اياز! اسان کي معاف ڪر
جاويد کوسو
اڄ
ڀٽ ڌڻي کي ان جي امانت موٽي ملي ۽ ان جي صدين جي
تنهائي نيٺ ختم ٿي. هاڻ ڪراڙ ڍنڍ تي راتين جو
ڪچهري ڄمائڻ ڀٽائي لاءِ ممڪن آهي. نه ته ڀٽ تي
هميشه فقيرن جي ڪچهري ڄمندي هئي. اهو خيال ڪنهن جو
به هجي ته اياز کي ڀٽ تي دفنائڻ گهرجي پر ان جي
پويان ڀٽائي جي ڇڪ هئي، جنهن اياز کي پاڻ ڏانهن
گهرائي ورتو.
اياز
ڪراڙ تي پهچي ته ويو. پر ڪيئن؟ اهو ڏسي ڏاڍو افسوس
ٿيو، ڀٽائي جي امانت کان سنڌي ايترو بي خبر هيا،
ان جو اندازو مون کي ڪراڙ ڍنڍ تي چند ماڻهن جو ميڙ
ڏسي ٿيو. خبر نه آهي ته سنڌي ماڻهن کي ان ڳالهه جو
اندازو هيو به الائي نه، ته سنڌ جي هڪ صدي اڄ دفن
ٿيڻي هئي.اياز ڪو وڪيل نه هو، يا هو صرف سرمد جو
پيءُ نه هو جيڪو دفن ٿيڻو هو، هو سنڌ جي ويهين صدي
جو ادب جو پڳدار هو، وارث هو.- پوءِ ماڻهن جي
اهڙي تدفين سان ايڏي لاتعلقي ڇو؟ ان مان اهو
ثابت ٿيو ته سنڌي قوم وٽ ادب جي لاءِ ڪا به اهميت
نه آهي. سنڌين اڄ به بي ادب هجڻ جو واضح اعلان ڪري
ڇڏيو. جنهن به قوم ادب سان لاتعلقي ڪئي ته ان جو
پلاند تاريخ ڪندي آهي. ان کي لاتعلق ڪري تاريخ ان
کي پنهنجي جهولي مان اٿاري ڇڏيندي آهي.
سنڌين جي سوچ ۽ مزاج جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي
ٿو ته جڏهن شيخ اياز جهڙو شاعر دفن ٿو ٿئي ته چند
ماڻهو گڏ ٿا ٿين پر جيڪڏهن پرو چانڊئي جهڙو ڌاڙيل
دفن ٿو ٿئي ته اتي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو
گڏ ٿا ٿين. اهڙي سوچ رکندڙ قوم جي حالت جيڪڏهن اڄ
جهڙي آهي ته ان لاءِ معيارون ڌارين کي ڏنيون وڃن
ٿيون. آئون دعويٰ سان چوان ته ڪنهن به قوم جو
استحصال ٻي قوم تيستائين نه ڪري سگهندي آهي
جيستائين اها قوم پنهنجو استحصال پاڻ نه ڪري ۽
اهڙي استحصال جو ثبوت ٻيو ڪهڙو هجي، جيڪو سنڌين
اياز سان لاتعلقي ظاهر ڪري ڪيو آهي.
ممڪن
آهي ته اياز ۾ ڪي اوڻايون اهڙيون به رهيون هجن جن
پنهنجي هم عصرن کي ڏکايو هجي پر اياز کي ايتري حد
تائين ذاتي حيثيت تي پرکڻ بلڪل
به
ناجائزي هوندي. شيڪسپيئر جيڪو انساني فطرت جو
بادشاهه ڄاڻو آهي ان جي هڪڙي سٽ آهي ته ”خدا اسان
۾ عيب ڏئي انسان بڻايو آهي.“
پوءِ
جيڪڏهن اهڙيون ڪي ذاتي خاميون اياز ۾ هيون ته اها
هڪ فطري ڳالهه آهي. ان کي قومي معيارن تي آڻڻ ڪنهن
کي زيب نٿو ڏئي. اسان ۾ ايتري ته سمجهه هجڻ گهرجي
ته ڪنهن شاعر جي پرک ڪيئن ڪجي يا ان جو ملهه ڪيئن
لهجي. سڄي تاريخ اهرن شاعرن سان ڀري پئي آهي. جيڪي
پنهنجي زندگيءَ ۾ تڪراري رهيا پر انهن جي وفات کان
پوءِ قومن کي انهن جي عظمت جو احساس ٿيو.
اهو
به ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهن اياز کي پنهنجي حيثيت
ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ته اسان جي ساٿ کان
سواءِ تون هڪڙو عام ماڻهو هئين ۽ هڪڙي عام ماڻهو
وانگي دفنائجي ويندين. ۽ جڏهن انهن کي ان ڳالهه جي
خبر پئي هوندي ته اياز واقعي به هڪ عام ماڻهو
وانگي دفنائجي ويو آهي ته يقينن انهن جي چپن تي هڪ
فاتحانه مسڪراهٽ ڊوڙي هوندي ۽ پنهنجي محفل ۾ ويٺل
مداحن ۽ عقيدتمندن ڏانهن فاتحانه نشي ۾ خماريل
اکيون کڻي اهو پيغام بنا ڪنهن لفظ ادا ڪرڻ جي
پهچايو هوندو ته ڏسو، اسان جي اهميت ڇا آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو ۾ اهڙي
قسم
جو تڪبر پيدا ٿيو آهي ته اهي تاريخ جي ورقن مان
ڪجهه سبق سکڻ جي ڪوشش ڪن ته جڏهن يزيد حسيني
گهراڻي کي بي وس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي درٻار ۾
گهرائي پنهنجي فتح جو اظهار ٿو ڪري ته بي بي زينب،
يزيد جي سامهون اها ڳالهه ٿي رکي ته ”اهو فيصلو
تاريخ ڪندي ته فاتح ڪير آهي ۽ مفتوح ڪير آهي، عظمت
ڪنهن ماڻي ۽ ذلت ڪنهن ماڻي.“
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو اياز جي عظمت سان ٽڪر کائيندي
ان جي تدفين ۾ شريڪ نه ٿي ڪري ان کي عام واقعو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته يقيناً اڄ اهي ڪامياب ٿيا
آهن پر اها ڪاميابي بلڪل به عارضي آهي ۽ عارضي
ڪاميابين تي خوش ٿيڻ انتهائي ننڍن ماڻهن جي ڳالهه
آهي اڄ اياز جي مڻين مٽي هيٺان وڃڻ کان پوءِ
تاريخ اهو دور شروع ڪري چڪي آهي جنهن ۾ اڳتي اهو
ثابت ٿيڻو آهي ته عظيم ڪير آهي؟ مون کي يقين آهي
ته ايڪوهين صدي جي ڊسمبر 98ع ۾ جيڪڏهن ڪي سنڌي
ويهين صدي کي ياد ڪندا ته يقيناً اُهي هڪ اڌ شخص
کان علاوه اياز جي حوالي سان هوندو.
جڏهن
آئون ۽ اعجاز گڏجي اياز جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته مون اعجاز کي هڪڙي ڳالهه
ڪئي ته اهي ماڻهو جيڪي اياز کي ننڍو شاعر ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندا هئا، هاڻ ائين نه ڪندا. ان ڪري جو
هاڻي انهن ماڻهن جي اکين تان انا جو پردو لهي
ويندو ۽ جڏهن هو اياز جي باري ۾ ان جي موت کان
پوءِ سوچيندا ته انهن کي اياز بلڪل مختلف نظر
ايندو ۽ ان جي شاعري جون نيون معنائون آشڪار
ٿينديون پر هاڻي لڳي ٿو ته انهن نون معنائن تائين
پهچڻ لاءِ اڃا اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ
جو انا جو پردو اڃا پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي.
ماڻهن کي اياز کان وڏي شڪايت اها رهي ته هو پڇاڙي
واري دور ۾ پنهنجي شاعري کي منحرف ٿي ويو هو. اهڙي
شڪايت جي موٽ ۾ مان انهن کان اهو سوال پڇندس ته
ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن ڀٽائي کي پنهنجي شاعري ڪراڙ
ڍنڍ ۾ اڇلائڻ تي مجبور ڪيو. ڇا اها مايوسي هئي، يا
پنهنجي ڪلام کي عاق(Disown)
ڪرڻ هيو؟ شاعرن
تي اهڙا دؤر ايندا آهن جو ” ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن
ڪيهر شينهن“ اهڙين ڳالهين تي گوڏا کوڙي بيهي رهڻ
انتهائي ٻاراڻي حرڪت آهي. اسان جي ڪوشش اها هجڻ
کپي ته اسان انهن ڪيفيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
شيخ اياز جو روحانيت ڏانهن لاڙو (Decedence)
نه بلڪ (Acendence)
آهي، بلڪل ائين جيئن آئنسٽائن جي واتان روحانيت
جون ڳالهيون ٻڌي مزو ٿو اچي. ساڳئي طرح اياز جي
روحانيت کي سمجهي انجواءِ ڪرڻ گهرجي.
عظمت
صرف اها نه آهي ته ماڻهن جي فرمائش تي شاعري يا
نظريا پيش ڪجن. سٺا خيال هميشه پنهنجي دور کان
اڳتي نڪري ايندا آهن. جنهن جي ڪري سٺن خيالن کي
هميشه پنهنجي دؤر ۾ ذلت کي منهن ڏيڻو پوندو
آهي.لطيف جي عظمت جو احساس سنڌين کي ڪڏهن ٿيو.
ساڳي طرح اياز جي عظمت کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت
۽ محنت جي ضرورت آهي.
مون کي
نٿو لڳي ته ڀٽائي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ وقت سڄي
سنڌ کي ڪو احساس ٿيو هوندو ته قوم کي ڪو نقصان ٿيو
آهي. جنهن وقت ڀٽائي ڪلهن تي کڄي پنهنجي ابدي آرام
گاهه ڏانهن روانو ٿيو هوندو ته حاڪمِ وقت پنهنجي
اقتدار کي بچائڻ يا مضبوط ڪرڻ ۾ مشغول هوندا.
ساڳئي ريت اڄ جو حاڪم به انهي پراڻي ڌنڌي ۾ مشغول
آهي. هن کي قومي سانحي جي ڪا به پرواهه ڪونهي.
جيڪڏهن هن کي پرواهه آهي ته صرف ۽ صرف ناراض
ميمبرن جي، ته ڪهڙي طريقي سان انهن کي ريجهائي
راضي ڪري پنهنجي اقتدار کي برقرار رکجي. لياقت علي
خان جتوئي کي ڪهڙي ضرورت آهي. جو هو اياز کي
سرڪاري پروٽوڪول ڏئي. ائين ڪرڻ سان هن جي حڪومت کي
ڪهڙو فائدو ٿئي ها. ان ڪري حڪومت جي اظهار جا سڀئي
ادارا ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي پنهنجي معمول مطابق ڪم
ڪندا رهيا. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي. جيڪڏهن پروين
شاڪر وفات ٿي ڪري ته ٽي وي جي اسڪرين تان رنگيني
اڏامي ٿي وڃي پر شيخ اياز جي وفات واري ڏينهن تي
انهن جي شوخي ۾ ڪا به ڪمي ڪو نه آئي. اهڙي ڪريل
حرڪت سان اياز جو مان، پاڻ وٽ ڀلي گهٽ هجين پر
تاريخ ۾ ان جي اهميت گهٽائي ڪو نه سگهندا. ان ڪري
جو عظيم شخصيتون سرڪاري پروٽوڪول جون محتاج نه
هونديون آهن. پر ان جي ابتڙ انهن حلقن جي پنهنجي
سمجهه ۽ شعور جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڪٿي شيخ اياز ۽
ڪٿي لياقت علي خان جتوئي جي مڃتا. نالي جو اثر نيٺ
ڪٿي ته ظاهر ٿيندو! باقي رهي ڳالهه وفاق جي ته ان
وٽ سنڌ جي ڪهڙي اهميت آهي جو ان ڌرتي جي مهان شاعر
کي ڪا اهميت ڏئي.
ممڪن
نه بلڪ يقين آهي ته منهنجون ڳالهيون گهڻن ماڻهن کي
ڪو نه وڻنديون پر مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيترا
ماڻهو ڪنهن مشاعري ۾ گڏ ٿيندا آهن اوترا ماڻهو به
اياز جي تدفين وقت گڏ ڪو نه ٿيا. ان ڪري مان اياز
جي ابدي آرمگاهه آڏو ڍاڍي شرمندگي محسوس پئي ڪئي.
جڏهن اسان ڀٽ تان موٽياسين ته هڪ عجيب گلٽ جو
احساس ٿيو. منهنجي حالت اهڙي ٿي وئي جهڙي انهن
ماڻهن جي جيڪي حضرت عيسيٰ جي مقدس روح جو جسم مان
پرواز ڪري وڃڻ کان پوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس
ٿيڻ وقت پنهنجا پير ڳورا محسوس ڪرڻ لڳا. ان گلٽ
جي احساس ۾ هي ڪالم لکڻ شروع ڪيم. مون کي خبر آهي
ته مان ڪو دانشور نه آهيان ۽ نه ئي وري مون ۾
اعجاز منگي واري لکڻ جي ڏات آهي جو مان اياز تي
ڪالم لکي پڙهندڙن کي متاثر ڪري سگهان، بلڪ اهو
ممڪن آهي ته انعام شيخ جهڙو ڪو دانشور دوست ڪنهن
محفل ۾ ويهي اها تنقيد به ڪري ته الائي ڇا
لکيائين! هنن سڀني ڳالهين کان واقف هوندي به مان
پاڻ کي لکڻ کان روڪي ڪو نه سگهيس. صرف ان ڪري جو
مون کي اهڙي بيحسي برداشت ٿي ڪو نه سگهي، جهڙي بي
حسيءَ جو مظاهرو اڄ اياز سان سنڌين ڪيو.
بس آخر
۾ اياز کان پنهنجي لاءِ معافي گهرندي ۽ ان جي سنت
تي عمل ڪندي خدا کان ايتري دعا گهرندس ته ” اي
خدا! سنڌ ۽ سنڌين کي ان غلطي جي سزا معاف ڪجانءِ“
۽ پنهنجي هم خيالن کي به عرض ڪندس ته جيڪڏهن انهن
وٽ ڪو فن يا ڏات آهي ته ان کي استعمال ڪندي پنهنجي
غلطي جو ازالو ڪن. ان کان اڳ جو خدا منهنجي دعا
تي ڌيان نه ڏيندي اسان جي غلطي تي، ڪا سزا ڏيڻ جو
ارادو ڪري ويهي.
(30
ڊسمبر 97ع روزانه سنڌ)
اياز
جو وڇوڙو
صديءَ
تي ڦهليل درد
همسفر
گاڏهي
سنڌ
صدين پڄاڻان دردن جي گهاريل ڌرتي آهي، ان ۾ وسندڙ
ماڻهن لاءِ درد ۽ پيڙائون هاڻ نئين ڳالهه نه رهيون
آهن. ڌرتي ڌڪاڻن غاصبن جو به هميشه سنڌ سان وير
رهيو آهي ته وقت به، هن ٻهڳڻ ڌرتي سان ويل وهايا
آهن. ماضي قريب ۾ اسان کي سائين جي ايم سيد، نجم
عباسي، مرتضيٰ ڀٽو سميت ڪيترائي سڄڻ وقت باز وانگر
جهٽي کسي ويو. ائين سال 97ع ۾ به کوڙ دلير دوست پڻ
وقت کسڻ ۾ ڪا ويرم ڪا نه ڪئي. اهڙن سڄڻن ۾ شيخ
اياز، اياز قادري، حفيظ قريشي(سينيئر) درشهوار سيد
۽ ٻيا شامل آهن. ائين سمجهو ته سال 1997ع ويندي
ويندي اهڙا ٻهڳڻ شخص کسي ويو آهي، جن جو نه رڳو
خال ڀرجڻ مشڪل آهي، پر ان جو ازالو به ممڪن ڪونهي.
شيخ
اياز انهن سڀني ڪردارن ۾ اهڙو ڪردار آهي، جنهن تي
موت جو درد هن سموري صدي تي ادبي حوالي سان ڀاري
آهي. هن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهائپ تائين
سڄي عمر ادب کي ارپي ڇڏي. هن پنهنجي شاعري جي عروج
واري دور ۾ مزاحمتي شاعري ڪئي. اها شاعري اهڙي ته
سگهاري هئي جو ان ايوانن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. آمر
حاڪمن جا ايوان ڌڏي ويا. ۽ ائين سڄي سنڌ انهيءَ
آواز سان گونجي پئي ته ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو
سهندو ڪير ميار، او يار“ ائين اياز اهو پڻ
اعلانيه چيو ته ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجي
سيس نوايان مٽي ماٿي لايان“. اياز جو گيت اهڙو ته
امر ٿي ويو، جو ان کي قومي تحريڪ طرفان قومي تراني
طور شامل ڪيو ويو. ائين اهو ترانو جڏهن سنڌ جي
قومي جلسن ۾ پڙهيو ويندو هو ته ماڻهو احترام وچان
اٿي بيهندا هئا. ائين اياز پنهنجي جيئري ئي پنهنجي
شاعري جي اڏام ۽ ان لاءِ عزت ۽ احترام پسي چڪو
هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اياز مون کي ۽ منهنجي
پياري دوست حميد سبزوئي کي آخري انٽرويو ۾ پنهنجي
شاعري کي ڪنهن به تحريڪ سان واڳڻ کان انڪار ڪيو
هو، ڇو ته اياز جي خيال ۾ ائين ٿيڻ ڪري تحريڪ ختم
ٿيڻ جي صورت ۾ سندس شاعري به ختم ٿي پئي سگهي.
باوجود انهي جي اياز پنهنجي زندگي ۾ جديد سنڌي
شاعري کي ڀٽائي کان پوءِ جيڪي نوان لاڙا ڏنا، اهي
اياز کي هميشه زنده رکندا. هو جڏهن ڳالهائيندو هو
ته سمنڊ جيان ڇوليون هڻندو هو. هو علم جو درياهه
نه، پر سمنڊ هو، جنهن جو ڳجهه ڪو به ماڻهو نه لهي
سگهيو.
اهو
اياز جيڪو سدائين چوندو هو ته شاعري آڙي پکي ته
ناهي جو موسم تي موٽي اچي، شاعري ته مڇي وانگر آهي
اها جيڪڏهن ترڪي وئي ته، تري ۾ هلي ويندي آهي. اهو
اياز اڄ ڀٽ ڌڻي جي درگاهه ۽ ڪراڙ ڍنڍ ڀرسان آرامي
آهي. اياز جي ننڍ ڀلي صدين تائين ڊگهي درد جيان
ڊگهي ٿي وڃي، پر اهو اسان کي يقين ڪري ڇڏڻ گهرجي
ته اياز موت کي جيڪا ملهه مارڻ جي ڳالهه ڪندو هو،
اها اڄ اسان جي سامهون حقيقت جي روپ ۾ بيٺي ته
اياز جسماني طور کڻي اسان کان الڳ ٿي ويو آهي، پر
هو فڪري طرح زنده رهندو. ۽ سندس گيت، نظم، وايون ۽
غزل ماڻهن جا سدائين سونهان رهندا.
روزانه
عوامي آواز ڪراچي جنوري 1998ع
۽ سنڌ
جو اياز هليو ويو
اظهار
سومرو
جڏهن
شڪارپور جي وڏن ۽ ويڪرن رستن واري شيخن جي پاڙي ۾
ٻن اجنبي مسافرن جي قبرن تي نظر پوندي ته دل سهمجي
ويندي آهي ۽ جڏهن شام جو شاهي باغ مان سرءُ جا پتا
لتاڙيندي واپسي ٿيندي آهي ته ماڻهو پنن جيان ڇڻڻ
لڳندو آهي ۽ هوڏانهن جڏهن قبرستان واري رستي کان
ٿورو اڳيا سڻڪ تي رات جي ويلي هوا وڻن سا ڳالهائڻ
لڳندي آهي ته ان منظر سان لاڳاپيل شاعراڻا احساس
جڏهن هڪڙي ٻالڪ جي دل ۾ پنهنجو اکيرو ٺاهين ٿا ته
اهو ٻالڪ مبارڪ علي شيخ مان شيخ اياز بڻجي ٿو.
شيخ
اياز، جيڪو ننڍپڻ ۾ سڪ پل تي وڃي پنهنجي استاد
کَيئل داس کي شاعري ڏيکاريندو هو،سو آئيندي جي سنڌ
لاءِ سنڌ جي شور لاءِ سڪ پُل بڻجي پيو،جنهن پل سنڌ
کي ورهاڱي جي ڌک کان پوءِ وقت سان ڳنڍيو.
شيخ
اياز جي لفظن سان سفر هڪڙي انوکي پيار جو سفر
هو.اهو پيار جيڪو هن سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ پڙهندڙ
ساٿياڻيءَ سان پوئڻ کان به گهڻو اڳ پنهنجي دل ۾
پوکيو هو. هن جي زندگيءَ ۾ لفظ هڪڙي اهڙي معنيٰ
بڻجي پيا، جنهن آئيندي جي سنڌ کي پهرين خوبصورت
سپنو ۽ پوءِ ان سڀني جي ساڀيان ڏيکاري.
اياز
پاڻ ٻڌائي ويو آهي ته”هن جي شاعري ۽ ادب سان لڳاءُ
هڪڙي ماحول جو نتيجو هو.“ جيڪو ماحول کيس هاڻوڪي
قاضي حبيب الله اسڪول جي استادن کان مليو، جيڪو
ماحول کيس پنهنجي حسن پرست پيءَ کان مليو،جيڪو
ماحول هن کي پنهنجي امڙ جي ان ڇاتي کان مليو، جيڪا
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، هندو رسمون ادا ڪندي رهندي
هئي ۽ هميشه خاموش رهندي هئي. ان سموري پسمنظر
هڪڙي ماڻهوءَ جي مٽي ڳوهي، هڪڙو ماڻهو جيڪو ڪمال
جو حسن پرست ۾ غضب جو فنڪار بڻيو. جنهن جي نگاهه ۾
هڪڙو سگهارو تصور اڀريو ۽ ان تصور سنڌ کي هڪڙو
نئون رنگ ڏنو.
جڌهن
شيخ اياز تي لکڻ لاءِ قلم کڻجي ٿو ته ان مهل ذهن ۾
هڪڙو بنيادي سوال اڀري ٿو ته شيخ اياز ڇا هو؟ چوڻ
لاءِ ته ائين به چئجي ته”هو وڏو شاعر، ڪهاڻيڪار،
دانشور،ڄاڻو ماڻهو،وڪيل،تعليم دان، وائيس چانسلر،
سياح ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا هو.“ پر اهي سڀ ڳالهيون
گڏي به اياز جي سموري شخصيت کي نٿا بيان ڪري
سگهون. اياز لاءِ سڀ کان مناسڀ ۽ جامع راءِ اها ٿي
سگهي ٿي ته ”اياز رڳو هڪ فرد نه پر هڪڙو جامع ۽
مڪمل موضوع آهي.“ اهڙو موضوع جنهن چؤڦير سالن
تائين سنڌ ڦرندي رهي آهي. هڪڙي ماڻهوءَ کي آخر
ڪهڙيون ڳالهيون ايڏو وڏو بڻائڻ ٿيون، جو ٿر، بر،
جهنگ جر ۾ اياز ڳايو وڃي ٿو.”ڪنڊيءَ نه سڱري“ کان
وٺي ”همرچي“ تائين”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ کان
وٺي ”سنڌ ديس جي ڌرتي، تو تي پنهنجو سيس نوايان“
تائين، لفظ لفظ ”سنڌ،سنڌ“ ٿيو پوي. ان ڪري ئي هو
هڪڙو ماڻهو، هڪڙو نالو نه پر هڪڙو موضوع هو.
۽ اڄ
جڏهن سنڌ جي اداس هوائن ۾ شيخ اياز ڪونهي، هڪڙو
شاعر جنهن پنهنجي سجي حياتي لفظن سان گفتگو ڪئي،
شعرن سان دوستي رکي، هڪڙو شاعر جنهن پنهنجي وطن جي
هوائن کي چونڊي پنهنجي بيتن ۾ آندو،جنهن پنهنجي
مارو ماڻهن جي اکين کي سرمي جهڙا سريلا گيت ڏنا،
جنهن جيل کان ريل تائين پاڻ کي رولي به سنڌ لاءِ
سوچيو، جنهن وقت جي واڳ کي واريو، جنهن زمان ۽
مڪان کان اڳتي وڃي انيڪ خيال ۽ تصور آندا، جيڪو
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لازم ملزوم بڻجي پيو، جنهن
سنڌي ٻولي جو سينو موڪرو ڪري ڇڏيو، اهو ماڻهو اڄ
جسماني طور ڪونهي، ڪراڇيءَ جي خنڪيءَ سان ڀريل
راتين ۾ ان شاعر جون اڄ آکيون نٿيون ٻرن. اڄ ساهه
نٿا وکرن، پر پوءِ به هو اسان ۾ آهي، اسان سان
آهي، دلين جي آئينن ۾ ليئا ٿو پائي،اکين جي ٻيڙين
۾ درياهه ٿو اُڪري.
هن
پنهنجي زندگيءَ سان اهڙو حسين انصاف ڪيو آهي جو سچ
به، دل رشڪ ٿي ڪري.اياز، جنهنجي گيتن سنڌي ٻوليءَ
کي نه رڳو حسن ڏنو، ڀرپور بڻايو پر هن ته ٻوليءَ
جي بقا جي ضمانت به ڏني. جڏهن شاعر ٻوليءَ کي
ذخيرو ڏئي ته اهو ته ڪمال چئبو ئي پر جڏهن شاعر
ٻوليءَ جو تحفظ ڪري، ٻوليءَ کي بقا ڏئي،خطرناڪ
حملن کا بچائي ته اهو ڪم ڪمال کان گهڻو مٿي آهي.
اڄ
جڏهن سنڌ ۾ شيخ اياز ڪونهي ته سمورن حساس ماڻهن
جون دليون رڳو روئن نٿيون پر اهو سوچين به ٿيون
ته”سڀاڻ جي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ جنهن وٽ هاڻ ڳڻڻ
جهڙا ڪي چنڌ وڏا نالا، وڏا ڪردار بچيا آهن، اهڙي
سمي سنڌ کي جڏهن خبر پوي ٿي ته ”شيخ اياز گذاري
ويو“ ته اهو لمحو سنڌي قوم لاءِ هڪڙي قومي المئي
کان گهٽ ناهي. ايئن ٿو لڳي ته ايندڙ صدي ڪي وڏا
ڪردار پيدا نه ڪري سگهندي بلڪه ايندڙ صديون وڏن
وڏن ڪردارن جون هونديون ئي ڪونه. ان ڪري ئي شايد
هيءَ صدي جيڪا وڏن وڏن ڪردارن ۽ نالن جي صدي آهي
سا پنهنجا نالا پاڻ سان گڏ کنيو وڃي، ايئن آچر جي
صبح جو سوير سنڌ جي اکين ۾ ٻه ڳوڙها تري آيا، جو
شيخ اياز گذاري ويو.
ڪڏهن
هوا دروازو کولي
منهنجي
گهر ۾ پيهي ايندي
۽ ڪمري
۾ مون کي ڳولهي
مايوسيءَ مان موٽي ويندي
ميز
مٿان سو ڪاغذ
پکڙيل
هوندا آءُ نه هوندس
۽ ٻيو
ڇا ڇا آءُ نه هوندس
29ڊسمبر 97 روزانه سوال
صدين
تي ڀاري ”اياز“....
حفيظ
ڪنڀر
.....اڄ جي ڳالهه ان جي نالي جنهن جي نالي ڪالهه
به هو ۽ سڀاڻي جون صديون به هونديون.
ڀٽائي
جي آڳر ۾ ستل ۽ آٿٿ ۾ جيئندڙ اياز جي نالي......
ان اياز جي نالي، جنهن ڪنهن گهڙي ۾ فيثا غورث ۽
غزالي جا ڪتاب اڇلي، ڪوڏر سان زمين کوٽي ڪڻڪ پوکڻ
ٿي چاهي، ڇو ته کيس اها هر فلسفي جي ماءُ ٿي لڳي.
اڄ جي
ڳالهه ان اياز جي نالي جيڪو صدين جي ڳالهه به آهي،
صدين جو ست به آهي، جنهن جي سٽن ۾ سنڌ، هند ۽ هي
عالم سُرندي،چرندي، هرندي معلوم ٿيندو آهي، جنهنجي
سُرن ۾ سپنا جاڳندا هئا ته هن ننڊ نگر جي ننڊ تي
سرن ۾ افسوس ۽ رنج جا پڙاڏا به هوندا هئا.
آمر
ڪارونجهر
ڪيڏي
ننڊ نگر الا!
ڪيڏي
ننڊ نگر
اڄ جي
هي ڳالهه.... ان اياز جي نالي آهي جنهن خود آخر دم
تائين چيو ته.....”هي ڪارونجهر جو منهنجو ڀاءُ
آهي، جون مون جيئن اڏول آهي....نه هو اتان چريو
آهي.....نه مان ئي چريو آهيان...“
اڄ جي
ڳالهه....ان اياز جي نالي آهي جنهن جا گيت
ماياڪووسڪي وانگر
I want
the pen to equel the gun
هئا ۽ دوکي جي ديوار ڊاهڻ لاءِ عقابن سان اٽڪي ۽
واهيرن جي واهر ٿي ضميرن جا زنگ لاٿا ٿي.
گيت
به ڄڻ گوريلا آهن
جي
ويري وار ڪرن ٿا
ڪيڏي ترڇي تاڙ رکن ٿا
اتر
اوڀر لاڙ ڇپن ٿا........
وقت
ڏٽو ته ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين چشمن سان مٽي
چائڻ واري اياز کي سنڌ پنهنجي نيڻن جو تارو بنايو،
هن وٽ فقط ڏيهه جو ڏک ڪونه هو، ڀٽائي جي ڀر وٺي
هلندڙ اياز انهيءَ ڏک وگهي ڪهڙا ڏک ڀوڳيا....اهي
هزارين، لکين سٽن ۾ ڪروڙين معنائن سان سمايل آهن.
”واسينگن جي واٽ، آهي سفر سوچ جو“
اڄوڪي ڳالهه ان صدين جهڙي صدين تي ڀاري اياز جي
نالي آهي، جنهن لاءِ لکين ڪروڙين ڳالهيون آهن،جنهن
جي طبعي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ ڏکاري آهي.هر ڳالهه
اڌوري، هر ڳالهه ڄڻ خاموشي ٿي ڇلڪائي......
(روزانه سوال)
شيخ
اياز : هن صديءَ جو
خوبصورت سچ
تسليم زنئور
”....پتڻ جو پويون پور نه آيو آهي ۽ اڃا سانجهي نه
ٿي آهي، في الحال ته مون الوداع کي الوداع ڪئي
آهي، پر ڪيئن چئجي!موت چور وانگر پٻن تي ايندو
آهي!“هي ان شيخ اياز جا لفظ آهن، جنهن موت کي چور
۽ وقت کي اٻهرو وانجهي سڏيو آهي. واقعي موت چور
وانگر پٻن تي اچي ان اياز کي چورائي ويو آهي، جنهن
جا گيت اسان جي شريائين ۾ ڪنهن هُل نگر هُلن ٿا.
هي سال پنهنجي عمر جا ڏينهن پورا ڪري جڏهن فنا جي
ٻانهن ۾ پناهه وٺڻ وارو هو ته ويندي ويندي اسانجي
جهولين ۾ هڪ مرثيو وجهي ويو آهي ۽ اهو مرثيو مهان
ڪوي شيخ اياز جي موت آهي.وقت پيغامبر به آهي ۽ وقت
شڪاري به آهي، هن سال جيڪو ڪجهه شڪار ڪيو آهي.
ان
سندس پيرن ۾ سنگهر وجهي ڇڏيا آهن جيڪي تاريخ جي
صورت ۾ وقت خلاف شاهدي بڻجي ويندا.پر وقت بي
پرواهه بادشاهه آهي. سندس پيرن هيٺيان ڇا ڇا
ڇيڀاٽجي پنهنجو وجود وڃائي ٿو، کيس ڪا پرواه
ناهي.هر ڏينهن جيڪو ڪجهه ”آهي“ هو ٻئي ڏينهن ”هو“۾
بدلجي اسان وٽ هڪ نظم،گيت ۾ هڪ مرثيو ڇڏي ويندو
آهي.اڄ اياز جي موت جو ٻڌي تاريخ جا چپ به سڪي ٺوٺ
ٿي ويا آهن. هي دنيا جڏهن واريءَ وانگر اياز جي
مُٺ مان نڪري وئي آهي، ۽ تقدير ڪنهن شڪاريءَ وانگر
کيس اسان کان کسيو آهي ته اسان جا اندر به صحرا
بڻجي ويا آهن ۽ اسان کي به پري پري تائين فقط واري
اڏامندي پئي ڏسجي. منهنجي شيخ اياز سان ڪا به
ملاقات ناهي تنهنڪري
هو
پنهنجي روين ۾ ڪيڏو وڏو ماڻهو هو. ان بابت آئون هڪ
سٽ به نٿي لکي سگهان جنهن جو مون کي ڏاڍو افسوس به
آهي، پر آئون ان اياز کي سڃاڻان ٿي جيڪو پنهنجي
شاعريءَ وصيلي مون تائين پهتو“جنهن جا لهرون لهرون
گيت منهنجي اندر جي سمنڊ ۾ گرجن ٿا. اها شاعري
اُداسيءَ جي نٽهڻ اُس بڻجي اڄ منهنجا لڱ ساڙي رهي
آهي. شيخ اياز جڏهن پاڻ کي موتي ميڙيندڙ ٽوٻي سان
ڀيٽي ٿو ته سندس ميڙيل موتي اسان آڏو امرتا جو
نئون باب کولي ٿا ڇڏين.
”ڪڏهن ڪويتا ڪانڍ ڪجل جي، ڪڏهن اکين جو ڊڀُ
اهو به
ناهي سڀ!
ڪڏهن ٽڪوري ڪانڊا ٽانڊا، ڪڏهن سِپُون اڻ لڀ،
اهو به
ناهي سڀ!“
”اهو
به ناهي سڀ“ جي ڳاهه ڪندڙ شيخ اياز کي خبر هئي ته
اڃا گهڻو ڪجهه ڳولڻو آهي.سندس آڏو فن جو ڇيهه نه
هو، کيس اندر جي آنڌ مانڌ لاءِ ڪو ماڳ نٿي
سمجهيو،کيس ڄاڻ هئي ته اڃا ڪي اهڙا موتي به آهن
جيڪي ميڙي کيس فن جي ڪنڌيءَ تي آڻڻا آهن. اها اڻ
تڻ ۽ بي چيني ئي شاعر جي اصل پرک ۽ سڃاڻ آهي. اهو
ئي سبب آهي جو سندس هر گيت جو رستو هزارين رستن کي
جنم ڏئي وڃائجي وڃي ٿو.هن وٽ اظهار جي آزادي جو
دائرو محدود نه هو. هن پنهنجي احساس کي انهن لفظن
۽ جملن جو روپ ڏنو جن کي پنهنجي اظهار وقت پنهنجي
اگهامڻ (قبول پوڻ) جو ڪو به فڪر ناهي هوندو.“اظهار
جي آزادي جي دائري جو محدود هجڻ آرٽسٽ آڏو سڀ کان
وڏي رڪاوٽ هوندو آهي. ڪنهن به خيال کي
Communicate
ڪرڻ وقت مفهوم جو چيڀاٽجي وڃڻ ڪنهن نه ڪنهن خوف جو
دليل آهي ۽ شيخ اياز جو فن ان خوف کان آجو هو،
تڏهن ته هن چئي ڇڏيو:
”ڪتا
ڀؤنڪن، ڀاڳيا ڀؤنڪن،
چور به
ڀؤنڪن ٿا!
ڪيڏي آ
اوناڙي هوا ۾! هر هر هينئين ڦاڙ هوا ۾!
جارا
ڇرڪن، چارا ڇرڪن،تارا ڇرڪن ٿا!
ڪير
اويرو آيو آهي؟هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟“
اياز
ڄاڻندو هو ته اظهار جي آزادي ڪو افسانو ناهي،
اظهار جي آزادي فقط نعرو ناهي، پر شعور جي بقا
لاءِ شروع ڪيل جنگ جي پهرين حڪمت عملي آهي. اظهار
جي وسعت ۽ شدت فن کي تڪميل جي مرحلن تائين پهچائي
ٿي ۽ شيخ اياز جو فن تڪميل جي سڀني موسمن کان واقف
هو ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي هر ان مانجهيءَ جو
مونجهارو هو جنهن جو فن تڪميل جي پيچرن کان اڻ
واقف هجڻ باوجود اکيون پوري سفر ۾ مصروف هو. شيخ
اياز کي احترام وچان ”توهان“ چوندڙ سندس زال جڏهن
چوي ٿي ته ”هزارين ماڻهو سهڻا آهن، پر ڪو ڪو ئي
اياز جيان جرڪندو آهي. عام ماڻهوءَ جي زال هجڻ
واري عورت جي ڀيٽ ۾ مون وڌيڪ اڪيلائپ ۽ اوڄاڳا ڏٺا
آهن. پر خوشنصيب وري به آئون آهيان.“ سندس لفظن
مان ظاهر ٿيندڙ فخر ۽ مان شيخ اياز کي گهڻن ئي
ماڻهن کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. هڪ صديءَ جي ساهه کي
مٺ ۾ ڀڪوڙيندڙ شاعر شيخ اياز وٽ جڏهن موت جي سوالي
سين هنئي ته هن کيس خالي هٿين نه وڃڻ ڏنو ۽ شاعر
هجڻ جي حيثيت ۾ سدائين بقول سندس ”تيرنهن تالي
ننڊ“ تي گذارو ڪندڙ شيخ اياز هڪ ڊگهي ننڊ جو مسافر
بڻجي ويو. هن موت سان جهيڙو به ڏنو جو کيس خبر هئي
ته جيڪو ڪجهه هن ڪيو آهي ”اهو به ناهي سڀ!“سندس
اهو
Will
power
جنهن جو هو ذڪر ڪندو آيو” ان سندس گهڻو ساٿ ڏنو جو
سندس ساهن ۽ موت وچ ۾ هلندڙ مهاڀارت جاري رهي ۽ هن
گهڻو ڪجهه لکيو. هو چوندو هو ” منهنجو سارو وجود
شاعري ٿي چڪو آهي، منهنجي ننڊ به اها آهي ۽ جاڳ به
اها آهي. آئون ان صراحيءَ وانگر آهيان جا اڃا پيئي
پئٽجي“ هن وٽ پنهنجي ”مان“ لاءِ فخر هو ۽ اهو فخر
به دليل کان خالي نه هو. هو چوندو هو”خودثنا نه
آهي، خود شناسي آهي.“ خود شناسي اياز کي فخر ڏنو،
جنهن سچ هجڻ جي بنياد تي کيس زوال ڏانهن ڌڪڻ بدران
امرتا جا درشن ڪرايا.هن جي شاعري سندس چهري کي
سونهري بڻائي ڇڏيو.پنهنجي شاعري جي صورت ۾ هن
هميشه پاڻ کي مٽيءَ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جاکوڙيو ۽
هڪ دؤر جي اڏاوت ڪئي.
شيخ
اياز محبت لاءِ پاڇا تلاش نه ڪيا. کيس چانڊوڪيءَ
جي رٿُ نظر اچي ويو.هن سمنڊ سمان شاعر کي جڏهن
لهرن تي سوار ٿي ”هن پار“ کان ”هُن پار“ وڃڻ جي
تصور سڏ ڪيو ته سندس سوچ پوپٽ بڻجي وئي ۽ ڪيترائي
رنگ سندس گيتن جي وجود کي رنگي ويا. شيخ اياز کي
وقت جو جلاد اسان کان کسي به ناهي کسي سگهيو. هو
اسان ۾ نه هوندي به اسان ۾ موجود هوندو. سندس ئي
لفظن موجب هن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي ڇاڪاڻ ته
هن آزاد گذاريو آهي.
هي نرت
ڪلا جا موهي ٿي،
من
چاهي ٿو اڳتي به هجي،
ڪر ناچ
هوا ۾ تارن جو،
ٻي
دنيا جي دڳ تي به هجي.
هو
شاعر هو، جيڪي شيون کيس موهي وجهنديون هيون سندس
روح سدائين انهن کي ڳوليندو رهيو. هيءَ دنيا هجي
توڙي ٻي دنيا، هن لاءِ شين جي سونهن ساڳي اهميت
رکندي هئي. هن شاعري جي صورت ۾ هڪ مشعل ڇڏي آهي،
جنهن کي شعر جي جنگ ڪڏهن وسامڻ نه ڏيندي. فن جي
جنهن ٻيڙي جو هو سوار هو ان کي امرتا توڙ تائين
تاريندي رهندي، سچ کي مچائيندڙ مچ جي ساراهه ڪندڙ
شيخ اياز هن صديءَ جو هڪ خوبصورت سچ هو جنهن کي
مچائڻ لاءِ اياز وٽ سندس شاعري موجود آهي.
شيخ
اياز سنڌ ۾ ”سوشونيشنلزم“ جو
پايو
وجهندڙ
يعقوب علي زرداري
سنڌ
جيڪو هزارن سالن کان هڪ الڳ ۽ منفرد ملڪ رهيو آهي،
ڪيترن ئي سياسي طوفانن فوجي حملن ۽ لساني ڀڃ ڊاهه
جو مرڪز پئي رهندو آيو آهي. موهن جي دڙي جي
کوٽائيءَ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اٽڪل پنج هزار سال
اڳ هت هڪ ترقي يافته قوم رهندي هئي جيڪا وڻج واپار
سان گڏ سائنسي ڄان ۽ مهارت پڻ رکندي هئي. پر ان جو
خاتمو ڪيئن ٿيو ۽ اها هاڻ ڪهڙي حال ۾ آهي، موضوع
کان هٽيل هئڻ سبب ان کان پاسو ڪندي رڳو ايترو چئي
سگهجي ٿو ته اها زماني جي خرد برد جي نظر ٿي ويئي.
ان کان پوءِ ڀنڀور جي سڀيتا پڻ ظالم قوتن هٿان
تباهه ٿي ويئي. ڏهين صدي هجري ۾ ارغونن، ترخانن ۽
مغلن جي حملن سنڌ جو رت ست پي ڇڏيو. پر پوءِ سنڌ
جي ماڻهن جي ڊگهي جدوجهد هڪ ڀيرو وري مقامي
حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪا پوءِ
ساندهه ڏيڍ صدي تائين جاري رهي. پر جيئن ٿيندوآيو
آهي، اندورني خلفشار ۽ ذاتي مفادن جي حاصلات جي
خواهشن جي ڪري سنڌ جي هڪ بااثر ڌڙي وڃي انگريز جي
چائنٺ تي فرياد ڪيوته لٽجي وياسين، ڦرجي وياسين
اسان جي زمينن تي اسان جي عزيزن قبضا ڪري ڇڏيا
وغيره. انگريز، جيڪو اڳيئي اهڙي تاڪ ۾ ويٺو هو
تنهن دير ئي ڪانه ڪئي ۽ اچي سنڌ تي قبض ٿيو.
برصغير
جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد جيڪا سڄي هندوستان ۾
شروع ٿي سنڌ ان جي هر اول دستي جو ڪم ڏنو ۽ آخر
ڪار پاڪستان ۾ سنڌ نئين غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويئي.
آزادي کان پوءِ اڌ صدي ۾ سنڌ هيٺين قوتن جي قبضي ۾
اچي ويئي.
1-
سنڌ جو جاگيردار جنهن ڪڏهن به عام ماڻهو جي ڀلائي
لاءِ ڪم ڪونه ڪيو پر هڪ مربوط ۽ منظم طريقي سان
عام ماڻهوءَ کي تعليم جي زيور کان پري رکيو ۽ ان
کي پنهنجو ڪارائو يا ڪمدار کان وڌيڪ حيثيت ڪانه
ڏني. هن ڪم ۾ جاگيردار سان گڏ سنڌ جو سيد ۽ پير به
هم رڪاب رهيو.
2-
ان ئي جاگيردار طبقي سنڌ ۾ ڌارين جي وڏي تعداد ۾
آبادڪاري ۾ ڪردار ادا ڪندي سنڌين کي لساني اقليت ۾
تبديل ڪرڻ ۾ هڙئون ڪونه گهٽايو . نون آباد ٿيندڙن
آمداني جي سڀني ذريعن تي هڪ هڪ ڪري قبضو ڪرڻ شروع
ڪيو ۽ اصل باشندا ماني ڳڀي لاءِ تڙپندا ۽ ترسندا
رهيا.
3-
انهيءَ جاگيردار، پير ۽ سيد ڳٺ جوڙ سنڌ جي
انفراديت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن آقائن جي اشاري
ون يونٽ نافذ ڪيو ۽ سنڌ ۾ آبادڪاري لاءِ اتريئن
طرف کان ٻوڏ جا دروازا کولي ڇڏيا.
4-
سنڌ ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري بيهڻ لاءِ ان طبقي عام
ماڻهوءَ لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪم ايتروته ڏکيو
بنائي ڇڏيو جو انهن لاءِ درسگاهن جا دروازا به بند
ٿيڻ لڳا. انهن اپائن مان صوبي مان سنڌي ٻوليءَ کي
لوڌي ڪڍڻ به هڪ هو.
5-
سنڌ جون زرعي زمينون ڪامورن پاڻ ۾ ورهائي کنيون
جيڪي سڀ جا سڀ غير سنڌي هئا.
مٿيئين پس منظر ۾ 1954ع کان1970ع تائين سنڌ هڪ
اهڙي پيڙا مان گذري رهي هئي جنهن ۾ تحرير تي
پابنديون پيل هيون. ٻيو ته ڇڏيو پر لفظ ”سنڌ“ چوڻ
سان ماڻهو جيل ۾ بند ڪيو ويندو هو ۽ هو سالن جاسال
اونداهين ڪوٺين ۾ زندگي جا ڏينهن پورا ڪرڻ تي
مجبور ڪيو ويندو هو. اهڙي ئي ماحول ۾ جي-ايم-سيد
ون يونٽ خلاف ڪم ڪرڻ لڳو پر کيس 1967ع تائين ڪا
خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي ۽ نه ئي هو عام
ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيو،جيڪا هڪ تحريڪ جي صورت وٺي سگهي ها. پر پوءِ
چند انقلابي پيدا ٿيا جيڪي ”سوشو نيشنلزم“ ۾ يقين
رکندا هئا،حالانڪ سيد پاڻ ڪڏهن به سوشلسٽ نظرين جو
حامي ڪونه رهيو هو. انهن سوشو نيشنلسٽن ۾ ٻين سان
گڏ شيخ اياز به هڪ هو. هونئن رسول بخش پليجو،
عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي عبدالمجيد
سنڌي، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي جهڙا ناميارا انٽليڪچوئل
”سوشونيشنلزم“جا پرچاري ٿيا. انهن سان گڏ تعليمي
ميدان ۾ پروفيسر حسن علي عبدالرحمان، سيد غلام
مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر عبدالڪريم افغان ۽ ڊاڪٽر ممتاز
قاضي پڻ سندن ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. جنهن جي
نتيجي ۾ 4 مارچ 1967ع جو تاريخ ساز واقعو ٿيو جيڪو
سنڌ جي تقدير بدلائڻ لاءِ هڪ شروعاتي قدم ثابت
ٿيو. ان واقعي کان پوءِ مٿي ذڪر ڪيل دانشور ۽
تعليمي ماهر سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ سرجو سانگو
لاهي عملي ميدان ۾ ڪڏي پيا.
انهن ڏينهن آئون گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد ۾
ٻارهين جماعت جو شاگرد هوس ۽ ان ئي سال سيپٽمبر
مهيني ۾ انجنئرنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيس جتي ته سنڌ سان
ٿيندڙن ڪلورن خلاف اڳواٽ ئي باهه ڀڙڪي پيئي هئي ۽
ان جا اُلا آسمان سان ٿي لڳا. سڄو ماحول ان باهه
جي تاءُ سبب تتل هو. هاڻ رڳو ان تي تيل هارڻو هو
ته جيئن اهو اڃا وڌيڪ ڀڙڪندي سڄي سنڌ کي پنهنجي
لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي.تڏهن اياز جي شاعري اهو تيل ٿي ڪم
آئي ۽ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ون يونٽ جي پاڪ ۽
پوتر ڳئون ڀري ڀورا ٿي ويئي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو وري
پنهنجي اصلي حالت ۾ موٽي آئي توڙي جو اهو فقط هڪ
ٻنڌڻ ئي ٽٽو،جڏهن ته ان جي نسلي، سماجي،معاشي ۽
تعليمي حالت تسلي بخش ڪانه هئي ۽ نه اڃا تائين به
اها آهي جنهن جو تصور اڄوڪو تعليم يافته فرد ڪندو
هوندو.
اياز سان منهنجي ڏيٺ 1968ع کان 1970ع تائين رهي.ان
عرصي ۾ پڻ ساڻس بالمشافه فقط هڪ ڀيرو ملڻ ٿيو.هوٽل
فاران حيدرآباد ۾ جتي هو ٽڪيل هو. ان ملاقات ۾ به
ڇاڪاڻ جو سندس ويجها دوست ۽ ڪارڪن موجود هئا تنهن
ڪري مونسان فقط رسمي عليڪ سليڪ ٿي جيڪا اٽڪل اڌ
ڪلاڪ کن تي ٻڌل هئي. پر سندس هڪ ”قومي شاعر“ جي
حيثيت مون لاءِ سڀني ناتن کان وڌيڪ مضبوط ناتو
هئي. هو هر وقت منهنجي من ۾ رهندو هو. تڏهن ”سنڏ
اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ جي پليٽ فارم تان
اسان هڪ ”سنڌي شام“ جو اهتمام ڪيو هو جنهن ۾ شيخ
اياز کي دعوت ڏيئي آيا هئاسين ته جيئن سندس قومي
شاعريءَ جي ذريعي”قوميت“جي تصور کي عام ڪيون. آءُ
مٿي ذڪر ڪيل ان شاگرد تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن ما هڪ
هوس جنهن جو چيئرمين مسعود نوراني هو. پوءِ ان ئي
شاگرد جماعت جي مدد سان آءُ انجينئرنگ ڪاليج شاگرد
يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊي ويو هوس. شاگرد
سياست ۾ مون 1971ع تائين ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي
وت آهر ”سوشونيشنلزم“ کي اڳتي وڌايو. جيڪا پوءِ
منهنجي سڄي زندگي ۾ رچيل رهي آهي ۽ آئون ان کي
زندگي جي مڙني حاصلات کان اهم سمجهندو آهيان توڙي
جو خانداني ذميداريون نڀائڻ به ان جو هڪ حصو ڄاڻڻ
گهرجن.
سو
ان سنڌي شام ۾ شيخ اياز، حفيظ قريشي ۽ رسول بخش
پليجو مرڪزي ڪردارن جي حيثيت ۾ شامل ٿيا هئا جڏهن
ته زرينه بلوچ، يوسف ۽ وحيد علي راڳ ۽ آواز جو
جادو جڳايو هو. اها شام پرهه ڦٽي تائين جاري رهي
هئي جنهن ۾ ڏهه هزار شاگردن شرڪت ڪئي هئي ۽ ان ۾
ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ”جيئي سنڌ“ جي پرجوش نعرن
سان فضا گونجي رهي هئي.دراصل سنڌي شامون ملهائڻ جو
هڪ تسلسل شروع ڪيو ويو هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ ان وقت
ڏاڍو مقبول سياسي پليت فارم ٿي پيو هو. اهڙيون
شامون سکر،خيرپور، مورو، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ به
ملهايون هيون جن جا بنيادي مقصد هي هئا.
1-سنڌ جي پڙهيل ڪلاس کي نظرياتي طرح پختو ۽ مضبوط
بنائجي جنهن لاءِ سنڌي شامون سکيا جو ذريعو بنايون
ويون. شيخ اياز،حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو ان
سکيا جا استاد هئا. اياز تقرير ڪونه ڪندو هو پر
پنهنجي قوم پرست شاعري ذريعي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ
تائين ٻڌنڌڙن تي جادو ئي اثر وانگر پنهنجو اثر
وانگر پنهنجو پاڻ ڏانهن متوجه ڪري وجهندو هو.مجال
آهي جو هزارن جي مجموعي مان ڪو هڪ فرد به اياز جي
شاعري هلندي اٿي هليو وڃي.نوجوان جيئي سنڌ جي نعرن
جي گونج ۾ محو ۽ مست ٿي اياز جي سامهون پرجوش
انداز ۾ اٿي پوندا هئا ۽ کيس عقيدت جا گل نڇاور
ڪندا هئا. اهڙي طرح حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليهو
پڻ پنهنجي سحر انگيز ۽ فڪر انگيز تقريرن سان ماڻهن
تي وجد جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا هئا .شام ته
هڪ رات جي هوندي هئي پر انهن جو اثر سالن جا سال
ذهنن ۾ موجود رهندو هو ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ سڄي
زندگي جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڇانئجي ويندوهو.
2-انهن شامن ۾”سوشونيشنلزم“ جو پرچارڪ ڪيو ويندو
هو. جيڪو سوشلزم ۽ نيشنلزم جو ميلاپ هو ۽ اسان جي
ڌرتي جي ضرورتن مطابق هونئن ”ڪميونزم“ ته بين
الاقوامي پروگرام هو پر اسانجي دانشورن جن ۾ شيخ
اياز پڻ شامل هو، سنڌ لاءِ ان پروگرام کي موزون
ڄاتي ٿي. جاگيرداري نظام جي خاتمي ۽ سنڌ جي ماڻهن
مان ڏند ڪٿائن ۽ ديو مالائي قصن کي ڪڍي حقيقت
ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ سوشلزم هڪ معاشي پروگرام هو
جڏهن ته وطن سان حُب لاءِ نيشنلزم هڪ مظبوط ۽ جامع
پروگرام ڏنو ٿي. اياز جي شاعري ٿوهر، سنڱر،
ڪنڊيون، سنڌو، سمنڊ، ڇوليون، ڪنارا، اک،
ڦليون،ڇيلڙا،ڇٻر سانئون،لئي،ٻٻر ۽ ڪنڊن جي تشبيهن
سان ڀريل نظر ٿي اڇي جيڪي سنڌ جي عام ماڻهو جي
معمول جو حصو آهن. ان ڪري اياز پنهنجن ماڻهن جي
تمام ويجهو رهندو هو.
اياز جو مطالعو ايڏو ته وسيع هو جو دنيا ۾ اڀرندڙ
هر ترقي پسند تحريڪ جي سڀني تاڃن پيٽن کان واقف
هوندو هو. سندس دل ۾ هميشه مظلوم قومون رچنديون
هيون.اياز انهن سڀني تحرڪن کي ڪوڙيئڙي جي نانيءَ
وانگر اُڻي انهن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي به شامل
ڪري ويندو هو ۽ پنهنجن ماڻهن کي انهن تحريڪن کان
واقف ڪرائيندو هو. اندازو لڳايو ته چلي جي انقلابي
شاعر ۽ راڳي وڪٽر هارا کي هو پنهنجو ننڍو ڀاءُ ٿو
چوي جنهن کي 1973ع ۾ چلي جي فوج قتل ڪيو هو. هو ان
۾ ايمان رکندو هو ته سوشلزم ئي اسان جي نجات
آهي.جيڪا هن دقيانوسي نظام جا ترا ڪڍي ڇڏيندي
.سنڌي عوام جي اڀرندڙ پارٽي فقط اها هوندي جيڪا
اڄوڪن رجعت پرستن ۽ اسلام جي آڙ ۾ ڇپندڙن جي ڪٽر
مخالف هوندي. سندس ايمان هو ته ان کان سواءِ سنڌ
جي نجات جو ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونه آهي. ڪميونسٽن جي
باري ۾ سندس خيال هو ته اسان کي انهن جي غلطين جو
احساس ڪري پنهنجي منصوبه بندي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي
ملڪ ۾ انهن غلطين کي دهرائڻو ناهي.
اياز کي سنڌ جي اڀرڻ جو گهڻو اونو هو. سندس خيال
موجب سنڌ اڀري رهي هئي کيس پڪ هئي ته مستقبل ان تي
گهڻو طوق نه رکي سگهيو. وطن جي حب سندس انگ ۾
سمايل هئي.هو ڀائيندو هو ته هو سنڌ هو، هو ڪلفٽن
تي ڇولين جي اڏام ۽ ڪارونجهر لڳ ٿر جي ريت هو.هن ۾
ڏاهر ماريو ويو، دولهه دريا خان جنگيون ڪيون، هوئي
انهن جي ڍال هو، تلوار پڻ ۽ گهاءُ پڻ.هو اروڙ جي
ٽڪر وانگر به اڌ هو ۽ اهڙو به اڌ ڪڏهن به نه هو
جهڙو ويجهڙي ماضيءَ ۾ هو.
توڙي جو اياز جي ڪيترين ئي ڳالهين سان اختلاف ڪري
سگهجي ٿو پر سندس وطن جي حُب متعلق ڪوبه اختلاف
ڪونه ٿو رکي سگهجي. سنڌ جي محبت سندس هر ادا، سوچ،
فڪر ۽ فن ۾ نمايان نظر ايندي. اهو ايڏو وڏو سرمايو
آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ زندگي جي قرباني به گهٽ
آهي. ڇاڪاڻ جو مٽيءَ سان محبت جو مقصد پنهنجن پوين
نسلن لاءِ اٿاهه پيار آهي ۽ ان پيار جي اظهار لاءِ
قرباني جيڪا اياز جيلن ۾ پئجي ڏني يا پنهنجا ڌنڌا
ڌاڙي تباهه ڪري يا سندس سکر جي گهر تي غنڊن جي
حملن جي صورت ۾ يا قوم پرستن ۽ سندس سابق عشق جا
رويا جيڪي کيس وائس چانسلر ٿيڻ کا پوءِ نصيب ٿيا.
اياز سان منهنجي آخري ملاقات سندس مستقل جدائيءَ
کان صرف ڏهه ڏينهن اڳ سندس رهائش پرنس ڪامپليڪس ۾
20 ڊسمبر 1997ع تي تڏهن جڏهن آئون ساڻس خصوصي طور
ملڻ لاءِ اُت ويو هئس. بيماريءَ سبب جهيڻائي ته
اڳواٽ ئي هلندي ٿي آيس پر هو ان وقت به بلڪل صحيح
ذهني حالت م مونسان اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين ڪچهري ڪندو
رهيو. ان ملاقات ۾ سندس لکيل ڪجهه نثري مواد جو
ذڪر ڪندي مونکي چيو هو ته جيڪڏهن ڪو پبلشر ملي ته
هو کيس اهو مواد ڏيڻ لاءِ تيار هو ته جيئن اهو
چپجي پڙهندڙن تائين پهچي سگهي. ان ڪم ۾ مون سندس
مدد ڪرڻ جي حامي ڀري هئي. تڏهن مونکي ذرو احساس به
ڪين ٿيو ته ايندڙ ڏهن ڏينهن ۾ اياز جي حياتيءَ جو
چراغ گل ٿي ويندو ۽ هو هميشه اسان کان جدا ٿي
ويندو. مونکي افسوس آهي جو آئون پنهنجن سرڪاري
مصرورفيتن سبب اياز جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي ڪو نه
سگهيس.
اياز زندگي جي آخري ڏهاڪي ۾ هڪ عجيب ٻه واٽي تي
لٽڪي ويو هو.جن لاءِ هن پنهنجي جواني وقف ڪري گيت
چيا هئا ۽ جن عيوض کيس ڪيترا ڀيرا جيل ۾ وڃڻو پيو
هو، اهي کانئس نه فقط هڪ هڪ ٿي ڌار ٿي ويا هئا پر
کيس پنهنجي سنگين تنقيد جو نشان به بنايو هئائون
ته ٻئي طرف اُهي اسلام پسند حلقا هئا جن سڄي عمر
اياز کي هڪ چڀندڙ ڪنڊو ٿي سمجهيو پر اهي به اياز
جي آخري وقت شايع ٿيل دعائن کي نه مڃيندا هئا.
اڄ
اياز اسان ۾ موجود ڪونهي پر سندس نظريا ۽ فن سنڌ
جي ماڻهن جو گهڻي وقت تائين سرمايو ثابت ٿيندا.خدا
اسان جي نوجوان نسل ۾ اهڙي صلاحيت آڻي جو انهن مان
ڪو هڪ به اياز جي پائي جو مفڪر ۽ شاعر ٿي پئي.اسان
کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ ڀرپور صلاحيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽
جيئن اياز سنڌ کي مستقبل ۾ ڏٺو ٿي،شايد اهو خواب
پورو ٿئي ۽ سنڌ جي مٽيءَ مان اياز جهڙا خوشبودار
ٻوٽا پيدا ٿيندا رهن ۽ فضا انهن جي خوشبوءِ سان
مهڪندي رهي. |