جي
سڀ مهربان قدردان اياز جي دوستن ۾ شمار ٿيندا آيا
آهن. هنن مان ڪن اياز جي قبر تي گلن جون چادورن
چاڙهيون پر هنن اهو به مناسب سمجهيو ته ان رسم کي
به باقاعدي اسٽيج ڪيو وڃي. گلن جون چادرون اعلانن
سان چڙهڻ شروع ٿيون ۽ اها ڪمينٽري اياز جي تدفين
مڪمل ٿيڻ شرط ان اعلان سان شروع ٿي ته ”
دوستو!اياز دفن ٿي ويو“ ۽ آئون، حسن درس ۽ مظهر
لغاري اوڇنگارون ڏئي روئون ٿا.
اڙي
اڙي!ترس ترس ڪنهن کي
مٽائين ٿو بي خبر نظر ڪر
اياز آ شاعر محبت
اڙي
زمانا اڙي زمانا!
شيخ
اياز سان دوستي ايئن نڀائي وئي جو هن جي آخري سفر
جي تاريخ ساز لمحن کي به ڪيش ڪرائي تاريخ جو حصو
بنجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن هڪ حضرت اهو چيو
ته”توڻي جو اسان جا اياز سان هزارين اختلاف هئا.
پر مرحوم سٺو ماڻهو هو“ته حسن درس مون کي چيو ته
”جنهن سان اختلاف هجن تنهن کي خبر ئي نه هجي، اهي
به عجيب اختلاف هئا!“ ۽ آئون ان ڳالهه کي قبول نٿو
ڪري سگهان ته شيخ اياز جي نالي کان اڳ يا پوءِ
”مرحوم“ چيو وڃي.اڙي اڙي!.... ترس ترس ڪنهن کي
مٽائين ٿو. بي خبر نظر ڪر!“ مون جڏهن اياز جي
چهري کي ڏٺو ته سندس اڌ کليل اکين ۾ پيا-ملن جي
آس اٽڪيل هئي ۽ انهن اکين ۾ غالب جو اهو شعر به
اٽڪيل هو ته:
گو
هاٿ ڪو جنبش نهين آنکون مين تو دم هي
رهني دو اڀي ساغر و مينا ميري آگي.
شيخ
اياز جي لاڏڻي جي اها اهميت به آهي ته ان ڏينهن
اهو پڌرو ٿي پيو ته دنيا ۽ سندس دوست اياز جي نظرن
۾”بازيچئه اطفال“ هئا. هن کي خلوص ته مليو، پر
محبت نه ملي. مشتاق احمد يوسفي جو چوڻ آهي ته
”خلوص وڏي شيءِ آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته وڇون به
ڪيڏي خلوص سان ڏنگ هڻندو آهي!“ اياز اهڙو خلوص
برداشت ڪندي ڪندي خلاص ٿي ويو. اياز بي محبت مارجي
ويو. هو تمام پري هليو ويو. ايڏو پري جتي لائوڊ
اسپيڪرن تي پڙاڏا ڪندڙ ڳالهيون ۽ ”اعلان هزارين“
هن تائين نٿا پهچي سگهن.
مان
انهن اعلانن کان پري وڃڻ چاهيان ٿو ۽ ڀٽ شاهه جي
بازار هليو ٿو وڃان. هتي ٻي خلق موجود آهي. هتي
ڪيسٽي ڪلام وڃي رهيا آهن ۽ ماڻهن کي ڪا به خبر
ڪانهي ته:
”ڪير اويرو آيو آهي؟ هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟“
سنڌ
جو جديد صادق فقير روئڻهارڪو ٿي وڃي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو
ته ڪيئن کانئس بازار ۾ ماڻهن پڇيو ته”ڪير گذاري
ويو آهي؟“ ڇا واقعي به سنڌ نٿي ڄاڻي ته ان مان ڪير
لڏي ويو آهي؟ سنڌ جا اهي پڙهيا لکيا ماڻهو جيڪي
اياز جي ”اياز ٿيڻ“ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪر ۾ آهن، تن
کي ڀٽ شاهه کي کيبر جي هوٽل تي ويٺل ان مخلوق سان
ملائڻ گهرجي جيڪا کين به نٿي سڃاڻي ۽ اهڙا سوال
پڇي ٿو-پنهنجي عقابي چنبن ۾ ساهه جا پکيڙا جهٽيندو
ڪيترائي رشتا ڪٽيندو روز اچي ٿو. اجل ڪيترين
زندگين جو رازدان آهي پر ان جي رازن جا پردا ڪاري
رات جيان ايترا ته پراسرار آهن جو هن پار جي ڪنهن
کي به سڌ ناهي، پر جن ان سان منهن مقابل ٿي پنهنجي
ڳنڀير آواز ۾ اچاريو آهي تن اجل کي سحر انگيز معنى
بخشي آهي. موت جي عزت به انهن هٿان ٿيندي آهي جيڪي
وڏي وقار ۽ پنهنجي ڄمار جي سموري سگهه سان کيس
زندگي جهڙو دان ڏيندا آهن. مري وڃڻ ته کن پل جو
کيل آهي، پر موت به جنهن هستي جي انتظار ۾ بيٺل
هجي ان”هستي، سان ملڻ کان پوءِ موت لاءِ به مانُ
وڌي ويندو آهي.شيخ اياز سنڌ جي صدين جو اهو روح
آهي جنهن کي آخري لمحن ۾ ويساري جي زرد سرد موسم ۾
لرزندڙ هن ديس پنهنجو نٿي ڪيو. ان کي موت پنهنجو
ڪري وٺي ويو. زندگي جهڙي محبوبه کان وڇري ڌرتي جي
ڪوسي هنج ۾ ستل هن صديءَ جو شاعر پنهنجي ابدي ننڍ
کان اڳ شاعري جهڙي ”جاڳ“ کي ايترو اُڻي ويو آهي جو
اسان پنهنجا رتو ڇاڻ ٿيل انگ ڍڪي ٿا سگهون.زندگي
ڄڻ اڌورو گيت آهي. جنهن کي هن موت سان ملي پورو
ڪيو آهي.
هي
بي حس ۽ مسهو دنيا ڇڏي هو هليو ويو آهي. پرهن جي
هٻڪار هر نئين نسل جي دلين ۾ مهڪندي رهندي، شيخ
اياز سنڌ جي صدين جو روح هو. سنڌ جي قيدي هوائن
مان هو هڪ پکيءَ وانگر موت جي آزادگيءَ ڏانهن
اڏامي ويو ۽ اڄ سنڌ سوڳوار آهي. سوين سالن کان
پوءِ هن ڌرتيءَ ايڏي موت جو صدمو سٺو آهي. شايد
لطيف کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪو وڏو ماڻهو سنڌ کان
جدا ٿيو آهي.
بي
موت مئا، تولاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو
هن
دنيا ۾ اي ديس! هيا نادان هزارين مان نه رڳو
جي
راه اجل ڪنهن ورتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو
ڇو
چنڊ اسان کي رات- ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري؟
آ
ڪيڏو پويون پهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو.
هو
جو زندگيءَ جو راز هو!
ارشاد لغاري
زندگي جي ٻيڙي پنهنجي جي ڏنل درد جي اوڙاهه ۾ ٻڏڻ
تي آئي ته هن ان ۾ موت جو سڙهه چاڙهيو ۽ اوڏانهن
اوڀارو ترندو اکين کان اوجهل ٿي ويو جيڏانهن عميقن
جو ديرو آهي ۽ ماڻهن چيو ”اياز مري ويو“. ڇا اياز
به مري سگهندا آهن؟ هڪ سوال شيشي جيان پٽ تي ڪريو
۽ ان جون ڪرچيون انهن جي پيرن ۾ چڀي ويون جيڪي
پنهنجي ڪچهرين ۾ اهي ڇسيون فتوائون ڏيندا رهيا
ته”هو موت کان ڊڄي ويو آهي!“ موت جنهن کي ڪائي دل
ناهي ۽ ڄن ڪائي اڏوهي آهي جيڪا ازل کان زندگي جي
جنڊي کي هوريان هوريان، تڪڙو تڪڙو کائي رهي آهي
تنهن جي خوف جون فتوائون اهڙي وجود تي مڙهيون ويون
جيڪو ڪيترائي ورهيه اڳ اهو چئي چڪو ته:
زندگي آزاد پل جو نانءُ آ
ناهي ان ۾ ماهه وسال جي ڳڻپ
موت
ڪائي شيءِ نه آ.
ها،
اياز جنهن کي به سنڌ نه سڃاڻي سگهي ۽ ان ديس جا
نام نهاد ڏاها رات ڏينهن کيس ننڍڙو ثابت ڪرڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا ۽ اڄ جڏهن هو ڀٽائي جو پرتَو
اسان وٽ ناهي رهيو تڏهن اهي سڀ ڏاها ڄڻ مشڪرا لڳن
ٿا ۽ سندن ناٽڪ تي هال مان ”شيم.....شيم“ جا آواز
اچي رهيا آهن پر اهي نڪ جا پڪا پوءِ به اهو چون ٿا
ته ” اياز کي اسان دريافت ڪيو!“ ڪيڏي نه ستم ظريفي
چئبي جو مئي پڄاڻا به هن سمونڊ جهڙي وجود کي ڪوذي
۾ بند ڪرڻ جهڙيون جاڙون بند نه ٿيون.
اياز تي ڪير لکي سگهي ٿو ۽ ان ۾ ساڻس ڪيترو نڀائي
سگهجي ٿو اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ مون کي سمجهه ۾ نه
ٿي اچي سگهي. باقي هڪ درد جو ننڍڙو ۽ اوچتو ڇانيل
لمحو آهي، جنهن جون وسعتون بيٺل پاڻي ۾ اڇليل
پٿرجيان دائرن جي صورت ۾ وڌنڌيون ئي
رهنديون....وڌنديون ئي رهنديون.ان لاءِ لاحد جي
مڪان تائين جتان اياز جو شعور ٿي آيو ۽ هُن جڏهن
اهي ڳالهيون پنهنجي ديس سان سليون ته اها خاصي ۽
کري خبر ڪند ذهنن کي سمجهه ۾ نه آئي. ڪا ڪا زندگي
اهڙي هوندي آهي جيڪا اهڙن سوالن جو جواب هوندي آ
ته:
انسان ازل کان سوچيو آ
ته
ڪيئن جيئي؟
هن
بي عنوان حياتي کي
ڪهڙو عنوان ڏجي
۽
موت کي شرمائي وجهي جا زندگي
تنهن جو پيرو ڪٿان کڻجي؟
اڄ
جڏهن اياز در کوليو ۽ سندس در جي چانئٺ ۾ موت جي
ڦاٿل ڳچي آجي ٿي ۽ هو موت جي ڪُميت جي رڪيب ۾ پير
وجهي شُفق جي هن پار اڏامي ويو آهي تڏهن سندس
گهوڙي جي اڏايل دز ۾ هڪ اهري وجود جو عڪس رهجي ويل
نظر اچي ٿو جيڪو لازوال آهي ۽ موت ان جي اڳيان
شرمائي رهيو آهي. تڏهن گهٽ ۾ گهٽ هن صدي جي سفر جو
اختتام اياز جي عنوان سان ئي ٿيندي نظر اچي ٿو.
باقي زندگي ۾ اياز کي پنهنجي زندگي جي عنوان طور
سنڌ ڪيترو کنيو ان ۾ سندس وي سي هجڻ واري دور ۾
سنڌ يونيورسٽي جي ديوارن تي سندس خلاف ٿيل چاڪنگ
کان ويندي وي سي هائوس اڳيان رات جي احتجاجي
مظاهرن تائين اهو ئي نسل ان فقير جي آرام ۾ خلل
وجهندو رهيو جيڪو اڄ سندس موت کان پوءِ پاڻ کي
اڌراهه ۾ ڦرجي ويل محسوس ڪري رهيو آهي.اياز جنهن
جي شخصيت آفاقي هئي تنهن کي اسان ائين ئي زبردستي
قومپرست اڳواڻ ۽ شاعر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن لطيف
کي ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ واري سٽ ۾
سوڙهو ڪري مٿس قومپرستي جو ڄار اُڻي ڇڏيو پر حقيقت
۾ اهڙين شخصيتن جي ڪابه ذات پات ناهي هوندي. هو
يقينن پهرين اُن ڌرتي جا ئي آهن جنهن انهن کي جنم
ڏنو پر انهن جي ڏات عالمگيريت رکي ٿي پر اسان
پنهنجن اهڙين شخصيتن کي سدائين محدود ڪرڻ جون
ڪوششون ڪندي ساڻن ناانصافي ڪئي آهي. اياز سان به
پنهنجي زندگي ۾ اها ناانصافي ٿي جو جڏهن جو سمورن
جي ٿيڻ واري مقام تي پهتو ته اسان جي ڏاهن کانئس
انڪار ڪيو ۽ ايازلکيو ته:
”جڏهن رستي هلندي مون کين چيو آهي ته يار پاڻ ڪٿي
رستو ڀلجي ته نه ويا آهيون؟ تڏهن هو مون تي آڪڙجي
رهيا آهن“ ۽ اهڙي آڪڙيل سنڌ ئي سندس درد جو بنيادي
سبب هئي باقي ڦڦڙن جو بلغم يا دل جو سور ته فقط هڪ
خاڪي جسم کي هو، اياز کي اُهي بيماريون ڇا ٿي ڪري
سگهيون؟اياز کي ته سندس ئي ان وائي روئاريو، جيڪا
زرينا بلوچ کيس سامهون ٻڌائي هئي ته:
ويندوسانءِ وائڙا
ڏاڍو ياد ڪندين...
۽
اڄ جڏهن سڄي سنڌ جون ڏندين آڱرين آهن، تڏهن سچ اهو
آهي ته اياز سچو هو ۽ اسين سڀ جا سڀ اهي ڪوڙا
آهيون جن لاءِ هاڻ ته ازالي جا به سڀ دروازا بند
ٿي چڪا.هاڻ جيڪڏهن پرچايون به ته ڪنهن کي؟ معافي
وٺون ته ڪنهن کان؟ هو جو زندگي جو راز هو، سو هن
مرده پرست قوم تي افشان ٿيو آهي ته مئي پڄاڻان.
سنڌ
۾ دوستي جي دنيا جي مثالي ڪردار، حبيب الله ڀٽو ۽
سندس ٻين ساٿين کي به اها ڪهڙي خبر هئي ته اياز کي
تاريخي ڀيٽا ڏيڻ وارا سندن خواب ائين اوچتو ٽٽي
پوندا، جنهن ۾ انهن سوچيو هو ته اياز جي شخصيت تي
سنڌ سطح جو هڪ تمام وڏو تاريخي ادبي ميڙاڪو
ڪوٺائجي ۽ سنڌ جي انهن سمورن راڳين کي ان ۾
سڏائجي، جن هيستائين اياز کي بهتر انداز ۾ ڳايو
آهي ۽ پوءِ اياز کي اسٽيج تي ويهاري کيس پنهنجي ئي
شاعري هر ممڪن حد تائين وڏي ميڙ ۾ ٻڌرائجي ته شايد
سندس درد جي ڪائي دوا ٿي پئي. پر خواب ڪڏهن پورا
ٿي سگهيا آهن؟ حبيب الله ڀٽي اياز کي پنهنجي ڪلفٽن
واري فليٽ تي سڏرائي کيس پنهنجي شاعري صادق فقير
جي سر ۾ ته ٻڌرائي سگهيو پر سندس سطح جي ان ميڙاڪي
وارو سپنو پورو نه ٿي سگهيو. جنهن ۾ اياز کي اهو
محسوس ڪرائڻو هو ته اي دوست! تون اڪيلو ناهين.
اياز جنهن جي شخصيت جا اهم ترين پهلو جيڪي سنڌ جي
عام حلقي ۾ اڃا به واضع نه ٿي سگهيا مستقبل ۾ عوام
وٽ اهي ڪهڙي وضاحتي انداز پهچي سگهندا. ان کان هٽي
ڪري ايترو ته دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي هر
دور جي جواني جون روپوشي واريون رولاڪيون ۽ جيل
جون زندگيون اياز جي شاعري سان ئي آباد رهيون.
ڪنهن روپوش سنڌي نوجوان جي پرس ۾ پنهنجي اڳواڻ جي
فوٽو سان گڏ اياز جون اهي سٽون ته”ٽڙي پوندا
ٽاريئين جڏهن ڳاڙها گل“ تائين مان ايترو ضرور ثابت
ٿئي ٿو ته اياز سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انقلاب جا
خواب ڏسندڙن لاءِ اتساهه جو اهڙو ذريعو رهيو آهي
جو مستقبل ۾ وقت جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪائي تبديلي جي
تاريخ رقم ڪئي ته فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ”سنڌڙي
تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار“ جي روپ
۾ اياز جي سالاري، سنڌ جي اڻ ٽر ضرورت هوندي.
اڄ
جڏهن اياز بظاهر اسان وٽ موجود ناهي، تڏهن مون کي
ڪيترين ئي يادگيرين جي ڪوهيڙي ۾ پاڻ کي ”غريب“ جي
نالي سان سڏائيندڙ ان صوفي مزاج باگڙي نوجوان جي
اها ڳالهه به ياد اچي رهي آهي جنهن انسان جي بي
چيني تي ڳالهائيندي مون کي اهو چيو هو ته: ”ازل
کان انسان جي ڪلين ۾ موهه جي ڪُنڍي لڳل آهي جنهن
جي ڏوري نظرن کان الوپ هڪ وجود جي هٿن ۾ آهي ۽ اهو
وجود انسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ٿو رهي ۽ انسان
آهي جيڪو ازل کان بي چئيني جي عالم ۾ ان وجود جي
تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. ”اياز جي دعائن وارو دور
جيڪو سنڌ جي ڏاهن جي نڙي ۾ اٽڪي پيو، کي به اسين
ان پس منظرن ۾ ڏسي سگهون ٿا ته پنهنجي زندگي جي
سموري تلاش جي سفر ۾ جڏهن کيس پنهجين ڪلين ۾ لڳل
موهه جي ڪُنڊي جي ڏوري ڇڪيندڙ وجود جو جلوو نظر
آيو. تڏهن سندس لاشعور ۾ سمايل دُعا سندس ذهن تي
سانوڻ جي ڪارونڀار ڪڪرن جيان چڙهي آئي ۽ هن ڪنهن
به ردعمل کان بي پرواهه پنهنجي پرين سان دل جا درد
ونڊڻ شروع ڪيا. هونئن به اياز تي ان راز جا رنگ،
جيڪي هن پنهنجين دعائن ۾ ظاهر ڪيا ان وقت ئي
چڙهيل هئا جڏهن هن ڪالڪا جي غفائن جي غار ۾ سردي
جي رات ۾ وسندڙ مينهن جي ٿڌکان بچندي غفا جي
نگهباني ڪندڙ ساڌو هٿان ڪڙهيل ڏوڏي پيتي هئي ۽
هندي دوها ٻڌا هئا ۽ پوءِ يڪتاري جي تنڌ ۽ کڙتال
جي ردم تي مست ٿي هُن جڏهن ٻاهر نڪري ڏٺو هو ته
آسمان کيس پنهنجو همراز لڳو هو ۽ پوءِ خمارن ۾ کيس
ڪائنات جو هر ذرو همه اوست ۾ سمائجندي محسوس ٿيو
هو. بس فرق فقط ايترو آهي جو اڄ هو پاڻ ان ذري جي
صورت ۾ همه اوست جي ڪُل ۾ ملي هڪ ٿي ويو آهي ۽
پويان رهجي ويو آهي سندس سڏ جو پڙاڏو، جيڪو سنڌ جي
ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي.
سڃاتئه نه سائل، خدا خوش رکيئي،
وڃون ٿا ڪري ديس توکي دعائون.
(30
ڊسمبر 97ع روزانه عبرت)
شيخ
اياز سان گهاريل گهڙين
جون
ڪجهه يادگيريون
آزاد انور ڪانڌڙو
ڌرتيءَ جيڏي شاعر شيخ اياز سان هٿ ملائڻ، سندس ڀر
۾ ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ منهنجي خواهش به هئي ۽ خواب
به. ان حسرت کي سيني ۾ سانڍيندي ڪيترو ئي عرصو
گذري چڪو هو.
اها
پهرين نومبر 1995ع جي خوبصورت سُرمئي شام هئي.مان
۽ منهنجو ماروٽ مختيار پرنس ڪامپليڪس جي ڏاڪڻ جا
ڏاڪا چڙهي فليٽ اي-27 تي پهچي چڪا هئاسين. مون
ٻانهه ڊگهيري ڪال بيل تي آڱر رکي ۽ ڪجهه دير کان
پوءِ (ساڍي پنجين وڳي) اياز صاحب در اوپن ڪيو. مون
اڳتي سندس چرن ڇهيا ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريم ته اياز جو
هي بيت هينئين تي هُري آيو:
مون
سان منهنجي ڀاڪُرين، ٻيهر ڀٽائي
آئي
ڙي آئي، مون گهر باک بسنت جي.
شيخ
اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾
سبط حسن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ” اردو
ٻوليءَ جا اديب سبطِ حَسن جي ساٿ لاءِ سڪندا هئا
۽ هن سان گڏ ويهڻ پنهنجي لاءِ خوشنصيبي سمجهندا
هئا.“ ”مان سمجهان ٿو اسان وٽ ساڳئي حيثيت شيخ
اياز کي حاصل آهي. پنهنجي همعصر ليکڪن، شاعرن وٽ
نه سهي، پر ان کان پوءِ وارن شاعر، ليکڪن وٽ شيخ
اياز کي اهڙي حيثيت ضرور حاصل آهي.“ (سنڌ جي
نامياري شاعر سائين ادل سومري جون سٽون.)
انٽرويو کان پوءِ اياز صاحب اسان کي اسٽڊي روم ۾
آڻي ويهاري ٿو.ان وقت وٽس ٻيا به ٻه مهمان ويٺل
هئا. مون کي اهو ڏسي-ٻڌي تمام گهڻي حيرت ٿي،جڏهن
سنڌ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مهان ڪويءَ سائين شيخ
اياز انهن ٻنهي مهمانن کي اسان جي اچڻ کان
پوءِ
اهو چيو ته هاڻي اوهان کي وڌيڪ ٽائيم نه ٿو ڏيئي
سگهان جو مون ڪالهه هنن دوستن کي ٽائيم ڏنو هو.
(اسان ڏانهن اشارو) مون کي خوشي ۽ مسرت ان لاءِ به
ٿي ته اياز صاحب سنڌ جي نئين نسل سان ڪيڏو پيار
ڪري ٿو ۽ کين ايڏي اهميت به ڏئي ٿو.
اياز
جي هن خوبصورت گهر ۾، هن جي سيٽ ٿيل لائبريريءَ ۾
ويٺي اهو سمورو وقت اياز ئي ڳالهايو هو (مون فقط
ضرورت محسوس ٿيڻ وقت) اسان فقط ٻڌو هو ۽ اسان کي
اياز جي لاءِ جيڪا محبت هئي، عقيدت هئي، ان ۾ اڃان
به وڌيڪ واڌارو ٿيو.
اياز، ان دکيل سگريٽ هٿ ۾ جهلي ڪا ڳالهه ڪندو يا
ڪنهن جي ٻڌندو ته ٻئي کي ائين پيو لڳندو ڄن ڳالهه
پوري ٿيڻ جي انتظار ۾ سيڙيو ويٺو آهي، يا پنهنجي
خيالن ۾ گم ٿي اهو دکائڻ ئي وسري ويو اٿس، جو خالي
ڪش پيو هڻي. ڪچهريءَ دوران نامياري اديب محترمه
ماهتاب محبوب کان پوءِ مون پهريون ڀيرو کيس ان
انداز ۾ ڏسي مختيار(منهنجو ماروٽ) کي چيم، اياز
صاحب کي لائيٽر ڏيو ته سگريٽ دکائي وٺي. جيسين
مختيار کيس لائيٽر ڏي، هو مُرڪي چوڻ لڳو ”مان
سگريٽ ڪونه پيئان، بس رڳو ٻاڙ وڃائڻ لاءِ هٿ ۾
جهلي ويهندو آهيان.“
جڏهن
کان ڊاڪٽر کيس سگريٽ پيئڻ کان منع ڪئي آهي، هو
پنهنجي سيٽسفڪيشن لاءِ اڻ دکيل سگريٽ جا خالي ڪش
ڀريندو رهي ٿو-رهندو آهي.....
اياز
هن وقت پنهنجي عمر جي چاڙهيءَ جا آخري ڏاڪا چڙهي
رهيو آهي، هن پنهنجي سڄي زندگي ڪنهن ليکڪ دوست جي
لفظن ۾ ان عظيم شاعري جي تخليق ۾ گذاري آهي، جنهن
لطيف کان پوءِ شاعر جي حيثيت ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي
فڪري تحريڪ جي سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪچهريءَ دوران اياز مون کي اڪيلو لڳو ۽ مون کي
ائين محسوس ٿيو ته اياز صاحب کي هن وقت سندس هن
عمر جي موڙ تي سٺي ڪمپنيءَ جي يقينن ضرورت آهي. ڪو
اهڙو ذهين شخص(سائين محمد ابراهيم جويي،سراج الحق،
تنوير عباسي، سوڀي گيانچنداڻي، عبدالواحد
آريسر،امداد حسيني، نورالهدى شاهه،مهتاب محبوب،تاج
جويي، اياز گل، ادل سومري، مختيار ملڪ،
نصيرمرزا،اعجاز منگيءَ جهڙو)جيڪر هن جون
يادگيريون، هن جا تجربا، هن جو مطالعو، هن جو
مشاهدو، هن جا احساس شيئر ڪري سگهي.
جهڙيءَ طرح ٽالسٽاءِ جي موت کان ڏهه سال اڳ،
چيخوف يالتا کي لکيو هو ته مون کي ٽالسٽاءِ جي
موت کان خوف ٿيندو آهي. ان جي موت تي منهنجي
زندگيءَ ۾ ويراني اچي ويندي. تهڙيءَ طرح اسان کي
به اياز جي موت کان خوف ٿيندو آهي. اسان جي دعا
آهي ته شال اياز وڏي ڄمار ماڻي ۽ نت نوان
ڪتاب لکي پڌرا ڪندو رهي.
اياز
سان سندس ” پرنس ڪامپليڪس واري گهر“ ۾ گهاريل انهن
گهڙين کي هن وقت هتي لکندي، خوشي محسوس ڪيان پيو
۽ سوچيان پيو اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون ته اسان
سنڌ جي هن عظيم قومي شاعر شيخ اياز کي پنهنجي وچ ۾
ڏسي رهيا آهيون ۽ هي ڳالهيون ۽ يادون ان وقت سنڌ
جي ان نئين نسل لاءِ ڪيڏيون نه بامعنيٰ ٿي
وينديون، جيڪو ڪڏهن پنهنجي اکين سان اياز صاحب کي
پاڻ ۾ موجود نه پسي سگهندو.
جولاءِ جو مهينو هو، مان حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي
پنهنجي شاعر دوست نصير مرزا جي آفيس ۾ ويٺو هوس.
اتي اسان سڀني جو دلبر دوست طارق عالم ابڙو آيو،
ڪجهه وقت ڪچهري ٿي.
طارق پڇيو: سڀاڻي ڪيڏانهن ويندين؟
مون
چيو: ڪراچي.
طارق
چيو: هڪڙو ڪم ڪندي؟
مون
چيو: ڪهڙو؟
طارق چيو: ٽماهي مهراڻ جي ڪاپي شيخ اياز کي ڏئي
کانئس شاعري وٺيو اچج.
(ان
بهاني اياز صاحب سان ملاقات جو سوچيندي منهنجي
اکين ۾ ان وقت خوشي ۽ مسرت جي مرڪ اچي وئي.
سوچيم(ڪاڪا ان کان پوءِ وڌيڪ ٻيو توکي ڇا گهرجي؟
پاڻ کي پاڻهي جواب ڏنم. ’ڪجهه به نه‘!) مون چيو:
ها، ان بهاني شيخ صاحب سان به ملاقات ٿي ويندي.
طارق عالم مون کي اتي ئي ٽماهي مهراڻ ڏنو. ٻئي
ڏينهن مان ڪراچي آيس ۽ پنهنجو ذاتي ڪم ڪار لاهي،
ٻارهين جولاءِ 1996ع جمع ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي
کان پوءِ شيخ صاحب وٽ ويس. ڪجهه دير ڪچهري ۽ حال
احوال کان پوءِ مون شيخ صاحب کي ”مهراڻ“ ڏنو ۽
پنهنجو ڪم ’شاعري ڏيڻ‘ بابت ٻڌايو ته موٽ ۾ اياز
صاحب چيو: ته ” جمع جي ڪري فوٽو اسٽيٽ وارو ڪونهي.
باقي جي تون لکين ته ڀلي تنهنجي مرضي“. مون چيو
”ها سر آءُ ئي فيئر ڪري ٿو وٺان“. اياز صاحب
اندران ڊائري کڻي آيو ۽ ڪجهه پيپر پڻ ڏنائين. مون
پاڻ کي وڏو خوشنصيب پئي سمجهيو، جو اڄ سنڌ جي هن
مهان ڪوي شيخ اياز جي ڊائريءَ تان شاعري فيئر ڪرڻ
جو اعزاز حاصل ڪيو. جيسين آءُ شاعري فيئر ڪري
وٺان، اياز صاحب ٽماهي مهراڻ کي پئي ڏٺو. ايتري ۾
مون اياز صاحب جا پنج آزاد نظم فيئر ڪري کيس نظر
مان ڪڍڻ لاءِ ڏنا. اياز صاحب پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي
راءِ ڏيندي چيو، ”يار تنهنجا اکر ادل سومري وانگر
سٺا آهن، ڪا به غلطي نه ڪئي اٿئي.“
حوصلي وڌائڻ جو ڪيڏو نه پيارو، سهڻو انداز هو
اياز وٽ. (اهي آزاد نظم ٽماهي مهراڻ 3-1996ع ۽
ماهوار ساڃاهه شماري 11-12 1996ع ۾ ڇپيل آهن.)
اياز
صاحب کي خوش ڏسندي ۽ مناسب موقعو ملڻ ڪري ان مهل
منهنجي ذهن ۾ هڪڙي تجويز آئي جيڪا مون اياز صاحب
آڏو رکي ته ” سنڌ جي نئين ٽهي ۽ اوهان جي همعصر
دوستن جي اوهان سان هڪ ميٽنگ رکجي.“اياز صاحب چيو
ته تجويز ته ٺيڪ آهي پر مان ٻاهر گهٽ اچان وڃان
ٿو. مناسب ٿيندو ته اها ميٽنگ هتي منهنجي جڳهه تي
رکو. ان گڏجاڻيءَ لاءِ اياز صاحب آڏو مون ڪجهه
نالا رکيا ۽ ڪجهه سندس دوستن ۽ همعصر ساٿين جا
نالا نوٽ ڪيا. جيڪي هن ريت هئا. سائين محمد
ابراهيم جويو، سراج الحق ميمڻ، نورالهديٰ شاهه،
ماهتاب محبوب، تاجل بيوس، امداد حسيني، جمال ابڙو،
سوڀو گيانچنداڻي، مختيار ملڪ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو،
اياز گل، ادل سومرو، تاج جويو، نصير مرزا، طارق
عالم ابڙو، مراد علي مرزا، سرڪش سنڌي، جامي
چانڊيو، مدد علي سنڌي، وليرام ولڀ، زيب سنڌي، نفيس
احمد ناشاد، آسي زميني، نور محمد کوجو ۽ ٻيا شامل
هئا. اياز صاحب چيو ته هن وقت ڪجهه گرمي آهي،
آگسٽ ۾ اچجو ته تاريخ مقرر ڪنداسين.
شيخ
اياز جي فڪر ۽ خدمتن جي حوالي سان سنڌ جي عظيم
ڏاهي، دانشور سائين محمد ابراهيم جويي جي 69-1968ع
۾ ڪيل هي ڳالهه ته ”شيخ اياز جي خلاف لکڻ، سنڌ جي
خلاف لکڻ آهي“ سان ڀل ڪو متفق نه هجي پر اياز
شاعراڻي عظمت ۽ حيثيت کان هينئن چئي انڪار ڪرڻ مان
اياز کي وڏو شاعر تسليم نٿو ڪريان، مون کي شاهه
گهڻي ڀاڱي سڄو ياد آهي. پر مون کي شيخ اياز جو
هڪڙو به شعر ياد نه آهي“ ”شيخ اياز کان استاد
بخاري وڏو شاعر آهي“ بدديانتي آهي. اهڙي بدديانتي
علي احمد بروهي، رسول بخش پليجي هينئر، آدرش ۽ ٻيا
ڪري چڪا آهن. ڇو ته اياز ۾ جيڪڏهن ڪي خاميون آهن
ته به اهي تنگ نظريءَ کان هٽي ڪري نيڪ نيتيءَ سان،
ايمانداريءَ سان ۽ سچائيءَ سان ٻڌائڻ يا لکڻ
گهرجن. ان ۾ ڪو به ڏوهه ڪونهي. پر اياز جي خلاف
بدديانتي سان لکڻ نه فقط سنڌي ادب خلاف، بلڪ سنڌي
ابان، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي خلاف آهي.
23
آگسٽ 1996ع جي شام جو، آءُ، شيخ اياز صاحب جي گهر
ويٺو هوس.اياز صاحب مون کي ڪجهه ڪمزور ڏسڻ ۾ پئي
آيو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته منهنجي طبيعت ڪجهه
ڏينهن کان ٺيڪ نه آهي، منهنجو وزن 10 پائونڊ گهٽجي
ويو آهي. فوڊ پائزن ٿي پئي آهي. ان ڪري مون اديبات
اڪيڊميءَ وارن کي پروگرام ڏئي ڪينسل ڪرايو. ٽي
ويءَ وارن کي پڻ ٽائيم ڏنو هوم. پر کين به هاڻي
جواب ڏنو اٿم. تو واري گڏجاڻي به آءُ ٺيڪ ٿيان ته
پوءِ رکنداسين. ان وقت پاڻ ٻڌايائين ته سندس نالو
مشهور آمريڪي اداري ”آمريڪين بايو گرافيڪل
انسٽيٽيوٽ“ پاران ويهين صديءَ جي تسليم ٿيل اهم
ايوارڊ اي. بي. آءِ گولڊ ريڪارڊ آف اچيومينٽ فار
1996ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. شيخ صاحب مون کي
پنهنجي تازي مارڪيٽ ۾ آيل ڪتاب ” سانجهي سمنڊ
سپون“ جي ڪاپي پڻ ڏني. پاڻ ٻڌايائين ته مان بيمار
رهان ٿو، پر پوءِ به مون ايترو لکيو آهي جو پبلشر
ڇپائي نٿا سگهن. بيمار هوندي به مسلسل ڏينهن رات
لکندو رهندو آهيان. ڇا ڪريان مون کي به ته آرام نه
ٿو اچي لکڻ کان سواءِ، عادت جو پيل آهي. اڌ اڌ رات
تائين لکڻ جي ۽ صبح سوير اٿي لکڻ جي. حالانڪ ڊاڪٽر
به جهليو آهي، پر لکڻ پڙهڻ کان سواءِ مزو به ته ڪو
نه ٿو اچي. عام طور تي مون واري ايج ۾ پهچندڙ
ماڻهو عبادت ۾ جنبي ويندا آهن. مون وٽ هن ڄمار ۾،
لکڻ ئي وڏي عبادت آهي. منهنجي خواهش آهي ته آخر
تائين ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين لکندو رهان.
ان
۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اياز جيترو ڪم ڪيو آهي.
اوترو ڪي ڏهه اديب، شاعر به ملي نه ٿا ڪري سگهن.
هي هڪ پوري تحريڪ آهي، پنهنجي ذات ۾ هڪ پوري انجمن
آهي. اياز جي شاعري، جيڪڏهن توهان ان کي پورو پڙهي
وٺو ته توهان چئي سگهو ٿا ته برصغير ۾، رڳو
پاڪستان ۾ ئي نه بلڪ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري
برصغير ۾ ۽ ان جي مختلف زبانن ۾ جيترا شاعر پيدا
ٿيا آهن اياز جي مقابلي ۽ هن جي جوڙ جو ٻيو ڪو به
شاعر پيدا نه ٿيو آهي. نوجوان شاعر، اديب، دوست
نصير مرزا هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”شيخ اياز محض هڪ
شخص، ۽ شاعر جو نالو ڪونهي. هو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي
وچ ۾ فڪر جي جوالا وانگر ٻرندڙ روشن مينار آهي. هو
دنيا جو اُهو شاعر آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي
ليجنڊ بنجي چڪو آهي. برصغير ۾ اسان هن جي
Wave-Lenth
۾ رڳو ’فيض احمد فيض‘ کي ڏسون ٿا. پر سمجهون ائين
ئي ٿا ته، هو پنهنجي بي پناهه شبداولي، فڪر انگيز
تخيل، سبب، فيض صاحب کان به گهڻو گهڻو اڳتي آهي.
فيض وٽ عربي، فارسي، روسي ۽ انگريزي ۽ اڙدو ٻوليءَ
جو وسيع مطالعو هوندي به، لفظن، تشبيهن، استعارن
جو تعداد ٿورو ۽ تڪرار ڀريو آهي. اياز وٽ پنهنجي
ٻوليءَ جو نه فقط وڏو خزانو ملي ٿو، پر ان سان
گڏوگڏ بي پناهه تازگي، قوت ۽ سچائي جو احساس پڻ
ملي ٿو. هن لاڙ، اتر، وچولي ۽ ٿر جي ثقافت کي کڻي
نئين ڊڪشن ۽ عوامي لهجي ۾ جيئن ڳايو آهي، ان اياز
کي بين الاقوامي شاعر،
لورڪا، جي ڀر ۾ آڻي بيهاريو آهي! چنڊ چنبيليءَ ول،
کان ’جهڙ نيڻان نه لهي تائين‘ اياز هن وقت سنڌ جو
سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جو هر
نئون، بازار ۾ ايندڙ مجموعو، هٿون هٿ وڪامي ويندو
آهي.“
نصير جي هن ڳالهه سان فيض صاحب گهڻو وقت اڳ ئي
متفق
هو.
اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ” هڪ ڀيري آڪٽوبر انقلاب جي
تقريب دوران، برصغير جي هن عظيم ترقي پسند شاعر،
روسي سفارتڪار کي چيو، ”شيخ اياز مون کان به وڏو
شاعر آهي.“ تنهن تي هن وراڻيو، ” فيض صاحب، اها
ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض احمد فيض
جواب ڏنو، ها اِها ڳالهه مون رات به چئي هئي. پر
وري ان ڪري ورجايان ٿو، متان تون سمجهين ته فيض
رات نشي ۾ هو. آءُ هن وقت هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو
ته، اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“
پر
هتي ته اياز جي هماليه جبل جهڙي اڏول شخصيت کي
ڊاهڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سندس پوزيشن کي
ڪمزور ڪرڻ لاءِ بي سرو راڳ آلاپيو پيو وڃي- چيو
پيو وڃي ته ”شيخ اياز کان استاد بخاري وڏو شاعر
آهي.“ ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته اياز جي حمايت
۾ مولانا غلام محمد گرامي جي ”مشرقي شاعريءَ جا
فني قدر ۽ رجحان“ مقالي کي وڏي استاديءَ سان نقل
ڪري ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڪتاب لکڻ وارو محترم رسول
بخش پليجو صاحب ئي اڄ اها ڪم عقلي واري ڳالهه ڪري
ٿو. ڇا اهو ضروري آهي ته سياسي طرح جيئن پليجو
صاحب سوچي تيئن اياز سوچي. پليجي صاحب جون ڪيتريون
ڳالهيون ۽ عمل اهڙا آهن، جن سان سنڌ جو سڄاڻ طبقو
وڏي تعداد ۾ اختلاف رکي ٿو. جيڪڏهن پليجو صاحب
پنهنجي نقطئه نظر سان سائين جي ايم سيد کي به
صحيح نٿو سمجهي، ته ان جو مطلب هرگز اهو نه هجڻ
گهرجي ته اياز به ان کي ائين ئي سمجهي. سنڌ ۾ لکيل
پڙهيل سڄاڻ ماڻهن توڙي ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ماڻهن
جو وڏو بلڪ تمام وڏو حصو سائين جي. ايم سيد کي
پنهنجو رهبر ۽ سندس آزاديءَ واري قومي فڪر کي ئي
سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن جي ڇوٽڪاري جو حل سمجهي ٿو.
ڪجهه وقت کان پليجي صاحب طرفان سنڌ جي محسن سائين
جي ايم سيد کان پوءِ شيخ اياز صاحب جي سموري بي
مثال ڪردار کان قطع نظر ٿي، اياز جي شخصيت کي
(سائين جي ايم سيد وانگر) داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ،
اياز جي ڳالهين ۽ خيالن تي هٿ ٺوڪيا ۽ من گهڙت
تبصرا ڪرڻ، بي بنياد الزام مڙهڻ، سنڌي ٻوليءَ کي
شاعريءَ ذريعي امر بڻائي ڇڏيندڙ اياز جي شاعريءَ
جي سدا حيات سٽن بابت لفاظيءَ جا درياهه وهائي.
مطلب ئي ٻيا ڪڍڻ، افسوسناڪ عمل آهي.
نامياري اديب طارق اشرف هڪ هنڌ لکيو آهي ” منهنجو
انهيءَ ڳالهه تي ايمان آهي ته شاهه کان پوءِ سڀ
کان وڏو شاعر شيخ اياز آهي. جيئن ٻيو شاهه
عبداللطيف نه ايندو، تيئن ٻيو شيخ اياز به نه
ايندو. اسان جي اها خوش قسمتي آهي جو اسين انهيءَ
دور ۾ جيئون پيا، جنهن ۾ شيخ اياز آهي. اسين به
انهيءَ دور ۾ ساهه کڻون پيا، جنهن ۾ اياز پيو ساهه
کڻي، شايد اسان مان گهڻن کي انهيءَ هوا به ڇهيو
هجي، جنهن اياز کي ڇُهيو هجي. اسان مان جيڪي اياز
سان مليا آهن، اُهي تڏهن انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندا
ته اُهي اياز سان مليا هئا. جڏهن اياز اسان ۾ نه
هوندو. اڄ اُهي نالا به امر ٿي ويا، جنهن جو نالو
شاهه سان گڏ ورتو ٿو وڃي. سڀاڻي هنن جا نالا به
امر ٿي ويندا، جن جا نالا اياز سان ورتا ويندا. پر
اڄ جيئن ته اياز جيئرو آهي، تنهن ڪري اسان کي سندس
خوبين سان گڏ خاميون به نظر اچن ٿيون، پر جڏهن
اياز نه هوندو ته فقط اياز جون خوبيون پيون
ڳائبيون. ائين به ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ اياز جون
ادبي خوبيون وجهو ۽ ٻئي ۾ اياز جون
ذاتي خاميون، ته خامين وارو پُڙ هوا ۾ پيو لڙڪندو.
(شيخ اياز صاحب جي حياتي ۾ لکيل)
ڀِٽَ تي لفظن جي شامِ غريبان
امين ارباب
جلادو اسي پهونک ڊالو يه دنيا، ميري سامني سي
هٽالو يه دنيا
يه تمهاري هي، تم هي سنڀالو يه دنيا، يه دنيا اگر
مل ڀي جائي تو ڪيا هي،
ساحر لُڌيانوي تنهنجون دنيا کان دوريون تو کي
نبيهه هجن، نيويارڪي شاعر ايلن گنس برگ تون ڀلي
پاڻ تي مصلحت پسنديءَ جو ٺپو هڻائي ڇڏ، شاعري
وسيلي ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي روس جا شاعر يوتو
نئينڪو تنهنجي لاءِ ڀلي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي ڏانوڻ
لڳي وڃن. آمريڪا ۾ محبت جي پرچار ڪرڻ وارا شاعر
والٽ وٽمئن تون ڀلي پريم پچار جي پيغمبر جو لقب
ماڻي وڃين، پبلو نرودا تون به ڀلي چلي ۾ شاعريءَ
جاچلا ڪاٽين، انگلستان جي بي رحم آستان ۾ جان لارڪ
جا جيئرا جاڳندا لفظ ۽ داستان به اکين تي، يونان
جي شاعره سيفو ۽ جرمني جا شاعر گوئٽي تو سميت
مولانا رومي جي شاعري جي عڪس تي اُترپرديس جي
شاعري اميرخسرو ۽ برونو جي نيپلس جي شاعري جو رقص
به ڀلي ٿئي، پر ياد رکو، پنهنجين پنهنجين ڌرتين
۾ سمهڻ وارؤ اي شاعرو! اوهان جا سمورا لفظ ڪلهه
اسان جي سنڌ ۾ ڀٽ ڌڻي جي نگري ۾ دفن ٿي چڪا ”
سنڌڙيءَ تي سرُ ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار“
واري سٽ جا اهي چوڪيدار لفظ جيڪي هٿ زنجير ٺاهي
ڪالهه تائين سنڌ بارڊر تي محافظ
بڻيا رهيا، سالن پڄاڻان الاهي ڇو ست ڇڏي ويا، شيخ
اياز جنهن جي شاعري اسان ڏيهه واسين کي نازڪ ۽
ڪومل جذبن جا ماڪ ڀنل ۽ پاڪ پويتر احساس پرهه ڦٽي
پرڀات ويل ڪنهن ڪونج جي ڪرڪڻ ۽ لوڪ ستي جو آڌيءَ
ڌاري لاڙ پٽ ۾ چنڊ جي چانڊاڻ جي اسرندڙ سرهاڻ،
سندر هٿن تي رنگ وکيڙيندڙ هٿن تي مينديءَ جو
هڳاءُ محسوس ڪرايو، الائي ڇو اڄ انهيءَ اويلي
مسافرجيئن لڳي ٿي. جيڪو منزل ماڻڻ کان اڳ ڪنهن
اجنبي گهر تي دستڪ ڏي ٿو.
”ٻي
خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون
رهنديون“ جا خالق اياز! تنهنجي وڇوڙي تي نه رڳو ٿر
ٻاٻيهي پڇاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجي جدائي
جو ٻڌي نه رڳو معصوم هرڻين کان ڇال ۽ سرتين ساٿين
کان حال وسري ويا آهن، تنهنجي وڇوڙي تي نه فقط
ڪجلا سر جي تلاءُ ۾ ڇولين کي ڇاٻ لڳي وئي آهي ۽
تنهنجي جدائي تي نه رڳو لفظن جي ڪڪرن ۾ ٽاهه پئجي
ويو آهي، پر اسان سڀني سنڌ واسين جي اها مڊ ايسٽ
اسپتال به مياري ٿي پئي آهي، جنهن تو سميت سيد جي
نياڻي درشهوار ۽ شهيد ڀٽي جي فرزند مرتضيٰ جهڙي
امانت سنڌ کان کسي ورتي.
اي
اياز مڃون ٿا ته سنسار جي سلسلن جيئن رُتن جون
رتيون به نراليون پر پوءِ به جڏهن ٿڌڙن ساهن
جهڙيون اُتر هوائون تنهنجي لفظن ۾ اوتجي وينديون
آهن ته تنهنجي شاعري جي روپ ۾ اسين سنڌ واسي مندن
جي ميلي ۾ وڃائجي ويل خوابن کي ڳولڻ جي تمنا ڪندا
آهيون، اهو ڄاڻندي به ته ”بڙ جي ڇانو اڳي کان
گهاٽي“ ”لڙيو سج لڪن ۾“ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جهڙيون
تخليقون ڇنل گلاب ۽ ٽٽل خواب جيان وري جوڙڻ
ناممڪن! پر پوءِ به توسان واعدو ته اهي تخليقون
ڪجلين اکين ۾ پازيب جي سرن ۽ چانڊوڪين راتين ۽
ڪارن ڪاڪلن جي وٿين ۾ گم ٿيڻ ڪونه ڏينداسين. متان
سمجهين اياز، ته تنهنجي شاعري ڪنهن نازڪ چيچ ۾
سوڙهي ڇلي جي نشانيءَ هيٺ ڪنهن جي نيڻ نهار کان
سواءِ ٽٽل شيشي جي ڪاون وانگيان اندر ۾ اسان کي
چپي ڪونه سگهندي. |