سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :8

تنوير عباسي                                  (خاڪو)

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي

 

رڳو هڏ ۽ چم، ماس نالي ماتبر به نه _ پر رنگ کُليل، منهن تي سدائين سرخي، چپن تي هميشه هڪ لازوال مرڪ، وار ۽ سونهاري اڃا، ائين لڳي ڄڻ ڪوتمام وڏيءَ عمر وارو بزرگ آهي، پر اکين ۾ نهاريو ته جوان: جهڙيون اُماڙيون _ پر اونهيون _ شفاف _ موتين جي جرڪي واريون _ تارا ڀُورا_ مون کي ڪڏهن به ڪراڙو نه لڳو_  نه هلڻ چلڻ مان، نه ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان. سدا جوان، سدا بهار شخص مون حياتيءَ ۾ گهٽ ڏٺا، ۽ انهن مان هڪ هو شيخ عبدالمجيد سنڌي.

”ڪراچي هوٽل“ جي ڏاکڻي ورانڊي جي ڪچهري تاريخي ڪچهري هوندي هئي. ان ۾ سرائي اميد علي (سنڌيءَ جو اوائلي افسانه نگار)، شيخ علي محمد (صحافي _ هاڻي سينيٽر)، عبدالرحيم عباسي (ڪراچي هوٽل جو مالڪ)، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا محمد يوسف (مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ساٿاري)، سيد سردار علي شاهه (روزانه ”ڪاروان“ جو ايڊيٽر)، مصطفيٰ قريشي (هاڻي ايڪٽر) ۽ ٻيا ڪيترائي اهم شخص اچي گڏ ٿيندا هئا. مان ۽ رباني ان ڪچهريءَ ۾ نوجوان شاگرد جي حيثيت ۾ علم جي اُساٽ کڻي اچي ويهندا هئاسين. ان ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شيخ صاحب لڪڻ جو ٺڪاءُ ڪري ”السلام عليڪم“ چئي اچي شامل ٿيندو هو.

مان ۽ رباني اڃا ٻار هئاسين. ذهنن تي شيخ صاحب جي شخصيت جو رعب ڇانيل هو. ادب سان ڪچهريءَ ۾ ويٺا هوندا هئاسين. شيخ صاحب جي باري ۾ سڀ معلومات هئي. پاڻ آل انڊيا شهرت جو ليڊر هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ مسلم ليگ جي واڳ سندس هٿ ۾ هئي، ۽ هو سنڌ جو بادشاهه گر (King Maker) هو. 1940ع ڌاري سنڌ جو ناڻي وارو وزير به رهيو هو، پر تڏهن به وزارت جي زماني ۾ سندس پٽ، خالد ۽ طارق ٽانگي تي اسڪول ويندا هئا. سرڪاري موٽر ڪار خانگي استعمال ۾ نه آڻيندو هو. ڪن اصولن جي ڪري جناح صاحب سان اختلاف ڪري مسلم ليگ ڇڏي هئائين. ڪنهن زماني ۾، هٿين خالي، سر شاهنواز ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئائين. شروع ۾ به ’مرد قلندر‘ هٿين خالي هو ۽ بعد ۾ به ائين ئي رهيو! سندس گهر ويندا هئاسين ته سڄو فرنيچر:_ ٻه ڀڳل ڪرسيون، کاڌيءَ جا ڪپڙا، ناس جي دٻلي هٿ ۾ _ اها هئي ڪل ملڪيت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي، جنهن جي دانائيءَ، ايمانداريءَ ۽ سياسي شعور جو ڌاڪو سڄي ننڍي کنڊ تي ڇانيل هو.

شروع ۾ ته سندس شخصيت جو وڏو رعب هو، پر پوءِ آهستي آهستي سندس شخصيت جو قربائتو پاسو سامهون ايندو ويو. پنهنجائپ وارو، پيار ۽ شفقت وارو. ”تنوير! ڇا ٿا ڪن نواجون؟“ مرڪي پُڇندو هو.

نه رڳو سياست ۾ ڀڙ، پر ادب، تاريخ، تصوف، فلسفو ۽ ٻولي به سندس قبضي ۾. ”الوحيد“ ۾ جيڪي ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيائين، سي سنڌي صحافت جو فخر لائق ورثو آهن. خاص ڪري ”نعره مستانه“ ڪالم ۾ سنڌي ٻوليءَ جو محاورو ۽ اصطلاح جيترو شيخ صاحب ان دور ۾ استعمال ڪيو، اهو ڪاڪي ڀيرومل، ڄيٺمل ۽ لالچند کان سواءِ ٿورن جي ئي وس ۾ آيو هوندو.

”ڪراچي هوٽل“ جي ڪچهري هجي، ڪا ادبي يا سياسي ميٽنگ هجي، يا ڪو عام جلسو، شيخ صاحب هڪ هڪ لفظ چٻي چٿي ڳالهائيندو. سندس هڪ هڪ جملو ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪلاڪن جي سوچ کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي. ميٽنگ يا جلسي جي صدارت ڪندو هوندو، ۽ ڪو ٺهراءُ پيش ٿيندو، ته ان جي هڪ هڪ لفظ تي سوچي، ان کي اهڙيءَ ريت لکندو ڄڻ ڪو ماهر قانون دان ڪنهن آئين جي مسودي جي ڊرافٽنگ ڪري رهيو آهي. قانوني توڙي آئيني طور ان ٺهراءُ ۾ ڪوبه اهڙو خال نه ڇڏيندو جو ان جي ڪنهن ٻيءَ طرح تشريح ٿي سگهي. جي ڪنهن ميٽنگ يا عام جلسي جي صدارت ڪندو، ته ان جي ڪاروائي باقاعده ’دستور‘ مطابق هلندي. ٺهراءُ پيش ٿيندو، ان جي تائيد ۾ ڳالهائيندڙ نالا ڏيندا، ۽ سڏ ٿيڻ تي ڳالهائيندا. مخالفن کي به ڳالهائڻ لاءِ وقت ملندو، ان جي ٻوليءَ وغيره ۾ ترميمون باقاعده پيش ٿينديون. هر مرحلي تي ووٽ ورتا ويندا، ۽ آخر ۾ مسودو سمورين ترميمن ۽ تبديلين کان پوءِ منظور ٿيندو.

ان زماني ۾ ئي اليڪشن جو اعلان ٿيو(53_1954ع). شيخ صاحب سنڌ اسيمبليءَ لاءِ سائين جي. ايم. سيد جي ”سنڌ عوامي محاذ“ جي طرفان حيدرآباد ۾ بيٺو. سائين جي. ايم. سيد اِهو محاذ مسلم ليگ جي خلاف ٺاهيو هو، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ صاحب، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا قوم پرست ۽ سوشلسٽ شامل ٿيا. ڪراچي هوٽل وارن يارن مون کي چيو ته مان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو پولنگ ايجنٽ ٿيان. ڀلا ان کان وڌيڪ فخر جي ڳالهه مون لاءِ ٻي ڪهڙي هئي. (اڄ تائين ان ڳالهه تي مان فخر ڪندو آهيان) اليڪشن ورڪ شروع ڪيوسين. شيخ صاحب جا مخالف ٻه هئا: هڪ عبدالهادي شاهه (ميران محمد شاهه جو ڀائيٽيو) ۽ ٻيو نواب زاهد علي خان (مهاجر ليڊر). ميران محمد شاهه، شيخ صاحب جو مداح به هو ته عقيدت مند به، پر مسلم ليگ ۾ هو، ان ڪري مقابلو ڪرڻ سندس فرض هو. ميران محمد شاهه سابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي، سابق وزير، سابق سفير به هو، ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ انوکو ليکڪ به هو، پر تڏهن به هُو شيخ صاحب جي آڏو آ ان اليڪشن ۾ اسان شيخ صاحب جون تقريرون ٻڌيون. هونءَ ته شيخ صاحب کي يا ”ڪراچي هوٽل“ جي ڪچهرين ۾ ٻڌو هوسين يا سندس گهر ۾، هن اليڪشن مهم ۾ شيخ صاحب جي تقريرن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. شيخ صاحب سڌو سنئون ٿي بيهندو هو: تقرير ڇا هوندي هئي، ڄڻ ڪو تاريخي دستاويز! منڍ ۾ ڌيمي لهجي ۾ مسئلن جو تعارف ڪرائيندو، پوءِ هڪ هڪ مسئلي کي کڻي، تفصيل سان سلجهائيندو ويندو، دليل ڏيندو ويندو. اهڙي ترتيب سان، اهڙي تسلسل سان، جيئن ڪو ماهر مقاله نگار مقالو لکندو آهي. ڪوبه خال نه ڇڏيندو، ڪوبه جهول نه وجهندو. ڪابه ڳالهه اڳتي پوئتي نه ٿيندي. جيڪا ڳالهه اڳ ۾ اچڻي هوندي، اها اڳ ۾ ايندي، ۽ جيڪا ڳالهه پوءِ چوڻي هوندي، اها پوءِ چوندو، ۽ سڀ في البديهه! نه نوٽ هٿ ۾ نه ڪاغذ. هونءَ به ڪنهن به مسئلي تي شيخ صاحب سان ڳالهايو، سندس ڳالهائڻ جو انداز اهو ئي هوندو هو. جيئين جيئن ڳالهائيندو ويندو، تيئن تيئن ڌيمو لهجو ۽ آواز بلند ٿيندو ويندو. ڄڻ ڪا سامونڊي وير آهستي آهستي چڙهي گجگوڙ ڪري.

سندس تقرير جي وڏي خوبي هئي ٻوليءَ جي رواني. روان، عام فهم ۽ شائسته ٻولي ڳالهائيندو هو. جوش جي چوٽ تي پهتل هوندو هو، تڏهن به ڪو گٿو لفظ زبان مان نه ڪڍندو هو. شيخ صاحب انهن ٿورن ماڻهن مان آهي، جن جي واتان مون خانگي ڪچهرين، ميٽنگن توڙي عام جلسن ۾، ڪوبه گٿو يا ناشائستو لفظ ڪڏهن به نه ٻُڌو. هو صحيح معنيٰ ۾ پارليامينٽرين هو، سدائين پارليماني ٻولي ڳالهائيندو هو.

انهيءَ اليڪشن مهم ۾ شيخ صاحب تي الزام لڳا، ته هو کاڌي ٿو پائي، انڪري ڪانگريسي آهي. شيخ صاحب چيو، ”کاڌي پائڻ جو سبق ته اسان کي رسول پاڪ ڏنو آهي. سادگي رسول جي سنت آهي.“ ٻيو الزام اهو لڳو ته پاڪستان جو مخالف آهي. ان جو جواب شيخ صاحب اِهو ڏنو ته ”پاڪستان محمد علي جناح نه ٺاهيو، پاڪستان واڻئي جي پٽ شيخ عبدالمجيد ٺاهيو.“

بهرحال، ان اليڪشن ۾ شيخ صاحب کي ايترا به ايجنٽ نه مليا جو سڀني پولنگ اسٽيشنن تي پهچائي سگهي. ڪاليءَ جي پولنگ تي ڪوڙا ووٽ هليا، جو اتي اسان جو ڪوبه ايجنٽ نه هو. نتيجو ظاهر هو، شيخ صاحب هارايو!

هار جو اثر شيخ صاحب تي ڪوبه نه ٿيو. اهي ئي ”ڪراچي هوٽل“ جون ڪچهريون، اهي ئي شيخ صاحب جا ٽهڪ، اهي ئي اسان نوجوانن کي چونگون ته گراميءَ سان چرچا ڪريو. شيخ صاحب ان عمر ۾ به زنده دل هو. جڏهن محفل سنجيده ٿي ويندي هئي، ته مون کي يا ربانيءَ کي اشارو ڏيندو هو ته ڪونه ڪو چرچو ڪريو ۽ نشانو گرامي صاحب هوندو هو. ۽ ان سان چرچا ٿيندا هئا ته شيخ صاحب جا ٽهڪڙا هوندا هئا. ان وقت پيڙهي _ وڇوٽي ختم هوندي هئي، ۽ اسان شيخ صاحب کي پنهنجي ويجهو سمجهندا هئاسين.

ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ”سنڌ عوامي محاذ“ ڀرپور حصو ورتو. نوجوان، ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۾ شامل ٿي ويا. کهڙي دٻڙدونس سان سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ون يونٽ خلاف مهم ۾ اسان شيخ صاحب جي سنڌ دوستي نه پر ”سنڌ سان عشق“ ڏٺو. عشق به رواجي نه، پر والهاڻو عشق...!

ون يونٽ قائم ٿي ويو، اسان نوجوان مايوس!... هاڻي ڇا ٿيندو؟ سنڌ جي صدين جي تهذيب، تمدن، ٻولي ختم ٿي ويندي. پر جڏهن شيخ صاحب سان ملياسين، ۽ انهن جذبن جو اظهار ڪيوسين ته روايتي ٽهڪ ڏيئي چيائين: ”هيءُ به هڪ دور آهي. تاريخ ۾ سنڌ تي ڪيئي اهڙا دور آيا ۽ گذري ويا. هيءُ به گذري ويندو.“

شيخ صاحب جي انهن لفظن اسان جي مايوسيءَ کي ته گهٽايو، پر ‎ شيخ صاحب جي انهن لفظن جي سچائيءَ جي ثابتي پوءِ ملي، جڏهن سنڌ جي تاريخ پڙهي سين. ارغونن، ترخانن، مغلن _ سڀني سنڌ کي تهس نهس ڪرڻ چاهيو، پر سنڌ اڃا تائين موجود آهي.

شيخ عبدالمجيد سنڌي پڪو مسلمان هو. هڪ به نماز نه گسايائين، هڪ روزو نه ڇڏيائين. پر مذهب هن لاءِ ڏيکاءُ نه هو، پر هڪ مسلڪ، هڪ نظريو، هڪ عقيدو هو، جنهن تي هو خلوص دل سان عمل ڪندو هو. مون پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به پڪا ۽ سچا مذهبي ماڻهو ڏٺا آهن، شيخ صاحب انهن ۾ سڀني کان مٿانهون هو. پر منهنجو اِهو مشاهدو آهي ته هر سچو مذهبي، مذهبي تعصب کان پري رهندو آهي، ۽ هو بي تعصبSecular)) ۽ انسان دوست (Humanist) هوندو آهي، هن لاءِ مذهب انسانيت جي ڀلائيءَ جي مقصد تي پهچڻ جو هڪ ذريعو هوندو هو. اهڙن مذهبي ماڻهن ۾ مون علامه آءِ. آءِ. قاضي، شيخ صاحب، مولانا گرامي، غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻيا ڪيترائي مڻيادار ماڻهو ڏٺا. پر عجب جو حيدر بخش جتوئيءَ، ابراهيم جويي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙن لامذهبن جو مسلڪ الڳ هو، ته مقصد ساڳيو ئي انسان ذات جي ڀلائي آهي.

مذهبي تعصب ۽ ڪٽرپڻو فقط انهن ماڻهن ۾ ڏٺم جيڪي منافق هئا، ۽ جن وٽ مذهب مقدس عقيدي جي بدران نفعي ڪمائڻ واري بازاري وَٿُ هو.

انهيءَ نحيف ۽ نٻل جسم، ۽ وڏيءَ عمر هوندي به شيخ صاحب ڪڏهن به سچ جو دامن نه ڇڏيو ۽ ستر سالن کان به مٿي عمر ۾ جيل ڪاٽيائين! اهو به ايوب خان جي زماني ۾.

ايوب خان ”بنيادي جمهوريت“ ذريعي صدارتي چونڊ جو اعلان ڪيو. ملڪ جا سڀ جمهوريت پسند سندس خلاف متحد ٿيا ۽ محترمه فاطمه جناح کي سندس خلاف اليڪشن ۾ بيهاريائون. اليڪشن سڌي ووٽ ذريعي نه هئي، پر ايوب خان جي ايجاد ڪيل ”بنيادي جمهوريت“ جي ميمبرن جي ووٽ ذريعي هئي. ان اليڪشن جي سلسلي ۾ هڪ جلسو سکر اسٽيڊيم ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ فاطمه جناح کي تقرير ڪرڻي هئي. انهن ۾ گڏيل متحده محاذ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ شيخ صاحب پڻ آيو. سکر ۽ خيرپور مان رشيد ڀٽي، مان باقر شاهه، ڊاڪٽر اعزاز نذير، فتح الله عثماني، شمس الدين شاهه ۽ ٻيا دوست هئاسين. جلسو شروع ٿيو. ٻين اڳواڻن سان گڏ شيخ صاحب به تقرير ڪئي. مختصر پر جامع. اهڙي يقين سان ڳالهايائين جو سڀني اڳواڻن تي سندس تقرير ڇانئجي ويئي. جلسو پورو ٿيو ته آءُ ساڻس مليس ۽ مون کي بي تڪلفيءَ مان چيائين ”اڄ رات مان ۽ ڀرڳڙي (غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي) تو وٽ خيرپور رهنداسين، پر پهرين هنن همراهن کي سرڪٽ هائوس لاهيندا هلون.“ ڪجهه اڳواڻ منهنجي ڪار ۾ پٺيان غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ سان ويٺا، شيخ صاحب اڳيان ويٺو. سکر جي سرڪٽ هائوس تي مون گاڏي بيهاري. ٻيا همراهه لهي ويا، ڀرڳڙي صاحب ٿيلهو کڻي آيو. شيخ صاحب چيو، ”هلو.“ مون چيو ” شيخ صاحب! اوهان سامان ته کڻي اچو.“ ”سامان؟“ شيخ صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو، ”هيءُ جو آهي سامان!“ هڪ ڳوڻ جي ڳوٿريءَ ڏي اشارو ڪندي چيائين، جيڪا جلسي کان وٺي سندس هٿ ۾ هئي. ڀرڳڙي صاحب کلي چيو، ”اِها ئي آهي شيخ صاحب جي ملڪيت. هڪ وڳو کاڌيءَ جو، ڏندڻ، مصلو ۽ ٽوپي.“ ”ميان جي مڏي، هڪ ڏندڻ ٻي تڏي“، اهو پهاڪو مون ٻڌو هو، پر اڄ ساڀيا ڏٺم.

سڌو خيرپور آياسين. ان وقت مان اڃان مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هئس. قمر ۽ مون وت آهر شيخ صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب جي خدمت ڪئي. رات جو دير تائين ڀرڳڙي صاحب پنهنجي روايتي خوش طبعيءَ سان شيخ صاحب ۽ اسان کي کلائيندو رهيو. قمر شيخ صاحب لاءِ حلوو ٺاهيو. اهو حلوو شيخ صاحب کي ايترو ته وڻيو جو پوءِ جڏهن به مون کي مليو ته ان حلوي جي تعريف ضرور ڪندو هو.

شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلم ليگ، عوامي ليگ، نئشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ڊيموڪريٽڪ ائڪشن ڪميٽي، مطلب ته هر اُن جماعت ۾ رهيو، جيڪا جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪندي هئي ۽ عوام دوست ۽ انسان دوست نظرين جي حامل هئي. مارشل لا جي اونداهي دور ۾ به، باوجود ڪمزور جسم ۽ وڏيءَ عمر جي هر ويڙهاند ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. هو نه فقط سنڌ جو فخر لائق سياستدان هو، پر سنڌي زبان جو بي مثال صحافي ۽ اديب پڻ. مون کي ياد نه آهي ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن سياستدان جي مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙن اڳواڻن تعريف ڪئي هجي. تنهن هوندي به اهڙو نهٺو، اهڙو نماڻو، اهڙو سادو، جو اعتبار ئي نه اچي ته شيخ عبدالمجيد سنڌي هيءُ ئي آهي!

اهو منهنجو سڀاڳ آهي، جو اهڙي پارس سان حياتيءَ جا ڪي موقعا قريب رهڻ جو موقعو مليو، پر ان سان لڳي سون ٿي ڪونه سگهيس. پر سون ٿيڻ جي آس دل ۾ اڃا آهي.

    (”منهن تني مشعل“_1990ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com