور،
نذرالسلام، فيض احمد فيض، ساحر لڌيانوي ۽ امرتا
پريتم جي نالن جي ان انڊلٺ جي رنگن ۾ شامل ٿي وڃي
ٿو، جن کي فطرت ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو استحقاق ڏنو. هي
سچو فنڪار۽ سچو جينيئس شخص ننڍي کنڊ جي اجتمائي
ورثي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هاڻي جڏهن هن جي
شاعري جا ترجما انگريزي، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ ٿيڻ
شروع ٿيا آهن ته هن جي خيالن جي خوشبوءِ يورپ ۽
آمريڪا جي نيرن ساحلن تائين ڦهلجي رهي آهي. شيخ
اياز جي شاعري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ سنڌ لاءِ
سفارتڪاري ڪندي ۽ اولهه اوڀر جي فاصلن کي ڪپڙي جي
تاڪئي وانگيان ويڙهي ڇڏيندي.
شيخ
اياز کي سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪي ڪردارن جي اهميت جي
خبر هئي ۽ هن کي اهو به پتو هو ته جيڪڏهن انهن
ڪردارن مان رڳو راءِ ڏياچ جي ڪردار کي ئي دنيا سان
متعارف ڪرائجي ته دنيا ۾ سنڌ جا واڪا ٿي ويندا.
راءِ ڏياچ جيڪو فن جو سچو قدردان هو، اهڙو قدردان
جنهن جي ڳولا ۾ دنيا جا فنڪار حيران پريشان ٿي
ناڪام موٽي ويا. شيخ اياز راءِ ڏياچ جي ڪردار کي
به
promote
ڪيو ۽ پاڻ کي پوءِ ايندڙ فنڪارن لاءِ اهو نياپو
ڇڏيائين ته:
اهو
چنگ چارڻ امانت اٿيئي،
متان
سر سوا ٻيو ڪرين ڪي صدائون!
اديب ۽
شاعر وٽ هن جو فن نيٺ ڇا لاءِ آهي؟ اياز ان جو
اشارو ڪري ڇڏيوآهي. اڄ جي اديب ۽ شاعر کي پنهنجي
فن کي ڪنهن به ريت خسيس مقصدن جي ڌُٻڻ ۾ لاهڻ
بدران اعليٰ آدرش جي حاصلات لاءِ ئي استعمال ڪرڻ
گهرجي. اهو شيخ اياز جو نه رڳو پيغام هو پر هن
پنهنجي زندگي ۾ ان ئي اصول آڌار گذاري. اسان جو
شيخ اياز سڄي دنيا جو شاعر آهي ۽ هن کي سطحي ذهن
جي سوڙهين گهٽين ۾ قطعي به سمجهي نٿو سگهجي. شيخ
اياز جو درد جيترو جديد ۽ قديم هو، کيس اوترو ئي
جدت ۽ شدت سان اڳتي وٺي اچڻ ۽ ان ۾ دنيا کي
حصيدار بڻائڻ سنڌ جي اديب ۽ شاعر جي ذميواري آهي.
اڱارو
30- ڊسمبر 1997ع روزانه ’سنڌ‘
اياز
کي ٺاهڻ واريون دعوائون بند ڪريو
سنڌ ۾
هڪڙي انسان ساز فئڪٽري وڏي عرصي کان وٺي انسان
ٺاهڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي. پوءِ جڏهن ڪا
شخصيت ميدان ماري ٿي ۽ آسمان جي وسعتن ۾ ڦهلجي
وڃي ٿي ته ان فئڪٽريءَ جا مئنيجر ميدان ۾ ڪري اچن
ٿا ۽ وڏي واڪي هر جاءِ هنڌ اها دعويٰ ڪندي نظر
ايندا آهن ته فلاڻو شخص به اسان ٺاهيو، فلاڻو
همراهه هيئن هو اسان وٽ آيو ته ان کي ٺاهي ٺوڪي
هونئن ڪري ڇڏيو اٿئون. قادر ٿيڻ جي دعويٰ سنڌ کان
سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪو نه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته جتي
سڃ هوندي آهي، اتي ڪانڊيرو به وڻ لڳندو آهي. سنڌ ۾
1997ع کان وٺي مرزا قليچ بيگ، قائد اعظم، علامه
آءِ آءِ قاضي، حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽي،
جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ ڪنهن حد تائين فاضل راهو
کان سواءِ ٻي ڪا به دنيا کي ڏيکارڻ جهڙي شخصيت
پيدا ئي ڪا نه ٿي آهي. شخصيتن جي ان ڪال واري مند
۾ سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿي پيا آهن جيڪي خود ته
مٿين شخصيتن جيترا همه گير ناهن، ان ڪري اُهي
پنهنجي احساس ڪمتريءَ وارو احساس لڪائڻ ۽ کل بچائڻ
جي لاءِ انهن وڏن ماڻهن مان ڪن جا نالا کڻي اها
اجائي دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته انهن کي اسان ٺاهيو
هو.ان دعويٰ مان ائين محسوس ٿو ٿئي ته انسان جيئرا
جاڳندا جيو نه هجن، ڄڻ اڻ گهڙيا ڪاٺ هجن. جن کي
انهن ڊکڻن واهولا ۽ رندا هڻي پنهنجيءَ مرضيءَ واري
ڪا شڪل شبيهه ڏني هجي.
اياز
گهڻو وقت اڳ پنهنجي 1984ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”ٽڪرا
ٽٽل صليب جا“ ۾ هن سنڌي قوم جي لاءِ چئي ويو هو
ته،”اها به ڪائي قوم آهي، جا هن خلائي پرواز جي
دور ۾ ان ڳالهه تي فخر ڪري ته ان جي ٻوليءَ ۾ اٺ
لاءِ چاليهه لفظ آهن.“ هاڻي ان قوم جا اڳواڻ
جيڪڏهن ائين چون ته اسان ئي اياز کي ڊسڪور ڪيو هو
ته انهن جي اهڙي ذهني غربت تي کلڻ بدران روئي
سگهجي ٿو ۽ وري انسان ٺاهڻ جون دعوائون ٿين ته
اسان اهڙن شخصن جي روحاني کوکلي پڻي ۽ ذهني
ڏيوالپڻي تي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪري سگهون ٿا.
سوال
ٿو پيدا ٿئي ته اهڙيون دعوائون ڇو ٿيون ڪيون
وڃن؟ان جو پير کڻي دعوا ڪندڙ شخصيتن تائين پهچبو
ته نظر ايندو ته اهي اياز جي مقابلي ۾ ڄڻ ڪجهه به
ناهن.دراصل اياز جي شخصيت انهن کان تمام مٿاهين ٿي
وئي هئي.اياز اهڙو پکي هو، جيڪو انهن جي تنگ ذهن
لوهي پڃري جا دروازا ٽوڙي انهن کان ڏور اڏامڻ لڳو
هو.جڏهن ته هي اهڙا شڪاري هئا،جيڪي اياز کي پنهنجن
سوچن جي تنگ پڃري ۾ قيد رکڻ جا شوقين هئا.تنهن ڪري
کين اياز جي اها آزادي نه ٿي آئڙي.جيڪي اياز کان
فڪري،عملي توڙي روحاني طور قد ڪاٺ ۾ ننڍا هئا،ان
کي پهچي نه ٿي سگهيا،سي هر وقت ان ڪوشش ۾ رهيا ته
ڪيئن به ڪري اياز جي ڪلهن سان پنهنجا ڪلها
ملايون،پوءِ ڇو نه ان لاءِ انهن کي وڏين کڙين وارا
بوٽ ئي پائڻا پون.اياز ۽ انهن شخصيتن جو تقابلي
جائزو ته ڪري ئي نه ٿو سگهجي.ان لاءِ اسان کي
مشهور ناول ’گليورس ٽريول‘ياد اچي ٿو،جنهن کي
تمثيلي انداز ۾ پيش ڪندي اياز هڪ ڀيري چيو هو
ته،”للي پٽ ۾ گليور ٿيڻ جهڙي ٻي ڪائي بدبختي نه
آهي.“
واقعي
ئي اها بدبختي آهي.ان جو ثبوت اهو مليو ته ڄامڙن
جيڏي اسان جي قوم جا ماڻهو اياز جي آخري سفر ۾ به
ساٿ ڏئي نه سگهيا ۽ صرف 5سؤ جي لڳ ڀڳ همراهه اياز
کي ڀٽائي جي پاڙيسري ٿيڻ واري سفر ۾ ان سان گڏ
هئا.
سفر
وارو پاسو ڇڏي اسان وري اياز کي ڳولڻ جي دعويٰ
ڪندرن ڏانهن هلن ٿا. جيئن هتي سنڌ ۾ ٿئي پيو.اهڙي
ريت ڪٿي دنيا ۾ ٻئي هنڌ ڪونه ٿيو آهي.ڪنهن به اها
دعويٰ ڪانه ڪئي آهي ته اسان ئي هر هومر، شڪسپيئر،
غالب، ٽئگور، ڪاليداس، ملٽن، ڪازان زاڪس، لورڪا،
ايمائيل، زولا، دوستووسڪي، ٽالسٽاءِ، پشڪن،
نذرالاسلام، رسول حمزاتوف، ساڪريٽس، پلئٽو، ٽي ايس
ايليٽ، ٽيني سن، ابن رشد، اوي سينا، گوتم، باهو،
اقبال، بلهي شاهه، شاهه حسين،ابن عربي، رومي،
حافظ، خيام، امام غزالي، حسين ابن منصور، لينن،
روسو، والٽيئر، هينگوري، ڊانٽي، ايرڪ فرام، قرت
العين حيدر، والٽ وٽمئن، ماياڪو وسڪي وغيره کي
اسان ڊسڪور ڪيو آهي.جيڪڏهن،سچل سامي شاهه
عنايت،بلاول وغيره به اڄ کان سوين سال اڳ لاڏاڻو
ڪري نه وڃن ها ۽زنده هجن ها ته ٺپا هڻندڙ فيڪٽري
به انهن تي پنهنجو ليبل هڻندي ويرم ئي نه ڪري
ها.پر اها انهن عظيم انسانن جي خوش قسمتي ۽ موجوده
همراهن جي بدبختي چئبي جو اهي هن دور ۾ پيدا ڪو نه
ٿيا.هاڻي اها ڪا تڪ آهي ته اياز کي اسان
ٺاهيو.ايڏيون وڏيون شخصيتون ٺاهڻ ممڪن ئي ناهي.ان
۾ ڪو به شڪ ناهي ته حالتون شخصيتن کي اهڙا موقعا
فراهم ڪن ٿيون،پر جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪجهه آهي ئي ته
اهو اڳتي وڌي ئي نه ٿو سگهي.اياز ۾ جيڪڏهن ڪجهه نه
هجي ها ته هي ڊکڻ جو دعوائون ڪندڙ همراهه ان کي
اهڙو ئي ٺاهي سگهن ها،جهڙا هنن ٺاهي پنهنجي آسپاس
”واهه واهه،ڪرائڻ لاءِ رکي ڇڏيا آهن.تاريخ ۾ زمانا
شخصيتن جي پٺيان سڏيا ويندا آهن.شخصيتون زمانن جي
پويان نه سڏيون وينديون آهن.انگريزي ادب ۾ هڪڙو
شڪسپيئر جو دور آهي،ته ٻئي دور کي ملٽن جو دور چيو
وڃي ٿو.ائين ئي سنڌي ادب جو هڪڙو دور ڀٽائي جو آهي
ته ٻئي تي اياز کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو به حق ناهي.
آخر ۾
اسان دعويٰ ڪندڙن کي اهو چوڻ جي جسارت ٿا ڪريون ته
جيڪڏهن واقعي اوهان اياز ٺاهيو هو ته پوءِ اوهان
اها فئڪٽري بند ڇو ڪري ڇڏي؟ هاڻي وري ان فئڪٽري کي
لڳل تالو کوليو ۽ اسان کي هڪڙو ٻيو اياز ٺاهي ڏيو.
ڇاڪاڻ ته سنڌ اياز کان پوءِ يتيم ٿي وئي آهي. ان
کي سهاري جي ضرورت آهي.
اڱارو 30 ڊسمبر 1997ع روزانه ’سنڌ‘ |