سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :9

طارق اشرف                                         (انٽرويو)

 

لفظ ڳالهائين ٿا

 

(تنوير عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه)

 

(نوٽ: تنوير عباسي، جنهن جو پورو نالو نور نبي عباسي ۽ تنوير تخلص اٿس، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ صوڀي ديري ۾ 7 ڊسمبر 1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ ورتائين. ٻئي درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪيائين. اُن وقت کان وٺي خيرپور ۾ رهي ٿو، جتي پنهنجي خانگي اسپتال اٿس.

تنوير جو پهريون شعر 1950ع ۾ ’فنڪار‘ (حيدرآباد) ۾ ڇپيو ۽ شعرن جو پهريون مجموعو ’رڳون ٿيون رباب‘ 1958ع ۾، ٻيو مجموعو ’شعر‘ 1970ع ۾، ٽيون مجموعو ’سج تريءَ هيٺان‘ 1977ع ۾ ڇپيا. انهيءَ کان سواءِ ’ٻاراڻا ٻول‘ (مختلف شاعرن جي ٻارن بابت شعرن جي چونڊ ۽ ترتيب). ’جي ماريا نه موت‘ (ويٽنامي ناول جو ترجمو)، شاهه لطيف جي شاعري (اڀياس) 1976ع ۾، ’خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام‘ (ترتيب) 1982ع ۾ ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (ترتيب) 1983ع ۾ ڇپيا آهن. سندس يورپ جو سفرنامو ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ تازو پڌرو ٿيو آهي.

تنوير هڪ ڪهاڻي ’لوئي‘ به لکي، جيڪا ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپي، جنهن کيس ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ هڪ ناول به لکيل اٿس جو هن پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ لکيو هو ۽ اڻ ڇپيل رکيو اٿس. سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو مختلف ٻولين _ انگريزي، پنجابي، سرائڪي ۽ اردو ۾ ڇپيو آهي.

ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن جي ’آرسي‘ جو پهريون شمارو آيو ته ولي رام مون تي ڪم رکيو ته آرسيءَ لاءِ مان تنوير عباسيءَ کان انٽرويو وٺان_ ط.ا.)

 

مون تنوير کان پهريون سوال ڪيو: تنوير، اوهين شاعر آهيو، شعر جي معنيٰ ڇا آهي؟

تنوير: (ڪجهه لمحا سوچيندي) عام طرح، ڊڪشنرين ۾ جيڪا شعر جي معنيٰ آهي، اُها اِها ته شعر شعور مان نڪتل آهي، اها آهي شعر جي لفظي معنيٰ، پر شعر آهي نظم، جيڪو نثر کان الڳ آهي. انهيءَ کي شعر چئبو.

طارق: اوهان ڪافي آزاد نظم لکيا آهن. آزاد نظم تي به ڪي پابنديون هونديون آهن يا نه؟

تنوير: بلڪل هونديون آهن. آزاد نظم جي معنيٰ ڇڙواڳي ڪانهي. آزاد نظم جا ڪي پنهنجا اصول آهن، جي مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ به ڄاڻايا آهن. آزاد نظم ۾ موسيقيت به قائم رکڻي آهي، ردم به قائم رکڻو آهي، ڪٿي ڪٿي قافيي جو استعمال به ٿئي ٿو، ڪڏهن وچ ۾، ڪڏهن پڇاڙيءَ ۾. انهيءَ کان علاوه هڪ پرسنل ردم آهي، جيڪو انفرادي ردم هوندو آهي _ اُهو شاعر پنهنجي آزاد نظم ۾ آڻيندو آهي. ائين جيڪي مروج ردم آهن، مروج بحر وزن آهن، انهن کان هٽي ڪري پنهنجو انفرادي لهجو، انفرادي ترنم قائم ٿو ڪري. آزاد جي معنيٰ ته مروج ردم، مروج بحر وزن کان آزاد _ ائين نه ته مرڳو ردم کان ئي آزاد!

طارق: امداد حسينيءَ جو گهڻو وقت اڳ، ’سهڻي‘ يا ’ تخليق‘ ۾ هڪڙو آزاد نظم ڇپيو هو:

آرسيءَ جي اڳيان

اچي

مون وگ لاٿي.

ڇا اِهو آزاد نظم آهي؟ ڇا هن ۾ شعريت، موسيقيت ۽ ترنم آهي؟

تنوير: امدا منهنجو پيارو دوست آهي. امداد جي قلم مان سنڌيءَ جا بهترين آزاد نظم نڪتا آهن، پر جيڪي سِٽون اوهان هينئر چيون، انهن کي مان آزاد نظم نه چوندس. مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ به لکيو آهي ته ڪنهن به خبر، پمفليٽ، مختصر افساني، يا پوسٽر کي اسين آزاد نظم چئون ته اهو غلط آهي، نظميت هئڻ ضروري آهي. شعريت هئڻ ضروري آهي.

طارق: اڄڪلهه نوان شاعر جيڪي آزاد نظم لکي رهيا آهن، ڇا واقعي اهي صحيح آزاد نظم آهن؟

تنوير: نون شاعرن کي مان صلاح ڏيندس ته اڳ ۾ هو مطالعو ڪن، ڇو ته مغرب جي نقادن جو چوڻ آهي ته آزاد نظم لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي: پابند لکڻ تمام سولو آهي. تنهن ڪري نون شاعرن لاءِ مطالعو ضروري آهي. ڪي نوان شاعر، جن کي مون پڙهيو آهي، تمام سٺا شاعر آهن.

طارق: مثال طور؟

تنوير: اسان جي ٽهيءَ کان پوءِ جيڪي شاعر آيا آهن، انهن ۾ تاج جويو، اياز گل، ادل سومرو، سحر امداد، ذوالفقار سيال _ هنن جي شاعريءَ ۾ مون کي ڏاڍا سٺا آزاد نظم ڏسڻ ۾ آيا آهن. بهرحال سڀئي آزاد نظم سٺا ڪونهن. هڪ هنڌ ته مون هڪ عجيب آزاد نظم پڙهيو:

فلاڻي دوا وٺي آيس

۽ هن فائدو نه ڪيو

۽ هو مري ويو.

ڪجهه انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ... (تنوير کلڻ لڳو) هاڻ انهيءَ کي ته آزاد نظم ڪونه چئي سگهبو!

طارق: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي شروعات ڪڏهن ٿي، ۽ ڪهڙي شاعر ڪئي؟

تنوير: ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو ڪتاب ”رهنمائي شاعري“ ڀاڱو ٽيون 1947ع ۾ نڪتو هو. انهيءَ ۾ آزاد نظم تي بحث به ڪيل هو، ۽ آزاد نظم جا ڪجهه مثال به ڏنل هئا، جيڪي خليل جا لکيل هئا. بهرحال اِها شروعاتي ڳالهه هئي. انهيءَ کان پوءِ 1948ع ۾ مرحوم غلام محمد نظاميءَ جي شعرن جو مجموعو ڇپيو هو. ’بياض نظامي‘ انهيءَ ۾ ڪجهه آزاد نظم هئا. پر انهيءَ اسپرٽ ۽ نموني سان، جيئن مغرب ۾ آزاد نظم لکيا ٿا وڃن، اهي پهرين پهرين نارائڻ شيام، شيخ راز ۽ شيخ اياز لکيا. تنهن کان پوءِ ڪجهه آزاد نظم بشير مورياڻي لکيا ۽ پوءِ ‎ٻين.

طارق: اوهان هينئر ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو نالو ورتو. ابراهيم خليل، سردار علي شاهه ۽ رشيد احمد لاشاري، اهي به شاعر هئا. اوهان، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ نياز همايوني، اهي به شاعر آهن. هُنن اوهان جي شاعريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

تنوير: جيتريقدر منهنجو تعلق آهي، مان ابتدائي شاعريءَ ۾ اصلاح ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان وٺندو هوس. مون هن کان باقاعده عروض ڪونه سکيو هو، پر بزم خليل جون جيڪي ڪچهريون ٿينديون هيون، انهن ۾ هر هفتي شريڪ ٿيندو هوس. اتي عروض تي بحث ٿيندا هئا. رشيد احمد لاشاري مرحوم به اتي ايندو هو. هن سان به مان ڪافي ويجهو هوس. سردار علي شاهه مرحوم سان به اتي دوستي ٿي. سيد منظور نقوي، مظفر حسين جوش، سرور علي سرور، عبدالقيوم صائب ۽ ٻيا دوست ان حلقي جا مکيه ميمبر هئا، ڪافي وقت مون هنن سان گذاريو. بهرحال انهيءَ شاعريءَ کي اسين اڄڪلهه ’جميعت الشعراء‘ يا ’شعراء‘ واري شاعري سڏيندا آهيون. اوهين ڪهڙو ٿا فڪر پيش ڪريو، اهو مسئلو هو ئي ڪونه. شاعريءَ ۾ ڪا نواڻ آهي يا نه، اهو مسئلو به ڪونه هو. انهيءَ شاعريءَ جو مقصد هو ته فوٽ پٽيءَ تي سٽون پوريون اچن؛ وزن بحر تي سٽون پوريون هجن. نئون خيال ڀلي هجي يا نه هجي، سٺو خيال هجي يا نه هجي، جوت هجي يا نه هجي، انهيءَ جو به خيال نه ڪيو ويندو هو. هو هڪ سِٽ ڏيندا هئا. جيئن هاڻ به جميعت الشعرا جي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، 2_ مئي 1983ع تي گهوٽڪيءَ ۾ سِٽون ڏنيون اٿن _ مصرع طرح به انهيءَ تي لکي اچو. اها ته ائين ڳالهه ٿي ته جيئن ٻار کي اسڪول ۾ ايڪسرسائيز ڪرڻ لاءِ ڏبي آهي ته، بابا هي آلجبرا جو هڪڙو حساب ڏجي ٿو، اٺ ڏهه ٻيا حساب ڪري اچجو. هيءَ ڳالهه به ائين ئي آهي ته انهيءَ ڏنل سِٽ تي ڪو پنڌرهن سٽون لکي ويو. غزل لکي ويو ته چوندا هي سٺو شاعر آهي. سندن سڄو مول مقصد اِهو ئي هوندو آهي. پر پوءِ اسان پارن جي جيڪا شاعري اُسري، انهيءَ جا الڳ اصول هئا. پوءِ اسان شاعريءَ ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون. اِهي هاڻي سڀني کي معلوم آهن.

طارق: اوهان رجعت پسند شاعري ۽ ترقي پسند شاعري ڇاکي ٿا چئو؟

تنوير: (ڪجهه دير خاموش رهي) اهو ته صاف ظاهر آهي. رجعت پسند شاعري اها آهي، جيڪا ماٺي پاڻيءَ وانگر هڪ جاءِ تي جُڳن کان بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. ۽ ترقي پسند شاعري اُها آهي، جيڪا پنهنجي دور سان گڏ هلي. پنهنجي دور جي ضرورت سان گڏ، پنهنجي دور جي ماحول سان گڏ بدلبي ٿي رهي، ترقي ڪندي ٿي رهي. مثال طور اڄ 1983ع آهي، پر 1952ع ۾ اسان جو ضرورتون ٻيون هيون. اسان جي شاعري ٻئي قسم جي هئي، اڄ بنهه ٻي آهي.

طارق: ترقي پسند شاعريءَ جي ڳلهه نڪتي آهي ته انهيءَ تي به روشني وجهو ته ترقي پسند ادب ۽ جديد ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

 تنوير: ترقي پسند لفظ در حقيقت جهڙي لحاظ کان اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ استعمال ٿيو، اهو لفظ ”ترقي پسند تحريڪ“ جي ڪري پيو. انهيءَ تحريڪ ۾ سجاد ظهير، جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض، منٽو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب هئا گڏيل هندستان جا. انهن انهيءَ مينيفيسٽو تي صحيح ڪئي ۽ اها هڪ خاص سياسي ۽ ادبي نظريي جي پوئلڳن جي جماعت هئي، جنهن مان پوءِ منٽوءَ کي به خارج ڪري ڇڏيائون، فيض احمد فيض کي به خارج ڪيائون. هنن ميراجي کي به ترقي پسند شاعر نه سڏيو. جدت پسند شاعري اُها آهي، جيڪا جدت پسند ته هجي، پر ڪنهن خاص ادبي نظريي يا سماجي نظريي سان واسطو نه هجي.

طارق: اوهين وڏو شاعر ڪنهن کي ٿا سمجهو؟ اوهان جي نظر ۾ وڏي شاعر ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟

تنوير: (ڪجهه گهڙيون خاموش رهي) سڀ کان پهرين ڳالهه اها ته هن جو پنهنجي چؤگرد ماحول تي پورو قبضو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ته هو پنهنجي ماحول جي ذري ذري کان باخبر هجي ۽ هن جي دل ۽ احساس ايترو شارپ (Sharp) هجي جو هو انهيءَ کي پوريءَ طرح محسوس ڪري سگهي. ٽين ڳالهه اها ته هن کي ٻوليءَ تي ايتري ته قدرت هجي، ۽ اُها ايتري ته وسيع هجي جو هو پنهنجن جذبن جو اظهار کليءَ طرح بيان ڪري سگهي ۽ انهن کي جذبن جو روپ ڏيئي سگهي. اهي ٽيئي ڳالهيون جڏهن هڪ ماڻهوءَ ۾ ملن ٿيون تڏهن هن کي ”وڏو شاعر“ چئي سگهجي ٿو... (تنوير جي پٽ ”سرمد“ جي اچڻ جي ڪري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو اوچتو ٽٽي ويو. تنوير کيس چانهه آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن هو ويو ته سلسلو اڳتي وڌيو.)

طارق: اوهان جي نظر ۾، سنڌ ۾ هن وقت ڪهڙا وڏا شاعر آهن؟

تنوير: (ڪجهه دير سوچيندي) هن وقت شيخ اياز آهي، شمشير الحيدري آهي، نياز همايوني آهي.

طارق: ۽ ڀارت ۾؟

تنوير: (يڪدم چيائين) نارائڻ شيام تمام وڏو شاعر آهي. هري دلگير آهي، گوورڌن ڀارتي آهي... (ايتري ۾ تنوير جو پٽ چانهه کڻي آيو ۽ انهيءَ سان گڏ تنوير سان ڪا ڳالهه به ڪيائين، تنهن ڪري اسان جي ڳالهين جو سلسلو هڪ دفعو وري ٽٽي پيو. مون ٽيپ رڪارڊ جو بٽڻ آف ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن تنوير جو پٽ سرمد ويو ته بٽڻ آن ڪيم. تنوير ٽٽل سلسلو وري جوڙيو)... موهن ڪلپنا آهي.

طارق: (سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي) موهن ڪلپنا بيسيڪلي شاعر ته ڪونهي.

تنوير: بيسيڪلي ته شاعر ڪونهي، پر هن جيڪي ٿورا نظم لکيا آهن... (ايتري ۾ سرمد وري اچي تنوير کان ڪجهه پڇيو ۽ اسان جي ڳالهين جو سلسلو وري هڪ دفعو ٽٽي پيو. مون چاهيو ٿي ته تنوير کي چوان ته ڳالهين جي وچ ۾ ڪو نه اچي ته بهتر، پر تنوير پنهنجي اڌوري ڳالهه کي اڳتي وڌايو، ۽ مان کيس چئي نه سگهيس)... تنهن کان پوءِ ارجن حاسد آهي... موتي پرڪاش آهي.

طارق: اوهان جي نظر ۾، سنڌ ۾، غزل جو ڪهڙو سٺو شاعر آهي؟

تنوير: (ڪجهه سوچي چانهه جو ڍُڪ ڀريائين ۽ پوءِ پڇيائين) هن وقت؟

طارق: ها.

تنوير: هن وقت همعصرن ۾ مون کي شمشير ۽ امداد سٺا لڳن ٿا غزل ۾. باقي هنن کان اڳ پراڻن شاعرن ۾ عبدالحسين سانگي ۽... (ڪجهه دير سوچي) مراد علي ڪاظم غزل جا بهترين شاعر هئا. ڀارت ۾ نارائڻ شيام غزل جو بهترين شاعر آهي.

طارق: ذوالفقار راشدي ۽ علي محمد مجروح جي غزلن بابت اوهان ڪهڙي راءِ ٿا رکو؟

تنوير: علي محمد مجروح جي غزل ۾ تغزل جون سڀيئي خوبيون آهن، جيڪي غزل جي شاعري ۾ هئڻ گهرجن. پر هڪڙي ڳالهه ته هن تمام ٿورو لکيو آهي، ٻي ڳالهه ته سندس شعرن جو ڪو مجموعو به نه ڇپيو آهي، ٽين ڳالهه ته هن وٽ نواڻ گهٽ آهي، باقي تغزل تمام گهڻو آهي. ۽ ذوالفقار راشديءَ وٽ، هن جي غزل بابت مان تمام فرينڪ ٿي ٿو ڳالهايان، پڪ اٿم ته ذوالفقار دل ۾ نه ڪندو. ذوالفقار غزل ۾، يا هن جي سڄي شاعريءَ ۾، هو ٻوليءَ جي خالص هجڻ جو ايترو ته گهڻو خيال ٿو رکي، جو انهيءَ تي ٻيون لازمي شيون قربان ٿي وڃن ٿيون. هن جو ڌيان محض ٻوليءَ جي پيورٽيءَ تي محدود رهجي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري هن جا غزل، ٻوليءَ جي لحاظ کان ته بهترين آهن، باقي تغزل جون جيڪي خوبيون ٿين ٿيون اُهي اوورشيڊو ٿيو وڃن.

طارق: اوهان ڪهڙي شاعر کي، وائيءِ جي لحاظ کان هند ۽ سنڌ ۾ سٺو ٿا سمجهو؟

تنوير: وائيءَ ۾، هند ۾ نارائڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز سٺيون وايون لکيون آهن. انهيءَ کان پوءِ شمشير الحيدري، جيتوڻيڪ هن جون هڪ ٻه وايون ڇپيون آهن. باقي جيڪي نوان شاعر آهن، انهن ۾ تاج جويو، خاڪي جويو ۽ يوسف شاهين... خاص ڪري مون کي خاڪي جويي جي وائيءَ ڏاڍو امپريس ڪيو. مون کي ائين لڳو، ڄڻ ته هي ڪلاسيڪل وائي جي حدن کي ڇيڙي پيو.

طارق: يوسف شاهين جي شاعريءَ متعلق اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟ هن جي شاعري ڪٿي به ڇپي ڪانه، اوچتو سندس شعرن جو مجموعو اچي ويو. سندس شعرن جي مجموعي تي اوهان جو پيش لفظ لکيل آهي. شمشير به ڏاڍو ساراهيو آهي. اهو ممڪن آهي ته هڪڙو شاعر ڪٿي به نه ڇپجي ۽ ايڏي سٺي شاعري ڪري؟ بقول غلام نبي مغل جي ته (مذاقاً) ”يا شاهه عبداللطيف هن کي لکي ڏنو آهي يا هن شاهه عبداللطيف کي لکي ڏنو آهي.“

تنوير: (کلندي) ائين ٿيندو آهي. ادب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ’معجزا‘ ٿيندا آهن. مثال طور رانبو، جيڪو فرنيچ شاعر هو، هن سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي اوچتو شاعري ڪيائين، ۽ اُها به ڪجهه سال. وري شاعري نه ڪيائين. پر هن جي شعرن جو مجموعو ’ليز اليومينيشن‘ (Les Illumination) اڄ به فرينچ ادب جو وڏي فخر لائق سرمايو آهي ۽ هر فرينچ کي انهيءَ تي فخر آهي. حالانڪه هن شاعري رڳو ٻه ٽي سال ڪئي. نه منڍ ۾ ڪيائين نه پڇاڙيءَ ۾. اِها ڳالهه حقيقت کان بعيد ڪانهي ته ڪو ماڻهو اوچتو ئي اوچتو شاعر بڻجي وڃي.

طارق: يوسف شاهين جي بيتن جي باري ۾ اوهان جو خيال ڇا آهي؟

تنوير: (ڪجهه دير سوچي) يوسف وٽ پنهنجي دور جو شعور آهي ۽ بيتن جي صنف ۾، هن پنهنجي دور جي شعور کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي اٿئين. ڪٿي ڪٿي تمام ٿورن بيتن ۾ هو ردم قائم رکي نه سگهيو آهي.

طارق: اوهان فرنيچ زبان پڙهي آهي (سکي آهي)، ڇا ڪنهن خاص سبب جي ڪري؟

تنوير: منهنجي لائبريريءَ ۾ هڪڙو ڪتاب آهي، جو 1958ع ۾ مون خريد ڪيو هو. ڪڏهن اوهان کي ڏيکاريندس: ”ائنٿالاجي آف فرينچ پوئٽري“ انهيءَ ۾ هڪ پاسي فرينچ زبان ۾ شاعري ڇپيل آهي، ته ٻئي پاسي انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي. جڏهن مون اهي ترجما پڙهيا ته انهن مون کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. تڏهن کان منهنجو اِهو خواب هو ته مان فرينچ زبان سکان. مون جڏهن شروع ۾ مطالعو ڪيو هو ته، ڏٺم ته شارٽ اسٽوري فرانس مان شروع ٿي _ بالزاڪ ۽ موپاسان. آزاد نظم فرانس کان شروع ٿيو. تجريدي آرٽ فرانس کان شروع ٿيو. ڊرامو فرانس کان شروع ٿيو. بهترين پرفيوم فرينچ، بهترين فيشن فرينچ. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ سڄو يورپ ۽ سڄي آمريڪا، فرانس جي ڪلچرل ڪالوني آهي، يعني ثقافتي نوآبادي. انهيءَ ڪري مون سوچيو ته جيڪڏهن جديد ذهن کي سمجهڻو آهي ته جيستائين فرينچ زبان نه سمجهبي، انهن کي پوريءَ ريت سمجهي نه سگهبو ۽ اها خبر ئي نه پوندي، ته ڪيئن انهيءَ ٻوليءَ سڄي يورپ تي اثر ڪيو. خود ٽي. ايس. ايليٽ پڻ فرينچ شاعر سينيٽ جان پرس جي اڀياس جو ترجمو ڪيو. هن ڪيترن ئي فرينچ شاعرن کان تاثر ورتو آهي. مون کي هڪڙو تمام سونهري موقعو مليو. خيرپور ۾ منهنجا ٻه دوست هئا، ڊچ جوڙو هو _ مِڪي ۽ ڪيس. اُهي منهنجا تمام سٺا دوست هئا. اُهي فرينچ ڄاڻندا هئا. مون هنن سان ڳالهه ڪئي ته مان فرينچ سکڻ ٿو گهران. هو ڪراچي ويا ۽ منهنجي لاءِ ڪراچيءَ مان فرينچ ڪتاب وٺي آيا. اُهي هفتي ۾ ٻه ڏينهن مون کي فرينچ پاڙهيندا هئا. هنن ٻه سال مون کي فرينچ پاڙهي. هاڻ هو هليا ويا آهن، مان باقاعدگيءَ سان پنهنجا سبق پڙهندو اچان، ڊڪشنريءَ جي مدد سان. هينئر مان فرينچ شاعري، فرينچ زبان ۾ پڙهي ٿو وٺان. ٿوري گهڻي ڊڪشنري ريفر ڪرڻي پوي ٿي. ٻيا ڪتاب ۽ ناول به پڙهيو وڃان.

طارق: ڪهڙي فرينچ شاعر جي شاعري اوهان کي وڻي آهي، يا هن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيا آهيو؟

تنوير: وڻڻ جي ڳالهه ڪريو. باقي متاثر ٿيو آهيان، انهيءَ جو فيصلو ته ڪو ٻيو ڪندو، مان ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ انهن ۾ سينيٽ جان پرس آهي، جنهن جو هڪڙو نظم مون شعر ۾ ترجمو ڪيو هو. پرس کي 1960ع ۾ نوبل پرائز مليو هو. ’سي مارڪس‘ هن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سڄو نظم سمنڊ تي آهي. هن سمنڊ کي سمبل ڪري استعمال ڪيو آهي. تنهن کان پوءِ پال ورلين آهي، جنهن کي فرنيچ زبان ۾ پوورلين چون. هن جا ننڍا ننڍا نظم آهن، پر ڏاڍا ردمڪ آهن. مان ڪوشش ۾ آهيان ته اُنهن جو به ترجمو ڪريان ۽ هاڻ مان انهيءَ لائق آهيان جو سڌو سنئون فرينچ مان ترجمو ڪري سگهان ٿو. ٽيون مشهور شاعر آهي چارلس بودليئر، جنهن پهرين پهرين نثري نظم لکيا: پٽي پوئم آف فلورينس. اهي مون وٽ فرينچ زبان ۾ آهن، جيڪي مان پڙهندو رهندو آهيان. انهيءَ کان پوءِ جديد شاعر آهن _ سيروائيل، جيڪب، دينساس. انهن جو مون مطالعو ڪيو آهي. دراصل فرينچ شاعريءَ ۾ منهنجو مطالعو 1950 ع تائين آهي. انهيءَ کان پوءِ جي شاعري مون کي هٿ نه آئي آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي باري ۾ مان ڪجهه چئي نٿو سگهان.

طارق: مون اوهان جي لائبريري ڏٺي آهي، ۽ اوهان جا ڪتاب به ڏٺا اٿم. اوهان وٽ انگلش پوئٽري، جاپاني پوئٽري، چائنيز پوئٽري جا ڪتاب آهن. اوهان جي خيال ۾ ڪهڙين زبانن ۾ سٺي شاعري ٿيل آهي، ۽ ڪهڙا سٺا شاعر آهن؟

تنوير: فرينچ کان پوءِ مون کي چيني ۽ جاپاني شاعريءَ وڌيڪ اٽريڪٽ ڪيو آهي. (ڪجهه دير خاموش رهي) باقي فارسيءَ جا جيڪي ڪلاسيڪي شاعر آهن، هنن جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. خيام آهي، عرفي آهي، نظيري آهي، سرمد آهي، حافظ آهي _ اِهي بهترين شاعر آهن.

طارق: اوهان جي نظر ۾ ڪهڙا سنڌي شاعر آهن، جن جي شاعريءَ کي ڪلاسيڪي شاعري چئجي، يا وڏو شاعر چئجي؟

تنوير: سنڌي جو پهريون وڏو شاعر قاضي قادن آهي. تنهن کان پوءِ ميون شاهه عنات، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف اچن ٿا. شاهه لطيف کان پوءِ وچ ۾ وڏو گيپ آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ گيپ وارا شاعر گم ٿي ويا هجن يا نٿا لڀجن. پوءِ سچل سرمست آهي. سچل جي دور کان پوءِ بيدل، حمل، نانڪ يوسف ۽ خير محمد هيسباڻي آهن. تنهن کان پوءِ مصري شاهه ۽ غلام محمد خانزئي آهن. اِهي سنڌي ڪلاسيڪي شاعر آهن، جن کي لينڊ مارڪس چئي سگهجي ٿو.

طارق: اوهان ساميءَ جو نالو نه ورتو؟

تنوير: (کلندي) عادت آهي نه مسلمانن جي، ته....

طارق: اڪثر ٽن شاعرن جو نالو گڏ ورتو ويندو آهي _ ”شاهه، سچل، سامي.“ شاهه جا ميلا ٿين ٿا. سچل جا ميلا ٿين ٿا، هينئر سچل سيمينار به ٿيو هو. اوهان به انهن ۾ باقاعده حصو وٺندا آهيو، پر ساميءَ کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. اوهان خود به شاعر آهيو، مضمون نگار آهيو، اوهان به...

تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) منهنجي ڏاڍي خواهش رهي آهي ته ساميءَ تي ڪو سُٺو سيمينار ڪرايو وڃي، هن جو ”ڏينهن“ ملهايو وڃي، يا ٻيو نه ته ساميءَ تي رسالن ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ڏنا وڃن. سامي تمام وڏو شاعر هو. هن جا ڪي شعر ته ايترا اونها آهن جو ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌيءَ جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهه عبداللطيف سان گڏ بيٺو آهي.

طارق: اوهان جي چوڻ جو مقصد آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر شاهه عبداللطيف آهي؟

تنوير: ها، شاهه عبداللطيف آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com