سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :11

تنوير: اهو نه فقط ڪهاڻيءَ سان آهي، پر ادب سان به اهو الميو آهي، ۽ سڄي سماج سان اهو الميو آهي. انگريزي تعليم ۽ ادب ڏانهن گهٽ ڌيان جيڪو آهي، اهو اسان جي نواجون اديب کي انهيءَ قابل نٿو بڻائي جو هو پنهنجو مطالعو وسيع ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته فقط سنڌي اڙدو پڙهڻ سان ته ڪافي مطالعو نٿو ٿئي، ۽ هن جو انگريزيءَ کان اڻڄان هجڻ ئي، هن ۾ اهو رچاءُ هن جي ذهن ۾ اها وسعت پيدا نٿي ٿئي، جو هو سٺو لکي سگهي. اسان ته مئٽرڪ پاس ڪرڻ سان ئي شيلي، ڪيٽس ۽ شيڪسپيئر کي پڙهڻ شروع ڪيو. ۽ هاڻي جيڪي انگريزيءَ ۾ ايم. اي. پاس آهن، اُهي شيلي، ڪيٽس ۽ شيڪسپيئر پڙهي نٿا سگهن!

طارق: اسان جو چوڻ آهي ته اسين هڪ ڪروڙ سنڌي آهيون. هڪ ڪروڙ مان ٻه ٽي لک پڙهيل لکيل سنڌي ته هوندا، ۽ انهن مان اٺ ڏهه هزار ته سنڌي اهڙا هوندا، جيڪي ادب پڙهندا هئا، پر انهيءَ جي باوجود اسان جا ڪتاب هزار ٻن کان مٿي نٿا وڪامن. انهيءَ جو سبب اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو آهي؟

‎تنوير: مان تازو يورپ مان چڪر هڻي آيو آهيان. ادبي ڪتابن جو وڪرو اُتي به گهٽ آهي، جيتوڻيڪ هنن جي مارڪيٽ به وسيع آهي، سڄي دنيا مارڪيٽ اٿن. اڙدوءَ ۾ به ادبي ڪتاب پنج سو مس ٿا هلن. مون اڙدوءَ جي ڪيترن ئي وڏن اديبن سان ڳالهايو آهي، انهن جا ادبي پرچا به مشڪل سان پنج سو وڪامن ٿا. هي دور ئي اهڙو آهي. ٻي ڳالهه ته اسان ڪمرشلائيز به نه ٿيا آهيون ۽ نه وري اسا اڃا پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهيو آهي. پڙهندڙن کي سسپينس ۽ ايڊوينچر وڻن ٿا، اسان جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ اُهو آهي ڪونه. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ جاسوسي ناول ڇپجن ته اُهي ڏاڍا هلندا.

طارق: اوهان جو خيال آهي ته پڙهندڙن جو حلفو وڌائڻ لاءِ اسان کي ڊائجيسٽ ۽ جاسوسي ڪتاب ڇپڻ گهرجن؟

تنوير: منهنجي خيال ۾ ته انهيءَ ۾ ڪو به حرج ڪونهي. جيڪڏهن اسين سنڌيءَ ۾ نه ڇپينداسين ته اُهي اڙدوءَ ۾ پڙهندا، انگريزيءَ ۾ پڙهندا. سو جيڪڏهن اسين انهن کي سنڌيءَ  ۾ اهو مواد ڏينداسين ته اسين گهٽ ۾ گھٽ سنڌيءَ جي ٿوري گهڻي خدمت ته ڪنداسين.

طارق: جاسوسي ادب يا دائجيسٽن ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجن ٿيون، انهن کي اوهان ڪهڙي ادب ۾ شمار ڪندا؟

تنوير: جاسوسي ادب ۾ جيئن سر آرٿر ڪان ڊائل جو شرلاڪ هومز آهي، انهيءَ کي اوهين بهترين ڪلاسڪ چئي سگهو ٿا. يا الفريڊ هچڪاڪ کي توهين اوريجنل پڙهو ته اهو به هڪ زبردست ادب آهي. ادب جو هڪڙو شعبو آهي. جيڪي ڊائجيسٽن ۾ عام رواجي لکڻيون اچي رهيون آهن، اهي به تمام باقي تمام هيٺين ليول تي آهن. ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ ۾ رچاءُ ڪيترو آهي. جاسوسي هجي يا ايڊوينچر، ڏسجي ته انهيءَ ۾ رچاءُ ڪيترو آهي، بلندي ڪيتري آهي، فن ڪيترو آهي، اهو تاثر ڪيترو ٿو ڇڏي.

طارق: اوهان جي خيال ۾ ڪهڙي قسم جو ادب پيش ڪرڻ گهرجي؟

تنوير: (ڪجهه دير سوچي) اسان کي اهڙو ادب پيش ڪرڻ گهرجي، جيڪو عام پڙهندڙن کي ائڪسيپٽيڊ به هجي، ۽ هن جي ذهني تربيت به ڪري. ٻيئي ڳالهيون هن ۾ هجن. ڇاڪاڻ ته اسان جي عام ماڻهوءَ جي اڃا ذهني تربيت نه ٿي آهي.

طارق: رسول بخش پليجو صاحب، جيڪو هڪ سٺو نقاد پڻ آهي، هڪ دفعي مون کي چيو هو ته _ ادب براءِ ادب، ادب براءِ زندگي، اها مسخري مهاجرن جي پيدا ڪيل آهي. ادب ۾ اهڙي ڪا شيءِ ڪانهي. اوهان جو انهيءَ باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟

تنوير: (کلندي) مهاجرن جي نه، اها مسخري ته سڄي دنيا ۾ هلي رهي آهي. انهن غريبن جو ڪهڙو ڏوهه! لٽريچر فار لائف، لٽريچر فار لٽريچر سيڪ آهي. آسڪروائيلڊ پنهنجي ڪتاب ’پڪچر آف ڊورين گري‘  جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ادب جيڪو آهي، سو _ ”اِٽ از فار آرٽ سيڪ. ديئر از نٿنگ ڊولائيڪ.“ اسين انهيءَ ڳالهه کان ڪيترو به ڀڄون، پر ’پڪچر آف ڊورين گري‘ مون کي ادب براءِ زندگيءَ جو هڪڙو وڏو زبردست شاهڪار لڳندو آهي. جيڪي به اخلاقي قدر آهن، انهيءَ کي بيان ڪيو اٿس، انهيءَ تي بحث ڪيو اٿس، انهيءَ جي سڄي تصوير ڏيکاري اٿس.

طارق: ادب براءِ ادب ڇا آهي؟

تنوير: ائين کڻي چئو ته هو، هڪڙو گروهه هو، ڪنهن زماني ۾، جنهن جي سوچ هئي ته سماجي، اقتصادي ۽ معاشرتي شعبن سان ادب جو واسطو نه هئڻ گهرجي، اهو آهي ادب براءِ ادب.

طارق: هڪ دفعو وري ’شعر‘ طرف موٽان ٿو. اوهان جاپاني شعر ’هائيڪو‘ جو ذڪر ڪيو. جاپاني شاعريءَ ۾ ’واڪا‘ به آهي. اهو’واڪا‘ ڇا آهي؟

تنوير: جاپاني شعر ۾ ’واڪا‘ به آهن ۽ ’رينگا‘ به آهن، ’سيڊوڪا‘ به آهن _ اهي سڀيئي جاپاني شاعريءَ جون صنفون آهن. ۽ ’ٽنڪا‘ به آهن. پر انهن جو تفصيل مون کي هن وقت ياد ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصو اڳ پڙهيا هئم.

طارق: اوهين جڏهن شعر لکو ٿا ته اوهان جي ذهن ۾ عام ماڻهو هوندو آهي يا ڪي خاص ماڻهو، يا اوهين رڳو پنهنجي لاءِ لکو ٿا؟

تنوير: (ڪجهه دير سوچي) يار مون ڪڏهن اهو سوچيو ڪونهي ته ڪنهن جي لاءِ ٿو لکان _ عام ماڻهوءَ لاءِ، خاص لاءِ، پنهنجي لاءِ. بهرحال شعر مان لکي ويندو آهيان، پوءِ ڪي دوست پسند ڪندا آهن. ڇو پسند ڪندا آهن، اها خبر هنن کي. مون ڪڏهن سوچي ڪنهن جي لاءِ لکيو ڪونهي. جيڪي ڪجهه ذهن ۾ هوندو آهي، اُهو ڪاغذ تي اُتاريندو آهيان.

طارق: ڇا اوهان جي زال کي اوهان جا شعر پسند آهن؟ ڪڏهن اوهان خاص هن لاءِ ڪجهه لکيو آهي؟

تنوير: حقيقت ۾ اهو ادبي جاسوسيءَ جو ڪم آهي ۽ انهيءَ کي ڪرڻ گهرجي. اها ته توکي خبر هوندي ته منهنجا ڪجهه شعر اهڙا آهن، جيڪي گذريل دور ۾ لکيا هئم، هاڻ به مون هڪڙو نظم لکيو آهي، انهيءَ قسم جو.

حميد: (وچ ۾ ڳالهائيندي) هڪڙو سوال مان ٿو پڇان.

تنوير: (کلڻ لڳو ۽ چيائين) منڪر نڪير پورا ٿي ويا؟

حميد: اوهان جي جيڪا شاعري آهي، منهنجو خيال اهي ته اوهان جو رومانس انهيءَ تي... وڌيڪ اوهين چئي سگهو ٿا. اوهان جي رومانس جي ڪري اوهان جي شاعريءَ ۾ نکار پيدا ٿيو، يا اوهان پوءِ شاعري ڪرڻ لڳا؟

تنوير: شاعري ته مان اڳ ۾ به ڪندو هوس.

حميد: منهنجو مقصد آهي ته شاعريءَ ۾ نکار پوءِ پيدا ٿيو؟

تنوير: اهو ته اوهان منهنجي اڳ ۽ پوءِ جي شاعري پڙهي، پاڻ فيصلو ڪري سگهو ٿا.

حميد: اوهان جي شاعريءَ تي رومانس جو اثر ڪيترو وقت رهيو؟

تنوير: اهڙو اثر هڪڙي دور تائين رهي ٿو.

حميد: ’رڳون ٿيون رباب‘ جيڪو اوهان جي شعرن جو مجموعو هو....

تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اهو انهيءَ کان اڳ جو هو.

حميد: اڇا، اهو اڳ جو هو؟

تنوير: ٻيو مجموعو ’شعر‘ جو هو. هاڻ اوهين فيصلو پاڻ ڪريو: نکار پهرين هو يا پوءِ آيو.

طارق: اوهان جي گهرو زندگيءَ تي اوهان جي لکڻ جي ڪري ڪو اثر پوي ٿو؟ اوهان جي زال کي ڪڏهن اعتراض ٿيو آهي اوهان جي لکڻ تي؟

تنوير: عورتون مڙئي عورتون آهن.

طارق: اوهان جي ٻارن کي ادب سان چاهه آهي؟

تنوير: منهنجي ڪڪي پارس ڏاڍا سٺا شعر لکندي آهي، پر ايترو محجوب آهي، جو ڇپائي نه ٿي. هڪ دفعي مون وٽ ڪيترا شاعر دوست آيا، هنن پنهنجا شعر ٻڌايا  پارس به ٻڌايا. ڪيترا شاعر، جيڪي ويهن سالن کان شعر لکن پيا، انهن چيو ته اسان هن وقت تائين جک ماري آهي، هيءَ ڇوڪري اسان کان سٺو ٿي لکي. پر هوءَ ڇپائڻ لاءِ تيار ناهي. باقي ادب پڙهڻ تائين سڀني ٻارن کي شوق آهي.

طارق: اوهان خود اها ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان جا ٻار به ليکڪ بڻجن؟

تنوير: نه. ڪوشش مون ٻارن کي ڪجهه به بڻائڻ جي نه ڪئي آهي. مون ٻارن کي آزاد ڇڏيو آهي ته جيڪو ڪجهه بڻجڻ چاهين، بڻجن.

طارق: آغا سليم سنڌيءَ ۾ ڏاڍو سٺو ڪهاڻيڪار آهي. سال کن اڳ هن مون کي هڪڙو خط لکيو هو ته ”توکي پڙهي خوشي ٿيندي ته مان شاعري ڪرڻ لڳو آهيان، ۽ تنهنجا جيڪي وڏا وڏا شاعر آهن، انهن کان وڌيڪ سٺي شاعري ڪئي اٿم.“ تازو ’برسات‘ مخزن ۾ آغا سليم جي شاعري ڇپي آهي. اوهان جو هن جي شاعري متعلق ڪهڙو رايو آهي؟

تنوير: سٺا شعر آهن. واقعي سٺا شعر آهن.

حميد: (وچ ۾ سوال ڪندي) تنوير صاحب، شيخ اياز جي جيڪا نثري شاعري آهي، انهيءَ متعلق اوهان جو ڇا خيال آهي؟ اها سهل پسندي ڪانهي؟

تنوير: انهيءَ تي اڳ ۾ بحث ٿي چڪو آهي. اسين هتي تفصيلي ڳالهائي چڪا آهيون اياز جي حوالي سان نه، پر جنرل. آزاد نظم جي ٽيڪنيڪ تي.

حميد: مان اياز جي حوالي سان چوان ٿو ته اياز جهڙو ماڻهو به اهڙا نظم لکي؟

تنوير: اياز جو مطالعو گهڻو آهي. مون سان ويجهڙائيءَ ۾ ملاقات نه ٿي اٿس، انهيءَ ڪري مان اهو چئي نٿو سگهان  ته هو ڪهڙي دور مان پيو گذري. پر مان هو چوندس ته اهي نظم هن جا پراڻا آهن، اسان کي گهڻو وقت اڳ ٻڌايا هئائين. بهرحال اياز جيئن پابند نظم ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي چڪو آهي، يا بيتن، گيتن، واين يا نظم ۾ جيڪو ڌاڪو ڄمايو آهي، اُهو هو نثري نظم ۾ ڄمائي نه سگهيو آهي.

طارق: رسول بخش پليجي جو چوڻ آهي ته ڪهاڻيون اهڙيون لکجن، جنهن ۾ رڳو معاشري جا مسئلا نه هجن، پر مسئلن جو حل به هجي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟

تنوير: حل ته گورڪي به ٻڌايو آهي. ٽالسٽاءِ به ’ري سريڪشن‘ ۾ حل ٻڌايو آهي. سندري اُتمچنداڻي به ’ڪرندڙ ديوارون‘ ۾ حل ٻڌايو آهي. اهي سڀ وڏا ڪتاب آهن. پر ڪيترا اهڙا ڪتاب به آهن. جن ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. ڪرشن چندر جا ڪيترا ڪتاب، ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. سعادت حسن منٽو جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. پر تڏهن به ڪهاڻين جو شمار عظيم ادب ۾ ٿئي ٿو. مطلب اهو ته ڪهاڻيڪار ڪيتري قدر پنهنجو پاڻ مسئلن ۾ اونهو وڃي ٿو. هن کي بيان ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ تي ڪيتري قدرت آهي. هن جو اسٽائيل ڪهڙو آهي، هو ٽيڪنيڪ کان ڪيترو ڪم وٺي ٿو. پوءِ هو حل نه به ٻڌائي، هن جي ڪهاڻي عظيم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن حل ٻڌائي تڏهن به ٿي سگهي ٿي. اسان هڪ مفروضو ٺاهي پوءِ انهيءَ تي هڪ اديب جي اسٽائيل کي ماپي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته دنيا جو ادب اسان جي آڏو پکڙيو پيو آهي. جمال ابڙي جي ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. ’بدمعاش‘ آهي، ’شاهه جو ڦر‘ آهي، ’منهن ڪارو‘ آهي. ڪنهن ۾ به حل ٻڌايل ڪونهي، سواءِ ’پشو پاشا‘ جي. هن هر ڪهاڻيءَ ۾ رڳو واقعو پيش ڪيو آهي، پر رسول بخش پليجو به انڪار نه ڪندو ته جمال جون اِهي ڪهاڻيون عظيم ڪونهن.

طارق: ليکڪ معاشري کي سڌارڻ لاءِ لکي ٿو. مبلغ به معاشري کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. اوهان جي نظر ۾ ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو آهي؟

تنوير: مبلغ جي جيڪا ائپروچ آهي، سا اها آهي ته جيڪو مان سوچيان ٿو، اهو صحيح آهي. ٻين کي به اهو مڃڻ گهرجي ۽ مان ٻين کي به ذهني طور پاڻ جهڙو بڻايان. اها آهي هن جي مِشن. عيسائي مِشنري آهي ته هن جي مشن به اها آهي. جيڪڏهن اسان جو تبليغي آهي ته هن جي مشن به اها آهي. پر اديب جيڪو آهي، هن جي دل ۽ هن جو ذهن وسيع آهي، تنهن ڪري جيڪي تاريخي حقيقتون آهن، سماجي حقيقتون آهن، انهن جو مطالعو ڪري ايماندارانه ۽ حقيقت پسند رويي سان لکي ٿو. اديب اهو نٿو چوي ته جيڪو مان سوچيان ٿو، اهو ئي صحيح آهي ۽ انهيءَ تي ڳنڍ ڏيئي بيهي رهو. هو جو ذهن کليل آهي ۽ قيامت تائين کليل رهندو.

طارق: هن وقت جيڪي ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن، اوهان انهن کان مطمئن آهيو؟ اُهي ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ سٺيون ڪهاڻيون آهن؟

تنوير:  ڪي ته آهن.

طارق: مثال طور؟

تنوير: هن وقت...؟

طارق: ها.

تنوير: (ڪجهه دير سوچيندي) هن وقت ۾ اوهان ڪهڙو وقت ٿا شامل ڪريو؟

طارق: منهنجو مقصد نون ڪهاڻيڪارن ڏانهن آهي، جن ڪجهه عرصو اڳ لکڻ شروع ڪيو آهي. ڪهاڻيڪارن جي جيڪا نئين ٽهي آئي آهي، ڇا انهن ڪي اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي اوهان کي ياد بيٺيون هجن؟ جيئن جمال ابڙي جي ڏهن ڪهاڻين جا نالا اوهان کي ياد بيٺا آهن. آغا سليم، نسيم کرل، جليل يا مغل جي بهترين ڪهاڻين جا نالا اوهان کي ياد هوندا؟

تنوير: نون ڪهاڻيڪارن ۾ هڪڙو ڇو ڪرو آهي _ بادل جمالي. هن جون ڪهاڻيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن. باقي ٻين ڪهاڻيڪارن جا نالا هن وقت فوراً ياد نٿا اچن.

طارق: ڪي نالا مان اوهان کي ياد ڏياريان؟

تنوير: ها، نالا ٻڌايو.

طارق: طارق عالم ابڙو، محمود مغل.....

تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) محمود مغل جون هڪ ٻه ڪهاڻيون مون کي ياد اچن ٿيون.

طارق: ڪجهه عرصو اڳ جيڪي ڪهاڻيڪار عورتون سامهون آيون آهن، ۽ جن جي ڪهاڻين جا مجموعا به نڪتا آهن، يعني خير النساء جعفري، نور الهدى شاهه ۽ تنوير جوڻيجو _ اوهان جو انهن جي ڪهاڻين متعلق ڪهڙو رايو آهي؟

تنوير: مون کي خير النساء جعفري تمام گهڻو امپريس ڪيو، نمبر ٻئي تي نور الهدى شاهه به سٺو لکي ٿي، پر هن وٽ رپيٽيشن آهي، ساڳي خير النساء جعفريءَ جي موضوعن جي. ٿي سگهي ٿو ته پڙهندڙن کي پسند ايندي هجي، پر مون کي ايترو امپريس نه ڪيو اٿس.

طارق: سنڌيءَ ۾ غلام نبي مغل، ماڻڪ يعني منير احمد ۽ وشنو ڀاٽيا جنس تي لکيو آهي. انهن جي متعلق اوهان جو رايو؟

تنوير: (ڪافي دير سوچي) هينئر هنن جي ڪهاڻين جي باري ۾ مون کي پوريءَ طرح ياد ڪونهي. البت غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جي بابت مان ڪجهه چئي سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن جون ڪافي ڪهاڻيون مون کي ياد رهجي ويون آهن. باقي ٻين ليکڪن جون ڪهاڻيون هڪ دفعو وري پڙهان ته پوءِ رايو ڏيئي سگهندس.

طارق: مغل جي انهن ڪهاڻين جي باري ۾ ڪهڙو رايو آهي؟

تنوير: مغل جي آبجيڪٽو اسٽڊي آهي. معروضي مطالعو آهي.

طارق: سنڌيءَ جا ڪهڙا ڪهاڻيڪار اوهان جي نظر ۾ وڏا ڪهاڻيڪار آهن؟

تنوير: (ڪجهه دير سوچي) تمام وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ جمال ابڙو آهي، رباني آهي، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، آغا سليم، امر جليل، حميد سنڌي آهي.

طارق: ڀارت جي ڪنهن ڪهاڻيڪار جو نالو اوهان نه کنيو؟

تنوير: موهن ڪلپنا، ايشور چندر، سندري، وشنو ڀاٽيا.

طارق: جيڪڏهن اوهان کان سنڌيءَ جي سڀ کان وڏي ڪهاڻيڪار جو نالو پڇجي؟

تنوير: جمال ابڙو.

طارق: اوهان ڪجهه وقت اڳ يورپ ويا هئا، اتي اوهان جي ڪنهن رائيٽر سان ملاقت ٿي هئي؟

تنوير: مان لنڊن ۾ پوئٽري سوسائٽيءَ ۾ ويو هوس. مون هنن جي هڪڙي ميٽنگ به اٽينڊ ڪئي هئي. اتي منهنجي هنن سان ملاقات ٿي هئي. اُتي آلچن سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. هو مون کي ڪئمبرج وٺي ويو هو. هن مون کي ٽرئڊيشنل ڊنر تي انوائيٽ ڪيو هو. ٻيو ڊاڪٽر شئڪل سان ملاقات ٿي هئي، جيڪو لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪول آف ايشين ۽ آفريڪن اسٽڊيز ۾ آهي ۽ اتي سرائڪي پاڙهيندو آهي. هن منهنجي دعوت ڪئي هئي. سنڌ ۾ ٻه ٽي دفعا آيو آهي، هتي به ساڻس ڪچهريون ٿيون آهن. باقي ٻين ملڪن ۾ ٻوليءَ جو مسئلو هو. فرينچ مون کي اڃا ايتري ايندي ڪانهي. باقي خواهش هئي ته سارتري سان ملان. تن ڏينهن ۾ سارتري جيئرو هو. جنهن ڪيفي ’ديو مئگو‘۾ هو ويهندو هو، انهيءَ جي ٻاهران ڏاڍا چڪر ڏنم ته شايد نظر اچي، ديدار ٿي وڃي، پر هو ڪونه آيو.

طارق: ٻڌو اٿم ته هِتي وانگر هُتي به شعرن جا مجموعا ڪونه ٿا هلن. ڇا اها صحيح ڳالهه آهي؟

تنوير: لنڊن جي پوئٽري سوسائٽيءَ ۾ پوئٽري بڪ شاپ آهي. انهيءَ بڪ شاپ ۾ جيڪي به شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجن ٿا، اهي سڀ موجود هوندا آهن. اتي مون ڪن شاعرن جا اهڙا مجموعا به ڏٺا، جيڪي سائڪلو اسٽائيل ٿيل هئا، ۽ اتي وڪري لاءِ پيل هئا، پر ڪنهن ڪونه ٿي ورتا. اتي شاعرن دانهون پئي ڪيون ته اسان جا ڪتاب نٿا هلن. بهرحال تڏهن به گورنمينٽ هنن کي ايتري ايڊ ڏئي ٿي، ۽ اهي پاڻ ۾ ايترو چندو ڪن ٿا، جو پوئٽري سوسائٽي هلي پيئي. هڪڙي ’پوئٽري مخزن“ ڪڍن ٿا. پوئٽري مخزن ۾، سڄي دنيا ۾ شاعريءَ ۾ ڇا پيو ٿئي، اُهو موجود آهي. پاڪستاني شاعري نه انگريزي شاعريءَ ۾. آمريڪا ۾ فلاڻي شاعر جو فلاڻو ڪتاب ڇپيو آهي. اُهي جيڪا ببليوگرافي ڏين ٿا، اُها ئي ايتري مڪمل هوندي آهي جو شاعريءَ جي هر ڪتاب جو ذڪر اچيو وڃي. انهيءَ کان علاوه سوسائٽيءَ ۾ ميٽنگون ٿين ٿيون. هر هفتي اهي ميٽنگون ٿينديون آهن. هڪڙو اڱارو نون شاعرن لاءِ آهي. جيڪو به نئون شاعر شعر پڙهندو، هن کي تمام غور سان ٻڌندا ۽ رهنمائي ڪندا. هڪ هفتي ڪو آمريڪن، جرمن، فرينچ يا ڪنهن ٻي زبان جي شاعر کي سڏيندا. ٻئي هفتي وري گذري ويل شاعر تي بحث ڪندا آهن. سڀيئي اسان وانگر شاعر آهن... شمشير جهڙا يا علي بابا جهڙا _ سڃا ۽ بکيا. جيڪو به شاعر اندر ويندو، 50 پينس ٻاهر ويٺل ڪئشيئر کي ڏيندو. نڪا رسيد، نڪو ٽڪيٽ.

طارق: مشاعرن ۾ شريڪ ٿيا هئا؟

تنوير: مشاعرن ۾ شريڪ ڪونه ٿيو هوس. انهن ڏينهن ۾ هڪڙي شاعره Anne Bers Ford کي گهرايو هئائون. هن پنهنجي شاعري ٻڌائي هئي ۽ انهيءَ تي ٿورو بحث به ٿيو هو.

طارق: ڀلا هُتي اڄڪلهه آزاد شاعري ڪن يا پابند شاعري به ڪن؟

تنوير: ڪي اڃا تائين پابند شاعري ڪن ٿا. خود پوئٽري مخزن ۾ پابند شاعري اڃا ڇپجي ٿي، آزاد نظم به ڇپجن ٿا.

طارق: زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو جيڪو اوهان ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو؟

تنوير (ڪافي دير سوچي) هڪڙو واقعو مون کي ياد آهي. مان جڏهن ستن سالن جو هوس، 1941ع ۾، ڪراچي پهريون دفعي ويو هوس. ڪراچي زولاجيڪل گارڊن، جنهن کي انهن ڏينهن ۾ ”گانڌي گارڊن“ چوندا هئا، اسان جو بنگلو انهيءَ جي ڀرسان هو. جيئن ڪراچي پهتاسين، اسان جي گهر وارن چيو ته گانڌي گارڊن گهمي اچون. اسين سڀيئي گهمڻ وياسين. مون اُتي مور پهريون دفعو ڏٺو. مور جي خوبصورتي، سندس کليل پر ۽ سندس ناچ ڏسڻ ۾ مان ايڏو ته محو هوس، جو منهنجي گهر وارا اڳتي نڪري ويا ۽ مان اتي ئي بيٺو هوس. جڏهن مان انهيءَ محويت مان نڪتس ته ڏٺم ته گهر وارا هئا ئي ڪونه. ڏاڍو ڳوليم، رنم، ڪراچي پهريون ڀيرو آيو هوس، ٻار به هوس، ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ته ڇا ڪريان. باغ کان ٻاهر نڪري گهر ڳوليم، پر گهر ملي ئي نه. چڪر ڏيندي ڏيندي سانجهي ٿي ويئي. پوءِ گهر جي ڪنهن ڀاتي مون کي ڏسي ورتو ۽ گهر وٺي آيو. اهو واقعو اهڙو عجيب لڳندو اٿم، جو مور جي سونهن ڏسي سڀڪجهه وسري ويم.

طارق: زندگيءَ جو ڪو خراب واقعو، جنهن کي ياد نه ڪرڻ گهرو؟

تنوير: (ڪافي دير سوچي) ياد نٿو اچي.

طارق: سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي اٿو؟

تنوير: (ڪافي دير سوچي) ”سنڌي اهڙي موڙ تي پهچن، جتي يقين ٿي وڃي ته سنڌ جو مستقبل هاڻ خطري ۾ ڪونهي.“

طارق: آخري سوال ٿو پڇان: ’آرسي‘ اوهان پڙهي آهي، اوهان جو ڇا رايو آهي؟

تنوير: تمام سٺو رسالو آهي، ان ۾ مواد جي تمام سٺي چونڊ ٿيل آهي ۽ باذوق ماڻهن لاءِ آهي. گهڻي عرصي کان پوءِ اهڙي شيءِ پڙهڻ لاءِ ملي آهي.

 (”آرسي“، نمبر 3، سال 1984ع جي ٿورن سان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com