اهو
دور بي چين هو ته ڪيئن پهچون ؟ جيئن ٻڌايو ويو ته
شعر ٺهندا هئا، زرينا ۽ اسين سڄي سڄي رات طرزون
گڏجي ٺاهيندا هياسين . جويو صاحب منهنجي جاءِ تي
هوندو هو . هزارين لکين ماڻهو هئا ۽ ان لقاءُ کي
تخليق ڪرڻ ۾ اياز ۽ ان جي هم عصرن سان گڏ هڪڙو
پورو دور هو، هڪڙو پورو زمان هو ۽ پوريون قوتون ۽
تاريخ جا وهڪرا سڀ گڏ ٿيا، تڏهن هڪڙو اياز ٺهيو ،
تنهن جي ڪري ان ۾ سڀ ماڻهو شريڪ هئا . انهن سڀني
جو ان ۾ هڪ حساب ڪندڙ حصو آهي. ننڍن ٻارن جو، وڏن
جو، عورتن جو ، مردن جو ، روح رهاڻ جو، نغمن جو .
مون کي
ياد آهي ته ڪو زمانو هو جو اياز ريديو تي ’بئن ‘
ٿيل هو . مان ميرپور بٺوري ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر سان
مليس ، چيم : ”بابا اياز کي ڇو نه ٿا نشر ڪيو؟“
چيائين: ” فلاڻو قاعدو آهي ، فلاڻو قانون آهي .“
مون چيو : اسين توهان جو ريڊيو ڀڃي ڇڏينداسين .
چيائين : تون وڪيل آهين. چيم : وڪيل ٺيڪ آهي . پر
توهان بلڪل غلط ڳالهه ٿا ڪريو . اياز کي ڇو نه ٿا
نشر ڪريو؟ اوهان کي سوير ٻڌايو ويو اياز ڪافر آ،
ڪافر آ، ڪافر آ. اسين سڀ گڏ ٿياسين. مون ڪيس
ڪيو، دوست هوندا هئاسين، جمال ابڙو هو. سڀ دوست
هئاسين، وڙهياسين، جهيڙا ڪياسون. ايپريشيئيٽ
ڪيوسيون. ڪينجهر جي ڪناري تي ويٺاسون ۽ سڄيون
راتيون جاڳندا هئاسين. ٻولي تي، لفظن تي، بحث ٿيا
هئا يا جيڪو پاڻ ادبي سنگت ۾ گڏ ٿيا آهيون ان جي
تخليق ۾ اياز جي هڪ وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. پوءِ اياز
باقاعده انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ڪو نه ٿيندو هو، پر
ڪنٽريبيوشن آهي هن جو. اهي قدر، اهو وئليو سسٽم،
اهي رويا جيڪي ادبي سنگت ڏنا، اهي هي هيا ته ڪنهن
به ماڻهوءَ جي پاس خاطري نه ڪبي. مون کي خبر ناهي
ته هينئر ڪهڙا قدر آهن. پر اڳئين زماني ۾ ائين
ٿيندو هو ته ٻه گهري ۾ گهرا دوست هوندا، تڏهن به
ڪنهن جي پاس خاطري نه ڪبي. زير ۽ زبر سوڌو هر
اختلاف کي نروار ڪبو. چيو اٿن ته ڪنهن ماڻهوءَ سان
ڪيتري محبت ڪيون ٿا. ان جو دارو مدار ان تي آهي،
ته توهان ان بابت ڪيترو سچ ڳالهائڻ جي ڪيتري جرئت
ڪيو ٿا؟ ڪنهن ماڻهوءَ بابت سچ ڳالهائڻ ان کي خراج
تحسين ڏيڻ آهي. ان معنيٰ ۾ توهان جو يقين آهي ته
هو ماڻهو سچ ٻڌي ناراض نه ٿيندو. هن ۾ ايتري جرئت
آهي، هن ۾ ايتري وسعت آهي جو هو ٻڌڻ لاءِ تيار
ٿيندا. ڪي دوست سچ ٻڌڻ چاهيندا ئي ناهِن. رڳو
پياريون پياريون، سهڻيون سهڻيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ
هوندا آهن. لينَن چيو آهي:
” ڪن
ماڻهن کي زندگي ۾ ماڻهو ۽ قومون ذليل ڪنديون آهن ۽
انهن کي ڪتن جو حوالي ڪنديون آهن، پر جڏهن مري
ويندا آهن ته انهن جا بت بڻائي انهن جي پوڄا
ڪنديون آهن.“ بدنصيب آهن، اهي ماڻهو جن جي رڳو
پوڄا ٿئي ٿي. محبت جي آزمائش اها آهي ته محبوب جي
باري ۾ اوهين سچ ڪيترو ڳالهائي سگهو ٿا. محبوب مري
ويو، مائي ويٺي روئي. ڪهڙي خبر ته هوءَ روئي ڇا جي
ڪري ٿي؟ ائين ڪو نه ٿو ٿي سگهي ته ان لاءِ روئندي
هجي ته هن ان سان بيوفائي ڪئي هجي ۽ پنهنجي
بيوفائي تي پڇتائيندي هجي! ائين نه ٿو ٿي سگهي، ته
هو ان تي پئي روئي ته هن ساڻس بيوفائي ڪئي هجي ۽
عجيب بدنصيب ماڻهو هو! ڪاش ائين نه ڪري ها!
اياز،
شاهه لطيف ۾ دفن ٿو ٿئي، يا عبدالله شاهه غازيءَ
۾؟ ان وچ ۾ وڏو فاصلو آهي، وڏو زمانو آهي، ان وچ ۾
وڏي ڪائنات آهي. اهو هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته
عبدالله شاهه تي اياز دفن ٿي سگهي ٿو؟ اهو رليونٽ،
بيسڪ ۽ فنڊامنيٽل ۽ تاريخي سوال آهي؟ لطيف سائين
جو شعر آهي ته: ” ڪنهن پر روئان پرينءَ، کي روئي
نه ڄاڻان، مٿي ڪيو ڀڻان، هنجن هاڻان هٿڙا.“
محبوب
جي جيڪو ماڻهو فقط تعريف ٿو ڪري، ڪوڙو آهي. لطيف
سائين چيو آهي: ” پرتوو پنهونءَ جو، ڪين ڇانءُ ڪين
اُس“ رڳو ڇانوَ ناهي، اس به آهي، پر توو پنهون جو
، جهڙ جيئن جهالا ڏي.“ لطيف سائين محبوب لاءِ چئي
ٿو:
گوني ۽ گوني، پرين پٽائين،
جي من
مجنوني، سي ڪيئين وسرن سپرين.“
جيئين
هوندو آهي، قسمين قسمين، رنگ رنگ جا ٽڪرا هوندا،
ڪي نيلا به هوندا آهن، ۽ لطيف سائين جڏهن محبوب کي
انهن جي باري ۾ چئي ٿو: ” گوني ۽ گوني، پرين
پٽائين، جي من مجنوني، سي ڪيئن وسرن سپرين.“
”کوءِ
پنهون ٻن پريتڻو، ٻن هوت
مادر
مون موت، پسڻ آن پرايو.“
لطيف
جي سڄي شاعري تعريف به آهي ۽ شڪايت به آهي.هڪڙي
هنڌ آهي ته:
”ٻاروچا ٻار ! ترس توڙان ئي نه ٿئي.“
سڄي
ٻروچڪي ذات جي خلاف فرياد ڪيل آهي. ٽالسٽاءِ جو
جيڪو دور آهي، ان تي توهان گورڪي ۽ لينن جا مضمون
پڙهي ڏسو. تمام وڏي عالماڻي شاندار شيءِ آهي. هتي
مسئلو آهي ته توهين محبوب کي ڪهڙي ڪانٽيڪسٽ ۾ ڏسو
ٿا. توهان جي ان باري م انڊر اسٽينڊنگ ڇا آهي؟
توهان جون محبوب جي باري ۾ آدرشي فنڪار، اديب يا
رهنما جي باري ۾ تقاضائون ڪهڙيون آهن. توهان جون
تقاضائون اهي آهن ته ٺهيو ٺوڪيو ويٺو هجي،
ٻُچڪارون پيو ڪري. خوش پيو ٿئي. اهو توهان سان اٿي
ڪي ميدان سر ڪري، زمين ۽ آسمانن جو قسمتون بدلائي؟
توهان جون تقاضائون ڇا آهن، جڏهن هو ان اسٽينڊرڊ
تي پهچي ٿو ....توهان کي شڪايت آهي ته ..... اوهان
لاءِ مڙئي خير آهي، مڙئي خير آهي.
ادا جي
هيئن آهي، هيئن به سڄڻ واهه واهه. هونئن به سڄڻ
واهه واهه. توهان جي ٽيسٽ جي اها آهي ته اوهان جي
آدرش ۽ انساني آدرشن ۾ ضرور تضاد ٿي پوندا
آهن.تاريخ ۾ تمام گهڻا ڀيرا سوال اٿندو آهي ته
توهان کي آدرش وڌيڪ محبوب آهن، يا توهان جن ماڻهن
کي آدرشي انسان سمجهو ٿا، تن سان توهان جي وفاداري
ڪن قدرن، ڪن ڪيفيتن، ڪن بنيادن، ڪن قومن، ڪن نظرين
سان آهي يا فقط انهن ماڻهن سان جيڪي جزوي طور انهن
نظرين ۽ انهن قومن جي مفادن کي حاصل ڪن ٿا؟ وڏو
بنيادي ۽ فلاسافيڪل سوال آهي.
شيخ
اياز کي مون ڊسڪور ڪيو، هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي،
ڪراچي جي هاءِ ڪورٽ ۾ ڊگهو قدآور، سگريٽ پئي
پيتائين، گولڊ فليڪ، مون وٽ آيو ٽرانسليشن (ترجمو)
جلدي ڪري ڏي. اسين ٽرانسليٽر بادشاهه هئاسين هاءِ
ڪورٽ جا. چيائين جلدي ترجمو ڪري ڏي تڪڙ هيس.ڀانيان
ٿو ويهه روپيا هن مون کي کيسي مان ڪڍي ڏنا. مون
اهي واپس ڪيامانس ته حيران ٿي ويو. چيائين پئسا نه
ٿو وٺين. مون چيومانس آئون توکي سڃاڻان ٿو، چيائين
ڪير آهيان؟ چيم، شيخ آهين، چيائين ته شيخ آهيان ته
ڇا ٿي پيو؟ مون چيو ، تون وڏو شاعر آهين، چيائين،
وڏو شاعر ڪيئن؟ ٻڌايومانس؛ منهنجو ڀاءُ شعر پڙهندو
آهي، تنهنجو ”پيارا پيارا، نيلي گهرائي ۾ تارا، اک
اک نه، ڦڙڪايائون ٿي، پل پل جهاتيون پاتائون ٿي،
آهي ميت به جڳ جو ويري، جاڳي جن جاڳيا، هاءِ تنين
جا پيارا.“
مون کي
کڻي ڀاڪر پاتائين. مون کي چيائين، سگريٽ پيئندين؟
مون چيو، ها ان وقت سگريٽ آئون پيئندو هيس، مون
اياز تي پهريون مضمون لکيو. اسان اياز سان محبت
ڪئي، جيئن هڪڙي جنگ ۾ مجاهد مجاهدن سان گڏ هوندا
آهن، هڪڙو دور آهي، توهين آرام سان چئي سگهو ٿا،
سر قربان آهي، نه گوڙ، نه بڪواس، ڪو اعتراض ناهي،
هڪڙو دور آهي جو ڪنهن جو نالو وٺڻ سان آسمان کڙو
ٿي وڃي ٿو.
ڪن
سماجن ۾ رڳو ماڻهو طعني تي جيئندا آهن،رڳو نالي تي
گذران هوندو، جنهن زمان ۾ اياز طعنو هو، جڏهن اياز
بدنام هو، اياز جو شعر باغي هو، بحث هيا، ڪتاب
لکيا هئا، حميد سنڌي صحيح چيو آهي ته اسين گڏ
هياسين جڏهن اسين ڏهاڳ هئاسين، ڪتاب زده هئاسين،
چريا هئاسين، معذور هئاسين، تڏهن اياز ٺهيو ۽ کيس
ڪلهن تي کنيوسين، هيري وانگر، راتيون ڏينهن صبح
شام اسان ان شيءِ کي اڳتي وڌايو، مون کي ياد آهي
ته حميد سنڌي جنهن جو ذڪر ڪيو آهي، اياز لکيو
”شعلا شعلا پل پل، جل جل مشعل جل“ واقعو ٿيندو هو،
اياز شعر لکندو هو، هڪڙو دور آيو، اياز شعر لکڻ
ڇڏي ڏنو ۽ هن ڊس اون ڪيو، اسان اياز جي پهرين
زندگي کي اون ٿا ڪيون، اسين گڏجي پهرين زماني کي
اون ٿا ڪيون، اسين گڏ آهيون، آئون چوان ٿو، اياز
هڪ دور جي علامت آهي، اهو ضروري ناهي ته اسين اياز
جي سمورن شعرن سان اتفاق ڪريون، ائين نه ٿو ٿي
سگهي، وڏيري سان اسان وفادار ٿي سگهون ٿا، وڏيري
جي اڳيان سڄي عمر ماڻهو هٿ ٻڌيو بيٺا هوندا آهن،
بابا بچين شل، ۽ جيئن تون ڪرين، صحيح ٿو ڪرين. آرٽ
۾ ائين نه ٿيندو آهي، شاعري ۾ هڪڙو شعر فرسٽ ڪلاس،
ٻيا اجايا، لطيف جا ڪيترائي شعر بلڪل ناقص شعر
آهن، حافظ جاڪيترائي شعر روايتي، معمولي آهن، تنهن
ڪري ڪو ڪو شعر ٿيندو آهي، ڪا ڪا شيءِ ٿيندي آهي،
آرٽ ۾ اها شيءِ سڄي ڪم جي ڪري آهي.
اياز
اسان وٽان هليو ويو آهي پر شيخ اياز هميشه ياد
رهندو. اڄ آئون هن مختصر گفتگو ۾ چوان ٿو ته؛
اسان
ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
ستي
ساهه جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا
لتاڙي اسان جو شعور،
سوين
چنڊ ساٿي،
ڪتين
جا سوين قافلا، رهگزر ۾،
زمان ۽
مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل
کان ابد تائين سک جون باراتون،
جڏهن
موٽ کائون، سوين ساز آهيون،
سوين
چنڊ چاهيون، ستارا تڳايون،
انهن
سان اچي جڳ سڄو جڳمگايون،
اسان
جاڳ جا ڀاڳ آهيون، پرين،
اسين
ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
(28ڊسمبر تي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي تعزيتي
اجلاس ۾ ڪيل تقرير) روزانه”سنڌ“
پڇتاءُ
جي پيڙا
رشيده حجاب
هڪ هڪ
ڪري سڀ ماڻڪن سان ڀريل سپيون، سمنڊ جي تهه ۾
ويهنديون ٿيون وڃن، اسان جي نظرن کان ڏور، اسان جي
هٿن کان پري، اڻڄاڻ، اوچين ڇولين جي رحم و ڪرم تي،
ثميره زرين کان پوءِ هر دل هر غم ۽ هر وڇوڙي کي
صبر جي سر هيٺ دٻائي ڇڏيو هو، هڪ دفعو ڪنهن پڇيو
”تو ثميره تي ڪجهه ڇو ڪو نه لکيو؟“ مون جواب ٽاري
ڇڏيو، پر حقيقت ته اها هئي ته هن جي زندگي جا شوخ
رنگ ته منهنجي قلم جي زندگي جي گرفت ۾ اچي ويندا
هئا، پر هن جي موت جي سرد تابوت کي هٿن جي جنبشن
ڇهڻ ئي نه ڏنو، ته به گهڻو ڪجهه لکيم، جيڪو ٻين جي
لاءِ نه هو، منهنجي ۽ ثميره جي وچ ۾ ڳوڙهن ۽ ٽهڪن
جا راز ان ڪتاب ۾ شايد ڪڏهن پڙهجن، جيڪو ڪڏهن نه
ڪڏهن منظر عام تي اچي!
پر
اڄ.........اڄ............جڏهن شيخ اياز به اڻڄائي
سفر جو راهي ٿيو ته دل جي مٿان مضبوطي سان رکيل سر
پنهنجو پاڻ اچانڪ سرڪي وئي، دل جي قريب هڪ ڳنڀير
آواز اڀريو“ مان توتي ڳالهائيندس، مان هنن کي
ٻڌائيندس ته تون ڇا آهين؟“ ها، هي آواز ان مدبر،
فيلسوف ۽ شاعر شيخ اياز جو ئي هو، پنج سال اڳ
مارئي فورم جي فنڪشن ۾ مون کي سنڌي افسانه نگاري
جي مڃتا ۾ گولڊ ميڊل ڏنو ويو، شيخ اياز ان جو
مهمان خصوصي هو. تقرير ڪندڙن مان نئين دور جي هڪ
اديبه چيو”مان رشيده حجاب تي وڌيڪ ڳالهائي نه ٿي
سگهان ڇاڪاڻ ته مون ان جون ڪهاڻيون ڪو نه پڙهيون
آهن.“ مان به ويٺي هيس. اياز چيو ته ” باقي توهان
پڙهيو ڇا آهي؟“ ۽ پنهنجي تقرير ۾ چيائين ” جن
افسانه نگاريءَ کي منزل تي پهچائڻ لاءِ دڳ
ڏيکاريو، انهن کي جيڪڏهن اڄ منزل جا متلاشي سڃاڻن
ئي ڪونه ٿا ته پوءِ رهبري ڪيئن ڪندا؟“ اها شيخ
اياز سان آخري ملاقات هئي. ان ملاقات ۾ مون کيس
ٻڌايو ته ”هڪ آتم ڪهاڻي لکي رهي آهيان. توهان جو
ان ۾ ذڪر آهي .“ پاڻ کلي پڇيائين ” ڪهڙن لفظن ۾ ؟“
مون به چوت ڪئي ته ” توهان ڇا
Expect
ٿا
ڪريو ؟“
ڪاش ،
ڪاش ! مون کي خبر هجي ها ته اياز ڇنڇر ڏينهن مڊ
ايسٽ اسپتال ۾ هو ته مان کيس ٻڌايان ها ته عظيم
شاعر لاءِ مانکي ڪي مناسب لفظ ئي نٿا ملن. مان ته
هڪ لائين لکي هئي ته توهان کي ڏسي اقبال جو شعر
ياد ايندو آهي.
”ايڪ
هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز“
پر
اياز توهان جو محمود ڪير آهي؟ مون پنهنجي ڪتاب جا
پهريان صفحا اياز جي لاءِ خالي رکيا هئا، اهي ڪير
لکندو! اياز جاءِ ڪير ڀريندو؟ ڪير به نه- ڪير به
نه!
عظمتن
جون اڪيلايون ۽ اياز
آغا
سليم
ٽي سال
اڳ مون هڪڙو ڪالم لکيو هو جنهن جو عنوان هو
so
what
( ته پوءِ ڇا ٿي پيو) ان ڪالم ۾
مون ٻڌايو هو ته هن اختيار ۽ اقتدار پرست
سوسائٽيءَ لاءِ ماڻهوءَ جي وڏائيءَ جي حوالي سندس
اختيار ، اقتدار ۽ طاقت آهي. انهن حوالن کان سواءِ
وڏائيءَ جا ٻيا سڀ حوالا بي معنيٰ آهن. جي ڪو وڏو
شاعر آهي ته
so
what
جي ڪو وڏو اديب آهي ته
so
what
۽ جي ڪو وڏو فنڪار آهي ته
so
what.ڪالم
۾ ڪا اختلافي ڳالهه نه هئي جو مان سدائين ادبي
اختلافن کان پاڻ بچائيندو رهيو آهيان.ڪنهن ڏانهن
اشارو نه هو جو مون ڪڏهن پنهنجي ادبي راهن کي ايڏو
بي داغ نه سمجهيو آهي جو ٻين جي راهن جي داغن
ڏانهن اشارو ڪيان. ڪالم ۾ رڳو سوسائٽيءَ جي رويي
جي ڳالهه هئي. پر الائجي ڪيئن ڪنهن کي ان ۾ اياز
ڏانهن اشارو نظر آيو ۽ هن اياز کي ٻڌايو ته اهو
ڪالم مون سندن خلاف لکيو هو. اياز ڪالم پڙهڻ کان
سواءِ ڪاوڙجي پيو. مون کي خبر پئي ته مان کيس
پرچائڻ لاءِ ويس جو اياز منهنجو قومي ورثو هو ۽ هن
اسان جي گونگي، گگدام ۽ بي زبان ڌرتيءَ کي زبان
ڏني هئائين
۽
شاعري
۾ سخت احساسن، ارادن، خوابن ۽ آدرشن ڳالهايو هو.
اياز مون سان پنهنجائپ سان مليو پر سندس اکين
ڏوراپا ٿي ڏنا. هن مون کي پنهنجي ڪتابن سان سٿيل
اسٽڊي روم ۾ آڻي ويهاريو. مان پنهنجي صفائي پيش
ڪرڻ لڳس ۽ هو مون ڏانهن هڪ ٽڪ نهارڻ لڳو، ڄڻ
منهنجي وجود جو هڪ هڪ ورق ورائي ٿي پڙهيائين. شايد
هن کي ڪنهن به ورق تي سندس خلاف ڪو اکر نظر نه آيو
۽ هن جي اکين ڏوراپا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا ۽ سندس اکين
۾ اها پنهنجائپ تري آئي جنهن جو سلسلو سالن تائين
پکڙيل هو، جنهن جو پسمنظر سکر جو ڪئنس روڊ، سکر
بئراج، لئنسڊائون پل، ساڌ ٻيلو ۽ سنڌوءَ ۾ ترندڙ
ٻيڙين جا سڙهه هئا. حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي، اياز جو
ڪميونسٽ دوست مونس جيڪو ڀڄي ڀري پيو هو. ڏينهن جي
روشني کان ڊڄندو هو. رات جو شاهه سائين جي سٽ ته ”
پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان“ جي جيئري تصوير
ٿي ويندو هو ۽ ڪئنس روڊ جي اسٽريٽ لائٽس جي ٿنڀي
کي ڀاڪر پائي روئندو هو. هو سڀ وڇڙي ويا آهن ۽ مان
شاهه سائينءَ جي هن ڏوراپي واري بيت وانگر ٿو
جيئان ته ”اڃا پئي جيئين، سڄڻ ساريو نه مرين!“
اسين سکر جي ان منظر نامي ۾ راتين جو رلندا هئاسين
۽ اياز انهن رولڙن جي حوالي سان هي شعر چيو هو ته
”راتين جا رولاڪ، چارا ڳولهن چنڊ ۾“
اياز
جي اکين ۾ اها پراڻي پنهنجائپ تري آئي. هن افسوس
ڪيو جو هن مون کي غلط سمجهيو هو ۽ مون کي افسوس
ٿيو جو غلط فهميءَ جي ڪري اياز لاءِ ” خنجر خنجر
ڪيئي هٿ“ واري سٿ ۾ شامل ٿي ويو هئس. اياز جنهن سٿ
جي سامهون اڪيلو هو ان سٿ ۾ رڳو اياز جا مخالف نه
هئا پر سندس دوستيءَ جو دم هڻڻ وارا هن جا مون
جهڙا دوست به هئا. اسان هن جي ذاتي زندگيءَ تي
اعتراض ڪيا. هن تي ذاتي نڪته چيني ڪئي ۽ ادبي
تنقيد جي نالي ۾ هن کي ..... اڄ جڏهن اياز اسان ۾
نه آهي تڏهن مان پاڻ کي پنهنجي ضمير جي ڪٽهڙي ۾
بيهاري پنهنجو پاڻ کان پڇان ٿو ته اسان نيٺ اياز
سان ائين ڇو ڪيو؟ ڇا اسان
sadist
(ٻين کي رنجائي خوش ٿيڻ وارا ) هئاسين ۽ اياز کي
ايذاءُ ڏئي مزو ٿي ماڻيوسين يا اسان اياز کي سندس
شاعريءَ جهڙو عظيم انسان سمجهي کيس عظمت جي ان
آدرشي معيار تي پورو نه لهندو ڏسي سندس ننڍين
انساني ڪوتاهين کي تمام وڏا عيب سمجهي چڙي ٿي
پياسين ۽ چڙ مان ٿي ساڻس اهڙي هلت هلياسين يا اسين
سڀ ڄامڙا هئاسين ۽ پنهنجي دؤر جي ديو آڏو ٻين کي
ته ڇا پنهنجو پاڻ کي به نظر نٿي آياسين ۽ انهيءَ
ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي ”پاڻ“ ٿي ڏيکاريو
...... هن سان اهڙي هلت هلڻ لاءِ اسان وٽ ڪيترائي
سبب ۽ جواز هئا...... اياز وائس چانسلر ٿيڻ قبوليو
هو. انقلاب جا گيت ڳائيندي ڳائيندي انقلاب کان
تائب ٿي ويو هو. ”ڌرم ڌرم جي ڌوڙ اڏايان، ڦاڙيان
پٿيون پراڻ“ جهڙي شاعري ڪندي ڪندي دعائون لکڻ شروع
ڪيون هئائين ........... ڀلا جي هن ايئن ڪيو به ته
ڇا ٿي پيو. ڪهڙو ڏوهه ڪيو هئائين. اياز بنيادي طرح
شاعر هو. جيستائين انقلابي هو تيستائين هن انقلاب
کي شاعري بڻايو، مذهبن بابت سندس جيڪي خيال هئا تن
کي شاعري جو رتبو ڏنائين ۽ مذهب ڏانهن موٽيو ته
اهڙيون دعائون لکيائين جو مذهب کي شاعري بڻائي
ڇڏيائين. جن ماپن سان اسان اياز جي انساني قد کي
ماپيو اڄ انهن ساڳين ماپن سان ٿورو پنهنجو قد به
ماپي ٿا ڏسون. وائس چانسلري اياز تي مڙهي وئي هئي
پر اسين (رکيو غالب مجهي اس تلخ نوائي ۾ معاف، آج
ڪڇه درد ميري دل ۾ سوا هوتا هي) جن هن جي وائس
چانسلريءَ تي اعتراض ڪيو، يا نه، گورنر هائوس جي
اختياريءَ وارن جي پيرن ۾ گلم وانگر وڇائجي وياسين
ته جيئن وائس چانسلري ملي. اسلام آباد ۾ ،
حيدرآباد کان آيل جيئالن جي به جيئالي جي پٺيان،
ڪار جي ڊگيءَ ۾ شراب جو بوتلون ڀري ڊوڙندا رهياسين
ته جيئن مال ڪمائڻ وارو عهدو ملي....شيرواني پائي
پنهنجي سرڪاري اداري جا ڪتاب ڪڇه ۾ ڪري،پنهنجي
ادبي خدمتن جا واسطا ڏئي، وزيرن جي درن تي سينون
هنيون سين ته جيئن عهدو ۽ ترقي ملي. قومپرست
ڪهاڻيڪار وارو چولو لاهي قلابازيون کائيندڙ ڪبوتر
وانگر، قلابازيون کائي ليٽي پيٽي، جنرل ضياءَ جا
ذاتي حيثيت ۾ فوٽا ڪڍياسين ته جيئن نوڪري پڪي
ٿئي... اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيڏا ڪارناما اسان ڄاڻي
واڻي نه ڪيا، پر هن بي رحم جبر واري سوسائٽي جي
جبر هٿان مجبور ٿي ڪيا جو هي جابر سوسائٽي آدرشن
کي سندس آدرشن ۽ خوابن مطابق جيئڻ نه ڏيندي آهي.
اياز به ان سوسائٽيءَ جو فرد هو پر اسان اڇا
اجراءُ ڌوتل پوتل هئاسين ۽ اياز تي آڱر کنئيسين ته
هن وائس چانسلر ٿيڻ ڇو قبوليو! اياز شاعر توڙي
ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اسان سڀني کان وڏو هو .
ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ هن جي وڏائي جو وڏو مثال هي
آهي ته 1965ع واري جنگ ۾ جڏهن ماڻهن تي جنگ جو
جنون سوار هو ۽ ان جنگ کي ڪفر ۽ اسلام جي جنگ ٿي
سمجهيو ويو تڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي سڀني شاعرن،
اديبن ۽ دانشورن مان اياز اهڙو شاعر هو جنهن بمن ۽
بندوقن جي آوازن ۾ وڏي واڪي دانهن ڪري چيو ته ”هي
سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام“ اياز جي ان نظم جا
ان دؤر جي ايم ڪيو ايمي ۽ جماعت اسلاميءَ جي
جيئالن وڏا پوسٽر ڇپائي شهر جي ڀتين تي هنيا.ان
وقت ان نظم جي نتيجي ۾ ڪجهه به ٿي پئي سگهيو. اياز
جو ڪورٽ مارشل به ٿي پئي سگهيو ته جنوني ماڻهو کيس
قتل ۽ سندس گهر کي باهه به ڏيئي ٿي سگهيا. هن جي
ڀيٽ ۾ اسان جي هڪڙي قوم پرست ڪهاڻي نويس نارمل
حالتن ۾ ڪهاڻي لکي جنهن ۾ قومپرستيءَ جو ”مصالحو“
ٿورو وڌيڪ پئجي ويوته آفيس جي پٽيوالن کان ڊڄندو
هو ته متان اهي انٽيليجينس جا ماڻهو هجن.
ٻاهران
ويهي تماشو ڏسڻ ۽ تماشو ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي. اياز
ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو سڏيو ۽ هن خلاف باهه ٻري
پئي. پراڻي سکر ۾ هن جو گهر هو ۽ جماعت اسلاميءَ
جا جيئالا ۽ ان دور جا ايم ڪيو ايمي هن جي گهر تي
خوفناڪ نعرا ۽ دڙڪا لکي ويندا هئا. سندس ٻارن تي
اسڪول ۾ طنز ٿيندي هئي. مهراڻ اخبار جو ان وقت جو
ايڊيٽر سردار علي شاهه اياز جي خلاف مهم هلائڻ کي
پنهنجو مذهبي فريضو سمجهندو هو. ان ساري صورتحال ۾
اياز اڪيلو اڏول بيٺو رهيو ۽ سڀ ڪجهه سهندو رهيو.
شايد
هڪ دفعي اياز چيو هو (شايد ان ڪري جو مون سندس چوڻ
نه ٻڌو هو) ته ڀٽي جي شهادت، شاهه عنايت جي شهادت
کان پوءِ وڏي هئي. ان ڳالهه تي سنڌ جون قومپرست
تنظيمون اياز جي خلاف ٿي ويون. هنن پنهنجي پر ۾
اياز کي قومي شاعر جي رتبي تان لاهي استاد بخاري ۽
جمن دربدر کي ان مسند تي ويهاريو. ان ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته استاد بخاري ۽ جمن دربدر تمام وڏا شاعر
آهن. ڳالهه هن جي شاعراڻي وڏائي جي نه آهي، پر قوم
پرست تنظيمن جي آهي جن کي جنم ئي اياز جي شاعري جي
شعور ڏنو. مون کي بنگالي شاعر نذر الاسلام جو
واقعو ياد ٿو اچي. نذر لکي ٿو ته هن کي غاليچو
وٺڻو هو. هو غاليچن جي دڪان تي ويو ته ڏٺائين ته
دڪاندار دڪان کان وٺي ان هنڌ تائين غاليچا وڇائي
ڇڏيا هئا جتان ڪار مان لهي نذر کي دڪان ۾ اچڻو هو.
نذر ٻه چار غاليچا ڏٺا ۽ هڪڙو پسند ڪري خريد
ڪيائين.دڪاندار هن خريد ڪيل غاليچي سان گڏ اهي
غاليچا به ويڙهي سندس ڪار۾ رکرايا جن تان لنگهي هو
دڪان ۾ آيو هو . دڪاندار کي اها ڳالهه گوارا نه
هئي ته جن غاليچن تي هن جهڙي شاعر پير گهمايا هئا،
اهي غاليچا هو ٻين کي وڪڻي. اها آهي قوم پرستي
جيڪا جڏهن آزاديءَ جو علم بلند ڪندي آهي تڏهن دنيا
جي نقشي تي هڪ نئين ملڪ جو نقشو اڀرندو آهي
....!ٿي سگهي ٿو ته اهو واقعو ڪوڙو هجي. هٿ جو
گهڙيل هجي. وڌاءُ ڪيل هجي، پر اهڙو ڪوڙ بنگالين
لاءِ گهڙي سگهجي ٿو. اسان سنڌي ته ان لائق به نه
آهيون جو اسان لاءِ اهڙو ڪوڙ گهڙيو وڃي.
اياز
اسان لاءِ موهن جي دڙي جيان عظيم ثقافتي ورثو آهي
جنهن جي اسان کي ويرين توڙي وارثن کان حفاظت ڪرڻي
آهي . ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن ويرين کان وڌيڪ وارث ئي
ورثي کي تباهه ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن.
اياز
جو هڪڙو عيب اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته اياز ۾
”مان“ ڏاڍي هئي. هئڻ به گهربي هئي. هن جي ”مان“ تي
اعتراض ڪرڻ وارن اهي بلنديون ماڻيون هجن. جيڪي
اياز ماڻيون ته کين خبر پوي ته انهن بلندين تي
سانت ئي سانت هوندي آهي جنهن ۾ رڳو ”مان“ پڙاڏيي
آهي انهن بلندين تي ايزن جي معصوم مانيءَ، پنهنجي
مان کي پيغمبري سڏيو ۽ ان دعويٰ جي سچائيءَ لاءِ
پنهنجون تصويرون پيش ڪيون، منصور پنهنجي ”مان“ کي
حق سڏيو ۽ سسئي پنهنجي ”مان“ ۾ پنهونءَ کي پسيو.
دهريت
جي دؤر ۾ به اياز کي ڪن اڻ ڪوٺيل ۽ اڻ ڏٺل اوٺارن
جو انتظار هو جيڪي ” ايندم، نيندم، پاڻ سين.“ سوال
هو ته اهي اڻ ڪوٺيا ۽ اڻ ڏٺا اوٺار ايندا ته نيندا
ڪيڏانهن؟ ان سوال جو جواب اڄ تائين ڪنهن کي مليو
آهي جو اياز کي ملي ها! ان سوال جو جواب ملي وڃي
ته هيءَ ڪائنات جيڪا ڳجهه بنجي ازل کان ماڻهوءَ کي
وڪوڙي ويٺي آهي ان جو سارو ڳجهه ملي وڃي. ان ڳجهه
مان ئي ڪڏهن ڪون؟ ڪڏهن هم اوست (سڀ هو آهي) ڪڏهن
اهم است (مان هو آهيان) ڪڏهن ستم، سندرم، شيوم
(سچ، سونهن، نيڪي ) ته ڪڏهن سر وم دکم دکم (سارو
دک ئي دک آهي ) جا پڙاڏا گونجندا آهن. اياز ان
ڳجهه جون ڳنڍيون کوليندي پاڻ ڪنهن ڳنڍ ۾ ڳنڍجي
ويو. |