سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :26

هن مجموعي ۾ تنوير جا گيت ۽ ڪي نظم به شامل آهن، جن جا رنگ روپ غزل جي انداز کان الڳ هوندي به زندگيءَ جي پيار ۽ انسانيت جي دک درد سان سنمک ٿيندا اچن ٿا:

ڪونه ٻڌائي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون،

هوريان ڏاڍيان رڙهندي رڙهندي،

ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي.

ڳولهي لهبي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون

اهڙي طرح سندس نظم ”جوڳي“ جو هڪ بند آهي:

مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو.
زهريلن جي زور کي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو.
جنکان حياتي هانو ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو.
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.

وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاڄ ملائڻ چاهيان ٿو.
تو جان مان او جوڳي! من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو.
تنهنجو من ڀي روڳي آهي، منهنجو من ڀي روڳي.

 

او مرليءَ وارا جوڳي!

تنوير جي اڄوڪي شاعريءَ کي ڏسندي سندس ابتدائي شاعريءَ جي مختلف تجربن جو احساس ٿئي ٿو، جنهن جي روشنيءَ ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي شروعاتي دور ۾ جيڪي ٻوٽا پوکيا تن جي سرهاڻ مارئي ۽ ملير جي چارن ۽ ويچارن ۾ سدائين سچ ۽ سونهن جي ساڃاهه جا سوجهرا اپائيندي رهندي _ نياز همايوني (1979ع)


 

الياس عشقي

 

”سُر تنوير اياز“

 

موت آهي ڇا راز، ڪيڏانهن ٿا پيارا وڃن،
سر تنوير اياز، عشقيءَ لڙڪن سان لکيو.

 

ڪلهي پاءِ ڪماچ، ٻيجل هُئين اياز تون،
هو تنوير ڏياچ، جنهن تَنُ سنڌڙيءَ کي ڏنو.

 

سنڌڙيءَ جا ڳڻ ڳائڻا، ويا ڏوراهين پنڌ،
منزل ڪهڙي هنڌ، هوندي حبيبن جي!

 

هُئي تنهنجي تقدير، رهندين سدا حيات تون،
رهندو امر تنوير، جيسين آهي سنڌڙي.

 

سنڌڙي ۽ اياز، ٻئي نالا ٿيا هيڪڙا،
تنهنجو هڪ آواز، آهي ساري سنڌ جو.

 

سانڍي رکجي ساهه سان، ياد سدا تنوير جي،
گذريو اهڙي راهه تان، ويندو ڪهڙي پار ڏي.

جيسين هيا جيئرا، هئا ٻئي همراهه،
ٻنهي کي هو شاهه، پيارو جند ۽ جان کان.

ڪنهن سان اڄ مان اوريان، پنهنجي دل جوحال
هنجون پيو هاريان، روز ٻنهي يارن لاءِ.
تنوير ۽ اياز، پنهنجن قلمن سان وڙهيا،
پوءِ سوڀارا ٿيا، ڏاڍن جي سڀ ڏاڍ تي.
 

ويرين تي ڪيئون وار، ڌرتي لئه هر دور ۾،
يارن جا هئا يار، پريت نڀائيندا رهيا.

شيخ ۽ ساهيوال، گڏ ڪيئن هڪٻئي سان ٿيا،
ڪندي تاريخ سوال، ملندي ماٺ جواب ۾.

موتي هو تنوير، دنيا ۾ انمول،
ان جا مٺڙا ٻول، ورجائيندو وقت پيو.

لکندا رهندا باب، سنڌڙي تنهنجي ڪتاب جا،
پورو ٿيندو خواب، شاعر شيخ اياز جو.

ملايو هو راز
*، تنوير ۽ اياز سان،
اڄ منهنجو آواز، ٽيئي ٻُڌن ڪونه ٿا.

هنجون هاري ٿو لکان، اڄ مان ”سُر تنوير“،
هر اکر هڪ تير، منهنجي دل ۾ ٿو لڳي!

هليا ويا ٻئي يار، منهن موڙي سنسار مان،
ڪندو ڪير شمار، دل ۾ ڦٽ فراق جا.

لکي آخري باب، تنوير ۽ اياز ويا،
ٿي ويو ختم ڪتاب، نالو رهندو رب جو.

 

رهندو نالو رب جو، يار ويا ٻئي پار،
ويٺو ڪريان شمار، عشقي ڏينهن فراق جا.

پنهنجي تن جو دان، ڏيئي پاڻ هليو ويو،
اڄ تنوير سمان، ڪونه آهي ڏاتار ٻيو.

مرڻو ناه اياز، ڳايو آ جنهن سنڌ کي،
امر هي آواز، وسندو دلين ۾ سدا.

سامي سچل شاهه، شاعر ٽئي عظيم هئا،
هليا تن جي راهه، تنوير ۽ اياز ٻئي.

هڪڙو جان ته ٻيو جگر، ڪنهن کي چوان وڌيڪ،
ڪهڙي پايان ليڪ، جان جگر جي وچ ۾.

اڄ آديسين سڪ ۾، طالب لهن سار،
دل ۾ فڪر فراق جو، آهي پرين پچار،
تن ۾ آه تنوار، لاهوتي لڏي ويا.

آديسي اوطاق ۾، باهه نه اڄ ٻارين،
من ۾ موهه مدام جو، سانگي سڀ سارين،
تن من تنوارين، موٽڻ آهي ميهڻو.

يارو! اڄ تنوير ڪنهن سان نه ٿو ڳالهائي،
اچي نه ڪنهن کي ڏسي، کِلي نه ڀاڪر پائي،
ٻُڌي نه حال ٻڌائي، ڪهڙي ماٺ لڳي وئي.
يارو! اڄ اياز، جو يارن جو يار هو،
جنهنکي سڀ سان پيار هو، وائي ڪونه ٻڌائي،
جنهن جو من بيدار هو، آهي ڪهڙي ننڊ ۾؟

ٻئي هئا حيات، ٻئي گڏجي هليا ويا،
ٻنهين من ۾ موهه هو، تن ۾ ٻنهين جي تات،
ٻئي ڪن نه بات، يار گڏيا وڃي پاڻ ۾.

هڪ ته مٺو منٺار هو، ٻيو هو ماکيءَ ميٺ،
ٻنهي دوستن نيٺ، روئيندي يارن کي ڇڏيو.

آهي دلين جي قرب جو، نه ڪو حد حساب،
گڏجي ٻنهين گهاريو، عشقي سڀ شباب،
اڄ آهي ڄڻ خواب، گذريل ساري زندگي.

روشن رهندي لاٽ، سدا ٻنهي جي شعر جي،
اوچو ڪري ويا ڳاٽ، هو ڌرتي جي مان جو.
هڪ جو نئون انداز هو ٻئي جو شعر اعجاز.

ڪندي ٻنهيءَ تي ناز، عشقي سنڌي شاعري،
نئين ڏئي ويو ريت، سنڌي بيت ۽ وائي کي،
سدا اياز جا گيت، ڳائيندا سڀ سنڌ ۾.

مون کي ڪو به نظير، هن جو لڳي نه سنڌ ۾،
پيڪر هو تنوير، سنڌڙيءَ جي تهذيب جو.

رهڻي ڪهڻي سنڌ جي هن جو هو مزاج،
هو سڀ ريت رواج سدا نڀائيندو رهيو.

منهن مان نهٺائي هئي، مغرورن سان غرور،
بدخصلت کان ڏور، سدا شيخ اياز هو.
هيو ٻنهي جي خيال ۾،. هڪ سندر سنسار،
انسانن سان پيار، هو تنوير اياز کي.

مون سان پنهنجا پور، سليندو هو تنوير اچي،
محبت جا مذڪور، هاڻي مان ڪنهن سان ڪيان.

 

هو ڪو اهڙو وقت جو، ويهي صبح شام،
لطيف جو ڪلام، پڙهندا هئاسين پاڻ ۾.

ڪنهن ڪنهن ڏينهن اياز جي، ڏسي شعر جو ڍنگ
دل ۾ نئون امنگ، جاڳندو هو اوچتو.

 

ٻُڌن نه منهنجي پڪار، اهڙي ماٺ لڳي وئي،
آئي ويل وڃڻ جي، ته ٻئي ويا پورب پار،
آخر جو ديدار، منهنجي نه هو نصيب ۾.

اتي وڃڻو آ سدا، رستو ڪونهي موٽ جو،
پنهنجي نيڪ عمل جو، پنهنجي من جي کوٽ جو،
ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ جو، آخر آهي آسرو.

آخر آهي آسرو، رک اُميد الله ۾،
هادي آهي نه راهبر، ڪير نه ملندو راهه ۾.
پنهنجي ڏوهه گناهه ۾، پنهنجو پاڻ حساب آ.

پنهنجي حقيقت پاڻ هئا، پنهنجو پاڻ خيال،
رکجي رب جو آسرو، ڪهڙو به هجي حال،
آهي دلين جو حال، مالڪ کي معلوم سڀ.

ڪاڏي ويا ڪاپڙي، ڪهه ڄاڻان سي ڪير!
ڪنهن کي خبر آ ڪيترو، راهن سندو ڦير،
ٿيندي دير سوير، پهچي ويندا خير سان.

 

اوجهڙ ٿي اوطاق، راهه ڇڏي ويو ناٿ،
اهڙي منزل ڏي ويا، ڪوبه نه هوندو ساٿ،
وڃبو خالي هاٿ، منزل آهي ڏک جي.

 

وعدو ڪو انجام، ڪجهه ته ڏيوها آسرو،
حاضر يار تمام، رهن ڪهڙي آس ۾.

ڪجهه ته ڏيو ها آسرو ڪڏهن ٿيندي ديد،
وعدو ڪونه وعيد، رُسي وڃو ٿا ايترو.

سُر ”تنوير اياز“ جو، آخر ٿيو تمام،
ٻنهي کي آهي ادب سان عشقيءَ جو سلام،
رهي رب جو نام، منزل ساڳي سڀ جي.

 

وائي

ڪاري رات ڪُهنگ!

الوميان، ڪونه ڏسي ڪو رنگ.

ڏوراهين هن ڏيهه ۾، ڇا ناموس ۽ ننگ،
وقت ته پيارا گذري ويندو، رهڻو آهي امنگ،
پنڌ اڙانگو اهڙو ايندو، هوندين تون دل تنگ،
پاڇو ڪاريءَ رات ۾، ويندو ناهي سنگ،
ڪاري رات ڪُهنگ،الوميان،ڪونه ڏسي ڪورنگ.

 

تاجل بيوس

اڄ پنهنجي اسان هئڻ جو انڪار ڪيون ٿا،
تڏهين ته او، ”تنوير“! توسان پيار ڪيون ٿا.

 

ڄڻ شعر لڳي پنهنجو ٿو ڪنهن سڏ جو پڙاڏو،
هر فرد سان ان ڳالهه جو اقرار ڪيون ٿا.

ڪيلاش وڃڻ لاءِ ڀلا وقت ڪٿي آ،
سنڌوءَ جو سکر پُل تان ئي ديدار ڪيون ٿا.

هر ماڻهو اسان لاءِ اڃان ماڻهو ته آهي،
هر ماڻهوءَ تي تڏهن ته اعتبار ڪيون ٿا.

 

مقصود گل

حاميءَ جي خيرپور کي تنوير تو اجاريو،
علم و ادب جو وهوا ڏيئو هتي تو ٻاريو،
هيئن اوچتو رُسي وئين،ڪيڏو ڪلور ٿي ويو،
حالي ته ٿي ويو آ هِت چو طرف انڌارو.

 

او تنوير! تنهنجي وڇوڙي جي وڍ کي،
حواسن سان سمجهڻ ڏکيو مرحلو آ،
جي احساس وارو ڪو سمجهي ته سمجهي،
سَــٺو جــن انـهـن جــو وڏو حــوصــلــو آ.

 

وڇوڙي وڍ ٿو پڇين، پيار وارو!
اهــي وار انــدر کــي گــهــائي وجهن ٿـــا،
لکڻ لئه لکان پر لکڻ ئي نٿا ڏين،
وهـــي نير ڪـــاغــذ ڀـــڄـــائــــي وجـــهن ٿــــــا.
 

وائي

منزل ڏور ۽ پنڌ پراهون،

وڃڻو پورب پار،

راهه ۾ خطرا ايندا پيارا، ڪوبه نه لهندو سار،
همت رکجان راهه ۾ ايندا، آخر سؤ آزار،
پير اگهاڙي هلڻو پوندو، راهه ۾ هوندا خار،
يا ڪو دريا سهڻي وارو، هوندو وچ منجهدار،
منزل ڏور ۽ پنڌ پراهون، وڃڻو پورب پار.

 

مختيار گهمرو

آهه اکين ۾ آب،

توکي ساري سڪ مان،

”رڳون ٿيون رباب“.

                        سج تريءَ هيٺ

                        لڪندو ناهي او پرين!

                        ظاهر ٿيندو نيٺ.

”منهن تنين مشعل“،

جن جي ساڃهه سچ سان،

سيئي مرد اٽل.

                        روئن ٿا تنوير!

                        ”شعر“ ”غزل“ تولئه پرين،

                        هاري رت جا نير.

تنهنجي آهه سڃاڻ،

”شاهه لطيف جي شاعري“،

الفت جا اهڃاڻ،

                        ”ڏوري ڏوري ڏيهه“،

                        ڏور هليو وئين سنڌ کان،

                        سارئي ٿو ساڻيهه.

ٽيڙو اُڀا ٽيئي،

ڪلا، ڪويءَ جي اڳيان،

ڪن سجدو سڀئي.


 


* مرهيات شيخ عبدالرزاق ”راز“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com