سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 2

                                                  

شيخ اياز جي موت تي

ٻن لڙڪن جي ڀيٽا

سوڀو گيانچنداڻي

 

اياز سان ڪنهن جا ڪيترا به اختلاف هجن، پر اهو مڃڻو پوندو ته شاهه لطيف کان  پوءِ  هو سنڌ جو عظيم ترين شاعر هو. هن جي گهڻ پاسائين زندگي، جنهن ۾ اڪثر ماڻهو تضاد به ڳولهيندا، پر هن جيڪو ڪجهه ڪيو ۽ لکيو، اهو انتهائي ايمانداري ۽ دل جي گهراين مان لکيو. وقتي ساڻس اختلاف ڪندي به مان سندس ڀائپي جي رشتي ۾ ٻڌل رهيو آهيان. مان چاهيندس ته سنڌ جا ٻيا اديب ۽ شاعر به پنهنجا اختلاف انائون وساري اياز کي سندس عظمت جي مڃتا ڏين. هي وقت نه آهي  جو سندس ڪوتاهين ۽ لغزشن لاءِ اياز کي برو ڀلو چئون، هيءَ اڌ صدي اياز جي ڌنن سان گونجندي رهي آهي. هن سنڌ جي هزارين ننڍن وڏن شاعرن ۽ اديبن کي جاڳايو ۽ اوساريو آهي، اسان گهڻي وقت تائين ٻيو اياز پيدا ڪري نه سگهنداسون. هن تاريخ ساز شاعر، اديب ۽انقلابيءَ جو رول ادا ڪيو آهي.

مان 1946ع کان وٺي سندس دوست ۽ مداح رهيو آهيان ۽ ان وقت کان وٺي ٻيا کڻي اختلاف ڪن، پر مان چوندس ته شاهه ۽ اياز جي وچ ۾ صرف تڪبند شاعري ئي ٿي آهي . منهنجي زندگيءَ ۽ هن جي زندگيءَ جي وچ ۾ گهڻو فرق هيو ۽ ڪيترا دفعا اسان فلسفياڻن مسئلن تي اختلاف به ڪيو. پر ٽن مهينن جي 1965ع واري جيلي جيوت اسان کي پوري زندگيءَ لاءِ ڳانڍاپي ۾ آڻي ڇڏيو. صحيح معنيٰ ۾ اسان هانڊيوال ۽ سياسي تحريڪ ۾ هڪ ئي راهه تي هليا آهيون. هن جو پويون دعائي دور به مون کي هن جي ڀائپيءَ کان جدا نه ڪري سگهيو آهي .

هن جيڪو پيش لفظ منهنجي تازي شايع ٿيل خاڪن جي ڪتاب ”وڏي وٿ هئام“ لاءِ لکيو . ان لاءِ مان هن جو مشڪور آهيان . ان کان اڳ ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي ، نالي سان لکيل ڪتاب کي مون ڏانهن منسوب ڪري هن پورن پنجن نسلن جي نوجوانن ، اديبن ۽ شاعرن کي منهنجي ويجهو آندو ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ جنهن قرب ۽ عزت سان مون کي ياد ڪيو، تنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان .

ٻه اڍائي مهينا اڳ جڏهن منهنجي وڏي ڌيءَ ڀاڳيءَ جي موت تي شيخ اياز عذر خواهي ڪرڻ آيو هو . تڏهن موڪلائڻ مهل چيو هو مانس ته، ”هيءَ شايد اسان جي آخرين ملاقات آهي“ ته کلي وراڻيو هئائين، ”موت سان مان مرڻو ناهيان، تو سان ٻئي جنم ۾ به گڏ هوندس .“ هو انتهائي تڪليف ۾ هوندي به ڪلاڪ ڏيڍ مون سان همدردي ۾ ويٺو رهيو، ڇو ته هو منهنجي سڀني ٻارن سان پنهنجي ٻارن وانگر محبت ڪندو هو . ايتري قدر جو ڊاڪٽر ڪنعيي جي بي ادبي واري لکيل شعر لاءِ به چيو هئائين ته ، ”تنهنجي پٽ سان ڪهڙو ليکو !“

جيڪڏهن شيخ اياز کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي ها ته کيس ادب جو وڏي ۾ وڏو انعام ضرور ملي ها . پر اها اسان جي بدقسمتي آهي ، جو نه کيس ان ڪم ڪرڻ لاءِ فرصت ملي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي همٿ ڪئي .

اياز جي موت تي جتي هند ۽ سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانئنجي وئي آهي.     اتي ڪيترائي اردو ۽ پنجابيءَ جا ليکڪ ۽ شاعر به شديد ڏک محسوس ڪندا .  ڇاڪاڻ جو شيخ اياز جي شاعري اردو ۽ پنجابيءَ ۾ پڻ تمام سهڻي نموني سان ترجمو ڪئي ويئي هئي۽ اهي کائنس چڱيءَ ريت واقف آهن. شيخ اياز نه رڳو  سنڌ، پر برصغير جو وڏو شاعر هو. هن جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ م ڦهليل سنڌين جي سنڌ سان گهري رشتي جو اعلان هو ۽ دبئي کان بمبئيءَ ۽ دهلي تائين سندس مان ۾ سنڌي شاعر ۽ اديب سندس قدر ڪرڻ ۾ پنهنجو شان سمجهندا هئا ڇاڪاڻ جو هو انهن کي سنڌيت جي جذبي سان سرشار ڪندو هو .

شيخ اياز جو مطالعو وسيع ۽ گهڻ پاسائون هو . هو مون سان دنيا جي بهترين ڪتابن متعلق گهرائيءَ سان بحث مباحثو ڪندو هو . هو اديب هجڻ سان گڏ فلاسافر به هو ۽ دنيا جي سڀني وڏن  اديبن ۽ فيلسوفن کي مٿاهون مان به ڏيندو هو . لکڻ سان گڏ هو آخري وقت تائين پڙهندو به رهيو ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هو تمام پڙهيل ۽ عالم شخص هو . سندس ڪمي سوين سالن تائين محسوس ڪئي ويندي . مان پنهنجي سڀني ڀائرن ۽ همدردن جي ڏک ۽ سندس ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان .ڀيڻ زرينا ۽ اياز جي پٽن ، ڌيئن ، پوٽن ، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي مان پنهنجي آسيس ڏيان ٿو . اياز جي موت جو صدمو رڳو هنن لاءِ ئي نه، پر اسان سڀني لاءِ ساڳيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا جنت آهي ته خدا کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ جيڪي هن جا مذهبي نڪتچين آهن. شل انهن کي به سندن خدا معاف ڪري.

هن وقت اهو چوڻ موذون ٿيندو ته جيڪڏهن شيخ اياز پنهنجي لائبريري متعلق ڪا وصيعت نه ڪئي آهي ته اها سنڌ الاجي يا سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ ۾ اياز ڪارنر جي نالي سان محفوظ ڪئي وڃي . ساڳي وقت مان سنڌ جي نوجوانن کي به اپيل ڪندس ته هو مايوس نه ٿين ۽ سنڌ ۽ سنڌيت کي زنده رکڻ لاءِ اياز جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪن ۽ هن جي شاعريءَ کي ترجمو ڪري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ وسان نه گهٽائين . اهو ڪم ابراهيم جويي يا سراج ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو .

                                       (29ڊسمبر 97ع روزانه ڪاوش)

اياز جي عظمت

غلام رباني آگرو

شيخ اياز کي وفات ڪئي ، پورو مهينو به ڪونه گذريو آهي. سندس تربت تي پيل مٽي ۽ گلاب جي سڪل گلن جون پنکڙيون اڃا تيز هوا جي جهوٽي تي اڏامڻ لڳن ٿيون . سندس خاندان جا فرد ، سندس چاليهي تي خيرات جي ماني تقسيم ڪرڻ ، ۽ سندس دوستَ ادبي اجلاسن ڪوٺائڻ ۾ مشغول آهن . اهڙي صورتحال ۾ ، سندس اهي رفيق ، جن ورهين جا ورهيه ، ساڻس ڏک سک جو زمانو نهايت قربت ۾ گذاريو ، پنهنجن سمورن ڏکويل جذبن کي آسيرو پاسيرو ڪري ، سندس باري ۾ ٿڌي سيني سان سوچ ويچار ڪري، ويهي ڪو ڪتاب يا مضمون لکن ، سو ڏاڍو ڏکيو آهي .

 جڏهن اسان اياز کي ڀٽ شاهه تي دفنائي حيدرآباد ۾ ڪوٺايل تعزيتي اجلاس لاءِ موٽي رهيا هئاسون ، تڏهن امداد سومرو مون سان گاڏيءَ ۾ گڏ ويٺل هو . ڳالهه ڪيائين ، ته اسان اياز جي چاليهي تي، پندرهن روزه ”عبرت ميگزين“ جو خاص نمبر ڪڍنداسين . ان لاءِ مضمون لکي ڏجو . مون سندس سڪ ڏسي فورا هائوڪار ڪئي. پر ، بعد ۾ جڏهن مضمون لکڻ ويٺس ، تڏهن محسوس ڪيم ، ته ” ڦت اڃا ڪچو آهي . اياز تي قلم کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي .“

عزيزم الطاف آگري ٻڌايو ته اياز تي گهڻا گهڻا سال اڳي ، ”برسات“ ۾ منهنجو ڇپيل مضمون سڄي جو سڄو ” عبرت ميگزين “ ۾ هاڻي وري ڇپيو آهي . مون اها ڳالهه دليل بڻائي ،امداد سان معذرت ڪرڻ جو سوچيو . پر ڀانيم ته ائين ڪرڻ ساڻس واعدي خلافي ٿيندي . انهيءَ ذهني  ڪيفيت ۾ ، ڪي تاثرات قلم بند ڪرڻ مناسب سمجهيم : اهو احساس اٿم، ته انهن ۾ ڪي بامعنيٰ هوندا ۽ ڪي بي معنيٰ .

اياز ، اول ۽ آخر سنڌي زبان جو عظيم شاعر هو ۽ انهيءَ حيثيت ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ امر رهندو . کانئس اڳ، سنڌي زبان جا، صحيح معنيٰ ۾، جيڪي به عظيم شاعر ٿي گذريا آهن، تن جي شعر جو دلپسند موضوع ” تصوف “ هوندو هو . بلاشبه ، انهن ۾ ڪي ٿورڙا اهڙا به هئا، جن تصوف سان گڏ، پنهنجي زماني جي سياسي واقعن کي سخن جو موضوع بنايو مثلاً خليفي نبي بخش جا کرڙيءَ واري جنگ بابت بيت :

کرڙي کائي رَتُ، ڀَتُ نه وجهي وات ۾

ڳجهون ڳاڙهي واتِ، مون لمندي ڏٽيون

اياز سنڌي زبان جي اڳوڻن عظيم شاعرن کان ان ڳالهه ۾ يڪسر منفرد آهي، ته هو اسلامي تصوف جو شارح ۽ مبلغ ڪونه آهي . هو پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي واقعن جو موثر ترجمان آهي . نه فقط ايترو ، پر موجوده دور جي سياسي پس منظر ۾ سنڌ جي ڪن تحريڪن جو علمبردار آهي، جن جو اسلامي تصوف سان ڪوبه واسطو ڪونهي . پر، انهيءَ جو مطلب اهو به هرگز ڪونهي، ته سندس ڪلام ۾ تصوف جو رنگ ڪونهي، مثال طور سندس هن شعر ۾ تصوف جو اولڙو صاف صاف نظر اچي ٿو :

مان ئي بڙڇي ، مان ئي گهاءُ، مان ئي وار وجود تي،

مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو .

تاريخ هر وڏي انسان جي عظمت جو آئينو آهي . سنڌ جا اڪثر اڳوڻا  عظيم صوفي شاعر دوريشانه زندگي بسر ڪندا هئا . پر، ائين به ناهي ته هو دنيا جي ڪاڪ محل ۾ منجهندا ئي ڪونه هئا . جي ائين هجي ها، ته گرهوڙيءَ جهڙو گجندڙ شينهن ائين ڇو چوي ها :

ساقي سرڪ پيار ، عقل مون اوکو ٿيو .

تاهم، اها ڳالهه ڪامل اعتماد سان چئي سگهجي ٿي ، ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعرن پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي واقعن کي نظرانداز ڪري، زندگي ءَ جي گرميءَ سرديءَ کي انڪري آسانيءَ سان منهن ڏنو، جو ”توڪل “ سندن تڪيو هو . رات جو پاڻيءَ سان ڀريل گهڙا خالي ڪرائي ڇڏيندا هئا ، ته رب سائين نئين سج نوان وسيلا پيدا ڪري ڏيندو . ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ :

جن کي ان نه ٻج، تن پڻ تنهنجو آسرو ،

پوءِ اڀارين سج، اول ڏئين انهن کي .

اياز انهيءَ مسلڪ ۾ سمورن اڳوڻن عظيم سنڌي شاعرن کان منفرد آهي.سندن اکر چٽا بيٺا آهن:

ڍوَ بنا ڍوليا ، ڪانهي ساڃهه سونهن جي .

اياز جي باري ۾ درويشانه زندگي بسر ڪرڻ جو شڪ شبهو رکڻ، پاڻ سان خود فريبي ٿيندي ۽ ساڻس خيانت . اهو سڀ ڪجهه مڃڻ ۽ اعلانيه چوڻ کان پوءِ به اياز جي باري ۾ اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ، ته سنڌ ۾ تمام گهڻي زماني کان پوءِ اسان جي پنهنجي دور ۾ هڪ اهڙو شاعر پيدا ٿيو ، جنهن سنڌ جي اڳوڻن عظيم شاعرن جو سڪون لاٿيون ۽ پنهنجي سڄي دور کي متاثر ڪيائين . جيئن شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي وڏن شاعرن جي شعر ۾ سندس لافاني ڪلام جو پڙلاءُ آهي ، تيئين موجوده دور جي ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام ۾، فن توڙي فڪر جي لحاظ کان ، اياز جو عڪس چمڪي رهيو آهي . شاهه جي باري ۾ اها به روايت آهي، ته پاڻ ان زماني ۾ اوکو پنڌ ڪري، لنواريءَ جي لعل، محمد زمان وٽ هلي ويا هئا، ۽ ساڻن ڪائنات ۽ انساني زندگيءَ جي ابدي مسئلن بابت تبادله خيالات ڪيو هئائون . اياز کي شايد اهڙو ”محرم راز“ ڪوبه ڪونه  ٿي سجهيو . سو، سندس هيءَ مصرع يا ته سندس احساس تنهائيءَ جي ترجماني آهي ، يا وري ان کي ” شاعرانه شوخي “ سان ئي تعبير ڪري سگهجي ٿو :

چئه تون مون کان پوءِ ، ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا

ڪنهن به عظيم شاعر لاءِ اهو چئي ڇڏڻ ، ته  هو  پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي واقعن جي پيداوار هو ، ساڻس ناانصافي ٿيندي .ڊاڪٽر سورلي شاهه ڀٽائيءَ جي شاعرانه عظمت بيان ڪندي ڏاڍي سهڻي ڳالهه ڪئي آهي .

 THE EMERGENCE OF GENIUS IS AN EVENT WHICH IN THE PRESENT STATE OF HUMAN KNOWLEDGE APPROCHES THE INEXPLICABLE. HERIDITY AND ENVIRONMENT ARE CERTAINLY AN INADEQUATE EXPLAINATION. THERE IS USUALLY LITTLE IN THE IMMEDIATE CIRCUMSTANCES OF HIS BIRTH AND HIS UPBRINGING  TO ACCOUNT FOR THE MANNER IN WHICH AN EXCEPTIONAL MAN TOWERS ABOVE HIS FELLOWS.

   مان سمجهان ٿو ته اياز جي عظمت کي سمجهه ۽  سندس ڪلام جي صحيح تعبير ۽ تشريح ڪرڻ  لاءِ سنڌ جي عالمن کي اهو ئي اصول اڳيان رکڻو پوندو.

شاهه ڀٽائيءَ جي شاعرانه عظمت جو ذڪر ڪندي، سورلي ٻئي هنڌ چيو آهي ته سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ جي سنڌي زبان ڪا ايڏي ترقي يافته ڪانه هئي ، جا نهايت نازڪ خيالن ۽ تمام ڳوڙهن ويچارن جي اظهار لاءِ موزون هجي . پر ، اهو شاهه جو فنڪارانه ڪمال هو، جنهن پنهنجي بيان لاءِ ان جي لفظن ۽ محاورن کي پوريءَ پوريءَ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو .

وڏي فنڪار کي وڏي ڪينوس جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.غالب اردوءَ جي ڀيٽ ۾ فارسيءَ کي ترجيح ڏني . اقبال پنجابيءَ جي ڀيٽ ۾ اردوءَ ۾ شعر چوڻ پسند ڪيو . فيض عوام سان محبت جي دعويٰ جي باوجود اقبال جي پيروي ڪئي ۽ پنهنجيءَ مادري زبان، پنجابيءَ کي سراسر نظر انداز ڪيو . پر ، اياز شعوري طرح شاهه ڀٽائي جي پيروي ڪئي . بلاشبه ، شيخ اياز” بوئه گل ، نالئه دل “ نالي سان پنهنجيءَ اردو شاعريءَ جو ڪتابڙو به پاڻ ئي ڇپايو هو ۽ پنهنجي منتخب سنڌي ڪلام جا ڪي اردو ۽ پنجابي ترجما به شعوري طرح ڪرايا ۽ ڇپايا هئا . پر، سندس شعر گوئيءَ جي باري ۾ آسانيءَ سان ۽ اعتماد سان چئي سگهجي ٿو، ته انگريزي محاوري موجب، سندس بيمثال شعر جي MAIN THRUST سنڌي زبان ۾ ئي هئي . هو سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ئي اڀريو ۽ چوڏس چمڪيو ، ۽اهڙي ته غير معمولي مقبوليت حاصل ڪيائين، جو سندس وفات کان پوءِ ، اڄ ڏينهن تائين ، سنڌي پريس ساڻس اظهار لاءِ نئين سج ، گلاب ، موتئي ۽ ياسمين جي گلن جا نت نوان هار پوئي ، انتهائي ادب ۽ احترام سان ، پنهنجن پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهي آهي . سنڌي پريس جي اها روايت نه فقط صحتمند ۽ مثبت آهي . پر ، ان حقييقت تي به شاهد آهي ، ته سنڌي قوم ، سمورن ڏکن ۽ ڏولائن جي باوجود ، زنده رهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو رکي ٿي .

                    (1998-1-21ع)

اسين ننڍ جا نيڻ آهيون ، پرين

رسول بخش پليجو

رسول حمزاتوف پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو ته اديب ۽ شاعر باهه جا رکوالا ٿيندا آهن ، جنهن قوم جي باهه وسامي وڃي ، سمجهڻ کپي ته ان قوم جي اندر جي آتش جا رکوالا مري ويا آهن. اديبن ۽ شاعرن جو ڪم ان اندر جي باهه کي زنده رکڻ آهي . لطيف سائين چيو آهي : ”اندر جنين باهه ، سڌ سڀڪا تن کي.“ شاعر ۽ اديب جن جي اندر ۾ جڏهن باهه آهي تڏهن اهي هڪ مشعل ٿين ٿا . باهه مهمان آهي ، جيستائين باهه آهي، تيستائين اها شيءِ ناهي ، جيئن آهي تيئن نظر اچي ٿي . باهه ٺري ويئي ته ماڻهو ويٺو آ جهڙو بت ويٺو آ. باهه ناهي ، ڪاشيءِ ناهي . ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اها باهه مهمان آهي، اها باهه ، اها روشني سدائين رهي ، عنصر جي اجري حصي تائين رهي ، اهو ممڪن ناهي. هينئر انعام شيخ جو ترجمو ڪيل ڪتاب پڙهيم، ان ۾ هڪڙو ٽالسٽاءِ سان انٽرويو آهي . ان ۾ ٽالسٽاءِ کان پڇيو ويو ته هي روس ۾ جيڪا جمهوري تحريڪ هلي رهي آهي، تنهن جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ تنهن تي ٽالسٽاءِ جواب ۾ چيو ته اها خيال خام آهي، جمهوريت وغيره جي ڪا ضرورت ڪانهي، گهڻا ماڻهو سجاڳ ٿيندا، گوڙ ڪندا خوش ڪون ٿيندا. عمر خيام کان پڇيائون ته تضاد ڪٿي آهي؟ عمر خيام چيو تضاد شين جي اندر آهي. 

 اديب ۽ شاعر جي زندگي سياسي ماڻهن وانگر ساڳي ۽ همه گير هڪ جهڙي هجي ، اها ڳالهه ممڪن ناهي. دنيا جا سمورا وڏا شاعر مختلف دورن مان گذريا آهن . هتي گهڻن ٻڌايو ، جيئن آڪاش انصاري ٻڌايو، حميد سنڌيءَ ٻڌايو ، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ چيو ته پير اڏامندا آهن پر ڪن پيرن کي مريد به اڏائين ٿا . هڪ جهڙا فقط تاريخ جا وهڪرا ۽ لمحا ٿين ٿا ، اياز خوشنصيب هو، جنهن کي اهڙو دور مليو. هن کان اڳ انجمن ترقي پسند مصنفين هئي . هندستان جي وڏي تحريڪ هئي . سن 1903ع واري گانڌيءَ جي مارچ هئي . 1930ع کان وٺي جيڪو هندستان ٻريو ٿي، اياز کي اها شيءِ ورثي ۾ ملي . سموري شاعري ، ٽئگور جي شاعري ،ڪرشن چندر ، بخت امان ۽ ٻيا سمورا هندستان جا شاعر ، فيض جي شاعري، ، هڪ سڄي همه گيرت هئي . سڄو دور هو . جيئن مان لکيو آهي ، تحقيق ڪئي آهي ته لطيف جو ڪهڙو دور هو. روه زمين تي سندن همعصر ڪهڙا هيا. سو اياز جا جيڪي همعصر هيا، اهي عجيب ۽ غريب هيا ، هڪ عجيب۽ غريب دور هيو. سڀ ماڻهو بيچين هئا. تاريخي بي چين هئي تبديلي جي لاءِ، تاريخ جو فرمان هو ته تبديل ڪيو وڃي ۽ تاريخ جو فرمان هو ته ان تبديلي  سان-هم قدم ٿي هلندڙ فڪر هجي، شاعري هجي، فن هجي ، ادب هجي ۽ تاريخ جو اهو فرمان هو. جيئن لطيف سائين جو هڪ شعر آهي ”اندر اَندريون، جيئن سي ٻانڌين لٺ ۾، مون تن تيتريون، ته ڪيئن ملبو سڄڻين .“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org