تنوير عباسي (سفرنامو)
ڏوري ڏوري ڏيهه
(نوٽ تنوير صاحب جي سفرنامي جي ڇپيل ڪتاب ”ڏوري ڏوري
ڏيهه“ مان، نموني طور تي عنوان هتي پيش ڪجن ٿا
_ادارو)
شيڪسپيئر جو شهر
ٻئي ڏينهن، شيڪسپيئر جي شهر، ”اسٽرئفورڊ اپان ائون“
وياسين. هيءُ شهر، سومري جي اسپتال کان ڏهه پندرهن
ميل پري آهي. شهر ننڍو آهي، پر هشام ماڻهن جا.
سوين ٽوئرسٽ بسون ۽ هزارين ٽوئرسٽ، ڪلهي گس جيڏي
ڀيڙ! هيءُ شهر به دنيا جي انهن ٿورن شهرن مان هڪ
آهي، جن ۾ شهر جي اصلي رهاڪن کان وڌيڪ تعداد ۾
ٽوئرسٽ نظر ايندا.
سڀ کان پهرين شيڪسپيئر جو گهر ڏٺوسين. رواجي انگريزي
گهر آهي، پر ان ۾ شيڪسپيئر جي هر شيءِ سانڍيل آهي.
لکڻ جي ميز ڪرسي، برتن، بورچيخاني جو سامان، ديڳڙا
۽ ديڳڙيون، چمچا ۽ ڪفگير _ مطلب ته شيڪسپيئر جي
استعمال ڪيل هر ننڍي وڏي شيءِ سانڍيل آهي. سڄي گهر
۽ ان جي سامان کي اصلي صورت ۾ رکيو ويو آهي؛ جيئن
ان جي قدامت قائم رهي. شيڪسپيئر جي شراب جي قديم
بوتل پڻ اُتي محفوظ آهي.
ان گهر جي هڪ ڪمري ۾، ان گهر سان متعلق سڀ دستاويز، اصلي صورت ۾
محفوظ ٿيل، شوڪيس ۾ رکيل آهن. هن گهر جي وڪري جو
دستاويز (جيڪو شيڪسپيئر جي پونيرن مان ڪنهن لکيو)
سرڪار ڪڏهن ان کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو، ان حڪمنامي
جو دستاويز، پوءِ اهو ’شيڪسپيئر يادگار تنظيم‘ جي
حوالي ٿيو، ان متعلق اصلي حڪمنامو _ هڪ هڪ شيءِ
اصلي صورت ۾ هٿ ڪري، محفوظ ڪيل آهي.
ٻاهر نڪتاسين. شهر جي سڀ کان اهم چوڪ تي شيڪسپيئر جو تمام وڏو
مجسمو نصب ٿيل آهي. اسان ان جي هيٺان بيهي فوٽو
ڪڍايو. شهر جي ڀرسان ائون
(Avon)
ندي ٿي وهي، ان ۾ سهڻيون، سينگاريل لانچون ٽوئرسٽ
کي نديءَ جي سير ڪرائڻ لاءِ موجود. مطلب ته ٽوئرسٽ
اچن، ته معلومات به ملي، ۽ پڪنڪ به ٿئي. (ڇا
ڀٽشاهه جي ڪراڙ ڍنڍ کي اهڙو خوبصورت نٿو بنائي
سگهجي؟)
شهر ۾، هر دڪان تي، هر جاءِ تي، شيڪسپيئر جي ڇاپ لڳل آهي. جي
ڪپڙن جو دڪان آهي، ته ان ۾ شيڪسپيئر جي ڪردارن جا
ڪپڙا ملندا. جي برتنن جو دڪان آهي، ته ان ۾
شيڪسپيئر جي دور جا برتن، ڪوپ، ساسريون، ڪٽليون،
چمچا، ڪانٽا، وغيره ملندا. ڪتابن جي دڪان تي
شيڪسپيئر جا، ۽ شيڪسپيئر جي متعلق ڪتاب. ائش ٽري
هجي، بٽن هجي، قلم هجي، پيپر _ ويٽ هجي، هر شيءِ
تي شيڪسپيئر جو پورٽريٽ!
هڪ دڪان تي شيڪسپيئر جي ڊرامن جا ميڻ جي بُتن جي صورت ۾ ٺهيل
ڪردار هئا، ۽ پس منظر ۾ انهيءَ ٽاڻي جا ڊائلاگ وڄي
رهيا هئا. ٻئي دڪان تي شيڪسپيئر جو ميڻ جو بُت پيل
هيو. اهو ايڏو ته اصلي پئي لڳو، جو مون نور سومري
کي چيو ته، ”منهنجي هن دوست سان منهنجو فوٽو ڪڍ.“
هتي اهو فوٽو ڏسي ماڻهو عجب کائيندا آهن ته شيڪسپيئر ۽ منهنجي
وچ ۾ صدين جو فاصلو آهي، اهو فوٽو ڪيئن نڪتو! فوٽي
۾ مان نقلي ٿو لڳان ۽ شيڪسپيئر جو مجسمو اصلي!
انهيءَ ئي دڪان ۾، شيڪسپيئر جي متعلق بالزاڪ جو چيل هيءُ جملو
تختيءَ تي لکيل آهي:
After God, Shakespeare created most
(خدا کان پوءِ سڀ کان گهڻي تخليق شيڪسپيئر ڪئي
آهي.)
شيڪسپيئر جي شهر ۾ ”ڀٽشاهه ثقافتي مرڪز“ ڏاڍو ياد آيو. ويران
عمارتون. ”ني پِر پروانه سوزد ني صدائي بلبلي“
واري ڪار آهي!
ٻئي ڏينهن، پياري سومري، قربائتي سومري، خدمتي سومري کان
موڪلائي، برمنگهام آياسين، جتي خوشخبري ملي ته
منهنجي دل بدمعاش ضرور آهي، پر اها رڳو هلڪي شرارت
ٿي ڪري ۽ في الحال جيڪو ڪجهه آهي، بي خطر آهي.
برمنگهام جي اها رات منوهر جي رات هئي. منوهر، مسز منوهر، مان،
قمر ۽ هڪ ٻيو سنڌي مهمان. منوهر، ڳالهه ڳالهه تي
بجو ڏيڻ ۽ بجو کائڻ وارو منوهر. نه رڳو دل جو
درياهه پر دل جو شينهن منوهر. اڌ رات کان به دير
تائين ويٺا رهياسين. ميڊيڪل ڪاليج جا سڀ يار هڪ هڪ
ٿي نڪتا. هڪ هڪ جا واقعا ورجايا ويا. حڪيم، نثار
عباسي، ستار سومرو، فضل رحيم، احمد علي سمو. سڀني
سان گذريل لطيفن تي ٽهڪ ڏناسين. ان وقت جي شاگرد
ڇوڪرين جا ذڪر نڪتا. زمانا گذريا، اهي حسين، جن جي
ناز تي ڪاليج قربان ويندو هو، ۽ هو ڪنهن ڏي اک به
نه کڻنديون هيون، اهي وڌوائون ٿي، ڏکيا ڏينهن
گذاري رهيون آهن. ڪن جي شادي ٿي، ته ڪي راضي ناهن.
ڪن جي مورڳو شادي ئي نه ٿي. عجب زندگي آهي، سڪون
ڪٿي آهي، نرواڻ ڪٿي آهي. ڇا سڪون رڳو گوتم ٻڌ جي
پتلي جي چهري تي آهي؟
منوهر کي مون انگلينڊ ۾ رهندڙ سڀني ڊاڪٽر دوستن کان وڌيڪ
رهائيءَ وارو، ۽ شان سان رهندي ڏٺو. اهو سڀ سندس
کلمک هجڻ، نياز، نوڙت، قرب ۽ هوشياريءَ جو نتيجو
آهي.
ٻئي ڏينهن، تيز رفتار ٽرين تي چڙهي واپس لنڊن پهتاسين. لنڊن
پهچي خبر پيئي ته ڊاڪٽر قيوم بروهيءَ (حليم
بروهيءَ جي سوٽ) جي فون آئي هئي. موٽ ۾ کيس فون
ڪئي سين. هن ڏاڍو زور ڀريو ته رات جي ماني وٽس
کائون. سندس سڪ ۽ قرب ڏسي اسان به ها ڪئي. هاڻي
لنڊن ڇڏڻ جهڙا ٿيا هياسين. سڀ ڪم لاهي، گهمي ڦري،
دنگ ڪيو هيوسين. رڳو ڪنهن ٽوئر ڪمپنيءَ ذريعي،
ائمسٽرڊام، پئرس ۽ اٿينس ۾ هوٽل وغيره جي بڪنگ
ڪرائڻي هئي. مان ۽ منگسي ان ئي ڪم سان لڳاسين، ۽
قمر پنهنجي شاپنگ جي تصوير ۾ آخري رنگ ڀرڻ شروع
ڪيا. شوڪت ۽ ناهيد به اتي هئا. قمر کي انهن سان
شاپنگ تي موڪليم، ۽ مان ۽ منگسي ٽوئر ڪمپنين جي
ڳولا ۾ نڪتاسين. هلندي هلندي اچي پئڊنگٽن اسٽيشن
تي پهتاسن. منگسيءَ ٻڌايو ته، ”هيءُ اها اسٽيشن
آهي، جتان برٽرنڊ رسيل روز ٽرين ۾ چڙهندو هو.“
برٽرنڊ رسيل _ هن صديءَ جو عظيم ڏاهو، انسانيت جو محسن. منهنجي
آڏو برٽرنڊ رسيل جي تصوير اچي ويئي. سنهو، ڪمزور ۽
نٻل جسم. اڇا چانديءَ جي تارن جهڙا وارا. لارڊ _
پر انگلنڊ جي جنگي پاليسيءَ خلاف، جنگ هلندي
تقريرون ٿو ڪري، پمفليٽ ٿو لکي، جيل ٿو ڀوڳي،
پوليس وارن جا ڏنڊا ٿو کائي. خبر ٿي پوي ته جيڪو
مضممون بنا نالي اخبار ۾ لکيو اٿائين ۽ ان مضمون
لکڻ جي ڏوهه ۾ ڪي ٻيا ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، ته هو
اخبار کي خط لکي ٿو ته، ”اهو مضمون مون لکيو آهي
مون کي گرفتار ڪريو. پوليس بي ڏوهين کي گرفتار ڇو
ڪيو آهي. انهن کي ڇڏي ڏيو.“
آزاد خيال هجڻ جي ڪري. هن کي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو.
هو ڊورا بلئڪ سان رسمي شاديءَ کان سواءِ زال مڙس
وانگر رهندو هو. ان کي چين سرڪار جي دعوت تي چين
جي دوري تي به وٺي ويو. روس ۾ لينن سان ملڻ کان
پوءِ هن سندس باري ۾ رمارڪ ڏنو ته هو قدامت پسند
مارڪسي
(Orthodox Marxist) آهي. هن فلسفي، سائنس ۽ رياضيءَ تي اهي ڪتاب لکيا جيڪي هن
صديءَ ۾ آئنسٽائن کان پوءِ انهن علمن جو دنگ هئا.
”انسان دوست“
(Humanist)
تحريڪ شروع ڪئي. جنگ جي دؤران هن لکيو ته: ”جيئن
هر انگريز شريف نه آهي، تيئن هر جرمن بدمعاش ناهي.
پوءِ اسان ڇو هر جرمن سان نفرت ڪيون؟“
سندس خود نوشت سوانح دنيا جي عظيم ترين ڪتابن مان هڪ آهي. سندس
معصوميت، سچائي، انسان دوستي ۽ بي تڪلفي هن صديءَ
جو فخر آهي. جي هيءَ صدي رسيل جي ٻڌايل اصولن تي
هلي ها، ته ڪروڙين قتل نه ٿين ها.
مون پئڊنگٽن اسٽيشن کي سلام ڪيو، جتي اسان جي دؤر جي هن عظيم
ڏاهي جا قدم روز پوندا هئا.
پئڊنگٽن اسٽيشن کان اڳتي هلي منگسي هڪ معمولي چوماڙ يا پنج ماڙ
جاءِ وٽ مون کي بيهاريو ۽ هڪ ننڍي سنگمرمر جي ڪتبي
کي پڙهڻ لاءِ چيائين. مون پڙهيو: ”هن عمارت جي...
ماڙيءَ تي، سنه.... ۾، سر اليگزنڊر فليمنگ پينسلين
ايجاد ڪئي.“
منهنجو ڪنڌ عقيدت منجهان جهڪي ويو، انسانيت جو عظيم محسن
اليگزينڊر فليمنگ هن عمارت ۾ ڪم ڪندو هو. اڄ تائين
۽ اڄ کان پوءِ ابد تائين، هر نسل جي ڪروڙن ۽ ابد
تائين ايندڙ الائي ڪيترن ڪروڙ ڪروڙ ڪروڙن جون
حياتيون بچائڻ وارو اليگزينڊر فليمنگ! موتمار
بيمارين کي سهوليت سان صحيح ڪرڻ لائق بنائڻ وارو
اليگزينڊر فليمنگ!
پنهنجي ملڪ ۾ مون فليمنگ جي باري ۾ هڪ مولوي صاحب کان راءِ پڇي.
هن ٺهه ڦهه چئي ڏنو ته: ”جهنمي آهي، ڇو ته ڪلمو نه
پڙهيو اٿائين.“ سندس راءِ ۾ ڪنهن شخص انسانيت جي
بهبوديءَ لاءِ ڪيڏو به وڏو ڪم ڪيو هجي، پر
جيستائين اهو ڪلمو پڙهي مسلمان نٿو ٿئي، تيستائين
جهنمي آهي، ۽ جي ڪوئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿو ٿئي،
پوءِ کڻي افعال ڪهڙا به هجن، پر تڏهن به شفاعت جو
حقدار آهي.
ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ وارن ائڊريس ۽ ٽيليفون نمبر ورتا، ۽ چيائون ته
هو ائمسٽرڊام ۽ پئرس ۾ هوٽل جي بڪنگ ڪرائي اطلاع
ڏيندا.
منگسيءَ موڪلايو، ۽ مان پنڌ ئي پنڌ بيز واٽر روڊ گهمندو، ڪتابن
جا دڪان ڏسندو، پَب ۾ ٿڪ ڀڃندو اچي آڪسفورڊ اسٽريٽ
جي سئلفرجز پهتس، جتي قمر، ناهيد ۽ شوڪت شاپنگ
لاءِ آيل هئا.
ڪتابن جا دڪان ڏسندي، عجب لڳو ته شيڪسپيئر جي مڪمل ڪليات
(Complete works)
جا ڍڳ رعايتي قيمت
(Sale)
تي پيل هئا. هڪ دڪان تي، ريمبرانٽ ۽ ليونارڊو
ڊوانچيءَ جا ڪتاب به رعايتي سيل تي هئا. شيڪسپيئر
مون وٽ اڳ ۾ ئي آهي، باقي ڪتاب ۽ ڪجهه چيني، ترڪي
شاعريءَ جا، ۽ آمريڪي شاعرن ڊئلن ٿامس ۽ ايريڪا
جونگ جا ورتم. ڪافي ڪتاب ورتم جي ٿيلهن ۾ نه ماپيا
۽ سڄي يورپ جي سفر دؤران هوائي جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ
وقت هٿ ۾ هئا.
شيڪسپيئر جي ڪتابن ۽ ڊوانچي ۽ ريمبراٽ جي فن جي معرڪن جي ڪتابن
جو رعايتي سيل
(Sale)
۾ هجڻ سمجهه ۾ نه آيو. انگريزن جو به شايد ادب ۽
فن جو ذوق بدلجي ويو آهي، ۽ هاڻي هو جاسوسي، جنسي
۽ مارا ماريءَ وارا ڪتاب وڌيڪ ٿا پڙهن. ائين به ٿي
سگهي ٿو ته اهي ڪتاب ايتري ته گهڻي انداز ۾ ڇپجن
ٿا جو انهن جو وڪرو مشڪل ٿيو پوي، ۽ مجبوراً
رعايتي اگهن تي نيڪال ٿا ٿين.
آڪسفورڊ اسٽريٽ مان ئي ريجينٽ اسٽريٽ ٿي ڦٽي. هن اسٽريٽ ۾ ٿنڀن
۾ لڙڪندڙ سهڻيون ڪونڊيون آهن، جن ۾ سهڻا گل جهرمر
لڳايو بيٺا آهن. ان ئي اسٽريٽ ۾ رانديڪن جو وڏي ۾
وڏودڪان آهي. چار ماڙيون آهن. هن دڪان ۾ جهنجهڻن
کان وٺي ريموٽ ڪنٽرول
(Remote Control)
وارا هوائي جهاز موجود آهن. هر عمر جي ٻار لاءِ
رانديڪا، جيڪي نه فقط وندر آهن، پر تعليم پڻ. سرمد
انگل ڪيو هيو ته منهنجي لاءِ هڪ اڏامندڙ هوائي
جهاز آڻجو. اسان سرمد لاءِ هڪ هوائي جهاز ورتو.
جنهن جا پرزا الڳ الڳ هئا، ۽ انهن کي جوڙڻ
(Assemble)
ڪرڻ سان اڏامندڙ هوائي جهاز ٺهي پئي پيو.
اها شام شوڪت سان سندس هوٽل ۾ گذري. شوڪت وڏو معتبر آهي. اسان
وانگر معمولي هوٽلن تي گذارو نه ڪندو آهي، جتي به
ويندو آهي ته شان ۽ پنهنجي نالي ”شوڪت“ سان رهندو
آهي. هوٽل ڀلي مهانگي هجي، پر ڪمرو ڪشادو هجي. ان
۾ فرج به هجي، رنگين ٽي وي به هجي، بئرا به چوويهه
ڪلاڪ سڏ ڏين. پوءِ ڀلي ٽي وي نه ڏسي.
ايندڙ ڏينهن آچر هو. نه ڪم نه ڪار. ٽوئر ڪمپنيءَ جي بڪنگ جي
انتظار ۾ هئاسين. ائين ئي ٻاهر نڪتاسين. رلي رلي
منجهند ڪئي سين. هڪ هوٽل تي ميڪسيڪو جو کاڌو
کاڌوسين. اهو ائين هو، جيئن ڊڳڙيءَ کي ٻيڻو ڪري،
سوڪ ڪجي، ۽ ان جي وچ ۾ مصالحن سان چڻن جي دال وجهي
ڇڏجي.
آڪسفورڊ اسٽريٽ جو چڪر هڻي وڇي گِرين پارڪ
(Green Park)
نڪتاسين. موڪل هئڻ جي ڪري اتي ڄڻ ميلو لڳو پيو هو.
انگريز موڪل جي موڊ ۾ آرسين وانگر پيا هئا. ڪي
آرام ڪرسين تي پنڪيون کائي رهيا هئا، ته ڪن ڇٻر تي
ليٽئي ڍڪر پئي کاڌا. ڪن تاس راند پئي ڪئي ته ڪي
بيئر سِپ
(Sip)
ڪري رهيا هيا. مطلب ته فراغت جو سمو هو. انگريزن
کي نه ڪم وقت آرام جو فڪر، نه آرام وقت ڪم جي
ڳڻتي. مان ۽ قمر به ڇٻر تي ليٽي پياسين. قمر اکيون
بند ڪيون ته مون تازي ورتل
Surrealist Poetry
واري ڪتاب جو مهاڳ پڙهڻ شروع ڪيو.
شام تائين ائين وقت گذاريوسين. شام جو منگسيءَ سان پروگرام هو،
جنهن سان ٽيمس نديءَ جي ڪناري جو چڪر هنيوسين.
پرديس ۾ وطن وري وري ياد ايندو آهي. ٽيمس نديءَ جو
ڪنارو ڏسي حسرت ٿي ته سکر جي بندر روڊ، حيدرآباد ۾
ڦليليءَ جي ڪناري، يا خيرپور ۾ ميرواهه جي ٽاپ کي
جي هن طرح سينگارجي، ته ڪيڏي نه سونهن ٿئي. ذوق
ذوق جي ڳالهه آهي.
ٽيمس نديءَ جو ڪنارو گهمندي، ڪلوپيٽرا جي ٿنڀي
(Cleopetras Needle)
وٽ پهتاسن. ان تي لکيل ڪتبو پڙهيم:
”اٽڪل پندرهن سو سال ق. م، ان کي ٿوٿمس _3 کڙو ڪيو. ٻه صديون
پوءِ ان تي فرعون راميسس _2 ڪتبو لکايو.
اهو ٿنڀو مصر جي ڪنهن انگريز گورنر کي مصر جي ماڻهن ”تحفو“ ڪري
ڏنو هو، پر جنهن جهاز ۾ اهو لنڊن پئي آيو، اهو
طوفان ۾ ڦاسي ٻڏي ويو. ڪيترا سال پوءِ ان ٿنڀي کي
ڳولي، سمنڊ مان هٿ ڪري، لنڊن ۾ هن جاءِ تي نصب ڪيو
ويو. اهڙي ساڳئي قسم جا قديم مصري يادگار اسان روم
۽ پئرس جي
Place de la Concorde
(پلاس دي لا ڪنڪارڊ) ۾ ڏٺا.
انگريزن پنهنجي اوج دوران سڄيءَ دنيا جا نوادر نه فقط کسيا، پر
انهن جي حفاظت پڻ ڪئي. ٿي سگهيو پئي ته اهي نوادر
جي انگريزن جي هٿ نه چڙهن ها، ته اڄ تائين موجود
ئي نه هجن ها. انگريز ”نادان دوست“ نه هئا، هو
”دانا دشمن“ هئا.
ٻئي ڏينهن ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جي فون آئي ته سڀاڻي کان يورپ جو باقي
سفر بُڪ آهي. ڪاغذ جي چئو ته اِتي پهچايون ۽ جي
چاهيو ته اچي هتان کڻي وڃو.
ويٺي ويٺي بور پئي ٿياسين، ان ڪري ٽوئر ڪمپنيءَ جي آفيس هليا
وياسين. ڏاڍيءَ خوش مزاجيءَ سان سندن هڪ نمائندي
هڪ سائي رنگ جو پلاسٽڪ جو لفافو اسان جي حوالي
ڪيو، ۽ سمجهايائين ته ان لفافي ۾ ريل ۽ سامونڊي
جهاز جي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ۽ رزرويشن، ائمسٽرڊام ۽
پئرس جي هوٽلن جي بڪنگ جا وائوچر، ٻنهي شهرن جا
نقشا، جن ۾ ڏيکاريل هو ته زير زمين ريل يا ٽرام جي
ذريعي هوٽل تي ڪيئن پهچجي، ان کان سواءِ ائمسٽراڊم
۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٽرام جي مفت ٽڪيٽ، ۽ هيرن جي
خريداريءَ تي 5 سيڪڙو رعايت جو وائوچر، ۽
ائمسٽراڊم ۽ پئرس ۾ شراب جي هڪ هڪ گلاس مفت پيئڻ
جو وائوچر، سڀ موجود هئا.
اسان لفافو وٺي، سندس ٿورو مڃي واپس آياسين ۽ شام جو قيوم
بروهيءَ ڏي سندس دعوت تي وياسين.
قيوم بروهي لنڊن جي ڇيڙي تي ٿو رهي. ٽيوب ٽرين، وچ شهر کان اتي
پهچڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ وٺي. هو ڪاليج جي زماني جو
دوست آهي. جڏهن مان صدر (حيدرآبادر) ۾ امين ببريءَ
سان رهندو هوس ته هو سال ڏيڍ منهنجو پاڙيسري به
هو. ڊگهو، مضبوط هاٺيءَ وارو. ڪرڪيٽ جو شوقين،
ڪاليج جي زماني ۾ سياست کان نفرت ڪرڻ وارو. هئپي
گو لڪي
(Happy go lucky)
قسم جو ڇوڪرو. لطيفن ٻڌڻ ۽
ٻڌائڻ جو شوقين، ته لطيفن گهڙڻ جو به ماهر. ويٺي
ويٺي ويندو لطيفا گهڙيندو ۽ ٻڌائيندو. بروهين کي
لطيفه بازي ۽ لطيفه سازيءَ جي ڪا ڏات آهي! سندس
سوٽ ۽ منهنجو پراڻو دلبر دوست حليم بروهي (سنڌيءَ
جو مشهور مزاحيه ليکڪ) به ان هنر ۾ ماهر آهي. هو
فلسفي جو تمام سنجيده شاگرد رهي چڪو آهي، ۽ ان علم
۾ ڪافي مهارت اٿس. پر ملندو ته فلسفي تي بحث ڪرڻ
بدران لطيفا گهڙيندو ۽ ٻڌائيندو! هڪ دفعي مون کيس
چيو ته، ”تون فيلسوف مان ڦري مشڪرو ڪيئن ٿئين؟“
علي احمد بروهي (سنڌيءَ جو پراڻو مزاح نگار) به
لطيفه بازيءَ ۽ لطيفه سازيءَ جو ماهر آهي. پنج
ڏينهن گڏ هوندو، صبح کان اڌ رات تائين نوان نوان
لطيفا ٻڌائيندو. کلندو، کلائيندو، ۽ مجال آهي، جو
انهيءَ سڄي عرصي دؤران ڪو لطيفو ورجائي. موقعي،
مهل ۽ ماحول آهر نت نوان لطيفا گهڙبا رهيا. رڳو هڪ
اي. ڪي. بروهي ان فن کان محروم آهي. اها سنڌ جي
بدبختي آهي، نه ته سنڌ جي سورن ۾ ڪجهه مرڪن ۽ ٽهڪن
جو رنگ ڀرجي ها. سرمد چيو آهي:
سرمد غمِ عشق هر کس را نه دهند
ســوزِ دل پـروانه سگـس را نه دهـنـد.
بهرحال، بروهين جي خوش طبعيءَ جو مان قائل ٿي ويو آهيان.
اسٽيشن تي قيوم بروهي منتظر بيٺو هيو. لنڊن ۾ سنڌ وارا، سنڌ کان
ايندڙ دوستن لاءِ ٻاڙيا وتن. سنڌي موسيقيءَ جي
ڪئسيٽن کان وڌيڪ سندن لاءِ ڪوبه تبرڪ ڪين آهي.
قيوم بروهي وڏو قربائتو ڀاڪر پائي مليو. پنهنجي
ڪار ۾ گهر وٺي آيو. مون ڏٺو ته گذريل اوڻويهن سالن
هن جي طبيعت ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي هئي. چرچائي،
غير سنجيده، غير ذميوار قيوم _ هاڻي سنجيده،
ذميوار، ۽ اونهو ٿي لڳو. رات جو دير تائين ڳالهيون
ٿينديون رهيون. هر ملڪيءَ وانگر هن کي به پنهنجي
وطن جي حالتن جي باري ۾ ڳڻتي هئي. وطن کان پري
رهي، وطن جي اڪير ڪيتري ٿي وڌي، اهو ٻين دوستن وٽ
به اندازو ٿيو، پر قيوم بروهيءَ وٽ اها اڪير
تهانئين وڌيل لڳي. ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪنهن به
مسئلي تي بحث ڪرڻ ته ٺهيو، رڳو سوچڻ کان به ونءُ
ويندو هو، ۽ هتي پرديس ۾ جيتري دير اسان سان گڏ
هو، کيس وطن جي جهوري لڳل هئي!
آخري ٽرين تائين نه ڇڏيائين. جڏهن آخري ٽرين جو وقت ٿيو ته
اسٽيشن تي ڇڏڻ آيو. بڪنگ آفيس بند پيئي هئي. (قيوم
جو گهر لنڊن جي ڇيڙي تي آهي). قيوم چيو ته هتي
ننڍيون اسٽينشون سويل ئي بند ٿي وينديون آهن.
اوهان ڀلي ڇيڙي تي پئسا ڏجو، اهو رواج آهي
(Pay at other end).
گاڏي جڏهن آڪسفورڊ اسٽريٽ اسٽيشن تي پهتي، ۽ اسان گيٽ وٽ
پهتاسين ته ڏٺوسين ته هڪ ريلوي جو ملازم ٽيبل تي
ڍير سڪن جو لڳايو ويٺو آهي. هر ٻاهر ويندڙ مسافر
کيس پئسا ڏيندو ٿو وڃي. اسان به قطار ۾ بيٺاسين.
هن اسان کان پڇيو، ڪٿان آيا آهيو؟ مون چرچي ۾
اڳيئن اسٽيشن جو نالو ورتو. هن چيو، ”پنجويهه
پينس“. مون ٽهڪ ڏيئي کيس اصلي اسٽيشن جو نالو
ٻڌايو. هن چيو، ”هڪ پائونڊ“.
نه ٽڪيٽ اِشو ٿي، نه رسيد ٺهي، ريلوي وارن جو هر ملازم ۾
اعتماد، ۽ ملازم جو وري هر مسافر ۾ اعتماد. اعتماد
تي ته ملڪ هلندا آهن. اعتماد تي ته قومون هلنديون
آهن. اعتماد ٽٽو ته قوم ٽٽي!
پوئٽري سوسائٽي
لنڊن ۾ هڪ ”پوئٽري سوسائٽي“ آهي. ارل ڪورٽ اسڪوائر ۾ ان جي آفيس
آهي. ٽيليفون ڪري معلوم ڪيم. ان جي ميٽنگ تي پهتس.
هيٺ آفيس آهي، ۽ ان سان لڳ سندن ڪتابن جو دڪان،
جتي رڳو شاعريءَ تي ڪتاب موجود آهن.
سائيڪلواسٽائيل ٿيل، پئمفليٽ نما، غير معروف شاعرن
جي مجموعن کان وٺي مشهور شاعرن جي شاندار نموني ۾
ڇپيل مجموعن تائين. مٿي ميٽنگ لاءِ ڪمرو آهي.
داخلا لاءِ ميمبرن کي ان زماني ۾ 25 پينس، ۽ غير
ميمبرن کي 50 پينس (اڌ پائونڊ) ڏيڻا پوندا آهن. در
تي ڪئشيئر ويٺو آهي. ان کي پئسا ڏيئي، هر ڪو اندر
ويندو ٿي رهيو. ڇاجي رسيد، ڇاجي ٽڪيٽ. رڳو اعتبار
۽ اعتماد.
ان ڏينهن هڪ شاعره جو پروگرام هو، ”ائن برسفورڊ“ جو. ان شاعره
پنهنجا شعر پڙهيا. ٻڌندڙ گهڻو ڪري شاعر ۽ نقاد
هئا. بيئر جا گلاس سِپ ڪندا، ٻڌندا رهيا، ۽ آخر ۾
شاعره پنهنجي فن متعلق رايا ڏنا. |