ناراض
نوجوان دل جي ڀڙاس ڪڍڻ ۾ مشغول آهن. اياز دفن ٿي
چڪو. سندس ساٿي اشڪبار آهن. ناراض نوجوان وڏي واڪي
پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. تواريخ
لکجي رهي آهي. گيتن سان، لڙڪن سان، نعرن سان، ٻن
اڍائي سون سوڳوارن سان.
مان
ڪراچيءَ موٽي آيو آهيان.
رات جو
هڪ تقريب ۾ مهتاب راشدي ملي ٿي. چوي ٿي: سنڌي
ماڻهن کي اڃا اهو احساس ئي ڪو نه ٿيو آهي ته هنن
ڇا وڃايو آهي.
سندس
آواز ڀريل آهي ۽ اکين ۾ موتي ڇلڪي رهيا آهن.
دل ۾
چوان ٿو: سنڌي ماڻهو اڃا تائين رڍن جي ڌڻ کان اڳتي
وڌي به نه سگهيا آهن،مهتاب.
شيخ اياز هڪ عظيم
شاعر
عنايت
بلوچ
28
ڊسمبر 1997ع تي سنڌ جو، سڄي ملڪ ۾ موجوده دور جو
هڪ تمام وڏو شاعر اسان کان جدا ٿي ويو. شيخ اياز
هڪ عهدساز اديب، مايه ناز مفڪر، ديده ور، دانشور ۽
هڪ عظيم شاعر هو، جيڪو اسان جي اکين کان اوجهل ٿي
ويو. شيخ اياز هڪ اڪيلي انسان جو نالو نه هو، هو
بذات خود هڪ تحريڪ جو نانءُ هو. پنهنجي وجود ۾ هو
وڏو ادارو ۽ نظرياتي ادب جي هڪ قداور شخصيت هو.
عام
انسان جي موت ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار، فنڪار، شاعر يا
اديب جي موت ۾ نمايان فرق هي ٿئي ٿو ته، هڪڙو شخص
اسان کان وڇڙي وڃي ٿو ۽ ٻيو جدا ٿي وڃڻ جي باوجود
به هميشه اسان سان گڏ ۽ اسان منجهه رهي ٿو. شيخ
اياز اسان کان نه ته وڇڙيو آهي ۽ نه وڇڙندو. هو
اسان جي دلين کان دور ٿيو آهي نه ٿيندو. هن مٿي
اُڏرڻ ۽ اوچائيءَ تي پرواز ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪري
ورتي هئي. ان ڪري اوچتو ڀڙڪو کائي وڃي شايد ڪنهن
نئين سنگت جي سٿ جو سينگار بڻيو آهي. ڪن سُرت
رکندڙ سناسين ۽ سامين جو وڃي سلامي ٿيو آهي ۽ اسان
اڀوڳين، اڻڄاڻن ۽ ناقدرن کان پاسيرو ٿي ويو آهي.
پنهنجي اوچتي اڏام جي باري ۾ اسان کي ڪافي اڳ
چتاءٌ ڏئي ڇڏيو هئائين ته:
”ڀوءِ
نه آئي ڀانءِ، اَلا مان اُڏري ويندوسانءِ.“
شيخ
اياز کي دنيا جي بي تاج بادشاهه ۽ لافاني شاعر
شاهه لطيف سان بي پناهه عشق هو. هو ڀٽائيءَ جي
شاعري ۽ سندس فن ۽ فڪر کان نه صرف متاثر هو پر
لطيفي لات جي مهراڻ ۾ محويت جي حد تائين مست ۽
موجزن هو. لطيف سخي داتا هو. هن پنهنجي شاعريءَ جي
اونهي عميق بحر مان هر سائل کي هيرا موتي حوالي
ڪري ڇڏيا، پر لطيف،ٻين جي ڀيٽ ۾،اياز تي ڪجهه وڌيڪ
مهربان هو. ان جو سبب ڪهڙو هو؟ ان جي خبر هڪ لطيف
کي ته ٻي اياز کي. ٻئي پنهنجو پاڻ ڄاڻن، اسان جو
تنهن ۾ ڇا وڃي! پر مون کي فقط هڪڙو سبب سمجهه ۾ ٿو
اچي. اُهو هي ته شيخ اياز ڪيئي ڀيرا سراپا التجا
بڻجي لطيف جي دروازي تي وڃي سَئن هنئي ته:
”اي
لطيف! اي شاعرن جا سرتاج !! مون ڏي ڏس، مون تنهنجي
آڏو پنهنجي جهول اچي جهلي آهي. ان ۾ پنهنجا لعل
موتي وجهي ڇڏ.“
شيخ
اياز جيڪو اڳ ئي هڪ فطري شاعر هو، ڀٽائي سان پريت
جو پيچ پائي سنڌ ۾ موجوده دور جو سڀني کان وڏو
شاعر ٿي ويو.
هتي
مان هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. مشرقي
ڪلاسيڪي قدرن ۾ ڪنهن به فنڪار،ڪلاڪار،گلوڪار،شاعر
يا اديب لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانو کي اڳتي وڌائڻ ۽
چمڪائڻ جي سلسلي ۾ کيس هڪ ماهر استاد جي شاگردي
قبول ڪرڻ کي بيحد ضروري سمجهيو ويو آهي.جيڪڏهن
ظاهري طرح استاد نه به ملي ته، دل جي خلوص سان
روحاني استاد به وٺي سگهجي ٿو. ظاهري يا روحاني
استاد جو سلسلو پنهنجي اندر جي آرٽسٽ کي وڌيڪ
جرڪائڻ جو ذريعو هوندو آهي. فارسي جو هڪ شعر آهي
ته:
هر آن
ڪاري ڪ بي استاد باشد،
يقين
داني که بي بنياد باشد.
(هر
اُهو ڪم جنهن ۾ ڪو استاد ڪونهي، يقين ڄاڻو ته ان
کي ڪو بنياد ناهي. يعني ان جي ڪا اهميت ناهي.)
منهنجي
خيال ۾ شيخ اياز،شاعرن جي شهنشاهه حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پنهنجو روحاني استاد مڃي
ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو اياز جي سڄي شاعريءَ
توڙي سندس نثري ڪتابن ۾ هر جڳهه تي لطيف ڇانيل آهي
۽ هر حوالي سان لطيف کي اياز تي احترام ۽ عقيدت
مان ياد ڪيو آهي. ٻيا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا.
جيڪي ثابت ڪن ٿا ته ڪجهه شاعرن پنهنجن دلپسند بزرگ
شاعرن کان روحاني فيض پئي حاصل ڪيو آهي، علامه
اقبال ته التجا ٿو ڪري:
عطا ڪن
سوز- خسرو، شور رومي،
عطا ڪن
صدقِ اختلاقِ ثنائي.
شيخ
اياز پنهنجي بيباڪ بيان جي انداز ۽ شاعريءَ ۾
جرئتمندانه اظهار جي ڪري فيض احمد فيض وانگر
متنازعه شخصيت بڻجي چڪو هو. هن جو فڪر مٿاهون هو.
انسان ۽ انسانذات سندس فڪر جو محور هيا. ملڪي حدن
۽ نظرياتي سرحدن کان سندس سوچ جو دائرو گهڻو اڳتي
۽ وڏين وکن سان اورانگهيل هو. ان ڪري ذهني طور تي
ننڍڙا ۽ پتڪڙا ماڻهو کيس سمجهي نه سگهيا ۽ مٿس
ڪيترائي الزام ۽ فتوائون جاري ڪندا رهيا. هتي مان
هڪڙو واقعو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.
1972ع
جو واقعو آهي،جڏهن مان ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي هوس.
اسان کي هڪ ڏينهن خبر پئي ته دنيا جو مڃيل مفڪر
سربرٽرئينڊ رسل هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪرڻ جپان ويندي، ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي
رڪيو ٿي. اسان ريڊيو وارن اهو موقعو غنيمت ڄاتو ته
لارڊ رسل جو ڪو انٽرويو رڪارڊ ڪري وٺجي. ڳولي ڳولي
ماڻهو هٿ ڪيوسين جيڪو پاڪستان جي مختلف سفارتخانن
۾ وڏن عهدن تي ڪم ڪري چڪو هو ۽ سندس انگريزيءَ به
کڻي ڪجهه بهتر هئي. اهو صاحب ٺهي سنبري، ٽيپ رڪارڊ
کڻي وڃي
V.V.I.P.
لائونج ۾ پهتو ۽ برٽرئينڊ رسل کان
اجازت وٺي سندس انٽرويو لاءِ جيڪو پهريون سوال
ڪيائين.اهو هن ريت هو:
Sir
Russell what do you think of Kashmir?”.“
(سر
رسل- اوهان ڪشمير بابت ڇا ٿا سوچيو؟)
ان
سوال ٿيڻ شرط سر برٽرئنڊ رسل جو موڊ آف ٿي ويو ۽
خفي ٿيندي نهايت ئي بيزاريءَ مان وراڻيائين:
I
don’t think of kashmir”
“
(مان
ڪشمير بابت نٿو سوچيان يا نه سوچيندو آهيان)
سر رسل
جو خراب موڊ ڏسي اسان جي مايه ناز اڳوڻي سفارتڪار
ٻي سوال پڇڻ جي جرئت ئي نه ڪئي. اسان جو اياز به
نهايت ئي انوکو، نرالو ۽ منفرد نظرياتي سوچ رکندڙ
شخص هو، جنهن کي محدود وطنيت ۽ گٺل پيٺل فرسوده
نظرين جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سراسر حماقت ٿيندي.
جڏهن
گهڻا سال اڳ ماڻهن جي مجموعي مرضيءَ جي خلاف هڪ
غير فطري عمل جي ابتدا ڪندي پاڪستان جي ننڍن صوبن
کي ون يونٽ جي ونگن ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو، تڏهن
اياز شايد سنڌ جي عظيم سپوتن جي پهرين صف جو سپه
سالار هو، جنهن ون يونٽ خلاف لکيو،تمام گهڻو لکيو
۽ نهايت ئي دليريءَ سان لکيو. جهر جهنگ سندس گيت
گونجڻ لڳا. اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ سندس
لکيل ترانا آلاپجڻ لڳا. جيڪي تيشا،تير، تبر ۽
تلوارون بڻجي ون يونٽ ٺاهيندڙن تي وسڻ لڳا. جن جي
آواز کي نعرن، ترانن، گيتن جي گونجار جي روپ ڏيڻ
تي اياز کي ڪيئي ڀيرا جيل ۾ اماڻيو ويو، مگر جيئن
ته اياز سنڌ ڌرتيءَ جو
Committed
سپوت هو، سو نه ته هٻڪيو، نه ڊنو، نه ڊنو پر بار
بار نه رڳو پنهنجا گيت ورجائيندو رهيو، پر نوان
نغمه ۽ نوان ترانا ۽ گيت لکندو رهيو، جيڪي سنڌ جي
سورهيه سپوتن، نينگرن ۽ نينگرين جي حوصلي وڌائڻ ۽
سندس عزم ۽ همت کي هماليه جي بلنديءَ تائين پهچائڻ
۾ ڏاڍا ڪارگر ۽ ڪارآمد ثابت ٿيا.
ڪجهه
سالن کان شيخ اياز جي طبيعت ناساز رهڻ لڳي. هڪ ٻه
دفعا کيس دل جو دورو پيو. سمجهائين ته شايد اٽل
حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس وقت به ويجهو اچي ويو
هو. سندس لهجي ۾ تبديلي آئي. تلخي ۽ ترشيءَ بجاءِ
سندس لکڻين ۾ عاجزي ۽ انڪساري نظر اچڻ لڳي. موت جو
منظر،بخشش لاءِ التجائون، ازلي محبوب سان ميلاپ جي
تمنا ۽ ڪجهه اهڙا اظهار سندس لکڻين اڇي پني تي
اُڪري ويا. سندس عاشق، سندس پرستار سندس ديوانا،
سندس يگانا يار ٿرٿلي ۾ اچي ۽ مٿس مڇرجي پيا. اياز
کي ڇا ٿي ويو. اياز بزدل ٿي ويو. اياز اڻٽيهه پورا
ڪري ٽيهون روزو پڃي وڌو. وغيره وغيره. ائين ڇو
ٿيو، ڇا ٿيو.... هر ڳجهه عجيب و غريب چئوٻول مچي
ويو ۽ اڃا تائين متل آهي ۽ سندس دلي دوست به کانئس
دور ٿيندا ويا...
....
پر هڪ حقيقت جنهن ۾ رتيءَ ماتر به شڪ شبهه ناهي-
سا هيءَ آهي ته اياز هڪ عظيم شاعر آهي ۽ رهندو.
سندس فڪر ۽ فن ايڏو ته اوچو ۽ مٿانهون آهي، جو ان
تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ وڏو وقت درڪار آهي ۽ رهندو.
شيخ اياز امر ٿي چڪو آهي، جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن
۽ پيڙهين لاءِ لاٽ بڻجي کين واٽ ڏسيندو رهندو.
اسان
جو اياز سان گذاريل آخري سال
تاجل
بيوس
سيپٽمبر 1996ع ۾ اسلام آباد کان بدلي ٿي، مون
ڪراچيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي اچي چارج ورتي.
ڪرنگهي جي هڏيءَ جي تڪليف ڪري، مان اڃا سوڌو فزيو
ٿراپي جي مرحلن مان گذري رهيو هيس. هي سلسلو اڃا
سوڌو جاري آهي. ٻارن جي دوري ۽ بيماريءَ جي تڪليف
جي ڪري همدرديءَ طور مون کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو
هو.
هر روز
صبح جو اسپتال وڃي،فزيو ٿراپي جي سَٽن ۽ صعوبتن
مان گذري پوءِ آفيس پهچڻ، منهنجو 1995ع کان معمول
ٿي چڪو هو. فائدو ايترو ٿيو هو جو مون لٺ ڦٽي ڪري،
سنئين سڌي، ماڻهوءَ وانگر هلڻ شروع ڪيو هو. مان
واري شيخ اياز کي منهنجي هن تڪليف جي اڳ ۾ ئي خبر
هئي، جنهن ستار پيرزادي ۽ رکيل مورائي سان گڏجي،
منهنجي خيريت معلوم ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ان
موقعي تي مون اياز جي مان ۾ منجهند جي مانيءَ جو
به انتظام ڪيو، جنهن ۾ مون انعام شيخ، غفار تبسم،
ذُوالفقار سيال، ستار پيرزادي، رکيل مورائي، ادل
سولنگي، هدايت بلوچ ۽ نور احمد ميمڻ کي به مانيءَ
جي ڪوٺ ڏني. ان ڏينهن منهنجي ڏوهٽي (غلام مرتضيٰ
لاشاري جي ڌيءَ) کي ڄائي چوٿون ڏينهن ۽ منهنجي
پوٽي(نديم، تاج جو پٽ) کي ڄائي ٽيون ڏينهن ٿيو هو.
مون ڪڪيءَ جو نالو”سندرتا“ ۽ ڪڪي جو نالو ”اياز
لطيف“ رکيو، جنهن جي پڌرائي سندس لفظن ۾ شيخ اياز
کان ڪرايم. شيخ اياز آسيس وچان ٻارڙن کي هٿن ۾
کنيو ۽ دوستن خوب تصويرون ڪڍيون.
ٻه
ڏينهن مس گذريا ته شيخ اياز فون ڪيو ته تاجل! اچ
ته سمنڊ جو ڪنارو گهمڻ هلون. اهو ٻڌي مون محسوس
ڪيو ته اياز فون ڪري ڄڻ چار سال اڳ واري ماضيءَ کي
موٽايو آهي. اهي چار سال جيڪي مون 1993ع ۾ بدلي ٿي
اسلام آباد جي مارگلا پهاڙين ۾ وڃي گذاريا هئا. ان
ڪري مقرر ڪيل وقت تي اياز کي گاڏيءَ ۾ ويهاري کيس
سمنڊ تي وٺي ويس، جنهن ۾ رکيل مورائي به اسان جو
ساٿ ڏنو. ساحل هوٽل ۾ چٻو ڦٻو ڪري، اياز کي گهمائي
گهٽتائي، گهر پڳو ڪري اسان واپس ورياسون. هي اياز
زندگيءَ جو اهو وقت هو جڏهن اياز ڪراچي جي اسپتالن
۾ بار بار داخل ٿيڻ کان آجو ٿي، گهر رهڻ لڳو هو، ۽
ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو. جنهن لاءِ ڊاڪٽرن کيس کُلي
ماحول ۾ گهمڻ گهتڻ لاءِ صلاح ڏني هئي، اهو ئي سبب
هو جو اياز جي خواهش کي سامهون رکي ۽ سندس زندگي
جي بيماريءَ واري وقت کي ڪٿي، اسين کيس ڪڏهن
سمنڊڪناري ته ڪڏهن چائنا هوٽل ۾ ماني کائڻ، ڪڏهن
سبزيءَ ۽ فروٽ جي دڪان تان ڪدو ۽ پپيتا وٺڻ ته
ڪڏهن ڪلفٽن ۾ ڪتابن جي اسٽال تي وٺي ويندا هئاسون.
اياز جي خواهش جو ان طرح احترام ڪرڻ ۾ مون کي آسيس
اچڻ سان گڏ خوشي به ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته لطيف ۽
اياز اڄ سوڌو منهنجي اتساهه جا ٻه وڏا وسيلا به
رهيا آهن. هونئن به اها اياز جي فياضي ۽ درياهه
دلي هئي، جيڪا مون کي گهلي وڃي سندس آڏو بيهاريندي
هئي.
اياز
وٽ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو وڃڻ سان مون ڏٺو ته اياز ڄڻ
گوشي نشينيءَ واري زندگي گذاري رهيو هو. ڇاڪاڻ ته
ايڪڙ ٻيڪڙ نوجوان اديبن ۽ پرستارن ۽ ڪن آڱرين تي
ڳڻڻ جهڙن جهونڙن کانسواءِ وٽس ڪو به پير ڀري وڃڻ
وارو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. پيارو قاضي منظر حيات، جڏهن
ڪراچي ۾ پڙهندو هو، تڏهن هو شيخ اياز جي وڏي خلوص
سان پرگهور لهندو ڏٺو ويندو هو، جنهن ڪراچي ڇڏڻ
کانپوءِ به اياز کان ڀيرو نه ڀڳو. ان وچ ۾ ستار
پيرزادو اياز جي سار سنڀال لهڻ ۾ لڳي ويو ۽ رکيل
جي جذباتي خواهش تي مون رکيل کي اياز سان ملايو،
جنهن وڏي احترام سان اياز جي ٽهل ٽڪور به ڪئي.
پوئين سال ۾ مون جي جهونڙن اديبن ۽ وڏن ڏاهن کي
اياز وٽ ايندي ڏٺو ۽ ٻڌو انهن ۾ سوڀو گيانچنداڻي،
سراج، محمد ابراهيم جويو، ڄام ساقي، جمال ابڙو ۽
غلام رباني آگرو شامل آهن. مون کي ائين لڳندو هو
ڄڻ سنڌين جي اڪثريت اياز کان ڀيرو ڀڃندي پئي وڃي ۽
اياز به مڙس ماڻهو ٿي گوشائتي مورچابندي ڪري هٿ ۾
لٺ کڻي. ”ايڪانت“ ۽ ”خلوت“ جو مزو ماڻڻ لڳو هو، ان
۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ اياز کي پٺي ڏئي
ويهي رهڻ جا ڪي سبب ضرور هئا جي ستر واري ڏهاڪي ۾
۽ ان کان پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا هئا، پر پوءِ به ان
جو مطلب اهو قطعي نه وٺڻ گهرجي ته اياز جي پنجاهه
کان وڌيڪ ڏنل تصنيفن تي منڌيئڙو ڦيرائي اياز تي
غصي ۽ غضب جو ٺڪر ڀڃجي. هونئن به ڏسون پيا ته قاضي
قادن کان وٺي هيستائين ڪنهن به شاعر جو ٿورو به
پير ترڪيو يا ڪو معمولي عيب نظر آيو ته اسان ان
شاعر يا اديب کي ”ذاتيات“ جي ڌٻڻ ۾ ڪيرائي، ڌڪي
ڌار ڪرڻ ۾ ويرم ئي نٿا ڪريون. ڄڻ ته ويچاري ان
اديب، ادب جي آتڻ تي ڪو ڪاپو ئي نه ڪتيو هو ۽ اسان
خوبين جي بدران خامين جي نشاندهي ڪرڻ ۾ سرخرو
ٿيندا آهيون.
لطيف
کان پوءِ پهريون دفعو اياز اهڙو ته بيت ۽ وائي ڏني
جن مان ”لطيفي لات“ ماکيءَ جي لار وانگر ٽپڪي رهي
هئي. جن ۾ سائنسي سوچ ۽ جديد فڪر جون مشعلون جلڻ
لڳيون هيون. اهو ئي سبب هو جو اسان، مان ۽ فتاح
ملڪ- اياز کي مڃتا ڏيندي ”استاد“ واري لفظ سان
مخاطب ٿيندا هئاسون.
انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ جو وڏو شاعر ورڊس
ورٿ پنهنجن پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن ليڪ ڊسٽرڪٽ
۾ واقع پنهنجي گهر ۾ رهڻ لڳو هو، تڏهن پرستارن جا
وٽس ميڙاڪا متل هوندا هئا. هائيڪوجي جپاني شاعر
باشوءَ وٽ اهڙن ئي چاهيندڙن جا ڳاهٽ ڏٺا ويا هئا.
جن کان تنگ ٿي هن ساڻن ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو
هو. لطيف ۽ سچل وٽ سندن زندگي ۾ جيتوڻيڪ ڳوٺاڻا
سلامي گهٽ ڀرڻ ايندا هئا پر سندن اوتارن ۾ صوفي
فقيرن جا حشام لڳي ويندا هئا. جن ۾ سندس دوست
احباب به شامل هوندا هئا. ان جي ابتڙ اياز جي
مرتئي کان پوءِ اياز بابت ڇپندڙ ڪالمن ۾ اسان جي
ڪن سڄاڻ ۽ ڏکويل عالمن ۽ اڪابرن اظهار ڪيو آهي ته
اسين پاڻ کي ”مرده پرست“ به ثابت نه ڪري سگهيا
آهيون. جڏهن ته اياز جي چئني پٽن جي پهچڻ جي
انتظار ۾ اياز جي خاڪي جسم کي اٽڪل ڇويهه ڪلاڪ
سندس ڪلفٽن واري فليٽ ۾ رکڻو پيو هو. جنهن وچ ۾ هر
ميڊيا تان ويندي ست سمنڊ پار بي بي سي تان به شيخ
اياز جي چولي مٽائڻ جي خبر نشر ٿي چڪي هئي. جنهن
کي هنڌ سنڌ ٻڌو ۽ پوءِ به هيڏي وڏي شاعر جي وڏي
موت تي سواءِ مخدوم جميل الزمان جي سري، وچولي،
لاڙ، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر مان ماڻهن جا هجوم رئندا
رڙندا، ڇتن ۾ ڇائي وجهندا اياز، اياز پڪاريندا
ڪلفٽن نه پهتا نه وري دفن ڪفن جي رسم ۾ سهڻي لطيف
جي نگريءَ پڳا. جن ۾ سيد، توڙي سنڌ سرڪار جا سنڌي
وزير مشير ۽ غير ملڪي نمائندا به شامل آهن. هيءَ
لطيف جي اها نگري هئي جتي ڪراڙ ڪنڌي شيخ اياز جو
خاڪي جسم مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻو هو. وري به ٿورو
گهڻو ڀرم رهجي ويو، جو جيڪي شاعر،اديب ۽ ٻيا ساٿي
هڪ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي واري
تقريب ۾ اچي حيدرآباد گڏ ٿيا هئا، تن پنهنجي هر
ڪرت ڪار کي ڇڏي ٻئي ڏينهن صبح جو اچي اياز جي
جنازي کي ڪُلهو ڏيئي ڪانڌي بڻيا. جن مان ڪي ٽول
پلازا ڄامشورو وٽ گڏ ٿي ايمبولينس جو انتظار ڪري
رهيا هئا ۽ پوءِ مانائتي نموني جلوس جي شڪل ۾ اسان
سان گڏ ڀٽ شاهه پهتا هئا. جن ۾ بيدل مسرور، نصير
مرزا، مدد علي سنڌي، اظهار سومرو، احمد سولنگي،
رکيل مورائي، محمد ابراهيم راڄپر ۽ ٻيا نوجوان
شامل هئا. ان کان سواءِ ڪيترائي اسان جا اديب ۽
شاعر ۽ هڏ ڏوکي حيدرآباد کان ايمبولينس جي پهچڻ
کان اڳ ۾ ئي ڀٽ شاهه پهچي چڪا هئا. سرڪش
سنڌي،تنوير عباسي،حميد سنڌي، عبدالقادر جوڻيجو،
غلام رباني آگرو، خاڪي جويو، اياز گل، ادل سومرو،
آسي زميني، ساجد سومرو، زخمي چانڊيو، زيب نظاماڻي،
عطيه دائود، نثار حسيني، ناز سنائي، مرتضيٰ سيال،
غلام محمد غازي ۽ ٻيا هڏ ڏوکي شامل هئا. افسوس جو
مقام هو، جڏهن ڪراچي کان هلندڙ ايمبولينس جي پٺيان
ٽول پلازا ڄامشورو تائين فقط چار ڪارون هيون، جن ۾
قمر شهباز، حبيب الله ڀٽو، تاجل بيوس، نور احمد
ميمڻ، غفار تبسم، ستار، قاضي منظر حيات، مخدوم
بلاول ۽ هڪ ٻه ٻيا اديب هئا. جڏهن ته اياز جي خاڪي
جسم کي ڪراچيءَ ۾ ڇويهه(26) ڪلاڪ رکڻ ڪري گهٽ ۾
گهٽ اسان کي هڪ سئو گاڏين جي جلوس جي توقع هئي.
مانواري اياز جي دفنائڻ جون به قسم قسم جون خبرون
ڇپجي رهيون آهن، جي ڪجهه تضادن ۽ ڪجهه حقيقتن تي
مبني آهن. هتي اياز کي دفنائڻ لاءِ ڪنهن هڪ جڳهه
جو نه پر گهٽ ۾ گهٽ پنجن جڳهن جو تذڪرو ٿي رهيو
آهي، جيڪي هي آهن: عبدالله شاهه غازي، ميوا شاهه
قبرستان، مڪلي ۽ شڪارپور ۽ ڀٽ شاهه.
مون کي
صبح جو ستين وڳي غفار تبسم فون تي ٻڌايو ته شيخ
اياز لاڏاڻو ڪري ويو. مون ان ئي وقت اياز جي فليٽ
جا ٻئي فون (5660244) ۽ (5660251) گهمايا، جتان ڪو
به جواب نه مليو. بعد ۾ پتو پيو ته گهر جا سڀ ڀاتي
مڊايسٽ اسپتال ويل هئا. مون حيدرآباد وڃي سنڌي
ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ايوارڊ وٺڻ جو پروگرام
ترڪ ڪري حيدرآباد جي جن دوستن جا مون وٽ فون نمبر
هئا سي گهمائڻ لڳس. ناز سنائي ۽ مرتضيٰ سيال کي
چيم ته هو اياز گل ۽ ٻين سان رابطو ڪري شيخ اياز
جي وڏي موت کي مان ڏئي ايوارڊ ورهائڻ جو پروگرام
عارضي طور تي ملتوي ڪري، سڀ جا سڀ گڏ ٿيل دوست هتي
ڪراچي پهچن، جنهن لاءِ جيڪڏهن کين هڪ ڪشادي بس به
ڪرائي تي ڪرائڻي پوي ته تڏهن به هتي ضرور پهچن.
جيئن اياز جي دفنائڻ لاءِ صلاح مشورو به ڪجي ۽
مانائتي نموني هڪ تاريخي قافلي جي صورت ۾ اياز جي
خاڪي جسم کي مٽيءَ ماءُ جي حوالي به ڪري سگهجي.
مون فون ڪري حيدرآباد مان اها به تصديق ڪئي ته
منهنجو مشورو سنڌ ميوزيم حيدرآباد تائين پهچايو
ويو آهي. مٿان خيرپور کان مختيار ملڪ جو فون آيو.
هو اوڇنگارون ڏيئي روئي رهيو هو. نصير مرزا کي فون
تي ساڳيو مشورو ٻڌائڻ لاءِ مون ڪوشش ڪئي، پر رابطو
نه ٿي سگهيو ۽ اهو بار به ناز ۽ مرتضيٰ تي رکي مان
ڪلفٽن اياز جي فليٽ ڏانهن روانو ٿيس. جتي مون کان
اڳ علي احمد بروهي، آغا سليم، سراج ۽ غلام رباني
آگرو اياز جي پٿر تي ويٺل نظر آيا. جنهن جو انتظام
پرنس ڪامپليڪس جي ڪار پارڪنگ ۾ ڪيو ويو هو. ڪا جهٽ
ويهي، مان مٿي چوٿين ماڙ تي ڀاڄائي زرينه اياز کي
آٿت ڏيڻ ۽ ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هليو ويس. جتي غلام
رباني آگرو به اچي پهتو. ڀاڄائي زرينه ۽ اياز جون
ڌيئرون ۽ ڏوهٽيون اوڇنگارون ڏيئي پار ڪڍي رهيون
هيون. ادي زرينه آگري ۽ مون کي ڏسي چوڻ لڳي.
”ادا!
اوهان اياز جا دوست آهيو، اياز ته مون سان صدين جي
ساٿ ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا. اوهان ٻڌايو ته اياز
مون کان ڇو وڇڙي ويو؟“
آگري
صاحب همت ٻڌي آسيس وچان ادي زرينه جي مٿي تي هٿ
رکي کيس صبر ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مان پنڊ پهڻ بڻجي ڀڳل
اکين سان اياز جي ماضي، حال، مستقبل جي ويچارن ۾
ويڙهجي ويس. ڪجهه لمحن کان پوءِ مون ادي زرينه کان
پڇيو ته ڀيڻ! دفن ڪفن جو ڪٿي سوچيو اٿو، اياز جي
ڪا وصيت لکت ۾ يا زباني؟ جنهن تي ڀيڻ زرينا ٻڌايو
ته ادا! اياز جي مرضي عبدالله شاهه غازي تي دفنائڻ
جي هئي ۽ اهائي منهنجي به مرضي آهي پر اسان جا ڪي
عزيز ميوا شاهه قبرستان لاءِ به چون ٿا. مون ڀيڻ
زرينا کان سوال ڪيو ته ميوا شاهه قبرستان سان اياز
جو ڪهڙو واسطو آهي، ۽ عبدالله شاهه غازي واري
پهاڙي فقط عبدالله شاهه ۽ ڪي عزيز اقارب ۽ سندس
پيارا رکيل آهن ۽ اتي ته قبرستان نالي ماتر به
ناهي. جيئن ته ڀيڻ زرينه نمازڻ ۽ پرهيزگار آهي
جنهن جو پيرن فقيرن تي پڪو پختو ويساهه آهي، ان
ڪري سندس ذاتي خواهش اياز کي عبدالله شاهه غازي
تي دفنائڻ جي هئي. هيٺ لهي مان وري به پٿر ۾ شريڪ
ٿيس ۽ ايئن ابراهيم جويو، قمر شهباز، قاسم ٻگهيو ۽
ٻيا دوست احباب ايندا ويا.
شيخ
اياز جي دفنائڻ واري هنڌ تي ڳالهائيندي ڪن دوستن
ٻڌايو ته اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“
۾ لکي. وصيت ڪري ويو آهي ته مرڻ پڄاڻان کيس
شڪارپور واري اباڻي قبرستان ۾ سندس ڀيڻ جي ڀر ۾
دفنايو وڃي. ڪن چيو ته جوئي صاحب جي مرضي آهي ته
اياز کي ڀٽ شاهه واري قبرستان ۾ لطيف جي ڀرسان
دفنائجي. ڇاڪاڻ ته اها ئي اياز جي وصيت هئي. جنهن
تي قمر شهباز چيو ته کيس ڀيڻ زرينه وٽ محفوظ وصيت
وڌيڪ وزنائتي ٿي لڳي. ان ڪري اياز کي هتي ڪراچيءَ
۾ عبدالله شاهه غازي ڀرسان دفنايو وڃي. سندس ڏاڍا
وزنائتا دليل هئا. جي هن طرح هئا: ”اسان اياز جي
مرتئي کان پوءِ سندس الڳ مقام ڏسڻ ٿا چاهيون ۽
اياز جي سهاري اسان هتي ڪراچي ۾ وڏا ميڙاڪا مچائڻ
ٿا گهرون. اسان کي اهو به فائدو ٿيندو ته گهڻا
سنڌي ڪراچي لڏي اچي رهن، جن جي اسان کي ضرورت به
آهي ۽ اياز جي مرتئي کانپوءِ اسان جي دلين ۾ اياز
جي سندس زندگيءَ ۾ تيار ڪيل تصوير جي ابتڙ هڪ
انوکي تصوير ٺهڻي آهي. جنهن جي ڪراچي ۾ اسان سنڌين
کي اشد ضرورت به آهي. قاسم ٻگهئي، قمبر شهباز جي
ابتڙ ڀٽ شاهه تي دفنائڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته
اياز کي ڪراچي کان حقارت هئي.قاسم مون کي چيو ته
تاجل! اسان کي تنهنجو رايو وزنائتو لڳندو، ان ڪري
تون پنهنجي تجويز ٻڌاءِ ته اياز کي ڪٿي دفنائجي؟
مون قاسم ٻگهئي کي چيو ته اياز جي روح کي تڏهن
تسڪين ملندي، جڏهن کيس لکت ۾ وصيت موجب يا ڀيڻ
زرينا جي انڪشاف تي عبدالله شاهه غازي جي ڀرسان
دفنايو وڃي.
مون
قاسم ٻگهئي کي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان مئي پڄاڻان شيخ
اياز کي بيساکين جي سهاري نٿا هلائڻ چاهيون، ۽
نڪي سندس ادبي قد ۽ قامت ايڏو ننڍو آهي جو کيس
ڪنهن وڏي شاعر وٽ هلي پناهه وٺرايون، ان ڪري مرتئي
کانپوءِ اسان شيخ اياز کي هڪ منفرد حيثيت جو مالڪ
ڏسڻ ٿا گهرون. ڇڏيو ته اياز پنهنجن لکڻين جي حوالي
سان پنهنجو مقام پيدا ڪري ۽ ”ڪلاسڪس“ جون منزلون
طئه ڪري،پر جيڪڏهن ڪنهن به مصلحت کان ايئن نه ڪيو
وڃي ته پوءِ اياز جي خاڪي جسم کي دفنائڻ جا منهنجي
سامهون ٻه مانائتا ۽ تاريخي هنڌ آهن. سڀ کان اول
ترجيحي طور ڀٽ شاهه تي، ۽ پوءِ مڪلي واري تاريخي
قبرستان ۾. مون ڏٺو ته قاسم ٻگهئي جي دل تي ٿڌا
ڇنڊا پوڻ لڳا هئا.
شيخ
اياز جي خاڪي جسم کي جڏهن ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ آلين
اکين سان سندس گيتن جي گونجار ۾ دفنايو ٿي ويو،
تڏهن مان دل ئي دل ۾ حميد آخوند کي جس ڏيڻ لڳو هئس
۽ چئي ويٺو هيس ته هي اها نگري آهي جتي جيڪڏهن مون
کي جيئري ئي دفنايو وڃي ته هوند مان پنهنجو لوڙهه
پنهنجن هٿن سان ئي لٽڻ شروع ڪيان، ۽ پوءِ 1998ع
سال جي پهرئين ڏينهن تي اياز کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ
ڪجهه بيت ۽ اياز جي غزل”ڏور ٿيندا وڃن روز
جوڳيئڙا“ جي ردم ۽ طرز کي ذهن ۾ رکي،جهونگاريندي،
هيٺيون غزل ٺاهيو هو:
روحُ
رت ڇاڻ هو، تندُ تڙپي هئي
ڪالهه
ڪَراڙ تي، سنڌ سُڏڪي هئي.
مون
ٻڌو اوچتو، ڪونج- ڪُرلاو ۾
سَرَ
مٿان او سڄڻ! سار تنهنجي هئي
اڄ به
توکي جڏهن، ساٿ ساريو هئو
گرهه
پيو هو ڪري، آئي هڏڪي هئي
ڪالهه
اياز! تنهنجي ٿڌي جسم تي
واءُ
ورکا ڪئي، جوت جرڪي هئي
سنڌ-
ماتا جي هر، هر اَمرُ هنج ۾
ٿا
چون: اک تنهنجي ۾ ڦرڪي هئي
سمنڊ
جي شور ۾، اُڃ اوساٽ ۾
رات
روئي ڏنو، ڏات ڏُسڪي هئي،
ڏاڍ جي
ڏيهه جا، بُرج ڀورا ٿيا
تو
جڏهن ڪا به هڪ سٽ سرجي هئي.
ڪنهن
ته ”بيوس“ چيو ٿي ته ڀٽ شاهه تي
يار
ننڊ ۾ هُئو، بند کڙڪي هئي.
(6
جنوري 98ع روزانه ڪاوش)
اياز-
ويهين صديءَ جو
وڏي ۾
وڏو شاعر
سحر
امداد
مون
جڏهن جڏهن به هُن کي پڙهيو هوندو، اَٿاهه عقيدت
مان پڙهيو هوندو. مان جڏهن جڏهن به هن سان ملي
هونديس، انتهائي آڌر ۽ احترام سان ملي هونديس. مون
جڏهن جڏهن به هن تي لکڻ چاهيو هوندو آڪا سَنهه
اُوچو ئي لکڻ چاهيو هوندو. ان خوف کان مان لکڻ کان
سدائين ڊني هونديس ته، مان هماليه جي پکيڙکي
پنهنجين سٽن ۾ سمائي نه سگهنديس.
شيخ
اياز سج جي سونهري مس ۾ قلم ٻوڙي،سونهري سِٽون
سرجيون ۽ اهي سونيون سِٽون هن مُٺيون ڀري ڀري اسان
تي ورکايون. هن ستارا ستارا گيت چيا ۽ موٽ ۾ ڪجهه
به نه طلبيو:
”ايترا
گيت ستارن نه ٻڌايا آهن
جيترا
گيت اوهان لاءِ مون ڳايا آهن.“
اياز
جي شعر ۾ جا مڌرتا آهي،اياز جي سٽ ۾ جا سيتلتا آهي
۽ هن جي احساس ۾ جا ڪوملتا آهي. هن جي تخيل ۾ جا
نرملتا آهي، سا صرف اياز جو ئي مرڪ آهي. اياز جي
نه رڳو شعر پر هن جي نثر ۾ جا پُرڪاري آهي ۽ هن جي
نثر ۾ جا شاعري سمايل آهي. اهڙي ڏات ته ورلي ڪنهن
کي نصيب ٿيندي آهي. شيخ اياز زندگيءَ جي آخري لمحن
تائين فقط هڪڙو ئي ڪم ڪيو:لکڻ جو ڪم. راتيون جاڳي
لکڻ ’اياز وٽ ان اجائي وڃايل زندگيءَ جو ڪفارو‘
هو.
لطيف
سائين چيو هو:
”راتڙيون جاڳن جي، سي آءُ ڪندڙي سيڻ“
ڇا
اياز ۽ لطيف ٻئي سڄڻ سيڻ هئا؟ ڇا سچ پچ اياز لطيف
جو نئون جوڻ ته نه هو!
”جهان
ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان،
پُڇي
ڏسين ته ڀلي چنڊ کان پڇي ڏس تون!“
شيخ
اياز ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ نثر نويس
هو. اها ڳالهه مان سموري دنيا جي حوالي سان ڪيان
ٿي. هو اسان جهڙي بي حس ۽ بي وڙي قوم ۾ پيدا ٿيو.
جا پنهنجي هيرن جو قدر سندن جيئري نه ڪندي آهي.پر
اها يقينا اسان جي سڀاڳائي آهي جو اسان جهي نردئي
ماڻهن منجهه اياز جهڙي جينئس (genius)
جنم ورتو. رابندر ناٿ ٽئگور ڀاڳ وارو هو، جنهن کي
W.B.
Yeats
جهڙو ٽرانسليٽر مليو. پر ٽئگور جهڙي شاعر کي
ٽرانسليٽ ڪرڻ خود
Yeats
لاءِ
به شرف جو مقام هو. جيڪڏهن اڄ به هتي جو حاڪم
فرنگي هجي ها، ته اهو عين ممڪن آهي ته برصغير ۾
بنگاليءَ کان پوءِ ادب جو نوبل پرائيز سنڌيءَ جي
شيخ اياز کي ملي ها!
شيخ
اياز: ڊڪٽيشن نه وٺندڙ شاعر
ولي
رام ولڀ
موت
ازل کان زندگيءَ جي ڪڍ لڳل آهي. زندگي پنهنجي
جياپي لاءِ موت کان گوهيون ڏيندي رهي ٿي پر آخرڪار
موت جو کاڄ بنجي وڃي ٿي. زندگي فنا ٿيو وڃي ۽ موت
هر وقت بقا پايو وڃي. فنا کي بيشڪ بقا آهي، پر
زندگي فنا اڳيان گوڏا کوڙيا، زندگي بهرحال رک جي
ڍير مان فينڪس وانگر جيئري ٿي اٿي ٿي ۽ موت تي
لکين لعنتاڻا ڏيئي روان دوان رهي ٿي. زندگي مري
ويئي- زندگي زندهه آباد.
اياز-
ديهه ڌاري اياز مري ويو ۽ مٽيءَ جي هنج ۾ هميشه
لاءِ آرامي ٿي ويو، هو پنهنجون نيڪيون بديون پاڻ
سان کڻي ويو. جڏهن سندس قبر جي مٽي سُڪي ويندي،
سندس جسماني نشان رک سان ملي رک ٿي ويندا،سندس سڄڻ
دشمن پنهنجي محبتن نفرتن سان عدم ڏانهن هليا ويندا
ته سندس فن ۽ فڪر پويان رهجي ويندا ۽ جرڪڻ لڳندا.
مٿانئن محبتن ۽ نفرتن جي دز هٽي ويندي ۽ مستقبل جي
پيڙهيءَ جي اکين تان تعصب جا چشما لهي ويندا. اهي
صاف فضا ۾ سندس تحريرن کي صاف ۽ چٽو ڏسي سگهندا ۽
سموري مواد جي تڏهن صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندا.
محبتن ۽ نفرتن جو گوڙ هل جهڪو ٿي ويندو. گاڏڙ ساڏڙ
پاڻي آٺرجي ويندو ۽ صاف شفاف پاڻيءَ ۾ هر شيءِ چٽي
ٿي بيهي رهندي.
۽ تڏهن
منهنجو ويساهه آهي ته شيخ اياز جي ڀسم ٿي ويل
فِينڪس پنهنجي رک مان وري نئين روپ ۾ جاڳي اٿندو،
جيئن لطيف جي فينڪس جي رک مان خود اياز اٿي آيو
هو.
مون
اياز جي دور ۾ اکيون کوليون هيون، مون به انهيءَ
دور ۾ ادب کي پڙهڻ سکيو هو ۽ سندس ادبي مهانتا،
سندس ادبي تخليقن وسيلي ڄاتي هئي”مهراڻ ۾ سندس
شاعري ۽ ادبي خطن وسيلي اياز جي نالي کان اڳ ۾
شناسائي ٿيل هئي، پر سندس نالي جي ڌاڪ تڏهن محسوس
ٿي، جڏهن 1962ع جي آخر ڌاري، مٺي جهڙي ڏورانهين ۽
پس مانده علائقي ۾ پنهنجي دوست ۽ ڳوٺاڻي نارائڻ
شرما مون کي اياز جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو
”ڀونري ڀري آڪاس“ پڙهڻ لاءِ ڏنو. ان زماني ۾،
نارائڻ شرما ۽ سروپ چند شاد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪري رهيا هئا. ٻئي شاعر
هئا، حيدرآباد ۾ ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندا هئا ۽
شيخ اياز جي شاعريءَ کان متاثر هئڻ ڪري اڪثر سندس
ذڪر ڪندا هئا. آئون تڏهن کپري، ننگر پارڪر،
مٺي،اسلام ڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ ٻيلي کاتي ۾ نوڪري
ڪندو هئس ۽ ادب پڙهڻ جي حد تائين، رسالا ۽ ڪتاب
خريد ڪري پڙهندو هوس ۽ انهن ۾ شيخ اياز جو مجموعو”
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ڇپجي آيو، جيڪو سندس پنجاب جي
مٿئين علائقي، اروڙ ۽ بنگال جي سفر دوران مشاهدن ۽
شاعرانه تخليقي اڏام متعلق هو. انهيءَ ڪتاب ايڏو
موهي وڌو جو، اهو ڪتاب مون سان هميشه ساڻ رهندو هو
۽ دوستن وچ ۾ پڙهي ٻڌائيندو هوس.
جلد ئي
پوءِ حيدرآباد مان طارق اشرف ٺيٺ ادبي مخزن،
”سهڻي“ شايع ڪرڻ شروع ڪيو، ان کان اڳ حميد
سنڌي”روح رهاڻ“ به جنهن ۾ ادب ۽ قوميت جي رنگ جي
آميزش هئي،جاري ڪيو هو. ٻنهي مخزنن پنهنجي پنهنجي
طور ادبي پليٽ فارم تيار ڪيو. جنهن تان سنڌي، ادب
جي اڏام جو اهتمام ٿيو. روح رهاڻ جي سالياني جشنن
۾ شيخ اياز جي دل گرمائيندڙ ۽ ڌرتيءَ جي محبت جي
رنگ ۾ رنگيل شاعري قوم پرستيءَ جي تحريڪ کي حوصلو
ڏنو. اياز جڏهن پنهنجي شاعري جشن ۾ تحت اللفظ ۾
روانيءَ سان پڙهندو هو ته دريا جو بند ٽٽي پوندو
هو. سندس شاعري کي جڏهن فقير عبدالغفور ۽ جيجي
زرينه جا سر ملندا هئا ۽ اها سنگيت بنجي جڏهن فضا
۾ گونجندي هئي ته عجيب سحر انگيز سمان ٻڌجي ويندو
هو ۽ ” جيئي سنڌ“ جا نعرا ماحول کي وڌيڪ جوشيلو ۽
پر اميد بڻائي ڇڏيندا هئا، اهي آواز پڙاڏو بنجي
رات جو دير تائين ڪنن ۾ گونجندا رهندا هئا. تڏهن
شيخ اياز حقيقي ڪردار کان وڌيڪ هڪ اهڙو پراسرار ۽
معجزاتي ديو آتما لڳندو هو، جنهن سان ذاتي طور ملڻ
جو تصور ڪرڻ کان وڌيڪ ڏور کان ڏسڻ جي سحر ۾ ورتل
هوندو هوس.
1967ع
دوران آئون حيدرآباد ۾ رهن لڳس ته طارق اشرف، ظفر
حسن، غلام نبي مغل، مدد علي سنڌي ۽ امر جليل سان
سڃاڻپ ٿي، سواءِ ظفر حسن جي ٻيا گهڻو ڪري گاڏي
کاتي ۾ سهڻي پريس جي آسپاس رهندا هئا. انهيءَ
ماحول ۾ مون کي طارق اشرف سان سندس ”سهڻي“ لاءِ ڪم
ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ساڻس وڌيڪ ويجهائپ ٿي. ان
زماني ۾ مون ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“ ترجمو ڪيو
هو ۽ طارق اشرف پنهنجي اشاعتي اداري ” اداره ادب
نو“ پاران ان کي ڇپائي رهيو هو، انهيءَ ترجمي جو
مهاڳ امر جليل لکيو هو ۽ چاهيم ٿي ته اهو ترجمو
سنڌي ادب جي مهندار شخصيت، شيخ اياز کي ارپڻ
ڪريان. ان لاءِ هڪ ته شيخ اياز سان منهنجي ذاتي
ڏيٺ ويٺ نه هئي ۽ ان زماني ۾ طارق اشرف ۽ شيخ اياز
وچ ۾ هلڪو سلڪو ڪجهه ادبي ڪجهه ذاتي اختلاف پڻ
هو، جنهن ڪري پاڻ نٿي چاهيائين ته اداري جو ڪتاب
ڪو شيخ اياز جي نالي ارپيو وڃي. تنهن ڪري مون
ناشاد سان صلاح ڪري شيخ اياز جي منظوري وٺي ڏي،جو
طارق اشرف منهنجي ذهن تي سندس باري ۾ اهو تاثر
ويهاري ڇڏيو هو ته شيخ اياز نهايت مغرور ماڻهو
آهي. اول ته هو توکي جواب ئي نه ڏيندو، پر جيڪڏهن
ڏنائين ته انڪار ۾ هوندو. بهرحال خط جو جواب مون
کي هاڪاري مليو ۽ مون ارپڻا جا لفظ لکي طارق اشرف
جي حوالي ڪري ڇڏيا. پر جڏهن ترجمو ڇپيو ته منجهس
اهي لفظ ڇپيل نه هئا، منهنجي دل جي خواهش دل ۾ ئي
رهجي ويئي.
شيخ
اياز پنهنجي وڪالت جي پيشي سان گڏ،شاعري ڪندو رهيو
۽ سندس ڪتاب شايع ٿيندا رهيا. سندس شاعري ڳائبي
رهي ۽ شاگردن،اديبن ۽ شاعرن جا روح گرمائيندي رهي.
ڪابه گڏجاڻي، محفل ۽ ڪانفرنس اهڙي ڪانه هئي، جنهن
۾ ڪنهن به حوالي سان سندس چئوٻول نه هجي. هو
پنهنجي تخليقن جي ڪري جيل ياترائون ڪندو رهيو. کيس
شهر نيڪاليون ملنديون رهيون، سندس ڪتابن تي بندشون
پونديون رهيون، مخالف گروهه ۽ طبقا مٿس دهريو،
ملحد، ڪافر ۽ واجب القتل جون فتوائون ڏيندا رهيا.
محمد ابراهيم جويي جا مهاڳ، رسول بخش پليجي جو
”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر“ ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن،شاعرن ۽
ليکڪن پنهنجي تحريرن ۾ سندس شاعريءَ جي ساراهه جا
ڍڪ ڀريا ۽ چيائون ته شيخ اياز جي شاعري اصل ۾ سنڌ
جي آرزوئن ۽ امنگن جو آواز آهي. شيخ اياز جي قلم
جي رفتار تيز کان تيز تر ٿيندي ويئي.
اسيءَ
جي ڏهاڪي دوران شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر مقرر ٿيو، پر اهو دور تڪراري بنجي ويو. سنڌ
يونيورسٽيءَ جي مزاج ۽ توقعات تي سرڪاري ٻنڌڻن ۾
ٻڌل شيخ اياز پورو نه لٿو. هو سموري انتظامي ڍانچي
کي مربوط رکي نه سگهيو. سندس شاعري، جا قوم
پرستيءَ جي جذبي کي زندهه رکڻ لاءِ پڙهي ۽ ڳائي
ويندي هئي. ڪئمپس تي طعنو بنجي ويئي ۽ شيخ اياز
قابل قدر ۽ اهم تخليق ڏيئي نه سگهيو، اياز لاءِ
سنڌ يونيورسٽي سندس آدرش هئي، جتي هو ڏاڍي چاهه ۽
حوصلي سان سپنن کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ آيو هو، پر
ٻئي ڌريون جدا ڏسائن ۾ ڏسڻ ۽ هلڻ لڳيون هيون.
منهنجي خيال ۾ يونيورسٽيءَ جي موجوده صورتحال جيڪا
اسان هينئر ڏسون ٿا، اها ان وقت جي بيمار ۽
ڪوتاهه نظر حڪمت عمليءَ جي سبب ۾ ڳولهي سگهجي ٿي،
جلدي شيخ اياز يونيورسٽيءَ کان سبڪدوش ٿيڻ کان
پوءِ، سکر وڃي پنهنجي وڪالت سان لڳو ۽ شاعريءَ سان
ڳانڍاپو رکيائين. ان وقت کان وٺي آخري پساهه
تائين سندس تحريرون هزارين صفحن تي پکڙيل آهن جيڪي
سندس ڪرم يوگي جيون جي ڀيٽ ۾ کيس هڪ مهان گيان
يوگي جي اوچي پد تي پهچائين ٿيون ۽ ننڍي کنڊ جي
وڏي شاعر ٽئگور سان گڏ ٿيون بيهارين. ٿي سگهي ٿو
ته اها راءِ منهنجي جذباتي وابستگيءَ جو اظهار
هجي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ شاهه لطيف کان
پوءِ شيخ اياز ئي سنگ ميل آهي، هو هڪ اهڙو گهاٽو
بڙ آهي، جنهن جي ڇانءَ هيٺ ڪيترائي ٻوٽا اڀرندا،
ڦٽندا، اُسرندا ۽ وڌي وڻ ٿيندا، پر سندس قد تائين
ڪو به نه پهچندو، جيستائين ٻيو ڪو تناور وڻ مڙسان
مڙسي وانگر آسمانن تائين اوچو ٿي وڃي.
منهنجي
ذهن تي اياز جي شخصيت جي اوچائي ايڏي ڇانيل رهي
جو هڪ عقيدتمند يا سندس شعري شخصيت کان مرعوب
ٿيل حيثيت ۾ ڪڏهن ويجهو وڃي نه سگهيس. ادبي حلقن
۾ سندس ذڪر شوق سان ٻڌندو هوس پر همٿ ڪري وٽس
وڃي قربت حاصل ڪري نه سگهيس، تان جو سنڌي ادبي
سنگت سنڌ پاران منهنجي نياڻي پشپا ولڀ کي 1 جنوري
1987ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سندس هٿان ايوارڊ
مليو. جتي شيخ اياز کي پنهنجي شاعريءَ ٻڌائڻ تي
پرجوش داد مليو. آئون انهيءَ تقريب ۾ حاضرين واري
حصي ۾ موجود هئس ۽ مون به رکي رکي داد پئي ڏنو.
منهنجي ڀرسان پشپا ويٺل هئي، انعام ورهائڻ جي
تقريب دوران پشپا کانئس ايوارڊ وصول ڪيو. تقريب
جي پڄاڻي ٿي ته اسان پنهنجي گهر پهچي وياسين. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ نور احمد خواجي سان منهنجي ملاقات
ٿي، هو شيخ اياز جو بيحد عقيدتمند دوست آهي.
سندس تصويرون ٺاهيون اٿس، سندس پروگرامن کي وڊيو
ڪيو اٿس. اشاعتي ادارن ۽ رسالن کي سندس ڪلام جي
چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ سندس ويجهو رهيو آهي ۽
ڪيترن ئي ذاتي معاملن ۾ هو سندس همراز ۽ گهڻ گهرو
سڄڻ رهيو آهي. هن مون کي سندس ڪيتريون ڳالهيون
ٻڌايون ۽ چيائين ته سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊن
واري تقريب ۾ نه ته تو سندس شاعريءَ تي کيس داد ٿي
ڏنو ۽ نه ئي وري ساڻس ملئين. اتي مون کي خبر پئي
ته آئون ڪيئن نه شيخ اياز جي نگاهه ۾ هئس ۽ مهنجي
پاران ڀرپور داد نه ڏيڻ تي دل ۾ محسوس ڪيو
هئائين. مون زباني طور مٿس واضح ڪيو ته اصل ۾ آئون
هڪ اهڙو معتقد هئس، جنهن پنهنجي محبوب شاعر جي
نظر کان پري، ساڻس سندس تخليقن سان پيار ٿي ڪيو.
اهو پڻ ٻڌايم ته سندس شاعري شروع کان وٺي منهنجي
اڀياس هيٺ رهي آهي، جنهن مون کي هميشه سندس ويجهو
رکيو آهي. مون هميشه سندس هر تحرير ڳولهي پڙهي آهي
۽ سندس هڪ هڪ ڪتاب ڳولهي هٿ ڪيو آهي ۽ ساهه سان
سانڍي رکيو آهي. اهڙو اظهار مون پنهنجي 6
فيبروري 1994ع واري خط ۾ به ڪيو آهي جيڪو مون کيس
لکي موڪليو هو ۽ روزنامه برسات جي 19 مارچ 1994ع
۾ ڇپيو هو.
اڄ
جڏهن شيخ اياز هن سنسار ۾ موجود ناهي ۽ ساڻس ڪنهن
ملاقات جو ڪو امڪان ناهي ته سندس باري جون
يادگيريون مڙي ذهن تي اچن ٿيون. کيس ويجهڙائي کان
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو منهنجي جهوني دوست مدد علي
سنڌيءَ جي گاڏي کاتي واري گهر جي ڊرائنگ روم ۾
مليو هو، جتي اڪثر اديبن جا ميڙاڪا ٿيندا رهندا
هئا. شيخ اياز جي ڪيل ڳالهه ٻولهه ۽ سندس اکين جا
مقناطيسي ڇڪ ۽ چرپر اڄ به ذهن تي نقش آهي. مون کي
ادبي حوالي سان چڱي طرح سڃاڻي ٿو، هن اتي منهنجي
ادبي پورهئي کي ساراهيو هو.
انهيءَ
عرصي دوران سندس باري ۾ خبرون پونديون هيون يا
آئون سندس باري ۾ ڄاڻ رکندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن مختلف
هنڌن تي سندس شاعريءَ ۾ تبديل ٿيل رخ جو ذڪر ٻڌبو
هو ۽ سندس مذهبي بنجي وڃڻ کي ننديو ويندو هو ۽
اسٽيج تي تقريبن ۾ سندس شاعري پڙهڻ کان منع ڪرڻ
جا واقعا ٿيندا هئا، پر شيخ اياز ڪنهن جي پرواهه
ڪرڻ کان سواءِ اها شاعري ڪئي جنهن جي کيس اندر
مان ترغيب ملندي هئي. هن انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن جي
ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي ۽ نه ئي لوڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ
ڪنهن مصلحت پسندي کان ڪم ورتو. |