سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :21

مختيار ملڪ

 

تنوير  -ڪٿا

 

لاڳاپن جون گم ٿيل ڪڙيون جوڙي، يادگيرين جي وکريل مالها جا موتي ميڙي، ”تنوير _ ڪٿا“. لکي رهيو آهيان؛ لفظن جي ستارن سان پنهنجين ڌنڌلين يادگيرين کي جرڪائي رهيو آهيان. جڏهن به ساروڻيون سهيڙجن ٿيون، تڏهن پنبڻين ۾ مينهن _ ڪڻيون پکڙجن ٿيون.  يادگيرين جي چوڏول تي ڦرندي، اڻ چٽا عڪس چُرندي ڏيکارجن ٿا. مان پنهنجي جيون ۾ پنجويهه سال پوئتي نهاريان ٿو ته خيرپور جي ميرواهه ڪئنال تي خاڪي شاه پُل ڀرسان هڪ خوبصورت گهر منهنجي سامهون اچي وڃي ٿو. جنهن جا ڏاڪا لهي، چمپا جي چُڀندڙ سرهاڻ کي ساهن ۾ سمائي، پير اُتي اچي رڪجن ٿا، جتي هڪ مرڪندڙ مُک ڦِرندڙ ڪرسي (Revoleving Chair) تان اُٿي آجيان ڪري ٿو هڪ ننڍڙي ٻالڪ جي. مان ئي اُهو ٻار آهيان، جنهن کي سنڌ جو هڪ مهان سرجڻهار ”ڊاڪٽر تنوير عباسي“ پاٻوهه وچان ملي رهيو آهي. اڃا سڃاڻپ ڪرائڻ جا سانباها ڪريان ئي ٿو ته چئي ٿو: ”مختيار! پبلڪ لائبريري ۾ سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل پنهنجي وائي لکي ڏي.“ ”پر مون ته اُها تنقيد ٿيڻ کان پوءِ ڦاڙي ڇڏي،“ مان ورندي ڏيان ٿو. ”اُن ۾ ته ڪي نوان گهڙيل محاورا هئا: ڪي گهڙيون گهليون‘، ’نيڻ نهارن، ٻُڙا ٻهارن‘...“ تنوير اُتساهيندي آٿت ڏئي ٿو. شايد اهي ئي لفظ هئا، جن منهنجن لفظن کي زندگي ڏني؛ منهنجي سوچن جي سُرت ۽ ساڃاهه سان سڃاڻپ ڪرائي ۽ منهنجي ساهت لاءِ چاهت وڌائي _ ۽ ائين ملڻ جو سلسلو محبتن سان ٻنهي کي هميشه لاءِ ڳنڍي ڇڏي ٿو. اسان جون اڻ ڳڻيون رهاڻيون، قرب ڪهاڻيون منهنجي ذهن جي ڪتاب تي لکجنديون رهيون:

نينهن نڀايــون، ڪيئن نڀايــون؟

هـــيءَ حـــيــاتـــي ٿــوري ڀانيون،

سوين جنم گڏ گهاريون پو ڀي،

             پيار جو ناهه ڇيهه!

 اسان پاڻ ۾ گڏجي گهاريل لمحن _ ڪٿائون خيرپور جي رستن جي حوالي ڪيون. اسان پاڻ ۾ ڪيل ڳالهيون خيرپور جي هوائن جي لهرن کي اَرپي ڇڏيون. اسان پنهنجا ٽهڪ ’پنج _ گُلي‘ جي فضائن ۾ ورهائي ڇڏيا. ڄامشوري جي هوائن ۽ حيدرآباد جي شامن ۾ به اسان جي ساروڻين کي ٽريس ڪري سگهجي ٿو. اسان پنهنجون ڪيتريون ئي شامون، کجين مان لهندڙ سج جي موهيندڙ رنگن سان ميرواهه جي ڪنارن جي ڪئنواس تي Paintڪيون. مان وقت جي Tap کي Rewind ڪريان ٿو. مان ۽ تنوير هڪ شام جي واڪ تي خاڪي شاهه پُل ۽ ڳاڙهي پل تائين لمحن کي لفظن ۾ سهيڙيون ٿا. ڪڏهن گفتگو شاعريءَ جي گس تي رومانس جي رومال کي کولي ڇڏي ٿي، ته ڪڏهن ڳالهيون نظرين جي سُٽ ۾ اُلجهي وڃن ٿيون. ڪڏهن ويچار فلسفي جي اپٽار ڪندي ڳوڙها ٿي وڃن ٿا. ڪنارا انهن يادن کي Minuse ڪرڻ نٿا چاهين، اڄ به اتان گذرندي مون کي ياد ڏياريندا آهن. تنوير مون سان ڳالهائيندي چيو هو: ”هي ڪنارا تنهنجو ۽ منهنجو هائيڊ پارڪ آهن.“ ڪئنال ويو پوائنت (Canal View point) تي ويٺلن جي نظرن کان لڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، مانجهاندڙين جي اوٽ ۾ آمهون سامهون پيل ٻن ڪرسين تي ويهي رهون ٿا ۽ پوءِ تنوير پنهنجي جيون _ ڪٿا ٻڌائڻ ويهي ٿو: ميٺارام هاسٽل جون رهاڻيون، ايراني هوٽلن ۾ هڪ چانهه تي ڪلاڪن جون ڪچهريون، شمشير جي ڪاڪ محل جون ڪهاڻيون، ايل. ايم. سي. هاسٽل ۾ احمد علي سمون سان ڪيل کيچلون، رشيد ڀٽي ۽ نياز همايونيءَ سان ٿيل چرچا، گراميءَ جا گفتا.... رات جو ڪارو پردو ڪرڻ سان سلسلو ٽٽي پوي ٿو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ مونولاگ اتان ئي شروع ٿئي ٿو. هن ڀيري ماضيءَ بدران مستقبل جو ذڪر ڇڙي ٿو. مان شايد تنوير کان وڌڪ ڪنهن کي ”مستقبل پسند“ نه ڏٺو. هن لاءِ زندگيءَ جون ايندڙ گهڙيون ماضيءَ کان وڌيڪ ڳنڀير آهن.

ڪڏهن وقت هڪ جاءِ بيٺو نه آهي،

۽ تــاريــخ پٺتي نه مــوٽي سگهي آ،

ڀلــي رات ڪيڏي به تــاريــڪ آهـي،

مــگر صبح ان جــي مقدر ۾ آهـــي.

چيائين: ”اسان جيڪي نه ڪري سگهياسين، اهو اسان جو ايندڙ نسل ڪندو. نئون نسل مايوس ڪندڙ نه آهي. اسان به ته ورثي ۾ ڪا مايوسي نٿا ڇڏيون.“

صــبح آيــــو ۽ امـيــدون آسرا جــاڳـــي پيا،

رات وئي ۽ روشنيءَ جا ترورا جاڳي پيا.

        تنوير نوجوانن جي ذڪر تي چئي ڏئي ٿو: ”ڪاش اسان جو ايندڙ نسل روشنين سان ڀريل سنڌ ۾ اکيون کولي.“ تنوير جي روشن خيالي لفظن ۾ لڪڻ جهڙي نه هئي. تنوير پرهه ڦٽي، پرڀات، جوت، روشني، چمڪڻ، جرڪڻ، سوجهري، ستارن، چنڊ، سج، رنگ، صبح، چڻنگ، ڀنڀٽ، باهه، لاٽ، ڪرڻا، چوڏهين، ترورا، ٽيبل لئمپ، ڏيئا ٻرڻ، اُس، ٽاڪ، منجهند جهڙا ڪيترائي اڻ ڳڻيا لفظ پنهنجن شعرن ۽ ڳالهين ۾ ورجائي ٿو ته احساسن کي مستقبل کي چٽو پسڻ لاءِ خوردبيني ملي وڃي ٿي. تنوير جون وکون توڙي نظرون هميشه اڳتي آهن:

منهنجو پٽ ۽ منهنجون ڌيئون_

آلو ڏئي مون کي،

وٺي وڃن ٿا؛

مستقبل ڏي.

        تنوير جون رٿابنديون، ارادا، خواهشون سڀ ايندڙ وقت جي سڦل بڻجڻ لاءِ هونديون هيون. تنوير جي حقيقت پسندي کيس اهو احساس ڏياريندي هئي ته زندگي / حياتي کي موت جي اوندهه هڪ ڏينهن ضرور وڪوڙي ويندي، ان کان اڳ جهان ۾ ماڻيل روشني جي امانت منتقل ڪرڻي آهي. تنوير پنهنجي عينڪ جا شيشا قميص جي ڪنڊ سان صاف ڪري، اکين تي لڳائي چوي ٿو: ”مختيار! اسان پنهنجو پاڻ کي اوهان ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.“ ۽ پوءِ پنهنجي گيت جو هيءُ بند ورجائي ٿو.....

جي نٿا مچ مچائي سگهو دوستو،
چڻنگ چولي ۾ پنهنجي لڪائي هلو؛
روشــني زنــدگــي آ اهـــا زنـدگــي،
ڪنهن امانت جان دل سان لڳائي هلو!

تنوير جڏهن حياتيءَ جو ذڪر ڪري ٿو ته هن کي موت به زندگيءَ سان وڌيڪ پيار ڏياري ٿو. تنوير وٽ زندگي وڏي معنيٰ رکي ٿي. چيائين، موت هن کي وڌيڪ مايوس ٿو ڪري. ”مان موت کان ئي زندگي سان محبت سکي آهي.“ تنوير اڳتي جي دنيا کان زندگي کي اهميت ڏئي ٿو:

موت کان اڳ ۾ سڄڻ، آس جيئن رهجي نه ڪا،
ڇـــو بــهـــارن ۾ ڀــلا گــل وڃــن ڪـــومــائــجي.
 

        تنوير واقعي ئي ڀرپور حياتي گذاري. هن زندگيءَ جي خوشين کان پاڻ کي ڪڏهن به پري نه رکيو. عقيدن، مسلڪن، نظرين، قانونن ۽ حڪمن کان بي پرواهه! زندگي کي پنهنجي اصلي ۽ فطري رنگ ۾ گذاريندڙ هو. مذهبي ڪٽرپڻو سڄي عمر سندس ڪجهه به بگاڙي نه سگهيو. موت کان پوءِ به پنهنجو وجود ڪنهن انساني ڪارج لاءِ ارپڻ ۾ سندس روايت کان بغاوت جو اعلان هو. زندگي ۾ سندس ايمان هو، انڪري زندگي کيس بيحد پياري به هئي. زندگي کي سونهن ڏيڻ چاهيندو هو. چوندو هو: زندگي، زندگي کي جنم ڏيندي آهي. موت هزارين لکين ڪروڙين زندگيون اوڳاڇي ويو آهي، زندگي به پوءِ به آهي. ڪنهن به تخليقي عمل جو موه وٽس رهندو هو ۽ نواڻ لاءِ هن کي پيار هو. مون کي اهي لفظ ياد آهن، مون کي مرڪندڙ چپن جو اهو چرڻ وسريو ناهي، جن مان ”نواڻ“ لاءِ مانائتا اکر هئا. پنهنجي لئبرريءَ ۾ هو ڪيڏي چاهه مان پنهنجا نوان احساس ۽ جذبا اوتي ٿو:

”هيءَ آهي منهنجي ڪليات جي ارپنا“

چيٽ جي پهرين ڦوٽهڙي جي نالي،

ساوڻ جي پهرين وسڪاري جي نانءِ،

مند بسنت ۾ ٽڙندڙ پهرينءَ مُکڙيءَ جي نالي،

نئين ڄاول جي پهرئين پهرئين ساهه جي نانءِ،

گليشيئر مان ساوڻ جي اُس سان ڳڙندڙ، پهرئين ڦڙي

       جي نانءِ.

نئين ڪنوار جي ڳل تي، پهرئين هٿ ڇهاءَ سان،

  ايندڙ سرخيءَ جي نانءِ.

پهرئين قومپرست جي هاريل پهرئين رت ڦڙي جي نانءِ،

پيڙهيل قوم جي پهرئين پهرئين،

بي اختيار ۽ باغي نعري جي نالي،

تنهنجي نانءِ.

جنهن جو ڪوئي نالو ناهي،

سڀيئي نالا جنهن جا آهن.

هيءَ ارپنا ٻڌائيندي تنوير ٻهڪي پيو هو، ڄڻ هن ڪولمبس جيان آمريڪا ڳولهي لڌي هجي. اڄ به اڪيلاين ۾ تنوير جو آواز منهنجن ڪنن ۾ ٻُري ٿو. تنوير جي ڪلينڪ ۾ جڏهن ادب جو ذڪر ڇڙندو هو، ته ڇيهه اچي ڪندو هو شاعريءَ تي. تنوير جي شاعري گونجي ٿي:

مون ته گلاب لڳايا آهن،

پــوپـــٽ پــاڻـهي آيا آهن.

__

شل جيئين شل جيئين،

گــــل گـــلابــــيءَ جـــيـان،

تــون ســدائيـــن ٽـــڙيــن.

شاعريءَ جا ورق ورندا ويندا ۽ سوچن جون ڳنڍيون کلنديون وينديون. تنوير جيڪو پنهنجي شاعري ۾ اسلوب کان وڌيڪ خيال کي اهميت ڏئي ٿو ۽ خيال ۾ مقصد کي، تنهن جي لفظن ۾ پنکڙين جهڙي نرمي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو؛ تنهن جي سوچن م فطري سونهن کي پسي سگهي ٿو؛ تنهن جي احساسن ۾ پنهنجن جذبن سان ملي سگهجي ٿو. تنوير زندگيءَ جيان ”سنڌ“ سان پيار ڪري ٿو ۽ سنڌ جيان ”انسان“ کي چاهي ٿو.

       سنڌ جو جيڪو به مٽائڻ ٿو گهري تنهنجو وجود،

       اهڙي ڪـم ظـرف ۽ نادان کــي ڏســـي رهنداسين.

تنوير ڌرتيءَ لاءِ سڪ ۽ اڪير جي انيڪ جذبن کي اندر ۾ سانڍيندو رهيو، جي سندس نظم ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”ڌرتي ماتا“ ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا. تنوير انسان پرست ماڻهوءَ لاءِ محبت رکندڙ شعرن ۾ انسانيت کي ڪڏهن به نٿو وساري. پنهنجي نظم ”تون هجين ڪير ڀي“ ۾ مـذهب، رنگ، نسل ۽ زبان جي فرق کان مٿانهون ٿي ”انسان“ لاءِ دعا گهري ٿو ته شال اهو ائٽمي جنگ کان بچي سگهي. هو الله جي تصور ۾ ”انسانيت“ ٿو ڳولي. هو هر جنگ جي شهيد سان محبت رکي ٿو، جيت يا هار هن جو مسئلو نه آهي:

هيءُ جنهن جو لاش آ،
توڙي اُن آهي کٽيو،
يا انهيءَ آهي هارائيو_
هيءُ منهنجو لاش آ،
هيءُ تنهنجو لاش آ.
هن نڪي آهي کٽيو،
هن نڪي هارائيو.
مات ٿياسين تون ۽ مان،
مــــات ٿــــي انــســانــيــت.

 

        اهڙيءَ ريت دنيا جي هر ٻالڪ کي انسانيت جي ناتي سان پنهنجائپ ڏئي ٿو:

ڀــانــيــم مــنهنجي ٻـــار ٿــاٻو کاڌو،

هيءُ جو ڪنهن جي ٻار ٿاٻو کاڌو.

        مون تنوير جي سموري شاعري کانئس ٻڌي آهي. تنوير پنهنجو هر شعر گهڻي ڀاڱي پهريائين مون کي ٻڌائيندو هو. جيڪي شعر تنوير منهنجي لاڳاپن کان اڳ لکيا هئا، سي مون تنوير جي شاعري رڪارڊ ڪرڻ جي بهاني سان کانئس ٻڌا. منهنجي خواهش تي تنوير پنهنجي ڪتابن جي آڊيو ڪئسٽ رڪارڊ ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. سندن پهرين شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ جي ته سندس آواز ۾ ڪئسٽ رڪارڊ ٿي سگهي، باقي سلسلو اڌ ۾ رهجي ويو. تنوير رڪارڊ کي اهميت ڏيندو هو، جيئن تاريخ لاءِ حقيقتون گڏ ٿي سگهن. تنوير جي ”ڪئسٽ _ ڪتاب“ کي سندس ۽ منهنجي خواهش موجب مارڪيٽ ۾ آڻي سنڌ ۾ هڪ نئين روايت جو ”نئون بنياد“ رکيو ويو. تنوير جي شاهه بابت تحقيق جا ڪجهه حصا به سندس آواز ۾ ريڊيو جي رڪارڊ تي محفوظ آهن. مون تنوير جي حياتيءَ ۾ سندس شعرن کي فنڪارن کان ڳارائڻ جو فرض ادا ڪيو. سهراب فقير، استاد گلزار علي خان، برڪت علي ۽ ديدار حسين سمون جي آوازن ۾ نين ڌنن تي شاعريءَ کي موسيقيءَ سان جلا بخشي. تنوير انهن کي ٻڌي ٻهڪي پوندو هو ۽ منهنجين ڪاوشن تي حوصله افزائي ڪندو هو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي هيل تائين تنوير عباسيءَ جي شاعري مون کان سواءِ ڪنهن به پروڊيوسر ساٿي رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، توڙي جو شاعريءَ جا سوين ڪلام ريڊيو خيرپور جي لائبريريءَ ڀيڙو ڪيا ويا. شيخ اياز، جيڪو ريڊيو خيرپور ٺهڻ کان پوءِ به ڪي سال سکر ۾ رهندو هو، سو به اسان جي سنگتين کان وسريل هو. مون کي سندس شاعري پهريون ڀيرو وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن لاءِ مون کي ڪنهن ايوارڊ جي گهرج نه پر ضمير جي آواز جهنجوڙيو. اڄ به تنوير ۽ اياز جي حيدرآباد، ڪراچي، ٽي وي ۽ ٻين هنڌن تان گڏ ڪيل رڪارڊنگ لائبريري ۾ نشريات لاءِ محفوظ آهي. تنوير کي عابده پروين، محمد جمن ۽ محمد ابراهيم، محمد يوسف، وحيد علي جهڙن فنڪارن پڻ ڳاتو. عابده تنوير جي شاعري ۽ سڀاءُ جي مشتاق رهي آهي. تنوير کي موسيقيءَ سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو. تنوير جي گهر ۾ ٿيل محفلون اڃا به ياد آهن. تنوير جي ڊرائنگ روم ۾ عابده پروين کي سُر وکيريندي ان وقت ٻڌو هئم جڏهن ڪچا ڦڪا شعر لکندو هئم. عابده تنوير کي گهڻو مان ڏيندي هئي. عابده تنوير جي ڳچ شاعري ڪئسٽن ۾ ڳائي آهي ، جن ۾ ’سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ‘، ’جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي‘، ’ڪجهه ڏئي وينداسين‘، ’هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو‘ ۽ ’جنهن وٽ سور سوايا‘ شامل آهن. عابده تنوير کي عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ٻه آڊيو ڪئسٽون آڻڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي. آءٌ دوست اختر درگاهي ان ڏس ۾ سندس هٿ ونڊائي رهيا آهيون.

سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي تخليق ۽ ترقيءَ ۾ تنوير جون ذهني ڪوششون شامل رهيون. نيون رٿائون، نوان خيال ڏيڻ، نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ سان ادارن لاءِ خاموشيءَ سان جاکوڙڻ، ادارن جي لاءِ شايد ئي ڪنهن وٽ اهڙو درد مون ڏٺو. هو علمي انسان هو. علمي ۽ ادبي سرگرمين جي واڌاري لاءِ به وڏا وس ڪيائين. سچل جي ميلي جي حوالي سان ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، محفل موسيقي، رسالا ۽ ڪتاب آڻڻ يا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ آرڪيالاجي شعبي ۽ سچل چيئر قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي، سچل ايڪيڊمي ۽ سچل آڊيٽوريم _ دراصل ”تنوير“ جي آئيڊيا جو عملي روپ آهن.

ادبي دنيا ۾ ڪوئي تنوير لاءِ ڪهڙو به رايو رکي _ اهو هر سوچيندڙ ذهن جو پنهنجو پنهنجو معيار آهي، پر سڄي سنڌ ۾ اهو فقط تنوير ئي هو جيڪو پنهنجي سڀاءُ ۽ شخصيت ۽ ڪردار ۾ سڀني سهيوڳي شاعرن تي ڇانيل نظر اچي ٿو. نوان لکندڙ سندس قرب ماڻيندا هئا، ڄاڻ ۽ شعور وڌائيندا هئا. همتون ۽ حوصلا حاصل ڪندا هئا. تنوير جي ذات سورج مثل هئي، جنهن سان ادبي دنيا روشن رهي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو سج اوچتو ائين اُلهي ويندو. هڪ مهان انسان پنهنجو مشن مڪمل ڪرڻ بنا موڪلائڻ کان سواءِ هليو ويندو. مان هر آچر جي ڏينهن اداس بڻجي ويندو آهيان، جڏهن پنهنجين آڱرين کي ياد ٿي ويل فون نمبر 551711 ڊائل ڪرڻ کان پوءِ تنوير جي ”جيءُ“ نه ٻڌي نه سگهندو آهيان! عيسائي هن ڏينهن گرجا ۾ يسوع مسيح جي عبادت ۾ هوندا آهن ۽ مان تنوير جي ”سرمد گهر“ ۾ سنڌ جي هڪ مسيحا وٽان ڪجهه ماڻڻ ويندو هئس. منهنجو گرجا اڄڪلهه بند آهي. منهنجو مسيحا اڻ ڄاتل ديس ويل آهي، جيڪو ڪڏهن به ورڻو نه آهي؛ رڳو ان جون يادون وري وري ذهن تي تري اچن ٿيون. يادن جي صحرا ۾ ڀٽڪي پوان ٿو. مون جڏهن به پاڻ کي مايوس ڀانيو ته تنوير وٽ هليو ويندو هئس. مايوسيون پوءِ گهڻي دير مون وٽ رهي نه سگهنديون هيون. تنوير از خود منهنجو چهرو پڙهي Share ڪرڻ لڳندو. پوءِ دنيا جون حقيقتون، زندگيءَ جون سچايون ڪتابن جا حوالا، منهنجي اندر جي پيڙائن جو احساس ڌيري ڌيري مٽائي ڇڏيندا هئا. يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ پهريون ڀيرو جڏهن من جي مکڙي ٽڙڻ لڳي ۽ ڪنهن موه من ۾ واسو ڪيو ته تنوير ڄاڻي ورتو ۽ زندگيءَ جي رونقن کي منهنجي مٿان عيان ڪيو.

ڄڻ منهنجو جهان هڪڙيءَ سرهاڻ سان ڀرجي ويو،
ڇــا نينهــن لــڳـو تــوســان، ڄــڻ دور بـهـار آيــو.

 

پيار جو پکي من جي آکيري مان ائين اچانڪ اُڏامي ويو ته ويرانين اچي اندر ۾ واسو ڪيو، پوءِ تنوير ئي جيئڻ جو حوصلو جاڳايو.

زندگي گهارجي مُرڪي مُرڪي،

زهــر ۾ کــنــڊ مــلائــي ڇـــڏجـــي.

اداسين جو شديد احساس تنوير جي ملاقاتن سان مِٽجي ويندو هو. تنوير مون کي پنهنجا گيت ٻڌائي مون کي حقيقتن جي دنيا ۾ موٽائي وٺي آيو. پنهنجو گيت ”پهاڙن جي پري“ ٻڌائي نه رڳو پرڀايائين، پر هڪ سُهاني سپني ۾ گم ڪري ڇڏيائين! ان زماني ۾ تنوير جي لائبرريءَ جا ڪتاب واري واري سان منهنجي مطالعي جي ذوق کي پورو ڪندا هئا. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي منهنجي ذهني دنيا بدلجي ويئي. تنوير چوندو هو ته سنڌ ۾ تيسين ادب ۽ علم نه ڦهلبو جيسين ڪتابن سان لڳاءُ نه وڌندو. مطالعو ئي تبديلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنوير ان نوجوان سان گهڻو پيار ڪندو هو، جنهن جي مطالعي ۾ دلچسپي هوندي هئي يا ان گهڻا ڪتاب پڙهيا هوندا هئا. انگريزي ادب پڙهڻ لاءِ خاص طور تي اتساهيندو هو. سندس چوڻ هو ته انگريزيءَ ۾ سڄي دنيا جو ادب پڙهڻ سان ئي سنڌي ادب ۾ نواڻ اچي سگهي ٿي ۽ معيار آڻي سگهجي ٿو. هو ادب ۾ آفاقيت جو قائل هو. جڏهن مان ڪو نئون ڪتاب پڙهي ويندو هوس، ته هو نه رڳو خوشي محسوس ڪندو هو، پر ان ڀيري ته ڪچهري به خوب مچندي هئي. مون وٽ نوجوان دوست نوان ليکڪ ايندا هئا، ته تنوير وٽ وڃڻ ٿيندو هو ۽ اهي موٽندي کيس واکاڻيندا هئا. نصير مرزا، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، تاج جويو، سميع بلوچ، زيب سنڌي، رسول ميمڻ، واجد، وسيم سومرو، ذوالفقار سيال ۽ ٻيا ليکڪ دوست گهڻي ڀاڱي مون سان گڏجي تنوير وٽ هلندا هئا. اسان جي نجي توڙي ادبي ڪچهرين ۾ تنوير جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نڪري پوندو هو. هڪ دفعي آفيس ۾ ليکڪا حسينا ساند سان ڳالهين ڪندي تنوير جو ذڪر ٿيو ته هن ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاري. بنا سُڌ ڏيڻ جي اچانڪ منجهند ڌاران وٽس پڳاسين. اڃا ڪلينڪ آف ڪري وڃڻ وارو هو ته اسان کي ڏسي ويهي رهيو. روايتي پنهنجائپ ۽ آڌر ڀاءُ... آپا قمر کي به سڏي ورتائين. تنوير، جيڪو رسالن ۾ نون لکندڙن کي باقاعده پڙهندو هو، تنهن حسينا کي شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو. شعر ٻڌي سٺن لفظن ۾ سندس شاعري تي ڳالهايائين. هونءَ جنهن ۾ به ڪي ڪڻا ڏٺائين ته اتساهيندو هو ۽ نوان ليکڪ کانئس حوصلي افزائي ماڻيندا هئا ۽ لکڻ ۾ سندس دلچسپي وڌي ويندي هئي. خيرپور ۾ تنوير سان گهڻو ملندو هئس. مون جيان استاد محمد علي حداد ۽ استاد خادم عباسي به وٽس گهڻو ايندا ويندا هئا. پروفيسر عزيز اڄڻ ۽ عبدالخالق شيخ به ملڻ جو سلسلو رکيون ايندا هئا. نون لکندڙن ۾ مون کان پوءِ هئا. لائبريري جي ترتيب، خطن ۽ لکڻين جو رڪارڊ سهيڙڻ ۾ سندس ساٿاري هئا. سکر مان ادل سومري ۽ اياز گل جو پراڻو ناتو رهندو آيو. پوئين عرصي ۾ روهڙيءَ مان اختر درگاهي به ڀيرا ڪندو هو. خيرپور ۾ تنوير جا پراڻا رفيق هادي بخش لاڙڪ، خليفو عبدالمجيد شيخ، ڏاڏا شاهه، علي مطاهر جعفري، علي طاهر شاهه گهڻو اڳ ئي سندس ساٿ ڇڏي ويا هئا. ڪڏهن اڪيلائيءَ جو اظهار به ڪندو هو تنوير جي ادبي لڏي ۾ سکر ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جي چئوياري هئي، جيڪا اياز جي وائيس چانسيلر ٿيڻ کان پوءِ ٽٽي پيئي. ستت رشيد به گذاري ويو. فتاح سان پڇاڙيءَ تائين پيار رهيس. تنوير جي وڇوڙي تي فتاح به اسان جيان اڪيلو ٿي ويو آهي. فتاح، تنوير سان هر ڏکي سکي ۾ پاڻ ملهايو.

تنوير جي رشيد ڀٽيءَ سان ڏاڍي ياراني هئي. کل ڀوڳ ۽ چرچي وارو رستو هئس. 1989ع ۾ مون پنهنجي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي مجموعي ”ٽم ٽم ٽانڊاڻا“ جي تعارفي تقريب لاءِ صدارت لاءِ صلاح ڪئي ته تنوير رشيد ڀٽيءَ جو نالو تجويز ڪيو. ان تقريب ۾ رشيد کان سواءِ تنوير، الهداد ٻوهيو، نصير مرزا، اياز گل ۽ ٻيا دوست شريڪ هئا. هيءُ ڪتاب ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران سائين محمد ابراهيم جويي شايع ڪيو هو. جويي صاحب سان منهنجي ملاقات به تنوير عباسيءَ جي معرفت ٿي هئي. تنوير ادبي دنيا ۾ جنهن شخصيت کان گهڻو متاثر هو ۽ جنهن لاءِ وڏو مان رکندو هو ته اهو سائين محمد ابراهيم جويو هو. جويي صاحب جون ڪاوشون وڏيءَ حب مان بيان ڪندو هو. ان کان سواءِ مولانا غلام محمد گرامي لاءِ به سٺا ويچار رکندو هو. سندس چوڻ هو ته جديد سنڌي شاعريءَ خلاف ٿيل واويلا ۾ گرامي صاحب جو حقيقت پسنديءَ وارو ڪردار نه هجي ها ته شاعريءَ کي نوان گس ۽ لاڙا شايد ئي ملن ها. جويي صاحب لاءِ چوندو هو ته جديد شاعريءَ ۾ نئين فڪر لاءِ هن گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو آهي.

غلام رباي آگرو ۽ نياز همايوني به تنوير جي گهاٽن دوستن مان آهن، جن کي ڏسي تنوير ٽڙي پوندو هو ۽ غلام رباني آگري وٽ اچڻ وڃڻ جو سلسلو پڇاڙيءَ تائين برقرار رهيس. آگري صاحب لاءِ سٺا جذبا رکندو هو. نياز همايونيءَ کي به دل سان ساريندو هو. ڪچهرين ۾ نياز جو ذڪر ضرور ڪندو هو _ ساڳي محبت نياز وٽ به پئي ڏسبي آهي.

تنوير جي گهر جا دروازا دانشورن لاءِ سندس ذهن وانگر سدائين کليل هوندا هئا. هن جي لئبرريءَ ۽ ڊرائنگ روم ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون رهاڻيون ٿيون، جن سان منهنجي ذهني اوسر ٿي. سنڌ جي نامياري دانشور رسول بخش پليجي کي تنوير جي ڊرائنگ روم ۾ خوبصورت ڳالهيون ڪندي ٻڌم. تنوير جي ڊائري، جيڪا گهٽ موقعن تي کلندي هئي، پليجي آڏو شاعريءَ جي پراڻي خزاني جا در کلندا رهيا. تنوير شايد ئي ڪنهن اڳيان ايترا ورق اٿلايا هوندا، ڄڻ هو ڪنهن اعتماد واري ماڻهوءَ کي خزانا جا راز ڏئي رهيو هجي. سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، امر جليل، بشير مورياڻي، علي بابا، طارق اشرف، الهداد ٻوهئي، فتاح ملڪ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تاج جويي، عنايت بلوچ، هدايت بلوچ، شمشير الحيدري، امداد حسيني ۽ نصير مرزا سان خوب قربتون هئس.

منهنجون تنوير سان هزارين حجتون هيون. ڪڏهن به ڪا محفل رکيم ته شارٽ نوٽيس تي به اچي ويندو هو. منهنجي هر سال جنم _ ڏينهن ملهائڻ ۾ به گڏ هوندو هو. هڪ سال هلڻ کان لاچار هوندي به منهنجي جنم ڏينهن تي مون سان شريڪ ٿيو. هڪ لڱا عبدالواحد آريسر جو خيرپور اچڻ ٿيو ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين. مون تنوير کي فون ڪيو ته پاڻ ئي قرب ڪري اچي ويو. سياست جا ورق وريا، شاعريءَ جا باب کليا، هندي، فارسي ادب ۽ شاعريءَ تي واه واه جا ورد ٿيا. ڪڏهن ڪنهن پل تنوير ۽ آريسر ڳراٽڙيون پئي پاتيون. ٻنهي جي اکين ۾ تري آيل لڙڪن ۾ مون سنڌ روئندي ڏٺي. تنوير جي ٻولن جي جهول مان سنڌ صدائون پئي هنيون. ٻيئي ڪنهن ازلي ناتي ۾ پيهجي پئي ويا. تنوير هڪ محبتي ماڻهو هو، جنهن جي قربدارن جو ڪو ليکو ئي ڪونهي. تنوير جون سياسي اڳواڻن سان به وڏيون ويجهڙايون هيون. شيخ مجيب کان وٺي جي. ايم. سيد تائين، سڀني سان روبرو لکپڙهه جو رستو رهيو. خيرپور جون سڀيئي سياسي شخصيتون تنوير کي احترام جي نظر سان ڏسنديون هيون. سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، منظور وساڻ، سيد جاويد علي شاهه، سيد پرويز علي شاهه، ارشاد جيلاني، بيگم گلزار انڙ ۽ ٻيا اڳواڻ کيس گهڻو ڀائيندا هئا. 1987ع ۾ تڏهوڪي اسٽيشن ڊئريڪٽر جي بيجا شڪايت تي، بنا ڪنهن سبب جي منهنجي بدلي ڪئي ويئي ته مون تنوير کي ٻڌايو، تنهن جلد تڏهوڪي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه کي فون تي ٻڌايو ته اسٽيشن ڊئريڪٽر مختيار کي هروڀرو پريشان ٿو ڪري ۽ هن جي بدلي به ڪئي اٿائين. بدلي ته بروقت رڪجي ويئي پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سکر ايئرپورٽ تي لهندي شاهه صاحب اسٽيشن ڊئريڪٽر کي سڏي رويو بدلائڻ لاءِ سختي سان هدايت ڪئي. اهو سڀ تنوير جي شخصيت جو اثر هو. تنوير منهنجي زندگيءَ جي هر معاملي کي پنهنجو ذاتي مسئلو سمجهندو هو. هڪ دفعي سچل جي ميلي ته هڪ انسپيڪٽر مون سان بدتميزي ڪئي ته تنوير هڪ صوبائي وزير جي موجودگيءَ ۾ ان کي تنبيہ ڪئي. هونئن تنوير کي ڪاوڙ ڪا ورلي ٿيندي هئي.

تنوير گهڻي ملڪيت نه ٺاهي. هو ڊپٽي ڪشمنر جو پٽ هو. هلندي پڄنديءَ وارو هو، پر پنهنجي مفاد لاءِ ڪجهه نه ڪيائين. کيس پنهنجي پٽ سرمد سان تمام گهڻو پيار هو. ننڍپڻ وارو لاڏ پيار، سرمد جي جوانيءَ ۾ ڏيندو رهيو. سرمد سندس ذهين فرزند آهي، جنهن آمريڪا مان ”سپر ڪمپيوٽر“ ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪئي آهي ۽ اڄڪلهه قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. تنوير جو پنهنجن ڀائرن سان به وڏو لڳاءُ هو. پنهنجن ڀينرن نورجهان ۽ نسيم کي گهڻو ڀائيندو هو. الطاف کان پوءِ ڀاڻس ارشاد ”پارس“ لکڻ پڙهڻ ۾ چاهه رکندڙ ذهين ماڻهو آهي. هڪ دفعي ارشاد تنوير وٽ آيو ته مون کي فون ڪري اچي ملڻ لاءِ چيائين. هو پنهنجي ڪچهرين ۾ ارشاد جي ذهانت جي تعريف ڪندو هو، ۽ وڏي ڀاءُ اي. اين. جي عباسي جي واٽر انجنيئرنگ ۾ ڄاڻ جو ذڪر ڪندو ۽ اعجاز کي پڻ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ياد ڪندو هو.

تنوير جو گهر خوشين سان ڀرپور هڪ ڪائنات هئي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اها ائين اجڙي ويندي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تنوير کان گهڻو سکيو. ذاتي توڙي سرڪاري معاملن ۾ تنوير جي رهنمائي مون کي ملندي رهي، زندگيءَ جي هر موضوع تي مون سان بنا ڪنهن روڪ جي کليو اظهار ڪندو هو. تنوير جون مون سان حجتون هونديون هيون. هو پنهنجن ڪمن ڪارين لاءِ مون کي سڏي وٺندو هو، جيڪي مان خوشي سان نڀائيندو هئس. هڪ ڏينهن مان آفيس وڃڻ لاءِ تياريءَ ۾ هوس ته تنوير جو فون آيو ۽ پاڻ وٽ اچڻ جو چيائين. پهتس ته تنوير زخمي هجي! ٻڌايائين ته پير سِلپ ٿيڻ سبب ائين ٿيو آهي، شايد ڪو فريڪچر آهي. ”توکي اڄوڪو ڏينهن مون سان رهڻو آهي.“ مان پهريون ڀيرو تنوير جي مرگلا ڊرائيو ڪري، ساڻس سول اسپتال خيرپور پهچان ٿو. ڊاڪٽرن جي راءِ جُڙي ٿي ته سکر وڃون، جتي وڌيڪ سهولتون موجود آهن. پوءِ اسان جي منزل سکر ۾ ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جو انتظار، ٽيسٽن ۽ رپورٽن جو اوسيئڙو، اسان اهو سمورو وقت عام مريضن وانگر لائونج ۾ ويٺا هئاسين. هڪ ڊاڪٽر سان نازڪ، نفيس ۽ ننڍڙي قد واري نرس خوشبوءِ جي جهونڪي جيان اڳيان گذري وڃي ٿي ته تنوير مون ڏي ڏسي پڇي ٿو ”وڻئي ٿي؟“ ”ها، مان بدذوق نه آهيان،“ اقرار ڪندي وراڻيان ٿو ته ائين تنوير ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي، اسٽاف نرس، سسٽر جا قصا، ڪنهن پرفيوم جي شيشي جيان کولي ڇڏي ٿو. ڳالهين کي ان وقت بريڪ لڳي وڃي ٿو، جڏهن تنوير کي آپريشن ٿئيٽر لاءِ سڏيو وڃي ٿو. تقريبن ٻه چار ڪلاڪ هڪ صوفي تي اوسيئڙي جي پيڙا ۾ سڀڪجهه وساري ڇڏيان ٿو. اڳيان گهمندڙ ڦرندڙ خوبصورتيون منهنجي لاءِ بي معنيٰ ٿي وڃن ٿيون. اوچتو تنوير مُرڪندو ٻاهر اچي ٿو. مون کي پيار مان ڀاڪر پائي مليو ۽ پوءِ خيرپور موٽندي تنوير جي چپن تي لفظن جا پوپٽ اڏرن ٿا. تنوير چوڻ لڳي ٿو: ”اڄ اسپتال جي رڪارڊ تي آپريشن کان اڳ ۾ مون کان وارث جو نالو پڇيو ويو ته مون تنهنجو نالو لکرايو.“ ”اهو ته مون لاءِ وڏو اعزاز آهي.“ مون مهربانيون مڃيندي چيو. اوچتو سامهون ايندڙ گاڏي سبب بريڪ تي لڳل پير موضوع مٽي ڇڏي ٿو ۽ مان ڪار _ اسٽيريو تي ڪئسٽ جو آواز وڌائي ٿو ڇڏيان: عابده پروين جو آواز گونجي ٿو:

ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،

ٻُــور آهــيـون ۽ ڏئــــي مــيــوو ڇـــڻــي ويــنــداســيــن.

”...مختيار _ اياز گل، ادل سومري ۽ نصير مرزا جي ٽهيءَ جو شاعر آهي. ٽنهي شاعرن، شروعات ٻاراڻن شعرن سان ڪئي. هاڻي ٽيئي سنڌي شاعريءَ جي گلدستي جا اهي سُرها گل آهن، جن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي سُرهاڻ ۽ پنهنجو پنهنجو رنگ رُوپ آهي...“         _تنوير عباسي (1996ع)


 

اياز گل

 جي ماريا نه موت

 

        اسلام آباد وڃڻ کان ڪلاڪ کن اڳ سائين تنوير عباسيءَ سان فون تي ڳالهائڻ ٿيو هو. مستور (منهنجي گهرواريءَ) شڪايت ڪندي چيو هئس، ”ڊاڪٽر صاحب! توهان وعدو ڪيو هو، اسان جي ماني کائي پوءِ ويندؤ، اوهان ائين ڪيئن ٿا وڃو.“ چيو هئائين: ”نه بابا! اڃا اسان باقاعده ڪٿي ٿا وڃون؟ في الحال ته موڪليل سامان، ڪتاب وغيره سيٽ ڪري هفتي ڏيڍ ۾ موٽي اينداسين. جڏهن وياسين ته توهان کان ڪيئن نه موڪلائينداسين؟ ماني به ضرور کائبي!“ ۽ پوءِ ٿيو ائين جو هفتي ڏيڍ کان پوءِ تنوير جو موٽڻ وارو واعدو وفا نه ٿيو. هو هليو ويو، پنهنجائپ، پيار، ٻاجهه ۽ قرب جا در سدائين لاءِ بند ڪري. آءٌ ته ان تي خوش نه هيس ته هو خيرپور ڇڏي اسلام آباد وڃي. تڏهن ساڻس حجت ڪندي، سندس فيصلي تي خاموش احتجاج ڪندي، مهينو ڏيڍ ساڻس ملڻ به نه ويو هئس. ان وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻه ٽي ڀيرا نياپا ڪرايا هئا ۽ دل به جڏهن سندس مسئلن، تڪليفن، خواهشن ۽ دليلن کي سمجهي ۽ مڃي ورتو، تڏهن ڀريل دل سان وڃي ساڻس مليو هوس. پر دل به ته وڌ ۾ وڌ سندس اسلام آباد وڃڻ کي قبوليو هو، پر تنوير ته خيرپور ڇڏيندي ڇڏيندي، هي جهان ئي ڇڏي هليو ويو. ايڏي ڏاڍائي!... ڪوئي ائين به ڪندو آهي؟

تنوير (سائين تنوير _ جيڪو سدائين مون لاءِ محترم ۽ معتبر رهندو) سان پنجويهن سالن جي نيازمنديءَ جو رستو هو. هو مون لاءِ دوست هو، ڇپر ڇانو هو، پنهنجن روين، شفقتن ۽ پيار سان پيءُ وانگر هو. مون پنهنجي پٽ ’پرين‘ کي سمجهه کان وٺي؛ تنوير سان پنهنجو رشتو سمجهائي ڇڏيو هو. هو کيس ”وڏو بابا“ سڏيندو هو / آهي،  هو ۽ ڀاڀي قمر کيس پيار به ڏاڍو ڪندا هئا / آهن. اسان وٽ گهر ايندا هئا ته پرينءَ لاءِ ڪو رانديڪو، چاڪليٽ، ٽافيون وغيره ضرور آڻيندا هئا ۽ اهوئي وهنوار ۽ پيار سندن موسان به رهيو هو. تنوير جڏهن به ملڪ کان ٻاهر ويندو هو ته اُتان ويو _ ڪارڊ تي ٻه اکر ضرور لکي موڪليندو هو ۽ موٽ تي ڪا ننڍڙي وڏڙي سوکڙي به ضرور آڻيندو هو. سندس انگلينڊ، آمريڪا، انڊيا ۽ دبئي مان موڪليل ڪارڊ ۽ تحفا، منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن.

تنوير سان پهرين ملاقات به ڪڏهن ڪانه وسرندي. 1974ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هئم، تڏهن پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو هو. تڏهن گڏجاڻيون فتاح ملڪ جي والس روڊ  واري آفيس ۾ ٿينديون هيون. منهنجي خوشبختي هئي، جو ان گڏجاڻيءَ جي صدارت تنوير عباسي ڪري رهيو هو، ۽ مون پنهنجي زندگيءَ جو پهريون غزل ”ديوي! دل ۾ يادون تنهنجون، من ۾ تنهنجي مورت آهي.“ ڌڙڪندڙ دل سان تنقيد لاءِ پيش ڪيو هو. سڀني موجوده دوستن کي غزل وڻيو هو ۽ تنوير ته پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ان کي ڏاڍو ساراهيو هو. چيو هئائين: ”لکندو رهجانءِ ۽ ملندو رهجانءِ“_ ۽ مون پنجويهن سالن تائين سندس چوڻ کي حڪم ڪري مڃيو آهي. پنهنجن وڏڙن اديبن ۽ شاعرن مان زندگيءَ جو طويل ترين عرصو مون تنوير جي صحبت ۾ رهندي ۽ سکندي گذاريو آهي. ساڻس گڏجي سفر ڪيا آهن، ڪچهريون ڪيون آهن، لکڻ ۽ جيئڻ سِکيو آهي، سچل چيئر ۾ سندس سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي _ هر تجربو ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه رهيو آهي. هن منهنجي هر انگل کي پنهنجي اولاد جيان مڃيو آهي. منهنجي پهرين ڪتاب ”سوچون سرها گل“ جو مهاڳ لکي، منهنجو هانءُ هماليه جيڏو ڪري ڇڏيائين ۽ هن وقت تائين منهنجي آخري ڪتاب ”دُک جي نه پڄاڻي آ“ تي، پنهنجي زندگيءَ جو طويل ۽ تفصيلي مهاڳ به لکيائين، جيڪو مون لاءِ ته اعزاز آهي ئي پر جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس طور هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي.

پنجويهن سالن جي رفاقت ڪا معمولي ڪانهي. اها هڪ دور جي تاريخ آهي. جڏهن تنوير جي وڇوڙي جي درد واري پلصراط ٽپي پار ڪندس، ته اها تاريخ ضرور لکندس. تنوير جا ٿورا ته لاهي نه سگهندس. ڳائيندس ضرور. مهينو کن اڳ دوست مهر خام جي تنوير تي لکنجندڙ ايم. فل جي ٿيسز لاءِ مختصر رايو لکيم هئم، جنهن جي ڪاپي سائين تنوير کي به ڏني هئم. پڙهي ڀاڪر پائي چمي ڏني هئائين. چيو هئائين: ”يار! تو ته مون کي شرمندو ڪري ڇڏيو آهي. مان اهڙو ڪٿي آهيان؟“ هو ڪهڙو هو ۽ ڪيڏو هو، ڪو منهنجيءَ دل کان پڇي ۽ انهن سڀني ٽهين جي اديبن ۽ شاعرن کان پڇي، جن ساڻس سال گذاريا آهن يا کانئس هڪ پل جو پيار پاتو آهي. دل چوي ٿي ته اهو لکيل ننڍڙو رايو / عقيدت جا گل وڏي عزت ۽ احترام سان تنوير جي عظمت ۽ محبت جي پيرن ۾ رکي ڇڏيان ۽ چوانس:

”ڪير چوي ٿو، اوهان اسان وٽ نه آهيو؟ اوهان سنڌ جي تاريخ ۽ اسان جي دلين ۾ سدائين زنده رهندؤ. پڪ ڄاڻو، اوهان پنهنجي ترجمو ڪيل ڪتاب جي نالي جهڙن مان _”جي ماريا نه موت.“

تنوير جي زندگيءَ ۾ لکيل رايو:

سائين تنوير عباسيءَ کي ڏسي، ساڻس ملي ۽ کيس پڙهي، شيخ اياز جي هڪ سِٽ ذهن تي چٽي ٿي بيهي ٿي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com