طارق: شاهه جي ذڪر تي مون کي هڪ ڳالهه ياد آئي آهي. شاهه جو
رسالو جيڪو علامه آءِ. آءِ. قاضي مرتب ڪيو آهي، ۽
سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي، انهيءَ مان علامه صاحب
’سُر ڪيڏارو‘ ڪڍي ڇڏيو آهي. منهنجي علامه صاحب سان
ٻه دفعا ملاقات ٿي هئي. مون هڪ ملاقات ۾ علامه
صاحب کان پڇيو هو ته: اوهان شاهه جي رسالي ۾ سُر
ڪيڏارو ڪهڙي خيال سان شامل نه ڪيو آهي؟ علامه صاحب
چيو: ”انهيءَ ڪري جو سر ڪيڏارو شاهه جو ڪونهي.“
اوهان جو انهيءَ باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟
تنوير: منهنجي علامه صاحب سان نيازمندي هئي. مون کي به ائين ئي
فرمايو هئائون، پر مان انهيءَ ڳالهه سان متفق نه
آهيان.
”ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ڏاڙهونءَ گل جيان.“
اهو شعر شاهه کان سواءِ ڪو ٻيو شاعر چئي ئي نٿو سگهي! سُر
ڪيڏاري ۾ ڪيترا اهڙا شعر آهن، جيڪي يا ته شاهه جا
آهن يا ڪو اهڙو همعصر بلند شاعر هجي جنهن لاءِ
چئجي ته سنڌ ۾ ٿي گذريو آهي، اِهي شعر اُنهيءَ جا
هجن. باقي ڪابه ثابتي نٿي ملي ته اهي شعر (ڪيڏارو)
شاهه جا نه آهن. محض هڪڙي سوچ جي ڪري، بيتن کي ڪڍي
ڇڏڻ... (ڀرسان ريل جي لنگهڻ جي ڪري جملي جو آخري
حصو سمجهه ۾ نه آيو.)
طارق: اوهان جي خيال ۾، علامه صاحب سُر ڪيڏارو ڇو ڪڍيو؟
تنوير: جيتريقدر منهنجون علامه صاحب سان ملاقاتون ٿيون هيون،
مون ڏٺو هو ته علامه صاحب تعصب کان گهڻو مٿي هو.
چيو ٿو وڃي ته ڊاڪٽر صاحب دائود پوٽي صاحب جو
انهيءَ ڳالهه تان علمي اختلاف ٿيو هو. ڊاڪٽر صاحب،
گربخشاڻيءَ کي چيو هو ته سُر ڪيڏارو شامل نه ڪري.
ان وقت سنڌ ۾ ٻه گروهه هئا، جن مان هڪڙو سُر
ڪيڏاري کي شاهه جو چوندو هو، ۽ بيو انهيءَ جي خلاف
هو. ٿي سگهي ٿو ته علامه صاحب تي ٻئي رجحان جو اثر
پئجي ويو هجي، ۽ هو ذهني طرح تسليم ڪري ويٺو هجي
ته ڪيڏارو شاهه جو نه آهي.
طارق: اوهان کي سنڌي جو ڪهڙو شاعر وڌيڪ وڻي ٿو؟
تنوير: شاهه لطيف.
طارق: ٻين ٻولين مان؟
تنوير: ٽيگور (رابندرناٿ ٽيگور)
طارق: شاهه لطيف جي شاعري اوهان کي وڻي ٿي، انهيءَ جا مکيه سبب؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) شاهه لطيف جي شاعريءَ تي مون سڄو ڪتاب
لکيو آهي.
طارق: ڪيترن ماڻهن اهو ڪتاب نه پڙهيو هوندو. اوهين مختصر طور تي
ڪجهه ٻڌايو؟
تنوير: پهرين ڳالهه اِها ته شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ کي
”عوامي“ بڻايو. عواميءَ سان مقصد آهي _ عوامي
ٻولي، عوام جا جذبا، عوام جو ماحول، عوام جا
مسئلا. نمبر ٻيو ته شاه لطيف، شاعريءَ کي عوامي
بڻائڻ باوجود به، شاعريءَ کي جيڪا عظمت آهي،
انهيءَ تي پوريءَ طرح قائم آهي. هن جي شاعريءَ ۾
ردم، موسيقيت، عڪسيت، رمزيت، اُهڃاڻ، سڀ ملندا.
شاهه جي شاعريءَ ۾ وحدت جو تصور _ هتي وحدت مان
پنهنجي مراد آهي
Unity of Universe اصولي وحدت جو تصور قائم رکڻ ۽ انهيءَ کان سواءِ هن کي اهڙو
بڻائڻ جو هڪ عام ماڻهوءَ جي زبان تي به شعر اچي.
اهو شاهه صاحب جو وڏو ڪارنامو آهي. اها ڳالهه تمام
گهٽ شاعرن ۾ ملندي. اقبال تمام وڏو شاعر آهي، غالب
تمام وڏو شاعر آهي، پر ڪاليج جا پروفيسر، ايم. اي.
جا شاگرد يا انهيءَ ليول جا ماڻهو ئي هن جي
شاعريءَ کي سمجهي سگهندا. باقي مزدور، هاري، ٽانگي
وارو ۽ عام ماڻهو هنن جو شعر سمجهي نه سگهندو. پر
شاهه لطيف ڪمال اهو ڪيو آهي ته هڪ عام ماڻهوءَ کان
وٺي هڪ وڏي اسڪالر تائين، ٻيئي جڏهن شاهه جو شعر
پڙهن ٿا ته ساڳي طرح سمجهن ٿا.
طارق: شاهه جي شعرن مان اوهان کي ڪهڙو شعر سڀ کان وڌيڪ وڻي ٿو؟
ڇا ڪو اهڙو شعر آهي، جنهن کي اوهين ڪڏهن ڪڏهن
جهونگاريندا هجو؟
تنوير: مان شاهه جو رسالو ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو آهيان. شاهه جا
گهڻيئي اهڙا شعر آهن، جيڪي مون کي وڻندا آهن. پر
جڏهن مون هڪڙو شعر پڙهيو، بلڪه جڏهن مان هن شعر تي
پهتس ته مون رسالو بند ڪري ڇڏيو، ۽ اکيون به بند
ڪري ڇڏيم. اهو شعر آهي ته:
”نه ڪو سَنڌو سور جو، نه ڪو سنڌو سِڪَ.“
اتي شاهه انفينٽيءَ جو تصور ڏنو آهي ۽ انفينٽي هڪ مئٿميٽيڪل
فنامنا آهي، جيڪا شاعريءَ کان تمام پري آهي. پر
جڏهن شاعر سوچي ٿو، سندس ذهن ۾ اچي ته ”ڪا حد
ناهي“ ته اتي چوي ٿو:
نه ڪو سنڌو سو رجو، نه ڪو سنڌو سڪ،
عــدد نــــاهــي عـــشـق، پــڄــاڻــــي پــــوي.
طارق: ٽيگور جي شاعريءَ ۾ اوهان کي ڪهڙيون خوبيون نظر آيون؟
تنوير: ويهين صديءَ جي خلفشار واري دور ۾ هن ماڻهوءَ محبت،
سڪون، امن، پيار، نوڙت، نهٺائي ۽ ميٺاج کي پنهنجي
شاعريءَ جو موضوع بڻايو. ائين کڻي چئجي ته هن وٽ
برصغير جي سڄي شاعريءَ جي مطالعي جو نچوڙ آهي.
ميران ٻائي، ڪبير ۽ تلسيداس جي شاعري ۽ جيڪي ڀڳتي
تحريڪون آيون يا تنهن کان پوءِ اسلامي تعليم _
انهيءَ ۾ جيڪو تصوف جو عنصر آهي، انهن سڀني جو
هڪڙو خوبصورت ۽ خوش رنگ ميلاپ مون کي ٽيگور جي
شاعريءَ ۾ نظر آيو.
طارق: اوهان شعر جي ڪهري صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان
جي خيال ۾ نظم وڌيڪ سٺا لکيا ٿؤ يا غزل يا......
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اهو ته ڪو ٻيو ٻڌائي سگهندو.
طارق: جيڪڏهن اوهان جي شاعريءَ لاءِ اوهان کي ئي جج مقرر ڪجي
ته؟
تنوير: منهنجي شاعريءَ جا ڪجهه دور گذريا آهن. ڪنهن دور ۾ غزل
چوڻ پسند ڪندو هوس، ۽ غزل ئي لکندو هوس. منهنجي
شاعريءَ جو پهريون دور اُهو هو. ٻئي دور ۾ گيت،
دوها ۽ بيت وڌيڪ لکيم. هاڻي مان سمجهان ٿو ته نظم
۽ آَزاد نظم وڌيڪ لکان ٿو. باقي ڇا ٿو لکان، اهو
ته ڪو نقاد ٻڌائي سگهندو. منهنجي ذهن ۾ جيڪو اچي
ٿو، اهو لکان ٿو.
طارق: اوهان کي پنهنجن شعرن مان ڪهڙو شعر وڌيڪ وڻي ٿو؟
تنوير: اڃا تائين اهو شعر وڻندو اٿم:
”هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو.“
طارق: اوهين شاعر به آهيو ۽ ڊاڪٽر به. پر جيڪڏهن اوهين شاعر ۽
ڊاڪٽر نه ٿي سگهو ها ته ڇا ٿيڻ پسند ڪريو ها؟ ٻي
به ڪا شيءِ آهي. جنهن ۾ اوهان جي دلچسپي هئي يا
آهي؟
تنوير: ٿورو عرصو مصوريءَ ۾ دلچسپي هئي، شايد مصور ٿيان ها.
موسيقيءَ سان ڪافي لڳاءُ اٿم. مصوري يا موسيقي
بهرحال ڪنهن فن لطيف سان. آهيان انهيءَ پيچري جو
پانڌيئڙو. ڇا هجان ها (کلندي) چئي نٿو سگهجي.
طارق: ڪهاڻيءَ ۽ شعر جو اسٽائيل ته بدليو آهي، پر هاڻ ڇپجڻ جو
اسٽائل به بدلجي ويو آهي. ”آرسيءَ“ جو پهريون
شمارو اوهان جي آڏو آهي. مضمونن يا ڪهاڻين ۾ ڪا
پئرا ڪانهي، بلڪه بلڪل سِڌَ ۾ ڇپيل آهن. شعر به
ساڄي پاسي واري صفحي تي، ساڄي پاسي سڌائيءَ ۾ آهن.
کاٻي واري صفحي تي کاٻي پاسي سڌائيءَ ۾ ڇپيل آهن.
اهڙيءَ طرح ڇپائيءَ ڪري عروضي شاعري به ڪٿي شروع
۾، ڪٿي پڇاڙيءَ ۾ سڌي ڪانهي. اهو طريقو غلط ڪونهي؟
تنوير: مون کي ته انهيءَ ۾ ڪا برائي نظر نٿي اچي. مغربي ملڪن ۾
جيڪي جديد ڪتابن ڇپجن ٿا. انهن ۾ اهڙا تجربا ڪيا
ٿا وڃن.
طارق: ڪن ليکڪن جو خيال آهي ته عروضي شاعري سڌي ڇپجي، نه
ته......
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اهو ته مون پهرين چيو آهي ته پوءِ فوٽ
پٽيءَ سان ماپ ڪري رکجي. اُهو پهرين زماني ۾ چوندا
هئا ته سٽون هڪ جيڏيون رکجن، پر هاڻيءَ انهيءَ جي
ضرورت ناهي.
طارق: اوهان ڪجهه ڪهاڻيون لکيون آهن....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) هڪڙي.
طارق: ٻه ٽي ننڍڙيون به.
تنوير: ها.
طارق: اوهان جي ”لوئي“ سنڌيءَ جي بهترين ڪهاڻيءَ جو درجو رکي
ٿي. اها اڙدوءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪي آهي. اوهان وڌيڪ
ڪهاڻيون ڇو ڪونه لکيون؟
تنوير: ائين چئجي ته شاعريءَ ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيس ته ڪهاڻين تان
دل کڄي ويئي. باقي ڪو خاص سبب نٿو ڏيئي سگهان ته
مون ڇو نه لکيون. ڪجهه وقت اڳ هڪ ناول به لکڻ شروع
ڪيو هو، پر ناول هڪ وڏي خفي جو ڪم آهي. سُستيءَ جي
ڪري اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏيم. جيڪڏهن وري ڪهاڻيون لکان
ته هاڻ سري کان سکڻو پوندو، پوءِ شايد لکي وڃان.
طارق: ڪافي وقت کان اسان وٽ اهڙيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن، جن
کي جديد ڪهاڻي چيو وڃي ٿو، انهن ۾ ٻوليءَ جو
استعمال غلط هوندو آهي. گرامر ابتو هوندو آهي. هر
زبان جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. سنڌي زبان ۾ فعل
هميشه پٺيان ڪم ايندو آهي. هاڻ هندي زبان وارو
طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، يعني فعل اڳيان وچ ۾،
پڇاڙيءَ ۾، ڪٿي به ڪم آڻجي پيو. ڇا اهو طريقو
سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار ڪونهي؟
تنوير: ڳالهه سڄي اِها آهي ته ڪير لکي ٿو ۽ ڪيئن لکي ٿو. اهي
سڀيئي ڳالهيون اسان وٽ نئون ٿيون اچن. انهن جا ٻه
قسم آهن. مثال طور جيئن غزل آهي سنڌيءَ ۾. غزل
اسان جي شيءِ ڪانهي، فارسي آهي. پر انهيءَ ۾ هڪڙا
غزل فيض بخشاپوري جا ڏسڻ ۾ ايندا، ٻيا مراد علي
ڪاظم ۽ عبدالحسين سانگي جا به ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪو
ماڻهو غزل لکي ٿو، ڏسڻو اِهو آهي ته هن جو ڪيترو
مطالعو آهي، پنهنجي ٻوليءَ تي ڪيتري قدرت اٿس جو
انهيءَ کي پنهنجو پاڻ ۾ ضم ڪري ۽ هن جو تجربو
ڪامياب وڃي. ساڳيءَ طرح آزاد نظم آهي. آزاد نظم
لاءِ جيئن اوهان به چيو، مون به اوهان کي ٻڌايو ته
ڪي اهڙا آهن جيڪي آزاد نظم لکن ٿا، پر انهن جو
مطالعو ڪونهي. انهن کي آزاد نظم جي ٽيڪنڪ جي ڄاڻ
ڪانهي، انهيءَ ڪري اُهي جيڪي آزاد نظم لکن ٿا، اهي
يا ته اخباري خبر وانگر لکن ٿا يا اشتهاري پمفليٽ
وانگر لکن ٿا. هنن جا آزاد نظم پوسٽر ٿا لڳن. پر
جن شاعرن جو واقعي مطالعو آهي، شاعريءَ تي، ٻوليءَ
تي قدرت اٿن، اهي ڪامياب آزاد نظم لکن ٿا. ته
ڪهاڻي به ائين آهي. سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ
سوريلزم جي شروعات ٿي. البرڪاميو، سارتر _ يا
فرائيڊ جي نظرين کان پوءِ جيڪي تحريڪون ادب ۾ شروع
ٿيون _ داد ازم ٿي، سوريلزم ٿي، انهن جو ليکڪن
گهرو مطالعو ڪيو ۽ انهيءَ ليول تي پهتا. انهن جيڪو
لکيو ته اُها واقعي سٺي شيءِ هئي. پرجيڪو ماڻهو
بنا مطالعي جي، رڳو لکيل شيءِ کي ڏسي، انهيءَ
اسٽائيل کي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، اهو صحيح ته نه
لکي سگهندو. انهيءَ ۾ هارم ڪونهي. گهرو مطالعو
ڪري، انهيءَ ليول تي پهچي، پوءِ تجربو ڪجي. نه ته
اها اهل ٿيندي، جيئن جميعت الشعرا واري دور ۾ غزل
جي اهل ٿي. جيئن هائيڪا آهن. مون هائيڪو تي هڪ
مضمون لکيو آهي. مون پاڻ به هائيڪا لکيا آهن. مان
سمجهان ٿو ته سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي شروعات ئي مون
ڪئي.
طارق: نارائڻ شيام نه؟
تنوير: هن پوءِ لکيا 1995ع ۾ جمال رند سانگهڙ مان ڪو رسالو ڪڍيو
هو. انهيءَ ۾ مون پهريون دفعو هائيڪا لکيا. هائيڪو
به نه چئجي، ڇاڪاڻ ته اهي هائيڪو نه بلڪه ٽه _ سٽا
هئا. تنهن کان پوءِ جڏهن مون هائيڪو جو مطالعو ڪيو
ته مون هائيڪو لکيا ئي ڪونه. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر
آهي ته هائيجڪ ڇا آهن. منهنجي خيال ۾ نارائڻ شيام
کان سواءِ ڪوبه اهڙو شاعر ڪونهي، جنهن هن صنف جي
روح کي سمجهيو آهي. تنهن ڪري نارائڻ شيام هائيڪو
لکي ٿو ته اهي وڻن ٿا. پر هي جيڪي ٽه _ سٽا لکن ٿا
پيا ته:
مان گهرو ويٺو هوس
ڪانءُ اڏامي آيو
پوءِ هيئن ٿيو.....
ته اِهي هائيڪو ته ڪونهن. ساڳيءَ طرح جديد ڪهاڻيءَ ۾، يا جنهن
کي ’اسٽريم آف ڪانشسينس‘ ٿا چئو، لکڻ واري تي
منحصر آهي. جيڪڏهن لکڻ وارو مئچوئر آهي ۽ هن جو
سٺو مطالعو ٿيل آهي ته اهو سٺو لکندو. سارتر
’ورڊس‘ لکيا آهن. مون اِهو ڪتاب ڪيئي دفعا شروع
ڪيو آهي، پر شروع ڪري وري ڇڏي ٿو ڏيان. پر مان
ڪجهه نه ڪجهه انهيءَ ڳالهه تي پهتو آهيان ته سارتر
ڪهڙيءَ ليول تي پهچي، پوءِ اهو ڪتاب لکيو. مون
اڙدوءَ جي ٻن عظيم ترين ڪهاڻيڪار خاتونن جون
آٽوباءِ گرافيون پڙهيون آهن........
طارق: ڪنهن جون؟
تنوير: اڙدو وارن جا نالا کڻبا ته اسان جا ماڻهو وڙهي پوندا.
قرة العين حيدر ۽ اَمرتا پريتم.
طارق: ها پنجابي... هنن به ساڳئي نموني ۾ لکڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. پر سارتر جو لکڻ پنهنجو آهي ۽ هنن جو
پنهنجو. سو ڪنهن جي به اسٽائيل کي رڳو ائڊاپٽ ڪرڻ
سان، ڪنهن به وڏي اديب جي اسلوب کي اختيار ڪرڻ
سان، ماڻهو وڏو اديب نٿو ٿي سگهي. مهانتا انهيءَ ۾
آهي ته ماڻهو پنهنجو ذاتي اسلوب اختيار ڪري، يا
جيڪڏهن ڪنهن جو اسلوب اختيار ڪري ٿو ته اهو انهيءَ
کان بهتر هجي.
طارق: ’اسٽريم آف ڪانشسنيس‘ لاءِ اسان جا اڄ ڪلهه جا ڪجهه ليکڪ
چون ٿا ته جيئن اسان جي ذهن ۾ خيال ايندا آهن،
اسين ائين جو ائين لکون ٿا. پر ڪيترن ڊاڪٽرن جو
چوڻ آهي ته انساني ذهن ۾ خيال ايتري تيزي سان
ايندا آهن جو....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) جو اُهي لکي نٿا سگهجن.
طارق: ها، انهيءَ جي باري ۾ اوهان جو رايو ڇا آهي؟
تنوير: اهي سڀ تحريڪون هڪ خاص دور جون پيداوار هيون. يورپ ۾ اهي
تحريڪون فرسٽ ورلڊ وار کان پوءِ شروع ٿيون. پهرين
جنگ عظيم ۾ جيڪي واقعا ٿيا، يعني_ خونريزي، ڦٽيل
ماڻهو ۽ جنگ کان پوءِ جيڪي واقعا ٿيا، اخلاق ڪري
پيا، انهن واقعن اديبن ۽ سوچيندڙن کي ذهني جهٽڪو
ڏنو، تڏهن هنن بغاوت ڪئي ۽ اُها بغاوت هئي مروج
زماني ۾ جيڪي صنفون هيون، اسٽائيل يعني جيڪي اسلوب
هئا، انهن کان تنهن سان گڏ فرائڊ جيڪا سب ڪانشس جي
ٿيوري ڏني _ شعور، لاشعور، ايگو، سپر ايگو وغيره.
هن صديءَ ۾ ٽن ماڻهن کي دنيا کي لوڏي وڌو. دنيا جو
جيڪو سڄو فڪر آهي، قديم هندوستاني ۽ قديم يوناني
فلاسافرن کان وٺي هن صديءَ جي شروعات تائين به،
انهيءَ کي جيڏو وڏو موڙ هن صديءَ جي شروع ۾ آيو
آهي، سو انسان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه آيو آهي.
اهي ٽي ماڻهو هئا _ ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائڊ ۽
چارلس ڊارون، ڊارون اووليوشن جي ٿيوري ڏني، جيڪا
قديم زماني کان وٺي هن وقت تائين انسان سوچيندو
آيو آهي، انهيءَ کان قطعي مختلف. انسان وائڙو ٿي
ويو ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو؟ فرائڊ لاشعور ۽
سيڪس جي ٿيوري ڏني، ۽ ڪارل مارڪس ٿيوري ڏني ڪئپيٽل
جي، يعني سرمايي جي، ۽ سرمايي جي ورهاست ۽ انهيءَ
جي استعمال جي. انهن ٽن ماڻهن دنيا جا ماشائي
ڦيرائي ڇڏيا. ائين کڻي چئجي ٿه عقل حيران ڪري
ڇڏيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ ادب ۾، فن لطيف يعني
پينٽنگس ۾ اهي سڀ تحريڪون آيون. اهي تحريڪون ان
دور جون پيداوار آهن، ۽ هڪ مختصر عرصي تائين يورپ
۾ هليون، تنهن کان پوءِ اتي ختم ٿي ويون. پر اسان
وٽ انهن جو پڙاڏو اڃا هاڻ پهتو آهي. هاڻ انهيءَ ئي
اسٽائيل ۾ لکڻ شروع ڪيو اٿن.
طارق: اوهان اسٽائيل جي ڳالهه ڪئي آهي. هر ٻوليءَ جو پنهنجو
مزاج آهي. اڄڪلهه گرامر کي چينج يا ائين کڻي چئجي
ته اُبتي ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي. اوهين ڇا ٿا
سمجهو ته انهيءَ سان نئين لکندڙ ۽ پڙهندڙ تي سٺو
اثر پوندو؟
تنوير: مان ته چوان ٿو ته. اهل ڪرڻ سان، ٻئي جي ڪاپي ڪرڻ سان،
يا ڪنهن جي اسٽائيل کي ائڊاپٽ ڪرڻ سان. ڪوبه ادب
عظيم ادب يا پاپولر ادب نه ٿي سگهندو. اسين اکيون
ٻوٽي جيڪڏهن ٻين جي تلقيد ڪنداسين ته پوءِ اهو
ضروري ته ڪونهي ته اسان جو ادب انهيءَ ترقي يافته
ليول تي پهچي ويو آهي. هڪڙي ڳالهه مان توهان کي
ٻڌائي ڇڏيان. مون به گهڻا دفعا اهو سوچيو آهي ته
مان به انهيءَ اسٽائيل ۾ شاعري ڪريان، جيڪا مون
پڙهي آهي _ جيئن فرينچ شاعري، يا انگريزي شاعري يا
ٻين ٻولين جي شاعري. پر مان اهڙي شاعري ڪندس ته
معنيٰ مان هوا ۾ آهيان. ڇو ته جيستائين اسان جو
سماج انهيءَ ليول تي ناهي پهتو تيستائين مان
جيڪڏهن اهڙي شاعري ڪندس ته اها اصلي شاعري نه
ٿيندي. جڏهن اسان جو سماج انهيءَ ليول تي پهچي،
جتي يورپ آهي، ته پوءِ مان انهيءَ اسٽائيل ۾ شاعري
ڪريان ته پوءِ ٺيڪ آهي. مان پنهنجي سماج کي
ريپريزنٽ ڪندس. پر جيڪڏهن اها شاعري ’هاڻ‘ مان
ڪندس ته معنيٰ مان پنهنجي سماج کي نه پر يورپ ۽
آمريڪا جي سماج کي ريپريزنٽ ڪريان. جيئن اسٽريم آف
ڪانشسنيس آهي، اُها به ائين ئي آهي. هينئر جيڪي
دوست انهيءَ قسم جي لکڻين کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا آهن، اهي اڃا تائين هوا ۾ لٽڪليل آهن. ڇو ته
اسان جو سماج اڃا انهي ڪامپليڪيٽيڊ دور ۾ داخل نه
ٿيو آهي.
طارق: اسان جو گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو ۽ گهٽ پڙهيل لکيل
آهي. اسين اڄ جيڪا شاعري ڪري رهيا آهيون، يا
ڪهاڻيون لکي رهيا آهيون، ڇا اسان جو عوام اهو پڙهي
سگهي ٿو، سمجهي سگهي ٿو؟ انهيءَ مان هنن کي ڪو
فائدو ملي سگهي ٿو؟
تنوير: مان ته اهو چوندس ته اسان جا اديب ڏاڍي سولي پوزيشن ۾
آهن. هنن کي هتي تاريخ جو هر دور جيئرو جاڳندو ملي
ٿو. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اڃا جاگيرداري دور آهي.
ڪراچيءَ ۾ اچو ته جديد ترين سوسائٽي ملندي. اسان
جو نڙ تي لوڪ ادب جو جيڪو ڳائڻو آهي، اسان جي
ٻهراڙيءَ ۾ اهو به کپي ٿو وڃي. انهيءَ کي به ٻڌڻ
وارا آهن. جيڪي اسان جا جديد ترين سوچ رکندڙ اديب
آهن، هنن کي به پنهنجو حلقو ملي ٿو وڃي. ڏسڻو اهو
آهي ته اوهين ڪهڙي گروهه کي مخاطب آهيو. ڇو ته
اسان وٽ اڃا تائين سوسائٽي ۾ يونيفارمٽي نه آئي
آهي، جنهن کي سوسائٽي ۾ هڪ ڪرائي، سماج ۽ سوچ ۾ هڪ
ڪرائي چئجي. اسان وٽ قديم دور جي سوچ به آهي ته
جديد کان جديد به، تنهن ڪري اسان وٽ اڃا نڙ جي بيت
وارا شاعر به آهن ته جلال چانڊيو به کپي ٿو وڃي.
شمشير الحيدريءَ کي به ٻڌڻ وارا ملن ٿا، ته امداد
حسينيءَ کي به ملن ٿا.
طارق: رسول بخش پليجو جيڪو نه فقط سنڌيءَ جو وڏو اديب آهي پر
وڏو ليڊر پڻ آهي، انهيءَ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي
عوام لاءِ لکو، يعني هاري ناريءَ لاءِ لکو،
ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ لکو، جيڪو سنڌ جي اصلي قوت
آهي. انهيءَ باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
تنوير: ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ئي سڀ ڪجهه آهي، ته اهو سياسي نظريي ۽
سياسي سوچ تي منحصر آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين لکڻين جي
ذريعي سياسي ڪم ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ رسول بخش
پليجي جو چوڻ صحيح آهي، ۽ اوهان کي ٻهراڙيءَ وارن
لاءِ ئي لکڻو پوندو. پر جيڪڏهن اوهان ادب کي ٻي
ڪنهن معنيٰ ۾، ڪنهن ٻئي زاويي ۽ نظريي سان ڏسو ٿا
ته پوءِ هر اديب جي پنهنجي ڪمٽمينٽ آهي.
طارق: اديب کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي؟
تنوير: اديب کي سياست ۾ اچڻ گهرجي، يعني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ
گهرجي، اليڪشن ورڪ ۾ حصو وٺڻ گهرجي، پارٽيون جوائن
ڪرڻ گهرجن _ جيڪڏهن مطلب اهو آهي ته منهنجو ذاتي
خيال آهي ته، نه. باقي نظرياتي سياست، سو اديب آخر
پيغام ته ڏيندو. اُهو پيغام هن جي پنهنجي دور لاءِ
به هوندو، پنهنجي ملڪ لاءِ به هوندو ۽ سڄي انسانيت
لاءِ به هوندو. شاهه لطيف اليڪشن ته ڪونه وڙهيو يا
نور محمد ڪلهوڙي جي خلاف نعرا ته ڪونه هنيائين.
سچل سرمست ٽالپرن جي دور ۾ هو، پر هن به ڪو سياسي
ڪم ڪونه ڪيو. ڪا بغاوت ڪانه ڪيائين. پنهنجي
شاعريءَ ۾ پيغام ڇڏي ويو جيڪو اڃا تائين اسان جي
لاءِ مشعل راهه آهي. نه رڳو اسان جي لاءِ، بلڪه
سڄي انسانيت لاءِ. جڏهن انهيءَ حد تي اديب ۽ شاعر
پهچي ٿو، جڏهن هن جو پيغام پنهنجي قوم کان ٽپي سڄي
انسانيت لاءِ، ۽ سڀني دورن لاءِ ڏئي ٿو ته اُتي هن
جي ڪمٽمينٽ رڳو پنهنجي دور يا پنهنجي ماڻهن سان
ڪانه ٿي ٿئي؛ پر هن جي ڪمٽمينٽ هن کان به مٿي هلي
ٿي وڃي. هڪڙي بين الاقوامي ۽ آفاقي ڳالهه ٿيو پوي.
ٽيگور جو مثال اوهان جي اڳيان آهي.
طارق: ڪجهه سال اڳ اوهان عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا هئا، اوهان ڇا
سوچي هڪ سياسي پارٽي جوائن ڪئي هئي؟
تنوير: اُهو ون يونٽ وارو دور هو. ون يونٽ جي دور ۾ اسان سڀ....
(تنوير جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. ڇاڪاڻ ته تنوير
جي پٽ اچي ٻڌايو ته حميد سنڌي آيو آهي. تنوير کيس
چيو ته اِتي ئي وٺي اچينس. مون ٽيپ رڪارڊر جو بٽڻ
آف ڪري ڇڏيو. ٿوري دير ۾ حميد آيو. دعا سلام کان
پوءِ تنوير پٽس کي چيو ته حميد لاءِ چانهه کڻي اچ.
حميد چيو ته: اوهان نه پيئدا ڇا؟ تنوير چيو: اسان
هاڻي پي ويٺا آهيون. ڪجهه دير کان پوءِ مون بٽڻ آن
ڪيو ۽ تنوير چوڻ لڳو)... انهيءَ دور ۾ اسين سڀيئي
اديب سياست ۾ ڪاهي پيا هئاسين. ڇو ته اسان سوچيو
هو ته جيستائين اسان سياسي حل ڳولهي نه لهنداسين،
جيڪا اسان جي غلطي هئي، تيستائين سنڌي ماڻهن جو
ڪوبه ڀلو نه ٿيندو. بهرحال انهيءَ دور ۾ سياسي
ٺاهه ۽ ڊاهه انهيءَ حد تائين وڃي بيٺي جو اسان
سمجهيو ته عوامي ليگ سنڌين کي ون يونٽ کان نجات
ڏياريندي. محض انهيءَ اهم ۽ بنيادي ڳالهه جي ڪري
ئي ٿوري عرصي لاءِ اسين هن جماعت ۾ شامل ٿيا
هئاسين.
طارق: قومي شاعري ۽ نعري بازي واري شاعري _ انهن ۾ ڪهڙو فرق
آهي؟
تنوير: وڏو فرق آهي. مان اهو ئي مثال ڏيندو آهيان. برطانيه جي
خلاف، آزاديءَ جي تحريڪ دوران ٻه شاعر هئا _
هوندراج دکايل ۽ ڪشنچند بيوس. ٻيئي تحريڪ سان
وابسته هئا، ۽ ڪميٽيڊ هئا. هوندراج دکايل جا شعر
انهن ڏينهن ۾ گهٽيءَ گهٽيءَ، گهر گهر، هر اسڪول،
هر ڪاليج، هر جلسي ۾ ڳايا ويندا هئا. ٻار ٻار جي
زبان تي هئا. ۽ ڪشنچند بيوس جا شعر اخبارن ۾ ڇپبا
هئا ۽ وڌ ۾ وڌ هو مشاعرن ۾ پڙهندو هو. بهرحال
انهيءَ وقت هوندراج دکايل شهرت جي چوٽ تي هو. پر
اڄ توهان به آهيو، مان به آهيان. نوجوان اديبن کان
پڇبو ته هوندراج دکايل کي سڃاڻو؟ ته هوندراج کي
ڪير به نه سڃاڻندو، ڪشنچند بيوس کي سڀڪو سڃاڻندو.
ته اهو فرق آهي قومي شاعري ۽ نعري بازي واري
شاعريءَ ۾ خود پاڪستان جي تحريڪ ۾ به ڪئين اهڙا
شاعر هئا، جن جو ڪلام گهٽي گهٽيءَ ۽ گهر گهر ۾
ڳايو ويندو هو، پر هاڻي هنن جو نالو ادبي تاريخ ۾
ڪونهي. پر جن صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري ڪئي، انهن
جو تاريخ ۾ نالو روشن آهي.
طارق: ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين واري دور ۾ سٺي شاعري ڪهڙي دور
۾ ٿي آهي؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) منهنجي خيال ۾ ورهاڱي کان پوءِ 1954ع
کان وٺي 1970ع تائين بهتر شاعري ٿي آهي.
طارق: سنڌي شاعريءَ جي دنيا جي ٻين زبانن جي شاعريءَ سان ڀيٽ
ڪجي ته اسان جي شاعري ٻين زبانن جي شاعريءَ کان
بهتر آهي يا نه؟
تنوير: ڪلاسڪي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف سڀني کان اڳيان آهي. جيڪڏهن
جديد شاعريءَ جي ڀيٽ ٿا ڪريون ته اڃا پوئتي آهيون.
ڪيتريون ئي اهڙيون ادبي تحريڪون آهن، اهڙا ادبي
نظريا آهن ۽ تنقيدي اصول آهن، جن جي اسان کي اڃا
تائين ڪا خبر ئي ڪانهي.
طارق: ڪنهن شاعر لاءِ اوهان کي رشڪ پيدا ٿيو آهي ته ڪاش اوهين
به اهڙي شاعري ڪريو ها؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) اها خواهش مون تي... (وري ڪجهه دير
سوچي)... شروعاتي دور ۾ گهڻو ڪري هر شاعر کي اهڙي
خواهش ٿيندي آهي. جيئن مون ٽيگور کي پڙهيو ته دل
ٿيم ته مان به اهڙا شعر لکان ها. يا شروع ۾ عمر
خيام کي پڙهيم ته دل چاهيم ته مان به اهڙي شاعري
ڪيان. حضرت ابراهيم وارو قصو آهي. پهرين تاري کي
ڏٺائين ته چيائين ته اهو منهنجو رب آهي. چنڊ
ڏٺائين ته چيائين: اهو انهيءَ کان وڌيڪ آهي:
جستجو هي خوب سي خوب تر کهان
پر پوءِ هڪڙو دور ٿو اچي، جو شاعر چوي ٿو ته مان پنهنجو ذاتي
اسٽائيل ڪريئيٽ ڪيان.
طارق: هڪ شاعر جي حيثيت سان اوهان کي جيڪو مرتبو حاصل آهي،
اوهان انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
تنوير: مون ته اڃا اهو سوچيو ئي ناهي ته مون کي ڪهرو مرتبو حاصل
اهي يا ٿيڻ گهرجي. بهرحال مان پنهنجي شاعريءَ مان
اڃا مطمئن ناهيان. مان چاهيان ٿو ته انهيءَ کان به
اڳتي وڃان.
طارق: شاعريءَ جو ڪافي ذڪر ٿيو آهي، هاڻي ڪجهه ڪهاڻيءَ جو ذڪر
به ڇيڙجي. هڪ دور هو، جڏهن نسيم کرل، آغا سليم،
امر جليل، غلام نبي مغل ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙا
ڪهاڻيڪار آيا. پر هن دور ۾، مان انهن ڪهاڻيڪارن جو
ذڪر ڪونه ٿو ڪريان، جيڪي شروع کان وٺي اڃا تائين
لکن پيا. نون جو ذڪر ڪريان ٿو، جو ڪجهه عرصو اڳ
کان اُنهن لکڻ شروع ڪيو آهي _ انهن مان ڪوبه اهڙو
نالو ڪونهي، جيڪو بنهه اُڀري مٿي آيو هجي. انهيءَ
جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ |