سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :14

        حلاج جو نالو حسين هو. منصور جو پٽ هو. اصل ايراني هو. چون ٿا ته سندس ڏاڏو، پڙڏاڏو آتشت پرست هئا. پاڻ عيسوي سن 858 ۾، ايران ۾، ايران جي فارسي پرڳڻي ۾ ’طور‘ نالي هڪ وسنديءَ ۾ پيدا ٿيو، جتي عربي زبان ۽ ڪلچر جو وڏو اثر هو. کيس عربي زبان تي عبور حاصل ٿيو. طور جو علائقو ڪپڙي اُڻڻ لاءِ مشهور هو، سو سندس خاندان جو ذريعه معاش به اهو ئي هو. انهيءَ ئي نسبت سان پاڻ ’حلاج‘ مشهور ٿيو.

حلاج، ننڍپڻ ۾، غالباً، ٻارهن ورهين جي عمر ۾ قرآن ڪريم ياد ڪيو. وڏو ٿيو ته پاڻ سڃاڻ واري سوال سندس ذهن ۾ ڪَرُ کنيو. قرآن ڪريم جي مختلف سورتن ۾ اندروني معنيٰ ڳولڻ لڳو. ”قاب قوسين او ادنيٰ“ واري آيت سندس اکين ۾ چمڪَ ۽ من ۾ مؤج آندي. اڳتي هلي، مسلڪ جي لحاظ کان تصوف جي ’سهل التستري‘ مڪتبه فڪر سان وابسته ٿيو.

بغداد ۾، مشهور صوفي، جنيد سان ميل ملاقات لاءِ ويو ۽ چڱو عرصو ساڻس گڏ گذاريائين. پر، جنيد بغداديءَ جي منع جي باوجود هڪ اهڙي خاندان مان شادي ڪيائين، جو مٿس ’غالي شيعي‘ هئڻ جو الزام لڳو. ’تاريخ فلسفه اسلام‘ جي مصنف، محمد شريف لاهوريءَ ان باري ۾ لکيو آهي ته ”اهو الزام غلط هو. حلاج سڄي عمر سني عقيدي جو رهيو.“ حقيقت جيئن به هجي، اصل ڳالهه اها آهي ته حلاج انهيءَ مٽيءَ مائٽيءَ ڪري، شيعا، _ سني اختلاف جو شڪار ٿيو. تن ڏينهن ۾،’عباسي خلافت‘ جا وڏي ۾ وڏا سياسي مخالفَ اهلِ تشيعت هوندا هئا، سو، حلاج بغداد سرڪار جي عتاب هيٺ آيو. هو انهيءَ سياسي چَڪَرَ ۽ ذهني عذابَ مان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ حج تي هليو ويو. سڄو سال حرم شريف ۾ اعتڪاف ۾ گذاريائين. اتان موٽي خزستان آيو، ته صوفيانه پوشاڪ لاهي، عام ماڻهن جو لباس پاتائين ۽ منجهن پيار جو پرچار ڪرڻ لڳو ته:

”هرڪو پاڻ ۾ پرين ڳولي.*

بلاشبه، ’پيار جو پرچار‘ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو ڪارگر نسخو آهي، بشرطيڪه اهو مؤثر ثابت ٿئي. پر هِتِ ٿيو ائين ته شيعا، سني ۽ ٻيون سڀ مکيه جماعتون حلاج جون مخالف ٿي ويون. ’معتزله‘ فرقي وارن ته کيس ’دوکيباز‘ڪوٺيو، ۽ خَلقَ کي ڀڙڪايو. پر، پيار جي پرچار دوران، ڪيترا ماڻهو حلاج جا مداح ۽ معتقد به ٿيا هئا. سو، هو اهڙن چئن سون مريدن ۽ معتقدن سان گڏجي، وري حج تي هليو ويو. اتان موٽيو، ته هندستان ۽ ترڪستان جي سير تي هليو ويو، جتي هندو _ مت، ٻڌ _ مت ۽ ماني _ مت جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيائين. ان کان پوءِ ٽيون حج به ڪيائين.

ماڻهو عمر جي انهيءَ حصي ۾ پهچندي پهچندي ٿڌو ٿي ويندو آهي. پر، حلاج مستيءَ جي ڪيفيت ۾ هيڪاري وڌيڪ مبتلا ٿي ويو. گهر ۾ ڪعبي جو نمونو ٺاهيائين، جنهن ۾ عبادت ڪندو هو. رات جو قبرن ۽ مزارن تي ويندو هو. ڏينهن جو بازارن ۾ وڏي واڪي اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جي ٻڌي، ماڻهو ڇرڪي ويندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾، المنصور مسجد ۾، شبليءَ جي اڳيان ’اناالحق‘ جو گفتو زبان تي آندائين.

سندس انهيءَ قول فعل، عام ماڻهن ۾ ڏاڍو چوٻول پيدا ڪيو. بغداد ۾ سياسي اقتدار جي ڪشمڪش عروج تي هئي. خليفو ’المقتدر‘ اڃا صغير هو. سندس وزير، ابن الفرات هونئن ته اهلِ تشيعت وارن مان هو. پر، حلاج جو کليو کلايو دشمن هو. حلاج پاڻ بچائڻ لاءِ سوس شهر ڏي هليو ويو. پر، ٽن سالن کان پوءِ گرفتار ٿي، بغداد آيو، جتي هاڻي وري سني مسلڪ جو هڪ وزير حامد، سندس جبرو دشمن هو. حلاج ڪن دوستن احبابن جي اثر سان عارضي طرح آزاد ٿيو. پر ستت وري پڪڙيو ۽ ٽي ڏينهن ڪاٺ ۾ پيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ مٿس قرمطين سان همدردي رکڻ جو الزام عائد ٿيو، ڇو ته هن گهر ۾ ڪعبو اڏيو هو. قرمطي ڪنهن زماني ۾ ڪعبة الله مان ’حجر اسود‘ چورائي ويا هئا. ڪيترن سالن کان پوءِ، ڀُنگُ وٺي، موٽائي ڏنو هئائون. پر، اصل ڳالهه اها هئي، ته هو به اسماعيلي شيعن مان هئا ۽ بغداد جي عباسي خلافت جا سخت دشمن هئا. سو، حلاج تي قرمطين واري الزام باهه تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو. بغداد سرڪار جو غصو باهه وانگر ڀڙڪڻ لڳو.

حلاج بغداد ۾ نظر بنديءَ واري زماني ۾، عباسي خليفي جي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪيو هو. هو ان مان چاق ٿيو هو، سو خليفي جي ماءُ کي اهو احسان ياد هو. هُن حلاج جو بچاءُ ڪيو. اهڙيءَ ريت، حجاج في الحال ته حاسدن ۽ دشمنن کان بچي ويو. پر، هاڻي پاڻ ڪو گمنام ماڻهو ڪونه هو. سندس مخالف توڙي معتقد تمام وڏي تعداد ۾ پيدا ٿي چڪا هئا. شهر ي گهٽين ۽ بازارن ۾ سندس شخصيت تي بحث هلي رهيا هئا. جڏهن سندن مخالفن جو پاسو ڳرو ٿي ويو، ته مٿس مقدمو هليو. کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي. ماڻهن جي هڪ وڏي انبوهه اول کيس سخت مار ڪُٽ ڪئي ۽ پوءِ ڦاسي ڏني. آخر ۾ سندس لاش تي تيل ڇڙڪيو، ان کي باهه ڏئي، ساڙيو ۽ پوءِ خاڪ کي به درياءَ ۾ وهائي ڇڏيو!

حلاج جو انجام ايڏو ته دردناڪ ٿيو. پر، ان جا اثر به پري پري پيا. اسلامي دنيا ۾ ته ڄڻ زلزلو اچي ويو. خاص طرح، اديب، شاعر ۽ دانشور طبقو ڏاڍو متاثر ٿيو. حلاج کي اهڙو ته ڳايائين، جو کيس شعر، ادب ۽ تصوف جي تاريخ ۾ هميشه زندهه ڪري ڇڏيائين. هونئن ته گهڻن ئي شاعرن حلاج کي ڳايو آهي، پر، مير تقي مير جا هي اکر ڪيڏا نه دل کي ڇهندڙ آهن:

موسم آيا تو نخل دار مين مير

سرِ  منصور  هي  کا  بار  آيا

حلاج جي شخصيت کي تاريخي تناظر ۾ ڏسبو ته، حلاج هڪ ’بي قرار روح‘ نظر ايندو، جيڪو سڄي عمر ’پاڻ سڃاڻڻ‘ واريءَ لوڇ پوڇ ۾ ڦٿڪندو رهيو. ائين کڻي چئجي، ته مٿس اهائي ڪيفيت طاري هئي، جيڪا ڀٽائيءَ پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ بيان ڪئي آهي:

ڪيڏاهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

راڻـــو ۽ راڻـــو، ريءَ  راڻـــي  نــاهه ڪـــو.

بهرصورت، حلاج جو قَتل ڪُڌو ڪم هو. جن به اهو ڪِيسُ ڪيو، تن تي قيامت تائين لعنت ۽ ملامت وسندي رهندي. پر، انساني تاريخ جي ورقن تي، هر هنڌ، شهيدن جي خون جا رت ڦڙا آهن. سنڌ ۾ مخدوم بلال ۽ شاهه عنايت شهيد جا قَتل ڪيڏا نه دردناڪ آهن. اهي ٻئي قتل، بنيادي طرح، سياسي سببن جي ڪري ٿيا هئا. تاريخ نويسن هاڻي ان ڳالهه تي متفق آهن، ته حلاج جو قتل به بنيادي طرح سياسي سببن جي ڪري ٿيا هئا. عباسي خلافت واري زماني ۾ شيعا _ سني سياست عروج تي هئي. حلاج ان جو شڪار ٿيو. بادشاهن جي محلاتن ۾ هڪڙيون سازشون کُٽنديون آهن، ته ٻيون شروع ٿينديون آهن. ڪوبه حاڪم پنهنجي اقتدار لاءِ خطرو برداشت ڪونه ڪندو آهي. عباسي خليفن جا ڪارناما عام بادشاهن وارا هئا. تاريخ طبري ته انهن سان ڀري پيئي آهي. بادشاهن ۾ سچ ٻُڌڻ جي طاقت ڪانه هوندي آهي:

نازک مزاجِ شاهان تابِ سخن ندارد

اهو ٿيو مسئلي جو سياسي پهلو. مذهبي پهلو هي آهي ته حلاج قرآن شريف جو حافظ هو، ٽي حج ڪيا هئائين. جنيد بغداديءَ جهڙن وڏن وڏن صوفين ۽ اڪابرن سان ميل ملاقاتون هئس. هندو _ مت، ٻڌ _ مت ۽ ماني _ مت جي عقيدن جي پروڙ هئس. اسلامي تصوف ۾ سندس پنهنجو بلند مقام ۽ مرتبو آهي. بلڪه پنهنجو مخصوص مڪتبئه فڪر آهي. خود کانئس هڪ صوفيانه مسلڪ به شروع ٿئي ٿو، جنهن کي حلاجيه ڪوٺن ٿا.

*      *      *      *

        ڀانئجي ٿو ته حلاجَ دل جي سموريءَ سچائيءَ سان ائين ئي سمجهيو، ته انسان ئي هن جَهانَ جي حق حقيقت آهي. بلاشبه، انسانُ، هن ڌرتي جي ٻين سمورن ساهوارن کان سياڻو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته سڀڪجهه اختيار ۾ به ڪونه آهي.

انسان، زمان ۽ مڪان جي مجبورين جي باوجود، ’من موسيڙي‘ وانگر، هتان هتان، تنڪا ۽ ڪَکَ پَنَ گڏ ڪري، سهڻو ۽ آرام وارو آکيرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر، هڪڙو ئي قدرتي طوفان، سندس آکيري کي اڏائي، وري ڪکُ پَنُ ڪري ڇڏي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هو آکيرو جوڙي راس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ مَن موسيڙي وانگر، ڪا دير ان ۾ قرار وٺي ٿو. پر، اها سوچ ته ”مون جو هئڙو سهڻو آکيرو ٺاهيو آهي ۽ ان ۾ مزي سان لڏي رهيو آهيان، سو، مان ئي هن جهان جي حق حقيقت آهيان،“ صحيح ڪانه آهي.

عارفن جي ٻوليءَ ۾ ”آخرين حق حقيقت“ (The Ultimate Reality) ته فقط خداوند تعاليٰ جي ذات آهي. ’وجود حقيقي‘ به انهيءَ ئي ذات مطلق جو آهي. انسان جو وجود ته عارضي آهي. اڄ آهي سڀاڻي ڪونهي.

اسلامي تصوف جي ڪن اڪابرن جو خيال آهي ته هي جَهانُ، خدا کان جدا ڪونه آهي، بلڪه جدا ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. ڇو ته سڀڪجهه خدا آهي. اهڙو اولڙو اسان کي ’وحدت الوجود‘ جي فلسفي ۾ ملي ٿو. ڀٽائيءَ جهڙو عظيم مفڪر، صوفي شاعر ۽ اعليٰ انسان به ’وحدت الوجود‘ جي فڪر کان متاثر هو. فرمايو اٿس ته:

جَرَ تَڙ، تِک تنوارَ، وڻ ٽڻ وائي هيـڪڙي،

ســڀيئــي شــــيءِ ٿيــــا، ســـــــوريءَ ســزاوارَ،

همہ منصور هزار، ڪُهي ڪُهندي ڪيترا؟

پر، سنڌ ۾ ڪيترائي نام نهاد صوفي شاعر به ساماڻا، جيڪي لڪير جا فقير هئا، منجهن ڪابه اونهي سوچ ڪانه هئي. ڪن ته معاملي کي مورڳو خراب ڪيو. ماڻهن کي گمراهه ڪيو. مون تنوير کي سنڌي ادبي بورڊ مان ٻه ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. اهي ڪتاب ايڊٽ ڪندي، اڳوڻي دور جي صوفي شاعرن جا احوال پڙهيا هوندائين. سو، هڪ ڏينهن، مون کي ٻڌايائين ته ان دور جو هِڪُ وڏو صوفي شاعر هوندو هو، جنهن کي خيرپور جي مير صاحب جاگير ڏني. انهيءَ جي ڪمائي لاڙڪاڻي جي ڪڃرين تي خرچ ڪري، پاڻ، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، ڳاڙهو پڙو پائي، ”منصوري دم“ هڻندو هو.

بلاشبه، ڪن عالمي مذهبن ۾ عقيدو آهي ته خدا هيٺ لهي، انساني جسم جو قالب اختيار ڪري ٿو ۽ اهڙو شخص اوتار ٿي وڃي ٿو. ويدانت جي فلسفي ۾ اهڙو اولڙو نظر ايندو. سنڌ جي هاڪاري عالمَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ به ’مقدمه لطيفي‘ ۾، ويدانت ۽ وحدت الوجود کي ائين پيش ڪيو آهي، جو ڄڻ ته اهي هڪ ئي درياءَ جا ٻه ڪنارا آهن. پر، خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ’تشبيهات رومي‘ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ’وحدت الوجود‘ جو وڏي ۾ وڏو شارحُ، محي الدين ابن عربي هو. سندس هڪ ئي جملو من جا سڀ مونجهارا ختم ڪري ڇڏي ٿو:

الرب رب وان تنزل، والعبد عبد وان ترقيٰ

خدا تعاليٰ خدا رهندو، ڀلي ڪيترو به نزول فرمائي،

        ٻانهو، ٻانهو ئي رهندو، پوءِ ڀلي ڪيتري به ترقي ڪري.

 

شخصيت

        تنوير جي شخصيت ۾ محبت جي ماکي هئي. مٺو ماڻهو هو. مٺو ڳالهائيندو هو. نفيس ۽ نرم مزاج هو، ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو. يارن جو ته يارُ هو. پر، دشمن کي به درگذر ڪرڻ وارو هو، بلڪه معاف ڪرڻ وارو هو. وِيرُ ته ڪونه وٺندو هو، پَرَ ميارَ به ڪونه ڏيندو هو. گلا غيبت نه ڪندو هو، نه ٻُڌندو هو. ڀلا جي ڪو شخص کڻي سندس اڳيان اهڙي ڳالهه ڪندو به هو، ته چوندو هئس: ”وتائي فقير جو پَراين ڳالهين ۾ ڪهڙو ڪم؟“

        وڏو مهمان نواز هو. سندس مهمانن ۾ رڳو نو آموز لکندڙ شامل ڪونه هئا، پير حسام الدين راشديءَ جهڙا عالم به راتين جون راتيون وٽس ٽِڪندا هئا. پنهنجي اعليٰ اخلاق، قرب ۽ اخلاص سان، بيشمار دوست ۽ مداحَ پيدا ڪيائين، جيڪي هر هنڌ سندس نيڪي ڪندا هئا. اڄ پاڻ هن جهان ۾ ڪونه آهي، پر سندس نيڪيءَ جي خوشبوءِ هر هنڌ ڦهليل آهي. سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل هيءَ خبر انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي:

اسلام آباد _ 20 _ اپريل _ اڄ هتي ’سگا‘ ۽ ادبي تنظيم ’دائره‘ پاران ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ ادبي ريفرنس ٿيو، جنهن ۾ خيرپور مان آيل ڊاڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪاميٽيءَ جي 20 رڪني وفد به شرڪت ڪئي.

مختيار ٽالپر، ڊاڪٽر تنوير جي زندگيءَ تي روشني وجهندي چيو ته، ”ڀڳت ڪنور جي ڪلام کي نئين انداز ۾ جيارڻ ۾ ڊاڪٽر تنوير جو وڏو ڪردار آهي“. پروفيسر گل ڪٽوهڙ چيو ته ”ڊاڪٽر تنوير سٺو ڊاڪٽر، سٺو والد، سٺو شاعر، سٺو سياستدان ۽ سٺو انسان هو. هو عظيم انسان دوست ماڻهو هو.“ ادبي تنظيم ”دائره“ جي چيئرمين احسان ڪبريا چيو ته ”تنوير سڄي زندگي ادب جي خدمت ۾ گذاري.“

قربان منگيءَ چيو ته ”خيرپور جي ادبي ادارن جي ترقي لاءِ ڊاڪٽر تنوير جيترو ڪم ڪيو، اوترو ڪنهن به نه ڪيو. هو نوجوان اديبن لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هو. هن چيو ته اسين ڊاڪٽر تنوير جي سمورن دوستن کي يادگار ڪاميٽي ۾ شامل ڪري سندس فڪر ڦهلائينداسين.“

قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ چيو ته ”تنوير، جو فڪر پڙهيو اٿم. هن سان ذاتي لاڳاپو گهٽ پر فڪري واسطو وڌيڪ هو.“ حزب الله سومري چيو ته ”تنوير هڪ گلدان وانگر هو، جنهن ۾ اعليٰ خوبيون هيون. هو نظرياتي اديب ۽ شاعر ۽ سيڪيولر ماڻهو هو.“

امجد درانيءَ چيو ته ”تنوير سنڌ جي دل جو ٽڪرو هو. اڄ اهو آسمان ڏانهن هليو ويو آهي.“

ڊاڪٽر غضنفر مهديءَ چيو ته ”تنوير صوفي ماڻهو هو ۽ مُلن جي خلاف هو. ملتان ۾ اسان 1964ع ۾ سرائڪي ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير چيو هو ته سرائڪي ڳالهائڻ وارا سنڌين جو حصو آهن.“

*              *              *

دوست:

        دنيا ۾، اڪثر ماڻهو منهن تي نقاب وجهي هلن ٿا. سندن اصلي چهرو ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر، تنوير کي اها ديدَ هئي، جا ٻئي جي دل جي گهراين ۾ به گهري ويندي هئي. سو، هو ماڻهن جي پرکَ ۾ ماهر هو. سندس دوستن ۾ هونءَ ته گهڻائي آبدار موتي آهن، پر شوڪت جماڻي کيس وڌيڪ ويجهو هو. تنوير ئي مون کي ساڻس پنهنجي قرب جو اهڙو تاثر ڏنو هو.

شوڪت جي شخصيت جي خصوصيت، سندس غير معمولي ذهانت آهي. هو بزنيس بدران سياست ۾ پير پائي ها ته سنڌ جي چيف منسٽري هن لاءِ وڏي ڳالهه ڪانه هئي. اسان جي اکين اڳيان ڪيترائي نالائق ماڻهو منسٽر ٿيا. هڪ دفعي روزنامہ ’نوائي سنڌ‘ اهڙن ڪن احمقن جي وزير ۽ مشير ٿيڻ تي، پهرئين صفحي تي پيج _ هيڊنگ ڏني ته، ”الله جو شانُ، اڄ گڏهن به گَجَ پاتا.“

قدرت ڪن انسان کي نعتمن سان نوازيندي آهي. شوڪت اهڙو ئي قدرت جو نوازيل آهي. جيڏو ذهين، اوڏو زنده دل ۽ خوش مزاج! خدا جي فضل سان هاڻي سکيو ستابو آهي، پر شروع شروع ۾، جڏهن تنوير جي سنگت ۾ آيو هو، تڏهن پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ جدوجهد (Strugle) ڪري رهيو هو. هڪ دفعي، مون سان پاڻ ئي ڳالهه ڪيائين، ته ”ڪو زمانو تنوير جي گهر ۾، سندس ٻين ڀاتين وانگر گڏجي دال ماني کائيندا هئاسين. کل ڀوڳ ڪندا هئاسين. ڏينهن گذري ويا، پر اهي ڳالهيون وسرن ئي نٿيون.“

شوڪت مون کي تڏهن ويجهو آيو، جڏهن حيدرآباد ۾ لساني جهڳڙن جي ڪري، ڪرفيو لڳل هو. لطيف آباد ۾ گهر ورتو هئائين. شام جو ڪلاڪ ٻن لاءِ ڪرفيو لهندو هو، ته ڪار کڻي، پکيءَ وانگر اڏامندو ايندو هو. چاءِ جو ڪوپ ته ٺهيو، پاڻيءَ جو گلاس به ڪونه پيئندو هو. خير خيريت جو حال احوال ڏيندو وٺندو هو. پنهنجي گهر وانگر، منهنجي لاءِ به بصر پٽاٽا وٺي ايندو هو. ڪرفيو شروع ٿيڻ کان ويهه پنجويهه منٽ اڳ اُٿندو هو، ۽ باز وانگر اُڏامندو پنهنجي گهر ويندو هو.

هاڻي ڪراچيءَ ۾ گهر جوڙايو اٿس. ڪجهه ڏينهن اُتي، ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾، ته ڪي ڏهاڙا خيرپور ۾ گذاريندو آهي. سيد غوث علي شاهه سان گهڻي اٿس. تازو، جڏهن شاهه صاحب پاور ۾ هو، ته مون شوڪت کي زماني جو ڪو ڪم چيو. پر، ان ۾ الائي ڇو دلچسپي ڪانه ورتائين. تنوير سان ڳالهه ڪيم، ته کلي چيائين ته، ”هو مون سان ئي گشا هڻي ٿو وڃي. تون دل ۾ ڇو ٿو ڪرين؟“ مون کڻي ماٺ ڪئي. اهو به احساس ٿيم، ته شوڪت تي ڪهڙي ميار؟ وقت گذرڻ سان هر انسانُ بدلجي ٿو. اسان پاڻ خبر ناهي ته ڪيترن دوستن جي معيار تي پورا ڪونه ايندا هونداسين. کين اسان تي الائي ته ڪيتريون ميارون هونديون. شوڪت ته وري به لحاظ (Grace) رکي ٿو. سندس قرب ڪيئن وسرندا؟

ڪجهه عرصو اڳ، منهنجي گهر واري بيمار ٿي پيئي. سندس علاج لياقت نئشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ ٿيندو هو. شوڪت ڪراچيءَ مان سٺي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار موڪليندو هو، جنهن ۾ منهنجا ٻارڙا، ماءُ کي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ڏيکاري ايندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾، اسان کي گهر ڊنر تي سڏيائين. ڀاڄائي ناهيدَ، کاڌي جي ميز تي طرح طرح جا طعام رکايا. ديسي به، ولائتي به، پر، جڏهن اسان ماني کائي، ڍؤ ڪيو ۽ کاڌي جي ميز تان اٿڻ وارا هئاسين، ته شوڪت جي اندر ۾ ستل ”سنڌي“ ننڊ مان ڪر موڙي اٿيو. سو، بورچيءَ کي چيائين ته ”هاڻي، اسان کي بُسري پچائي ڏي.“

سنڌ ۾ بُسري سياري ۾ صبح جو کائيندا آهن. ان مهل رات جا ٻارهن پئي وڳا. مون ويهه ورهيه اڳي بُسري کاڌي هئي. ايڏيءَ ڳوريءَ ڊنر جي مٿان، بسري ۽ ڀُڳل سَيون تيار ڪرايائين. آمريڪا مان امپورٽ ڪيل خصوصي کجور کارايائين، لنڊن مان آندل ڪي اعليٰ درجي جا بسڪوٽ ۽ سعودي عرب مان گهرايل نجو کير پياريائين، جيڪو Fat-Free هو. کارائڻ پيارڻ جو اهو پروگرام جيڪو هو اسر تائين جاري رکي ها، پر اڳيئي اڌ رات ٿي ويئي هئي. سو، مون گهرواريءَ جي ڪمزور صحت ڪري، کانئس اجازت ورتي.

اسان جي انهيءَ ڪچهريءَ ۾ تنوير جو نالو پنجن _ پندرهن منٽن کان پوءِ وري وري زبان تي ايندو رهيو. جڏهن به ڪنهن ڳالهه ۾ تنوير جو ڪجهه تفصيل سان ذڪر ڪيو، ته شوڪت اداس اکين سان آسمان ۾ گهوريندو رهيو، ڄڻ ته کيس چنڊَ ۽ تارن ۾ ڳوليندو هجي. انهيءَ موقعي تي، يا ڪنهن ٻئي تي، پر، ڏاڍي ڏک مان چيائين: ”ٽي ڄڻا هڪٻئي کي ’مائٽ‘ ڪوٺيندا هئاسين. هڪڙو هن جهان مان هليو ويو. باقي ٻه بچيا آهيون.“

تنوير اسلام آباد ۾ بيمار ٿيو، ته مائٽ شوڪت ئي سڀ کان اول مون کي اهو اطلاع ڏنو. پوءِ جيئن ڪنهن VVIP جي باري ۾ ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ بليٽن جاري ٿيندي رهي، تيئن هو مون کي سندس حال احوال کان مسلسل واقف ڪندو رهيو. آخر، ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ فون ڪيائين: ”سانجهيءَ جو اسلام آباد ۾ تنوير جي جنازي نماز ٿيندي. جهاز جون ٻه ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون اٿم. ڪراچيءَ پهچُ. مان ايئرپورٽ تي تنهنجي انتظار ۾ اڳيئي بيٺو هوندس.“ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. اکين جي ڳوڙهن وانگر، اکر به سندس گلي ۾ اٽڪي پيا. اسلام آباد ۾، تنوير جي مُنهن ڏسڻ مهل، مون کيس اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو. دوستن ۾ قرب جو ايڏو جذبو ڪو معمولي ماڻهو ته جاڳائي نٿو سگهي. _ تنوير غير معمولي ماڻهو هو.

*              *              *              *

تنوير جو شوڪت کان به اڳ پيارو دوست رشيد ڀٽي هو. بلڪه، ٻنهي ۾ اوليت جو شرف ڀَٽيءَ کي آهي. هونئن ته تنوير جو عام ماڻهن ڏانهن رويو به سندس هن شعر مان ظاهر آهي:

هـرڪـــو ماڻــهـو، موتــيءَ داڻـــو،

هـرڪـــــا دل، هــيــرن جـــي کـــاڻ.

اهڙو شخص ته دنيا ۾ رڳا دوست ٺاهيندو، تاهم، حقيقت اها ڪانهي. حقيقت اها آهي ته نڪي ته هر ماڻهو موتيءَ جو داڻو آهي ۽ نه وري هر دل هيرن جي کاڻ. حضرت امام حسين کي ڪربلا ۾ شهيد ڪندڙ شخص موتين جا داڻا ڪونه هئا، ۽ نه وري حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي نِيَڻَ وارن جون دليون هيرن جون کاڻون هيون. حقيقت اها ئي آهي، جيڪا شاهه سائينءَ پنهنجي لافانيءَ ڪلام ۾ بيان ڪئي آهي ته: ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“


*  حوالي لاءِ ڏسو: (1) ڊاڪٽر سيد عبدالله ”دائرة المعارف، اسلاميه، لاهور.“

(2) Shorter Encyclopedia of Islam

By. H. A. R. GIBB and J. H. KRAMERS

(3) Encyclopaedia Britannica

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com