ڀٽائي جي امانت ڀٽ ڌڻيءَ وٽ پهتي. شيخ اياز مرشد
گهوٽ لطيف وٽ وڃي آرامي ٿيو. موت پوئين ملهه ماري
ويو، شڪست يتيم ٿيندي آهي. اسان سڀ اڄ يتيم آهيون،
روسي
Mystic
فلسفي انگريز گرجيف چواڻي:
Every one is
imprisoned for life and in the end sentenced to
death
( هر
ڪنهن جي زندگي هڪ عمر قيد جي سزا آهي ۽ آخر ۾ سڀني
کي سزا ۽ موت آهي.)
بابا
آخري سالن ۾ موت تي هڪ وجودي مسئلي طور تي
ويچاريندو هيو ۽ لکندو هيو. موت هڪ ازلي حقيقت
آهي، پر هميشه رهڻ به ڪا انسان جي فطري خواهش آهي،
ان جو طريقو شايد ڀٽائي هيئن ٻڌائي ٿو.
مرڻا
اڳ جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي هيات جيئڻا اڳي جي جيا.
زندگي جي درياهه ۾ ترو نه، پر ٻڏي وڃو، ۽ پوءِ
تارو تار هلو ڪيڏو نه ڏکيو پنڌ آ! ان کي سمجهڻ
لاءِ اياز موت تي لکندو رهيو.
اي
موت نه ماريندين
تون
آنهه رڳو ڏيئو، ۽ رات اجاريندين!
مون
بابا کي هڪ روايت ٻڌائي ته درويش کان ڪنهن پڇيو ”
مرڻ کان پوءِ ماڻهو ڪاڏي ٿو وڃي؟“
”
تون ڄمڻ کان اڳ پنهنجو چهرو ٻڌائي سگهين ٿو؟“
درويش وراڻيو هيو.
ٿو
ڪو نه لڳي کوڙو
هي
موت ڪهاڻي آ، جا ٻڌي پيو ٻوڙو. (اياز)
انسان مسلسل آهي، جوڻ مٽ سڀني مذهبن ۽ فڪرن ۾ ڪنهن
نه ڪنهن حوالي سان آهي. هر شئي
تحليل ٿئي ٿي. بوند سمونڊ ۾، آتما پرماتما ۾، خاص مظهر ۾، بقا فنا ۾، هڪ ڦيرو آ،
چڪر آ،
Only
circle is perfect
اياز پنهنجي شاعري ۾ زنده آهي. شاعري شعور آهي، ۽
فقط شعور ئي رهندو هر شئي جو.
موت
جي ڳالهڙي ٿورڙي آ ”اياز“
اک
پوري مگر، جڳ اڳي جان هلي.
”اي
موهن جي دڙي جي ڌرتي! جي مان ٻيهر ڄمندس ته وري
تنهنجي واريءَ ڏانهن موٽي ايندس. مون کي ٻئي
ڌرتيءَ تي ننڊ نه ايندي.“
اياز!
مٽيءَ ماءَ سان ملي ويو. گل مٽيءَ کي چنمبڙي رهيا
هئا ۽ سنڌ واسي ڀونئري جيان چهٽي رهيا هئا.
”ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ٻنهي
سندي ڳالهڙي، رزاق آندي راس،
تنهن
عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا
(شاهه لطيف)
چڱو
بابا! توسان هاڻي ملڻ لاءِ ڪو به انتظار ۽ در
ديوار ناهي. پاڻ وري رهاڻيون ڪنداسين، ڪراڙ ۾
پٿريون به اُڇلينداسين ۽ بدڪن کي داڻو به
ڏينداسين.
ڌرتيءَ توکي منهنجي چميءَ اڌ ۾...!
حسن
مجتبيٰ
صبح
جا ساڍا پنج وڳا، اهو وقت جيڪو هونئن به کير وارن
۽ اخباري هاڪرن، چوڪيدارن جي پنڪين کائڻ، صبح جي
عبادت وارن، کاٽڙين نه پر پيرين، شاهن نه پر
ٻاليشاهين جو هوندو آهي. ها! ان وقت، ڪلفٽن پل جي
هن پارهن جي پرنس ڪامپليڪس واري گهر جي دروازي جي
بنان گهنٽي وڄائڻ جي چور پير نيٺ اهو داخل ٿي ويو،
جنهن کي هن ”اڻوندڙ ماڻهن ۽ ريءَ ڪانڍيي مهمانن“
واري لسٽ ۾ ڪڏهوڪن ڏينهن کان ڳڻيندي ”اندر اچڻ منع
آهي، وري ويچار ۾ پئي رکيو هو. پر هن ڪتابن ۽ پنن
سان سٿيل پلنگ جي اڌ تي سمهڻ واري ڪمري ۾ ٻيئي هٿ
جوڙي ”ويل ڪم“ ڪرڻ واري مورتي به ته لڳائي رکي
هئي. ”هوڏي ڏس هيءَ ڀيلڪار واري مورتي مون سموري
ننڍي کنڊ ۾ هڪڙي ڏينهن ڪنهن جي اچڻ لاءِ لڳائي رکي
آهي. اهو نه ٻڌائيندو مانءَ ته اهو ڪير ۽ ڪهڙي
ڏينهن اچڻو آهي،“ هن اڻ دکيل سگريٽ مان ڦوڪ ڀريندي
پنهنجو نيراڻ مائل سايون اکيون پنهنجي ڪمري واري
ڀت تي لڳل ان ويل ڪم واري مورتي ۾ کپائيندي هڪڙي
ٻار واري معصوميت ڀري مرڪ سان چيو هو. ” ڪڏهن به
توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ“ شيخ
اياز جي غزل جي اها سٽ مون ۽ آغا سعيد گدوءَ بندر
واري اسپتال ۾ نشي وگهي داخل ڪرايل هڪ نوجوان
آرٽسٽ جي عيادت ڪرڻ لاءِ وڃڻ لاءِ وارڊ جون
ڏاڪڻيون چڙهندي ڪي سال اڳ ڪٿان کان ڳائبيون ٻڌيون
هيون. آغا سعيد ۽ مان حيران هئاسين ته شڪارپور جي
هڪڙي صوفيءَ جو اهو اڀيچند نوجوان ديوانگي ۾ به
شيخ اياز جي شاعري اوچي سرڳائي نه وساري سگهيو
هو.
ها!
ته اهو وقت، جيڪو هونئن ته سج جي پهرينءَ لالاڻ ۽
هن جي لکڻ، شعر رچڻ يا گرو رجنيش جي آڊيو ڪيسٽ ٻڌڻ
جو هوندو هو، ٺيڪ ان وقت جو ڄڻ ته جاڳڻ واري
جنجال کان پوءِ پرين جا نازپسڻ واري ننڊ سمهي
پيو.
هن
جون
هي سٽون
”موت
اچي ٿو مئخاني ۾
هر
ڪنهن کي هو تاڙي ٿو،
ڪو
ئي ڪنڌ نه لاڙي ٿو“
ان
يورپي ليکڪ جي انهن لفظن کان ڪيڏيون نه مختلف آهن،
جنهن چيو هو ته ” ڪو به ماڻهو سج ۽ موت ڏانهن
اگهاڙين اکين سان نه ٿو نهاري سگهي.“
اهو
مڃڻ ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي ته پنهنجي جنم ۽ ٻيهر جنم
۾ صدين جا فاصلا رکي ويندڙ شاعر شيخ اياز هاڻ
”آهي“ مان ”هو“ ۽ ”اڄ“ مان ”ڪالهه“ ۾ تبديل ٿي چڪو
آهي. اسين جيڪي وڏا گلاخور ۽ هيپوڪريٽ سنڌي ماڻهو
آهيون، تن کي دير يا سوير اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته
شيخ اياز جي هن بي ثابت دنيا مان منهن مٽي وڃڻ سان
نه فقط اسان جو دوست مونس، سرمد، سليم، انيس،
ياسمين، روحي، وينگس ۽ سنڌ يتيم ٿيا آهن. پر هيءَ
سمورو ننڍي کنڊ، ڏکڻ ايشيا ادب، آرٽ، شاعري توڻي
مثبت قدرن جي حوالي سان ڇورو ڇنو ٿي ويو آهي. بارش
مئي سان زمانن کي خمار آلود ڪرڻ کان وٺي عالم جي
آباد ٿيڻ لاءِ دعاگو هجڻ تائين هن شاعر کي دنيا جي
هن حصي(ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا) مان ترڪي جي ناظم
حڪمت، اسپين جي لورڪا،چليءَ جي پئبلو نرودا، بنگال
جي نذرل اسلام، اردو جي فيض احمد فيض جهڙن جي صفن
۾، ۽ ڪيترن حوالن
سان هنن سان به گهڻو اڳتي بيٺل ڏسي سگهجي ٿو.
اڄوڪي دنيا ۾ هن مهل تائين اسان سنڌ واسين جي اها
بدقسمتي رهي آهي ته شيخ اياز کي ڪو ايڇ ٽي سورلي
يا عمر خيام وانگر فٽز جيرالڊ جهڙا مترجم ۽ شارح
نه ملي سگهيا، پر صبحاڻي هن جي عالمي ۽ آفاقي
اهميت واري شاعري کي گئبريل مرڪنيز ۽ نجيب محفوظ
وانگر سٺا ۽ ايماندار ترجمان مليا، ته سنڌ جي
مستقبل جي به مستقبل جو هيءَ شاعر بنان ڪنهن
جاگرافيائي ۽ سياسي سرحدن جي بندشن جي، هر هر
هميشه ماڻهپي جو گڏيل ورثو سمجهيو ويندو.
ڪالهه جڏهن سنڌ جي سياست جا اهي ”علامه“ ۽ مهان
جيڪي هن جي آخري گهڙين تائين پنهنجي ننڍي قد سان
اياز جي شاعري کي سياسي ۽ نظرياتي فٽ پٽين سان
ماپيندا ۽ ”انڊر لائين“ ڪندا رهيا ها، سي جڏهن هن
جي تعزيتي ميڙ ۾ پنهنجا لفظ ڄڻ ته مانگر مڇ جي
ڳوڙهن وانگر ڳاڙهي رهيا هئا، تڏهن مون کي اياز جون
ئي سٽون ياد اچي ويون.
”ڪوڙي ڪرٽي پاڻ وڪڻڻي ميري ڪهڙي ڌوٻي گهاٽ
حيرت
حيرت پوءِ به سياست کي هيءَ جرئت
ڪيئن
نه ڪري ٿي اوچو ڳاٽ.“
صبح
جي ستاري سان سنڌ ۽ ننڍي کنڊ کي الوداع ڪري ويندڙ
هن شاعر ڪيڏو
نه
سچ چيو هو”آئون ائين اسٿر جيئن هو تارو اڀ ۾“ يا،
”اوچي بڙ جيئن آنءُ اڀران ٿو، اڀري تن کي هيٺ ڏسان
ٿو، هوءَ ڪي ٽوهه لڳن ٿا.“
منهن
مونن ۾ وجهي غربت
۾
گذارڻ واري سنڌ جي لئنڊاسڪيپس ۾ سن شهر جي مٽي تي
هاڻ سنڌ جي ساڃهه جا ميڙ نٿا لڳن پر اوڏانهن ويندڙ
ڊهندڙ جابلو رستن تي مقبول شيخ جي پنجاهه سٺ لکن
واري”ليڪسيس“ گاڏي (شايد سنڌ ۾ واحد هن وٽ هوندي)
اڏامندي وڃي ٿي. سن جي هاءِ اسڪول ۽ گهٽين ۾ اڄ به
پوليس سپاهي بيٺل آهن. هاڻي اهي ”وي آءِ
پي
ڊيوٽي“ ڏين ٿا. ڪوهن تان پاڻي جا گهڙا مٿن تي
آڻيندڙ ڪوهستاني پاڻياريون، ڇڙي چولي ۾ ٻوڪي
ٻڌل سنگهه وهائيندڙ ٻار ۽ وڻڻ ڏانهن منهن ڪرائي
ويهاريل هنن جو مائرون ۽ پيئر، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بس
جي انتظار ۾ بيٺل ۽ هنن وٽان دنيا جي
مهانگي
ترين ڪار
جو
اڏامي مَٽي وڃڻ. سن هاڻ ” پاور پاليٽڪس ڪري ٿو.
سنڌي وزير مراد شاهه جي آڱر ۾ اڌ پاءُ جي منڊي
پاتل. ڊنگ وڏيرن ۽ پيرن کي پيرين پوندڙ مٽي هاڻا
ماڻهو. موٽ تي انهن تي لئنڊاسڪيپس ۾ اسان سان گڏ
سفر ڪندڙ هڪڙو اسان جو دوست ( جنهن اسان کي اياز
جي موت جي خبر ٻڌائي) چوي ٿو.”اياز جي شاعري جا
اهي ٻه
دور
ڪيڏا نه معنيٰ ڀريا آهن. هڪڙو اهو دور جنهن ۾ هن
چيو هو”سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير
پيو،“ ۽ ٻيو دور اهو جنهن ۾ هن چيو، ”سنڌ وڏو
واپار آ، ڪو اهو چئي ته ڏيکاري.“ اياز جي اها
پونئين سٽ سنڌ ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي شاهه
محمد شاهه تائين سموري سياست سمجهائي ٿي ڇڏي. اياز
جيتوڻيڪ سياستڪار ڪو نه هو پر سنڌ ۾ اها سموري
سياست جيڪا ”سنڌڙي تنهنجي نانءُ تنهنجي نانءُ وتو
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو” وانگر هئي، هن جي شاعري جي
چوڌاري ڦرندي رهي هئي. جي ايم سيد ۽ اياز کان پوءِ
سنڌ ڄڻ ته پنهنجي ”ڪشش ثقل“ تان هٽي ويئي آهي.
اهي
ماڻهو جيڪي چون ٿا ته اياز موت کان ڇرڪيل هو، اهي
ڀليل آهن ڇاڪاڻ ته زندگيءَ بابت اياز گهڻو اڳ
پنهنجا کليل ۽ خوبصورت تصور واضح ڪري چڪو هو. اجهو
هو پنهنجي هڪڙي اردو نظم ۾ ائين ٿو چوي؛
”مجهي ياد هين وه زمستان ڪي راتين
ستاري ٺٺرتي ٿي
بامِ فلڪ پر
مئي
آتشين جام
۾
جم گئي ٿي
ميري
گرم ڪمري ۾ شمع فروزان
الجهني لگي موت ڪي تير گي سي
انگيٺي ڪا اينڌن دهڪني لگا ٿا
اچانڪ هوا دان سي ايڪ چڙيا
شب
تير سي ڀاگتي آگئي ٿي
ننهي
منهي سي ٿي
سراسيمه سي ٿي
گهڙي
دو گهڙي گرم و روشن فضا ۾
رهي
ڦڙا
ڦڙا تي
جب
سي ميري لئي ايڪ تمثيل سي بن گئي هي.“
اياز ته زندگيءَ بابت چوي ٿو:
”يه
وقفه يه عالم سراسيمگي ڪا
گهڙي
دو گهڙي ڪا
حيات
بشر هي.“
اياز
ته سنڌ ۾ سندس انهيءَ تمثيل، ننڍڙي ۽ ڊنل جهرڪي
وانگر هو، جيڪو هڪ اونداهي ۽ سرد رات مان گرم روشن
فضا ۾ آيو، رهيو اڏامي ويو. ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
الا مان اڏري ويندو سانءِ“ پر هو هن ڀونءِ ۾
واهيرن جي واهر بڻجي عقابن سان اٽڪيو به ته هيو
”مون
آزادي جي سئن هنئي
مون
لاٿا طوق غلامن جا
هي
گيت هيا يا جادو ها
زنجير ٽٽا ايامن جا
اڄ
موتي سمجهي چونڊن ٿا
هو
ڳوڙها منهنجي دامن جا.“
هن
هڪ خوبصورتي ۽ محبت سان عاشقيون ڪندڙ شاعر ۽ فنڪار
وانگر موت کان ڊپ نه پر اسان سان نفرت ڪئي هئي
شروع کان. ”موت ڪارو اداس حبشي آ.“ اياز ڊڄڻو شاعر
هو،“ اهو چوڻ وارن کان سوال آهي ته هن ملڪ ۾ اڄ
ڏينهن تائين ڪو شاعر”هيءَ سنگرام سامهون آنارائڻ
شيام“ جهڙو لکي سگهيو آ؟ اياز اهڙا نظم
لکيا ۽ هن کي هن ڌرتيءَ ته ڇا پر هن ننڍي کنڊ ۽ ان
جي ماڻهن سان سنڱ نڀائڻ جي ڏوهه ۾ سڄي ڄمار ڀوڳڻو
پيو. دنيا ۾ اهڙا ٿورا شاعر هوندا، جن جي گيت گيت
۾ نظم نظم تي رد عمل ڏيکاريو ويو هوندو. ڪڏهن ساڄي
ڌر کان ته ڪڏهن کاٻي ڌر کان. آخري سالن ۾ اياز ۾
لکيل دعائن کي ”دعا“ سمجهڻ وارا هن جي بند لاءِ ڇا
چوندا؟
سڃاتئه نه سائل خدا خوش رکيئي
ڪري
ٿا وڃون ديس توکي دعائون.“
هو
سنڌ ۾ ڀٽائي جو ٻيو جنم هو. ڀٽ شاهه جي ميلي
تي”لاهوتي جي شربت“ وڪڻڻ واري کان وٺي امر جليل
تائين سڀ ماڻهو هن جو ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ“ وارو شعر
پنهنجي پنهنجي ليکي پڙهن ٿا. هن جي سموري شاعري ڄڻ
ته ڀٽائي سان هڪ ڊگهو ”ڊائلاگ“ هئي. اياز ڀٽائي جو
هم
ڪلام هو. اهو ڊائلاگ اڌ ۾ ٽٽي پيو. ” چڱو ڀٽائي
آئون هلان ٿو، تنهنجو هي احسان وساريان سو ناممڪن
آهي سائين.“ ڪراڙ ڍنڍ ۾ اهو رسالو، جيڪو ڪيئي
صديون اڳ ڀٽائي ڦٽي ڪيو هو، ان کان پوءِ هڪ نواڻ
ڏيڻ لاءِ شيخ شڪارپور جي هڪري پاڙي ۾ جنم ورتو.
اهو ننڍي کنڊ ۾ اڻويهه سئوويهن وارو ڏهاڪو هو. ڪي
سال اڳ مون لکيو هو، ” هو سنڌ ۾ ڀٽائي کان پوءِ
ٻيو عظيم شاعر نه هجي ها، جي هو شڪارپور جهڙي شهر
۾ پيدا نه ٿئي ها. شڪارپور ضلعي جي ’ميان جي ڳوٺ‘
۾ ڪترجي مشين واري هاڻوڪي جاءِ تي اڄ به سنڌو
واري تختي لڳل آهي. جنهن رسالي ۾ هن شڪارپوري شيخ
ٻارڙي جو پهريون نظم 1933ع ۾ ڇپيو هو. اهو ٻارڙو
جيڪو سنڌ واهه ۾ سانوڻين ۾ تريو، شاهي باغ جي وڻن
۽گلن
سان
خود کان متاثر ٿي ”تون به پاڻيءَ مان به پاڻي، اچ
ته پرچئون پاڻ ۾ لکيو. هن جي اسڪول واري شاعر
استاد کائلداس فاني طرفان کيس ادب ۽ شاعري لاءِ
سدائين همٿائڻ. چوٿين ڪلاس ۾ هن ننڍڙي مبارڪ علي
اياز ڪلڪتي جي مشهور رسالي”انڊين رويو“ جي ڪاپين
جي باقاعدگي خريداري ورتي. جيتوڻيڪ هن اٽڪل مني
صدي ڄمار پاتي پر شيخ اياز جهڙي شاعر لاءِ اهي سال
ڄڻ ته ساڌ ٻيلي ۾ پپر جي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين
مورن جي ڦڙڪو کائي اڏامڻ جيتري وقفي وانگر هئا.
ها!
ته هن جي اٽڪل مني صدي واري ڄمار سنڌ لاءِ ڄڻ ته
ساڌ ٻيلي ۾ مورن جي رڳو پپر جي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ
تائين ڦڙڪو کائي اُڏامڻ جيترو وقفو هئي. پر ڀٽائي
جي اها چاڙهيل ديڳ جنهن جو ڍڪڻ هن شيخ ڇوڪر لاٿو
ان جي جاءِ شايد صدين تائين ٻيو ڪير ڀري نه سگهي!
اهو چوڻ اسانجي مجال ناهي ته هو ڀٽائي جي جتي ۾
پير پائي سگهيو هو يانه، پر سنڌ ۾ اياز به اهو
قلندر هو، جنهن پنهنجي پيرن کي توڪل جي مينديءَ
لائي پنهنجي جتي ۾ سڌا ڪيترا شعر وقت جي دلوراءِ
جهڙن حڪمرانن کي منهن تي هنيا هيا؛ ” منهنجو اگهه
پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟“ اهڙي
اياز کي ڪير ”ڊس اون“ ڪري سگهي ٿو. ان ڏينهن اسان
مان گهڻن جي اکين آلين هجڻ کان وڌيڪ هٿ سندس
”ڪانڌپي واري ڀت“ ۾ سڻڀا ٿيل هئا. اسان اياز کي نه
ٺاهيو، اياز ئي اسان کي ٺاهيو هو. هن نثر جي
ڪتاب”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ اسان گهڻن کي لکڻ جو ڏانءُ
ڏنو. هو ته دنيا جي هن حصي ۾ تاريخي ۽ سياسي ڏند
ڪٿائن جو اهو چارڻ هو، جنهن جي لفظن تي ڪيترن ئي
راڻن سنڌ ۾ پنهنجا سر ڏنا.
”اچو
اچو ماڪ جيئن گلڙا موريو ڙي
جيئڻ
ٻه ٽي ڏينهڙا
متان
ڏري ڏاڍ کان چنگ نه چوريوڙي
جيئڻ
ٻه ٽي ڏينهڙا
انوکي آواز تي گهر تڙ گهوريو ڙي
جيئڻ
ٻه ٽي ڏينهڙا.“
”
نيو ايرا“ اسڪول شڪارپور ۾ هندستان ۾ اڄوڪي بي جي
پي واري سنڌي اڳواڻ رام ڄيٺملاڻي جو اهو
هم اسڪولي شاعر شيخ اياز ئي ننڍي کنڊ ۾ امن جو
پيامبر هو. هن جو
اهو
نظم”او باغي او راڄ دروهي، ڀرتا
۾ بلوي جا
باني!“ اڄ به بندش هيٺ آهي.
سرمد، تانتيا ٽوپي، جهانسي جي راڻيءَ، لال پانڊي،
ڀڳت
سنگهه، هيمون ڪالاڻي جهڙا ڪردار اسان نصابي ڪتابن
۽ سياسي نصاب ۾ نه پر، اياز جي شاعريءَ ۾ پڙهيا.
هو ساحر لڌيانوي، مخدوم محي الدين ۽ حبيب جالب
وارن جهڙو شاعر به ڪو نه هو، پر هي بلا جو آرٽسٽ
شاعر سنڌ جي نعريبازن وارن سياسي ميڙن ۾ سندس
شاعري جي حوالي سان محور رهيو. هُن جي هِن جي
سياسي شعر ۾ به ڪيڏو نه آرٽ سمايل آهي؛
”چنڊ
قطب مينار مٿان آ
ملان
پنهنجي عمامي ۾ سوچي ڏاڙهي نوچي
سرمد
ڇا ٿو سوچي!
وک
وک خونيءَ خنجر سوچي
دليءَ ۾ دستارون سوچن.
دارا
جي تقدير نه سوچي
هونئن ته سڀ درٻارون سوچن.“
اياز، پنهنجي سوچڻ ۽ لکڻ سبب سڄي ڄمار پاڻ سان
اهڙي ويڌن مان نه نڪري سگهيو؛ ”آئون اڪيلو سامهون
سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ، آئون اڪيلو سامهون سنڱ،
ڪانڊاريل ڪانڊاريل لڱ.“ سنڌ به، هن چواڻي اهو شهر
بابل هئي، جنهن ۾ هو فرشتو بڻجي آيو ۽ اونڌو
لٽڪايو ويو. ڪڏهن ملن هٿان، ته ڪڏهن ڪميونسٽن ۽
قومپرستن هٿان. اسان وٽ ته سنڌ
۾
جماعت اسلامي يا طالبان ڪي خيرن سان آهن، اسان جون
جماعت اسلاميون ۽ طالبان ته اهي قومپرست ۽ ڪميونسٽ
آهن. هو،
سنڌي
اديبن ۽ شاعرن جي هڪ وڏي جلوس ۾ هڪڙو ڀيرو اڳ به
ڀٽ شاهه آيو هو. اهي سنڌي جوڌا (جن لاءِ هن چيو
هو؛
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهنجو خواب،
تون
ئي آن جواب صدين جي سوال جو.“
جيڪي هن کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪُلهن تي کڻي آيا
هئا. سي اڳتي هلي سندس پٺيان باهوڙيا به هئا. پر
ان وقت اياز اهڙن
باهوڙيندڙن کي اهو جواب ڏنو هو؛ ” جي تي ناهي جهل،
توکي ڪهڙي ڪل مون کان سنڌ نه وسري.“
سنڌ
هن کان آخري گهڙين تائين نه وسري سگهي. البته سنڌ
هن کي پونئين سالن ۾ گهڻو وساري ڇڏيو هو. سنڌ ۾
گهڻن جيڪڏهن هن وڻجاري کي ياد به رکيو هو ته ڪنڪر
هڻڻ لاءِ. ڪڏهن به ويڙهه ۾ ويرين هٿان زخم کائي
به
شڪايت نه ڪندڙ هن شاعر ڏات ڏسڻ کان سواءِ بات ڪرڻ
وارن جي اهڙي دانهن فقط دولهه درياهه خان کي ئي
ڏني هئي؛
”تون
ويڙهه ۾ ماريو وئين،
ڪيئي
صديون گذري ويون
افسوس صد افسوس تنهنجي ديس تي
جنهن
ڪنٺ منهنجي مان ڇڻيا
هيءُ
رت تنهنجي جا ڦڙا هي لال موتي سنڌ جا
پر
اهو نه سوچيو ته گيت ٻيا ڪهڙا هئا
ڪنهن
وقت جيڪي پائبا سنڌوءَ کي ور مالها ڪري.“
اهڙن
ئي ڏينهن ۾ جڏهن سمورا شرابخانا هن جي خلاف ٿي
ويا، ته حسن درس پنهنجي شاعريءَ جي ور مالها اياز
جي نانءُ هن ريت ڪئي هئي؛
”اي
اياز شاعري
شراب
جي دڪان تي
ڏينهن رات رش آ
جو
به ٿو پنو پڙهي
سو
نشي ۾ غش آ.“
يا
وري؛
”اي
اياز شاعري
انب
جي ڏار تي
ڪنهن
دکي ڪويل جي ڪوڪ وانگيان لڳي،
يا
ڪنهن اصيل
نانگ جي ڦوڪ وانگيان لڳي.“
اياز
پنهنجو موضوع رڳو سنڌ، هند نه پر هن سموري وسيع
ڪائنات کي بڻايو؛ ”ستارا لتاڙي اسان جو شعور.“ گهٽ
۾ گهٽ اها ڳالهه اياز جي شاعري سان لاڳو ٿئي ٿي ته
شعر اهڙا، جو اهو چوڻ ڏکيو ٿي پوي ته سچ وڏي شئي
آهي، يا ڏات وڏي شئي آهي، هو رومانس توڻي انقلاب
جو شهنشاهه شاعر هو:
”
اکيون آرزئون اکيون التجائون،
اکيون يار پنهنجون صدين جون صدائون.“
پنهنجي قانوني ڌنڌي عقاب جهڙيون اکيون رکندڙ هن
شاعر چيو:
”ٻيو ديس کوٽو اکيون ساهميون.“
مون
کان اڄ به اهو اياز نه وسري سگهيو آهي جنهن کي مون
ننڍپڻ م ان مهل ڏٺو هو جنهن مهل ”سنڌڙي تي سر ڪير
نه“ ڳائڻ وارو فنڪار فقير عبدالغفور (گهڙولي جو پڻ
اصلوڪو ڳائڻ وارو) هن وائي جي خالق کي نوڙت منجهان
پيرين پئي ملي رهيو هو. سنڌ ڇڏي وڃي ولايت جا وڻ
وسائڻ وارو اسان جو دوست زاهد مخدوم سنڌ جا حال
ڏسي تڏهن ان وائي جي پيروڊي ۾ چوندو هو: ”جهول
جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ٿيندا ڀوڳ، هزار او يار!
سنڌڙي تي سر ڪير ئي نه ڏيندو.“ پاڻمرادو بي وطني ۾
گهاريندڙ زاهد مخدوم به هاڻ اسان لاءِ ڄڻ حشو ڪيو
لراماڻي ٿي ويو آهي.
”ڪيڙو ڪيڙو ڪوهه ڪرين
ڇا
ٿو سارين ڪارڙا،
ننڊ
ڦٽايئه شال مرين ياد ڏياريئه يارڙا“
هن
جي شاعريءَ يارن جي ياد ڏياريندي ننڊو ڦٽائڻ واري
شاعري آهي، جيئن هن پنهنجي هڪ جلاوطن يار کي ياد
ڪندي لکيو هو:
”موت منهنجو جلاوطن ساٿي!
ياد
آيو ته دل ڀڄي پيئي
ڄڻ
ڪنهن پهاڙ جي ڇاتي
ڇيت
جي ڇوت سان ڇڄي پيئي.
منهن مٽائي وئين وڃڻ وارا
موت
آسان زندگي مشڪل،
ڏور
آڪاش ۾ رلڻ وارو
ڌر
تتيءَ جي گهڙي گهڙي مشڪل.“
پر
اهو شاعر جنهن جي پهاڙ جهڙيءَ ڇاتيءَ ڇيت جي ڇوت
سان ڇڄي پوندي هئي، سو سڄي ڄمار دشمننن ۽ دوست نما
دشمنن جي اندازين تي به ڪارونجهر بڻيو رهيو، جنهن
جي پٿر تي ڀل ته وڇونءَ ڪيڏا به ڏنگ هڻي، هو اڏول
رهي ٿو. الا! ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو ساريندو ته اهو ٻار
جيڪو شڪارپور جي سنڌ واهه ۾ تڙڳندي ۽ شاهي باغ ۾ ”
نيو ايرا“ اسڪول وارن ڏينهن ۾ سوين پکين جا نالا ۽
کنڀ پنهنجي هوم ورڪ واري بڪ ۾ گڏ ڪندي وڏو ۽ پوڙهو
ٿي لٺ سان پرنس ڪامپليڪس واري شاپنگ سينٽر واري
رستي تي ڪڏهن شام جو پسار ڪندو هو ڪيڏانهن ويو!
اهو شيخ اياز جيڪو رڳو سنڌ جو شاعر ڪو نه هو پر هن
ننڍي کنڊ ۾ مني صدي جو سنياس ۽ اتهاس هو. نشاط
سئنيما ڪراچي جي پوئين ۽ گمنام گهٽيءَ ۾ ڪڏهن
ڪميونسٽ پارٽي جو اهو پنجابي ڪارڪن آءِ ڪي گجرال
کان وٺي پوچي وديارٿي تائين، هن ننڍي کنڊ جي تاريخ
جا ڪيڏا نه زمانا ڏٺا هئا. ڪيڏا نه خون جي خوشبوءَ
وارن کنڊرن مان معنيٰ ڳولي لهي آڻڻ کان وٺي قونيه
۾ روميءَ جي رقص درويشان تائين هن پنهنجي شاعري
جا ڇا ڇا نه موضوع بڻايا هئا. هو ڀل ته ڀٽ شاهه جي
پيرانديءَ کان آرامي هجي، پر شڪارپور جي الف شاهه
واري قبرستان کان وٺي اروڙ جي مٽيءَ تائين سنڌ ۾
ڪيتريون صديون چانڊوڪيون هن کي ڳولينديون ۽
روئينديون رهنديون. هو سنڌ ۽ هند جو جينئس ماڻهو
هو، اهو ڪو سوال ڪونهي ته هن جي جنازي واري جلوس
۾ ٽي سو ماڻهو ها يا ٽي ماڻهو ها! ان سان هن جي
عظمت تي ڪهڙو فرق پوي ٿو. هو ته ان زماني جو شاعر
هو جيڪو زمانو اڃان جنم وٺڻ کان انڪاري آهي. هن
سان ائين ڪيو ويو آهي، جيئن بدقسمت قومون پنهنجي
راهه ڏيکاريندڙ يا جينئس ماڻهن سان ڪنديون آهن.
موزارٽ پنهنجي زماني ۾ نه پر ان کان پوءِ اچڻ وارن
ڏينهن ۾ پوڄيو وڃي ٿو. سنڌي ته وري به هونئن ”مئل
هاٿي جا ٻه لک“ ڪرڻ وارا ماڻهو آهن. اها ڳالهه ته
ڏاڍي پراڻي آهي، جڏهن شوڪت سنڌي جي ٽئگور واري وڏي
فوٽو لڳل دوڪان تي ويٺي احمد خان ملڪاڻي ويهه سال
اڳ چيو هو: ”شيخ اياز کي جيڪا مان ۽ مڃتا ملي آهي،
سا ڪا ورلي شاعرن کي پنهنجي جيئري نصيب ٿيندي
آهي.“ اهو جيئي سنڌ وارن جلسن ۾ ”سنڌي شامن“ ۾
ڊاڪٽر رمضان سومري سنڌي ۽ بيدل مسرور طرفان شيخ
اياز جي شاعري ڳائڻ وارو زمانو هو. اها ساڳي جيئي
سنڌ، پوءِ ”قومي تراني“ واري خالق جي شاعري سنڌي
جلسن ۾ ”بئن“ ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿي، ائين جيئن نازي
جرمني ۾ هٽرلي جي گوئرنگ چيو: جڏهن به مان آرٽ
جو نالو ٻڌان ٿو منهنجا هٿ پاڻمرادو منهنجي چيلهه
۾ ٻڌل پستول جي هولسٽر ڏانهن وڌي وڃن ٿا.“ پنهنجو
ڪتاب ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ”سنڌ ديس جي عظيم محب وطن
جي ايم سيد جي نالي“ ڪرڻ واري شيخ اياز
”هيءُ جو پوڙهو جهور وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾،
اڃا
ڏمري ڏاڍ تي آڻ نه مڃي مور،
سوچي ڏسي ڏور ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.“
جهڙا بيت لکڻ واري شيخ اياز جو ڏوهه فقط اهو هو
ته هو ڪيڏو نه معصوم هو. هن سنڌ يونيورسٽي کي
ٽئگور واري شانتي نڪيتن بڻائڻ پئي گهريو. هو ڪيڏو
نه ڳهيلو هو. هن ذوالفقار علي ڀٽي کي چارلس ڊيگال
۽ پاڻ کي آندري مالرو ٿي سمجهيو. هو ته آندري
مالرو ۽ سارتري ٿي پئي سگهيو پر سنڌ جي تاريخ ۾
راءِ سهاسي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڀٽي جهڙو ڏاهو
حڪمران نيپولين بڻجڻ جي جنون ۾ مبتلا هو؟ ياواقعي
هن ”شيخ اياز سنڌ آ، ۽ سنڌ شيخ اياز آ“ سمجهي ورتو
هوندو. سکر ۾ بلئڪ آئوٽ وارين راتين ۾ اياز جي
ٻارن جي مانيءَ جي ٿانون ۾ مٽيءَ جا ٻُڪ ڀري
اڇلائڻ ۾ رڳو هن جا مخالف نسل پرست پاڙيسيري شامل
ڪو نه هئا، اهڙي ڪم ۾ هن جي آخري گهڙين تائين
اسين سنڌي قلمڪار ۽ اسان جا سنڌي ڏاها ۽ سياستدان
شريڪ رهيا آهيون، جيڪي هاڻ وري هن جي مئي پڄاڻان
هن جو ڪفن گرو نانڪ جي چيلن وانگر ڇيهون ڇيهون ڪرڻ
گهرون ٿا.
اياز جي سموري شاعري ۽ تخليقات جي جيڪڏهن ڪا
انساني شڪل ٿي سگهي ٿي، اها سندس لائق پُٽ مونس
اياز ئي آهي. مونس، جيڪو هن مهل سموري سنڌ سان
ڀاڪر پائي روئي رهيو آهي. هيءُ شيخ اياز جو اهو پٽ
آهي جيڪو هن جي ملڪيت جو دعويدار نه پر هن جي
ڪتابن ۽ شاعريءَ جو وارث آهي. مونس جي شاعري ۽ هن
جو علم ۽ ويچار سنڌ ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿا. هن جو،
هن جي ڀاءُ، ماءُ ۽ ڀينرن جو اياز سان جيڪو رشتو
هو سو اياز جو اهو بند بڻيل رهيو: ”اي چنڊ توکي
پهچي نه پهتا پر گيت منهنجا ڏاڍا اُڏاڻا.“ پر هاڻ
اياز جي تڏي تي جيڪي هن جا هڏاوان جهڙا ”سوگوار“
بڻيل ويٺل آهن، تن ۾ هن (شيخ اياز) جا اهي ”ڪاتب
ڪم پبلشر“ به شامل آهن، جيڪي هن لاءِ تمر فقير نه
بڻجي سگهيا پر ڪتابن کان وڌيڪ اياز لاءِ ”ڪرامن
ڪاتبين“ جو ڪم ڏيندا ها( سواءِ قاضي منظر حيات
جي.)
” ڪجهه راهرو نڪري ويا، سڀ قافلا پٺتي ڇڏي،
منهن تي مٽي گل جهول ۾ پهتا، پرين جي پار ڏي.“
اياز
(سنڌ اخبار جي ٿورن سان)
اياز، ڪيڏانهن هي ناوَ نيندي؟
مظهر لغاري
خدا
ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين؟
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي.
جيئن اهو ضروري ناهي ته شاعر جي شعر کي هن جي
زندگيءَ سان سؤ سيڪڙو لاڳو ڪيو وڃي تيئن اهو به
ضروري ناهي ته هن جي زندگي سندس شعر کان سؤ سيڪڙو
ڌار هجي. ان حوالي سان اهو هر ڪنهن تي پاڻ تي ڇڏيل
آهي ته هو شاعر سان ۽ سندس شعر سان ڪهڙو سلوڪ ٿو
ڪري. هر شاعر جي شاعري جو هڪڙو خاص پرسنٽيج هن جي
پنهنجي آتم ڪٿا به هجي ٿو، ۽ اها آتم ڪٿا هن جي
پس منظر جي به آتم ڪٿا هجي ٿي. شيخ اياز جو مٿيون
شعر سندس مختصر آتم ڪٿا آهي. هن شعر ۾ صحرا ۾ ٽڙڻ
۽ خوشبوءِ جي ضايع ٿيڻ جي جيڪڏهن وڌيڪ تشريح ڪئي
وئي ته اسين ذوق جي سرحدن مان نڪري ڪنهن ٻئي اوجهڙ
۾ وڃي ٿڙندا ٿاٻڙنداسين. تنهن ڪري زندگيءَ جي اڳ
ئي بي بقا هجڻ ۽ مٿان وري ان جي ضايع ٿي وڃڻ واري
الميي تي ئي ويچاري سگهجي ٿو. ان حوالي سان
مٿيون شعر مرزا غالب جي هن شعر جي قبيلي منجهان
معلوم ٿئي ٿو ته:
لرزتا هي ميرا دل زحمتِ مهرِ درخشان پر
مين
هون وه قطره شبنم جو هو خار بيابان پر.
(
منهنجي دل ۾ رڦڻي پئجي وئي آهي جو چمڪندڙ سج وڏي
تڪليف وٺي اچي نمودار ٿيو آهي ڇو ته آئون ماڪ جو
اهو ڦڙو آهيان جيڪو رڻ ۾ ڪنهن ڪنڊي جي مٿان اچي
ڪريو آهي.)
شيخ
اياز جو مٿيون شعر انگريزيءَ جي شعر،
Full many a
flower born to blush unseen.
(ڪيترائي گل نه ڏسجڻ لاءِ ٽڙندا آهن) سان
به دوستيءَ ۾ آهي، پر ان سموري شاعراڻي شجري جي
بيان کان پوءِ اسين ” دامنِ صحرا“ تي اچي بيهي
رهون ٿا. ڇا شيخ اياز هن خطي کي ڀل چڪ وچان ”دامنِ
صحرا چئي ويو هو؟ هي شعر انهن سڀني تشريحن سان
ٽڪراءَ ۾ اچي وڃي ٿو جيڪي هن خطي جي ساراهه ۾ ڪيون
ويون آهن. هي شعر ان سڄي طوطا ڪهاڻي جي ترديد آهي،
جنهن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ”اسين دنيا جا سڀ کان
بهادر ماڻهو آهيون، اسان جو ديس دنيا ۾ سڀ کان
خوبصورت آهي، اسان جي تاريخ سڀ کان منفرد ۽ فخر
لائق آهي ۽ اسان جي ماڻهن کان وڌيڪ سٺا ماڻهو دنيا
۾ ڪٿي به ناهن“ اها طوطا ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي سياست
جي دنيا جي ماڻهن جي اڻيل ۽ پڙهايل هئي، پر شاعر
پنهنجي شاعريءَ جو مخاطب
به
جيئن ته پاڻ هجي ٿو، تنهن ڪري هو پاڻ سان ڪا به
سياست نٿو ڪري سگهي. شاعر کي خبر آهي ته ايشيا جون
سڀ کان زرخيز زمينون اوڀر پنجاب جون آهن ۽ يورپ
جا ڪجهه ملڪ ئي اهو اعزاز رکن ٿا ته انهن ۾ چار ئي
موسمون اچن ٿيون، جڏهن ته اسان ٻن موسمن واري ملڪ
جا آهيون. اسان جي بهار اونهاري جو ۽ سرءُ سياري
جو کاڄ ٿي وڃي ٿي. لٽريچر، تاريخ، ڪلچر، فنِ تعمير
۽ هر ٻئي شعبي جي ارتقا جو نقشو ڏسو ته ڪن معاملن
۾ اسين سترهين صديءَ ۾ ۽ ڪن ۾ ارڙهين ۽ اوڻويهين
صديءَ ۾ بيٺل نظر اينداسين. اسان جي ماڻهو جي چهري
تي مرڪ وساڻل هجي ٿي ۽ دليون کوکلا اخروٽ ٿينديون
ٿيون وڃن. ان ماحول ۾ هڪڙو سچو پچو ماڻهو ڪيڏو
تباهه ۽ برباد ٿئي ٿو، ان جي خبر مرزا
غالب
کان پڇو:
ڪيون
گردشِ مدام سي گهبرانه جائي دل
انسان هون شيشه و ساغر نهين هون مين.
۽
اها حقيقت به ٻين سچاين جيان غير رواجي ماڻهو کي
تهائين وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي ۽ هو جيڪڏهن شاعر آهي ته
محسوس ڪري چپ نٿو ٿي وڃي، پر ان تي پنهنجو رد عمل
به ظاعر ڪري ٿو. اياز جو مٿيون شعر سندس پس منظر
جي حالت زار جو رد عمل آهي، جنهن جي هن ڪيترين ئي
ٻين جاين تي به توثيق ڪئي آهي:
هي
اڻ ڄاڻ ڄاڻو، هي بي سمجهه سمجهو، ڀريءَ بزم ۾ مون
اڪيلو گذاريو.
شاعر
اڪيلا هوندا آهن، ايترا اڪيلا جيتري خوشبو اڪيلي
هوندي آهي. ڀلا خوشبوءَ جو جيڏو به ڪو آهي ڇا؟ يا
ان جو ڪو جوڙ جيس به آهي؟ هاڻي شاعر شيخ اياز جي
اسان واري ديس ۾ اڪيلائيءَ جو ماپ ڪريو. اهي جيڪي
ساڄي ڌر ۾ هئا سي ڌنڌي تي لڳل رهيا ۽ اهي جيڪي
کاٻي ڌر جا سڏائيندا هئا سي به گهٽ خوفناڪ ڪو نه
هئا. اهي جيڪي اديب، شاعر، نقاد سڏائيندا هئا سي
واڇان هوندا هئا ۽ واڇان هڪ اهڙو ڪمپائونڊ آهي
جيڪو چارچريون ڏيڻ سان ملندو آهي. شيخ اياز هتي
ٽڙيو ته ضرور، پر هو هن ديس لاءِ ڪو نه هو. اهي ته
هن ”دامنِ صحرا“ جي مٽيءَ جا ڀاڳ هئا جو اياز هتي
جنم ورتو پر هن ديس جا شاعر نازبوءِ جهڙي سوڳوار
خوشبو ڏيندا آهن ۽ اياز ته پاڻ پنهنجي خوشبوءَ جي
ضايع ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ويو آهي. اڻ ڄاڻ ڄاڻو ۽ بي
سمجهه سمجهوءَ واري ڳالهه ته هر وڏي ماڻهوءَ سان
لاڳو ٿئي ٿي ۽ مرزا غالب به چيو هو ته:
نه
جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبتِ مخالف هي
جو گل هون، تو هون صحرا مين، جو خس هون تو هون
گلشن مين.
اياز
بابت انيڪ خيال موجود رهيا، هو نيڪ هو يا بد! ان
جو فيصلو انهن تي ڇڏيون ٿا جن کي ان ڳالهه سان
تعلق هجي، پر ايتري خدا ڪارڻي شاهدي ڏبي ته اياز
جي صحبت بيحد مخالف هئي ۽ جيڪڏهن هو گل هو ته پوءِ
رڻ ۾ هو ۽ جيڪڏهن هو ڪنڊو هو ته پوءِ ڪنهن باغ ۾
پيل هو. اياز جي پنهنجي خوشبوءِ جي ضايع ٿيڻ بابت
راءِ کي جيڪڏهن مڃتا ڏجي ته ان مان اهو نتيجو اخذ
ٿئي ٿو ته هي اهو ديس آهي جتي خوشبوئون ضايع ٿي
وڃن ٿيون، ته ڇا اوهين اها ڳالهه جيئن جو تيئن مڃي
ويندا ته هي خوشبوئن کي ضايع ڪندڙ ديس آهي؟ شيخ جي
راءِ سان شاهه جي شاهدي به شامل ڪئي وئي ته
صورتحال اڃا بدتر ٿي سگهي ٿي، جنهن ”سرهي سَر
وڃائڻ” ۽ ”واسيئن يا خوشبوئن ۾ زهر گڏجي وڃڻ“ جون
خبرون ڪيون آهن. ڪير مڃيندو؟ هتي.... بلڪل هتي
ڪميونيڪيشن گيپ موجود آهي. حقيقتن کي مڃتا ڏيڻ ۽
نه ڏيڻ جو گيپ.
شيخ
اياز وڃڻ لاءِ هليو ويو آهي ۽ هو واپس ڪو نه ايندو
پر آئون سمجهان ٿو ته هن جو خوشبوئن جي ضايع ٿيڻ
جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
اياز
جا ڳوڙها هن ديس جي سچن ماڻهن جي دلين سپين وانگر
جهٽي ورتا آهن.
پر هن جي دل جي سپيءَ ۾ ضايع ٿيڻ جي موتي بنجي ويل
احساس جو ڇا ٿيندو، جيڪو هو پاڻ سان گڏ کڻي ويو؟
اڄ جيڪڏهن ڪير اهو چوي ته شيخ اياز پنهنجي ديس ۽ دؤر
کي اجايون ميارون ڏنيون ۽ ان جا ڳڻ ڪونه ڳايا ته
اها ڳالهه درست ڪانه هوندي. هن”جيها جي تيها-مون
مارو مڃيا“ واري اصول تان ڪڏهن به ٿيڙ ڪونه کاڌو،
پر پنهنجي صحبت جي باري ۾ حقيقتن کي هو تبديل ته
نٿو ڪري سگهيو، تنهن ڪري هن کي لکڻو پيو:
آئون
اڪيلو، ڪوڙ-ڪٽڪ
مون
لئه ڪوئي لنگهه نه لڪ
آئون
اڪيلو، سامهون سٿ،
خنجر
خنجر ڪيئي هٿ
ڪيترائي خنجر به هن سڃاتا ۽ سٿ ۽ انهن جا هٿ به هن
سڃاتا. ڪجهه هٿ ته اهڙا به هئا جو هن مرزا غالب جي
ان شعر جي تقليد ڪندي کين دعائون به ڏنيون ته:
نظر
لگي نه ڪهين اس ڪي دست و بازو ڪو
يه لوگ
ڪيون ميري زخم جگر ڪو ديکتي هين
(ماڻهو منهنجي گهاءُ کي ڏسي ڏسي حيران پيا ٿين،
ڪٿي هن جي هٿ کي نظر نه لڳي وڃي!)
اڇن
ڪپڙن واري ماڻهوءَ تي گپ اڇلائڻ جو ڪلچر ٿيو ته
شيخ اياز کي نه بخشيو ويو. جڏهن احتساب واري
اصطلاح جو ڪو پکي پکڻ به ڪونه هو، تڏهن شيخ اياز
جو باضابطي احتساب مڪمل ٿي ويو ذهين هو ڇو ته شاعر
هو، هو چالاڪ ڪونه هو ڇو ته هو سياستدان ڪونه هو
تنهن ڪري هو پنهنجي اردگرد جي مجمعي جي مام سمجهي
ڪونه سگهيو ۽ ان کي سمجهڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي؟
هن موت تي پنهنجي هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو هو تنهن
ڪري هو باقي مليل مهلت ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مصروف رهيو.
دنيا جي شاعري ۽ ادب هن صراحي وانگر اوتي ڇڏي هئي
۽ اها مئه پيئڻ کان پوءِ ڪنهن بڙ بڙ ڪرڻ جي ضرورت
ئي ڪانه هئي. هن ته مڌ پيئندي ساڄن کي صحيح سڃاڻي
ڇڏيو هو.
اياز
جو پويون دؤر هن جي پنهنجي ماضي جي ڪار گذارين جو
ترديدي دؤر هو. بحيثيت هڪ فرد جي اهو هن جو استحاق
هو ته هو پنهنجي زندگي جيئن به گذارڻ چاهي گذاري
پر اڻ ڄاڻ ڄاڻن جي ديس ۾ ماڻهو فقط ان وقت تائين
ئي قابل قبول هجي ٿو جيستائين هو اختلاف راءِ نٿو
ڪري يا خلق جي فرمائشي پروگرام تحت هلندو رهي ٿو.
جيئن ئي هو ان تان ٿڙي ٿو ته کيس گستاخ، بي ادب ۽
خودسر سمجهيو وڃي ٿو. روين جي اهڙي ڌڪ ڌڪان ۾ اياز
پنهنجي نئين نيوڪلئيس کي ويتر ويجهو ٿيندو ويو ۽
بي سمجهه سمجهو مٿس ڏنڊ ڪرٽيندا رهيا. هن سماج ۾
فرد جو درد ڪير به نٿو سمجهي ۽ سندس دامن تار تار
ڪرڻ لاءِ هر ڪو هر وقت تيار رهي ٿو. اياز تي هن جي
صحبت بيحد ”مهربان“ رهي ۽ اياز سان صحيح معنى ۾
محبت ڪندڙ، اياز سان سندس مهربانن جي قرب جا قائل
ٿي ويا. هن کي هن جي دوستن کان بچائڻ جي ضرورت
هئي، پر شايد هو” نيڪ يا بد“ واري فرق جي قطع نظر
ايترو ته ناقابلِ تسخير ٿي چڪو هو جو کيس ڪنهن جي
به ضرورت ڪانه هئي. هو ماڻهو جي روين جا وٽ سٽ ۽
انهن تي پنهنجا رد عمل به ڏسي چڪو هو:
جر جي
ڄرَ ڪنهن ڄاتي ڪانه،
لڙڪ
اگهياسي لڪي لڪي
چانئٺ
تي چاندوڪي آهي
ها پر
مَن جي ڇَن ۾ ڇاهي؟
ڪنهن
به ته پاتي جهاتي ڪانه،
کل آئي
ته به ڦڪي ڦڪي!
”
دوستن“ جي مهربانين کي وسارڻ جو هن وٽ وڙ ئي ڪونه
هو تنهن ڪري هن کين پورو پروٽوڪول ڏنو:
يار
ٿيا اغيار
چون
ٿا” تون ته ٽُٽي پيو آهين!“
ڪو به
نه ڄاڻي ڪيئن ٽٽن ٿا
طوفانن
۾ ڏار
چون
ٿا” تون ته ٽٽي پيو آهين!“
موت ۾
هن جي ڪشش ڏينهون ڏينهن وڌنڌي ڏٺي وئي. هو هن کان
ڊنل نه هو. هو هن کان ڀڄي نه رهيو هو. هن موت کي
لطيف جي لفظن ۾ سڏيو پئي ته”مرڻ! مون سين آءُ ته
پٺيءَ تو پنڌ ڪيان!“موت پٺيان هجي ته پنڌ ڏکيو ٿي
وڃي ٿو، جيڪڏهن اهو اڳيان هجي ته پوءِ بنا
پريشانيءَ جي پنڌ ڪري سگهجي ٿو، ماڻهو سمنڊ کان
بچڻ لاءِ ٻين کي مدد جي اپيل ڪندا آهن. پر هن
پنهنجي ڀاءُ سمنڊ کي مدد جي اپيل ڪئي هئي ته:
ڇاجي
لاءِ حياتيءَ ۾ هيءَ آ هڻ هڻ !
سمنڊ،
منهوڙي تان تون مون کي
کنڀي
کڻ.
وجود
جا سمورا سوال ته هو اڳيئي سمجهائي چڪو هو. روح ۽
جسم جي حدن ۽ اختيارن جو به تعين ڪري چڪو هو. جن
سوالن تي شيڪسپيئر مٿو هڻي ويو آهي، سي اسان جي
شاعر جي ايجنڊا تي به موجود هئا ۽ هن بنهه آسان
اسلوب ۾ اهي سمجهايا هئا:
آ
چوڌاري مانڊاڻ متو
جنهن
جي نه پهي جنهن جو نه پتو
هي روح
جزيرو حيرت جو
جنهن
منجهه سمايو آ پيارا. |