سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :4

هي بيت ته پڙهو:

ڪارا ڪراين ۾ ســون اســان کــي ســوءِ،

ور جيڏين سين جوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان.

(مارئي 2_10)

        شاهه لطيف جي ديس جا ماڻهو دولت کي اهميت نٿا ڏين، هنن لاءِ سون سوءِ آهي: هنن کي پنهنجي غريب جيڏين ساهيڙين سان گڏ بک مرڻ ۾ به فرحت محسوس ٿي ٿئي. هن جي خودداري ته ڏسو _ آرام عيش جي زندگيءَ کان هنن لاءِ عزت جي بک بهتر آهي.

        ۽ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي به ڏسو. شاعر جي نظر ڪٿي ڪٿي نه ويئي آهي؟ جيئن هن جو موضوع عام ماڻهو آهي، تيئن هن پنهنجي شعر ۾ ماحول پڻ ان عام ماڻهوءَ جو چيٽو آهي. مارن جي چوڌاري وسندڙ ماحول، سندن ويس وڳا سادا سودا، ڪچ جون ڪاريون چوڙيون، سندن گهرڙا ۽ سندن کاڌا به سادا.

هن مد مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
هن کي لوهه لطيف چئي، هو کائر منجهه کلن،
کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.
    (مارئي 9_6)

 

ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
ويڙهيا گهمن، وليين جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.
    (مارئي3_15)

ڍنگرن وارا گهر، رهڻ لاءِ پکا، کائڻ لاءِ کاٽونبا، چوڌاري صحرا رڻ پٽ ان ۾ گولاڙا ۽ گگريون.

ساڻ پلاهه نه پاڙيان، ڏؤنرن جي ڏوئي.
 (مارئي:5_وائي)

شاهه لطيف انهن ئي عام پورهيت ماڻهن جو شاعر آهي، جن کي پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان رهي سادن کاڌن کائڻ ۾ لطف اچي ٿو،. شاهه، شهزادن، شهزادين، امير ۽ ڦورو طبقن جو شاعر نه آهي. شاهه لطيف صحيح معنيٰ ۾ عوام جو شاعر آهي.

 

سندس دعا ته ڏسو:

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي.

 

۽ پِٽي ٿو ته ڪنهن کي؟

جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مرن.
(سارنگ 4_ 16)

        شاهه لطيف جي دعا آهي ته وطن لاءِ، سڄو وطن وسي؛ سنگهارن ۽ عام ماڻهن لاءِ ته انهن کي سک پلئه پوي.

شاهه لطيف جي پِٽ آهي ته انهن موذين لاءِ، جيڪي مهانگو ڏسي مال نفعي جي لالچ ۾ ميڙين ٿا. جيڪي ڏڪاري آهن، جن جي ڪري عام ماڻهوءَ تي مصيبت ٿي نازل ٿئي.

شاهه لطيف نه رڳو عوام جي تصوير ڪشي ڪئي آهي، پر سچ پچ ته انهن سان سندس عشق جي حد تائين محبت آهي. هن جون دعائون به سنگهارن لاءِ آهن ته هن جون پٽون سنگهارن جي دشمنن لاءِ آهن.

سُر کاهوڙيءَ ۾ انهن جو ذڪر آهي، جيڪي زندگيءَ جي فلسفي کي حقيقي صورت ڏيڻ لاءِ عملي جدوجهد ٿا ڪن. جن کي سچ جي ڳولها آهي. جيڪي پنهنجي حياتي سچ جي ڳولها لاءِ وقف ڪري ٿا ڇڏين. جيڪي اڳواڻن جا به اڳواڻ، ۽ سونهن جا به سونهان آهن. ڏسون ته اُهي ڪير آهن ۽ ڪهڙي طبقي سان تعلق رکن ٿا. سندن شڪل شبيهه ۽ پوشاڪ ڪهڙي آهي.

ڀڪليا ڀڻن، ڌڙ کي گڏئو ڌوڙ ۾،
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سان پڌر پٽ نه ڪن
ڪاجا آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.
(کاهوڙي: 1_11)

 

اهي ئي عام ماڻهو، جن جي گودڙي ڌوڙ ۾ گڏيل آهي، جن جي منهن تي دز لڳي پيئي آهي، انهن وٽ ئي شاهه لطيف جي پرينءَ جي ڳالهه آهي. نه ڀڙڪيدار پوشاڪ وارا نه امير، نه پير، پر اهي ئي ڌوڙ ۾ رڱيل ماڻهو.

مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرينءَ کي،
تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
(کاهوڙي: 1_2)

 

اهي ئي ڌوڙ ۾ گڏيل گودڙيءَ وارا _ انهن ئي پرينءَ کي ڏٺو آهي، انهن وٽ ئي پرينءَ جي ڳجهه جي ڳالهه آهي. انهن جي ئي محبوب سان ملاقات ٿي آهي. اهي ئي مقصد ماڻي سگهن ٿا. انهن جا پار هي آهن:

سڪا منهن سندن، پير پراڻا کيترا،
سا جوءِ جهاڳي آئيا، سونهان جت مُنجهن،
ڳجها ڳجهيون ڪن، تنهان پراهين پنڌ جون.
(کاهوڙي 1_26)

جن جي پيرن ۾ پراڻا کيتلا آهن، جن جو منهن سُڪو پيو آهي. اهي ئي ان جاءِ تان ٿي آيا آهن، جتي رهبر ليڊر ۽ سونهان به منجهيو پون. اهي کاهوڙي اتي ٿا وڃي پهچن، تڏهن به اڃان اڳتي هلڻ جي پچار اٿن. اڃان به اڳتي، ڇو ته ڪائنات جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. ڳولها جو ڪو انت ناهي.

ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سئي نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
ويا تت ووڙين، جت نهايت نانهه ڪا.
     (کاهوڙي 1_9)

کاهوڙين وٽ نه پلنگ نه پٿرڻيون، نه ريشمي چادرون؛ هو پٿرن تي پاسا ٿا کوڙين، سخت زندگي ٿا بسر ڪن، تڏهن به اتي ٿا وڃي پهچن جتي سونهان به منجهيو پون ۽ ان کان به اڳتي، اڃان به اڳتي _گهڻو اڳتي هلندا ٿا رهن، اڻ ڏٺل اڻ ٻڌل جوءِ ڏي؛ جتي ڪوبه نه پهتو آهي، جتي ڪائنات جا نت نوان راز کوليندا، هنن جي سفر جو انت ئي ناهي. ايليٽ جي چوڻ موجب، ”ڪابه انتها ناهي، رڳو واڌارو آهي. اڃان به اڳتي وڌو مسافرو، اڃان به اڳتي وڌو.“

شاهه لطيف جو فن جنهن به موضوع کي ڇهي ان کي عظيم بنايو ڇڏي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه موضوع ممنوع ناهي. ٻين شاعرن وٽ ٺهيل ٺڪيل محاورا ۽ لفظ هوندا آهن، پر شاهه جي فن لاءِ پابنديون ناهن. هن جو موضوع هن وسيع دنيا جي ڪابه ننڍي ۾ ننڍي شيءِ ٿي سگهي ٿي. هن لاءِ ٻوليءَ جو هر اهو لفظ قبول ڪرڻ لائق آهي، جيڪو سنڌ جو عام ماڻهو ڳالهائي ٿو. هن لاءِ عام ماڻهو جي ٻوليءَ ۾ ۽ شاعراڻيءَ ٻوليءَ ۾، عام ماڻهوءَ جي ماحول توڙي شاعراڻي ماحول ۾ ڪوبه فرق ناهي. علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو ته، ”ڪابه شيءِ هن لاءِ گهٽ درجي جي ناهي. فطرت جي تمام ننڍڙين شين به هن جوڌيان ڇڪايو آهي ۽ هن همدرديءَ سان انهن ڏي ڏٺو آهي.“(8)

مٿي ڏنل بيتن ۾ ڪمي ڪاسبي، لوهر، واڍا، ڪوري، ٺاٺارا، ٻيڙياتا، جوڳي_ سڀ شاهه لطيف جي شاعريءَ جا موضوع آهن. وئلس فائولي لکي ٿو ته، ”ڪامياب شعر آهي ‎ڄاتل سڃاتل شين کي نئين طريقي سان ڏسڻ.“ لطيف به انهن ڄاتل سڃاتل شين کي نئين طريقي سان ڏٺو آهي. هن معمولي شين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو آهي.

پاڇاهي نه پاڙيان، اديون سُئي ساڻ،
ڍڪي ساري جڳ کي، رهي اگهاڙي پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
(مارئي 7_14)

سسئيءَ مان اهڙو اخلاقي نڪتو ڪڍڻ ۽ اهڙيءَ عام شيءِ کي ايڏو بلنديءَ تائين پهچائڻ مشاهدي ۽ اونهي سوچ جو ڪم آهي. ٻيو بيت پڙهو:

ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌي ڪن، ناتَ ساٿ وڃن سير ۾.
(سهڻي 8_1)

”ٻوڙا“ عام رواجي شيءِ آهي، جن ڏي عام شاعر هوند اک کڻي به نه نهاري، پر شاهه لطيف ان مان ڪهڙو نه عجيب خيال پيش ڪيو آهي:

هڪ جاءِ تي نارجو بيان آهي:

جنءَ سي کوهي نار، وهن واريءَ گاڏئان،
هينڙو پريان ڌار، نبيرياس نه نبري.
(رپ: 2_11)

تئي جي لڳاتار سڙڻ جي باري ۾ چوي ٿو:

جنءَسو تئي ترو، کامي کوري وچ ۾،
مون کي ڏنو سڄڻين،منجهان سڪ سرو،

ور جهيڻو اي ٻرو، مَ ڦوڙائو سڄڻين.
(رپ: 1_7)

ڳنڍير جي تشيبهه ڏسو:

جنءَ ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تنءَ مون ماروئڙن جيون.

(مارئي ابيات متفرقه _35)

شاهه لطيف جو رومان به عام ماڻهوءَ جي دل وٽان ئي آهي. هن جو عاشق ۽ معشوق ٻئي عام طبقي جا آهن، هنن جي رومان جو ماحول به مقامي ۽ عام ماڻهوءَ جو ماحول آهي. هن جي روماني شاعريءَ ۾ نه نرگس، شمشاد ۽ نسترن جو ذڪر آهي، ۽ نه بادِ نسيم جو. هن جو رومانوي ماحول ڏسو، مشاهدو ڏسو:

ســر نـسـريــا پــانــد، اتــر لــڳـا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪاند، سهسين سکائون ڪيون.

(سامونڊي: 1_27)

سر لوهيڙا ڳڀئا، ڪسر نسرئا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
(سامونڊي: 1_28)

        سياري جي موسم جي شروعات آهي، ٻوڙن ۾ اڇا اڇا برف جهڙا سر نسريا آهن، ان وقت پرين کي ياد ٿي ڪري. جڏهن لوهيڙي جي وڻ ڳڀ ڪڍيا آهن، ڪسر نسريا آهن، نه باد بهار، نه بلبل جون لاتيون، نه گلِ لاله، نه ايراني ماحول شاهه جو رومان سنڌ جو رومان آهي، سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو رومان.

شاهه جي ملڪ جي ماڻهن (محبوبن) جا پار پتا ٻڌو:

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون کهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن،
ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
        (مارئي: 7_8)

پورهيت طبقي جو جيئرو جاڳندو مثال، چرندڙ پرندڙ عڪس، مٿي تي ٽٻڻا، کڙين تي دز لڳل، پگهر مٿي کان جو وهڻ شروع ٿئي ته وڃي پير وٺي. اهي شاهه لطيف جا وطني آهن، جن کي هو ”محبوب“ ٿو سڏي، ۽ پري کان ئي انهن جي لوڏ ڏسي کين سڃاڻي ٿو وٺي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اها خاص ڳالهه آهي ته هن سر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جي محبوب ’کيت‘ کي گهٽ پر ’مارن‘ کي وڌيڪ ڳايو آهي هن جو موضوع هڪ فرد نه پر سڄو وطن، ان جي مٽي ۽ ان جا ماڻهو آهن. هن ٿر جي ٿڌي واري، واس واريون وليون ۽ ٿر جو سڄو ماحول بيان ڪيو آهي.

هن سر سسئيءَ ۾ ڄام پنهونءَ کان وڌيڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ سسئي کي ڳايو آهي. سر سورٺ ۾ شهزاديءَ سورٺ کان وڌيڪ ڪينجهر ۾ رهندڙ مهاڻن ۽ ماڇين جي زندگيءَ جي عڪاسيءَ تي پنهنجو فن صرف ڪيو آهي. اهو سڀ ان ڪري جو شاهه جي شاعريءَ ۽ خيال جومرڪزي نڪتو ”سنڌ جي سرزمين، ان جا ماڻهو ۽ انهن جي رهڻي ڪرڻي آهي.“

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي نه فقط ئي ٻولي استعمال ڪئي، پر ان جو لهجو پڻ ڪم آندو. اهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ئي ڪري سگهيو آهي، جو هن خود عام ماڻهوءَ جي زندگي بسر ڪئي ۽ سندس ماحول ۾ سمائجي ويو. هن انهن جي زندگيءَ کي تمام قريب وڃي ڏٺو. هو عام ماڻهن سان رلي ملي انهن سان هڪ ٿي ويو. سندس دؤر ۾ عام ماڻهن کي ويجهو وڃڻ معيوب هو. هُو جنهن طبقي مان آيو هو اُهي سدائين پاڻ کي عوام کان مٿڀرو ڀائيندا هئا. تنهن هوندي به لطيف پنهنجي طبقي مان هيٺ لهي آيو ۽ پورهيتن، سانگين، سامين، جوڳين ۽ سنياسين جي صحبت ۾ رهيو. انهن وانگر پير اگهاڙا ڪري، انهن سان گڏ هنگلاج، لاهوت لا مڪان تائين پيادل سفر ڪيائين.

ان کان سواءِ هن سنڌ جي هر حصي کي گهمي ڏٺو. ٿر، لاڙ، ڪوهستان ،اُتر _چپي چپي جو مشاهدو ڪيائين. اُتان جي ماڻهن سان گڏ رهيو، اُنهن جون ريتون رسمون، اُنهن جا ذهني لاڙا ڏٺائين. انهن جي دل ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪيائين. ته پنهنجي دل انهن کي ”محبوب“ وانگر رکيائين. انهن سان اٿاهه پيار جي سبب ئي هو سندن ايڏو قريب ويو ۽ ان ڪري ئي پنهنجي شعر ۾ ڪاميابيءَ سان ۽ چٽائيءَ سان انهن جو بيان ڪري سگهيو آهي. ان ڪري ئي هو عظيم آهي. سندس عظمت ايليٽ جي اصول مطابق سندس مقامي ۽ قومي هجڻ ۾ آهي.

آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن لاءِ سڄي آمريڪا هڪ شعر وانگر هئي ته شاهه لطيف، وٽمئن کان به صديون اڳي سنڌ کي هڪ لافاني ۽ لازوال شعر بنائي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com