سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :18

حميد سنڌي                           (يادگيرين جو سفر)

 

تنوير _ ”عجيب فقير“

 

        يادگيرين جي انبار مان هيل نڪرڻ ڏاو ڏکيو ٿي پيو آهي!.... يادگيرين جا اِهي سلسلا هيل درد جا طويل سلسلا بڻجي ويا آهن!..... کير ٿر جبل جي اڻکٽ ٽڪرين ۽ چوٽين کي ڏسي ڪيئي دفعا سوچيم ته جيڪر اِهي چوٽيون، اهي ترايون، ٽپندو وڃي ڪنهن توڙ تائين پهچان!... هر سفر ۾ ڪڏهن ’مول‘ وٽ مُهڙ ۾ هجان ته ڪڏهن ’ڪرچات‘ وٽ پهچان!... ته چون ته هيءُ وچ ناهي. سڄو دادو ضلعو ٽپي ويس، پر اهو ئي پريت. نه جبل کي ڄاڻي سگهيس، نه ان جي سوڪهڙي کي ڏسي سندس ڪو درد پلئه پيو!

يادگيرين جو سفر به جبل جهاڳڻ آهي. ويچاري سسئي ته هڪ دفعي سان جبل جهاڳيندي، وڃي جبل ڀيڙي ٿي، ۽ پناهه به کيس جبل ڏني. اسين پل پل جبل جهاڳيون ٿا، اهي پل وري يادگيريون بڻجي سڄي حياتي سُک سمهڻ نٿا ڏين. ڪهڙي پاسي وڃجي...؟ ڪهڙو پاسو ورائي ننڊ ڪجي......؟ شايد تيستائين اهو وک وراڪو سمهڻ نه ڏيندو، جيستائين ماڻهو سِڌو سمهي ۽ زير زمين هليو وڃي. ائين دشتِ جنون وارو هيءُ سفر پورو ٿئي ۽ ’ون ايڪٽ پلي‘ جي ڊرامي جو ڊراپ سين ٿئي......!

هڪ ڪتاب مان ڄاڻ ملي هيم ته انگلينڊ جي ڪنهن شاعر “Albatross” پکي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو خوش قسمتيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. پکي ديو مالائي داستانن مان اُڏامي نڪري ٿو ۽ ڏکڻ قطب ۾ اُڏامندو رهي ٿو. هڪ دفعي مسافرن جي ڀريل ٻيڙيءَ جي سامهون نظر اچي ويو ۽ ملاحن هڻي اُنهيءَ پکيءَ کي ماري وڌو! سڀ مسافر ويچارا ڊڄي ويا ته ڪٿي آسماني قوتون ناراض ٿي کين سزا نه ڏين. سائين! پکي ته پکي هوندو آهي: “Albatross” هجي يا هُما، ڪوئل هجي يا بلبل، يا سوچ جو پکي _ آزاد هوائون سندن مَرُڪ ۽ خوراڪ، ڪير انهيءَ کان کٽي؟ اياز جڏهن لکيو:

عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي،

      ڪير انهي کان کٽي!

تڏهن ئي خبر پيم ته عشق به هڪ پکي آهي. ٿي سگهي ٿو ته “Albatross” اهو خوش قسمتيءَ وارو پکي هجي، جيڪو اڄ به اُڏامندو وتي ٿو ۽ جهڙپ ڏيو جهٽي وٺي! ڪنهن اڄ تائين انهيءَ کان کٽيو آهي؟

اهو عشق ڀلي پيچان هجي يا عشق تپان، ازلي هجي يا ابدي؛ هيءُ ڪائنات سان عشق، هيءُ ڌرتيءَ ۽ ان تي رهندڙ رهواسين سان عشق _ سڄي دنيا لاءِ پرڪشش عمل آهي، ته وري هينئن به آهي:

عشق جي راهن مٿي ڪاوا اُڀا،
تون نه هل، تنهنجو صبا جهڙو خرام؛
تون نه کل، جانِ بهاران! تون نه کِل،
هر طرف آهي گُلن جون قتلِ عام!

 

امداد حسيني انهيءَ ئي نظم ۾ اڳتي هلي چوي ٿو:

جيڪڏهن توکي ائين آهي قبول،
اچ ته زنجيرن جا نغما ڇيڙيون،
عشق جي راهن مٿان مُرڪي هلون،
راهه کي رنگين ڪريون جسم سان!

 

سمجهڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هيءُ عشق جو پکي نه ڪو ڏکڻ قطب ۾ رهي ٿو نه اتر قطب ۾. هيءُ هر دل جي اندر وَسي ٿو، ۽ جيڪو ان کي زندهه رکي ٿو اهو ئي دنيا جي هر جذبي کا آشنا آهي. هو خوش قسمتيءَ جي علامت بڻجي کيس دشتِ جنون مان به پار ڪرائي ٿو. شل هيءُ پکي “Albatross” يا ”هما“ وانگر ڪنهن جي مٿي تي وِهي ته سهين! ائين ڪيئي مفڪر، شاعر، اديب، ڏاها سَڌون ڪندا ويا، پر هيءُ پکي جي پل لاءِ آيو به هوندو ته پوءِ سوچ جي اُڏام کان مايوس ٿي ڪنهن ٻئي وٽ وڃي ويٺو هوندو. ائين ڪئين پکي انسان جي فڪر سان گڏ سرگردان رهيا هوندا. ڪٿي پرڙا کوهي ڦٿڪي مُئا به هوندا، ڪٿي ڪن کين کڻي سيني سان لاتو به هوندو. جن کڻي سيني لاتو اهي امر ٿي ويا. سندن ڪيئي خيال، ڪيئي فڪر، ڪيئي گيت اڄ به ڳائجن پيا _ ڄڻ اهو ئي پکي ٻولي پيو. سندن اکر اکر مان ڌرتيءَ سان عشق، ماڻهن سان پيار، حق سچ سان عشق ۽ حسن و جمال سان عشق جا ٻهه ٻهه ٻول ٻُرن ٿا. انهن انمول شاعرن ۽ مفڪرن اسان لاءِ عشق جا ڪيترا نه داستان ڇڏيا آهن. ڪن جا ڪن ورق ورايا پر ڪن ته مورڳو سندن ڪتاب ئي ٺپي ڇڏيا.

شاهه سائين جنهن روايت جو امين هو، اُها عشق جو اهو درجو هو، جت اچي دنگ ٿيو هو:

 سِر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناه،

هـــٿ ڪرايون آڱريون، وئا ڪــپجي ڪـــانہ،

وحـــدت جــي وهــــان، جـــي وئـــا ســـي وڍئا!

سچل عشق جي حد ڪڍي نروار ڪئي:

جي هجين عاشق ته برسر، مينهن محبت جو وساءِ،

ســاهه جــو ســانگـو ڪــرين تان پير هنِ پِڙ ۾ نه پاءِ.

مون ”آري اچين شال“ ۾ لکيو هو ته:

”...سرمد هجي يا شاهه عنايت هجي، لطيف هجي يا سچل، اهي وقت ۽ تاريخ جو اهڙو پڙاڏو آهن، جو اڄ به سندن فڪر کي وقت جي ضرورت سمجهي، سنڌ جو ماڻهو اُهو فڪر، اها سوچ پنهنجي ڪري اُها واٽ وٺڻ چاهي ٿو، جيڪا کين حق، سچ، پيار، محبت ۽ امن ڏانهن نِئي. سرمد، شاهه عنايت ۽ ٻين صوفين تي جيڪو ملڪ ۽ ماڻهن جو بار هو، ان کان وڌ لطيف تي پيو، جو هو انهيءَ دور تائين ڏاڍ، ڏمر، بدامني، قتل ۽ غارتگري ڏسندو رهيو. هو وڌيڪ باغي هو انهيءَ سماج کان، جيڪو ناانصافي، مذهبي مت ڀيد، ڪوڙ ۽ ڪپت تي بيٺل هو. هن آدم جي ڪهاڻي اصل ۾ سمجهي هئي، جتان شروعات ٿي هئي.

الف مؤن آدم ٿيو، ڪري هنگاما هُل،
هندو مومن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل،
خلق الاشيا فهو عينها ايهو آڻ عمل،
ٿج گلابي گل، مَر مارينئي منصور جيان.

 

ههڙي صوفي فڪر ۽ شاعري ته عجيب رنگ ڪري ڏيکاريا. انهيءَ روايت جي پوئواري ڪندي، خاص طرح سنڌي ادب جي ”جديد شاعري“ جو دور اچي ٿو. هن شاعري به کين ”سوريءَ سزاوار“ ٺهرايو، پر هو چوندا هئا:

تو وري حسن کي پهري ۾ لڪايو آهي،
تو وري عشق تي الزام لڳايو آهي؛
تو وري ظلم کي مهمان بنايو آهي،
تو وري زندهه ضميرن کي ستايو آهي!
 

 (شمشير الحيدري)

        جديد سنڌي شاعريءَ جا ڪيئي سرموڙ شاعر پنهنجي ڏات کي هر ويلي ڄاڻي حق ۽ سچ کي اُتم ڪيو ۽ سچ پچ ائين پئي لڳو ته هتي ته ڪيئي پيغمبر نڪري پيا هن سنڌ جي ذهني ۽ فڪري آجپي ۽ رهواسين جي ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿيڻ لاءِ. 1955ع کان پوءِ سنڌ سڄي ڀنڀٽ بڻجي پيئي! تنوير انهن پيغمبر _ شاعرن جي سٿ ۾ شامل هو. اياز، شمشير، نياز، گدائي، بردو، امداد، تاج بلوچ، قمر شهباز، فتاح، سرويچ، منشي، پروانو، استاد ۽ ٻيا ڪيئي ساڃهه وند ۽ بي باڪ وَتيا ٿي ڳلي ڳلي حق ۽ سچ جا گيت ڳائيندا، تنوير ڪنهن ويلي لکيو هو ته:

        ”...سچ ڪڏهن مارئي ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي ته ڪڏهن سسئي ٿي ڏونگر ٿو ڏاري. هر دور ۾’سچ‘ ۽ ’ڪوڙ‘ ٻه مختلف طاقتون هڪ ٻئي سان پئي ٽڪريون آهن ۽ هر ’وقت جي شاعر‘ سچ کي سهارو پئي ڏنو آهي....“

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙڪ اُگهان؟

هر ڪنهن جي اک آهي آلي!

اهـــڙي ڪــــابـــه نــــه دل ســنڀران،

جــيــڪا آ دردن کان خالـي!

هــرڪـو هانءُ چپيل چيڀاٽيل،

هــرڪو روح ٻُٽيل ٻوساٽيـل،

سُک جو نڪري سج ڪٿان؟

چئني پاسي آهي جهڙيالي!

(”روح رهاڻ“ سالنامو 1967ع)

انهيءَ شاعر جڏهن لکيو هو:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ

هرڪا دل درياهه، ٿو جنهن ۾ ڇوليون ماري پيار،

هرڪو سينو سمنڊ، تري ۾ جنهن جي ڪئي اسرار:

هرڪو مَن مکڻ جو چاڻو، هر چهرو آهي چانڊاڻ:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ!

(روح رهاڻ، آڪٽوبر 1963ع)

ته سنڌ سڄي ”هيرن جي کاڻ“ بڻجي پيئي هئي. ماڻهن جو هر ماڻهوءَ منجهه ويساهه ٻڌجي پيو ۽ سنڌ جي اندر ڏاڍ، ڏمر ۽ دٻاءُ واري ماحول ۾ ڄڻ ته ڏڌ مکڻ جون نديون وهي ويون. هن شاعر جون تمثيلون ئي عجيب هيون! هونئن ته ”تنوير“ عجيب هو ۽ عجيب ٿيڻ لاءِ سندس جتن جاري رهيا. پيار حاصل ڪرڻ لاءِ به سندس نظريو پنهنجو هو. ماٺيڻي ۽ سدوري ٻار جيان هڪ وڏو شاعر...! سندس هن نظم جو عنوان هيون ”جيڏو تنهنجو نانءُ.“

 

ڏس تـه ڪهڙو عجيـب فـــقــير آهــــيــان،
نه صـــدا ئـــي ڪـــيان، نــــه ســئن هڻان.
اوچتو بي سبب بنا مقصد،
اچي بيٺس مان تنهنجي در اڳيان
نه ئي جهولي جهليان ٿو مان پنهنجي،
۽ نٿو پانڌ تنهنجو ئي پڪڙيان،
بس رڳو چپ ڪري ۽ چپ ٻوٽي،
ٿو نماڻين اکين سان تو ڏي تڪيان،
نه صـــدا ئـــي ڪـــيان، نــــه ســئن هڻان.
ڏس تـه ڪهڙو عـجيب فــــقــير آهــــيــان،
بيهي سوچيان ٿو مون کي دان ملي،
اڻ ميو پيار تو وٽان پايان،
آس دل ۾ رکي وڏي آيس،
اڻ گهريو دان تو وٽان ملندو،
اڻ ميو پيار توکان پائيندس،
جي نه ڪجهه ملندو مون کي چپ چاپ،
واٽ پنهنجي وٺي هليو ويندس،
آس تو مان مگر ڪا ڪيئن لاهيان،
نه صـــدا ئـــي ڪـــيان، نــــه ســئن هڻان.
ڏس تـه ڪهڙو عجيب فــــقــير آهــــيــان،
(روح رهاڻ، اپريل 1960ع)

 

اسان جا اهي شاعر ايڏا ته نماڻا ۽ پيار جا سڪايل هيا جو سندن لهجي ۾ ڪٿي به Agreesiveness ڪانه هئي، سواءِ ڏک ۽ درد جي. ”نياز“ همايونيءَ جو هيءُ نظم ڏسو:

زندگي تو لاءِ ليلائي ٿي ٻاڏائي ٿي تڙپائيم ٿي،
تو سواءِ اي ساهه جا سينگار دنيا کي ٿي پئي ٺڪرائي دل.
تون ائين آئين پرين هن دل جي وستي ۾ ڪهي،
ڄڻ ته ويراني ۾ خوشبو ڄڻ خوشي تنهائي ۾.
مـــان ائــين الــمــست ٿي ويس پيار تنهنجي ۾ اَلا،
بـــوند جــيئن بــــرســات ۾، خــنــڪي جـــيئــن ســـرهــائـــي ۾.

 

زندگي بڻجي نه شل سسئي جا سور ۽ آس مومل جو ڏهاڳ،
پيار ڪرڻو آهه پر اُن جي نتيجي کان ٿي گهٻرائي دل.

 

(روح رهاڻ، جولاءِ 1960ع)

”تنوير“ انهيءَ پيار ۽ محبت جي جذبي کي ايترو سمجهيو ٿي، جو سندس هيءُ غزل ”روح رهاڻ“ (جون 1960ع) ۾ ڇپيندي لافاني لڳم:

سندس اندر جي اُڇل ته ڏسو ۽ انساني پيار ۽ محبت جي معراج کي ڏسو:

 

اسان کي نه ڳوليو، اسان کي نه ڳوليو،
اسان دور ناهيون، اسان دور ناهيون،
پراوا ته ناهيون اوهان جا ئي آهيون،
اسان ڏي نهاريو اسان کي سڃاڻو.
رڳو هيءَ خبر آ اوهان ۽ اسان کي،
هتي پيار ونڊڻ جي لاءِ آيا آهيون.

 

”تنوير“ جي سموري شاعريءَ ۾ چپي چپي تي ڪونه ڪو نياپو، ڪونه ڪو سنيهو (Message) موجود آهي:

 

بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين توکي،
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو!
تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو،
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو!
مهربان ته سڀ آهيو همزبان به ٿيو هاڻي،
دوستي جو حق يارو ائين ادا ڪيئن ٿيندو؟

 

”تنوير جو وڏي ۾ وڏو پيغام پراڻي پريت جي ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هو، جيڪو اڄ به موضوع جي لحاظ کان وزندار ۽ هينئن سان هنڊائڻ جهڙو آهي.

 

”هيءُ منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن.“

هيءَ رات جي راڻي، هو سوسن،
هي آهي گلاب ۽ هو سنبل،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،
هي تنهنجا گل، هو منهنجا گل.

 

پر تنهنجي باغ جي ڀت اُڪري،
خوشبو مون ڏانهن اچي هردم،
۽ منهنجي باغ جي خوشبو ڀي،
اُڏرڻ ۾ ٿي نه ڪري ويرم.

توکي ان ڳالهه تي چڙ ٿي اچي،
ڇو تنهنجي خوشبو مون ڏي اچي،
ڇو منهنجي خوشبو تو ڏي اچي.

 

هي باغ برابر منهنجو آ،
هُو باغ برابر تنهنجو آ،
سرهاڻ نه تنهنجي نڪو منهنجي،
خوشبو به ڪڏهن ٿي آ باندي.

پوءِ ڪاوڙ ۾ ڇو تون ۽ مان،
هڪ ٻئي جا گل ڇني اُڇليون،
هڪٻئي جا چمن برباد ڪريون.

تون منهنجي چمن کي باهه نه ڏي،
مان تنهنجي چمن کي باهه نه ڏيان،
هي گل آخر ڀي گل آهن،
۽ خوشبو آخر آ خوشبو.

گل تنهنجا توسان جال جُڙن،
گل منهنجا مون وٽ شال ٽڙن،
۽ شال سدا آباد رهي،
هي منهنجو چمن، هو تنهنجو چمن،

 

۽ شل خوشبو آزاد رهي،

۽ شل خوشبو آزاد رهي،

                (”جشن روح رهاڻ“، 1966ع ۾ پڙهيو ويو)

”تنوير“ جي شاعريءَ ۾ جيڪي به موڙ آهن، ڪٿ پيار ته ڪٿ ڏک جو اظهار، ڪٿ ڳوڙهن جي ڳالهه:

 

وقت جي اک مان ڳوڙهن وانگر،
ٽم ٽم ٽمندي گهڙي گهڙي!
ساهه ساهه ٿي ويندو آهه،
اندر کوري ۾ سڙي سڙي!

 

سنڌ اندر جيڪا انقلابي ڪيفيت پيدا ٿي، 4_ مارچ جهڙا واقعا ٿيا ۽ رڻ ٻري ويو ته حقن جي لاءِ آواز بلند ٿيا، لطيفي روايت جي پوئواري ۾ جت هو ته:

اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو!

 

ته ”اياز“ کُلئي عام چيو:

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هيا، هو مڙس هيا يا شينهن هيا،
جي تنهنجا وار سنواري ويا، جي تنهنجي سينڌ سجائي ويا.
ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان،ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
آ ٽم ٽم، ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا!

 

ته ڪيئي شاعر نڪري پيا، جن ساٿيءَ جو سڏ ورايو:

ڪاٿي آ ڪٽاري ڪاٿي آ وهُ جو وٽو؟
ڪونڌر ڪُسندا ڪات سان، سرڙو ڌارؤن ڌار،
ٻاروچا ٻيهار، سوريءَ ساري هليا!

 

(قمر شهباز)

منزل ڏي وڌندا ويندا اوندهه ۾ ٻاريندا لاٽ،
پيرن ۾ ٿيا ڦلڪڻا پر اکيون آليون، اوچو ڳاٽ!
 

(پروانو ڀٽي)

گُل گلابيءَ جهڙو گهاءُ،
ساڳيو دشمن، ساڳيو واءُ؛
پنهنجو خون کٿوريءَ جهڙو،
جيئن چُنيءَ تي چٽ چِٽاءُ!

 

         (فتاح ملڪ)

سنڌڙي ديس جي ڳڀروئن تي،
هاڻ سانوڻ جا مهينا هوندا،
تنهنجي بندوق مان گولي جي ڇُٽي
سامهون ڪيترا سينا هوندا!

 

(امداد حسيني)

جيڪي سِر سهسائيندا، سي سوڀارا ٿيندا!
جيڪي ڪنڌ ڪپائيندا، سي موچارا ٿيندا!

 

”تنوير“ جو ”سُر ڪيڏارو“ انهيءَ تسلسل جو گونجندڙ آواز هو.

منهنجو پٽ اُهو جنهن جي ڇاتيءَ ۾ ڇُرا،
گهايل ناهي جو، مون کي ماءُ نه سڏي سو،
ٿڃ نه بخشيان اُن کي جيڪو ڪين وڙهيو،
رنگ جنهن جو ريٽو، ماءُ اُنهيءَ جي آهيان!
ڳڀرو ڳاڙها جوان، رَتَ سان ڳاڙهو بُت سڄو،
نظر نظر ڄڻ تير آ، ڀروون ڄڻ ته ڪمان.

 

(روح رهاڻ، آگسٽ 1967ع)

”ڪيڏاري جا بيت ”تنوير“ جي نوجوان نسل لاءِ اڻ ميي پيار جو ثبوت ته آهن، پر سندس رخُ هاڻي مزاحمتي (Agressive) آهي پوري ڏاڍ ۽ ڏمر جي مانڊاڻ جي خلاف، پر ڪنهن Message سان.

نياز همايوني انهن ڪيفيتن کي ڏسي ”تنوير“ جي شاعريءَ بابت لکيو هو ته:

”... دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ اُن ڪتاب جيان آهي، جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي. مان يار جي خوشين ڀري زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هيءُ شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي، ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي تصور ڪئي ويندي آهي...“

”تنوير“ انهيءَ ڳالهه جو مثبت جواب ڪبير ڀڳت جي هن وائيءَ سان ڏنو آهي جيڪا هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مُهڙ ۾ ڏني آهي:

”ايسي باني بوليئي من ڪا آپا کوءِ،
اپنا من سيتل هوئي، اورون ڪو سک هوءِ.

 

مون جڏهن هيٺيون فارسي شعر پڙهيو ته ڳالهه اڃان به چٽي ٿي بيهي رهي:

راه زي ديده وران پرس که گرم روي،

جاده چون نبض تپان درتن سحرا بنيند!

(ازل جو آواز منهنجي چپن تي آيو ۽ ماڻهن منهنجي زبان تي مهرون هنيون. پوءِ منهنجا ڳوڙها ڳالهائڻ لڳا.)

مون هن ”عجيب فقير“ سان ورهين جا ورهيه گذاريا. هن نه صدائي ڪئي، نه سَئن هنئي. هو اهڙي عشق ۾ مبتلا هو، جنهن جو پتو ئي نه پئي پيو. هو اهو ئي اڏول جبل هو، جنهن جو منڍ پڇاڙي ڳوليندي ورهيه ٿيا. ٿي سگهي ٿو ته هو هڪ بحربيڪران وانگر هجي ۽ وارو وڄائي ويو هجي. بس جي هن هر وٿ سان عشق ڪيو ته اچو ته اسين به سندس ڪيئي سنيها ڏيندڙ اَمُلهه شاعري ۽ تحريرن سان عشق ڪيون، جو سندس هر ويلي اها تمنا هئي ته هن کي به چاهيو وڃي پربي غرض، بي لوث ۽ اُن جي ظاهري دعويٰ ڪير نه ڪري. ”تنوير“ سڀني جو آ ۽ سڀني جو رهندو.

آيل اُن نه وسهان هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ سي سارين،نڪي رون نه چون ڪي.
(شاهه)

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com