ڊسمبر
1987ع جي آخري ڏينهن ۾ ڀيڻ ماهتاب محبوب جي گهر تي
شيخ اياز جي مان ۾ جن چونڊ ليکڪن کي ڪوٺيو ويو
هو، انهن ۾ آئون به هئس مون کي سندس ڀرسان ويهڻ
جو موقعو مليو. هو بيحد انهماڪ سان مون سان عالمي
ادب، شاعري ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهائي رهيو هو.
اپريل 1988ع ڌاري مون سڌ الاجي جوائن ڪئي.
عبدالقادر جوڻيجي جي ڊائريڪٽريءَ واري ايام ڪاري
دوران هو هڪ ڀيري جويي صاحب وٽ ترسيل هو ۽ ڏندن جو
علاج ڪرائي رهيو هو ته هڪ اڌ ڀيرو سنڌ الاجيءَ ۾
به آيو. اتي منهنجي سنڌ الاجيءَ ۾ پبليڪشن آفيسر
طور تقرريءَ کي ساراهيو هئائين ۽ مون تڏهن کيس
بمبئي مان شايع ٿيندڙ ڪونج مخزن کيس تحفي طور ڏنو
ته ڏاڍو خوش ٿيو هو. انهيءَ شماري ۾، جيتري قدر
مون کي ياد آهي ته نصير مرزا جو سندس باري ۾ لکليل
آرٽيڪل شايع ٿيل هو.
جلد ئي
1989ع جي آخري ڌاري، طارق اشرف پنهنجي”سهڻي“ مخزن
جو ”اياز نمبر“ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن اياز
نمبر شايان شان نموني شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي
جاکوڙ ڪئي ۽ مختلف اديبن سان رابطو ڪري اياز جي
مختلف پهلوئن تي مقالا لکرائي رهيو هو. هڪ ڏينهن
مون کي چيائين ته شيخ اياز پنهنجي ٿر جي پس منظر ۾
ڪيل شاعري تي مقالو لکڻ لاءِ تنهنجو نالو تجويز
ڪيو آهي ۽ چيو اٿس ته آئون ئي انهيءَ موضوع لاءِ
موزون رهندس. مون لاءِ سچ پچ اهو هڪ اعزاز هو. مون
اهو مقالو لکي جڏهن طارق اشرف جي حوالي ڪيو ته هن
اهو شيخ اياز کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. شيخ اياز اهو
مقالو نه رڳو پسند ڪيو پر اهو به چيائين ته ولي
رام کي چئجو ته تو واقعي چڱي محنت ڪري انصاف ڪيو
آهي. اها ڳالهه شيخ اياز گهڻو پوءِ مون کي خود
روبرو چئي پٺي ٺپي هئي، اهو مقالو”سهڻي“ جي اياز
نمبر ۾ مارچ 1990ع ۾ شايع ٿيو ۽ عبدالقادر منگيءَ
پنهنجي سهيڙيل ڪتاب ”ٿر“ ۾ نامڪمل صورت ۾ شايل
ڪيو.
14 جون
1996ع تي سوامي نارائڻ مندر ڪراچيءَ ۾ ڀڳت ڪنور
رام انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ ۽ مقالو پڙهڻ
لاءِ ڪوٺ هئي. شيخ اياز پڻ ستار پيرزادي سان گڏجي
پنهنجو مقالو پڙهڻ آيو هو. مون سان منهنجو پنجن
ورهين جي ڄمار جو ڏوهٽو به گڏ هو. اسان اڳين سيٽن
تي ويٺا هئاسين. ڪانفرنس جي ڪارروائي سنت ساڌرام،
گادي نشين سنت سترام رهڙڪي واري جي انتظام ۾ رڪيل
هئي. شيخ اياز هميشه مهمان خصوصي جي حيثيت ۾
تقريبن ۾ شامل ٿيندو هو. هو حاضرين سان گڏ ويهڻ ۽
ٻئي ڪنهن جي انتظار ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ان کان
سواءِ مسلسل بيمار رهڻ ڪري هو ڏاڍو ڪمزور ۽ ضعيف
ٿي ويو هو، تنهن ڪري اتاولو ٿي مون کي چيائين ته
آئون هاڻي وڃان ٿو ۽ پنهنجو مقالو توکي ڏيئي ٿو
وڃان. تون پڙهي ڇڏجان، نه ته ڪانفرنس جي منتظيمن
کي چؤ ته ڪارروائي شروع ڪن ته مقالو پڙهي هليو
وڃان، مون شيخ صاحب کي ڪجهه دير ترسڻ لاءِ چيو ۽
هوڏانهن وري منتظمين کي چيم ته اوهان کي خبر آهي
ته اوهان شيخ اياز کي مناسب حيثيت سان نه
ويهاريو آهي. ڪافي دير ٿي وئي آهي. اهو پاڻ اوهان
شيخ اياز کي انتظار ڪرائي شايان شان سلوڪ نه پيا
ڪريو.منتظمين تنهن تي ڀڳت ڪنور رام جي تصوير جي
صدارت هيٺ ڪارروائي شروع ڪئي ۽ شيخ اياز پنهنجو
مقالو پڙهيو. پنهنجي جاءِ وٺڻ کان پوءِ مون کي
چيائين ته ڀڳت ڪنور رام کي هندوخاني ۾ رکي پوءِ
اها ڪانفرنس ڪوٺائي اٿن، جيڪا انهن لاءِ مناسب
ناهي. هو ته سنڌ جي هندو- مسلم ڀائيچاري جو اهڃاڻ
هو. هندو اها وڏي غلطي ڪن ٿا، ايتري ۾ سنت ساڌ رام
پهچي چڪو هو ۽ شيخ اياز کي تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج
تي سڏي پاکر پارائي ويئي ۽ شيلڊ ڏني وئي.
ڪانفرنس جي ڪارروائي شروع ٿيڻ جي انتظار دوران
ننڍڙو راهل، جيڪو شيخ اياز جي مرتبي کان بي خبر ۽
معصوم، صوفي جي ڀرسان سندس لڪڻ کي دلچسپيءَ سان
ڏسي رهيو هو، تنهن انهي سان کيڏڻ شروع ڪيو. شيخ
اياز کيس پيار مان منع نه پيو ڪري پر راهل بي
نيازيءَ سان لڪڻ کڻي ڪڏهن اڳيان ته ڪڏهن پويان
کنيو ٿي ويو ۽ شيخ اياز جو ڌيان اوڏانهن کڄي ٿي
ويو ۽ چيائين ته ” منهنجو لڪڻ؟! بابا حرڪت نه ڪر.“
راهل لڪڻ رکي ٿي ڇڏيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري ٿي
کنيائين ته شيخ اياز جي ڳالهه جو سلسلو ٽٽي ٿي
ويو ۽ لڪڻ رکي ٿي ڇڏيائين.، راهل ۽ شيخ صاحب جي
اها راند ڏاڍي دلچسپ هئي ۽ مون کي ان مهل شيخ صاحب
جي عمل ۾ معصوميت بکڻ لڳي، جيڪا هڪ ٻار ۾ هوندي
آهي.
شيخ
صاحب سان منهنجي آخري ملاقات 3 جنوري 1997ع تي
سندس پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ ۾ ڪراچي ۾ ٿي هئي،
جڏهن هو بيماري جي بستري تي هو. مون کي وٽس
سنڌالاجي ۾ سندس نالي سان منسوب ڪارنر قائم ڪرڻ جي
سلسلي ۾ يونيورسٽي پاران موڪليو ويو هو، ستار
پيرزادو مون سان گڏ هو. در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي سين ته در
سندس پٽ اچي کوليو. اسان کي مهڙ واري در ڀرسان
ڪتابن سان ڀريل ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو ويو. ڪتابن
جي ذخيري ۽ ترتيب ۾ ان گهر جي مالڪ جي علميت ۽ ذوق
و نفاست بکي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ اسان کي
سندس بيڊروم ۾ نيو ويو، جتي سندس پلنگ، ٽرالي،
رئڪون ۽ شيلف ڪتابن سان سٿيل هئا. سندس پنهنجا
لکيل ڪتاب آسپاس ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ انهن جي وچ
۾ شيخ صاحب پلنگ تي ائين ساڪت هو جيئن پبلو نرواد
بي جان پنهنجي ڪمري ۾ وکريل پنن ۽ اوڌرين تحرين
جي وچ ۾ ڏٺو ويو هو. پر شيخ صاحب ۾ زندگيءَ جي
رمق باقي هئي، شايد موت کيس اڃا ڪجهه لکي وٺڻ جي
ساهي ڏني هئي. سندس جسم بيماري سبب نحيف ۽ ايترو
نٻل ٿي ويو هو جو ڏاڍي مشڪل سان پاسو ورائي سگهيو
ٿي. ڇا هي اهو پرجوش ۽ حوصله مند شخص هو جو جڏهن
پنهنجي شاعري تحت اللفظ ۾ پڙهندو هو ته ڄڻ درياهه
۾ جولان ۽ جوش اچي ويندو هو؟ ڇا هي اهو شخص هو.
جنهن کي پنهنجي تخليقي قوت تي ايڏو ويساهه هو جو
گذريل اڌ صديءَ تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو؟
اهو سوچي ئي رهيو هئس ته هن پنهنجون ٻوٽيل اکيون
کوليون. مون کي سندس مهانتا جو خيال آيو ۽ سلام
ڪرڻ لاءِ کيس هٿ جوڙيان ٿو ۽ سندس پيرن ڏانهن
نوڙان ٿو. هو منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺي پنهنجي
ڀرسان ويهاري ٿو. سندس چهري تي بشاشت آهي ۽ اکين
مان آڌر ڀاءُ ۽ اطمينان جهلڪي ٿو. هو ڪلاڪ کن مون
سان ڳالهائيندو رهيو، سندس ڪمزور ۽ منجهيل آواز
ڏاڍي مشڪل سان جهٽي ٿي سگهيس. هن ٻڌايو ته هو
تازو سنڌ جي گورنر سان مليو هو ۽ پنهنجي نالي سان
منسوب ڪارنر قائم ڪرڻ لاءِ کيس چيو هئائين ۽ خصوصي
طور تي چيو هئائين ته مون کي وٽس موڪليو وڃي ته
ڪارنر قائم ڪرڻ ۾ پيش رفت ٿئي.مون جڏهن کانئس
مجوزه ڪارنر جي افتتاح لاءِ پڇيو ته چيائين ته
جيڪڏهن اچي سگهيس ته بهتر، نه ته افتتاح مهتاب
اڪبر راشديءَ کان ڪرائڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهندس. شيخ
صاحب جي خواهش کي احترام سان من ۾ کڻي آفيس نوٽ
پيش ڪري ڇڏيم ۽ ستار پيرزادي جي مدد سان سندس
ڪتابن جي مڪمل لسٽ ان سان شامل ڪري ڇڏيم. اهو
ڪارنر ضرور هڪ ڏينهن قائم ٿيندو. پوءِ اهو سندس
اکيون ٻوٽڻ کان پوءِ ئي سهي، سندس آتما کي شانتي
ته ملندي.
گذريل مارچ 1997ع دؤران شيخ صاحب جو 73 هون جنم
ڏينهن ڪراچي جي ريلوي انسٽيٽيوٽ آڊيٽوريم ۾ ملهايو
ويو، جنهن ۾ سندس زندگي، فڪر ۽ فن تي مقالا پڙهيا
ويا. انهن مقالن ۾ هڪ مقالو اياز شناسيءَ جي عنوان
سان اردوءَ ۾ ڊاڪٽر آصف فرخيءَ به پڙهيو. اهو
مقالو شيخ اياز جي اردوءَ ۽ فارسيءَ جي علميت جي
نسبت سان هو، جيڪو هڪ نئون پهلو هو. ڊاڪٽر فرخي
انهيءَ مقالي جي ڪاپي مون ڏانهن ڏياري موڪلي. مون
کي نئين پهلوءَ جي حوالي سان اهو مقالو پسند آيو ۽
مون اهو ترجمو ڪري مهراڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽
اَهڙي ڄاڻ ستار پيرزادي کي ڏنم ته، ان بابت شيخ
اياز کي ٻڌائي ڇڏي. سنڌي ترجمي جي ڪاپي، ڊاڪٽر آصف
صاحب کي پڻ موڪليم، جنهن کي پڻ ترجمو پسند آيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ستار پيرزادي ٻڌايو ته شيخ
صاحب جي باري ۾ لکيل مقالن کي سهيڙي ڇپائڻ جو
اهتمام ڪري رهيا آهيون. ان لاءِ انهيءَ مقالي جي
ڪاپي موڪلي ڏيو. اهڙو شيخ اياز جو نياپو پڻ مون کي
جويي صاحب معرفت مليو. ڪاپي موڪلڻ کان اڳ اردو ُ۽
فارسي شعرن ۾ صورتخطي جي اصل سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ شيخ
صاحب جا جيڪي به مون وٽ ڪتاب موجود هئا، گڏ ڪري
پنهنجي پلنگ ڀرسان رکيم ۽ سندس ڪتابن جي ڍڳ ۾ غير
شعوري طرح سڀني کان مٿي”الوداعي گيت“ کڻي رکيم ۽
28 ڊسمبر صبح جو سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي
تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سنڌ ميوزيم پهتس، مک دروازي
مان اندر داخل ٿيس ته وايو مڊل بگڙيل لڳو. پڇا ڪيم
ته سڌ ملي ته شيخ اياز هن سنسار مان لاڏاڻو ڪري
ويو آهي. جشن جي تقريب تعزيتي گڏجاڻي ۾ بدلجي وئي.
اداس ماحول ۾ سڀني جا چهرا دکي ۽ اکيون اشڪبار
هيون. سندس محبوب شاعر ڏور ڏسائن ۾ هليو ويو هو.
سوچيان ٿو ته غير شعوري طور تي ڪهڙي ڳجهي اشاري تي
مون اياز جا موجود سڀ ڪتاب پنهنجي پلنگ جي پاسي ۾
رکيا هئا ۽ مٿانئن سندس ئي”الوداعي گيت“ رکيو هئم.
شايد اها ڪا وجداني ڪيفيت هئي يا ڪا انٽيوشن ٿي
هئي يا وري ڇهين حس جنهن مون کان اهو ڪم ڪرايو هو.
موٽي اچي مون عقيدت وچان پنهنجو سر سندس تخليقن
مٿان رکي ڇڏيو.
(3
جنوري98ع روزانه ڪاوش)
شيخ
اياز تقرير ڪندي
ولي
رام ولڀ، تاج جويو، اياز گل ۽ شيخ اياز
شيخ
اياز ۽ طارق عالم
|