سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 16

اسان کي حيدرآباد جي ٿڌڙين راتين جو قسم اياز! متان سمجهين ته ون يونٽ واري وقت ۾ ” تون ماڻهو ماري مرڪين ٿو، ” مان لڙڪ تنهين تي لاڙيان ٿو“ ”اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏنا“ جهڙين سٽن هيٺ سڪ جي سيج ۾ ريهون ڪندڙ اسان جي اڃ حق جو پلر پسي ڪونه سگهندي، متان سمجهين ته اسين اسپين جي خانه جنگي جي اتر ڪونسل جهڙي قلم ڪار جا پوئلڳ ٿي وينداسين جو سکڻين فتوائن  تي وينداسين، سوليءَ چاڙهيا، اهو به متان سمجهين اياز ته ايران جي رودڪي جهڙي شاعر جيان 13 لک شاعرن تي ڀاڙي بغاوت جي الزام ۾ اکين تان هٿ ڌوئي ويهي رهنداسين، اسين ته اڄ به توسان گڏ هنگري جي شاعر  پتوفي جي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون، ته ”فقط مسافر منزل جي لاءِ بي چين ۽ بي تاب ناهن هوندا، پر خود منزل کي به مسافرن جو شدت سان انتظار هوندو آهي.“اسان کي ته تنهنجي انهيءَ آٿت تي به ويساهه ته:

”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين.“

29 ڊسمبر کان ڀٽائيءَ جي نگري ۾ لڙي آيل لفظن جي شام غريبان اڃا پڄاڻي تي ناهي پهتي.” سنڌو ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان“ جي سٽ کان وٺي ”ڏوهي هان مان ڏوهي هان“ واري سٽ جي احتجاج تائين اها التجا آهي ته اي ڀٽ جا ڀٽائي، هن صديءَ جي ڀٽائي جي به، توکي پارت!

(روزانه عبرت)

هڪڙو پيارو ماڻهو

فضل قلباڻي

هڪ جڳ مشهور ڏاهي جو ڪوٽيشن آهي:

‘I have been born to burn

to burn and enlighten, the gloom,

my ruin is my reward.’

”مان ڄايو ئي آهيان ٻرڻ لاءِ،

ٻرڻ لاءِ ۽ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ روشني ڪرڻ لاءِ،

منهنجو کنڊر يا ڪوئلو ئي منهنجو انعام آهي.“

سندس سڄي ساري ڄمار تي هڪ نظر وجهڻ سان ۽ سندس حياتيءَ جو گهرو مطالعو ڪرڻ سان، مون کي سائين شيخ اياز انهيءَ قول يا چوڻيءَ جو عملي ماڻهو لڳندو آهي يا کڻي نه چاهيندي چئجي ته ”لڳندو هو،“

عقل هوڙ جي ڄمڻ ڪري جيئن ئي هوش حواس ۾ آيس ته لطيف سرڪار جي بيتن پڙهڻ سان گڏ مون شيخ اياز جي شاعري به پڙهي- لطيف سرڪار جو ديدار ته نه پيو ڪري سگهجي پر شيخ اياز کي ڏسڻ جو شوق ڏاڍو پيدا ٿيو، تن ڏينهَن اياز پراڻي سکر ۾ جنات بلڊنگ جي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ سندس وڪالت واري آفيس نئين سکر ۾ هوندي هئي. روز شام جو سوٽ ڪوٽ ۾ ٺهي جڙي سليٽي رنگ واريءَ ڪار ۾ گهر کان آفيس ويندو هو. مان دوستن سان گڏ اڪثر شام پراڻي سکر ۾ رائل روڊ تي کيس ڪار ۾ ويندو ڏسي خوشيءَ ۽ حيرت گاڏڙ ڪيفيت ۾ کيس ڏسندو هوس ۽ سوچيندو هوس ته ڏسو ڪنهن کي ئي ناهي ته رستي سان ڪيڏو وڏو ماڻهو پيو لنگهي.

حواس اڃا وڌيڪ پختا ٿيا ته پنهنجي اندر ادبي جيوڙا سُر سُر ڪندي محسوس ڪيم. هڪڙو ادبي ٽولو ٺهيو، جنهن ۾ مون سان گڏ ادل سومرو، اياز گل، رفيق سومرو ۽ رسول ميمڻ گڏ هئا. اڃا ڪچڙا ڪچڙا ليکڪ هئاسي، هر هفتي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ سنگت جي گڏجاڻي جاگيراڻي پاڙي ۾ مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي اوطاق، ته ڪڏهن وري سائين فتح ملڪ جي وڪالت واري آفيس ڪوئنس روڊ هيٺان ٿيندي هئي. سنگت جي انهن ئي گڏجاڻين ۾ ئي سائين شيخ اياز سان ملاقات ٿي. ائين کڻي چئجي ته انهيءَ ڪچڙي ٽولي کي ادب جي الف-ب انهن ئي ٽنهي ناميارن اديبن سيکاري. ڪجهه وقت سنگت جون گڏجاڻيون شيخ اياز جي وڪالت واري آفيس ۾ به ٿيون. چڱي طرح ياد آهي ته شروع شروع ۾ سنڌ جي  هيڏي وڏي شاعر کي پاڻ سان گڏ ويٺي ڏسي ڏاڍو ڪنفيوز ٿيندا هئاسين- پنهنجي ادبي لکڻي پڙهندي هٿ ڏڪندا هئا پر اياز جي شفقت ڀرئي ٽيڪا ٽپڻي ٻڌي همت ٻڌبي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سکر جي مختلف ڪاليجن ۾ لطيف سائينءَ جي ورسي ملهائبي هئي، جنهن ۾ اڪثر شڪارپور کان ادا بيدل مسرور ايندو هو، جيڪو شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کان پوءِ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي لائوڊ ۽ جذباتي انداز ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو. اها سڄي رات روهڙيءَ واريءَ لئنسڊائون پل کان وٺي معصوم شاهه جي مناري تائين رڳو ”مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان“ ۽ الا مان اڏوري ويندو سانءِ“ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.

اها ڳالهه بنا ڪنهن وڌاءَ جي چئي سگهجي ٿي ته شيخ اياز جي شخصيت تمام قد آور ۽ رعبائتي هئي پر مان جڏهن سندس گهڻو ويجهو ٿي ۽ سندس اندر ۾ ليئو پائڻ جو موقعو مليو ته اياز جو اندر مون کي هڪڙو تمام ننڍڙو سادا ڪپڙا پاتل ٻار نظر آيو. اهڙو ٻار جيڪو تمام گهڻو معصوم هجي. مان سکر روهڙيءَ کان نوڪريءَ سانگي ڪراچيءَ شفٽ ٿيس- اياز مون کان اڳ ئي ڪراچي شفٽ ٿي چڪو هئو. ڪلفٽن واري پل لهندي ئي پرنس ڪامپليڪس ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندو هئو. ڀر واري بلاڪ ۾ سائين غلام نبي مغل ۽ مرحوم طارق اشرف رهندا هئا. طارق سائين، سهڻي رسالي جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ اڪثر ڪراچيءَ ايندو هو. طارق اشرف سهڻيءَ جو ”شيخ اياز“ نمبر پئي ڪڍيو. مون کي فون ڪيائين ته ڪئميرا کڻي اچ ته ان خاص نمبر لاءِ اياز جا ڪراچيءَ جي مختلف لوڪيشن تي فوٽو ڪڍون. مان، طارق ۽ اياز ان سلسلي ۾ تيار ٿي نڪتاسين، سائين شيخ اياز ائين پئي فرمائشون ڪري فوٽو ڪڍرايا ڄڻ ننڍڙو ٻار. ڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي، ڪڏهن فيرئر هال واري سائي لان تي، ته ڪڏهن ان هاسٽل جي پس منظر ۾ جتي اياز جوانيءَ ۾ ڪجهه عرصو رهيو هو.

ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان هفتيوار سنڌي ادبي پروگرام”رسالو“ ڪندا هئاسين. پروگرام جي پروڊيوسر نثار ميمڻ رٿَ ڏني ته رسالي لاءِ اياز جو انٽرويو ڪجي. ساڻس رابطو ڪيو ويو، چيائين ائين نه پهريائين اچو ويهو ته ڳالهايون، ڪجهه خاص سوال لکي ڏيو ۽ پوءِ انٽرويو رڪارڊ ٿيندو. اهو ان ڪري جو اياز هر ڪم باقاعده منصوبا بنديءَ سان ۽ پرفيڪٽ انداز ۾ ڪندو هو. تڪڙ سڪڙ ۾ ڪچو ڪم نه ڪندو هو. ائين ئي ڪيو ويو ۽ رٿيل تاريخ تي مان، مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ نثار ميمڻ ٽئي گڏجي ريڊيو وارن جي ناگرا ٽيپ رڪارڊر کڻي اياز جي فليٽ تي پهتاسين. اياز اڳ ئي باقاعده تيار اسان جي انتظار ۾ هيو. واهه جو انٽرويو رڪارڊ ٿيو هو. بلڪ انٽرويو ڇا هيو، لڳو پئي هڪ اٿاهه سمنڊ هو جو لڳاتار وهندو پئي هو، ۽ اسان ٽئي وات پٽيو سانت ۾ ويٺا هياسين. الائي گهڻا اِسپُولَ ڀريا هيا. اهو انٽرويو پوءِ ڪنهن رسالي ۾ به ڇپيو هيو ۽ ادبي حلقن ۾ ڪجهه ڪنٽر اورسي به پيدا ڪئي هئائين. اياز، زندگيءَ ۾ ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ ڏاڍو سليقي مند ۽ ڊسيپلينڊ ماڻهو هيو. هر ڪم جي پهريائين پلاننگ ڪندو، پوءِ پروگرام کان رتي برابر به هيڏي هوڏي ناهي ٿيڻو. گهر ۾ هر شيءِ ترتيب سان رکيل هوندي. ڪراچيءَ واري فليٽ ۾ سندس اسٽڊي روم ۾ هزارين ڪتاب هئا، پر سڀ ترتيب ۽ سليقي سان شيلف ۽ ڪٻٽن ۾ هوندا هئا. گهربل ڪتاب کڻندو ۽ واپس ساڳي جاءِ تي رکبو.

هڪ دفعي اخبار ۾ خبر ڇپي ته سائين شيخ اياز کي هارٽ اٽيڪ ٿيو آهي ۽ کيس ڪراچيءَ واري جناح اسپتال جي ڪارڊيو وسڪيولر وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اها خبر ٻڌي ادل سومرو به سکر مان ڪراچيءَ آيو. اسان ٻئي کيس ڏسڻ لاءِ اسپتال وياسين. حالت ڪافي سڌري چڪي هئس. ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽيو پيو هيو، ڀرسان ڪوئي اَٺ ڏهه کن اخبارون ۽ سندس سيني تي هڪ ڪتاب اونڌو پيو هو. لڳو پئي ته اسان جي پهچڻ وقت اهو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.

ادل ۽ منهنجي نظر جڏهن ان ڪتاب جي ٽائيٽل تي پئي ته ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو. انهيءَ ڪتاب جو نالو هيو” ۽ سفر پڄاڻيءَ تي پهتو“. ڪافي دير ساڻس گڏ ويٺا هياسين، ادل کان سکر جي پنهنجي هڪ هڪ يار جا تفصيلي احوال پئي ورتائين. ڏڪندي ڏڪندي کانئس دل جي دوري بابت پڇيوسي، چيائين، موت آيو هيو پر مان موٽائي ڇڏيومانس. چيو مانس ايتري تڪڙ چڱي ناهي، اڃا ته مون کي ڪيئين ڪم اڪلائڻا آهن، ڪيئين اڌورا لکيل ڪتاب پورا ڪرڻا آهن، سو في الحال ٽري ويو.

آءُ حياتي آهيان، آءٌ ڪيئن ٿيندس فوت،

متان مون کي موت، ڇُهندي ئي ڇرڪي وڃي.“

پر لڳي ٿو انهيءَ پهرينءَ ملاقات کانپوءِ موت به هزارين ماڻهن جيان اياز تي عاشق ٿي پيو ۽ ڪجهه ڪجهه وقفي کان پوءِ اڪثر اياز وٽ ايندو هيو. ڀانئجي ٿو آهستي آهستي خود شيخ اياز به انهيءَ عشق ۾ انوال (Involve) ٿيندو ويو،ڇو ته عشق، اياز جي سدائين ڪمزوري رهيو آهي شايد ان ڪري جو اياز وٽ عشق جي اچڻ جو انداز به مختلف رهيو آهي.

”عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن،

آيو جهول ڀري.....

آيو جهول ڀري، ڪوئي ڪيئن ڪري.“

نيٺ موت سوڀ ماڻي ۽ اياز کي هار مڃڻي پئي.

منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته شيخ اياز پنهنجن ماڻهن لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو، سچ ته اياز خوشنصيب آهي جو کيس ماڻهن وٽان به موٽ ملي.باقي ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته شيخ اياز تمام وڏو ماڻهو هيو. ايڏو مهان شاعر، فلاسافر ۽ انسان شايد هزارن سالن ۾ وري پيدا ٿئي. بلڪ ٿي سگهي ٿو شايد ٻيهر پيدا ئي نه ٿئي.

”ڇني گلَ گلاب جا، ڪَيِئي ڌَارو ڌَار،

اَڙي موت مَيار، ايڏو سَاڙ سڳنڌ سان.“

مون سان جاڙ نه ڪر او جيڏا!

لطيف اياز پنهور

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ٻن شخصيتن جو تاحيات قرضدار رهنديون، هڪ شاهه لطيف ۽ ٻيو شيخ اياز- هنن ڏات ۽ ڏانوَ، فڪر ۽ فهم سان پوري عالمِ انسانيت سان ۽ پنهنجي سمورين محبتن جي محور سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان اَزلي ۽ ابدي نباهه جا رشتا قائم ڪيا. سنڌ جو مرده پرست نعري باز سياسي حلقو ۽ ادبي نوڪر شاهي مافيا، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي پورهئي تي سدا پلبا رهيا آهن ۽ رهندا.

لينن اڄ کان هڪ صدي اڳ چيو هو:”اسان اڃا به هزار سال پوئتي آهيون. هي جملو انسانيت جي اُن عظيم مُحسن ان دور ۾ چيو هو جڏهن يورپ جو عوام پراڻي قدامت پرست جاگيرداريت ۾ نيم سرمائيداري جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو هو پر اسان جو مهان ڪوي اياز هڪ صدي پوءِ به اُها ئي ڳالهه ڪري ٿو.

”اي ويهين صدي! تو ۾ نوَانَوي فيصد جانور هيا ۽ هڪ فيصد انسان هيا پر مان ڀانيان ٿو ته اِهو چئي مان انسانذات جي خوشامد ڪري رهيو آهيان.!“

”سنڌ ۾ وچولي طبقي جا انسان نانگ ۽ وڇون کان وڌيڪ زهريلا آهن.ڪارل مارڪس وچولي طبقي سان نفرت ڪرڻ لاءِ صحيح هو...“

ڪنهن به قوم جو قيمتي اثاثو اُن جا شاعر ۽ فنڪار ٿين ٿا.ارسطو جو قول آهي: ” شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.“ ڇو ته شاعري انساني فطرت ۾ مجموعي طور اونهون ڏسي ٿي، دلين ۾ ديرا ڄمائي ٿي، انسان جي ضمير جي صور گيري ڪري ٿي. شاعري کي اجتماعي فڪري آزادي جي لاءِ ضروري فڪري اڏام جو زبردست وسيلو بلاشڪ چئي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اعليٰ فنڪار هميشه پنهنجي وقت جي حڪمران ۽ نوڪر شاهي طبقي جي مختلف رجعت پرستين جي آنن بهانن  جي گهاڻن ۾ سڄي ڄمار پيڙهبا رهيا آهن. وقت جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو، لطيف جي جيئري سدائين سندس خلاف فتنن ۽ سازشن جا موتمار ڄار اُڻيندو رهيو پر جيئن ته اُن دؤر جي سمورين محبِ وطن عوامي تحريڪن سان واڳيل رهيو تنهن ڪري حڪمران ڌرين جي آڏنَ سِڌن حملن کي جيئري جانٺور  هيو. لطيف جو دؤر  زرعي جاگيرداري جو دؤر هيو، شاهه عنايت  جي جاگيرداري سماج خلاف سماجي اقتصادي برابري جي جدوجهد ” جو کيڙي سو کائي“ مهل، لطيف 28 سالن جي ڦوهه جواني ۾ هو. لطيف جي عمر جا 63 سال سنڌ جي اتحاد ۽ آزادي ۽ طبقاتي تحريڪ ”جو کيڙي سو کائي“ جي جدوجهد جي پورائي لاءِ ڪوشان گذريا. شاهه لطيف پنهنجي وطن ۽ سموري عالمِ انسانيت جي خوشحالي لاءِ طبقاتي مت- ڀيدن خلاف فڪر ۽ ڪلام جو علم سر بلند رکيو- ”سر ڪاموڏ“ ۾ ڄام تماچي کي طبقاتي جدوجهد جي علامت بڻائي پيش ڪيائين. پنهنجي خلاف سازش ۽ فتوا بازين جي فتنن ڏانهن هن مڙس جو لؤنڻو ئي نٿي لڳو:

”نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ

عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.“

۽ اهڙو ئي دؤر، وقت جي هن وڏي شاعر اياز کي به پلئه پيو، انگريز فيل مست کان وٺي سنڌ ۽ سنڌي عوام مٿان هيل تائين جون مختلف بالادستيون ۽ استحصال- هند سند جي تاريخي مذهب جي آڙ ۾ انسانيت سوز اُٿل پُٿل، جنهن جو ٻج مسجد منزل گاه واري واقعي سان ڇٽيو ويو، پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ، ون يونٽ، ٻولي کي تسليم ڪرڻ وارو معاملو، مارشلائون، ڪراچي ۽ حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص سڄي سنڌ ۾ لساني بنيادن تي انساني رتوڇاڻ- سنڌي اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن جون ان سموري وارتا ۾ عملي جاکوڙن، غلطيون، معافيون، ورجاءَ، هيمون واري ”آزاد سنڌ“ واري جدوجهد کان وٺي اڄوڪي سياسي ڪايا پلٽ اياز جي اکين ڏٺي، پر لطيف جيان سندس ڳالهه سمجهڻ وارو به هت ڪير نه هو. اُڻ اذيت جو اظهار ۽ ماحول جي پاڻ کان اوپرائپ جي عڪاسي، شيخ اياز هن ريت ڪري ٿو:

”ڪُتا ڀؤنڪن!

ڀاڳيا ڀؤنڪن!!

چور به ڀونڪن پيا!!!....“

عمر جي آخر ۾ شيخ اياز روايتي  لاڙن ڏي پنهنجي ڪلا جي جلا لاءِ لڙيو، جنهن سبب ڪن روايتي،نعري باز ۽ ڪِن سنجيده حلقن  پاران تنقيد جو نشانو بڻيو ۽ پر غور سان ڏسبو ته اياز عمرِ جي آخر تائين پنهنجي اُن ئي نقطءِ نظر  تي نهايت انوکي ۽ فڪر انگيز ريت بيٺل نظر  ايندو. اچو ته ڏسون هڪ اعليٰ فنڪار وٽ انقلاب ۽ اُن سماجي فڪر ڪهڙي ريت پلجي جواڻ ٿئي ٿو. مڃيل ڳالهه آهي ته شاعري پيغامبري جو حصو آهي. ڪن مفڪرن انهي کي مادي جي اندروني ايڪي جي گهڙ- ڊاهه واري عمل ۾، ڌرتي تي انسان سماج جي ٺاهه ٺوهه واري عمل لاءِ ڪمال ڪاريگري پئي ڪوٺيو آهي ته ٻئي پاسي تصوريت پنهنجين سمورين تيراڪين سميت مادي ۾ سُرايت  ڪندي پئي آئي آهي. اعليٰ تر تهذيبي ورثن  سان واسيل ڪاروانن جا جٿن جا جٿا جُڳن کان وٺي انهيءَ سببان ” واٽون ويهه ٿيون، ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين؟...“ جي سِٽ واري صورتحال سان منهن ڏيندا، انتشاري صورتحال ۾ ڪڏهن جهيڻا- جهَڪا ته ڪڏهن اڳ کان اڳرا  اُڀربا ۽ لُٽيا رهيا آهن، انهيءَ  صورتحال ۾ اعليٰ شاعري انقلابي عمل کي پنهنجي ڳوُڙهي اڀياس جو جوهر صدا اَرپيندي پئي آئي. شخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ڀاڱي پهرين ۾ مختلف الهامي، غير الهامي مذهبن جي مول متنن جي منظوم سٽاءُ واري هيئيت جا حوالا ڏيندي لکي ٿو:

”.... لڳي ائين ٿو ته شاعري ابدالاباد کان آهي ۽ هر مذهب کان اڳ ۾ ئي ان جي پيڙهه پئي آهي، هر پيغمبر کان شاعر اڳ پيدا ٿيا ها ۽ انسانذات توڙي پوري ڪائنات کي شاعري جي آغوش ۾ آندو هيائون.“ ڪتاب ”سانجي سمنڊ سپون“ ۾ ڪلا سان ڀرپور نثر جي سماج ۾ ڪارگر اهميت چتائيندي لکي ٿو:

”شاعري ابتدا آهي

”نثر انتها آهي

”بشرطيڪ نثر پٺيان شاعري وارو جذبو

”ڪار فرما هجي.“

اياز وٽ عمرِ آخر تائين وڏ- مڃتا اُن مقصديت جي اندر موجود اُن جوالا، اُن جنون،اُن شديديت، اُن تحرڪ جي رهي جيڪو مقصديت جي تڪميل تائين رسائي جو سبب بنجي ٿو:

”ڏات وڏي شئي ناهي

”پر سچ وڏي شئي آهي

”جو سچ مچائي مچ

”سو مچ وڏي شئي آهي.“

سماجي جِيوُ هئڻ باوجود مروجه سماج جي بنيادي تصور کان  بغاوت ڪرڻ جي حق جي حمايت ۾ اياز چئي ٿو: ”... سماج سان بغاوت ئي عظيم فن پيدا ڪندي آهي، سماج ۾ چڱي ۽ بري وچ ۾ تضاد ازلي آهي ۽ ابد تائين رهڻو آهي...“ ادب جي مثبت سماجي  ڪارج متعلق اياز چيو: ”.... هر باشعور ۽ باضمير اديب کي چڱائي جو ساٿ ڏيڻو آهي۽ برائي سان ٽڪر کائڻو آهي...“ پنهنجي ڪلا سان شديد ڳانڍاپي ۽ سندس سياسي ڪارج متعلق اياز  واضع طور تي چوي ٿو ”،،، دراصل منهنجو شعري ادب اڳ به منهنجي سياست هو، هاڻي به ان کان مون ڪنارا ڪشي نه ڪئي آهي... مون انهن ڏينهن ۾ شاعري شروع ڪئي هئي جن ڏينهن ۾ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي چاڙهيو ويو هو...“ اياز وٽ انقلابي تصور، ۽ انقلابي قوتون به اُهو ئي عالم آشڪار، سرگرم ۽ پيڙهجندڙ اڪثريتي عوام آهي:؟.... برصغير ۾ انقلاب جو مڪمل تصور مون وٽ آهي. ان لاءِ اوهان منهنجي شاعري جو مطالعو ڪريو. پورهيت، مزدور، شاگرد، هيٺيان  طبقا ۽ پاڻ کي ’ڊي‘ ڪلاس ڪري انهن سان ڳنڍجندڙ وچولي طبقي جون ڌريون انقلابي آهن...“ اياز تصور کي مدي خارج سمجهندي، آرٽ جي اک سان ڪنهن جديد فسلفي جي سماجي ڪارج جي ڳالهه ڪري ٿو”... تصوف تعصب جو رد آهي، رواداري  جو حامي آهي، انسانذات  ۾ برابري ۽ محبت جو حامي آهي... بهتر ائين ٿيندو ته جديد دؤر جي ڪنهن اهڙي فلسفي کي اپنايو وڃي جنهن ۾ انسانيت سان محبت ۽ رواداري اوتري ئي هجي جيتري تصوف ۾... هر قسم جي بي واجبي ناانصافي کان آجو معاشرو ئي صحيح انقلابي معاشرو ٿي سگهي ٿو.“ هڪ تخليقڪار وٽ ايمان جو، مذهب جو، سماج جو، انساني خوشحالي ۽ هر قسم جي برتري کان بالاتر سماج جو تصور آرٽ جي من – موهيندڙ نقطءِ نظر تحت آهي، جيڪو چڱائي جي نچوڙ تي ٻڌل آهي. تخليق جيڪا ”ڪُن فيڪون“ جي جنون سان واڳايل  آهي. اياز وٽ آزاديءَ جو فڪر به اُهو ئي آهي جيڪو انساني اظهار جي آزادي سان، انساني فڪري آزادي جي فلسفي سان ڪلا جي عظيم ۽ دور انديش اک وسيلي همڪنار آهي: ”خواب هجن، آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي!“

عظيم ڪلاڪار جيڪو تخليقِ انسانيءَ جو دعويدار آهي، سرجڻهار آهي، جيڪو فڪري آزادين جو متوالو آهي، تنهن جي نڪ ۾ حد بندين جون ناڪويليون وجهڻ، تخليق جي اعليٰ عمل سان مذاق کان سواءِ ڪجهه به ناهي. سوچن تي، فڪر تي، ڪلا جي متوالين آزادگين تي پهرا بيهاري، يا کيس ڪنهن هڪ چيلي يا ليڪي بندي ۾ گهٽي ٻوساٽي مارڻ انساني تهذيب سڀيتا سان، ڪلا سان، تخليق جي عمل سان رجعت پرستي سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. بهرحال شيخ اياز، لطيف بعد سنڌ ۾ چار سو سالا ڪلا، فڪر ۽ فهم جي خلاءَ کي پورو ڪري زماني جي هر ناشناسائي کي سڄي عمر اندر ۾ اوتيندي پنهنجي ڪلا مان ئي جلا ماڻي، وڃي لطيف جي ڪراڙ جي ٻي ڪناري قراري ٿيو.

  ضرورت آهي ته وقت جي وڏي شاعر کي چابڪدستي سان ڳجهن جيان اُلري آيل پراڻي مدي خارج ۽ لچڪيدار، فرسوده رجعت پرستي تي مبني سياسي ۽ ادبي دانشور،نوڪر شاهي جي مدي خارج راءِ زني  تي مبني هلائڻ جي عمل تي اياز جي جسماني اڻهوند ۾، سنڌ جي هن چؤڏسن کان حساس حالتن ۾، سنڌ جي هر باشعور ۽ باشناس فرد ۽ ادارن پاران ڀرپور نندا ڪئي وئي، ته جهڙي ريت لطيف جو فڪر چئن صدين تائين رڻ جهاڳي رهيو آهي، اها ئي حالت اڄ اياز جي به فڪر ۽ فن سان ڪئي پئي وڃي. هي لمحئه  فڪر آهي، سنڌ جي هر باضمير ۽ باشعور فرد لاءِ، ته اياز  کي، اياز جي دؤر جي حالتن کي، اياز جي فن ۽ فڪر کي پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي. اعليٰ شاعري جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهيو وڃي.

سنڌ جي ٺاهه پرست جهيڻي جهڪي دانشوري، ادبي نوڪر شاهي ۽ نام نهاد قومپرست لڏي هميشه وانگر(اياز جي جيئري به ته مُئي پڄاڻان به) اڄ به ميان نور محمد ڪلهوڙي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.(جنهن جو واضح مثال اياز جي تدفين واري ڏينهن ملهايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ اياز جي فن ۽ فڪر تي علمي بحث ۽ خراج عقيدت بجاءِ، سڄي تعزيتي ميڙاڪي کي سياسي محاذ آرائي جي ڌٻڻ ۾ ڌوڪڻ ۽ ڪراچي پريس ڪلب پاران منعقد ڪيل  A Tribute to The Shaikh Ayaz  ۾ سنڌي دانشورن پاران مفاهمتانه  ۽ محتاط روش رکندي ڳالهائڻ ۽ جمال ابڙي پاران اها فتوا بازي نه اياز صوفي هو(اياز انهي ئي شخص لاءِ هميشه لڪم دين ڪم ولي دين جهڙي نرم  ۽ سڀاويڪ راءِ رکندو هو”) سنڌ جي انهي مجموعي طور اَبتر، احساس ۽ بي سرو سامان حالي کي ڏسندي، سنڌ جي باضمير ۽ سجاڳ  شعور حلقن کي گذارش ٿي ڪجي ته شيخ اياز جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي وڌ کان وڌ ترقي پسند عالمانه تحقيقي تبصرا ڪيا وڃن ۽ تنقيد ۽ تحقيق جي معاملي ۾ ڪنهن قسم  جي مفاهمت پرستي بجاءِ بي باڪ، چٽا ۽ واضح مؤقف اياز جي فڪر ۽ ڪلا شناسي کي مدِنظر رکندي ڪيا وڃن، ته جيئن لطيف جي هن سنگِ ميل کي، رجعت پرستي واري ۽ مدي خارج فتوا بازي کان بچائڻ جي تاريخي ذميواري ادا ڪري، پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ فِڪري سنگِ ميل ڇڏي وڃجي:

ڪوئي سَلي، ڪوئي سَلي

هي عمرِ فاني آهي ڇا؟

۽ شعر جون ڪيئي صديون

جادو بياني آهه ڇا!   


 




 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org