سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :12

”...سنڌي شاعري هر شاعريءَ وانگر ’لوڪ گيتن‘ سان شروع ٿي. ان کان پوءِ ڪلاسيڪي دور آيو، جنهن ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست يا سامي آهن. پهريائين ’دوهو‘ هو، پوءِ ’بيت‘ وجود ورتو. بيت کان پوءِ ’وائي‘ ۽ وائي کان پوءِ ’ڪافي‘. ڪافي جا تمام گهڻا فارم آهن، جن مان ڪجهه سچل سرمست ايجاد ڪيا. مثلاً ڪافي جي هر بند ۾ چار يا ٽي مصرعون هونديون آهن. ڪنهن ۾ ڏيڍ مصرع به ٿئي ٿي. هاڻي ڪافي نون يارهن مصرعن تائين به پهتي آهي، جنهن کي يارهن _ ٺپي ۽ نو _ ٺپي ڪافي چيو وڃي ٿو. اڻويهين صدي جي وچ واري حصي ۾ غزل جي شروعات ٿي. سچل سرمست به غزل چيا آهن، پر ان جي غزل ۾ ان جو فارم، انداز بيان ۽ موضوع تصوف جو آهي. اهو ڳايو به ڪافيءَ جي نموني ويندو آهي. اهو اردو غزل وانگر ڪونه ڳايو ويندو اهي. خليفو گل محمد هو، جنهن پهريون ديوان لکيو سنڌي ۾ ان ديوان ۾ مشڪل سان اوهان کي ڪو عربي يا فارسي لفظ ملندو. پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته مان پاڻ حيران آهيان ته سنڌي غزل ۾ هڪدم تبديلي ڪيئن ۽ ڇو آئي. راشدي صاحب جي بقول مٽيابرج جتي واجد علي شاهه هو، اتي سنڌ جا مير يعني ٽالپر به هئا. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کي مٽيا برج ۾ قيد ڪري رکيو هو. اتي سندن واجد علي شاهه سان ڪچهريون ٿيون، جن کان متاثر ٿي انهن غزل چوڻ شروع ڪيا. اهي انهيءَ حڪمراني تهذيب جي رنگ ۾ آهن. ان دور غلام محمد شاهه گدا هو، جو مير عبدالحسين سانگي جو استاد هو، اهو اثر گدا تي به رهيو. ان کان پوءِ ايندڙ شاعر به ان اثر کان بچي نه سگهيا، تان جو 1950ع تائين مسلسل اهو اثر رهيو. بعد ۾ سنڌي شاعري ۾ پهريون ڪم اهو ٿيو ته جيڪي به ڪلاسيڪي صنفون آهن، انهن کي جديد موضوعن سان هم آهنگ ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح انهن کي ٻيهر جيئرو ڪيو ويو، ٻيو اسان جا جيڪي به ڪلاسيڪي شاعر آهن، پهرين شاهه لطيف ۽ پوءِ سچل سرمست، اُنهن تي ڪم ٿيو. هاڻي وري وڃائجي ويل ڪڙين کي ڳولهيو پيو وڃي ۽ انهن کي تربيت هيٺ آڻي، انهن کي لکيو پيو وڃي......“ _تنوير عباسي

    (”اديبات“: خالد اقبال ياسر سان گفتگو مان ٽڪرو.)


 

سچل سرمست سنڌي  توڙي سرائڪي شاعريءَ جو اهم سنگ ميل آهي. شاعريءَ ۾ تجربا ڪرڻ، نون گهاڙيٽن کي استعمال ڪرڻ ۽ نوان اسلوب واضح ڪرڻ ڏکي ڳالهه نه آهي. پر انهن سڀني شين کي ”روايت“ بنائڻ ۽ انهن تجربن جو ايترو مقبول ٿيڻ جو همعصر توڙي پوءِ ايندڙ شاعر انهن کي پنهنجو ڪن _ تمام وڏي ڪاميابي آهي. جيڪا شاعريءَ جي تاريخ ۾ تمام گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي.

        سچل سرمست سنڌيءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين شاعرن مان آهي. جن جي اسلوب، ٻوليءَ، گهاڙيٽن، توڙي فڪر جي ڇاپ سندس همعصر شاعرن کان وٺي. اڄ تائين هلندي اچي. روايت جي ڪاميابي سندس ديرپا هجڻ تي به آهي ته سماجي تبديلين جي آهسته رويءَ سان پڻ ٻڌل آهي.

شاهه عبداللطيف بيت ۽ وائي کان سواءِ ٻيو ڪوبه گهاڙيٽو استعمال نه ڪيو. سچل سرمست انهن ٻنهي گهاڙيٽن سان گڏ ڪافيون (جن ۾ گهاڙيٽن جي وڏي Variety آهي، ۽ ڏيڍ _ ٺپيءَ کان وڌي. اڄ نوٺپيءَ تائين پهچي ويئي آهي) ۽ ڏوهيڙا، سہ حرفيون، جهولڻا،عربي فارسي بحر وزن جي اثر هيٺ غزل نما ڪافيون توڙي مرثيا لکيا، جيڪي کانئس اڳ شاعريءَ ۾ اڻ ڄاتل هئا. ڏسندي ڏسندي، اها گهاڙيٽا، سنڌي توڙي سرائڪي شاعرن وٽ مقبول ٿيندا ويا، ۽ انهن جي مقبوليت اڃا تائين قائم آهي.

سچل سرمست اسلوب به نرالو اختيار ڪيو. ماٺي، اونهي، ڳنڀير ۽ اهڃاڻي اظهار بدران هن زوردار، گجندڙ، رندي ۽ کلم کلا اسلوب کي وڌيڪ پسند ڪيو. اهو اسلوب بيدل، بيڪس، خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف، شاهه نصير، غلام حيدر شر، رکيل شاهه ۽ خواجه غلام فريد کان وٺي اڄ جي د‍ؤر جي ڪن جديد شاعرن تائين به موجود آهي.

فڪر جي لحاظ کان سچل سرمست ’همہ اوست‘ واري مڪتب سان تعلق رکي ٿو. ان مڪتبہء فڪر کي سنڌ ۾ مقبول عام ڪرڻ ۾ شاعرن جو وڏو هٿ آهي. انهن ۾ سچل سرمست سڀني کان اڳرو آهي. جو هن اهڃاڻي اظهار بدران ’سڌو طريقو‘ استعمال ڪيو_ ۽ اهو ’همہ اوست‘ جو سڌو سنئون اظهار سچل سرمست کان ئي شروع ٿيو. جيڪو بعد ۾ سندس همعصر شاعرن، توڙي پوءِ ايندڙ شاعرن قائم رکيو.

_تنوير عباسي


عبدالنبي عباسي

 منهنجو پيارو ڀاءُ

 

        منهنجو پيارو ڀاءُ تنوير 25 نومبر 1999ع تي اسان کان رُسي ويو! اسان انهيءَ وڇوڙي لاءِ هر گز تيار نه هياسين. اڃا تائين اعتبار ئي نٿو اچي ته ڪو هُو اسان منجهه ناهي. 24_ نومبر تي ٽيليفون تي نياپو مليو ته تنوير کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پر ڪا ڳڻتي جهڙي ڳالهه نه آهي _ پر دل نه رهي. ادي ڊاڪٽر نسيم ۽ تنوير جي ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر مارئي کي ساڻ وٺي 25 نومبر جي صبح جي فلائيٽ ۾ اسلام آباد پهتس. هوائي اڏي تان سڌو PIMS پهتاسون. تنوير ICU ۾ داخل هيو. اسان کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو. آڪسيجن چڙهيل هئي، پر هوش حواس سالم هئا ۽ اسان سان ڪچهري کل ڀوڳ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. مون چيومانس ته ”اوهان ته بلڪل ٺيڪ آهيو، پوءِ اوهان کي ڇو اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿائون. اُٿو ته گهر هلون.“ هن جواب ڏنو ته ”هائو ادا، هلو ته هلون.“ مون چيو ته ”ادا اڄ نه، سڀاڻي توهان کي گهر وٺي هلنداسون، اڄ ڀلي چيڪ اپ ٿئي“ چيائين ته ”ادا جيئن اوهان جي مرضي.“ تنوير کي ساهه کڻڻ جي تڪليف هئي. ڊاڪٽرن چيو ته وينٽيليٽر نه لڳائجي ته بهتر، جيئن هو پاڻمرادو ساهه کڻي سگهي. شام جو کانئس موڪلائي ادا ارشاد جي گهر پهتاسون. اڃا ڪلاڪ ڏيڍ ئي نه گذريو ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ اها منحوس خبر ملي ته اسان جو پيارو ڀاءُ اسان کان موڪلائي ويو! اسان جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون، پر صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو ڪو وسيلو ڪونه هو. موت جو وقت مقرر آهي _ نه گهڙي اڳ نه گهڙي پوءِ. پنهنجي حڪمت الله تعاليٰ پاڻ ٿو ڄاڻي. شال الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏئي، آمين.

مان پنهنجن دوستن ۽ ڀائرن جو نهايت ئي شڪرگذار آهيان، جن اسان سان هزارن جي تعداد ۾ همدردي ڪئي ۽ غم ۾ شريڪ ٿيا. گهڻا دوست روبرو تعزيت لاءِ آيا ۽ ڪيترن خطن ذريعي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. مان انهن سڀني دوستن جو نهايت مشڪور ۽ ممنون آهيان.

تنوير سان گڏ گهاريل گهڙيون وسرڻ جهڙيون ڪونه آهن. جڏهن به ملندو هو ته هميشه ادب سان ۽ منهن تي مسڪراهٽ! منهنجو چوڻ ڪڏهن به موٽائيندو. بس هڪ ڳالهه نه مڃيائين، اها هئي سگريٽ ڇڏڻ جي. شروع ۾ مان کيس ڪڏهن ڪڏهن سالن جي وقفي بعد اهو عرض ڪندو هيس ته ادا سگريٽ ڇڏي ڏيو، اوهان جي صحت لاءِ نقصان ڪار آهي. چوندو هو ته ادا هائو، پر آخري گهڙيءَ تائين سگريٽ نه ڇڏيائين. بلڪه ’چين سموڪر‘ هيو. گهٽ به نه ڪيائين. ڊاڪٽرن موجب سگريٽن جي انهيءَ گهڻائي ئي سندس صحت تي اثر ڪيو، جنهن آخرڪار هن کي اسان کان جدا ڪيو!

سندس زندگيءَ جي باري ۾ ادا ارشاد ڪافي ڪجهه لکيو آهي. اهي گهڙيون ياد ٿيون اچن ته لڳي ٿو ته تنوير ته اڃا اسان سان گڏ ويٺو آهي. هائو، ادا تنوير اسان لاءِ اڃا زندهه آهي، هو لافاني آهي، اسان لاءِ ڪڏهن به نه مرندو!


 

ارشاد عباسي

 ادا تنوير

       

        منهنجو ننڍپڻ اڃا تائين مون کي ياد آهي. شايد ان جو ڪارڻ بابا سائين، امڙ، ناني ۽ نانيءَ جون آدرشي شخصيتون آهن. اهڙا مثالي وڏڙا شايد ڪجهه ماڻهن کي ئي نصيب ٿيند آهن. تنوير تي خاندان جا اثر به ان ڪري ئي ايترا اونهان ۽ اڻ وسرندڙ آهن ڪڏهن خيال ايندو اهي ته تنوير جي آخري خواهش کي جلد پورو ڪري، پنهنجن وڏن جون يادگيريون لکان. وڃڻ کان پهريون تنوير چيو هو ته گڏ ويهي بابا جن جون يادگيريون لکنداسين، پر سندس جيون جي جوت اجهامي ويئي!

        بابا سائين، ڀانيان ٿو ته 1953ع ۾ ڪمشنر سئي گيس هيو. اسان حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين. مرحوم ڊاڪٽر انور، جنهن کي پيار مان ’گهنڊڻي‘ چوندا هئا، اسان جي ويجهو هيو. جي غلطي نٿي ٿئي ته گڏ رهندو هيو. بابا سائين وقت جو پابند هر ٻار تي ڪڙي نظر رکندو هو. وقت سر اٿڻ، ماني کائڻ، ڪپڙا پهرڻ، پڙهڻ، سمهڻ، کيڏڻ ۽ دوستن سان ملڻ سندس حڪمن ۾ شامل هوندو هو. مجال جو ڪو دير سان گهر اچي يا نيرن، منجهند ۽ رات جي مانيءَ تي وقت سر نه پهچي، پوءِ ان لاءِ ڄڻ ڏمر هوندو هو. بابا سائين پاڻ نمازي هوندي به ڪڏهن زور ڪونه ڀريو ته اسان سندس مذهبي اصولن جي پيروي ڪيون. رڳو هڪ حڪم ٿيل هو: ”ڇا به ڪيو پر سچ ڳالهايو.“ ڪوڙ تي سخت ناراض ٿيندا هئا. ناني مرحوم عيسيٰ، بابا سائينءَ جو وڏو ساٿي ادا عبدالنبي، سڄي خاندان مٿان اڄ تائين ڇپر ۽ ڇانو آهي، کيس پنهنجيءَ ۽ منهنجيءَ سانڀر ۾ ڪڏهن به ڪو دڙڪو ڪونه مليو. نه ننڍي هوندي نه وڏي هوندي. اهڙو ملائڪ صفت شايد ڪو هجي. تنوير ننڍي هوندي کان ئي ذهين، پارکو ۽ پڙهڻ جو شوقين هو، ان ڪري ناني، نانيءَ ۽ امڙ سان گهڻي اڪير هيس. بابا سائين ڪنهن به پٽ تي زور ڪونه رکيو ته ڪهڙو پيشو اختيار ڪجي پر ادا سائين تنوير جا رجحان ڏسي کيس زوريءَ ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ چيو. ادا عبدالنبيءَ جو چوڻ هو ته دانشوريءَ جو سودو نه ڪجي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي  جڏهن ماڻهو اقتصادي طور تي پاڻڀرو هوندو. باقي غربت ۽ درٻاري شاعري ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ مان ستون ۽ آخري ڀاءُ هجڻ جي حيثيت ۾ سڀني جو دادلو هيم. ڪڏهن برف جي نادي گوڏي تي رکي وهندو هيم ۽ ڪڏهن بال تي ضد ڪندو هيم. تنوير کي سڀيئي سندس اصلي نالي سان سڏيندا هئا. عجب ڳالهه آهي ته نور نبي سندس اصلي نالي ۽ تخلص ”تنوير“ جي معنيٰ ۾ ڪو فرق ڪونهي. سندس ذهانت وري ڏسو ته نالي کان وڌ کيس سڀيئي ”سُپر جينيئس“ چوندا هئا. اسڪول جا ڪتاب وٺي ورق پڙهي ڦاڙي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي بابا عبدالنبي سندس ڦاٽل ڪتاب ڏٺا، جن جو آخري ورق رهيل هو. تنوير کان پڇيائين ته هي ڇا ڪيو اٿئي؟ تنوير ادب مان جواب ڏنس ته ”ادا، سڀ ياد آهي، پوءِ ڪتاب رکي ڇا ڪيان؟ باقي يقين نٿو اچيو ته کڻي پڇو.“ حليم بروهي ۽ رشيد آخوند سندس سٺا دوست هوندا هئا. ڪوبه ڪتاب وٺندا هئا ته ان کي اڌواڌ ڪري پڙهندا هئا، پوءِ وري جلد ڪرائي رکندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تنوير کي ناٽڪ ڏسڻ جو انڌو شوق هوندو هو. بابا سائين جن سج لٿي مهل در بند ڪرائي ڇڏيندا هئا. تنوير سڀني جي سمهڻ کان پوءِ ڀت ٽپي پهرين ماڙ جي پائيپ تان گسڪي ٻيو شو ڏسي وري بولي وانگر ڀت ٽپي اچي سمهي پوندو هو. هڪ دفعي بابا سائين رات جو اٿيو ته تنوير ڳولهيو ڪونه لڀي. اُلڪو ٿي پيس، سو انتظار ۾ ويهي رهيو. خير تنوير آيو ته ڏٺائين ته ٽپي اندر ٿيو. اَبو سائين چپ ڪري سمهي رهيو. فجر جو تنوير کي چيائين ته پٽ رات ڪاڏي ويا هئا. تنوير چيس بابا سائين ناٽڪ ڏسڻ. بابا چيو پر پٽ در ته بند هو، اوهان ڪيئن ويا؟ تنوير چيو ته بابا ڀت ٽپي. ابي چيو ته پهرين ماڙ تان ايڏي ڏکي ڀت ڪيئن ٽپي سگهندا؟ جيڪڏهن مون کي وري ڀت ٽپي ڏيکاريو ته ڏهه روپيه انعام ڏيندس. تنوير چيو بابا اجهو هاڻي ئي ٿو ٽپي ڏيکاريان. نوريئڙي وانگر ڀت ٽپي پائپ تان گسڪي ٻاهر ويو! وري ٽپي اندر آيو. ابي ڏهه روپيه انعام سان گڏ تالي جي چاٻي ڏيندي چيس، ”پٽ! هي اوهان جو انعام. ڀت ٽپڻ خانداني ٻارن کي ڪونه سونهين اوهان جيڪڏهن ناٽڪ ضروري سمجهو ٿا ته هي چاٻي رکو. ڪرف ڏئي وڃو ۽ اچو ته در کولي اچو.“ تنوير شرم ۾ ٻڏي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ رات واري ناٽڪ تي وڃڻ ڇڏيائين. آهستي سندس دوستي رباني ۽ ٻين سان ٿي ۽ ”ڪراچي هوٽل“ ۾ سندن اڏو ٿيو. اهو 51_1952ع وارو زمانو هو.

1956ع ۾ بابا سائين رٽائر ڪيو ۽ اسان ڳوٺ رهندا هئاسين. ادا عبدالنبيءَ جي نوڪري سکر ۾ هوندي هئي. تنوير ايل. ايم. سيءَ ۾ پڙهيو هو. پينشن تي لهڻ کان پهرين بابا سائين جن خيرپور ۾ ڪليڪٽر هئا. سخت اصول پرست هجڻ جي ڪري گهر ۾ ڪنهن سان به ڪونه ملندا هئا، ايستائين جو نوابشاهه ۾ رٿيل منهنجو جنم _ ڏينهن آخري وقت تي ڪئنسل ڪري ڇڏيائون؛ کين يقين هو ته نوابشاهه ضلعي جا وڏا رئيس منهنجي سالگره بهاني مهانگا تحفا آڻيندا، جيڪي هو موٽائي ڪونه سگهندو. حيدرآباد مان آندل بامبي بيڪريءَ جا ڪيڪ پوءِ گهر ڀاتين ڪٽايا. بابا ۽ امڙ چميون ڏئي _ جنم واڌايون ڏنيون.

خيرپور ۾ غوث علي شاهه جي تنوير سان چڱي سنگت هئي. سندس زمينن جو ڪيس بابا سائين وٽ فيصلي لاءِ آيل هو، ٻي ڌر ڏاڍي هئي. غوث علي شاهه کي فڪر هيو ته شايد انصاف نه ٿئي، سو تنوير سان گڏجي گهر آيو ۽ بابا سائين سان ملڻ جو عرض ڪيائين. بابا سائين تنوير جي دوست جي حيثيت ۾ کيس چيو ته آفيس جو ڪم آفيس ۾ ٿيندو آهي، باقي جي تنهنجو حق آهي ته پوءِ تو سان انصاف ضرور ٿيندو، اهڙيءَ ريت جيئن ٻين سان ٿيندو آهي. غوث علي شاهه سان انصاف ٿيو. کيس ياد آهي يا نه، اها کيس خبر.

ڳوٺ ۾ بابا سائين، امڙ، بابا ميرن وارو، امي، تنوير جي پهرين گهرواري ڀاڄائي نوربيبي ۽ مان رهندا هئاسين. گهر تي بابا ميرن واري جو علم (ناني کي ”بابا ميرن وارو“ چوندا آهيون) اڃا تائين نشاني طور لڳل آهي. بابا ميرن وارو قداور، ڀورو ۽ رعب هيبت وارو انسان هو. جنهن گهٽيءَ مان لنگهندو هو، ماڻهو اُها گهٽي ڇڏي ڏيندا هئا. پاڻ ننڍو زميندار ۽ تمام وڏو حڪيم هو. پنهنجي هٿ جون دوائون ٺاهيندو هو. دوائن تي ڪڏهن نالو ڪونه لکيائين. گهگهه اونده ۾ به يادگيري تي سوَن شيشن مان اها ئي دوا کڻي ايندو هو، جنهن جي ضرورت هوندي هيس. سندس هٿ _ شفا جڳ مشهور هئي. درجي مهڙ ۾ ئي سندس ننڍڙو ڪچو گهر هوندو هو. در جي ڀرسان گنديون رکيل هونديون هيون. در جي سامهون جانڊه هوندي هئي. امي (ناني) جنڊ تي اَن پيهندي هئي. کٻي پاسي بابا ميرن وارو مريض کي دوائون ڏيندو هو. ادا تنوير موڪلن ۾ اچڻ کان پهرين خط لکندو هو ته عارب ٽانگي واري کي راڻي پور اسٽيشن تي موڪلجو. تنوير اڇو زين جو سوٽ، اڇي قميص ۽ سهڻي ٽاءِ پائيندو هو. نويڪلو ٽانگي ۾ ايندو هو. ان وقت سوڀيديري کان راڻي پور ۽ واپس ڳوٺ جو ڀاڙو ڀانيان ٿو ته مس ٻه روپيه هوندو هو، پر عارب ڏهين جو نوٽ کيسي ۾ وجهي تنوير، بابا سائين ۽ بابا ميرن واري کي دعائون ڏيندو رهندو هو. تنوير اچڻ سان بابا ميرن واري ۽ امي کي پيرن تي هٿ رکي ملندو هو، پوءِ اتي ئي ڪچي گهر ۾ ڪچهري ڪري پوءِ بابا ۽ امڙ، ڀاڄائي ۽ مون سان ملي وري لانڍي ۾ وڃي کٽ تي ليٽندو هو ۽ شاهه لطيف جي وائي ”پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“ جهونگاريندو هو. تنوير جي ان جهونگار تي منهنجي ابهم ذهن ۾ آنڌ مانڌ مچي ويندي هئي. مون تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، ۽ اڃا سوڌو شايد اهو ئي منهنجي پڙهڻ لکڻ جو بنياد آهي. امڙ ۽ امي جون ٻڌايل آکاڻيون پڻ منهنجي ذهن ۾ اُڻتڻ ٻاري ڏينديون هيون. تنوير دياوان هيو، روپيه گهر ته ٻه ڪڍي ڏيندو هو. ڏاڍ سان ويڙهه سندس رڳ رڳ ۾ ڀريل هئي. هيڻن سان پيار سندس فطرت ۾ هيو. کيس مون ڪڏهن به ڪنهن سان نفرت ڪندي ڪونه ڏٺو. ڪنهن جي گلا ڪندي ڪونه ٻڌو. استاد حسين بخش سان خاص ڪچهريون ڪندو هو. شايد ادا عبدالنبيءَ کان پوءِ خاندان جو هيءُ نفيس ماڻهو هو. پيار ته سندس رڳ رڳ ۾ ڀريل هو، پر ذهني طور تي الطاف جي ڏاڍو ويجهو هو. وڏا تنوير لاءِ آدرشي هئا، انهن جي سامهون ڪڏهن ڪونه ٿيو. هڪ ڀيري ادا تنوير سان رباني ڳوٺ آيو. سڄي شهر ۾ ميڙو مچي ويو. اسان جو ماسات مرحوم الله داد ”فقير“ بڻجي آيو. ماڻهن ربانيءَ کي چيو ته هي ”فقير“ دلن جا دلا پاڻي پي ويندو آهي. پوءِ مائٽن ٻه چار دلا پاڻيءَ جا آندا ۽ مٿان وجهندا ويس. ماسات ڪجهه وت آهر پيئندو ۽ ڪجهه هاريندو ويو. رباني اچرج ۾ پئجي ويو! صبح جو جڏهن ماسات مليس ته رباني چيس ته ”فقير! تون ساڳيو رات وارو آهين نه؟“ ماسات الله داد چيس ته ”اُهو منهنجو جاڙو ڀاءُ هو.“ اڄ سوڌو رباني اچرج ۾ آهي.

هڪ دفعي عيد تي سڀني کان منهنجا ڪپڙا وسري ويا، ابي ۽ امڙ جو خيال هو ته ادا وڏو آڻيندو. ادا وڏي سمجهيو ته ڳوٺ ۾ بابا جن ٺهرايا هوندا. مان وسامي ويس! ڏاڍو پاڻ کي سمجهايم، پر صبح جو عيد _ ڏينهن ٻين کي نوان ڪپڙا پاتل ڏسي دل ڀرجي آيم ۽ روئي پيس! ڪنهن کي ٻڌايان به ڪونه پيو. تنوير ڏسي ورتو. ڀاڪر پائي سبب پڇيائين. کيس ٻڌايم ته ته عيد جا ڪپڙا ڪونهن. هڪدم گاڏيءَ جون چاٻيون کڻي آيو. چيائين ته هل ته سکر مان وٺي اچون.

تنوير جي پهرين گهرواري ڀاڄائي نور بيبي، جنهن مون کي امڙ ۽ امان جان (ادا وڏي جي گهر واري خورشيد بيگم) وانگر پٽ ڪري پاليو، لاڏ کنيو، بُسريون ۽ ڳُڙهاريون پچائي کارايون، روبيءَ جي ڄمڻ تائين بي اولاد هئي. روبي ڄائي ته گهر ۾ ڄڻ عيد ٿي ويئي. سڀ مٿانئس گهور پئي ويا. امڙ لاءِ ته ڄڻ پٽ برابر هئي. سڀني جي لاڏلي، تنوير کي به ڏاڍي پياري هئي. امڙ کيس ”روزي“ چوندي هئي.

ننڍپڻ ۾ مون لوڪ ڪهاڻيون پڙهيون. سنڌي ادبي بورڊ جا ٻيا ڪتاب جن ۾ ’پائي وائي پائي وزو‘ به شامل آهي، پڙهيم. ربانيءَ مون کي ’گل شڪر‘ ڏنو ۽ پوءِ تنوير گوورڌن محبوباڻيءَ جو ڪتاب ’لاتيون‘ ڏنو، جيڪو هڪ دفعي پڙهڻ سان ئي ياد ٿي ويو. ادا اعجاز چوندو هو ته ”خطبو ٻڌاءِ“. ڏينهن گذرندا رهيا. چٽي طرح ياد اٿم ته دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميڙ ٿيو هيو، جنهن ۾ سوڀو، ابراهيم جويو، اياز، رباني، جمال ابڙو، الطاف، شمشير الحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير ۽ ٻيا ڪيترا ليکڪ شامل ٿيا هئا. انهن مان اياز، تنوير، الطاف، جمال ابڙو، رباني، رشيد ۽ الطاف ۽ مان نئن گاج، صالح شاهه جي نئنگ، بوبڪ، منڇر ۽ لڪيءَ جا چشما ڏسڻ ويا هئاسين ”روح رهاڻ“  ۾ ڇپيل ”اَڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀنيءَ“ ۾ اياز سفر جو ذڪر به ڪيو آهي. ان کان پوءِ آهستي آهستي زندگيءَ جو سنجيده سفر شروع ٿيو.

پر ان سفر کان اڳ ڪجهه واقعا ياد ٿا پون. مان ڄاول ڪونه هيس. ان وقت بابا سائينءَ جي نوڪري ڪراچيءَ ۾ هوندي هئي. ڀانيان ٿو ته راشننگ آفيسر هو ۽ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو راشننگ رائج ڪئي هئائين. زمانو 46_1947ع جو هو. اتي تنوير هڪ نجوميءَ کي رستي جي فٽ پيريءَ تي ڏٺو. نجومي ماڻهن جا هٿ ڏسي رهيو. تنوير کي شرارت سُجهي آئي. جوتشيءَ کي چيائين ته ”هٿ مان به ڏسندو آهيان. تو گهڻن کي قسمت ٻڏائي هوندي، اڄ مان ٿو توکي تنهنجي قسمت ٻڌايان.“ جوتشيءَ جو هٿ ڏسي کيس چيائين: ”تنهنجي قسمت اِها آهي ته سڄي عمر فٽ پاٿ تي ويٺو رهندين!“

حيدرآباد ۾ آءٌ ننڍڙو هوندو هيس. سڀني کان ننڍو هجڻ ڪري دادلو به هيم. گوڏي تي برف رکي ويهي رهندو هيم. هڪ ڏينهن ضد ڪيم ۽ تنوير مون کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. 1958ع ۾ امڙ جو آپريشن ٿيو. اسان سڀ حيدرآباد ۾ رهيل هياسين. اسپتال ۾ امڙ جي رت جو گروپ نٿي مليو. تنوير چريو ٿي پيو. آخر رات جو دير سان هڪ بوتل هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ امڙ بچي ويئي. ان وقت تنوير جا احساس ڏسڻ وٽان هئا. کيس سڄي زندگيءَ ۾ ايترو پريشان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو، جيترو اُنهيءَ رات! حيدرآباد ۾ تنوير مون کي ”لاتيون“ ڪتاب آڻي ڏنو. گوورڌن محبوباڻيءَ جو ڪتاب هڪ ڀيرو پڙهيم ته سمورو ياد ٿي ويو، جو اڃان سوڌو چڱو ياد آهي. پوءِ تنوير سميت سڀيئي چوندا هئا: ”مُنا ! خطبو ٻڌاءِ.“

منهنجي ذهني ۽ ادبي اوسر ۾ تنوير جو هٿ آهي. جي تنوير اسان جي خاندان ۾ نه هجي ها ته نه الطاف ۽ نه ئي وري منهنجو ادب ڏانهن رجحان ٿئي ها. تنوير دوستن جو دوست ۽ سچو انسان هو.

جڏهن به نوابشاهه ويندو هو ته ”بردي“ سنڌيءَ سان ضرور ملاقات ڪندو هو. ڊاڪٽر عطا محمد منگيءَ سان ڏاڍي ياري هيس. عبدالرحمان ڦاڙهي سان نجي دوستي هيس. شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتا ملڪ، برڪت علي آزاد، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، فتح الله عثماني، عبدالڪريم گدائي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، غالب لطيف، نبي بخش کوسو، قادر صديقي، حنيف ڪارو، غني ڊينڊو ۽ حبيب الله ڊگهو اتر سنڌ ۾ سندس يار هئا.

خيروپور ۾ ڏاڏا شاهه ۽ سندس فرزند پرويز علي شاهه جيلاني، عطا محمد حامي، هادي بخش لاڙڪ، شوڪت جماڻي، لال جوڻيجي (مائٽ) عطا محمد ڀنڀري ۽ غلام عباس ڀنڀري سان سندس روح جا ريلا هئا.

وچولي، لاڙ ۽ ڪراچيءَ ۾ به چڱا يار هئس: پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر هاليپوٽو، ڊاڪٽر الانا، ڊاڪٽر بلوچ، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ علي محمد، مولانا گرامي، رشيد آخوند، سراج ميمڻ، مولانا عبدالواحد سنڌي، جمال رند، حميد سنڌي، شمشير الحيدري، تاج بلوچ، نياز همايوني، ولي رام ولڀ، طارق اشرف، ابن حيات پنهور، حسين شاهه راشدي ۽ ناشاد سندس ساٿي هئا.

سياستدانن ۾ سائين جي. ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، قاضي فيض محمد، محمد امين کوسو، باقر شاهه، غوث علي شاهه، قائم علي شاهه، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حفيظ قريشي، يوسف لغاري، اقبال ترين، مسعود نوراني، ڄام ساقي، ڊاڪٽر اعزاز نذير، پروفيسر جمال نقوي، سبط حسن، رسول بخش پليجو ۽ قاضي محمد بخش ڌامراهه کيس ويجها هئا.

اڙدو اديبن ۽ شاعرن مان فيض احمد فيض، الياس عشقي، جميل جالبي، حسن حميدي، محسن ڀوپالي، آفاق صديقي، ۽ حمايت علي شاعر سان چڱي محبت هئس.

نئين ٽهيءَ جي ليکڪن سان ته ادا تنوير جون ٻٽيهه دليون هونديون هيون ۽ انهن جي لکيتن کي ساراهي سندن حوصله افزائي ڪندو هو. نور الهديٰ شاهه، تاج جويو، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ، مهر خادم، انعام شيخ، طارق عالم، مير محمد پيرزادو، خاڪي جويو، پشپا ولڀ، بخشڻ مهراڻوي، حسن درس، احمد سولنگي، مظهر لغاري، سهيل سانگي، زيب سنڌي، اشتياق انصاري، خادم عباسي، قربان منگي.... ڪنهن جا نالا لکي ڪيترا لکان؟

سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن، ثقافت، ادب ۽ لسانيات تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي عالمن مان ڊاڪٽر انيمري شمل، ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل، آسڪو پارپولا، ڊاڪٽر آلچن ۽ پروفيسر آرچيبالڊ سان سندس علمي ۽ ادبي ناتا آخر تائين قائم رهيا.

خيرپور ۾ تنوير هڪ دائي رکي. مائي امِل روز اچي تنوير کي چوندي هئي ته ”ابا، ڊاڪٽر! دعا ڪر ته مديني ۾ مران.“ تنوير جو روز جو جواب هوندو هيس ته ”مائي، الله ڪندو ته ائين ئي ٿيندو.“ مائي امل وراڻيندي هئي: شل تنهنجو وات سدورو ٿئي.“

تنوير جون يادگيريون ته گهڻيون آهن پر منهنجي خيال ۾ في الحال اِتي ئي ختم ڪجن. وري ڪنهن ٻئي دفعي پچار ڪبي.

 

 

راڻي ارشاد                                            

(تاثر)

 

گلن جهڙو تنوير اڄ هو اسان کي ڇڏي هليو ويو!

اسلام آباد جي ساوڪ ۽ مينهن واري زمين ۾ هو دفنايو ويو

اسان سڀن کي هو وڏي امتحان ۾ وجهي ويو

پر جتي هن جو نصيب هو

هو وڏو ۽ عظيم انسان هو

اسان جي لاءِ هو مري به زنده آهي

نه ڪنهن کي هن ڏک ڏنو

نه ڪنهن کي ڏکويائين

اهڙا عظيم انسان دنيا ۾ ورلي پيدا ٿيندا آهن

ويندي ويندي هو روشني ڏيئي ويو

گلن جهڙو تنوير! اڄ هو اسان کي ڇڏي هليو ويو!


 

محترم چاچا سائين، رباني صاحب

 

وعدي موجب بابا جا فوٽو موڪلي رهي آهيان. گهڻو ڪري سڀ Categorise ٿيل آهن، انڪري توهان کي چونڊڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي.

        دير جو سبب منهنجي سستي نه، پر اندر جي اها ”ملولائي“ آهي، جيڪا بابا جي فوٽن کي ڏسندي، مون تي طاري ٿئي ٿي. اڄ به دل اِهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ته بابا اسان کي وري ڪڏهن ڪونه ملندو. ڪيڏي نه بيوسي ۽ ويچارگي آهي!

توهان مون کي بابا تي تاثر لکڻ لاءِ چيو هو. پنهنجي پاڻ کي سهيڙڻ جا گهڻا جتن ڪندي به مان ڪجهه نه لکي سگهي آهيان. قلم کڻندي ئي اکيون ڀرجي اچن ٿيون ۽ لکڻ جي سگهه وڃائجي ٿي وڃي! بابا جهڙي شفيق، پر ديوقامت شخصيت تي ڪجهه به لکڻ لاءِ، مون جهڙي جيتامڙي ماڻهوءَ ۾ اڃا ساهس ناهي. درحقيقت اها منهنجي دلي خواهش آهي ته مان بابا تي ڪجهه لکان ۽ لکندس به، پر اُن لاءِ ڪجهه وقت لڳندو. مون جڏهن به ڪجهه لکيو، مان پاڻ توهان کي موڪلي ڏيندس.

بابا جي هٿ اکرن سان لکيل سندس آخري نظم، جيڪو مهراڻ رسالي جي پٺئين پني تي مليو، اُهو به موڪليان تي.

جذبن جي سيلاب ۾ خبر ناهي ته ڪيئن مون بابا تي ڪجهه نظم لکيا، اُهي به موڪليان پيئي.

فوٽن جي پٺيان مون ڪجهه Discription ۽ تاثر لکيا آهن، جي مناسب لڳيو ته ڏيئي ڇڏجو. فوٽن جي واپسي توهان جي ذميواري ٿيندي، اهي اسان سڀني جو اثاثو آهن.

  ٻيو خير

سڀني کي سلام دعائون

    ادب و احترام سان

 

            پارس

جڏهن بابا اسپتال ۾ هو

 

منهنجي اونداهي ڪمري جا،

پــــــڙدا هــــــــــو کــــولــيـــــنـــدو،

ايندو بابل ايندو.

’همير‘ ’جانب‘*کي گڏ نيِئي،

پــــوپــــــٽ پــــڪـــڙي  ڏيــنـــدو،

ايندو بابل ايندو.

گهر جي ٻُسيءَ  ڪياريءَ ۾،

مـــوتيـــا ڪـــــــي پـــوکــيـنــدو،

ايندو بابل ايندو.

 

مارگلا** جي هنج ۾ ويهي،

شــعـــر نــئــون سِــرجــينــــدو،

ايندو بابل ايندو.

ڌرتي مون لئه سوني ٿيندي،

”بــــابـــــــلي“ نيــٺ ســڏيـنــدو،

ايندو بابل ايندو.

توڙي مون وٽ ڪوبه نه ايندو،

هُـــــــــو پـــــر پــــوءِ بــه ايـــنــــــدو،

ايندو بابل ايندو.

(”ايندو، ساجن ايندو“ کان متاثر ٿي لکيل)


 

بابا بنان عيد...!

 

لوڪ سڄو ٿيو رهڙو پٽڙا،
پنهنجو گهرڙو ڪهڙو پٽڙا.

 

مون سان گڏ تو نير وهايو،
سپ ۾ موتيءَ جهڙو پٽڙا.

 

هونئن حياتي ڪانڊيرو آ،
هٿ ۾ تنهنجو هٿڙو پٽڙا.

 

مون کي آلو ڏيئي نيندو هو،
منهنجو بابا مٺڙو پٽڙا.

 

تنهنجو پهو ننڍڙو آهي،
گهاءُ آ منهنجو گهرو پٽڙا.

 

سينور آ چوڌاري ڏک جو،
ڪنول تنهنجو چهرو پٽڙا.

 

عيد پڇي ٿي سڏڪي مونکان،
ڪاڏي ويو هو وڏڙو پٽڙا!

 

Dearest Baba

As a little girl, I remember you, singing songs to me.

I remember you strong, with your utter gentleness.

Your understanding made me flourish.

My queries; well answered by you.

My little mind grew, nurtured with your love, it learnt to search; know the right from wrong.

You showed me the paths, and encouraged me to make my choices.

You made me fearless.

You made me think.

You made life a beautiful experience.

You’d say.

“I’ve faith in you.”

“Go ahead, you’re future and my future should go steps ahead of me.”

Baba, you’myre my deep shadow, my courage to go on.

You’re one reason, I believe in love and genteness and goodness and in truth.

I yearn to live, as you wanted me to.

I treasure each contact of yours; and your memories.

Your memories are sweet and innocent, and very brave strengthening me.

 MARVI ZAHEER


* ”هَميرُ“  ۽ ”جانبُ“ پارس جا ٻه ننڍڙا پٽڙا آهن.

 

**  مارگلا انهن پهاڙين جا نالا آهن، جيڪي اتر اولهه کان اسلام آباد کي هڪ قلعي وانگر گهيري بيٺيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com