سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 9

اها مون کي پڪ آهي نصير !في الحال هي ڪتاب وٺ ۽ تبصرو ضرور لکجناءِ.“ ۽ اياز صاحب جي واتان اهي لفظ ٻڌڻ سان مون يڪدم اتي موجود دوستن بيدل مسرور، محمود مغل ۽ رکيل مورائي ڏانهن ڏسندي، رڙ ڪئي هئي: ’شيخ صاحب جي انهن اکرن جا گواهه رهجؤ دوستو. جو شيخ صاحب طرفان ملندڙ ان آڌيڪار، مرزا قليچ بيگ جي پوٽي کي جهڙوڪر لال گلال ڪري ڇڏيو آهي.

۽ ڪراچي کان حيدرآباد ڏانهن سفر ڪندي ۽ اياز صاحب پاران لطيف سائين کي منسوب ڪيل، هن شعري مجموعي ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ ڀرپور نگاهه وجهندي، اوچتو مون تصديق ڪئي ته، مخالفن جي تمام تر پروپئگنڊه جي باوجود شيخ صاحب جي ڏات ۽ فڪر ارتقا پذير آهي ۽  ڪائنات حياتي ۽ خدا جي تلاش ۽ مشاهدي جي سفر ۾ هن پنهنجي ذهن جا دروازا بُند ۽ لڪير جي فقير ’نقادن‘ وانگر فريش هوا آڏو بند نه ڪري ڇڏيا آهن. (سدائين لاءِ) ها! (مون سوچيو) هن جي تخليقي عمل ۾ رچاءُ، ۽ ٺهراءُ البته هاڻي ضرور وڌيڪ اچي ويو آهي. ۽ ڀلا اچي به ڇو نه؟ (مون سوچيو) ۽ سدائين  لکي هڪ جهڙو!؟ هو محدود نظرياتي سوچ رکندڙ سياستدان يا ڪو سياسي ٻولڙيو ٿورئي آهي؟ ۽ انهن وانگر سَنڍ ۽ ڍنڍ وانگر به ڪٿي ٿيو آهي؟ هو ته ڪائنات ۽ ڌرتي جيڏو شاعر آهي ۽ سمنڊ وانگر آهي هن جي ڏات، جنهن ۾ ڪڏهن اجگر جيڏيون لهرون به اٿنديون ۽وري اُماوس جي راتين ۾ اُن ۾ اداسي ۽ ڪائنات جي حُسن کي به جهلڪا ڏيڻا پوندا. ۽ اهو ئي سڀاويڪ عمل به آهي ( ۽ ’شاعر‘ جو اعلى ذوق نه رکندڙ، بي سمجهه سمجهو ۽ اڻ ڄاڻ ڄاڻو، ڀلا ان ڳالهه مان ڇا ڄاڻن )

اهڙن ئي نقادن کي اياز صاحب چتاءُ ڏيندي، هڪ دفعو وري هن مجموعي ۾ به ياد ڏياريو آهي ته:

ٻوليءَ ۾ ٻيهار، آنءُ نه اچڻو آهيان

هونءَ ته اڪيچار، ايندا نؤٽڻ کيڏڻا.

ها ائين به برابر آهي ته، ’ڀوءنر ڀري آڪاس‘،’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘، ‘ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ ‘وڄون وسڻ آيون‘ تائين، هن جي ڏات شعلي وانگر تاءُ ڏيندڙ هئي. پر هاڻي پخته عمر ۾ اڳئين جي ڀيٽ ۾ ان ۾ هڪڙي سڀاويڪ گمڀريتا، تصوف ۽ حسناڪي وڌيڪ اچي ويئي آهي( ۽ لطيف، ٽئگور ۽ فيض جي ارتقا پذير تخليقي عمل لاءِ به ته نقادن جي اها ئي راءِ آهي. آخري مجموعي واري شاعري ثبوت طور بلڪل ڏسي سگهجي ٿي.)

شيخ صاحب جي هن پوئين دؤر واري شاعري بابت تازو ڪنهن اخبار ۾ منهنجي هڪ ’دل وڻندڙ‘دوست ۽ سڄان ڪالم نگار(؟) اياز صاحب جي تازي تخليقي عمل کي رد ڪندي، طعنو ڏنو هو ته:”اياز اسان جي اجتماعي شعور جو هاڻي ترجمان ناهي رهيو ۽ هو پنهجي معيار تان لهي وڃي رجعت پسنديءَ جي ڪُن ۾ڪريو آهي.....“ مان ائين ته نه چوندس ته هي ڪالم نگار دوست نج، اعلى ۽ خالص شاعريءَ جي ٽيسٽ نٿو رکي. پر ائين البته ضرور چوندس ته، هن اياز صاحب جي بنهه تازو شايع ٿيل پنجويهن کان وڌيڪ شعري مجموعن جو مطالعو، باقاعده ويهي دل سان قطعي نه ڪيو آهي.

مون کي پتو ڪونهي ته، ننڍي کنڊ ۾ 1936ع واري دؤر م ادب ۾ شروع ڪيل ترقي پسند ادبي تحريڪ جي زوال کان پوءِ ’رجعت پسندي‘ واري ٽرم جي هاڻي هن دوست وٽ ڪهڙي وڃي معنى رهي آهي؟ جو اهو اکر ته گهٽ ۾ گهٽ جديد سنڌي ادب ۾ ادبي ٽرم طور ته هاڻي متروڪ بڻجي چڪو آهي. ۽ اهي ۽ انهن جهڙا گٺل رڪارڊ جهڙا طعنه ۽ هٿ ڪنڊا اڄ کان ٽيهه سال اڳ، سنڌ جا فنڊامينٽلسٽ صحافي سيد سردار علي شاهه ۽ ان جا ساٿري ’مهراڻ اخبار‘ ۾ شيخ صاحب جي خلاف استعمال ڪندا هئا. (۽ جيڪي سڀ جا سڀ ڪڏهن ڪو هاڻي قبرن ۾ لهي، دفن ٿي چُڪا آهن) ۽ منهنجي ڪالم نگار دوست جي شيخ صاحب بابت هن رجعت پرستيءَ واري تازي طعني کان پوءِ، ڇا اهو سمجهڻ گهرجي ته، سردار علي شاهه نئون جنم وٺي ادب ۾ وري موٽي آيو آهي!؟ جن دوستن، شيخ صاحب جي فڪر ۾ تصوف ۽ ’مذهب‘ جي آميزش تي مڇر جي تازو چٿر شروع ڪري ڏني آهي. ان مان ته ائين ئي لڳي ٿو ته هنن شيخ صاحب جي هن هيٺين نئين ترقي پسند سوچ ۽ خيال کي، نظر مان ڪڍيوئي ڪونهي.

سج اُڀري ٿو دور افق ۾، آئون ڏسان ٿو هُو.

تون ڇا ڄاڻين، آئون عبادت ڪيئن ڪيان ٿو هُو.

يا هي بيت ڏسو

ائين چئه ته پڪ، سج سڀاڻي اُڀرندو.

ميان آڻ نه شڪُ، اَگهيءَ آڌيءَ رات جو.

۽ اهو به صحيح آهي ته، پنهنجي ان تازي ۽ تخليقي لاڙي جي مخالفن کي، چيڙائڻ، مڇرائڻ ۽ چهنڍڙيون پائڻ لاءِ، شيخ صاحب پنهنجي نثري تحريرن ۽ تقريرن ۾ وقت به وقت مزيدار مزيدار بيان ڏيڻ شروع ڪري ڏنا هئا. پر حقيقت هي به  آهي ته پنهنجي زندگيءَ ۾ شاعر کي جو وڻي، ڳالهائيندو رهي، جو هن جي وئي کان پوءِ رهندي صرف اها ئي ڳالهه، جا هُن جي ڪلام مان پيغام بنجي گونجندي.

پنهنجي موجوده آئيڊيالاجي بابت شيخ صاحب پنهنجي نقادن ۽ فڪري مخالفن تي بلڪل پڌرو ڪندي لکي ڇڏيو آهي ته:” اسان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ، شاعر جي آغوش ۾ ساري ڪائنات آهي. ۽ هن کي  صرف سياست ۽ سياسي نظرين تائين جبرن محدود ڪرڻ هڪ بيڪار ڪوشش آهي. ۽ ان کان اڳتي شيخ صاحب اهو به لکيو آهي ته: جي ڪٿي منهنجي اڳيئن قول سان ڪنهن کي اتفاق نظر نه اچي يا واضع تضاد محسوس ٿئي ته، اُن کي منهنجي عمر تجربي، انساني فطرت جي زياده گهري شناس ۽ منهنجي  سوچ ويچار جي ٻيهر ڇنڊڇاڻ سان منسوب ڪيو وڃي. اي ڪاش!! هتان جا ترقي پسند اديب اهو سمجهي سگهن ته، هن وهيءَ جي موڙ تي ، مون ۾ انسان جي انت ۽ ان کان اڳتي سوچ ويچار فطري آهي، جا ڌرتيءَ سان منهنجي’ڪمنٽ مينٽ‘ جي آڏو نه ٿي اچي.

شيخ صاحب جي ان مٿئين نقطئه جي گراهي ۾ هتي سندس فڪري مخالفن، جي خدمت ۾ شيخ صاحب جو هي تازو لکيل ٻه ٽي سٽون ئي ڪافي سمجهڻ گهرجن.

۽ هي ڌرتي

نيٺ ته مهڪي

ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي

جنهن لاءِ آئون لکان ٿو هاڻي.    

ڪتاب جي مهاڳ ۾ شيخ صاحب لکيو آهي ته: مون پنهنجي شعر و ادب کي پوري برصغير   جو آئينو بنائڻ چاهيو آهي. پر زندگي ڪيتري نه مختصر آهي ۽ جيئن جيئن ان مختصر زندگيءَ جي اختتام جو احساس مون ۾ وڌي ويو آهي، ائين مون پنهنجي نثر ۽ نظم کي تيز تر ڪري ڇڏيو آهي. ۽ شيخ صاحب جي ان ڳالهه جي گواهي ’ ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ جو هي بيت به ڏيئي رهيو آهي.

هلي پيو ٿو نار، کوهه کُٽيئي ڪو نه ٿو.

ڪو ئي انت  نه پار، آهي منهنجي ڏات جو.

هي سٽون ڏسو

جوٺي جڳ جي جُٺ وساري، ائٽ مٿان ٿي ڪتي، هُو.

پيرَ پِٿون ۽ راهه اَڻانگي پنڌ ڪندي ٿي وتي هو.

تصوف واري شاعريءَ ۾، هي لهجو دراصل حضرت سلطان باهوءَ جي چؤسٽن واري ’ذڪر‘ جو لهجو آهي ( ۽ هن دفعي سلطان باهوءَ جي الوهيت ۾ ٻڏل ۽ تصوف جي اڇن رنگن وارن ڌاڳن سان اُڻيل هي لهجو، پنهنجي اظهار لاءِ اختيار ڪري، اياز صاحب، جهڙوڪر، ننڍي کنڊ جي صوفي شاعر سان پنهنجي يگانگت ظاهر ڪئي آهي. ۽ پنجابي سرائيڪي  شاعريءَ جي آهنگ ۾  اکيون کولي جهڙوڪر ڏات جا نوان جهان پاڻ تي عيان ڪري ورتا آهن. نقشبندي سلسلي سان وابسته، جن صاحبن، سلطان باهوءَ جي چؤسٽي جي پويان ايندڙ اکر – ’هو‘ جو ذائقو  چکيو آهي. اُهي ئي آگاهه هوندا ته سماع ۾ ’هو‘ جي ذڪر سان انسان جو روح ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندو آهي ۽ اِهو لهجو اختيار ڪرڻ بابت جواز ڏيندي ڪتاب جي ابتدا ۾ شيخ صاحب وضاحت  ڪئي آهي ته: سلطان باهوءَ، شاهه حسين ۽ بلهي شاهه جا نه رڳو مون وٽ ڪتاب آهن، پر مان هنن جي ڪلام جا ڪئسيٽ  به ننڊ کان اڳ ۾ ٻڌندو آهيان. مون هن ڪتاب ۾ باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي. جيئن سامي تان سلوڪ ۽ ڀٽائيءَ تان بيت جو فارم کنيو آهي.

۽ واضح هجي ته هن ڪتاب ۾ آيل نوي کن ذڪر ڀرين اهڙن چؤسٽن ۾ شيخ صاحب ڪي روايتي درگاهن جا دڳ ڪو نه ورتا آهن. ها! ائين ڪري هُن تصوف ۽ صوفي فڪر جي ’آڏ‘ ضرور ورتي آهي. ۽ اِهو رستو اختيار ڪري هن جهڙوڪر ننڍي کنڊ جي صوفي تحريڪن ۽ اساسي شاعريءَ جي ورثي سان هم آهنگي جو ثبوت ڏيئي پاڻ کي انهن جو اثاثو ۽ تسلسل ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. مثال طور هن چؤسٽي جون، ٻه سٽون ڏسو:

ڳاڙهي ڊاک انهي جي ول تي هي چانڊوڪي هُو.

سُور اُڀاريا ڪوڪي ڪويل، ڇو نه ڪيو ڪجهه توڪِي هو.

بيٺو عشق نچائي ڪنهن کي، ٿيا ٿيا هو.

ڪُنَ اندر ڦيراٽيون کائي، پيئي نيا هو.

وقت، فنا، تصوف، جديديت يا وحدت الوجود جي اُٻٽڻ ۾ ڳوهيل اهڙن چؤسٽن کان پوءِ، هن ڪتاب ۾ اياز جا ٻه سؤ ڇٽيهه بيت به آهن ۽ سچي ڳالهه آهي ته، ڀٽائي کان پوءِ هن صديءَ ۾ شاهڪار ’بيت‘ صرف اياز ئي لکي سگهيو آهي. جنهن ۾ هن سڄي سنڌ، تصوف، ۽ ثقافت کي جهڙوڪر رني ڪوٽ جي قلعي جيتري وسيع ڀاڪر ۾ ڀري ورتو آهي. ڇا ٿر، ڇا بر، ڇا لاڙ اتر، ڪاڇو، ڇا سنڌ جا پکي، ڍنڍون ڍورا، موسمون، ’جهونجهڪڙا‘، ’مڌ شالا‘، هوائون، فضائون، چانڊوڪيون، ڪيفتيون، سڊول انگ، چَپن جا رنگ، اندر جا امنگ ۽ اياز جي بيت ۾ سڄي سنڌ جهڙوڪر  جلترنگ  بڻجي وڄي پئي آهي. ۽ سڄي ڳالهه هي به آهي ته، هن صديءَ جي سنڌي ادب جي خالي جهول ۾ شيخ صاحب، بيتن جي هيرن جواهرن جي جهڙوڪر کاڻ اُٿلائي آهي. ۽ اُن تي جيترو فخر ڪجي، گهٽ آهي. شيخ صاحب جا، هتي ثبوت طور هي ٻه جماليات جي رنگ سان ڀرپور بيت ڏسندا هلو....

تنهنجو بدن بوسڪي، جنهن جي مٿان گَجُ.

ليئا ٿو سورج، پائي لئي جي پٺيان.

..

هٿ پرينءَ مينديءَ رتا، جهڙا گل انار.

جيئن ڪيائين پيار، منهنجا ڳل ٽِڙي پيا.

اياز صاحب جا هي ۽ ههڙا ٻيا هزارين بيت، ڇا ته خوبصورت بيت آهن، جهڙا ڏهر ۾ ڏيئا، جهڙا سنڌي ٻوليءَ جي اماوس آسمان تي – جهرڪندڙ ستارا.

حديث پاڪ آهي ته، مون کي ياد ڪندا رهو، ۽ ويجهڙائي ۾ اياز پنهنجي هر ڪتاب ۾ موت جو ذڪر، رواني ۽ فراوانيءَ سان پئي ڇيڙيو ۽ فڪري مخالفن کي هينئن چئي پئي مڇرايو آهي ته:

ڳالهه ٻڌي تو موت جي، خار اچي ٿي پر.

موت ته پيغمبر، سدا ساريندا هيا.

ميان متان موت کان، ڪڏهن گهٻرائين.

متا مَنُ لائين، هِن جُوٺي جنسار سان.

شيخ صاحب جي هن تازو شايع ٿيل شعري مجموعي ۾ ڇهه ترائيل، سترهن وايون ۽ ٽيتاليهه دوها آهن ۽ هي سڀ ڪجهه دراصل پنجهتر ساله شاعر جو سدا بهار سرمايو آهن ۽ انهن ۾ اياز جو پنهنجو آهنگ به آهي، سنڌ جي مٽيءَ، پاڻيءَ ۽ ثقافت جي سڳنڌ به آهي ۽ هي چتاءُ به ته:

متان چئين شاعري، ڪو نه نڀايو تو،

پوئين گهڙيءَ جو، تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.

جيتوڻيڪ مزاحمتي شاعر، شيخ اياز جي ’ڏات شعلي‘ جون هي چڻنگون هاڻي چانڊوڪي رات جهڙيون پُرسڪون ڀائنجن ٿيون، پر هُن پنهنجي آدرش کان قطعي منهن ناهي موڙيو. رڳو اُن جي لهجي ۽ رويي ۾ تبديلي ضرور نروار ٿي آهي. خير ڇا به هجي ۽ ڇا به چئجي، پر اها به حقيقت  آهي ته، هن جو هر شعر، سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان واسجي، پوءِ ئي هن جي ذهن جي نهان خاني مان نڪتو آهي. ۽ جي ائين نه هجي ها ته، اياز، سنڌ کي ڀلا ويندي ويندي هيئن ڇو چوندو وڃي ها ته:

تنهنجي خوشبو ئي ته آ، هي جو منهنجو ماس.

مالهڻ! تنهنجي پيار جو، ٽاري ٽاريءَ واس.

هي جو اُٿي رات جو، ويٺو آنءُ لکان.

ٻيهر وجُهه ائين نه ڏي، مون کي باک متان.

تون چئه مون کان پوءِ، ڪنهن جو ٿيندي ڪينرا.

واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي.

اسان جو اياز مرڻو ناهي موت کان

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

 

دوستو! اڄ پاڻ سڀ هن دور جي ڀٽائي کي ڀٽائي جي آغوش ۾ آرامي ڪري پيا اچون. اڄ جڏهن سندس ساڪت بدن کي قبر ۾ ليٽائي ۽ آخري دعا لاءِ هٿ کڻي رهيا هياسين ته ان مهل مون پنهنجي تصور جي اک سان ائين محسوس ڪيو ته هن ڄڻ ليٽندي ئي ڪنهن درد آميز شڪايت وچان بغلگير  ٿيندي چيو هو:

هي دؤر به ڪوئي دور آهي؟

مان جنهن ۾ لڙهندو آيو هان!

ڇا لاءِ ڀٽائي بيت ڇڏيئه؟

مان جنهنجي سونهن سمايو هان.

ٿي سهڻي تنهنجي سير ٻڏي

ميهار به ڪوئي ڪونه آهي.

ٿي ڇا ته تکيري تار وڃي.

۽ پار به ڪوئي ڪونه آهي.

هي واڪا اڀري واءُ وٽان،

ٿا ٻيهر پاڻي منجهه ٻڏن،

ٿا وات وڏا واڳون ڦاڙن،

۽ ڪُن ڏسي سيسار ڪڏن!

ڪلهه رات صراحيون پلٽي پوءِ،

جي جام کڻي مڌ ماتا ها!

سي هٿ دعا جي لاءِ کڄي

ڄڻ تنهنجي در تي آتا ها!

مون وٽ جلائي آ ٻيهر،

تون جرڪي سنڌ اجاري ڏي

۽ ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾،

تون مون کي ڏيئا ٻاري ڏي.

 الائي ڪهڙاتصور ۽ خيال پئي ڦريا اياز جي قبر تي مٽيءَ ورائڻ مهل. تصور جي اک الائي ڪيترائي اذيتناڪ ۽ جيءَ جهوريندڙ منظر ڏسي ورتا. اهو دماغ جنهن اڄ کان 20 سال اڳ ۾ ڀٽائي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته:

ڀلي آس ٿر من نه آ ٿوهرن،

ڀٽائي ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن.

 ڪيڏي اميد ۽ ديس جي خوشحاليءَ جو سج جهڙو واضع تصور رکندڙ دماغ هاڻ بلڪل خاموش آهي ۽ چنڊ ڏينهن کانپوءِ آهستي آهستي پاڻي ۽ مختلف گئسن جي شڪل ۾ مٽي سان ملي مٽي ٿي ويندو آهي. آڱريون جيڪي جيڪڏهن شعر لکڻ وقت جنبش ۾ اينديون هيون ته اهڙيون چڻنگون ٻري پونديون هيون، جيڪي سچ ۽ ڪائناتي حسن جون ساکي بنجي جڳ جڳ کي جرڪائينديون هيون. الا! ڇا هاڻ اُهي سون سريکيون آڱريون وري ڪڏهن به حرڪت ۾ نه اينديون؟

دوستو! منهنجي ذاتي راءِ  آهي ته اياز سنڌ جي انهن ڀاڳوند شاعرن مان واحد شخص آهي، جنهن کي پنهنجي حياتي ۾ ئي بي انتها مڃتا ۽ ماڻهن جون بي پناهه محبتون ميسر ٿيون. جنهن کي ان جي حياتي ۾ ئي ان ڪي همعصر نسل سمجهيو، پروڙيو ۽ پاٻوهيو . هن ڀرپور زندگي ماڻي. زماني جي انتهائي ذلت ڀريل حادثن کان قدرت کيس بچائي رکيو. هومر ۽ ملٽن وانگر هو ڪڏهن به فطرت جي نعمتن کان محروم نه رهيو. هن ڀرپور جيون ماڻيو، هن سنڌ کي پنهنجي فن ۽ فڪر جي خزانن سان مالا مال ڪيو،جنهن لاءِ سموري سنڌ تا ابد سندس ٿورائٿي ۽ مشڪور رهندي. اياز جي ڀٽائي کي مخاطب ٿي چيل مٿين ٻنهي شعرن ۾ ويهن سالن ۽ انهن ۾ رونما ٿيندڙ اياز جي ذهني تبديلين جو پرتوو اڻ لکي نموني محسوس ٿئي ٿو. دوستو! ڪالهه سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ پاڻ سڀ اياز جي مرتئي جي خبر ٻڌي هاريل هانو سان اياز بابت جڏهن ڳالهائي رهيا هئاسين ته انهن ڳالهين مان ٻن قسمن جو ڌارائون اڀري نڪتيون، ڪجهه دوستن جي راءِ پٽاندڙ اياز کي اياز جي دور جي فڪر، اياز جي همعصر فلسفن، اياز جي وقت جي سياسي حالتن، ساڻس همعصرن دوستن ۽ اياز کان وڌيڪ اياز جي خارجي حالتن ۽ اياز کان الڳ مبرا روين ۽ قدرن جو ئي عمل دخل آهي ۽ انهن فيڪٽرس کان سواءِ اياز بلڪل زيرر آهي. ٻئي پاسي ڪجهه دوستن جي نظرن م اياز سندس شخصيت، فن، شاعري ۽ فڪر ڪنهن به غلطي، ڪنهن به تضاد، ڪنهن به تنقيد ۽ ڪنهن به مغالطي کان مٿڀرا ۽ آجا آهن . اياز کي صرف پوڄي ئي سگهجي ٿو ۽ بس. منهنجي راءِ ۾ اهي ٻئي رويا درست نه آهن. جيئن پليجي صاحب چيو پئي ته ڪنهن شخص سان محبت ۽ پيار جو هڪ ماپو ۽ معيار اهو به آهي ته ماڻهو ان شخص بابت ڪيترو سچ ڳالهائڻ جي سگهه رکي ٿو. اياز پنهنجي حياتي ۾ هزارين لکين ماڻهن توڙي خيالن کي پڙهيو هوندو، انهن خيالن تي ويچاريو هوندو ان کي قبول يا رد يا نظر انداز ڪيو هوندو ۽ انهن جي روشني ۾ پنهنجا خيال ۽ شعر سرجيا هوندا. ڇا اهي سڀ خيال يا شخصيتون، جيڪي اياز جي مطالعي ۽ مشاهدي منجهان لنگهيون، اهي سڀ جون سڀ غلطين کان پاڪ ۽ پوتر هجن اهو ممڪن آهي؟ اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي پر اسين جڏهن اياز کي رڳو خارجي حالتن ۽ روين جي پيداوار سڏيون ٿا تڏهن اسين تاريخ ۾ فرد جي ڪردار کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ٿا ڇڏيون ۽ ٻئي پاسي جڏهن اسين شخصيت جي بناوت ۾ خارجي سببن کان نابري واريون ٿا ته اسين جينيٽڪس ۽ تاريخ جا ڄڻ منڪر ٿي پئون ٿا. ڀٽائي جيڪڏهن سيد ۽ خوش حال گهراڻي ۾ پيدا نه ٿئي ها ۽ سندس خانداني پس منظر ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽ شاهه عنايت جي شاعري ورثي ۾ نه اچي ها، شعور اچڻ تي گهمڻ ڦرڻ، سير سفر ڪرڻ جا موقعا ميسر نه اچن  ها، پسند جي شادي نه ٿيئيس ها، شادي کانپوءِ پنهنجي پسند جو الڳ ٿلڳ گهر ميسر نه ٿي سگهيس ها، هر وقت فقير فقرا، خليفا، خادم سندس تابعداري ۽ سندس خدمت نه ڪن ها، ڪشمڪش روزگار کان آجي حياتي نه مليس ها يا هو ڪنهن ٻي جاءِ تي پيدا ٿئي ها يا ڪٿي سرڙيو هاري هجي ها ته ضروري نه هو ته هو ايڏو وڏو شاعر ٿي سگهي ها پر اهڙيون آسائشون يا انهن کان وڌيڪ ته ٻين هزارين لکين ماڻهن کي ميسر آهن ته شاهه لطيف ڇو نه ٿي سگهيا. اها ڳالهه غور طلب آهي ۽ اها ئي ڳالهه اياز بلڪه هر تخليقڪار سان لاڳو ٿئي ٿي. اڄ کان ڏهاڪو سال اڳ جڏهن اياز ۾ فڪري تبديليون اچڻ شروع ٿيون ته ان وقت آئون نه رڳو پليجي ۽ جويي صاحب وارن سان بحث مباحثو ڪندو هئس پر هڪ دفعي فقير محمد لاشاري سان گڏ جڏهن مون اياز کي چيو هو ته ”شيخ صاحب تو“ دودي سومري جو موت“ واري ڊرامي ۾ هڪ هنڌ چيو آهي ته دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهن جو ويساهه نه ويندو ۽ هاڻ ان سٽ وانگر توهان پاڻ ماڻهن جي من مان پنهنجي ڳالهين جو ويساهه وڃائي رهيا آهيو. اياز سان اهڙي نموني هجت آميز بحث مباحثي فقير محمد لاشاري کي پريشان ڪري وڌو ۽ تڪڙ ۾ مون کي ٻاهر وٺي هليو آيو ۽ چيائين ته يار اياز ويچارو هاڻ وڃڻ وارو آهي. ان سان اهڙيون ڳالهيون نه ڪر. مون چيومانس اياز کي پنهنجي راءِ کان واقف نه ڪرڻ اياز سان سڀ کان وڏي بي ايماني ٿيندي. ان کان پوءِ اياز سان ڪيتريون ئي ڊگهيون ڪچهريون ۽ بحث ٿيا پر اياز جي طبيعت ۾ مون ڪڏهن به ڪاوڙ يا ڪروڌ محسوس نه ڪئي بلڪه ان جي ابتڙ ”هلال پاڪستان ميگزين“ ۾ منهنجي ڇپيل شعر (پنهنجي آئيندي جي نالي) کان متاثر ٿي فقير محمد لاشاري هٿان مون ڏانهن هي ٽيڙو لکي موڪليائين:

”او ابا آڪاش!

  تون وٽ بادل بانورا،

مون کي تن ۾ آس.“

اڳتي هلي سنڌ اهو ڏينهن  به ڏٺو جو مولانا مودودي جي ڪتاب” تفهيم القرآن“ جي مهورت  واري تقريب ۾ صدارت ڪندڙ جماعت اسلامي جو اڳواڻ قاضي حسين احمد، مهمان خاص مولانا جان محمد عباسي ۽ مقالو پڙهندڙ شيخ اياز هو. پر ڇا اياز جي پڇاڙڪن  خيالن، نظرين ۽ شعرن جي ڪري اسان اياز کي ”ڊس اون“ ڪري سگهون ٿا. هي هيڏو سارو پهاڙ جيڏو گجندڙ ۽ صندل جي واس ويڙهيل، ٻاٻرن، ٽانڊن جهڙن ڌڳندڙ گيتن جي سرجيندڙ شيخ اياز  کي سنڌ نظر انداز ڪري سگهندي؟ هر گز نه، جهڙي ريت شيخ سعدي عليه رحمت پنهنجي هڪ شعر ۾ فرمايو  ته”قرآن شريف جو مغز اهل فارس وارن محفوظ ڪري ورتو آهي. باقي هڏا عربن لاءِ آهن.“ ائين ئي سنڌ جي سن ٿيل رڳن کي رابيل جهڙي رت جهڙن نغمن جو رت ڏئي سائو ڪندڙ بيباڪ، سورهيه، عوام دوست، سنڌ دوست، انسان دوست، هماليه جهڙو اياز سنڌ جي  ايندڙ نسلن جي دلين ۽ روحن ۾ تاابد محفوظ رهندو. ان کان سواءِ باقي بچيل شيخ مبارڪ علي نه اسان جو رهيو هو، نه اسان جو آهي. نه اسان جو رهندو.

بلهي شاهه اسان مرڻ ناهين، وچ گورپيا ڪوئي اور

(تعزيتي اجلاس ڪيل تقرير)

 (30 ڊسمبر 97 روزانه سوال)

ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر- شيخ اياز

توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون!

سقراط سيتائي

1983ع جي مئي مهيني جي ڳالهه آهي مان ۽ رکيل مورائي شڪارپور جي شهر عبدوءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٿي وياسين. سکر پهتاسين ته سوچيوسين، اڃا گهڻو وقت آهي تنهن ڪري ڇو نه عظيم شاعر شيخ اياز سان ملڻ جي پراڻي سڪ پوري ڪجي. پهرين شيخ صاحب جي آفيس وياسين جيڪا بند ملي، ڀرسان ئي ٻئي مشهور شاعر فتاح ملڪ جي وڪالت  واري آفيس هئي جيڪا پڻ بند هئي، پر خبر پئي ته  ڀرسان ئي سندس گهر آهي، ان سان بهر حال ملاقات ٿي، جنهن ڏاڍو قرب ڏنو، کانئس جڏهن شيخ اياز جي گهر جي ايڊريس  ورتي سين، جيڪا پراڻي سکر ۾ جنات بلڊنگ جي ڀرسان هئي، رڪشا ڪري پهتاسين. بيل وڄائڻ تي هڪڙو مومن قسم جو ڇوڪرو نڪتو، جنهن تمام گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ، سمجهيو ته شيخ اياز  هن گهر جو مالڪ آهي، جنهن سان ملڻ آيا آهيون، اندر وڃي اطلاع ڪيائين، ڳچ دير کان پوءِ اسان  ڏٺو ته ناسي پهراڻ ڪانچ ۾ شيخ صاحب آيو پئي، هٿ ۾ سگريٽ هوس، وار وڏا، تمام وڏي ڏيا وارو مڙس، اچي اسان مٿان بيٺو، اسان جهڪي ملياسينس  ۽ ڄڻ ته خوف مان هڪ ڏاڪو هيٺ ٿي  بيٺاسين. نالا پڇيائين، رکيل ٻڌايس ته ڪنڌ ڌوڻيائين. مون ڏي گهور ڪري پڇيائين ”۽ تون بابا!؟“ مون چيو ”سائين! مان سقراط سيتائي“ ٻيهر ڏٺائين ۽ ورجائين ”سُقراط؟ سيتائي؟ سٺو تمام سٺو ” وري پڇيائين“ ”ڪيئن پنڌ پيا آهيو؟“ اسان ٻئي چپ نيٺ رکيل همت ڪئي ”سائين! توهان سان ملڻ جي خواهش هئي!“ ” اڇا! ٺيڪ آ بابا! توهان جو به وارو ايندو، ڪم جاري رکو سنگت وارن کي سلام چئجو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org