سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :3

شاهه لطيف جي دؤر (ارڙهين صديءَ جي وچ) تائين مغربي ادب ۾ پڻ عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ شعرن چوڻ يا عام ماڻهوءَ جي باري ۾ لکڻ جو تصور ئي پيدا نه ٿيو هو. ان وقت تائين اوڀر توڙي اولهه ۾ شاعري مٿاهين يا وچولي طبقي جي لاءِ هئي. شاعر جي هڪ خاص ٻولي هئي، جيڪا عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان مٿي، فقط پڙهيل ۽ مٿاهين طبقي جي سمجهه لائق هئي. شاعريءَ لاءِ تشبيهون ۽ استعارا پڻ انهن ئي طبقن جي ماحول ۽ زندگي مان چونڊيا ويندا هئا. لوڪ ادب کان پوءِ سنڌي ادب ۾ عوامي شاعريءَ جو جيڪو رجحان پيدا ٿيو، شاهه لطيف تي ان جي چوٽ ٿي.

مغربي شاعريءَ ۾ عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ شعر ۾ عام ماڻهن جي جذبن جي اپٽار ڪرڻ جو تصور شاهه لطيف کان اڌ صدي پوءِ پيدا ٿيو ۽ شاهه عنايت کان ڏيڍ صدي پوءِ، جڏهن 1801ع ۾ ورڊسورٿ، ڪولرج سان گڏ پنهنجي شعرن جو مجموعو ”سريلا گيت“ ڇپايو  ان جو مهاڳ لکيائين.

عام ماڻهوءَ ۽ پورهيت طبقي جي ٻوليءَ، ماحول، توڙي جذبن کي شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ واري نظريي جي خيال کان سنڌي شاعري مغربي شاعريءَ کان گهڻو اڳتي آهي. لوڪ ادب جي دؤر کان پوءِ اسان جا سنڌي شاعر ئي آهن، جن پنهنجي ملڪ جي مسڪين ماڻهن کي ان لائق سمجهيو، جو هو شعر جو موضوع ٿي سگهن ۽ هنن جي نماڻيءَ ۽ ننڍڙيءَ پر رنگين، سادن سچل جذبن سان ڀريل دنيا شاعرن جي شعر ۾ سمائجي سگهي.

مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته مغربي شاعري توڙي مشرقي شاعري شاهه لطيف جي دؤر تائين يا ته مٿاهين طبقي يا ته وري وچولي طبقي جي ماحول توڙي ٻوليءَ تائين محدود پئي رهي. شاعريءَ ۾ هيٺئين يا پورهيت طبقي جو ذڪر يا ان جي باري ۾ بيان ڄڻ ته ممنوع هو. سنڌي شاعري هڪ قدم اڳتي وڌي هڪ روايت کي جنم ڏنو. شاعريءَ ۾ عام ماڻهو ۽ ان جي روزاني زندگيءَ جا عڪس نظر اچڻ لڳا. شاعري آسمان تان هيٺ لهي زمين تي آئي. ديوين ۽ ديوتائن جي مابعدالطبعياتي ماحول کان نڪري حقيقت پسنديءَ تائين پهتي. عام ماڻهو شاعرن جا سورما ۽ سورميون بنيا. شاهه لطيف تي ان روايت جي چوٽ ٿي. هن سنڌي شاعريءَ جي انهن روايت کي سينگاري، ٺاهي، عروج تي پهچايو.

شاهه لطيف جي سورمن ۽ سورمين تي نظر ڪبي ته اهي پورهيت طبقي مان ئي هئا، جن کي هن کان اڳ دنيا جي عظيم شاعرن شاعريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي. ڇو ته سڄي دنيا جي شاعري رڳو هڪ خاص ورسايل طبقي جي تفريح جو سامان هئي. شاهه لطيف ان کي پنهنجي اصلي ماڳ موٽائي آندو ۽ پنهنجا اڪثر سورما ۽ سورميون عوام مان ئي چونڊيائين.

سسئي ڌوٻياڻي آهي، محمد کٽيءَ جي ڌيءَ آهي، جيڪو ڪپڙا ڌوئي گذر ٿو ڪري. اها ڌوٻيءَ جي ڌيءَ سنڌي شاعريءَ ۾ ڳولها جي علامت ٿي وڃي ٿي. پنهون، جيڪو ڪيچ جو شهزادو آهي، ان کي به محمد کٽيءَ وٽ ڪپڙا ڌوئڻا ٿا پون.

سهڻي ڪنڀار جي ڌيءُ آهي، جنهن جو مٽيءَ، چڪ ۽ آويءَ سان واسطو آهي.

مارئي ٿر جي مارن جي ڇوڪري آهي، جن جي کاڌ خوراڪ ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏيهاڙي سومرا.“ ان نماڻيءَ ڇوڪريءَ آڏو وقت جو بادشاهه هيڻو ثابت ٿيو ۽ مارئي وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ ٿي ويئي.

سر ڪاموڏ ۾ شاهه لطيف سنڌ جي ماڻهن جي نينگر نوريءَ کي سمين شهزادين کان به مٿڀرو ڪري ڇڏيو آهي.

گهاتوءَ جو مورڙو، ميربحر آهي، پر ان سان گڏ جڏڙو ۽ ضعيف پڻ آهي.

انهن کان سواءِ سُر کاهوڙي ۽ رامڪلي جا جوڳي، ڪاپائتيءَ جون چرخو ڪتيندڙ، اهي سڀ نماڻن طبقن جا ڪردار آهن.

ڌوٻيءَ جي ڌيءُ، مارن جي ڇوڪري، مهاڻن جي نينگر هن کان اڳ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي عظيم شاعرن پنهنجي شاعريءَ جون سورميون ته ٺهيو، پر، پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر لائق به نه سمجهيون.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگي:

شاهه لطيف شاعريءَ کي نه فقط پنهنجي سرزمين ڏي موٽايو، پر ان ۾ عام ماڻهوءَ جو بيان پڻ ڪيائين. ٽي. ايس. ايليٽ جي لکڻ موجب: ”شاعري اهڙو فن آهي، جيڪو سختيءَ سان قومي آهي. ڇو ته هن جو خيال ۽ فڪر سڀني قومن ۾ ساڳيو ۽ عام ٿي سگهي ٿو، پر احساس هر قوم لاءِ عام نه، پر خاص (Particular) آهي، ۽ شاعري انهن احساسن جو اظهار آهي.“ اڳتي هلي هو لکي ٿو ته، ”اها طئه شده ڳالهه آهي ته ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ئي پنهنجا سڀ کان شديد احساس ظاهر ڪري سگهن ٿا. هڪ قوم جي ماڻهن ۾، نفيس ترين ۽ پيچيده ترين جذبا توڙي سادا ۽ اڻ گهڙيل جذبا ڪانه ڪا هڪجهڙائي رکن ٿا، جيڪا ٻيءَ ٻوليءَ جي ماڻهن جي ساڳي ئي طبقي ۾ نٿي ملي سگهي. ان ڪري عظيم شاعر کي پنهنجي هم وطنن لاءِ ۽ هم وطنن جي هر ذهني سطح لاءِ لکڻو آهي.“

شاهه لطيف ان لحاظ کان به عظيم هو جو هن جي شاعري سندس ديس جي ماڻهن مان هر هڪ لاءِ هئي. ڪهڙي به ذهني سطح وارو شخص، عالم، پڙهيل، توڙي اڻ پڙهيل، شاهه لطيف جو شعر جي رس ۽ رچاءَ جو مزو ماڻي سگهي ٿو. اهو فقط هن ڪري، جو هن جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي. اها سنڌ جي ماڳن توڙي ماڻهن جي شاعري آهي. اها سنڌ جي وڻن ٽڻن، گلن ڦلن، ڍورن، توڙي پکين، ڀِٽن، درياهن، جبلن ۽ ڍنڍن جي شاعري آهي. اها سنڌ جي مارن، جهانگين، لوهرن، ڪنڀرن، واڍن، مهاڻن ۽ سوداگرن جي باري ۾ آهي. ان شاعريءَ کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن جا احساس ڪهڙا آهن. اهي محسوس ڪيئن ٿا ڪن. جيئن مٿي ڄاڻايل آهي ته هر قوم مخصوص نموني ۾ محسوس ٿي ڪري ته هن شاعريءَ ۾ اهو مخصوص نموني وارو سنڌي احساس آهي. اهڙو احساس، جيڪو ڪنهن ٻئي هنڌ ناهي.

هيءُ شعر پڙهو:

مُٺيس جهل مهار، ڪُٺيس ڪاهه م ڪرهو،

مون نماڻيءَ جي نجهري، ڀيرو ڪــج ڀــتار،

ســاجــن تــوهار ڌار، ڏٺم ڏينـهــن قيام جــو.

(ديسي: 1_1)

انهيءَ بيت جي پهرئين سٽ ۾ لفظن ”مٺيس“ ۽ ”ڪٺيس“ جو ورجاءُ اهڙن جذبن جو اظهار آهي، جيڪو رڳو سنڌ ۾ ۽ رڳو عورتن وٽ ملندا. اهو مسجڻ ۽ ڪسجڻ جو احساس ۽ ان جو اهڙو اظهار رڳو سنڌ ۾ ئي ملندو. ان شعر جي خيال جو ترجمو ٿي سگهي ٿو. پر ”مٺيس“ ۽ ”ڪٺيس“ جي جذبي جو ترجمو ٿيڻ ناممڪن آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو ذڪر جابجا ملندو. پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ جي لکڻ موجب، ”قدرتي نظارا، عام ماڻهن جي زندگيءَ جا ذريعا، طريقا ۽ عادتون، ذري پرزي جاچيون اٿس.“

لوهر جي دڪان ڏي ڪن ٿورن شاعرن جو ڌيان ويو هوندو، ڇو ته هن وقت تائين شاعرن جي نظر درٻارن ۽ مٿاهن طبقن تي ئي ڄميل هئي. پر شاهه لطيف، لوهر جي دڪان جي تمثيل سان ڪهرا نه سهڻا نڪتا بيان ڪيا آهن، ۽ ان جو ڪهڙيءَ نه ڪاريگريءَ سان ماحول چٽي ڏيکاريو اٿائين.

ڪــٽ ڪــڙهــي، لــوهه ٻري، ڌوڌا جـــت ڌڳــن،

مترڪن منهن ڪڍيا جت سانداڻيون سهڪن،

اڄ پــــڻ  آڳــڙيـــن،  مــيـڙو  آهــي  مــچ  تــــي.

(يمن ڪلياڻ: 3_29)

سر سنداڻ ڪري، پڇـج گـهر لوهــار جــو،

ڌڪن هيٺ ڌري، مان گڏينئي رڪ سين.

(يمن ڪلياڻ: 3_13)

سهي جيئن سانداڻ، ڌڪـن مٿي ڌڪڙا،

وهـه وڃـائــي پـاڻ، ڏئـي ڏٻائون ڏنگڙين.

(يمن ڪلياڻ 3_24)

ٻاريو اجايو کين، پرين اجهايو ٻارين،

مــون کـي ٿا مارين، لــئا لـوهـارن جــا.

(يمن ڪلياڻ: 3_20)

اڄ  آڳــڙيــا آئــيـا، ســوڌا ســراڻـــي،

پياري پاڻي، ڪندا تيغون تکيون.

(يمن ڪلياڻ: 3_27)

سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاءِ سراڻ سين،

تيغ تني جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.

(يمن ڪلياڻ: 3_30)

مٿين بيتن ۾ ڌنوڻيون آهن، مچ به آهن، مترڪن ۽ سنداڻن جو ذڪر به آهي ته رڪ جو بيان به؛ تلوارن کي پاڻي پيارڻ جو احوال به آهي ته سراڻ جو ذڪر پڻ. هنن بيتن جو ماحول اسان جي سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو ئي ماحول آهي. هر ڳوٺاڻو لوهر جي دڪان کان واقف آهي، ان ڪري لوهر جي دڪان جي تمثيل سان چيل ڳالهه هن جي روح ۾ رچي ٿي وڃي. ان مثال ڏيڻ سان ڪهڙي به پيچيدي ڳالهه سندس سمجهه ۾ يڪدم ويهي ويندي. واڍي جي باري ۾ هيٺيون بيت پڙهو ۽ ڏسو ته ڪهڙي نه فنڪاريءَ سان واڍي جي مثال سان پنهنجي دل جا حال اوريا اٿائين.

ڏونــگــر تــون ڏاڍو، ٿــو ڏاڍا ڏاڍيـــون ڪـــريـــن،

مون تن اندر تيئن وهين، جيئن وڻ وڍين واڍو،

ڪـــرم جـــو ڪــــاڍو، نــه تــه پٿر ڪير پنڌ ڪري.

(ڪوهياري: 2_1)

ڪُٽِ جا ٿانو ۽ ٺاٺارو، اِهي به ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جو حصو آهن. ٺاٺاري جي ذڪر وارو هيءُ بيت پڙهي ڏسو، ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ فڪر ۽ ٺاٺاري جي علامت جو فنڪارانه استعمال ڏسو:

ڀلي ڪري آئيو ٺاٺارو ڏيهاءَ،
ڀڳي ڪٽ سڄي ٿي لڳي جاڪ ڳراءَ.
(سامونڊي 1_وائي)

ڪنڀر جي باري ۾ هيٺيان ٻه بيت پڙهو:

نهائينءَ کان نينهن، سِک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
(رپ: 2_ 17)

نينهن نهائينءِ کان، ڍڪيو ڪونه ڍڪئين،
ڄر ڄيري ڇڏيي، ڪيئن پچندا ٿانءَ،
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.
(رپ: 2_15)

لوهر جي باري م هڪ ٻيو مشهور بيت:

ڪڙي منجهه ڪڙو، جيئن لوهار لپيٽيو،

مــنهنجو جيءُ جڙيو، ايئن سپرين سـين.

(بروو سنڌي: 2_5)

هڪ هنڌ ڪوريءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

هلو ته هلون ڪورئين نازڪ جن جو نينهن،

ڳـنــڍن ســارو ڏينــهن، ڇنــڻ مــور نــه سکيــا.

 

سر سريراڳ ۾ ٻيڙياتن جو ذڪر آهي:

ٻيڙياتا ٻئي، تــو نــه ڦــٻــنديون ڳالهــڙيــون،

سڄيون راتيون سمهين ڀر سکان ڏيئي،

صــــبح  ســـڀيــئي، پـــار پــڇندءِ  خــبـرون.

(سريراڳ 3_14)

مڱڻهار جو ذڪر پڙهو:

مــان پـڇـنئي ســپرين چــتا چرم لاهــه،

اڳيان پرئين پاءِ پــلئهه مــڱڻهار جيــئن.

(سريراڳ 1_14)

سر گهاتوءَ ۾ ساٽين جي باري ۾ چوي ٿو:

کلي جان کنڪاريان تان ساٽي سنڱ نه ڪن،

واريــو رهــٽ وڃــن، ڪـيـن سڀاڳن سامـهــان.

 (گهاتو 1_ 9)

مهاڻن جي باري ۾ شاهه لطيف ڪمال جي فنڪاريءَ سان شعر چيو آهي. سر ڪاموڏ ۾ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون اٿائين جو سڄو نقشو پنهنجي ککيءَ ڌپ سان آڏو اچيو وڃي: شاهه لطيف کان اڳي رڳو سهڻن رنگن، سرهاڻ، ڀڙڪيدار پوشاڪ، اطلس ۽ ڪيمخواب کي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪرڻ لائق سمجهيو ويندو هو. هن سُرَ ۾ شاهه لطيف ڪهڙيءَ نه ويجهڙائيءَ کان سنڌ جي هن نماڻي طبقي جو اڀياس ڪيو آهي ۽ سندن زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي.

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

انـهــن جـي اوطاق، راجا ريجهي آئــيـو.

(ڪاموڏ: 1_ 3)

 

ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهــن وهن سر ٻانڊئين، سڀئي بدبو هاڻ،
لڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻيءَ وڌئون پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ سمي سر ڪئو پانهنجي.
 

(ڪاموڏ: 1_ 12)

ڪاريون ڪوجهيون ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انن جي آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.
    (ڪاموڏ: 1_11)

گندگيءَ ڀريل گوڏ وارا، ڄار کڻي کاريون جهلي هلندڙ ککيءَ هاڻا ماڻهو، جيڪي لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳن، جن جي پلئه کي ڇهندي به امير ماڻهوءَ کي ڪرڀ اچي:

ککيءَ هاڻيون کــاريون، ڇــڇيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جني جي پاند ســـين، لــڳئو ٿئي لڄ،

ســمــو ڄـــام ســهج، اڀو ڪري ان ســيــن.

(ڪاموڏ: 1_ 10)

اهي شاهه لطيف جي شاعريءَ جا موضوع آهن، جيڪي نماڻي غريب طبقي جا آهن، جن وٽ نه سونهن آهي نه سوڀيا نه سرهاڻ؛ نه وڏا محل ماڙيون نه ڪي گل گلزار. شاعريءَ پهريون دفعو عام ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ جهاتي پاتي ۽ ان جي زندگي، رهڻيءَ ڪرڻيءَ ۽ دک درد جي ايمانداريءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان عڪاسي ڪئي. نه پٽ پٽيهر نه روشن رخ، نه عنبرين گيسو _ اهي آهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو، ۽ اها آهي سندن حياتي!

 

جـيــهــا  ســي  تيــهـا،  مـــون  مـــارو  مڃيــا،

مون جيڏيون ملير ۾، چـــونــڊن مــوڪ مـها،

اٿم آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

(مارئي: ابيات متفرقه _9)

جهڙا تهڙا، سادا سودا، نماڻا، ڪارا ڪوجها، جن جي گوڏ ۾ گند آهي، جن مان ککيءَ ۽ ڇڇيءَ جي ڌپ پيئي اچي، اهي منهنجا آهن. مان انهن کي مڃيان ٿو. انهن ۾ منهنجو ايمان آهي، ۽ انهن مٿان قائم ٿيل ڪوٽ کي ڪيرائڻ جي آس رکان ٿو. اهو آهي شاهه لطيف، جيڪو ملڪ جي مٽيءَ ۽ ان جي ماڻهن ۾ غير مشروط مڃتا ٿو رکي. جهڙا آهن اهڙا ئي مڃي ٿو.

شاهه لطيف جي محبوبن ۽ دوستن جي چونڊ ته ڏسو:

جن ڪراين ڪچ جا ور ساهيڙيون سي،

ات اڪنڊي آهيان، منـهـنـجا مــارو جــي،

پکين سين نه پاڙيان، هنڌ تنهنجو هي،

اهــل ابـاڻـن کي، مري شــال مـلـهـائـيـان

(مارئي: 3_7)

شاهه لطيف محلن ۾ رهندڙ سون روپي سان رانديون ڪندڙ سوڍين جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر ڪراين ۾ ڪچ جا چوڙا پائيندڙن کي وڌيڪ اهميت ڏني آٿائين. هن جي لاءِ سون رپو نه پر”جيها تيها مارو“ اصل شيءِ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com