سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :1

مهراڻ 2000ع (2-1)

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

گذارش

 

مهراڻ جو ”تنوير عباسي نمبر“

 

تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ ”مهراڻ“ جو هيءُ خاص شمارو، ادب ۽ احترام سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيا آهيون.

25_ نومبر 1999ع تي ڊاڪٽر تنوير جڏهن رضا ڪئي، تڏهن ائين لڳو، ڄڻ ته سنڌي ادب جي ڪوٽ / ڪالر تان گلاب جو گُل ڪِري پيو! سنڌ جي ليکڪن ۽ سُڄاڻ علمي حلقن، سندس وڇوڙي تي ججهي ارمان جو اظهار ڪيو. اياز جي جدائيءَ جي غم کان پوءِ تنوير جي فراق واري ڏک کي وڏيءَ پيڙا سان برداشت ڪيو ويو!

4_ ڊسمبر 1999ع تي، حيدرآباد جي بسنت هال ۾ تنوير جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سندس وڏي ڀاءُ محترم عبدالنبي عباسي (تڏهوڪي وزير آبپاشي سنڌ) ڪئي. ان اجلاس ۾ سائين غلام رباني آگري اعلان ڪيو ته ٽماهي ”مهراڻ“ جو ايندڙ پرچو تنوير جي ياد ۾ خاص نمبر طور شايع ٿيندو. هاڻي اسان پنهنجي اعلان موجب، اهو خاص نمبر سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ مهراڻ جي پيارن پڙهندڙن کي پيش ڪري رهيا آهيون.

اسان جي قطعاً اها دعويٰ نه آهي، ته مهراڻ جو هيءُ خصوصي شمارو، تنوير جي ادبي خدمتن جو پوريءَ ريت احاطو ڪري ٿو، يا سندس بي مثل علمي محنتن جي شايان شان آهي. هيءُ پرچو وڏي احترام ۽ دل جي خلوص سان، هٿ ڪيل ميڙا _ چونڊي کي سهيڙي تنوير جي ياد ۾ فقط. عقيدت جي نذراني طور پيش ڪري رهيا آهيون. رڳو ايترو عرض ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا، ته اسان ڊاڪٽر صاحب جي خاندان جي فردن ۽ سندس احبابن کي جدا جدا خط لکي، هن نمبر لاءِ تاثرات موڪلڻ جو عرض ڪيو هو. اسان انهن سمورن مهربانن جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جو عرض اگهائي، تنوير صاحب تي پنهنجا مضمون ۽ تاثرات لکي موڪليا آهن، ۽ ان طرح سندن قلمي ساٿ سان هيءُ شمارو مرتب ٿي سگهيو آهي.

اسان کي خوشي آهي ته هن نمبر ۾ اسان تنوير جي لکيل آخرين نظم ۽ هڪ ادبي تقريب ۾ نڪتل سندس آخرين تصوير پڻ شايع ڪري رهيا آهيون. اهي ٻئي شيون يادگار جي حيثيت رکن ٿيون.  __ ن. ا. ش.

تنوير عباسي

 

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڄ ڄاڻ.

هر ڪا دل درياهه، ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،

هرڪو سينو سمنڊ، تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار،

هرڪو من مکڻ جو چاڻو،

هـر چـهـرو آهــي چــانــڊاڻ،

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هـرڪـا دل هيرن جي کـاڻ.

ويـجـهو ويجهو واجهـائي ڏس، ماڻــهوءَ جو مــن ڇــاهه،

سنگهي ته ڏس تون خوشبو ان جي، سُرهو آ هر ساهه،

گهڙيءَ جي لئه جو گل ساماڻو،

آهي امر ان جي سرهاڻ،

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو؛

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.

ڪنهن جي جيءَ ۾ جهاتي پائي، آهي ڏٺو تو ڪون،

ٻاهر سڀڪو ٻالو ڀولو، اندر سڀڪو سون،

جو ڏک جي کوري ۾ کاڻو،

سوئي ساٿ ڌڻي سرواڻ،

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو؛

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.

 

پارس ٿي تون پهرين پوءِ، ڇُهي ڏس ڪنهن جي آس،

لوهه لوهه ۾ سون ٿيڻ جي آهي ڪيڏي پياس،

هرڪو روح وَتي ويڳاڻو،

ڪنهن اڻڄاتي امرت ڪاڻ،

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو؛

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ.

 

 

ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،

ٻُور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.

دل جي بازيءَ تان اگر دل به کڻي وينداسين،

ويندي ويندي به ڪوئي داءُ هڻي وينداسين،

توتان هڪ بار ته گهوري ٿا وڃون سر ليڪن،

آس ٻئي ڀيري مرڻ لاءِ کڻي وينداسين.

جي رهيو عشق سلامت ته مهابي اُن جي،

جي ڌڪارن ٿا انهن کي به وڻي وينداسين.

تنهنجي اکڙين جون هي مکڙيون به گلن جان کلنديون،

صبح جي ويل ٿڌي هير بڻي وينداسين.

شل ابد تائين رهي رنگ سلامت گل جو،

هير جان پاند ۾ خوشبوئي کڻي وينداسين.

 

  

سڌڙيا! سوچي سمجهي آءُ،
نينهن ته آهي موکيءَ مٽ.
نکري پوندا رنگ نوان،
اُکلي پوندو پنهنجو ڦٽ.
پيار نه آهي ته ٻاڙو آ،
ساڳو پاڻي ساڳو گهٽ.
منهنجي پرينءَ جي سونهن ڏسي،
نوڙي پوندو آهي نکٽ.
دل تي ائين ٿو شعر لهي،
گل تي جيئن اچي پوپٽ.
رات دکن جو ميلو هو،
ڳوڙهو ڳوڙهي تي ڳاهٽ.
شاعر جي دل صاف سدا،
هيري کي ڪيئن لڳندي ڪٽ.
مهٽي صاف ڪئي تنوير،
ٻوليءَ تان سڀ ڌاري ڪٽ.

هيءَ رت جي راڻي، هو سوسن،
هي آهي گلاب ۽ هو سنبل،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن
هي تنهنجا گل، هو منهنجا گل.
 

پر تنهنجي باغ جي ڀت اُڪري،
خوشبو مون ڏانهن اچي هردم،
۽ منهنجي باغ جي خوشبو ڀي،
اُڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم.
 

توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي،
ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي،
ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي.
 

هي باغ برابر منهنجو آ،
هو باغ برابر تنهنجو آ،
سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي،
خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي.
 

پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان،
هڪ ٻئي جا گل ڇني اڇليون،
هڪٻئي جو چمن برباد ڪريون.
 

تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي،
مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان،

هي گل آخر ڀي گل آهن،
۽ خوشبو آخر آ خوشبو.
 

گل تنهنجا توسان جال جڙن،
گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن،
۽ شال سدا آباد رهي،
هي منهنجو چمن هو تنهنجو چمن،
۽ شل خوشبو آزاد رهي،

       ۽ شل خوشبو آزاد رهي.

 

جوت جلندي رهي،

لاٽ ٻــرنـدي رهـي.

 

جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو،

چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو،

روشني زندگي آ اها زندگي،

ڪنهن امانت جان دل سان لڳائي هلو.

 

جي سڀاڻي اوهان جا ئي معصوم اوندهه،

۾ گهٻرائجي ويا ته پوءِ ڇا ڪندو،

۽ سوا نور جي نرڙ تن جا وساڻل،

ڏيئن جان ٻجهي ويا ته پو ڇا ڪندو.

 

ذهن تن جا ته ڪشتي جيان روشني جي،

هر ڪنهين در اڳيان سئن هڻندا پيا،

يا ته پڃري ۾ ڦاٿل پکين جان سندن روح،

هٿ پير بي چين هڻندا پيا.

 

نئين نسل جا نوجوان جي اوهان ڏانهن،

ايندا اميدن جا ڏيئا کڻي،

ته سا لاٽ ايندي ڪٿان جنهن منجهان هو،

ڏيئا ٻاري اکين جا ويندا کڻي.

 

جي هُو پڇندا اها روشني سا امانت،

ڪٿي آ جا هوشوءَ اسان لئه ڇڏي،

اوهان سر جهڪائي ڇڏيندو ته پر،

ڇا زبان سان به سگهندو اُتي ڪجهه ڪڇي.

 

هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو،

هيءَ امانت اٿو ساهه سان سانڍجو.

جوت جلندي رهي،

لاٽ ٻرندي رهي.

نئون نسل جيئن روشنيءَ سان ڀريل،

سنڌ ۾ پنهنجون معصوم اکيون پٽي.

 

 سارو ڳوٺ گهرجي ويو آ ساري خلق سُتي پئي آهي،

   منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي منهنجي اَک کُلي پئي آهي،

   منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

ملڪ سمورو ماٺو پاڻي ۽ منهنجو من لهرون لوڏان،

ڏيئا وسائي سڀ سمهي پيا منهنجي اک کُلي پئي آهي،

   منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

هر کڙڪي تي دل ٿي ڌڙڪي هر آواز تي ڪن لايان ٿو،

توڙي اڪيلو ڏيئو آهيان، پوءِ به جوت جلي پئي آهي،

   منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

لاڳيتي اوجاڳي کان اکڙين ۾ آيون ڳاڙهيون ڏوريون،

رنگ شفق جو ڄڻ نکري پيو ڄڻ ڪا باک ڦُٽي پئي آهي،

   منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.

هاڻي ساز کنان مان ڳايان، ڳهريل ڳوٺ جي ننڊ ڦٽايان،

جيئن مان پاڻ ٿو جاڳان تيئن مان ساري ديس کي ٿو جاڳايان.

 

 

پنهنجو پاڻ پتوڙ او قيدي!

پنهنجو پاڻ پتوڙ

همت آڏو پهڻ مکڻ جيان رجندو رهندو آهي

همت جو سج چڙهندو رهندو آهي لهندو ناهي

وقت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ جيئن به وڻئي تيئن موڙ

جيئن به وڻئي تيئن موڙ او قيدي!

پنهنجو پاڻ پتوڙ

چمڪي تي تون هرکي پنهنجو پاڻ نه ٿيءَ اسير

روپا آهن يا سونا ته به آهن هي زنجير

هار گلن جا توکي قيدي ڪن تن کي به مروڙ

ها تن کي به مروڙ او قيدي!

پنهنجو پاڻ پتوڙ

ڪنهن کي ڪوئي بنائي باندي ڪنهن جي ڇاهي مجال،

سڀڪو ڄار اُڻي ٿو پنهنجي لاءِ ٿئي جنجال

تو ڀي پنهنجي لاءِ بنائي آهي هي پنجوڙ

ها ها هيءُ پنجوڙ او قيدي!

پنهنجو پاڻ پتوڙ

او قيدي! هيءَ آزادي ڀي پنندي ڪين ملي ٿي

رت ۽ ماس جي قربانيءَ ريءَ راضي ڪين ٿئي ٿي

زور لڳائي خون وهائي زنجيرن کي ٽوڙ

زنجيرن کي ٽوڙ او قيدي!

پنهنجو پاڻ پتوڙي

  

مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ، مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

 

مٺڙي مٺڙي هير لڳي ٿي

تنهنجي منهن تي ٿپڪي هڻي ٿي

تنهنجي ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪي ٿي

نينهن جا نياپا توکي ڏئي ٿي

هير جي مٽجي جهولي ٿيڻ کان اڳ ڪا راند رچاءِ

           مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

 

پيار جا سُرڪي جهونگاريندو

ڀونئر هوا تي ترندو ايندو

توتي هر ڦيرا ڏيندو

توتان پنهنجو سر گهوريندو

هن جي دکي ٿي موٽڻ کان اڳ هن سان نينهن نڀاءِ

مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

 

هر ڪنهن سوچ کان ٿيءُ پري تون

ماڪ جا پيالا پيءُ ڀري تون

فڪر نه مرجهائڻ جو ڪري تون

هوريان هوريان، هري هري تون

موت جي ماريءَ تي مرڪي ڪي پيار جا نغما ڳاءِ

 مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

 مکڙي! مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

 

 

 

پيار جو سمنڊ اجهاڳ پيارا، پيار جو سمنڊ اجهاڳ!

لهر ڪناري سان ٽڪرائي

مٺڙا مٺڙا ساز وڄائي

جهومي ناچ ڪري لهرائي

تون ڀي ڇيڙ ڪو راڳ پيارا، پيار جو سمنڊ اجهاڳ!

لڏندڙ لهرون ڇلندڙ ڇوليون

آءُ هنن مان ماڻڪ ڳوليون

اڄ ته ڀريون موتين سان جهوليون

کٽن اسان جا ڀاڳ، پيارا، پيار جو سمنڊ اجهاڳ!

جن جن لهرن سان لنولاتي

تن ئي ماڻي آهي حياتي

جن موجن مان جهاتي پاتي

آهي تن جو ماڳ، پيارا، پيار جو سمنڊ اجهاڳ!

 

 

دوها

مهڻو ناهي مرڻ اڄ مون لئه جيئڻ آهي ويڻ

ماڻهوءَ جو ملهه ڪين سڃاڻن ها ماڻهوءَ جا نيڻ

اکڙيون کولي کولي ڳوليو سڀ وٽ آهي سچ

ماڻهو ماڻهو ماڻڪ آهي ڪوئي ناهي ڪچ

جيءُ جڏو آ عزم وڏو آ ڏسجان تون ڪنهن ريت

تارن وانگر جرڪي جرڪي جاڳي پوندا گيت

مٺڙا ماڻهو اوري آ، ۽ وهه جو پيالو پيءُ

سچ جو نانءُ وٺين ٿو، تون ڀي امر انهي جان ٿيءُ

جيئڻ وارا مري نه سگهندا لک هلايو زور

موت گهڻو ئي پاڻ ملهايو هاڻي ٻيا ڪي طور

ڳالهه چوين ٿو جيڪا سا تون سوچي سمجهي چئو

آءُ ڏيئو آهيان، ڏيئي کي اوندهه جو ڇا ڀؤ

طوفانن جي سينن تي ٿي رهي سندم جاکوڙ

مان ٻيڙي آهيان ۽ مون کي لهرن جي ڇا لوڙ

داڻي پاڻي سان ڪيئن گهٽبو آزاديءَ جو ساءُ

ڪڏهن پکي جو ٿيو به آهي پڃري سان پرچاءُ؟

مڙندا ڪين مصيبت ۾ هو ڪيئن مڃيندا آڻ

لڱ لڱ جن جو لوهه ته جن جو سينو آ سنداڻ

سچ سوريءَ کي سونهن ڏئي ٿو، سوري سچ جو زيب

هر ڪو عيسيٰ کڻي ڪلهن تي پنهنجو پاڻ صليب.

 

موهن جو دڙو

 

اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان

تنهنجي ويرانيءَ ۾ چؤ ايڏي ڪشش آئي ڪٿان

 

تنهنجي برباديءَ تان صدقي تنهنجي مٽجڻ تان نثار

تنهنجي بربادي ئي ٿي وئي آهي تنهنجو يادگار

 

بي ڪفن مُردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري

جنهن ڏني هئي سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگي

 

تنهنجون هي خاموش ۽ ساڪت گهٽيون، هي رک جا ڍير

دور ديسن کان ڏسڻ لاءِ ٿا اچن ڏس ڪير ڪير

 

تو ڏنا آهن زماني جا گهڻائي انقلاب

تنهنجي سيني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب

 

تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو هئين

سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين

 

۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهي

پنهنجي ماضيءَ جي بلنديءَ ڏي وري ايندي رهي

 

قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا

سنڌ جي گلشن ۾ ڪيئي گل نوان کلندا رهيا

 

اڄ وري مهراڻ جي مَي ساڻ پُر پيالا ٿيا

هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا

 

اوچتو ئي اوچتو توکي هي ڪهڙو پور پيو

جو کڻي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن تڪيو

 

تنهنجي نظرن جي انهن ويرانين جو هو اثر

جو ويا هڪ پل ۾ ٿي ويران ڪئي آباد گهر

 

ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئي پنهنجي قريب

اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب

 

وقت جا طوفان اُڪري پنهنجو ٻيڙو پيار ٿيو

پر ڪنارن تي اچي ٽڪرائجي پرزا ٿيو

 

وقت جي ڦيري هنن باغن کي بدلي بَرُ ڪيو

ڪالهه هئا جت هنج اڄ ڪانون اتي آ گهر ڪيو

 

ڪلهه ڪچهرين ۾ لڳل رهندو هئو جت ٽهڪڙو

موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو

 

ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا

خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا پريشان ٿي ويا

 

هي ڊٺل جايون ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي

هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي

 

تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي

سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي

 

 

 

تون ڀرپور خوشيءَ ۾ منهنجي ٻانهن سهاري وهندين

توکي پنهنجا ڏک هوندا تون سي به وساري وهندين

 

توکي مرڪائڻ خاطر مان ڪيئي سانگ رچايان

تنهنجي منهن تي مرڪ ڏسي هيءَ دنيا سُرهي ڀانيان

 

کل جون ڳالهيون ٽهڪن ۾ ئي ٽلندي ٽلندي هلنديون

من جون مکڙيون ڪر موڙينديون ٽڙنديون کڙنديون کلنديون

 

هلڪين ڳالهين ساڻ دلين جا بار جهڪا ٿي پوندا

تنهنجي چپن سان لڳندي لڳندي لفظ مٺا ٿي پوندا

 

تنهنجي ڳلن تان گسندي گسندي هير به سُرهي ٿيندي

اوريان پرتان ۽ چوڌاري هڪ هٻڪار به ايندي

 

تنهنجون ناسي ناسي اکڙيون ڄڻ ته نشو اوتينديون

تو ڏي ڏسندي ڏسندي منهنجون اکڙيون ڍرڪي وينديون

 

 

 

صبح نه آهي دور ساٿي!

صبح نه آهي دور

لمبي رات وهامي ويندي

دک جي آگ اجهامي ويندي

آس نه لاٿي جي تو ساٿي

اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون

ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون

ڇو ٿو وڃين وهلور ساٿي!

صبح نه آهي دور.

 

ڪارن پردن مان پرڀاتيون

اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون

صبح ٿئي ٿو نور وسي ٿو

رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي

اونداهين جو هانءُ ٿو ڦاٽي

ڄاڻ لٿا هي سور ساٿي!

صبح نه آهي دور.

 

ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو

ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو

نور جو پهريون پهريون ڪرڻو

اونداهين جي سينو چيري

وڌنڌو اچي ٿو ڌيري ڌيري

ڄاڻ وسي ٿو نور ساٿي!

صبح نه آهي دور.

 

هل ته رفيقن کي جاڳايون

صبح سان گڏجي جوت جلايون

منهنجا ساٿي منهنجا سنگتي

آءُ ته ڳايون گيت سحر جا

اچ ته ڪريون دنيا ۾ اُجالا،

ڇو ٿو پچائين پور ساٿي!

صبح نه آهي دور.

 

ڇڪتاڻ

 

ڏيهه جي ڏاٽن سان اميدن جا سرويا ڪاٽجي

ڏاڍ جي ڏاندن جي پيرن هيٺ ويا چيڀاٽجي

ته به اڃا تائين جيڻ جي آس آهه

زندگيءَ جي راهه ۾

ماڳ ڏي وڌندا رهياسين جهڙپ جهولن جي سهي

پنهنجي عظمت اک اُن سان ٿي ملائيندي رهي

ها اڃا تائين هلڻ جي آس آهه

زندگي جي راهه ۾

پاڻ طوفانن جي ئي پيٽن ۾ پلٽندا ٿا رهون

هنس جان سينو ڪڍي لهرن تي لڙهندا ٿا رهون

ها اڄ تائين وهڻ جي آس آهه

وقت جي هن واهه ۾

جيئڻ پچڻ جو پهه ڪيوسين ڪئي ڀڀڙ ڀڙڪي پيا

نيٺ سهڻيءَ جي گهڙي جان ئي پچي ٿياسين پڪا

ها اڃا تائين جلڻ جي آس آهه

عشق جي آڙاهه ۾

زندگي ڇڪتاڻ کان مايوس ڪڏهين ٿي نه آهه

هير جان هلندي آ هردم پر ڪڏهن ٿڪبي نه آهه

ها اڃا تائين رهڻ جي آس آهه

وقت جي وڻراهه ۾

 

 

ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، هن رات اسان کي روليو آ

ته به اونداهين جي قيدن ۾ در آزاديءَ جو کوليو آ

ڪنهن جيءُ جهنجهوڙي جاڳايو جو روح به پاسو اُٿلايو

ڪنهن سيرانديءَ کان آهي سڏيوڪنهن پيارمان ٻهه ٻهه ٻوليو آ

جو لال وڃائي ويٺس مان سو ڪيئن لڀي سو ڪيئن لڀي

مون راتيون رت جي ڳوڙهن ۾ روئي تنهن کي پي ڳوليو آ

ڏس واريءَ تي ٿي باک ڦٽي ڏس اوڀر کي ٿي لاک لڳي

ڏس مارڳ تي ٿي ماڪ وسي هي صبح ته تو مون ڳوليو آ

اڄ هيڻا پاڻ وهيڻا ٿي هن ڪارونڀار کان اُڪرن ٿا

هن وقت ڇتين ڇولين وانگر پئي جن جو من ڇا ڇوليو آ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com