سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :22

”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.“

 

تنويرعباسي برابر هن دور جي تاريخ آهي _ جيئري جاڳندي ۽ جرڪندي تاريخ، جنهن جي شخصيت جا سڀ پهلو سج ۽ سچ جيان روشن ۽ پڌرا آهن. وقت جنهن جي آڏو سدائين ٻڌي ٻانهي جيان بيٺو رهيو آهي. شاعر، اديب، محقق، پارکو، سفرنامانگار ۽ ڏاهو _ سندس گهڻ پاسائين شخصيت جا سمورا روپ مڪمل ۽ ڀرپور آهن. فطرت ۽ محبت جي شاعر طور سڃاپجندڙتنوير عباسيءَ جي شاعري، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جيان اڄ به جذبا جاڳائيندڙ ۽ من ڪتڪائيندڙ آهي.

خيالن جي اُڏام اتاهينءَ کان اتاهين ۽ فن جي گهرائي پاتالن تائين پهتل. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي سونهن جي موجودگي، ڊسمبر جي صبح ۾ اس جي تڙڪي وانگر وڻندڙ ۽ مزو ڏيندڙ آهي. تنوير ڌرتيءَ جو شاعر آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن جو شاعر آهي، دل وارو آهي ۽ دل وارن جو شاعر آهي.

تنوير عباسي شخصي حوالي سان به شفقت ۽ محبت جي مٽيءَ مان جوڙيل آهي. ٻاجهه، پنهنجائپ، آئي وئي جي آڌر ڀاءَ لاءِ کليل ٻانهون ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙي شخصيت جي مالڪ سائين تنوير عباسيءَ کي مون سدائين پاڻ ڇپر ڇانو سمجهيو آهي. منهنجي شاعريءَ ته اکيون ئي سندس ’رڳون ٿيون رباب‘ ۽ ’شعر‘ جي هنج ۾ کوليون هيون. سندس شاعري سدائين مون لاءِ اتساهه جو سبب بڻي رهي آهي ۽ سندس وجود سدائين همت ۽ عزت افزائي جو اهڃاڻ. هي جيڪي مان، مڃتا ۽ محبتن جا ٻٽڙي گل اڄ منهنجي شاعريءَ جي جهول ۾ پيل آهن، تنهن جو اهم سبب ۽ پس منظر تنوير جي محبت، پٺڀرائي  ۽ رهنمائي ئي آهي. پير پير هلڻ مون پاڻ سکيو هو، پير پختا ڪرڻ جو حوصلو مون کي هن ئي ڏنو آهي.

مون پنهنجي پنجويهن سالن جي تخليقي سفر ۾ تنوير جهڙا سندس ٽهيءَ جا تمام گهٽ ٻاجهارا ۽ محبتي ماڻهو ڏٺا آهن، جن پاڻ کان پوءِ واري ٽهيءَ کي ايتري محبت ۽ مڃتا ڏني آهي ۽ سندرو ٻڌي ساڻن مقابلي تي لهڻ بدران، آڱر وٺي کين پاڻ سان گڏ هلايو هجي، سمجهايو هجي، سيکاريو هجي ۽ پاڻ کان اڳتي لاءِ اُتساهيو هجي. ظاهر آهي، موٽ ۾ نئين ٽهيءَ کان احترام ۽ عقيدت به کيس ٻين کان وڌيڪ ملي آهي. وڏو اديب ٿيڻ بيشڪ وڏي ڳالهه آهي، پر وڏو انسان ٿيڻ اڃا به وڏي ڳالهه آهي ۽ تنوير عباسيءَ ۾ ته اِهي ٻيئي خوبيون موجود آهن، اُن لاءِ ڇا چئجي؟

”...هونءَ ته سنڌي شاعري، اساسي ۽ ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي ۽ صدين کان پوءِ ان ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن، پر گذريل صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ٻه ننڍا ۽ هن صديءَ ۾ ٻه وڏا ڇال ڏنا آهن. ننڍا ڇال آهن: سچل سرمست ۽ خليفي گل محمد جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي غزل ۽ فارسي وزن سان سُڃاڻپ ڪرائي، ۽ وڏا ڇال آهن _ مرزا قليچ بيگ جي شاعري، جنهن نظم ۽ مغربي لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو، ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري، جنهن سنڌي ڪلاسيڪي ورثي ۾ جديد مغربي ڌارائن کي ملائي سنڌي شاعريءَ کي بين الاقوامي سٿ ۾ آڻي بيهاريو. (اُن جو بنياد برابر ’بيوس‘ وڌو، پر سندس شاعريءَ رڳو رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو.) _ اياز گل پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر ۾، هر نوجوان شاعر وانگر، پنهنجي چوڌاري قائم ٿيل ادبي ماحول کان متاثر ٿيو. اڳتي هلي، هن سنڌي اساسي، ڪلاسيڪي توڙي وچينءَ دؤر واري شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ۽ نيٺ هو پنهنجي انوکي ۽ ذاتي اسلوب کي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيڪو هر لائق شاعر لاءِ ضروري هوندو آهي، پر تڏهن به هو سدائين سنڌي شاعريءَ جو ڳنڀير شاگرد رهيو آهي...“ (ڏُک جي نه پڄاڻي آ“، مهاڳ مان ٽڪرو)             _تنوير عباسي


ادل سومرو

 

تنوير عباسي ۽ نئين ٽهي

 

سنڌي ادب ۾ ”پيڙهي _ وڇوٽي“ بابت ويجهي ماضيءَ ۾ ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن. اهو هڪ اهڙو مسئلو رهيو آهي، جنهن جو ڪارڻ بزرگ اديبن ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۾ ذهني هم آهنگي نه هجڻ يا رابطي جي کوٽ به ٿي سگهي ٿو. نئين ٽهيءَ جي ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته بزرگ اديب ماضيءَ جي سحر ۾ گم رهندي، پنهنجي دور جي ڪارنامن ڳڻائڻ ۽ موجود ٽهيءَ جي ڀيٽ ۾ مطالعي، تخليقي صلاحيتن ۽ علمي ادبي سرگرمين ۾ پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ جو سدائين اظهار ڪندا رهندا آهن، پر نئينءَ ٽهيءَ جي صلاحيتن جي اعتراف ڪرڻ کان لنوائيندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪجهه سينيئر اديبن کي به شڪايت رهي آهي ته نئين ٽهيءَ جا ليکڪ، محنت ۽ مطالعي ڪرڻ بدران تڪڙي شهرت حاصل ڪرڻ وارا گُر استعمال ڪن ٿا ۽ خود نمائي ۽ پاڻ پڻي ۾ گرفتار رهندي، پاڻ کان اڳ وارن ليکڪن کي جوڳو مان نٿا ڏين.

هڪٻئي کان شڪايتن واري اهڙي صورتحال هوندي به اسان جا ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر آهن، جن کي ڪڏهن به ڪا شڪايت نه رهي آهي. اهڙن ناليوارن شاعرن ۽ اديبن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو نمايان آهي، جنهن جي ذهن ۾ ڪڏهن به ”پيڙهي _ وڇوٽيءَ“ واري سوچ نه رهي آهي. هن پنهنجي ورتاءُ يا رويي ۾ ڪڏهن به اهڙو احساس ڪونه ڏياريو. انهيءَ جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو جو هن جي دوستي غلام محمد گرامي ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙن بزرگ اديبن ۽ عالمن سان به رهي هئي، جن پنهنجي دور جي نوجوانن کي پنهنجي وڏيءَ عمر يا وسيع علم جو احساس ڏياري، وڇوٽي پيدا نه ڪئي.

پير حسام الدين راشديءَ سان پنهنجائپ جو ذڪر ڪندي تنوير عباسي لکي ٿو ته:

”...پوءِ پير صاحب ۽ اسان جي وچ ۾ پيڙهي وڇوٽي ختم ٿي ويئي. اسان ’لوفرپائي‘ ڪندا هئاسين ته پير صاحب اسان سان گڏ ويٺو هوندو هو. اسان جيترو، اسان جهڙو، اسان سان گڏ هو.“ (”منهن تني مشعل“)

        بزرگ اديبن سان ويجهڙائپ واري تربيت جو اهو اثر هو جو تنوير عباسي حياتيءَ جي آخري حصي تائين نئين ٽهيءَ سان گڏ رهيو. صفا انهن جهڙو _ نه ڪا وڏائي، نه بزرگي، نه برتري، فقط دوستي. عملي زندگيءَ ۾ به ساڳيو انداز ته تخليقن ۾ به اهو ئي اظهار. ايندڙ ٽهيءَ سان پيار ۽ سندن مستقبل جو اونو ۽ اُلڪو.

        هڪ تخليقار جتي پنهنجي تخليقن وسيلي ماڻهن تائين پنهنجي فڪري نسبت سان سڃاڻپ ڪرائي ٿو، تيئن هُن جوعملي پهلو يا رويو به مجموعي طور تي ڳڻپ ۾ اچي ٿو. اهو ادب جو هڪ بحث طلب موضوع به رهيو آهي ته هڪ شاعر کي فقط سندس تخليقن جي آئيني ۾ ڏسجي يا هن جي شخصيت کي به ان سان ڳنڍيو وڃي. انهن ٻنهي حوالن کي ملائي. جڏهن تنوير عباسيءَ جي تخليقن ۽ سندس شخصيت جو تجزيو ڪجي ٿو ته هو اسان کي متوازن رويي وارو محسوس ٿئي ٿو. ”رڳون ٿيون رباب“ کان وٺي”ساجن، سونهن، سُرت“ تائين، پنهنجي شعري سفر ۾ هو جتي واضح نموني ۾ امن ۽ پيار جو پرچاري، سونهن ۽ سادگيءَ جو ڳولائو ۽ سچو سرجڻهار محسوس ٿئي ٿو، اتي هڪ شخص جي روپ ۾ به هو هڪ آدرشي، بردبار، رويي ۾ لچڪ رکندڙ، سهپ وارو، هڪ مثالي انساندوست محسوس ٿئي ٿو. هڪ نمائنده ۽ مشهور شاعر جي حيثيت ۾ هو پنهنجي ذات جي سحر ۾ گرفتار نه ٿيو ۽ نه ئي هن ڪڏهن خودپذيرائيءَ واري نمائشي انداز کي پسند ڪيو. انا جي ديوارن کان پاسو ڪندي، هُن سدائين اجتماعيت جو درس ڏنو:

گڏ ٿيو، گڏ ٿيو

جي مرون ته گڏ مرون

جي جيئون ته گڏ جيئون

ڪجهه ڪريون

۽ جو ڪريون ته گڏ ڪريون. (”هيءَ ڌرتي“ ص55)

        اجتماعيت جي ان تصور هيٺ، تنوير عباسيءَ جو ايندڙ ٽهيءَ ۾ گهڻو ويساهه ۽ ايمان رهيو. هن کي هميشه نئين ٽهيءَ جو فڪر رهيو. هو ماضيءَ جي حوالي جو منڪر ڪونه هو، پر سندس خيال هو ته فقط ماضيءَ کي پڏائي، ان جي سهاري تي جيئڻ سان فرد پنهنجو آئيندو اُجاگر نٿا ڪري سگهن. فردن کي پنهنجي ماضيءَ کي ڏسندي، حال ۾ پتوڙڻ گهرجي ۽ ايندڙ وقت لاءِ ڪي رٿائون تيار ڪرڻ کپن:

ماضيءَ تي ٿا پاڻ پڏايو

حال ۾ ڪهڙا آهيو؟ (هيءَ ڏرتي _ ص22)

چوڻ کان پوءِ تنوير عباسيءَ هيئن اظهار ڪيو ته:

منهنجو پُٽ ۽ منهنجون ڌيئون

آلو ڏيئي مون کي

وٺي وڃن ٿا مستقبل ڏي. (هيءَ ڌرتي _ ص 48)

        شاعر جو فڪري محرڪ ذات کان ٿيندو ڪائنات وارن مظهرن تائين پهچي ٿو. ذاتي وارتائن ۽ تجربن مان ئي هو اجتماعيت ڏانهن وڌي ٿو. اهڙيءَ ريت ئي هن جون داخلي ڪيفيتون ٻين جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪن ٿيون ۽ هڪ فرد جا احساس سڀني جا گڏيل احساس بڻجي وڃن ٿا.

ساڳيءَ طرح تنوير عباسيءَ جا نئين ٽهيءَ کي ارپيل خيال به هن جي ذات کان سفر ڪري اڳتي وڌن ٿا. پنهنجي پُٽ سرمد ۽ ڌيئرن پارس ۽ مارئيءَ جي حوالن ذريعي هو سنڌ جي نئين ٽهيءَ کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان سان گڏجي هلي ٿو، پاڻ کي ان کان ڌار نٿو ڄاڻي. هن جو ويساهه آهي ته ايندڙ ٽهي، سندس مقصد واري جدوجهد کي اڃان به اڳتي وٺي ويندي.

آءٌ ته ماضي آهيان

هو مستقبل ٿيندو

منهنجي جيون جي مقصد کي

مون کان اڳتي نيندو

ايندو ساجن ايندو. (ساجن، سونهن سُرت _ ص 34)

تنوير عباسي پنهنجي  سُڄاڻ پٽ سرمد عباسيءَ کي نئين ٽهيءَ جي علامت طور پنهنجن نظمن ۾ ساراهيندي، هن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اها اُميد ڏيکاري آهي ته هو هن ڌرتيءَ جي ”روشن سڀاڻي“ جي ضمانت بڻبو. هو جتي به سرمد سان مخاطب ٿيو اهي ته هن جي آڏو سرمد ۽ سندس ٽهيءَ جا نوجوان ئي آهن، جيڪي آئيندي جا وارث آهن:

شل جيئين شل جيئين

گل گلابيءَ جيان

تون سدائين ٽڙين

آءٌ آهيان جڏو

تون آن مون کان وڏو

بارُ ڌرتيءَ جي گولي

جو تنهنجي مٿان

۽ تون اُن کي کڻي اڳڀرو

اڄُ کان

شال روشن سڀاڻي

تي پهچي سگهين

شل جيئين شل جيئين (ساجن سونهن سرت_ ص103)

        نئين ٽهيءَ جي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي مڃتا ٿي سگهي ٿي ته هو پاڻ کي ناتوان سڏيندي، ان کي پاڻ کان وڏو ڄاڻي ٿو ۽ وطن جي جياپي جو اُهڃاڻ سمجهندي پنهنجي حياتي ان جي نذر ڪري ٿو ۽ ان جو وڌڻ ويجهڻ ئي پنهنجي حقيقي راحت ڄاڻي ٿو. هڪ وڏي شاعر جي روپ ۾، تنوير عباسي نئين ٽهيءَ کي تمام گهڻي مڃتا ڏيندي، ان تان قربان ٿيڻ جو اظهار ڪيو آهي ۽ اِها ئي مڃتا هن جي وڏي شاعري ۽ وڏي ماڻهو هجڻ جو دليل آهي:

تون جيئين جي ته هيءَ سنڌ

تون سان جيئي

تون مرين سنڌ جي لاءِ

ته به هوءَ جيئي.

تون مرين، شل انهيءَ کان

اڳي مان مران

سنڌ جي نئين ٽهيءَ

لاءِ قربان ٿيان

تون وڌين مان ٺران

تون وڌين مان ٺران

مان مران تون جيئين

مان مران تون جيئين (ساجن سونهن سُرت _ص104)

        4_ مارچ جي شاگرد جدوجهد جي پس منظر ۾ سرجندڙ تخليقون سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاحمتي ادب جو هڪ نئون باب آهن. ڪيترن ئي سُڄاڻ شاعرن نوجوانن جي ان جدوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙيءَ طرح 4_ مارچ نئين سنڌ جي تاريخ جو هڪ يادگار ڏينهن بڻجي ويو آهي. تنوير عباسيءَ 4_ مارچ بابت ”سُر ڪيڏارو“ لکيو، جنهن ۾ هن نئين ٽهيءَ جي همت ۽ حوصلي کي ساراهيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

 

ٻاهر گل گلاب جا، من تن جو فولاد،
سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو!
 

 مصر نه آهي سنڌ آهي، هِت يوسف ڪيئن وڪجن،
توڙي سهنِ سختيون، توڙي قيد ڪٽن،
پوءِ به تاتِ اُنهن، سدا آهي سنڌ جي.

 

تنوير عباسيءَ جا سياسي نظريا ۽ خيال عوام دوستيءَ تي ٻڌل هئا ۽ هن ڪڏهن به سياسي ۽ سماجي مسئلن کي جذباتي انداز ۾ بيان نه ڪيو آهي. پر اهڙي اظهار ۾ هو اسان کي هڪ آرٽسٽ ئي محسوس ٿئي ٿو. ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان سندس وابستگيءَ ۾ سچائي، خلوص ۽ محبت به آهي ته درد به آهي. اهوئي سبب آهي جو نئين ٽهيءَ واسطي بيان ڪيل سندس جذبن ۾ سادگي ۽ سچائي پڌري آهي، جنهن ۾ ڪابه مصنوعيت ۽ لفاظي ناهي. اهو هڪ کرو ۽ سچو احساس آهي، جو پڙهڻ سان دل کي ڇهي ٿو. جيئن تنوير عباسيءَ پنهنجن لکڻين ۾ نئين ٽهيءَ ڏانهن ساڳيو پنهنجائپ وارو هو. هن ڪڏهن به نوجوانن کي پنهنجي وڏي شاعر يا وڏي عالم هجڻ جو احساس ڪونه ڏياريو، پر انهن سان سندن ذهني سطح مطابق هڪ دوست وانگر مخاطب ٿيندو هو. اهو ئي سبب هو جو بنهه نئون ليکڪ يا شاعر به تنوير عباسيءَ سان گفتگو ڪرڻ مهل ڪو حجاب محسوس نه ڪندو هو، پر ائين سمجهندو هو ته ڄڻ هو پنهنجي ڪنهن هم عمر نوجوان دوست سان ڪچهري ڪري رهيو آهي. تنوير عباسي به انهن نوجوانن کي اهڙي ڌيان سان ٻڌندو هو، جو لڳندو هو ته انهن کان ڪا نئين ڄاڻ حاصل ڪري رهيو هجي. هو نوجوان شاعرن جي شعري اصلاح ڪرڻ سان گڏ سندن ذاتي مسئلن جي سلسلي ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي آسپاس وارين شاخن جي دوستن ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف ٿيندا هئا ته انهن جو نبيرو ”سرمد جي گهر“ ۾ ٿيندو هو ۽ تنوير عباسي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نوجوانن جون ڳالهيون ٻڌي، پنهنجائپ واري انداز ۾ انهن جو ٺاهه ڪرائي ڇڏيندو هو.

اسان جا ڪافي سينيئر اديب ۽ شاعر خاص مهمانيءَ ۽ صدارت کان سواءِ ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ گهٽتائي تصور ڪندا آهن، جنهن لاءِ اڳواٽ ئي ميزبان سان ٻولائيندا آهن. تنوير عباسيءَ ۾ ها به خوبي هئي جو هو نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ميڙاڪن ۾ خوشيءَ سان شريڪ ٿي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو هو. سختيءِ سان چوندو هو ته ادبي پروگرامن جون صدارتون نوجوان اديبن کان ڪرايون وڃن ۽ هو ڪنهن به اهڙي ميڙ ۾ شريڪ نه ٿيندو، جنهن ۾ سندس نالو صدر يا خاص مهمان طور ڪارڊ ۾ ڏنو ويندو. انهيءَ پنهنجائپ ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ واري جذبي سبب تنوير عباسي آخر تائين نئين ٽهيءَ سان گڏ رهيو. هن نوجوان اديبن ۽ شاعرن سان ملهايل شامن ۽ انهن جي ڪتابن جي مهورت وارين تقريبن ۾ تقريرون ڪيون ۽ پيپر پڙهيا، پر هن سان ڪڏهن ڪا ”يادگار شام“ ڪانه ملهائي ويئي، نه ئي هن جي ڪنهن ڪتاب جو مهورت پروگرام ٿيو. هو گهڻو ڪجهه اسان کي ڏيئي ويو، پر اسان کان ڪابه طلب نه ڪيائين. تڏهن ئي ته چيو هئائين:

ڪجهه  ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،

ٻُوــر آهــيـون ڏئــــي مــيــوو ۽ ڇـــڻــي ويــنــداســيــن.

تنوير عباسي پنهنجي شخصيت ۽ فڪر ۾ هميشه اميد پرست رهيو. نااميدي هن جي سڀاءُ ۾ ڪانه هئي. جيئن آخر تائين سندس چهري تي مرڪ رهي، تيئن هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻهڪندو محسوس ٿئي ٿو. هو ايندڙ ٽهيءَ جي صلاحيتن مان پر اميد هو. هن وٽ ڪڻي جي به اهميت هئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته ڪڻي مان ئي ڪيچ ٿيندا آهن ۽ ائين ئي اهو سلسلو اڳتي وڌندو ويندو.

ڪيچ مان ڪڻا بچيا

گهڻا بچيا

بچيا جي تن مان ٿيندا ڪيچ

هي ڪڻا جي ٿورا ته به

گهڻا گهڻا

گهڻا گهڻا.

***

”...بهرحال، ادل جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي، مون کي اها اميد نه پر پڪ آهي ته ادل اسان جي دور ۾ سنڌي شاعرن ۾ تمام سٺو مقام هن وقت به رکي ٿو ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي به ادبي تاريخ ۾ رکندو. هن جا شعر، توڙي اڃا گهڻا نه لکيا اٿائين، پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿائين، اهو ئي ڪافي آهي، هن کي هڪڙي عزت ڀرئي مقام ڏيڻ لاءِ، تنهن کان پوءِ ادل، جيڪي مون کي تازا شعر ٻڌايا آهن، جيڪي ٿر جي پس منظر ۾ آهن، يا ڪراچيءَ جي ڪرفيوءَ جي پس منظر ۾ آهن، اهي شعر واقعي مون کي لڳي ٿو ته هڪڙو ’اڳتي قدم‘ آهن، نه فقط ادل جي شاعريءَ ۾، پر اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ مجموعي طرح _ ڇو ته انهن موضوعن تي تمام گهٽ شاعرن لکيو آهي، نه رڳو لکڻ، پر هڪ شاعر جي دل ڇا ٿي محسوس ڪري، ان ڳالهه جو جيڪوشاعراڻو احساس آهي، ان جي اپٽار ڪرڻ، اها وڏي ڳالهه آهي ۽ ادل ان کي واقعي شاعراڻي طريقي سان نباهيو آهي...“ _تنوير عباسي (1990ع)

 

مهر خادم

 

تنوير عباسي جي يادن جا عڪس

 

ڪي شخصيتون شهرن سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر شخصيتن سان. خيرپور اهڙو شهر آهي، جنهن جي اُچارڻ سان هڪدم جنهن شخص جو نالو فوري طرح ذهن تي تري ايندو، اهو ”ڊاڪٽر تنوير عباسي“ هو.

هو مٺڙو، سٻاجهو ۽ دلبر ماڻهو هو. نوجوانن لاءِ گهاٽي بڙ جي ڇانوَ مثل هو، جنهن جي چوڌاري نوجوان ئي نوجوان نظر ايندا هئا. ڪوبه مونجهارو، ڪوبه ادبي يا ذاتي مسئلو پيدا ٿيندو هو، ته نوجوان هميشه ”سرمد جي گهر“ ڏانهن رجوع ڪندا هئا، جتي سندن وڏو، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي صورت ۾ ويٺل هوندو هو. هو ٻڌندو هو، سمجهائيندو هو ۽ پوءِ مسئلو سلجهائيندو هو. نوجوانن جي لکڻين _ شاعري، مضمون، مقالي ۽ ڪالمن _ کي باقاعده پڙهندو هو. انهن لاءِ چٽو تصور قائم ڪندو هو، انهن لاءِ چٽو موقف ۽ انهن بابت پر اميد رهندو هو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي نوجوانن بابت چوندو هو ته ”اهي اسان جو آئيندو آهن. مان هنن مان مايوس نه آهيان، مان هنن مان پر اميد آهيان. اهي اسان جي جنريشن کان وک اڳتي ويندا ۽ جڏهن هي اسان کان وک اڳتي ويندا، تڏهن اسان سمجهنداسين ته اسان ترقيءَ جي طرف وڃي رهيا آهيون. هونئن به هر ايندڙ ٽهيءَ کي وک اڳتي وڌائڻي آهي، ڇو ته انهن جي آڏو اڳين جا ڪارناما، تجربو، تخليقون ۽ اڳين جي واٽ موجود هوندي آهي. انهن شين جي روشنيءَ ۾ هنن کي لازمي وک وڌائڻي آهي.“

ڊاڪٽر تنوير عباسي جڏهن خيرپور ڇڏي، اسلام آباد وڃڻ جو ارادو ڪيو، ته ان جي ويجهو رهندڙ اسان سمورن اديبن ۽ شاعرن کي ڏک واري ڪيفيت وڪوڙي ڇڏيو. جڳهه جي وڪري لاءِ بينر هڻايائين ته اسان جي نوجوان دوستن راتورات اهو بينر لاٿو ۽ کڻي ويا. هر نوجوان ليکڪ جي چهري تي مايوسيءَ وارا پاڇا نظر پئي آيا. هنن نه پئي چاهيو ته کانئن ٿڌڙي ڇانوَ جهڙو شخص پري ٿئي. ان بينر کان پوءِ ڪيترا ڏينهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان نوجوان دوست پاسو ڪرڻ لڳا. جڏهن اخبارن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي حوالي سان اِهي خبرون آيون ته ”بيماريءَ جي حالت ۾ ڪو دوا پيارڻ وارو ته هجي. هاڻي پوڙها ٿي ويا آهيون زندگيءَ جا پويان ڏينهن پٽ سان گڏ اسلام آباد ۾ رهڻ چاهيون ٿا.“ ان بيان کان پوءِ دوستن وڃي کانئن حال احوال ورتو. فونن تي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. مون فون ڪئي. چيائين ”بابا خادم ڪٿي آهين!“ لهجي ۾ اُٻاڻڪي محسوس ڪيم. منهنجي دل ڀرجي آئي. چيم ”سائين اِتي ئي آهيان، سڀاڻي توهان وٽ ايندس،“ چيائين ٺيڪ آهي. ٿوري دير ٿي ته وري ڊاڪٽر صاحب جي فون آئي: ”بابا مهر، مون کي سڀاڻي ڪجهه ڪم آهي، تون پرينهن اچجانءِ. ان ڪري فون ڪيم ته متان اچين ۽ مان نه هجان ۽ توکي تڪليف ٿئي.“ هيءُ سندس اعليٰ ظرف هيو. هو ڪردار جو به وڏو ماڻهو هو. عملي طور هن ڪڏهن به وقت نه وڃايو. هو مسلسل ڪم ڪندڙ انسان هو. آءُ سندس جاءِ تي ”سرمد جي گهر“ ويس. هڪڙو فائيل منهنجي حوالي ڪيائين ته ”هن جي فهرست لکي، جلد ڪرائي ڏي.“ ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن، مقالن، انٽرويوز ۽ ڊاڪٽر صاحب تي لکيل مختلف ليکڪن جي مضمونن ۽ مقالن وغيره جا الڳ جلد آهن، جن جون فهرستون مون لکيون آهن ۽ کيس ڪجهه فائيل پنهنجي بائينڊر دوست مير سڪندر کان بائينڊ ڪرائي ڏنا هئا. مون ويٺي کيس چيو: ”سائين اسلام آباد وڃڻ کي ڇڏيو، اسين سڀ اُٻاڻڪا آهيون. توهان جي ان فيصلي کان پوءِ اسان کي توهان سان ڳالهائڻ ئي نه پيو اُڄهي!“ وراڻيائين: ”مري ٿو وڃان ڇا، بابا! هتي ايندو رهندس. مختلف پروگرام ٿين ٿا، اچبو رهبو. اسلام آباد پري ته ڪونهي. ايندس ته ٻه ڏينهن وڌيڪ رهي پوندس. منهنجا توهان ئي ته دوست آهيو. خيرپور کي ۽ توهان سڀني دوستن کي ڪيئن ڇڏي سگهندس؟“

منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، آءٌ خاموش ٿي ويس. منهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيائين: ”مون کي تنهنجي شاعري وڻڻ لڳي آهي، سٺو پيو لکين.“ آءٌ ٿوري دير خاموش رهيس ۽ پوءِ چيم ”به اکر لکي ڏيندؤ؟“ وراڻيائون: ”اسلام آباد کان موٽي اچي تنهنجي شاعريءَ تي اڀياس لکندس.“ مون فائيل کڻي ڊاڪٽر صاحب کان موڪلايو.

سنگت خيرپور پاران نسيم کرل جي ورسي ملهائي ويئي. صدارت لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو نالو ورتائون ته پاڻ انڪار ڪيائين. ”بابا! نه، مون کي ڇڏيو، ٻئي ڪنهن دوست کان صدارت ڪرايو. مان مرضي سان ويٺو آهيان.“ سڄي هال وراڻيو: ”نه سائين! ائين نه ٿيندو، اوهان جي موجودگيءَ ۾ ٻيو ڪير ويهندو؟“ ”تنهن جي معنيٰ ته آئنده مان توهان جي پروگرامن ۾ نه اچان.“ ”توهان کي ائين به ڪرڻ نه ڏينداسين.“ ٻه دوست وڌي آيا ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اسٽيج تي ويهاريائون. پاڻ مرڪي صدارتي ڪرسيءَ تي ويٺو. صدارتي تقرير ڪيائين، جنهن ۾ نسيم کرل جي شخصيت ۽ ڪهاڻين تي ڀرپور نموني سان ڳالهايائين. پروگرام ختم ٿيو ته ڪجهه نوجوانن ۽ سندس دوستن ڊاڪٽر تنوير صاحب سان تصويرون ڪڍرايون. مون به ساڻس اڪيلي ۽ گروپ سان تصويرون ڪڍرايون.

سچل سائينءَ جي فڪر جو هڪ سٻاجهو ڪارڪن محمد علي حداد گذاري ويو. ان جي رحلت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سنگت خيرپور جي دوستن، حداد صاحب جي ياد ۾ رفرنس رکيو. ڊاڪٽر صاحب پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو: ”حداد صاحب سچو ۽ بنا لالچ جي ڪم ڪندڙ انسان هو. هن ٿوري عرصي ۾ سچل چيئر ۾ رهندي تمام گهڻو ڪم ڪري ڏيکاريو. هن جو ترتيب ڏنل ڪتاب ’سچل سرمست تي ببليوگرافي‘ سندس وڏو ڪارنامو آهي. مان نوجوانن مان پر اميد آهيان. حداد صاحب جو سچل سائينءَ جي ببليوگرافيءَ جو رهيل ڪم مهر خادم به ڪري سگهي ٿو. هيءُ ڪم وارو نوجوان آهي ۽ تحقيق جي ڪم ۾ دلچسپي رکي ٿو. مون کي اميد آهي ته اهو ڪم مهرخادم سٺي نموني سان سرانجام ڏيندو.“

اسان جي معاشري ۾ مرڻ کان پوءِ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن کي مان ڏيڻ وارو رجحان رهيو آهي. منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه هميشه کٽڪندي هئي ته ائين ڇو پيو ٿيندو رهي. اهڙين روايتن کي ختم ٿيڻ گهرجي. اسان پنهنجن ڏاهن جي مرڻ جو انتظار ڇو ٿا ڪندا رهون؟ اسان کي پنهنجي ڏاهن کي جيئري به مان ڏيڻ گهرجي. انهن جي فن ۽ فڪر جي ڀرپور ڇنڊ ڇاڻ سندن جيئري به ٿيڻ کپي. جڏهن ٻاهرين ملڪن جي ادب ۾ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن تي جيئري ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ هتي اسان وٽ ائين ڇو نٿو ٿي سگهي. ان ئي سوچ کي ذهن ۾ رکندي مون ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تي، ان جي جيئري ايم. فل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. مون کي خوشي آهي ته مون ايم. فل جو سمورو ڪم ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي جيئري ئي مڪمل ڪري ورتو. جڏهن ٿيسز جو مواد ڊاڪٽر صاحب کي ڏيکاريم، ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين: ”تو مون کي جيئري ايڏو مان ڏنو آهي جو آءٌ بيحد خوش ٿيو آهيان، ۽ توکي دعائون ئي ڏئي سگهان ٿو. خدا توکي هميشه خوش رکي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ هميشه ڪم ڪندو رهين!“

سچل سرمست جي اردو ڪلام جي اسٽينڊرڊ ٽيڪسٽ تيار ڪرڻ جو ارادو ڪيم ته رهنمائي وٺڻ لاءِ سڌو ڊاڪٽر صاحب جي گهر ويس. ڪم ڪرڻ جو نمونو سمجهايائون ۽ جڏهن مون قلمي ۽ ڇاپي نسخا ڀيٽي، اسٽينڊرڊ ٽيڪسٽ وارو مواد کين ڏيکاريو ته ڏاڍو خوش ٿيندي چيائون: ”مون کي اميد نه هئي ته تون اهڙو سٺو ڪم ڪري ڏيکاريندين،“ ۽ پوءِ نرڙ تي چمي ڏيندي، دعائون ڏنائين.

آءٌ جڏهن ”سچل چيئر“ ۾ آيس ته سچل چيئر پاران پهريون پروگرام ليڪچر (”راڳ، صوفي ۽ سنڌ“) ۽ صوفي سماع جو پروگرام ترتيب ڏنوسون، ته ان پروگرام ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو تجويز ڪيوسون. وڏي آزمائش به هئي، ڇو ته ڊاڪٽر صاحب سچل چيئر مان هليو وڃڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو اچڻو هو. ڊاڪٽرصاحب جي وڃڻ کان پوءِ سچل چيئر ۾ اديبن ۽ شاعرن جو اچڻ به بند ٿي ويو هو. مون ان رشتي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. آءٌ سندس گهر ويس ۽ ليڪچر ڏيڻ لاءِ زور ڀريم. پاڻ راضي ٿيا ته پوءِ مون سچل چيئر جي وڏن کي به چيو ته توهان به ڊاڪٽر صاحب جي گهر وڃو ۽ کيس ليڪچر جي دعوت ڏيو. هوبه ويا ۽ اهڙيءَ طرح پهريون ڀيرو ڊاڪٽر صاحب ۽ ٻيا ادبي دوست سچل چيئر جي اڱڻ تي آيا. ان موقعي تي سچل چيئر جو سمورو اسٽاف، جن ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ڪم ڪيو هو، ٻهڪي پيو. سمورا ڊاڪٽر صاحب سان ڀاڪر پائي مليا. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ الطاف اثيم صاحب ۽ سخي قبول محمد صاحب، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ مون به جڏهن کيس چيو، ته ”سائين توهان جي مهرباني جو توهان آيا ۽ اسان کي مانُ ڏنوَ.“ ته مون کي دڙڪي سان چيائين: ”تون به ائين ٿو چئين! بابا، تنهنجي ڪري ته آيس.“ منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهيس. بعد ۾ ڪار تائين ساڻس گڏ آياسين.

7_ نومبر تي منهنجي شاديءَ جي وليمي جي دعوت هئي ڊاڪٽر تنوير صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر آيل هئا. سڀني جي چهري تي مرڪ ۽ خوشيءَ جو تاثر هو. سڀئي هڪٻئي سان ملندا رهيا. ڊاڪٽر صاحب ڪافي دير مون سان گڏ ويٺو رهيو. دعوت کان موڪلاڻي ٿي. هيءُ سندس آخري ميڙاڪي جو پروگرام هو ۽ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي اسلام آباد هليو ويو ۽ ستت ئي اُن جي جدائيءَ جي خبر ملي.

اڄ اها ٿڌي ڇانو اسان جي مٿان کڄي وئي آهي، جنهن جي پاڇي ۾ ويهي ڪيئي ڳالهيون سکندا ۽ سمجهندا هئاسون. ٻين سان گڏ سچل چيئر جا سمورا ملازم عبدالخالق دايي سميت اڄ تائين ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جون يادون ورجائيندي اکين ۾ ڳوڙها آڻين ٿا. هن سٻاجهي ۽ نماڻي انسان جون ڪيئي يادون من ۾ سمايل آهن، جن ۾ پنهنجائپ به آهي ته ڏاهپ به. هو ياد رهندو هر ان شخص کي، جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ لاءِ احترام آهي.

* * *

”...اوهان سڄي سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ درگاهه تي ويندا ته اتي جيڪو به فقير ڳائيندو اهو بلا شاهه ۽ بابا فريد به ضرور ڳائيندو ۽ اتان جا ٻڌندڙ سندن ڪلام ان ئي عقيدت ۽ محبت سان ٻڌندا، جنهن عقيدت ۽ محبت سان شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کي. سچل سائين سنڌي کان سواءِ سرائڪي ۽ اردو ۾ به شعر چيو آهي. ٻي جيڪا مشترڪ ڳالهه اسان جي شاعريءَ ۾ موجود آهي، اها آهي، ’وحدت الوجود‘ جي تحريڪ. اوهان کي وحدت الوجود ماڌو لال حسين، بابا فريد گنج شڪر کان وٺي ميان محمد تائين بلڪه سڄي سنڌ ۽ پنجاب کان سواءِ جتي به سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، نظر ايندو. سرحد ۾ خوشحال خان خٽڪ ۽ رحمان بابا وٽ به اوهان کي اها ڳالهه ملندي. ٽين اهم ڳالهه آهي ’عوامي دوستي‘ جيڪا اوهان کي هر هنڌ ملندي. بابا فريد شڪر گنج وٽ جيڪي لفظ آهن. اهي اڄ به اوهان کي سنڌي ۾ مستعمل ملندا. پوٺوهاري زبان ۾ پنجاهه سيڪڙو الفاظ سنڌي جا آهن. هندڪو ۾ پڻ ڪيترا اهڙا الفاظ آهن. ڊاڪٽر حيدري سنڌي ان تي نهايت جامع ڪم ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اسان ۾ گهڻيون شيون هڪجهڙيون آهن، جن کي اسان اڃا تائين پرکي نه سگهيا آهيون. جي پرکيو به آهي ته انهن کي اهميت نه ڏني آهي، جن سان هڪ تسلسل جڙي ٿو. اسان کي اهڙين ڳالهين کي پرکڻ کپي. جيڪي تعصب کي ختم ڪري محبت ۽ امن ۾ اضافو آڻي ملڪ ۾ سڪون وارو ماحول پيدا ڪري، ان کي جنت بڻائين...“ _تنوير عباسي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com