تنوير هڪ ڏينهن مون سان ڪچهري ڪندي، پنهنجن ڪن دوستن جي شڪايت
ڪئي ته ڪيئن هنن سندن ڪنهن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾،
ڄاڻي واڻي، ورهين جا ورهيه رنڊڪون وڌيون هيون.
ائين ڳالهيون ڪندي، هڪ عجيب
Observation
ڪيائين، جنهن مان پڌرو هو، ته عام ماڻهن ڏانهن
محبت وارو عمومي رويو رکڻ جي باوجود، کيس به دوستن
ڪيڏو نه مايوس ڪيو هو! پر، ڪي دوست پڇاڙيءَ تائين
ساڻس سچا رهيا. انهن مڙني ۾ رشيد ڀٽي سرِ فهرست
هو.
ڀٽي به اسان واريءَ ٽهيءَ ۾ هو. سنه 52_1953ع ۾، ڪراچيءَ جي سنڌ
مسلم ڪاليج ۾ آرٽس ۾ داخلا ورتي هئائين. رهندو سنڌ
مدرسي واري هاسٽل ۾ هو. مان ڪراچيءَ آيس ته سنڌيءَ
ادبي سنگت جي هفتيوار ڪچهرين ۾ اتي ويندو هئس، جن
جو انتظام مرحوم احسان بدوي ڪندو هو، جو ايس. ايم.
ڪاليج ۾ ليڪچرر هوندو هو ۽ رهندو سنڌ مدرسي جي
هاسٽل ۾ هو.
رشيد ڀٽيءَ سان منهنجو تعارف اُتي ۽ ائين ٿيو. ملڻ سان تاثر اهو
ويٺو ته معصوم آهي. ستت، اسان جي واقفيت دوستيءَ ۾
تبديل ٿي ويئي. تنوير ڪراچيءَ آيو ته مون سندن
ملاقات ڪرائي. ستت، ٻيئي ڄڻا گهرا دوست ٿي ويا.
ڀٽيءَ جي والد صاحب کي ’مولوي صاحب‘ ڪوٺيندا هئا. ڀٽيءَ جو ڪو
سوٽ ماسات، ماستر هوندو هو، جنهن جا ڏند اڇاترا
هوندا هئا، سو نياز همايوني کيس ”ٽيٿر“
(Teether)
ڪوٺيندو هو. هڪ ڏينهن ماستر صاحب سَڙان کامان
ڪندو، اچي ڪراچيءَ نڪتو. چيائين ته مولوي صاحب
ڀٽيءَ تي اهڙو ڪاوڙيو آهي، جو ملڪيت مان ’ري دعوا‘
ڪندس. سو، ڀٽي، هينئر جو هينئر، سکر هلي. انهيءَ
ايمرجنسيءَ ۾ ڀٽي سکر هليو ويو. تعليم ڪيئن ۽ ڪٿي
پوري ڪيائين ۽ وڪالت ڪڏهن شروع ڪيائين، سو، پوريءَ
طرح ياد ڪونهيم.
البت، ايترو ياد اٿم، ته پاڻ ڪنهن زماني ۾ مقبول صديقيءَ سان گڏ
سکر ميونسپالٽيءَ ۾ ڪلارڪ هوندو هو. ٻنهي جون شيخ
عبدالرزاق ”راز“ تي باهيون هونديون هيون، جو انهن
ڏينهن ۾ ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر هوندو هو. کين
ٻين شڪايتن سان گڏ، ساڻس هڪ شڪايت اها به هئي ته
سخت ڪنجوس آهي، سو کيس شائلاڪ (نمبر 2) جو لقب ڏنو
هئائون. شائلاڪ (نمبر 1) اياز کي ڪوٺيندا هئا.
مان ته جڏهن به سکر ويندو هئس ته شيخ عبدالرزاق پر تڪلف دعوت
ڪندو هو، جنهن ۾ تنوير، رشيد ڀٽي، مقبول صديقي، ۽
ٻيا ٻه _ ٽي دوست مدعو هوندا هئا. ساڳيءَ طرح،
اياز به منهنجي ۽ سائين جويي صاحب جي ته تمام وڏي
خدمت ڪندو هو. گهر ۾ ٽڪائيندو هو. سيارو هوندو هو،
ته بعضي، صبح سان، ڊگهيءَ ڏاڪڻ تان، گرم پاڻيءَ جي
بالٽيءَ پاڻ مٿي کڻي ايندو هو. کاڌي پيتي جو اهڙو
اهتمام ڪندو هو، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهو اياز
ئي ٻيو هو.
البت، رشيد ڀٽيءَ کي ساڻس شڪايت لاءِ واجبي سبب هو. هڪ دفعي مان
سکر ويس ۽ اياز وٽ ٽڪيس. سانجهيءَ جو سندس آفيس
مان ٻاهر نڪتاسين، اياز، ڀٽي، ۽ مان ڪار ۾
ويٺاسين. جڏهن ڪار ڪلب وٽ پهتي، ته اياز ڀٽيءَ کي
چيو:
O.k, Bhatti. Shalwar Qameez not allowed.
ڀٽيءَ کي ان مهل شلوار قميص پيل هئي. مون کي خبر ڪانهي ته شلوار
قميص ۾ ماڻهو ڪلب ۾ وڃي سگهندو هو، يا سوٽ ڪوٽ
ضروري هو. ڀٽي خار کائي، ڪار مان لٿو. مون کي به
ڏاڍو ڏک ٿيو. مانيءَ جي گرهه يا شربت جي گلاس ڪري
ماڻهو سنگت ساٿ کان محروم رهي، ان ۾ ڪهڙي خوشيءَ
جي ڳالهه آهي. پر، ڪڇي ڪونه سگهيس. البت، اهو
سمجهه ۾ آيم، ته ڀٽيءَ ۽ مقبول صديقيءَ، اياز کي
شائلاڪ نمب 1 جو لقب ڇو ڏنو هو.
تنوير ۽ ڀٽيءَ جي سنگت ساٿ ۾ مون کي هڪ به اهڙو واقعو ڪونه ٿو
سجهي، جو هو هڪٻئي کان رنج ٿيا هجن. جيئن وقت
گذرندو ويو، تيئن سندن قرب وڌندو ويو. تنوير ڪيترا
دفعا، مون سان پرپٺ، ڀٽيءَ جي اخلاق جي ڏاڍي نيڪي
ڪئي. هڪ سکر رهندو هو ۽ ٻيو خيرپور. پر ملندا روز
هئا. ڀٽي سکر ۾ جاگيراڻي محلي ۾ رهندو هو. ڳالهه
ڪيائين ته هڪ ڏينهن ڪورٽ پئي ويس، ته هڪ مائيءَ چڙ
سان اچي چيو ته ”ادا ڀٽي، اهو ڪير آ، جو روزانو
اڃا شام مس ٿئي ٿي، ته اڇا لٽا پائي، موٽري کنيو،
پَمپَ وڄائيندو، سڌو تو وٽ ٿو اچي.“
تنوير ڳالهه ٻڌي، کلي ڏنو. پمپ واريءَ ڳالهه تي ڀٽيءَ ۽ مون کي
ٻڌايائين ته ”هڪ دفعي نو لکي واهه جي ڪڙ ڏئي پئي
ويس. گرميءَ جي مند هئي. مينهون پاڻيءَ ۾ تڙڳي
تڙڳي سِنجهين جي ٿڌيءَ گهاٽيءَ ڇانو ۾، ڪئنال پاٿ
تي اچي ويٺيون هيون. سو، اڳتي لنگهڻ جو رستو ئي
ڪونه هو. ميهار هڪ ڇوڪرو هو، جنهن کي چيم ته
”اٿارين ته مان اڳتي وڃان.“ هن گهڻيئي ڪوشش ڪئي،
پر، مينهون اٿن ڇو ٿيون! انهيءَ صورت ۾، ميهار
ڇوڪري کي اوچتو هڪ
Brillient Idea
آيو. کيس هارن لفظ ته ڪونه پئي سجهيو، سو، ڪار ڏي
اشارو ڪري چيائين ته، ”سائين، دانهن ڪرائينس.
دانهن ڪرائينس، ته مينهون ڇرڪ ڀري اٿنديون.“
تنوير ۽ ڀٽيءَ ۾ گهڻيون ڳالهيون هڪجهڙيون هيون: ٻيئي محب وطن
هئا، ٻيئي غريبن جا همدرد هئا، ٻئي خيالن ۾
Progressive
هئا، ڀٽي تنوير کان وڌيڪ
Leftist
هو. ٻنهي کي ملن واريءَ مذهبي تنگ نظريءَ توڙي
ترقي پسند ڪامريڊن واريءَ پاڻ کي ’عقل ڪل‘ سمجهڻ
واريءَ ذهنيت کان بڇان ايندي هئي. هونئن ٻيئي ڄڻا،
ٻئي جي عزت ڪرڻ وارا، انتهائي اشراف، يار ويس،
مهمان نواز ۽ دل جا کليل هئا، اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر
۾ ٻي يعني منافقت واريءَ پاليسيءَ کي رڳو زباني
طرح نه پر عملي طرح ننديندا هئا. ڀٽي دشمن کي معاف
ڪرڻ وارو نه هو، پر، تنوير دشمن کي به درگذر ڪندو
هو. تنوير ڀٽي کي بَگنُ ڪوٺيندو هو. اهو ڀٽيءَ جي
گهر جو
Nick-Name
هو.
ڀٽي ذيابيطس جو مريض هو. اهڙي ماڻهوءَ کي مٺيءَ شيءِ کان پرهيز
ڪرڻ گهرجي. پر، ڀٽي ماکي به کائيندو هو. مون وٽ
ڳوٺان خالص ماکي ايندي هئي. ڀٽي وڏي شوق سان سکر
کڻي ويندو هو. تنوير ٽوڪيندو هئس. ”مرندين!
مرندين! پر، ڀٽي ڪونه مڙندو هو. چوندو هو ته تنوير
جي تڙي ماکيءَ کان به مٺي آهي.
مينهن وسڻ کان پوءِ هوا مان مٽيءَ جي عَجَبُ خوشبوءِ ايندي آهي.
صندل جي سرهاڻ به مشهور آهي. رات جي راڻيءَ جي مهڪ
ته ڇا چئجي! مُشڪ ته خير مشڪ آهي، پر انسان جي
اخلاص کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪابه سرهاڻ ڪانهي. هِتِ
اخلاص مان منهنجي مراد لحاظُ
(Grace)
آهي. مان ورهين جا ورهيه علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ
جي قدمن ۾ ويٺو آهيان. هن ئي مون کي اهو سبق ڏنو
هو ته انساني تهذيب ۽ تمدن جو روح آهي ”لحاظ“(GRACE)
الله سائينءَ، تنوير ۽ ڀٽيءَ،
ٻنهي کي انهيءَ نعمت سان نوازيو هو. منهجهن ڪو
لحاظ هو: پاءُ ۽ سير نه، مڻن جا مَڻ!
سندريءَ به اها ڳالهه نوٽ ڪئي. سنه 1963ع ۾، هندستان مان ٻه
سنڌي اديب، اُتم ۽ سندس گهر واري، سُندري، سنڌ
گهمڻ آيا. اياز، تنوير، ڀٽيءَ، جمال رند، حميد
سنڌيءَ ۽ مون ساڻن چڱو وقت گڏ گذاريو. ڪراچيءَ ۾
حسين شاهه کين پنهنجي والد پير علي محمد راشديءَ
جي بنگلي تي ٽڪايو ۽ حيدرآباد ۾ حميد سنڌيءَ، بيگم
زينت چنا جي رهائشگاهه تي. سکر ۾ ٻئي ڄڻا، اياز جي
ڪئينس روڊ واري گهر ۾ ٽڪيا. هر هنڌ سندن مانَ ۾
دعوتون ٿيون.
جڏهن سنڌ جو دورو پورو ڪري، واپس وڃي رهيا هئا، تڏهن سنڌي اديبن
جو چڱو هجوم، کين روهڙي ريلوائي اسٽيشن تي الوداع
چوڻ ويو. هو اتان لاهور وڃڻا هئا. سنڌ ۾ رهائش
دوران ٻئي ڄڻا مون سان حجائتا ٿي ويا هئا. سندريءَ
جو ڪوبه ڪم هوندو هو، ته بنا حجاب جي چوندي هئي.
روهڙي پليٽ فارم تي اسان ڏهه پندرهن منٽ بيٺاسين،
ته گاڏيءَ به پري کان منهن ڪڍيو، ڌڌڪا ڪندي، پليٽ
فارم تي پهتي. قُلين سامان کنيو، ته سندري مون کي
ٻانهن کان جهلي، هجوم کان ڪجهه پرڀرو وٺي وئي، ۽
آهستي چيائين:
”رباني، ڪي ماڻهو ننڍا آرٽسٽ پر وڏا انسان هوندا آهن.
۽ ڪـي مــاڻــهو وڏا آرٽسٽ، پــــر ننڍا انسان هوندا آهن.“
سندريءَ جو پيغام پڌرو پيو هو. مون دل ئي دل ۾ کيس سندس ذهانت
تي داد ڏنو. اسان ڪل پنج ست ڄڻا مس هونداسين، جيڪي
سنڌ ۾ سندن ميزبان هئاسين. هن موڪلائڻ مهل جن
دوستن کي تحسين ڏني، تن ۾ تنوير ۽ ڀٽي ٻئي شامل
هئا.
* * * *
ڀٽيءَ ۽ شوڪت وانگر، تنوير جو مون سان به وڏو قرب هو. هڪ اڌ
مثال ڏيان ٿو. هڪ دفعي، حيدرآباد ۾ گڙدي جي تڪليف
ٿيم. ڊاڪٽر ڪريم عباسي، لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ دل
جو ماهر آهي. منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي. ميمڻ
اسپتال ۾ داخل ڪيائين ۽ علاج ڪيائين. ٺيڪ ٿيس. گهر
آيس، ته وري تڪليف ٿي. تنوير کي خيرپور فون ڪيم.
ان مهل، رات جا ٽي وڄي رهيا هئا. چيائين ته ’صبح
جو يارهين بجي تو وٽ پهچي ويندس.‘ بعد ۾ خيرپور ۾
سندس اسپتال جي آيا ٻڌايم ته ابا تنهنجي فون آيس
ته اکين مان ننڊ اڏامي ويس. چوڻ لڳو ته ’ماسي دعا
ڪر. منهنجو ڀاءُ چاق ڪونهي. وڏيءَ فجر جو توڏي
آيو.‘
مون کي ياد آهي ته ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ ٽڪيو پيو هو. سڄو ڏينهن
ته ڪاڏي ڪونه ويندو هو. پر، رات جو به جيسين مون
کي ننڊ اچي، تيسين پاسي ۾ ڪرسي وجهي ويٺو هوندو
هو. اسلام آباد ۾ به اهڙو ڪو صحت جو مسئلو ٿيو، ته
اتي به پهتو. چاق ٿيس، ته بيماريءَ جي ڪري، ڪجهه
ڏينهن ضعيف هئس، سو، ٻانهن کان وٺي، مون کي پنڌ
ڪرائيندو هو.
مون کي ڪهڙي خبر ته مان اسلام آباد مان موٽي سنڌ ۾ ايندس، ته
پاڻ سنڌ ڇڏي، اسلام آباد ويندو، ۽ اتي هميشه لاءِ
قبر جي لحد ۾ ليٽي پوندو!
همه ياران بهشت:
دراصل، تنوير حقيقي خوشي ۽ لُطف سنگت ساٿ ۾ محسوس ڪندو
هو. يارُ باشُ ماڻهو هو. مجلسي مزاج جو هو. فقط هڪ
مثال ڏيان ٿو.
مان پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ ملازم هئس. هڪ نه ٻئي
سال ملڪ جي مڙني ٻولين جي اديبن جو وفد چين جي
دوري تي موڪليندو هئس. لاهور جو هڪ نامور اردو
اديب آهي، جنهن جو نالو ٻڌي، ڪي سنڌي اديب بيهوش
ٿي ويندا آهن. مٿن سندس اڌو گابري عِلم جي اهڙي ڪا
دهشت طاري آهي، جا فقط ’صورا سرافيل‘ ٻڌڻ سان ختم
ٿيندي. مون سان واقفيت هئس، سو، هڪ سال منهنجا
ڪَنَ کائي ويو، ته ڪيئن به ڪري، مون کي چين گهمڻ
موڪليو. مون کيس گهڻو ئي سمجهايو، ته هي وفد ٻن
ملڪن جي وچ ۾ هڪ سرڪاري معاهدي موجب وڃي ٿو. وفد
اڳيئي ٺهي ويو آهي. مٿان وفاقي حڪومت وٽان منظور
ٿي آيو آهي. چيني سفارتخاني پڻ وفد جا نالا
پنهنجيءَ سرڪار کي موڪلي ڇڏيا آهن. ٻئي سال وفد ۾
اوهان جو نالو شامل ڪندس. پر، مٿس ڪوبه اثر ڪونه
ٿيو. ڀَٽَ فقيرَ وانگر، صبح شام، منهنجي در تي
بيٺو هو. جڏهن ڏاڍو ڪڪ ٿيس، ته لاچار چيني ڪلچرل
قائونصلر وٽ لنگهي ويس. مسٽر يانگ ينگلن سٺو دوست
هو ۽ مڙس ماڻهو هو. چيائين ته، ”حاضر، تنهن جو حڪم
اکين تي. ليٽر موڪل، مان سڄو بندوبست ڪريان ٿو.“
نامور اردو اديب اجهو ائين چين گهمي آيو. جڏهن
واپس موٽي آيو، ته پوءِ مون کي ڪو ٿورو گهڻو مَسَ
سڃاڻندو هو!
ٻئي دفعي ادبي وفد چين وڃڻ وارو هو، ته تنوير اسلام آباد ۾، مون
وٽ آفيس ۾ ويٺو هو. مون کي چيائين ته، ”ڇڏ انهيءَ
فائيل کي. اٿ ته ڪنهن دوست سان ملي اچون.“ مون چيو
ته ”بس، پنچ منٽ ترس. هي فائيل هينئر ئي ڪڍڻو اٿم.
اديبن جو وفد چينِ وڃي رهيو آهي. ان باري ۾ صلاح
سباب به ڏي. مون هن ٻوليءَ مان هي اديب شاعر
چونڊيو آهي. سنڌي اديبن شاعرن مان تنهنجو نالو
لکان؟“
چيائين ته، ”تون هلندين؟“
مون چيو ته، تنوير، مان ٻه دفعا چين گهمي آيو آهيان. هڪ دفعو
پاڪستان سرڪار پاڻ چونڊيو هو. ٻيو دفعو سائين غلام
مصطفيٰ شاهه کي وفد جي اڳواڻي ڪرڻي هئي، پر قومي
اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر سرڪار تي بي اعتماديءَ جي رٿ
آڻي رهي هئي، سو وزير اعظم کيس موڪل ڪانه ڏني.
سائينءَ وري مون تي بار رکيو، ته ’تون منهنجي
پاران وڃي وفد کي چين گهمائي اچ.‘ هن صورت ۾ هاڻي
منهنجو ٽيون ڀيرو به وڃڻ ٺهي نٿو. چين ڏسڻ وٽان
آهي. تون وڃي ڏسي اچ.
چيائين ته، ”نه. شرط آهي، ته تون به هلندي. نه ته مان اڪيلو وڃي
ڇا ڪندس؟“
مون کيس گهڻيئي سمجهايو ته من ”هائو“ ڪري. پر، سندس ”نه“ کي نوَ
ڪوٽ هئا. هاڻي ڀانيان ٿو، ته هڪ طرح سان هو صحيح
هو. ماڻهو سنگت ساٿ سان گڏ جيڪو سير سفر ڪري ٿو،
تنهن ۾ ڏاڍو لطف اچي ٿو. نوان نوان هنڌ، ماڳَ، ۽
شهر ۽ ڏسڻ ۾ هونئن به فرحت ايندي آهي. نوان نوان
ملڪ ڏسڻ ته وڏي خوشنصيبي آهي. پر، انسان جي دل کي
جيڪا حقيقي خوشي ۽ راحت اچي ٿي، سا ٻئي انسان جي
ساٿ سَنگت ۽ قرب مان. تنوير کي انهيءَ حقيقت جو
پورو پورو احساس هو. اها به خبر هئس ته ڏاهن ائين
ڇو چيو آهي ته، ”همه ياران بهشت“.
* * * * |