مان ان سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيس. ان سوسائٽيءَ طرفان ٻه مخزنون
نڪرن: هڪ
Poetry
جنهن ۾ رڳو جديد شاعري ڇپجي، ۽ ٻيو
Poetry Review
جنهن ۾ شاعرن ۽ شاعريءَ متعلق مضمونن تي تنقيدون ۽
تبصرا ڇپجين. مون ٻنهي مخزنن جو چندو ڀريو. هنن
مون کي سوسائٽيءَ جو ميمبر شپ ڪارڊ ۽ پروگرام ڏنو.
پروگرام پڙهي عجب لڳو. ڪيڏا نه سنجيده آهن هي
ماڻهو پروگرام ۾! مهيني ۾ هڪ ڏينهن رڳو نون شاعرن
لاءِ آهي. ڪير به اچي شعر پڙهي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن
ڪنهن مشهور ٻاهرئين شاعر (انگلينڊ، فرانس، جرمني،
آمريڪا وغيره مان ڪٿان جو به هجي) لاءِ، ته ان جا
شعر ٻڌجن، جيئن اڄ ”ائن برسفورڊ“ لاءِ هيو. هڪ
ڏينهن لفظي ردم جي شاعريءَ لاءِ، هڪ ڏينهن عڪسي
شاعريءَ لاءِ، هڪ ڏينهن ڪنهن جڳ مشهور ڪلاسيڪي
شاعر جي شاعريءَ تي بحث لاءِ. هڪ سڄو هفتو ٻارن
جي شاعريءَ لاءِ وقف. ان ۾ روزانو ٻارن جي شاعريءَ
جو ڪونه ڪو موضوع.
اتي مون کي چيو ويو ته مان پنهنجا مجموعا سندن دڪان تي رکان، ۽
ڪنهن ڏينهن پنهنجي شاعريءَ جا ترجما پڙهان. پر اهو
سڀ ڪجهه ٻئي موقعي تي رکي کانئن موڪلايم. پوئٽري
سوسائٽيءَ جي ميٽنگ ۾ محسوس ٿيو ته اسان نه رڳو
ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ يورپ کان پٺتي آهيون، پر ادب
۽ شاعريءَ ۾ پڻ. الائي ڪڏهن اها وڇوٽي طئه
ڪنداسون، الائي اها وڇوٽي طئه ڪري به سگهنداسين يا
نه؟
ٻئي ڏينهن لنڊن ڇڏڻي هئي. هن سفرنامي لکندي لنڊن جون هڪ ٻه
ڳالهيون رهجي ويون آهن، جن مان هڪ پوئٽري
سوسائٽيءَ جي باري ۾ مٿي لکي آيو آهيان. ٻي آهي
ڪئمبرج جي پروفيسر آلچن متعلق. ان کان سواءِ هڪ
ذهن کي جنجهوڙيندڙ مشاهدو آهي. انهن کي لکڻ کان
پوءِ لنڊن ڇڏڻ جو ذڪر ڪندس.
ڊاڪٽر آلچن
پورو پنو قد ۽ بت، سهڻي ڪتريل اڇي ڏاڙهي، ۽ عمر سٺ کان
به مٿي، پر ان عمر ۾ به سمارٽ ۽
Active
. سنه 1976ع ۾ منهنجي آفيس ۾ هليو آيو. پنهنجي
واقفيت ڪرايائين: ”مان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ آثار
قديمه پڙهائيندو آهيان. هتي روهڙيءَ جي ٽڪرين تي
ڪم ڪرڻ آيو آهيان. ڇا توهان کي منهنجي تار نه
ملي؟“
مون اڻڄاڻائيءَ ۾ عجب جو اظهار ڪيو. هن سان گڏ سندس زال
هئا، جيڪا پڻ آثار قديمه جي ماهر آهي. ان کان
سواءِ هڪ ٻيو ماهر پروفيسر گائودي، ۽ هڪ شاگرد
ائبٽ ناٿ هئا. مون کين چانهه پياري، قمر سان
واقفيت ڪرائي، ۽ سندن رهائش وغيره جو بندوبست ڪيم.
ائبٽ ناٿ هڪ کٽاري پڪ اپ آندي هئي. روز صبح جو ان
۾ ڪوٽ ڏيجيءَ کان روهڙي تائين ٽڪرين ۾ رلندا هئا،
۽ شام جو ڳوڻيون پٿرن جون ڀري موٽندا هئا. ڪجهه
دير آرام ڪري، انهن مان پٿر ڪڍي، ڪتابن مان پڙهندا
ويندا هئا ۽ انهن پٿرن کي
Classify
ڪندا هئا.
ان عمر ۾، پروفيسر آلچن جوانن کان به اڳرو، ڊوڙندو
ٽڪرين تي چڙهندو ويندو هو. هنن انهن ٽڪرين ۾ اڌ لک
سال پراڻي پٿر جي دؤر جي تهذيب جي دريافت ڪئي، ۽
ان دريافت سان سنڌ جي قديم آثارن جي تاريخ کي نئون
موڙ اچي ويو.
هفتو کن هتي رهيا، محفلون ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن آلچن مون کي شعر
ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. هو اردو چڱيءَ طرح ڄاڻندو
آهي، ان ڪري ڪوشش سان سنڌي به سمجهي ويندو آهي.
منهنجو هڪ نظم ”هر ڪو ماڻهو موتي داڻو“ ڪجهه قدر
ياد ٿي ويو هوس، جيڪو قاضي مختيار ۽ نيلوفر کي به
ٻڌايو هئائين، جڏهن اهي ڪئمبرج ۾ وٽس پڙهڻ ويا
هئا.
هفتو کن خيرپور ۾ رهيا، پر ان هفتي ۾ اسان جي دوستي
پختي ٿي ويئي.
برطانيه ۾ پهچي کيس فون ڪيم. يڪدم ڪئمبرج اچڻ لاءِ چيائين. ٻئي
ڏينهن شام جو لياقت کي ساڻ کڻي، سندس ڪار ۾ ڪئمبرج
پهتاسين. ڪئمبرج، علم جو شهر، هتي مشهور انگريزي
شاعر شيلي پڙهيو، ۽ ’لامذهبيت جي ضرورت‘ پئمفليٽ
لکڻ جي ڪري هن يونيورسٽيءَ مان خارج ٿيو. هتي
علامه اقبال پڙهيو. هتي جڳ مشهور ڏاهي برٽرنڊ رسيل
پڙهايو.
هيءُ شهر ڪئم نديءَ جي ڀرسان آهي. ڪئم ۽ بِرج معنيٰ ڪئم تي پُل.
وڏا وڏا اوڪ
Oak
۽ برچ
Birch
جا وڻ، باغ، عظيم شاندار ۽ قداور تعليمي ادارن جون
عمارتون. ڊاڪٽر آلچن ۽ سندس زال، مقرر ڪيل هنڌ تي،
نيونهام ڪاليج جي در وٽ اسان جي انتظار ۾ بيٺا
هئا.
وڏي قرب سان ڀاڪر پائي، آلچن مون سان مليو. جڏهن کيس ٻڌايم ته
اڄ رات جو ئي موٽي وڃڻو آهيان ته هو ڏاڍو مايوس
ٿيو، ۽ قربائتيءَ ڪاوڙ مان چيائين ته: توکي گهٽ ۾
گهٽ ٽي ڏينهن ڪئمبرج لاءِ رکڻا هئا، جيئن تون هتي
ڪتابن جا دڪان، ۽ تعليمي ادارا ڏسي سگهين ها.
هن پنهنجي ڪار ۾ مون کي ۽ لياقت کي کنيو، ۽ ڪئمبرج شهر جو سير
ڪرايو. هي ٽرنٽي ڪاليج آهي. هيءَ ڪئمبرج
يونيورسٽيءَ جي لائبرري آهي. عجب ۾ منهنجو وات
ڦاٽي ويو. سنگمرمر جي خوبصورت گهڻ ماڙ عمارت! آلچن
چيو ته: ان لائبرريءَ کي تفصيل سان ڏسڻ گهرجي. جي
تو وٽ ان لاءِ وقت هجي ها ته ڏاڍو خوش ٿين ها. ڪئم
نديءَ جي خوبصوري ڪنارن کي ڏيکاري، واپس
يونيورسٽيءَ آيو، ۽ چيائين، ”اڄ اسان جي 400 (چئن
صدين) کان هلندڙ روايتي سالياني ڊنر آهي. مون توکي
ان ۾ خاص مهمان ڪري سڏايو آهي، ان ۾ ضرور شامل ٿي.
لياقت کي صبح جو سويل ڊيوٽيءَ تي وڃڻو هو، ان کي
راضي ڪيم ته ان ڊنر ۾ ضرور هلجي.
منهنجا وڏا ڀاڳ هئا، جو جديد دنيا جي اهم ترين علمي مرڪزن مان
هڪ جي ان روايتي تقريب ۾ دعوت ملي هئي. پهرين
لائونج ۾ شيريءَ تي بيٺي بيٺي واقفيت ٿي. آلچن هر
ڪنهن سان منهنجي واقفيت سنڌيءَ جي وڏي شاعر جي
حيثيت ۾ ڪرائي. اسان مشرقي، خاص ڪري سنڌي، محجوب ۽
لڄارا! جيئن آلچن منهنجي تعريف ڪري، تيئن مان شرم
ٻوٽيءَ جان ڪومائبو وڃان. يونيورسٽيءَ جووائيس
چانسلر، پنهنجي روايتي شاندار لباس ۾، روب ۽ گائون
سان، مختلف فئڪلٽين جا ڊين. هڪ هڪ سان تعارف ٿيو.
جڏهن ڊنر لاءِ هال ۾ آياسين ته مون کي سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر جي
شان جي ياد اچي ويئي. سهڻيون سينگاريل ميزون. خوش
پوشاڪ، خوش ذوق، باادب بئرا. هر ڪورس کان پوءِ
چمچا، ڪانٽا ۽ پليٽون ۽ گلاس مٽائين. آرام سان،
آهستي آهستي، ڌيرج ۽ اطمينان سان. کاڌو پيتو به
هلي ته هلڪي آواز ۾ ڳالهيون به هلن. اها رات
منهنجي زندگيءَ جي اهم ترين رات هئي. دنيا جي وڏي
۾ وڏا اڪابر، عالم، ڏاها، منهنجي آڏو هئا، مون کي
ويجهو هئا.
آلچن اُٿي رٿ ڏني ته مان پنهنجا شعر پڙهان. روايتي محجوبي
طبيعت! اها ويل وهي ويئي، مون شرم کان ڳاڙهو ٿي
انڪار ڪيو. ۽ ’ٻئي دفعي‘ شعر پڙهڻ جو وعدو ڪري جان
ڇڏايم. (اهو ’ٻيو دفعو‘ الائي ڪڏهن اچي الائي اچي
به يا نه؟)
هڪ تاريخ جي پروفيسر مون کي چيو، ”عربن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو
ڪهڙو جواز هو؟“
مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اهڙيءَ محفل ۾ ترش ٿيندي چيو، ”ساڳيو
ئي، جيڪو انگريزن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ هيو.“
ان تي وڏا ٽهڪ لڳا ۽ تاريخ جو پروفيسر خاموش ٿي ويو. منهنجي آڏو
ٻه نوجوان، حسين، خوش پوش ۽ خوش مزاج شاگردياڻيون
ويٺيون هيون. هڪ پاسي ڊاڪٽر آلچن هو، ته ٻئي پاسي
لياقت.
اها يادگار محفل رات جي ڏيڍ وڳي تائين جاري رهي. مشروب ۽ کاڌا
انگريزي روايتن موجب بدلبا رهيا. موضوع بدلبا
رهيا: ڪڏهن سنجيده، علمي ۽ ادبي ته ڪڏهن هلڪا،
معمولي، ۽ مزاحيه. ڪڏهن موسم جو ذڪر، ته ڪڏهن سر
چارلس نيپيئر جو. ڪڏهن هلڪو چرچو، ته ڪڏهن ٽينءَ
عظيم جنگ جي امڪانن جو.
آخر ۾ Nuts
آيا، ۽ پوءِ تازو ميوو. آلچن مون کي هڪ هڪ نٽ
(Nut)
سان واقفيت ڪرائي. هيءُ هئزل نٽ آهي، هيءُ چيسٽ نٽ
آهي...!
آلچن جي محبت، ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي شان ۽ دٻدٻي واري روايتي
ماحول ۽ پروفيسرن ۽ شاگردن جي خوش خلقيءَ ۽ علمي
مايي کان متاثر ٿي، رات جو ڏيڍ وڳي لياقت سان واپس
ٿيس.
صبوح جو سويل ٽئڪسي گهرائي، سامان رکائي، بنا نيرن جي لورپول
اسٽريٽ اسٽيشن تي پهتاسين، جتان ريل ائمسٽراڊم
وڃڻي هئي. اسٽيشن تي گاڏيءَ ۾ سيٽون ڳولي ويهي
رهياسين. گاڏيءَ ۾ گهڻو ڪري ائمسٽرڊام ويندڙ
ٽوئرسٽ، سائيڪلين ۽ پٺيءَ سان ٻڌل بستري ۽ بئگ سان
هئا. ان طرح ائمسٽرڊام ۾ هو سواريءَ جا محتاج نه
رهندا، ۽ سائيڪلين تي ائمسٽرڊام گهمي موڪلون
ملهائيندا.
گاڏيءَ لنڊن ڇڏيو ته اسان لنڊن کي
Au Revior
چئي موڪلايو.
Au Revior معنيٰ وري ڏسڻ لاءِ. فرينچ هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت ايئن چون _
يعني وري هڪ ٻئي کي ڏسبو، وري هڪ ٻئي سان ملبو.
(پوءِ کڻي جنمن لاءِ وڇڙندا هجن). ڪيڏي نه مثبت
سوچ آهي فرينچن جي، بلڪل اهڙيءَ طرح اسان سنڌي، هڪ
ٻئي کان ڌار ٿيڻ وقت چئون ’سدائين گڏ‘. هتي مون کي
گيتا جو اهو شلوڪ ٿو ياد اچي، جيڪوٽي. ايس. ايليٽ
پڻ حوالي طور ڪتب آندو آهي: ”ڪرشن ارجن کي جنگ جي
ميدان ۾ چيو، ”موڪلاڻي ڪانهي، اڳتي وڌندو هل.‘“
گاڏي هلي ته قمر کي نيرن جي ضرورت ٿي. مون ته نيرن الطاف جي وڃڻ
واري ڏينهن کان ڇڏي ڏني آهي، پر قمر لاءِ نيرن جو
بندوبست ضروري هو. گاڏيءَ لنڊن ڇڏيو ته مان سڄيءَ
گاڏيءَ جو چڪر هڻي آيس، پر ڪٿي به ڊائنگڪار جهڙيءَ
شيءِ جو نشان نه مليو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڇو
ته هيءَ گاڏي سِڌي آهي، ٿوري ئي وقت ۾ هاروچ
پهچندي، ان ڪري ان ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪونهي.
مون قمر وٽ اچي شمشير جا لفظ دهرايا، جيڪي هن جو
تڪيو ڪلام آهن: ”ڪو بندوبست نه آهي.“
گاڏي هاروچ اسٽيشن تي پهتي. بغل _ ٿيلهي ۾ اڃا اسان ٻنهي جون
برساتيون هيون، جيڪي ڪراچيءَ کان اسان جي ڪلهن تي
لڙڪيل هيون. اهو بار اِن آس تي کنيو پئي آياسين ته
مينهن وسندو، ۽ ڪڏهن ته برساتين پائڻ جو ’عيش‘
ڪنداسين، پر روم، ڪئپري، سورئينتو، لنڊن، ليسٽر،
برمنگهام، ڪنگس لين_ ڪٿي به انهن کي ’واپرائڻ‘ جو
موقعو نه مليو. ان ڪري مون ۽ قمر تنگ ٿي، صلاح
ڪري، برساتيون ڪڍي، ريل گاڏيءَ ۾ ئي ڦِٽيون ڪيون،
جيئن ڪجهه بار ڍرو ٿئي، ڇو ته قمر جي شاپنگ سببان
هاڻي بار کڻڻ کان وڌيڪ ٿي ويو هو.
هاروچ اسٽيشن تان سامونڊي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جنهن ۾ اسان جي فرسٽ
ڪلاس جي بڪنگ هئي. ريل مان سامان لهرائي، ٽراليءَ
تي رکي، پورٽر جي حوالي ڪري، قمر مون کي چيو ته
”مان سامان سان وڃان ٿي، تون اسٽيشن جي ڪيفي تان
ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي آءُ.“
هاروچ جي اسٽيشن تي ڪيفي ته هئي، پر ويران (ان ويرانيءَ جو سبب
پوءِ معلوم ٿيو). اتي کاڌي پيتي جو سڀ بندوبست هو،
مون سئنڊوچ ورتا ۽ تڪڙو ٻاهر آيس. جهاز ويندي
اوچتو ڏٺم ته سامهون اميگريشن ڪائونٽر آهي، ۽ اتي
قمر پريشان بيٺي آهي. مون سمجهيو ته سندس پريشاني
سندس بُک جي سببان آهي، چيو مانس، ”فڪر نه ڪر، تو
لاءِ ڪافي سئنڊوچ آندا اٿم.“ هن چيو، ”هي پاسپورٽ
ٿا گهرن. پاسپورٽ وارو پرس ته پورٽر ٽراليءَ ۾ کڻي
جهاز تي چاڙهي ڇڏيو آهي.“
ڪائونٽر وارو همراهه اسان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. مون ٽوئرسٽ
ڪمپنيءَ طرفان سائي لفافي ۾ پيل مواد پوريءَ ريت
نه پڙهيو هو، جو معلوم ٿئي ته هاروچ وٽ بارڊر هو.
ريل جي پهچڻ ۽ سامونڊي جهاز جي ڇٽڻ ۾ ڪو ڏهن
پندرهن منٽن جو وقفو هو. بهرحال، ڪائونٽر وارو ان
ڳالهه تي راضي ٿيو، ته مان يرغمال طور وٽس بيهان،
۽ قمر ڊوڙندي، جهاز مان پاسپورٽ کڻي اچي.
قمر وٺي ڊڪ ڀري. قمر جي وڃڻ کان پوءِ هن پڇيو.
”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”ائمسٽرڊام،“ مون چيو.
”اتان پوءِ؟“ هن پڇيو.
”پئرس.“ مون وراڻيون.
”۽ ان کان پوءِ؟“
”اٿينس.“
”اتان موٽي هتي ايندؤ؟“
”نه نه.“ مون چيو، ”واپس پنهنجي ملڪ وينداسين، پاڪستان.“
هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”ته پوءِ پاسپورٽ جي ضرورت ناهي. تون وڃي
سگهين ٿو.“
مون به وٺي ڊُڪ ڀري. ڏسان ته سامهون قمر پاسپورٽ هٿ ۾ کنيو،
مينهن واچ ڪندي پيئي اچي. مون پري کان ئي رڙ ڪري
چيس ته، ”پاسپورٽ کان سواءِ ئي ڪم ٿي ويو. موٽ ته
جهاز نه ڇٽي وڃي.“
ٻيئي ڄڻا ڊڪندا ۽ سهڪندا اچي جهاز ۾ چڙهياسين. جهاز به ڄڻ اسان
جو منتظر هو. اسان پير رکيو، ته جهاز جي ڏاڪڻ
نڪتي، جهاز چُرڻ شروع ڪيو.
جهاز وارن چيو،. ”اوهين ڪريو ڇا ٿا؟ آهيو ڪٿي؟ اسان جو جهاز
اوهان جي ڪري ليٽ ٿيو آهي!“
اسان ڏاڍا شرمندا ٿياسين، ۽ هنن کان معافي ورتي سين.
جهاز هلڻ وقت ياد آيو ته برطانيه جي بارڊر ڇڏڻ وقت اسان کي انهن
سڀني رسيدن تي ڪسٽم وارن کان ٺپو هڻائڻو هو، جيڪي
شاپنگ وقت مليون هيون. ان ٺپي لڳڻ ڪري اسان کي
انگريز سرڪار کي ڏنل ٽئڪس واپس ملي ها. (انگلنڊ ۾
ڌارين تي ٽئڪس معاف آهي. دڪاندار ٽئڪس وٺي رسيد
ڏين، جيڪا ملڪ ڇڏڻ وقت ڪسٽم جي ٺپي لڳڻ سان واپس
ملي.)
قمر کي ڏاڍو ڏک ٿيو، مون کي به افسوس ٿيو ته، پر قمر کي چيم،
”فڪر نه ڪر. اهي رسيدون سنڀالي رکنداسين. ٻئي دفعي
هتي آياسين ته انگريز سرڪار کان حساب وٺنداسين.
هونءَ به انگريز سرڪار بي ايمان نه آهي. ضرور اهي
پئسا موٽائي ڏيندي.“
۽ پوءِ اهو هزارن جي نقصان جو غم وساري، جهاز کي ڏسڻ شروع
ڪيوسين.
جهاز ته نه هيو، ڄڻ ترندڙ محل هو. آرام ده لائونج، آرادم ده
سينگاريل ڪيفي، هر سهوليت واريون ڪئبنون. لائونج ۾
رنگين ٽي _ وي. ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ اسان کي فرسٽ ڪلاس
جي ٽڪيٽ ڏياري هئي. عيش ٿي ويو.
جهاز ۾ بئنڪ به هئي، جتان هالنڊ جو سڪو ’گلڊن‘ ورتوسين، ۽ پوءِ
مٿينءَ ماڙ تي ڪيفي ۾ وياسين. ڏٺوسين ته ٽوئرسٽ
بيئر جا گجيءَ سان ڀريل گلاس کڻي اڃا به مٿي ڇت تي
چڙهندا وڃن. اسان به ڇت تي چڙهي وياسين. مٿي نيري
آسمان جا اڇا ڪڪر، هيٺ نيري ماٺي سمنڊ جي سطح تي
ترندڙ جهاز. جهاز جي ڇت تي گورا ۽ گوريون، قميصون
لاهي، اُس جهٽڻ لاءِ ليٽيا پيا هئا. اسان به
گهڙيءَ پل ليٽي پياسين، پر بنا قميصن لاهڻ جي.
جهاز ’هُڪ آف هالنڊ‘
(Hook of Holland) تي لنگر هنيو ته اسان سامان کڻڻ شروع ڪيو.
قمر جي شاپنگ ائڊوينچر سبب سامان کڻڻ کان مٿي هيو.
ٻه ٽي ڦيرا ته واهه جا ٿين ها، پر مسافر، جن کي
هلڪو سامان هيو، انهن اسان جي هڪ هڪ بئگ کنئي.
اسان تڪلف طور گهڻو منع ڪين: ”اوهان تڪليف نه
ڪريو: اسان پاڻهي کڻنداسين،“ پر هنن هڪ به نه ٻڌي،
چيائون ”اسان هونءَ ئي خالي ٿا وڃون. جي اوهان جي
مدد ڪئي سين ته لهي وينداسين ڇا؟“
منهنجا طاق لڳي ويا. هيءُ گورا، اسان ڪارن جي مدد ايڏيءَ
فراخدليءَ ۽ خلوص سان ڪن؟ اتي مون کي پنهنجي وطن
جا افعال ياد آيا، جتي ”هلال پاڪستان ۾“ سعديءَ جو
ڪالم ’ٺڳيءَ جا ٺاهه‘ اڃا تائين پيو هلي. قمر کي
چيم، ”پنهنجو ملڪ هجي ها ته هي بئگون ئي گم هجن
ها.“ هُڪ آف هالنڊ تي ڪسٽم وارو ڏاڍو کلمک هو. منٽ
۾ واندو ڪيائين. پوءِ اسٽيشن تي بيٺل گاڏيءَ ۾
چڙهي پياسين، جيڪا ائمسٽراڊم وڃڻي هئي.
گاڏو سڄو خالي هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ نوجوان
ڊچ ڇوڪري گاڏي ۾ چڙهي. مرڪي کيڪاريائين ۽ پنهنجي
واقفيت ڪرايائين. سڄو وقت وڻندڙ ڳالهين سان
وندرائيندي رهي. انگريز ۽ ڊچ جو فرق سرحد ٽپندي ئي
معلوم ٿيو. انگريز
Reserve آهن. ريل ۾
ٻه انگريز ويٺل هوندا ته ٻيئي يا اخبار ۾ منهن
وجهي وهندا، يا دريءَ مان ٻاهر پيا نهاريندا، هڪ
ٻئي ڏي ڏسندا به ڪونه. ايستائين هڪ ٻئي سان نه
ڳالهائيندا، جيستائين رسمي طور تعارف نه ٿئين. ان
جي برعڪس ڊچ وڌيڪ ملنسار ۽ قربائتا آهن. |