عام
ماڻهو به سندس شاعري دلچسپي سان ٻڌندو هو، مختلف
فنڪارن جا ڳايل سندس گيت شهرن، ڳوٺن ۾ مقبول هوندا
هئا، خاص طور سندس گيت، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه
ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار، جيڪو فقير
عبدالغفور ڳايو، بعد ۾ ٻين فنڪارن به ڳايو. ڏاڍو
مقبول ٿيو.
29
ڊسمبر تي سندس ميت ڪراچي سندس رهائش گاهه تان
کنيو ويو، ڀٽ شاهه ايندي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس
ميت واري ايمبولينس مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽
کيس سلامي ڏني وئي، سندس آخري آرام گاهه رات وچ ۾
ثقافت کاتي وارن جي سهڪار
سان تيار ڪئي وئي ۽ کيس سلامي ڏني وئي، صبح ٿيندي
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ادبي شاعر، فنڪار اياز جا
پرستار ڀنل نيڻ سان ڀٽ شاهه پهچڻ لڳا، جيئن سندس
ميت ڀٽ شاهه پهتو ته قهرام مچي ويو، هر طرف روڄ
راڙو اوڇنگارن جو پڙاڏو هو، قيامت خيز منظر هو، هر
ماڻهو اداس هو، هر ماڻهو جي اک آلي هئي، ايمبولينس
اڳيان هڪ سوزوڪي هئي، جنهن تي لائوڊ لڳل هئا، جنهن
مان اياز سنڌ آهي، وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾
ملبو ۽ اياز جا ٻيا گيت ڳايا پئي ويا، جن تي ماڻهو
وڌيڪ روئڻ لڳا.
(1جنوري 98ع روزانه عبرت)
ڳالهه آهي زندگي جي،
توڙ
تائين مڃ نه هار!
فرحانه قاضي
انسان جي سموري زندگي هڪ اڻپورو تجربو ئي ته آهي،
پر اهو اڻپورو تجربو تڏهن ئي مڪمل ٿيندو، جڏهن موت
جو
مزو به چکبو، پر ان تجربي مان گذرڻ وارا پنهنجي
تجربي جو سبق هن دنيا وارن کي نه ٿا ڏئي سگهن.
جنهن ڪري دنيا جي زندگي به سدائين هڪ اڻپورو تجربو
ئي رهي آهي.
هن
جڳ ۾ جيئندڙ انسانن جو جهان تيستائين ئي آهي،
جيستائين هو پاڻ جيئرو آهي. انسان ڇڏي وڃي ٿو ته
اهي صرف يادگيريون ئي آهن، پر اهو ته هر ڪنهن جو
نصيب آهي ته پنهنجو ڪيترو وسيع حلقو ڪيترا ياد
ڪندڙ ۽ ڪيترو ماڳ مڪان ڇڏي وڃي ٿو.
جاڳندي جڳ، ننڊ ۾ سپنو سڄو
جيسين جيئري جندڙي تيسين جهان
يادگيريون ڪيريون هن ۾ اڃا
سچ
ٿيو خالي نه آهي هي مڪان
(نارائڻ شيام)
جيتوڻيڪ شيخ اياز هن وقت جهان کان پري هڪ نئين ديس
ڏانهن راهي ٿي چڪو آهي، پر هن جي يادگيرين جو
مڪان ڏاڍو وسيع ٿي رهيو آهي. جيئري ماڻهوءَ کي
مڃتا ڏيڻ ۾ جيڪا انا آڙي ايندي آهي. اها انا جڏهن
موت جي مستي آڏو ٽٽندي آهي ته سج جا موتي وکرڻ
لڳندا آهن ۽ پوءِ سمجهه ۾ ايندو آهي ته گل ٽاريءَ
کان ڇڄڻ کان پوءِ خوشبوءِ ۾ ڇو اضافو ڪري ڇڏيندو
آهي.
هڪ
انسان جيتيرو پنهنجو پاڻ کي ڄاڻي سگهي ٿو، اوترو
ڪو ئي ٻيو ڪڏهن به نه ٿو ڄاڻي سگهي. انسان جي قدر
و قيمت نه ته ڪوڙي تعريف سان وڌي ويندي آهي ۽ نه
نظر انداز ڪرڻ سان يا منهن موڙي ڇڏڻ سان گهٽجي
ويندي آهي. اياز جيڪو هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر
هو، هڪ سياستڪار ۽ تعليمي ماهر به هو، مجموعي طور
تي هو هڪ تخليقڪار ۽ عالم هيو، جنهن جو مطالعو
تمام گهڻو وسيع هو. جنهن کي علم جي سمنڊ مان ڦڙا
ڦڙا ڪتابن جي صورت ۾ هڪ جام پيئڻ نصيب ٿيو ۽ جيڪو
علم جي پياس جي اڃ اجهائڻ لاءِ، پنهنجي تجربي،
مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جي مس کي قلم ۾ اوتي لکندو
رهيو ۽ لکندو رهيو. هزارين پنن تي اڪريل شعر ۽ هر
شعر ۾ شاعر جي رت ۽ ست سان سلهاڙيل اهڙا نوان ۽
انوکا خيال جن کي ڪڏهن ڪنهن نه ڇهيو هجي، اهڙي اڻ
ڇهيل مواد کي شاعري چئبو آهي. جيڪا هميشه نئين
نويلي ڪنوار وانگر هجي. ڪڏهن ڪڏهن شعر جي هڪ سٽ ۾
ڪو اهڙو خيال قيد ٿي ويندو آهي، جيڪو نثر جي پوري
ڪتاب ۾ به گرفت ۾ نه اچي سگهندو آهي ۽ اهڙن ڪيترن
ئي شعرن جو مالڪ جڏهن اوچتو وڇڙي وڃي ته ڏک ته هر
ڪنهن کي ٿيندو آهي ۽ اهو فطري به آهي.
اڄ
جڏهن هن جي موت جو غم اڃا تازو آهي ۽ هر دل ڏکاري
آهي ته سندس دوستن، هم عصرن ۽ شاگردن جا تعزيتي
ڪالم ڇپجن پيا. سندس گذريل گهڙين جا تفصيل ڇپجن ٿا
۽ لفظن جا خراج تحسين پيش ٿي رهيا آهن، ان وقت
اياز جي پنهنجي گهر واريءَ سان ڪيل اڳڪٿي ته
”ڏسجانءِ منهنجي موت کان پوءِ ماڻهو ڪيئن ٿا
ڀانئين“ هڪ طعني وانگر بار بار ياد ٿي اچي. دراصل
جيڪو هن پٺيان ٿئي پيو اهو هو دور انديش ماڻهو اڳ
۾ ئي ڄاڻندو هو. جنهن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ ئي
آهي. هو پنهنجي داستان کي پنهنجي ئي زبان سان
اظهاري ويو. پر هينئر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا
هن کي لفظي خراج پيش ڪري هن جي مزار مٿان سنهري
گنبذ اڏائي يا وري هن جي قبر مٿان سنهري پوش چاڙهڻ
سان هن جي روح کي خوش ڪري سگهجي ٿو؟
هر
شاعر پنهنجي دور جي تاريخ ٿئي ٿو. ان جي شعر ۾
زماني جا رنگ شخصيت کي اسرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اڄ
جڏهن رسول بخش پليجو چوي ٿو ته جنهن دور ۾ اياز جو
فن اسريو، ان سرڻ ۽ فن جي نکرڻ ۾ ان وقت جي سموري
ادبي سنگت جو به حصو هو.”اياز ۽ ان جي همعصرن سان
گڏ هڪڙو پورو دور هو، هڪڙو پورو زمانو هو، پورين
قوتن ۽ تاريخ جا وهڪرا گڏ ٿيا ته هڪڙو اياز ٺهيو.“
اڄ
جڏهن اياز ساراهيو ويندو ته ساراهه جا گل صرف ان
تي ورکا نه ڪندا، اسين سندس شعرن ۾ موجود تاريخ،
جوش ۽ جذبي وارن انقلابي گيتن، خوبصورتين ۽ سچائين
ذريعي سندس ان تخليقي سگهه جي به ساراهه ڪنداسين.
ڇو ته حالتون رويا ۽ معاشرو صرف هڪ فرد لاءِ ته
سازگار نه بڻيا آهن، اهو ته هر فرد جو پنهنجو پاڻ
تي مدار رکي ته هو پنهنجي تخليقن کي نکارڻ لاءِ
انهن حالتن ۽ دور ۾ ڪيئن ٿو پنهنجي جاءِ پيدا
ڪري. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اڄ جيڪو اياز
آهي، اهو ان ڪري ئي آهي ته هو اياز آهي.
اياز سنڌي ادب کي جيترو ڏنو، سنڌي عوام ان کي
اوترو ئي گهڻو ياد ڪندو رهندو. پر هينئر ضرورت آهي
ته اياز جي ان فڪر کي سمجهيو وڃي، جنهن کيس ايترو
ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪيو. هو آخر ڇا پيو چوڻ چاهي ۽
جيڪو هو چاهي پيو ڇا اهو ٿي سگهيو؟
شيخ
اياز هڪ دور ۾ انقلابي شاعري ڪندو هو، پر آخري دور
۾ هن ڄاتو ته جمالياتي شاعري ئي وڌيڪ بهتر ۽ سدا
بهار آهي. 1963ع ۾ جڏهن ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ڪتاب
ڇپيو ته ان ۾ شيخ اياز سنڌي ادب بابت لکيو هو:
وڌوا جو مڙهه آهه ادب
اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ جو
ڪيسين جلندي رهندي جوت
ويري جنهنجو واچوڙو
ٻولي گولي ناه ”اياز“
ان
جو وس فقط واڪو.
وڌوا جي مڙهه جي ان جمود واري ادب ۾ اياز پنهنجي
شاعري سان پنهنجي پر ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. شيخ
اياز پنهنجي تخليقن جي سهاري جيڪا ٻوليءَ ۽ ادب
لاءِ جوت ٻاري ويو، ان جوت کي جلندو رکڻ لاءِ وڏا
جتن ڪرڻا پوندا. شيخ اياز جنهن ويري واچوڙي جو ذڪر
ڪيو. اهو اڃ به جاري آهي. هاڻي هن ويري واچوڙي کان
بچائڻ لاءِ شيخ اياز جي فڪري جوت کي اڃا به سگهارو
۽ روشن ڪرڻ لاءِ سندس همعصرن ۽ دوستن کي پاڻ پتوڙن
گهرجي. کين گهرجي ته هو سندس لکيل اڻ ڇپيل مواد کي
ڇپائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان جوت کي پنهنجي پنهنجي قد ۽
وقت آهر ڇانو ڏين.
بجاءِ ان جي جو شيخ اياز جي شاعريءَ کي عظمت جي
پردي ۾ ويڙهي پاسيرو رکي ڇڏجي يا هر اسرندڙ شاعر
کي صرف اياز جي شاعريءَ جي معيار تي ئي پرکيو وڃي.
ائين ڪرڻ سان هڪ ته اسان پنهنجو پاڻ کي محدود
ڪنداسين ۽ ٻيو ارتقائي عمل ۾ رخنو وجهنداسين ۽
ائين نون لکندڙن جي به حوصله شڪني ٿيندي. جيئن
ڀٽائيءَ کان پوءِ اسين اياز کي هڪ وڏي ۽ عظيم شاعر
هجڻ جو درجو ڏيون ٿا ته اهڙي عمل کي ائين جاري
رکيو وڃي. جو هن وقت به جيڪي سٺا لکندڙ آهن، انهن
کي اڳتي وڌڻ لاءِ اهڙو ماحول ملي، انهن جي به اهڙي
ئي پٺڀرائي ڪئي وڃي، جهڙي ڪنهن وڏي شاعر کي پيدا
ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿي. اياز جي فڪر کي ڦهلائڻ
لاءِ سندس ذهني ارتقاءَ توڙي شاعري جي مختلف لاڙن
۽ شاعريءَ جي دورن تي تحقيق ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن
کي به سندس ڪنهن هڪ نظم توڙي هڪ شعر لاءِ به ڪو
اختلاف يا ڪو شڪ آهي ته تحقيق ڀري تنقيد جا دڳ هر
ماڻهوءَ لاءِ لکيل رکڻ گهرجن. ڇو ته جيتري تنقيد
ٿيندي اوتري ئي تحقيق به وڌيڪ ٿيندي.
اياز پنهنجي پاڻ کي ڀٽائيءَ جو پاڙيسري ڪري به
پنهنجو پاڻ ملهائي ويو آهي، هاڻي سندس فڪر ۽ فن
ذريعي مڃتا ڏيئي سندس ايڏي ادبي پورهئي جو اجر ان
جي فن ۽ فڪر کي زندهه رکڻ ئي آهي.
دنيا جي هر شاعر جو ٻئي شاعر سان روحاني ڳانڍاپو
ٿئي ٿو، ڇو ته انهن جو خمير شايد ساڳيءَ مٽيءَ مان
کنيل هوندو آهي. پر ساڳئي قوم ۽ ٻوليءَ جي ٻن وڏن
شاعرن جو رشتو اڃا به گهرو هجي ٿو. جيئن هيٺين شعر
۾ آهي، شيخ اياز شايد ڀٽائيءَ سان مخاطب آهي.
اڃا
اوري آءُ، سري منهنجي ساه ۾
رچي
منهنجي راڳ ۾، سر تي تنهنجو ساه
مئي
پڄاڻان، گيتن ۾ گڏجي رهون.
اسان جي دعا آهي ته اهڙن خوبصورت گيتن جو تسلسل
ڪڏهن به نه ٽٽي ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملنديون رهن ۽
ارتقائي عمل جاري رهي.
نئين سال کي لُڙڪن جي ڀيٽا
عزيز جان بلوچ
جڏهن رات جا 12 وڃن ٿا تڏهن آسمان گولين ۽ ڦٽاڪن
سان گونجي اٿي ٿو. سمنڊ ڪناري جينس پاتل نوجوان.
”مست“ ٿي پون ٿا ۽ ”ڀنگڙو“ وجهن ٿا. ڊفينس جي
ڪيترن ئي بنگلن مان گلاسن جي ٽڪرجڻ ۽ ”چيئر“ جو
گڏيل آواز ويڪرن رستن جي سانت ٽوڙي انساني جياپي
جو احساس ڏياري ٿو، مجرن جا شوقين وڏيرا گهنگرو
ٻڌل نارين تي نوٽن جو وسڪارو لاهي ڏين ٿا ۽ اهو سڀ
ڪجهه نئين سال جي آجيان ڪرڻ ۽ انهن لمحن مان لطف
اندوز ٿيڻ لاءِ روايت موجب ٿيندو پي رهيو آهي.
ڪنهن هنڌ سدا ”سهاڳڻين“ جي بدن سان جنسي راند ڪرڻ
وارن جو ميلو متل هجي يا محبوبائن سان ملڻ لاءِ
ايندڙ عاشقن جو قافلو هجي، جتي هرڪو پنهنجي ڌن ۾
مست، الست نظر اچي ٿو، پر ڪٿي ڳوڙهي سوچ ويچار
ڪندڙ لڏو نئين سال جي آجيان لاءِ پنن تي ڪجهه سرجڻ
خاطر اونداهي آسمان ڏانهن نهاري، ذهنن واري اسڪرين
تي تلوار بڻجي لڙڪندڙ انهن سوالن جي جوابن جي
ڳولا ڪري ٿو، جيڪي هر ڀيري ايندڙ نئون سال پاڻ سان
گڏ کڻي ايندو آهي. پوئين سال( 1997) ڇا ڏنو ۽ ڇا
کسيو؟ هي اهو سوال آهي، جنهن جو جواب شيخ اياز جي
موت واري اها خبر آهي، جنهن کي پڙهڻ شرط سڄي سنڌ
تي سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو ۽ هر طرف روڄ راڙو پئجي ٿو
وڃي. 97ع نه رڳو اسان کان هڪ صدي جيڏي شاعر ۽ مهان
ڪوي اياز جو وجود کسيو پر گڏوگڏ ڪيترين ئي ونين
کان ور،مائرن کان پٽ، ڀينرن کان ڀائر ۽ ماڻهن کان
سندس پيارا کسيا آهن. اچو ته نئين سال 98ع جي
آجيان لاءِ کيس ٻن لڙڪن جي ڀيٽا ڏيون ۽ ويچار
ڪريون ته شل 98ع جو سج خوشين ۽ مسرتن جي روشني پاڻ
سان گڏ آڻي، محرومين ۽ ڏکن ڏوجهرن جي اونداهين کي
هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.
ويهين صدي جي عظيم شاعر جو جنازو
يونس مهر
اسان پنج دوست ڪامريڊ غلام رسول سهتو، مهيش ڪمار،
نثار چنه، فهيم لطيف ۽ آئون هن صديءَ جي عظيم شاعر
محترم شيخ اياز جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهر کان
روانا ٿياسون. اسان کي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. سئو
سوا سو خيال هئا. هڪ ڏينهن اڳ واري منظر ڏانهن ذهن
جي ريل جي موٽ کائڻ. ڇا ته جذبا ها! ڇا ته ڪيفيت
هئي! سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي پروگرام ۾ شيخ
صاحب جي مرتئي جي خبر راڄ روئاري ڇڏيا هئا. انهيءَ
ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي تعزيتي اجلاس ۾ تبديل
ڪيو ويو. هر اک آلي هئي. اياز گل صاحب شروعاتي
تقرير ڪرڻ آيو پر تقرير نه ڪري سگهيو. غم ۾ بلڪل
نڍال روئيندو وڃي ڪرسي تي ويٺو. نصير مرزا جو هر
هڪ شعر غم ۾ اضافي ڪرڻ وارو. ساڳي ڪيفيت ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جي هئي. جيجي زرينه سريلي انداز ۾
ڪوئل جي ڪوڪ وارين غمگين لهجي ۾ شيخ اياز جو گيت
”اي سنڌ تو کي الوداع اي هند توکي الوداع“ ڳائي
راڄ روئاري ڇڏيا.سڄو هال اوڇنگارن ۾ وٺجي ويو.اتي
بيدل جي تقرير ماڻهن کي آٿٿ ڏنو ته ”اسان جو اياز،
سنڌ جو اياز مرڻو ناهي. جيتوڻيڪ هو جسماني طور تي
اسان کان جدا ٿيو آهي پر روحاني طور تي، عملي طور
تي، انقلابي جذبي سان هميشه سنڌ واسين سان ۽ سنڌ
سان گڏ آهي.هن جا گيت مرڻا ناهن. جيستائين سنڌ ۽
سنڌي آهن، هن جا گيت ڳائبا رهبا. دل جا لفظ، جذبن
جا لفظ ۽ مڙسي جا لفظ هڪ ڪلاڪار کي ڏک جي لمحن ۾
پنهنجي قوم کي چوڻ گهرجن، اهي بيدل چيا.
انهيءَ کان پوءِ پليجي صاحب جي تقرير سچ پچ ته
محفل کي گرمائي ڇڏيو.پليجي صاحب پنهنجي موقف تي
قائم رهندي شيخ اياز صاحب کي بهترين خراج تحسين
پيش ڪيو.ڪافي ٻين سينئر اديبن ۽ دوستن تقريرون
ڪيون،انهن ۾ مانواري سرڪش سنڌي ۽ پنهنجي پياري
انعام شيخ جي تقرير به وزنائتي ۽ ٽو دي پوائنٽ
هئي. هن شيخ صاحب جي ڏک کي هٿيار بڻائي جدوجهد ڪرڻ
جو سڏ ڏنو. اها محفل هر ڪنهن روئيندي ڇڏي. ۽ ان
محفل جي ڪوشش ۽ سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب جي
جدوجهد کان پوءِ شيخ اياز صاحب جو گهراڻو ان ڳالهه
تي راضي ٿيو هو ته هن کي ڀٽ ڌڻي جي برابر ۾ دفنايو
وڃي. ڇو ته شيخ اياز صرف پنهنجي گهر جو نه هو پر
سڄي سنڌ جو هو. سڄي سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو هن کي
چاهيندا هئا،هن سان پيار ڪندا هئا.
اسين ڀٽ شاهه طرف روانا ٿياسون ۽ بحث انهيءَ ڳالهه
تي هو ته ڏسون ته ڪيترا ماڻهو ٿا شريڪ ٿين؟سنڌ
سجاڳي جو ڪيترو ثبوت ٿي ڏي؟نه روڊ سا ڪابه گاڏين
جي غير روايتي رش، نه ڪا به نرالي ڳالهه.ڄڻ ڪجهه
ٿيو ئي نه آهي. سنڌي ساڳي طرح ڪچهري، چانهه جي
ڪوپن جو کڙڪو،ساڳي مڇ کي تاءُ، روايتي طرح هوٽلن
جي بئنچن ۾ ٻڌل ڪڪڙن کي ٻچڪارون، سنڌ جو آواز اسان
کان جدا ٿيو هو پر سنڌي عوام باوجود ريڊئي، ٽي وي
۽ اخبار وسيل خبر ٻڌڻ کان پوءِ به، ساڳي پنهنجي
بيهوده ڪرت ۾ ورتل.
ڪامريڊ غلام رسول هڪ ڏينهن اڳ واري اجلاس تي تمام
گهڻو ڪاوڙيل هو. هن جو موقف هو ته ”واهيات قسم جو
تقريرون ٿيون،هر ڪنهن اياز جي موت تي پنهنجي
دوڪانداري چمڪائڻ ٿي چاهي.سڀني اهو چيو ته اياز کي
مون اياز ڪيو،منهنجو ڪنٽريبيوشن آهي.اڙي توهان کي
خدا جي مار پوي. جيڪڏهن سڀ صلاحيتون ۽ خصوصيتون
اوهان جون هيون ته پوءِ توهان ڇو نه اياز ٿي
سگهيو؟ڀائي ماحول وڏي شيءِ آهي پر ڏات به ڪا شيءِ
آهي. اياز ڏات ڌڻي هو جو اياز ٿي سگهيو.مون کي
سڀني سينئر ڳالهائيندڙن سان اختلاف آهي. انهن سڀني
کان سٺي ڳالهه ته قاسم آباد جي 14 سالن جي ٻار ڪئي
،جنهن چيو ته اياز اسان کي ان وقت ڇڏي ويو، جڏهن
سنڌ کي هزارين ايازن جي ضروررت هئي.اڄ اسان پلس
هزار ٿيڻ بدران مائنس ون ٿيا آهيون.اسان وٽ هڪ
اياز هو جيڪو به اسان کان موڪلائي ويو.“ اهي ئي
بحث مباحثا ڪندي اسان وڃي ڀٽ سائين تي پهتاسون.اڃا
تنبوري چوڪ تي مس پهتاسون ۽ گاڏي پارڪ ڪري دوستن
سان ملڻ لڳاسون ته آرگنائيزرن مان تاج جوئي صاحب
رڙ ڪندي چيو هلو ۽ هلي قطارون ٺاهيون.
اسان به لائين ڪري بيٺاسون ڀر ۾ سرڪش سنڌي ۽ ٻئي
پاسي کان سنڌ جو سريلو راڳي صادق فقير بيٺل
هئا.پنهنجا سڀئي ڄاتل سڃاتل دوست انعام شيخ،بخشڻ
مهراڻوي، ادل سومرو، اياز گل، عوام جو ايڊيٽر نذير
لغاري، انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ٻيا سنڌ
جا اديب،شاعر ۽ اخبار نويس.مشڪل سان ٽي سؤ کن
ماڻهو لائين ڪري بيٺاسون.هٿن ۾ هر ڪنهن کي گل.اهو
انتظار ته ڪڏهن ٿو سنڌ جو آواز شيخ اياز جو مڙهه
اچي جنهن کي جهڪي سلام ڪجي ۽ گلن جي ڀيٽا ڏجي.جلدي
قافلو اچي پهتو،تقريبن ڏهن گاڏين تي مشتمل جنهن ۾
هڪ ايمبولنس به شامل هئي،جنهن ۾ سنڌ جو انقلابي
آواز خاموشي سان ستل هو. يا اسان کان ڪاوڙجي ويو
هو!ڇو ته جيئري اسان ۽ اسان جي سنڌ جي نام نهاد
اديبن ۽ شاعرن هن تي عظمت جا تاج محل نه پر ملامتن
جا مينار اڏايا هئا. چيائون ته شيخ اياز پنهنجي
موقف کان ڦري ويو آهي.شيخ اياز مُلو ٿي ويو
آهي.شيخ اياز پنهنجي اڳين شاعري کي پنهنجو نه ٿو
ڪري.پر اسان جو موقف اهو هو ته شاعر به هڪ انسان
آهي، هن کي بحيثيت هڪ انسان جي به سمجهڻ گهرجي.پر
جن کان جيڪو وڙ ٿي سگهيو، اهو ڪيو.اسان سڀني دوستن
شيخ صاحب واري ايمبولنس تي گلن جي ورکا ڪئي.
ڀٽائي جي روضي جي ڏاڪڻين وٽ ايمبولينس کي بيهاريو
ويو ۽ مڙهه ڏولي ۾ رکيو ويو.روايتي طور تي سنڌين
جو غير تنظيمي طريقو،ماڻهو هجون آڱرين تي ڳڻڻ
جيترا پر پوءِ به نظم و ضبط بلڪل نه هجڻ جهڙو، ۽
ان مٿان وري پنهنجي آرگنائيزرن دوست تاج جوئي جي
رڙ تي رڙ ”بابا پاسي ٿيو“”بابا خيال ڪيو“ ماحول
غير ترتيب وارو،بهرحال دوست ۽ اديب جنازي کي مٿي
کڻي هلندا رهيا ۽ ڀٽائي صاحب جي در ٻاهران ورانڊي
۾ اچي رکيائون.هرو ڀرو جي رش،ڪافي اديب دوستن اڳين
صف ۾ بيهڻ پيئي چاهيو تنهن ڪري اڳين صف ۾ ڪافي
پيهه ۽ رش هئي. اسان جي سينئر دوست خلق جي ايڊيٽر
مدد علي سنڌيءَ هٿ ٻڌي رڙيون ڪري ماڻهن کي چپ
ڪرايو.شايد دوستن کي مووي ڀرائڻ ۽ فوٽا ڪڍرائڻ جو
شوق. انهيءَ کان پوءِ جنازي کي ڀٽائي جي اڱڻ ۾
آندو ويو. جتي دوستن پيهه ۾ اياز جو آخري ديدار
ڪيو.هر ڪنهن کي لائين ٺاهي گذرڻ جو چيو ويو پر اها
به ڪوشش بار آور ثابت نه ٿي.بهرحال جيئن تيئن هر
ڪنهن آخري سلام پيش ڪيو.پوءِ جنازي کي شيخ صاحب جي
آخري آرام گاهه ڏانهن کنيو ويو.جيڪا ڀٽ شاهه شهر
جي وچ ۾ وهندڙ ڪراڙ جي ٻئي ڪناري تي مخصوص ٿيل
هئي.جيڪو شايد ثقافت کاتي جي ڪنهن ٺهيل عمارت جي
ڀٽ جي ٻاهران جو ميدان هو.رستو ڪافي ناهموار
،ٺڪرن، ٺوٻرن سان ڀريل هو.سڀئي شريڪ دوست ان کي
ڪراس ڪري شيخ صاحب جي آخري آرام گاهه تائين
پهتا.افسوس صد افسوس شايد ڀٽ شاهه تي ڪوبه شهري
ادارو نه آهي،جيڪو صفائي ڪري رستو هموار ڪري ها،
يا ته انهن عملدارن کي شايد اها به خبر نه هئي ته
اڄ سنڌ جي ويهين صدي جي عظيم شاعر جي تدفين آهي،
پر جيڪڏهن ڪو به وزير يا عملدار اچي ها ته ضرور
روڊ کي صاف ڪن ها، چُن هارين ها پر هن قوم جو اهو
ته الميو آهي،جو هن قوم وٽ ماڻهن جو نه پر مرن جو
قدر آهي.
ان
کان پوءِ موٽي اچي ڀٽائي سرڪار تي دُعا گهري سون،
سنڌ ۽ سنڌين جي آئيندي لاءِ ٻاڏايو سون، هن مرده ۽
ستل قوم جي سجاڳي لاءِ دعا گهري سون، جيڪي پنهنجي
عظيم انقلابي شاعر جي جنازي ۾ هڪ هزار به گڏ نه ٿي
سگهيا. ٻاهر نڪتاسون ته ڪراڙ جي هڪ ڪپر تي سنڌ جي
تاريخ جي صدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي
مزار هئي ۽ ٻئي ڪپ تي سنڌ جي هن صدي جي عظيم
انقلاب شاعر شيخ اياز جي آخري آرامگاهه هئي. ڏسجي
ته ڇا جڏهن سنڌي پانڌيئڙا عقيدت وچان ڀٽائي تي
ويندا ته هو ڪراڙ جي ٻئي ڪپ تي سنڌ جي ٻي وڏي شاعر
جي آخري آرامگاهه تي وڃڻ جي تڪليف ڪندا يا نه.؟
يا
هي چار ڪروڙ سنڌي ۽ انهن جا هي هٿ ٺوڪيا ادارا جن
جون عمارتون ته وڏيون آهن پر ڪم ڪو به نه آهي. اهي
سنڌ جي عظيم شاعر جو مانائتي نموني سان ڀرپور
طريقي سان ڪو چاليهو به ملهائي سگهندا يا نه؟ جنهن
جو هو حقدار آهي ۽ هن جي مزار تي ڪو يادگار به
اڏائي سگهندا يا نه؟ اهو وقت تي نٿا ڇڏيون. وقت
وڏي عدالت آهي،جيڪا هر قوم کي پنهنجي ڪيئي جي جزا
۽ سزا ضرور ٻڌائيندي.
شيخ
اياز:
ڪٿي
ته ڀڃبو ٿَڪَ مسافر
سترام مهيشوري
سائين جي ايم سيد 1967ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب”جنب
گذاريم جن سين“ (ڀاڱو ٻيو) ۾ مها ڪوي شيخ اياز
بابت لکيو هو ته ”هي محب وطن بي تعصب، ترقي پسند ۽
آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي. ،مغربي دنيا ۾
ڪيئي اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن، جن جي خيالن تي
نڪته چيني يا مخالفت هرو ڀرو نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته
اهي ملڪ ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن، جتي
اهڙا خيال سوين سال اڳي کان ظاهر پئي ٿيا. تنهن
ڪري اهي رواجي پيا ڏسڻ ۾ اچن. بدقسمتيءَ سان هن
ملڪ ۾ ملان جي غلط اسلامي نظريي سبب اهڙو ماحول
پيدا ٿي ويو آهي جو ماڻهو اسلامي رواداري ڇڏي ڪٽر
۽ تنگ خيال ٿي پيا آهن ۽ ذرو به اختلاف راءِ
برداشت نٿا ڪن. ”اياز“ جي لکڻين جي به اهڙيءَ طرح
مخالفت ڪئي ويئي آهي. اها سنڌ ۾ ئي مخالفت هئي.
پهريون دفعو حيدر بخش جتوئيءَ جي ”تحفه سنڌ“ خلاف
ٿي. ٻئي دفعي حاتم علويءَ جي مضمونن خلاف ٿي. هن
دفعي اياز جي شعر جي مخالفت ڪئي ويئي آهي.
ان
مخالفت کي تيز ڪرائڻ لاءِ هن جي ڪن دوستن جي سندس
محبت ۾ زيادتي ڏيکارڻ ۽ خوام خواهه ٻين شاعرن سان
کيس مقابلي ۾ پيش ڪرڻ به هڪ ڪارڻ هو. دنيا ۾ خدا
نه ڪنهن کي سونهن کان سڪايو آهي ۽ نه ئي عقل کان.
ڪنهن به ماڻهو جي تعريف تي ايتري مخالفت ڪانه ٿئي
ٿي. جيتري ان کي ٻين سان مقابلي ڪرائڻ ۾. ”لڪم دين
ڪم ولي الدين“ جي هوندي. اهو ضروري نه آهي ته سڀ
ماڻهو هڪ خيال جا بڻايا وڃن. ”امت جو اختلاف رحمت
آهي“ جي ڳالهه کي خيال ۾ رکندي، هر ڪنهن کي حق آهي
ته پنهنجا رايا پيش ڪري. پوءِ اهو ڪو ضروري نه آهي
ته ٻيا ساڻس اتفاق ڪن. مون کي ته هن جي ڪتابن پڙهڻ
بعد هن لا عزت ۽ پيار وڌيو آهي.“
شيخ
مبارڪ علي”اياز“ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾
شيخ غلام حسين جي گهر اک کولي. هن ابتدائي ۽ ثانوي
تعليم شڪارپور مان ورتي. شڪارپور هاءِ اسڪول مان
ميٽرڪ ڪرڻ بعد ڊي جي سنڌ ڪاليج مان فلاسافي ۾ بي
اي پاس ڪيائين. ان کان پوءِ 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي
مان ايل ايل بي جي ڊگري ورتائين. هن ڪراچي شهر مان
وڪالت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سکر ۾ پڻ وڪالت
ڪيائين. هو ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ ۽ شعر و شاعري
جي دنيا جو راهي هو. صوفي کيئل داس فانيءَ جي اثر
هيٺ هن شعر چوڻ شروع ڪيا. ننڍي عمر کان ئي شعر
ٺاهڻ ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. سندس پهريون شعري
ڪتاب” ڀونئر ڀري آڪاس“ 1962ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ دوها،
گيت، آزاد نظم، وايون، نظم، قطعا ۽ غزل چيا اٿس.
1964ع “ اوڀر پاڪستان جي سرڪار پاران سندس اهو
ڪتاب ضبط ڪيو ويو. هن نثر، نظم، آتم ڪهاڻي تي ٻڌل
55 ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
جي رسالي جو اردو ۾ ترجمو مٿانهين حيثيت رکي ٿو.
سندس ٻين ڪتابن ۾ پتڻ ٿو پورو ڪري‘ ڪراچي جا ڏينهن
۽ راتيون، جهڙ نيڻان نه لهي، وڄون وسڻ آيون، روس
جو سفر نامو، چنڊ چنبيلي ول، وڻ تي رم جهم،ساهيوال
جيل جي ڊائري،ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، ڪپر ٿو ڪُن ڪري،
ڪي جي ٻيجل ٻوليو، خط، انٽرويو ۾ تقريرون (ٻه
ڀاڱا) راڄ گهاٽ تي چنڊ، لڙهيو سج لڪن ۾، بڙ جي
ڇانو اڳي کان گهاٽي، اڪن نيرا ڦليا، ڇوليون ٻوليون
سمنڊ جون، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، سفيد وحشي، ٽٽل
ٽڪرا صليب جاءِ جو بيجل ني آکيا(شاعري جو ترجمو
پنجابي ۾) حلقا زنجير ڪا (اردو ۾“- دودي سومري جو
موت (ڊراما)، هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن، پن ڇن
پڄاڻان، پنهل کانپوءِ بوءِ گل نالئه دل (اردو ۾
شاعري) نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي (اردو ۾ شاعري)،
ڪتين ڪر موڙيا (ٽي ڀاڱا) ڀونئر ڀري آڪاس، ڪٿي ته
ڀڃبو ٿڪ مسافر، ڪلهي پاتم ڪينرو، جل جل مشعل جل،
هي گيت اڃايل مورن جا، رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي،
واٽون ڦلن ڇانئيون، اڀر چنڊ پس پرين، نندوليون،
سورج مکي سانجهه، سر لوهيڙا ڀڳيا، جرڏيئا
جهمڪن،چنڊ ڳليون، گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا، ڪونجون
ڪُرڪن روهه تي، جڳ مڙيو ئي سپنو ۽ پتڻ ٿو پور ڪري
شامل آهن. جڏهن ته سندس آتم ڪهاڻي جي باقي پنج
جلدن کان سواءِ ويهه کن مسودا ڇپائي جي انتظار ۾
آهن.
شيخ
اياز، ڊاڪٽر اياز قادري، عبدالرزاق”راز“ ۽ نارائڻ
شيام جي چوياري ڏاڍي مشهور هئي. چئن ڄڻن تي ٻڌل
ٽيم ترقي پسند ادب کي ورهاڱي کان اڳ هاٿي وٺرائڻ
لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. نارائڻ شيام غزلن جي صنف
۾ پاڻ مڃايو، ورهاڱي کان پوءِ هو ڀارت لڏي ويو ۽
1989ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. جڏهن ته نثر ۽ تحقيق ۾ پاڻ
مڃائيندڙ ڊاڪٽر اياز قادري چوڏانهن ڏينهن اڳ
لاڏاڻو ڪيو، جڏهن ته انهي چورياري جو مٿير مڙس شيخ
اياز 1997ع جي آخري هفتي ۾ سنڌين کي وڇوڙو ڏئي
راهه رباني ٿيو.
شيخ اياز جي شاعري ون يونٽ خلاف هلندڙ هلچل ۾
وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس نظم”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه
ڏيندو“ ان وقت هر گهٽي، گام ۾ مشهور هو. شيخ اياز
ون يونٽ واري دور ۾ رڳو شاعري نه ڪئي پر عملي طور
تي به هن انهي هلچل ۾ حصو ورتو. انهي پاداش ۾ کيس
زندان ۾ پڻ وڃڻو پيو پر هي ارڏو مڙس پنهنجي اڏول
ارادي تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. شيخ اياز جي
شاعري سنڌي نوجوانن کي تمام گهڻو اتساهيو، سنڌ جي
موجوده ادبي ٽهي تي شيخ اياز جي ڇاپ واضح طور تي
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيڪا اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته شيخ
اياز هڪ فرد نه پر ادارو هو. ۽ اهڙا اداري نما فرد
ڪڏهن ئي ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن.
روزانه ڪاوش حيدرآباد
اياز موهن جي دڙي ۾ پنهنجو روح ڳوليندڙ هڪ شخص!
امين قريشي
شيخ
اياز جيڪو پنهنجي اندر ۾ هڪ ڪائنات هو. جنهن جي
ذهن جي سوچ ميٽا فزڪس جو سير ڪرائيندي هئي، اهو
شخص جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڀٽائي جي جتي جي مٽي
سڏيندو هو،جيڪو ڪڏهن پاڻ کي ڀٽائي کان مٿڀرو
سڏيندو هو. اهو شخص جنهن جي ڪتاب جي هر ٽائيٽل جو
عنوان، ڀٽائي جي شاعري مان نڪتل آهي، اهو شخص جيڪو
پنهنجي اندر ۾ سڄي دنيا جو علم رکندڙ هو، جيڪو
مسلسل هفتن جا هفتا بغير ساهي جي لکڻ جو عادي هو،
جيڪو سالن تائين موت کي در تان موٽائڻ جو عادي هو.
جنهن جي خود اعتمادي زماني کي
Self
praising
لڳندي هئي، اهو شخص جيڪو سڄي دنيا کان بي نياز ٿي
پنهنجي دل ۽ دماغن جي منزلن کي طئه ڪندو هو. اسان
کان صديون اڳيان نڪري ويو، جيڪو ويهين صدي جي
تبديلين جو اکين ڏٺو شاهد هو. جنهن کي ڪميونزم تي
اقرار به رهيو ته اعتراض به. جيڪو هڪ قوم پرست به
هو ته ساڳئي وقت ڪائنات پرست پڻ، جيڪو ڪائنات جي
حسن جي رنگن جي نزاڪت جو حامي هو، جيڪو ازل کان
ابد جي رستي جو ڳولائو هو، ها، شيخ اڄ جو ڀٽائي
هو، جيڪو چوندو هو ته منهنجي سڃاڻپ ستن نسلن کان
پوءِ ڪئي ويندي. شيخ اياز جنهن مٽي ٻيهر ڳوهڻ جي
دعويٰ ڪئي، جيڪو هميشه چوندو هو ته سنڌي قوم مرده
پرست قوم آهي، ان ڳالهه ۾ شيخ اياز سچو هو، هن کي
خبر هئي ته هر دور جي جينئس کي ڪڏهن به وقت تي
مڃتا ناهي ملي، هن ڄاتو ٿي، ته جيئري مڃتا ڏيڻ ۾
سنڌي قوم تمام گهڻي پٺتي آهي.
شيخ
اياز جيڪو پنهنجي روح جي ڳولا موهن جي دڙي جي مٽي
۾ ڪندو هو. جيڪو هڪ مڪمل بي چين روح هو، جنهن
سدائين اسرارن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پنهنجي
عمر جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ قدرت جي اسرارن کي
سمجهندي قدرت جي اڳيان پنهنجو سيس نوائي ٿو، جيڪا
ڳالهه سنڌ جي محدود ذهن رکندڙ دانشورن کي نه وڻي،
شيخ اياز جنهن تي ڪيترائي الزام هنيا ويا، جيڪو
(ڪنٽراورشل) پرسنالٽي طور اڀريو، جيڪو سرحدن جو
قائل نه هو، جنهن کي ورهاڱو روح تي راتاهي وانگي
لڳو جيڪو آخر تائين سنڌ ۽هنڌ جي محبت جا نعرا
هڻندو ويو.
شيخ
اياز جيڪو ورهاڱي کان گهڻو اڳ برصغير کي ڏسي ٿو،
جيڪو متحده برصغير جو حامي آهي. جيڪو جڏهن ماڻهن
کي مذهبن جي بنياد تي رت وهائندي ۽ هڪ ٻئي خلاف
نفرتون ڦهلائيندي ڏسي ٿو ته چئي ٿو،
”مذهب، قوم پرستي ماڻهن لاءِ
ڄڻ
گتا آهن،ماڻهو ڄڻ ته ڪتا آهن،
ماڻهو ڄڻ ته ڪتا آهن.“
47ع
جو غير فطري ورهاڱو هن عظيم شاعر لاءِ هڪ وڏو
سانحو هو، ڇاڪاڻ جو سندس هم عمر ليکڪ، شاعر اکين ۾
ڳوڙها ڳاڙهيندا ويا هليا، وائيس چانسلري جو دور
جنهن کي شيخ اياز پنهنجي زندگي جي وڏي غلطي قرار
ڏنو. هڪ متنازعه دور هو، جتي هن تي گهڻي تنقيد پڻ
ڪئي ويئي، بعد جا دور شيخ اياز جا ڀرپور دور هئا،
جتي هن جي قوم پرستي تي مبني شاعري جا گيت عام
ماڻهن جي دلين ۾ هئا، توتي سيس نمايان، مٽي ماٿي
لايان، شيخ اياز سنڌ جو قومي ترانو جوڙيو، شيخ
اياز جنهن کي ڪير به سمجهي نه سگهيو جيڪو هن دور
جو نه هو، جيڪو صديون اڳ اچي ويو هو، سنڌ جو ٻيو
ڀٽائي، ڪيترين صدين جي گيپ کانپوءِ آيو ۽ ويو
هليو. سنڌ پنهنجي ازل جي سستي ۽ جاهل پڻي جو
مظاهرو ڪندي رهي، سنڌ جنهن نه ڪالهه ڀٽائي جو قدر
ڪيو نه هن ڪڏهن سچل،سامي کي مڃتا ڏني،نه هنن صوفي
شاهه عنايت جو قدر ڪيو،هر دور جا سنڌ جا گوتم
پنهنجو وارو وڃائي هليا وڃن ٿا،پر هو پنهنجي وس
آهر هر دور جي ڪليسا جا گهنڊ وڄائين ٿا،هر پل اهو
چون ٿا،ته نفرتون اجايون آهن،مذهب اجايا
آهن،سرحدون اجايون آهن هي هٿيار جا انبوهه اجايا
آهن،صرف سجايو آهي،پيار،شيخ اياز جنهن جي علمي
وسعتن ۽ آفاقي شاعري کي ڏسندي ،سنڌ جي ويڪائو
۽نمائشي دانشورن هن تي تنقيدون شروع ڪيون،ڪن هن تي
شاعري چوري ڪرڻ جا الزام هنيا،ڪن هن تي مذهبن ۽
پناهه وٺندڙجو الزام هنيو، شيخ اياز جيڪو هميشه
اهو جواب ڏيندو هو ته مون تي تنيد ڪرڻ وارو به گهٽ
۾ گهٽ منهنجي قد ڪاٺ جو هجي،هنجو چوڻ هوندو هو ته
اهي بڪواس ٿا ڪن ۽ آسمان ۾ ٿا ٿڪن ۽ وقت اهو ثابت
ڪري ڏيکاريو آهي، سنڌ جا سڀ دانشور جن شيخ اياز کي
آخري وقت ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. جيڪي شيخ اياز تي
ڪفر جي دعوائن نما تنقيد ڪندا هئا،شيخ اياز جي وڃڻ
کان پوءِ پنهنجي رهجي،ويل ساک بچائڻ لاءِ شيخ اياز
لاءِ رت جي ڳوڙهن وهائڻ جو ناٽڪ ڪن ٿا، 28ڊسمبر تي
جڏهن سنڌي ادبي سنگت پنهنجي گولڊن جوبلي ملهائي
رهي هئي،جتي آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن
شيخ اياز جيئرو هجي ها ته ان تي شديد تنقيد ڪئي
وڃي ها پر هنن جي بازي پلٽجي وڃي ٿي شيخ اياز جو
وڇوڙو هنن کي وائڙو ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ اديب
دانشور پنهنجي مرده پرست قوم جو ثبوت ڏين ٿا.
شيخ
اياز جنهن جي عظمت جي گواهي ڏيڻ لاءِ سندس پنجاهه
کان وڌيڪ لکيل انمول ڪتاب ئي ڪافي آهن،جيڪو پنهنجن
لفظن ۾ انتها جو معصوم آهي، جيڪو يورپ جي هر ڏاهي
کي چئلنج ڪري ٿو جيڪو سڀ تجربا حاصل ڪرڻ کان پوءِ
ان نتيجي تي پهتو هو ته تنهائي ئي سڀ ڪجهه آهي
جنهن پنهنجي آخري آرام گاهه ڀٽائي جي قدمن ۾ ٿيڻ
دفن ٿيڻ پسند ڪيو،شيخ اياز جيڪو هڪ شديد محبت ڪندڙ
شخص هو،جيڪو افريڪي بک وگهي مري ويل شخص کان
وٺي،جيڪو چوندو هو ته مسجد ۽ ممبر کان گهر جي
ٻرندڙ ”چلهه“وڌيڪ مقدس آهي،جيڪو چوندو هو ته ڏات
وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي،پر اهو وقت
ٻڌائيندو ته شيخ اياز جيڪو مچ ٻاريو آهي ان ۾ سڙڻ
لاءِ ڪير ڪير تيار آهي،شيخ اياز جيڪو سنڌي قوم جي
حالت کي ڏسي چوندو هو،
”مان جو پنهنجي دور جو آئينو آهيان،
ڪيڏو ٿو چاهيان، مون ۾ ڏسين پاڻ کي.“
اهو
شخص جيڪو سڄي دنيا کان بي نياز ٿي صرف لکندو
رهيو،صرف شاعري ڪندو رهيو، جنهن جيئري ئي سنڌي قوم
کي مرده پرست ڪوٺيو،اُهو چپ چاپ اچانڪ، اسان کان
هليو وڃي ٿو. اسان پنهنجي اندر ۾ روئون ٿا،جيڪي
سمجهون ٿا ته اڄ سنڌ هڪ دفعو ٻيهر نڌڻڪي ٿي ويئي
آهي، هڪ سايو هڪ عظيم هستي اسان کي معيارون ڏيئي
هلي ويئي ۽ سنڌ اياز جي بقول پنهنجي روايتي ”سنڌ
ڏسندي رهي“جو مظاهرو ڪندي رهي، شيخ اياز جيڪو سنڌ
۽ سنڌي، هند ۽ هندي جي خوشحال ٿيڻ جا سپنا رکندو
هو،جيڪو اهو ڄاڻيندو هو ته”آزاد هوا“ڇا ٿيندي
آهي،پرواز بنا پر ڪيئن هوندا آهن،اهڙا سڀ سپنا هو
پنهنجي اکين ۾ سانڍي هليو وڃي ٿو.
اسان صدين جا تماشائي،جاهل،صرف ٻه لفظ اظهاري
تعزيت ڪيون ٿا پراهي چڱا مڙس دانشور جن شيخ اياز
کي جيئري صرف ڏنڀ ڏنا،اهي هاڻي هن جي ثنا خواني
ڪندي نه ٿا ماپن.
پر
اياز کي ڪنهن جي به پرواهه نه هئي،هو ته سڄي زندگي
گهر ڳوليندو رهيو ۽ پٺيان ٻڌندو رهيو هڪ پر اسرار
چاپ، جنهن کي موت چيو ويندو آهي،اياز موت سان ڪيڏو
نه وڙهيو،پر موت جيڪو هر ڪنهن تي اچڻو آهي،پر ڏٺو
وڃي ته شيخ اياز موت تي به فاتح رهيو،هو ايترو
ڪجهه ڪري ويو آهي جو هن کي صدين تائين ياد رکيو
ويندو.
اي
چنڊ مان توکي ڪيئن پڄان،
ڪارونجهر پهاڙ جي چوٽي کان ڇلانگ لڳاءِ
مان توکي هيٺ چشمي تي ملندس |