سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :24

محمد امين بلوچ

 

جوڳي جيڪس ويا جبروت

 

        مون کي ياد اچي رهيو آهي ته اهو شايد سال 1955ع يا ان کان پوءِ وارو زمانو هو. انهن ڏينهن ۾ ون يونٽ جُڙي چڪو هو، جنهن لاءِ سنڌ جي عوام ۾ سخت غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل هئي. پڙهيل لکيل نوجوان طبقي، خاص ڪري يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۾ تمام گهڻو جوش هو ته ان سان گڏ اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن پنهنجن لکڻين ذريعي سنڌ جي عوام کي بيدار ڪرڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪارڪردگي عروج تي هئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن مرڪزي شهرن کان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ان دور جي سنگت جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان گڏ پڙهيل لکيل عوام، اديب، ليکڪ، شاعر ۽ شاگرد طبقو گهڻي تعداد ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اهڙيءَ طرح ان جو لازمي اثر اسان ٻنهي ڀائرن يعني مون ۽ محمد دائود بلوچ تي به پيو ۽ اسان جي دل ۾ به سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ بي پناهه محبت پيدا ٿي.

انهن ڏينهن ۾ آءُ ايڇ. ايم. خوجا واري ڊي. سي. هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ تعليم پرائي رهيو هوس ۽ منهنجي عمر 15 يا 16 سال هئي ۽ منهنجو ڀاءُ ان وقت استاد جي حيثيت ۾ ملازمت ڪري رهيو هو، ۽ جڏهن وئڪيشنون يا ٻيون موڪلون ٿينديون هيون ته ڳوٺ ۾ اسان جو ون يونٽ ۽ ان تي لکيل اديبن ۽ شاعرن جي لکڻين تي بحث ٿيندو هو. ان وقت سنڌي رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب منهنجو ڀاءُ خريد ڪندو هو ۽ انهن ۾ ڇپيل مواد پڙهي وڌيڪ اُتساهه پيدا ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح ڪجهه عرصي بعد منهنجي ڀاءُ انهن رسالن ڏانهن پنهنجون لکڻيون موڪليون. شروعاتي دور ۾ ڪجهه شاعري به ڪيائين، ۽ شاعريءَ ۾ سندس اُستاد ڊاڪٽر تنوير عباسي هو، جنهن سان هن جي خط و ڪتابت پهرين ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۽ ان بعد ايل. ايم. سي حيدرآباد ۾ ٿيندي رهندي هئي، جتي هو پڙهي رهيو هو. ان خط و ڪتابت دوران هن هڪڙو نظم درستي لاءِ ”عهد“ جي عنوان سان ڊاڪٽر تنوير کي موڪليو هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ روزنامه ”هلال پاڪستان“ اخبار حيدرآباد جي ”ماهوار ايڊيشن“ ۾ شايع به ٿيو هو.

مون کي اهو به ياد اچي رهيو آهي ته سنگت طرفان هڪ گڏجاڻي نوابشاهه شهر ۾ ڊي. سي. هاءِ اسڪول ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪاروباري ۽ تنظيمي مسئلن کان سواءِ مشاعرو ۽ ادبي محفل ٿي هئي. اسان انهن ڏينهن ۾ سنگت جي گڏجاڻين ۽ ون يونٽ خلاف ٿيندڙ جلسن ۽ جلوسن ۾ نه صرف پاڻ شريڪ ٿيندا هئاسين، پر پنهنجن يارن دوستن کي به انهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آماده ڪري وٺي ويندا هئاسين.

ان وقت سڄي سنڌ مان آيل شاعرن ۽ اديبن جا جيڪي نالا اسان ٻڌا هئاسين، ٻين کي ته ڪونه سڃاڻندا هئاسين، مگر ڊاڪٽر تنوير عباسي، شمشير الحيدري، مقبول ڀٽي، ابن حيات پنهور کي سڃاڻي سگهياسين، جن جا نالا اڳ ٻڌل هئا ۽ انهن سان ملاقات به ٿي هئي.

ان ادبي گڏجاڻي ۾ ڪافي اديب، شاعر شاگرد ۽ ٻيا باذوق ماڻهو ويٺا هئا ۽ نوابشاهه شهر مان انهن ڏينهن ۾ نڪرندڙ ماهوار رسالي ”ادا“ جي ادارت سان وابسته معصوم هالائي، جيڪو هال ۾ گهٽ ۽ ٻاهر گهڻو هلي رهيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر تنوير عباسي اندر هال ۾ ويهڻ لاءِ تلقين ڪري رهيو هو ته ”معصومڙا، اندر ويهه، ٻاهر ڇو پيو هلين؟“

انهن ڏينهن ۾ مقبول ڀٽي حيدرآباد ۾ سنگت جي حوالي سان وڏو اثر رکندو هو ۽ سکر شهر ۾ وري رشيد ڀٽيءَ جو گهڻو اثر هو. مقبول ڀٽي جو سنڌ جي مرڪزي شهر حيدرآباد ۾ رهائش سبب ۽ سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر جي حيثيت ۾ هئڻ سبب اديبن ۽ شاعرن ۾ پنهنجو هڪ وڏو حلقو هو. مقبول ڀٽي نهايت مٺو ۽ پيارو ماڻهو هو ۽ ان کان علاوه باغ بهار شخصيت جو مالڪ هو ۽ ڪچهرين ۾ هن جا ٻَڌا ٽهڪ پيا گونجندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي سندس ”سنڌي ڪتاب گهر“ به تمام مشهور هو، جيڪو هند ۽ سنڌ ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو وڏو مرڪز هو، جتي اڪثر ڪري مقبول ڀٽي شام جو اچي ويهندو هو، ۽ ادبي حلقن سان ڪچهري به ڪندو هو.

سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي ديده زيب ڇپائي ۽ معياري گيٽ اپ جي لحاظ کان به مقبول مشهور ٿيو هو. ان ڏينهن ۾ محترمه بيگم زينت عبدالله چنا جي رسالي ”مارئي“ جي ڇپائي به اتي ٿيندي هئي، جنهن جي معيار توڙي مواد جي نگراني مقبول ڀٽي جي حوالي هئي. ”مارئي“ رسالي جو اهو پهريون دور نهايت ”سونهري“ دور هو. اسان جڏهن به حيدرآباد ايندا هئاسين ته سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ مقبول ڀٽي سان ضرور ملندا هئاسين. ”مارئي“ رسالي جي پڙهندڙن جي علمي خطن ۾ هڪ ڀيري منهنجو ۽ محمد دائود جو خط پڻ ڇپيو هو. ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ مهم جي سلسلي ۾ سنڌي عوام جي ڪيل صحيحن وارو ”اسڪرول“ به مقبول ڀٽي وٽ هو، جنهن لاءِ اسان پنهنجن ڳوٺن مان صحيحون ورتيون هيون. آءُ يادگيرين جي لهرن وسيلي الائجي ڪيڏانهن هليو ويو آهيان ۽ وري ساڳي جاءِ نوابشاهه تي ٿو اچان.

اُنهن ڏينهن ۾ ابن حيات پنهور جو هڪ نظم ”سنڌ جا سوداگر“، جيڪو ”ون يونٽ“ واري هاڃي جي ردعمل ۾ لکيو ويو هو، عوام ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. نوابشاهه ۾ سنڏي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ابن حيات پنهور کان اها فرمائش ڪئي وئي هئي ته پنهنجو لکيل نظم ”سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار!“ پڙهي ٻڌائي، جنهن تي ابن حيات پنهور تمام سهڻي نموني سان اهو نظم ٻڌايو ۽ ان بعد وري هال جي فرمائش تي هن اهو نظم دوباره ٻڌايو. مٿي ڄاڻايل تفصيل مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر تنوير سان اسان ٻنهي ڀائرن جي سڃاڻپ ان وقت کان وٺي هئي.

مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي آءُ حيدرآباد هليو آيس. نوڪري جي لحاظ کان هيڏانهن هوڏانهن درخواستون موڪليون ويون. ٿڌين هوائن واري هن تاريخي شهر حيدرآباد ۾ رهڻ جي وڏي خواهش هئي، جيئن صبح جو نوڪري ڪرڻ بعد شام جو ڪاليج ۾ پڙهائي جاري رکي سگهجي. قدرت اها ٿي جو نوڪري سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ملي ويئي، مگر شعبي جي لحاظ سان اڪائونٽس سان واسطو پيو ۽ اڃان تائين انهيءَ ۾ مشغول آهيان. ٻن ٽن سالن جي عرصي بعد سنڌي ادبي بورڊ جي مرڪزي آفيس ڪراچيءَ مان حيدرآباد شفٽ ٿي آئي هئي. محترم غلام رباني آگرو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري هو، ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ٽنڊي آغا ۾ رهندا هئا ۽ آءُ ۽ منهنجو ڀاءُ دائود بلوچ ٽنڊي مير محمود (پراڻو پاور هائوس) ۾ رهندا هئاسين.

ڊاڪٽر تنوير عباسي انهن ڏينهن ۾ ڦليلي جي نزديڪ نور محل سئنيما جي سامهون دواخانو کوليو هو. پهرين اڪيلي سر مريضن کي منهن ڏيندو هو، ان بعد ڊاڪٽر قمر ليڊي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ساڻس شامل ٿي جيڪا ڊاڪٽر تنوير جي وني هئي. بهرحال، اهڙيءَ طرح ڪڏهن دوا درمل ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي سانگي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي چاقائيءَ جي سلسلي ۾ اسان جي رهائش تي وزٽ ڪرڻ به ايندو هو.

ائين ڪجهه وقت گذريو ۽ ان بعد خبر پيئي ته ڊاڪٽر تنوير خيرپور شفت ٿي ويو آهي، جتي ٻنهي گڏجي دواخانو کوليو آهي. جنهن بعد هو مستقل اتي رهڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد اچڻ تي رباني صاحب سان بورڊ ۾ ملڻ ايندو هو ته منهنجي به دعا سلام ٿيندي هئي.

ڊاڪٽر تنوير جو ننڍو ڀاءُ الطاف نبي عباسي، جيڪو هڪ سُٺي شاعر هئڻ کان علاوه حيدرآباد ۾ ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن ڊئريڪٽر هو، تمام پيارو ۽ ملنسار نوجوان هو؛ جنهن جو اوچتو مياڻي فاريست ۽ هٽڙي جي وچ ۾ سندس ڪار سان حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ هو جان بحق ٿي ويو هو، ان بعد ڊاڪٽر تنوير بورڊ جي آفيس ڄامشوري ۾ آيو هو جتي مون هن سان الطاف جي انتقال تي ڏک جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته الطاف ڏاڍو پيارو، مٺو ۽ معصوم ماڻهو هو، جنهن تي هن به اها وراڻي ڏني هئي ته الطاف واقعي پيارو ۽ مٺو ماڻهو هو. ان طرح جڏهن به بورڊ جي آفيس ڄامشوري ۾ سندس اچڻ ٿيندو هو ته دعا سلام ٿيندي رهندي هئي.

ڊاڪٽر تنوير جو شعر ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندو رهندو هو، جيڪو ڪوشش ڪري آءُ پڙهندو هوس. تنوير جي شاعري عام ماڻهن جي جذبن ۽ امنگن جي دلپذير پڪار آهي. اهو به ياد اچي ٿو ته هڪ دور ۾ سندس وڻندڙ گيتن جا رڪارڊ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشتر ٿيندا هئا، اهي ٻڌندا هئاسين. جيڪڏهن آءُ نٿو ڀلجان ته هڪ گيت هن ريت آهي.

پـــــيـــار جـــــــو ســمــــنـــڊ اجــهــــاڳ،

اوساٿي!.... پيار جو سمنڊ اجهاڳ!

1958ع ڌاري ڊاڪٽر تنوير جي شاعريءَ جو مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ ڇپائي ۽ طباعت جي لحاظ کان نهايت خوبصورت طرح سان ڇپيو هو.

ڊاڪٽر تنوير هڪ تمام حساس، نفيس طبيعت وارو، تمام مٺو، پيارو ۽ سچو ماڻهو هو. سندس شاعري قدرتي رنگن سان ڀرپور هڪ هر _ واسي قسم جي شاعري آهي، جنهن ۾ خاص ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سادگي سمايل آهي، جيئن پاڻ هڪڙي شعر ۾ چيو اٿس ته:

ماڻهو سڀ ماڻهن جهڙا، ڪنهن لاءِ ڪهڙا ڪنهن لاءِ ڪهڙا،
گلڙن جهڙا چنڊ جهڙا هر ڪنهن کي پيارا پنهنجا ماڻهو.
        ان کان علاوه هيٺ ڏنل سندس شعر مان سندس فطري شاعري ظاهر ٿئي ٿي:

هرڪو ماڻهوموتي داڻو،

هرڪا دل هيرن جي کاڻ.

ڊاڪٽر تنوير کي فطرت جي شاعريءَ جي حوالي سان مشهور انگريزي شاعر ورڊسورٿ سان ڪنهن حد تائين مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي، جو ڊاڪٽر تنوير جي شاعري ۾ به قدرتي سادگي ۽ سچائي سمايل آهي. ڊاڪٽر جي شاعري مان هيٺ ڄاڻايل نظم ”آس“ جي هڪ بند جو ملاحظو ڪيو:

ڏيهه جي ڏاٽن سان اميدن جا سر ويا ڪاٽجي،

ڏاڍ جي ڏاندن جي پيرن هيٺ ويا چيڀاٽجي

ته به اڃا تائين جيئڻ جي آس آهه،

زندگيءَ جي ڳاهه ۾،

اچ ته ڳهون!

تنوير جي شاعري جي مجموعن مان مون گهڻو اڳ ”رڳون ٿيون رباب“ پڙهيو هو ۽ ان بعد وقت به وقت سندس شاعري مختلف رسالن ۾ پڙهندو رهيس.

        سندس نثر جي ڪتابن مان مون سندس سفرنامو ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ پڙهيو، جيڪو تمام خوبصورت انداز ۾ لکيل هو ۽ جنهن مون کي نهايت متاثر ڪيو. اهو ڪتاب مون کي ايتري قدر ته وڻيو جو مون خيال ڪيو هو ته ڊاڪٽر کي اهڙي وڻندڙ ڪتاب لکڻ تي مبارڪبار جو خط لکان، مگر ’اڄ نه سڀاڻي‘ جي ارادي تي اهو نه لکي سگهيو هوس. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر تنوير مائيڪل اينجلو، پڪاسو، ليونارڊوونچي ۽ ٻين مجسمي سازن ۽ فنڪارن جي فن جي پختگي جو جنهن نموني اظهار ڪيو آهي اهو ساراهڻ جوڳو آهي.

ان ڳالهه جو سخت افسوس ٿيو آهي، جو ڊاڪٽر تنوير جو اسلام آباد پهچڻ بعد ٿورن ئي ڏينهن ۾ لاڏاڻو ٿيو. نهايت چڱو ٿئي ها جيڪڏهن ڊاڪٽر جو مدفن پنهنجي سنڌ مٽي ماءُ ۾ هجي ها. پر اها چوڻي مشهور آهي ته ”قدرت جي هر ڳالهه ۾ راز سمايل هوندو آهي.“


 

صوفي سائين راز پير واهه واهه              (نيويارڪ)

(بي. ڪي. اجواڻي)

 

تنوير جي تات تن من ۾!

 

        صاحبِ علم ۽ صاحب الحق مرحوم تنوير عباسيءَ سان منهنجي ملاقات ساريءَ زندگيءَ ۾ فقط هڪ سڄي ۽ ٻي اڌ ٿي. سڄي روبرو خيرپور ميرس ۾ ۽ اڌ ملاقات ٽيليفون ذريعي آمريڪا ۾! ان ڏيڍ ملاقات ۾ اسين ٻيئي ايڏو ته قريب اچي وياسين، ڄڻڪ ورهين کان وٺي ويجهو هئاسين، ۽ پراون کان به پنهنجا ٿي وياسين.

        1989ع ۾ آءٌ پنهنجي وائيف سان گڏ، سنڌڙيءَ جي سڏ تي، ڪراچي پهچي ويس. 42 سالن جي جلا وطنيءَ کان پوءِ سنڌ سڳوريءَ جي ڌرتيءَ تي پير پاتوسين. منهنجو ميزبان ديوان موهن لال شهاڻي (ڀاڻيجو)، سپريم ڪورٽ جو ائڊوڪيٽ هو. اسان جي اعزاز ۾ هڪڙي وڏي پارٽي شام جو ڪيائين، جنهن ۾ ڪن مشهور معروف وڪيلن جي وچ ۾ عاشق علي ڀٽو، راجا قريشي سراج الحق ميمڻ پڻ شريڪ هئا... گهڻو ڪري سڀ رند مئڪش هئا، زاهد عابد ڪو هڪڙو ٻه هئا. خير! جڏهن خيرپور ڏانهن وڃڻ جو وقت آيو ته سراج الحق فرمايو ته ”خيرپور وڃين ٿو ته اُتي تنوير عباسيءَ سان ضرور ملاقات ڪج!“

        آءٌ خيرپور ۾ ڦُلپوٽن جو مهمان هوس. مرحوم محمد ابراهيم ڦُلپوٽو منهنجو پڳ مٽ يار هو. بنده جو هن خاندان سان رشتو ناتو 60 سالن کان قائم ٿيل آهي. ٻيو بنده جو دوست جناب شيخ عبدالوهاب، رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر، ۽ ٽيون جناب سيد پناهه علي شاهه، رٽائرڊ سيڪريٽري ايڊيوڪيشن سنڌ، جن سان پڻ ملاقات ٿي. شيخ صاحب جي معرفت تنوير عباسي صاحب کي نياپو پهچايو ويو. ان ئي ڏينهن شام جو سج لٿي مهل تنوير صاحب اچي ڦُلپوٽن جي حويليءَ ۾ پهتو. اسان ٻيئي ڪرسيون والاري ويهجي وياسين. دعا سلام بعد مون پنهنجو تعارف هن طرح ڪرايو:

زنــدگـــي کـي سفر مين مين بهت دور تــک چلا

ليکن وه اور بات هي که ميرا تعارف نهين هوا.“

عرض ڪيم، ”سائين! آءٌ هڪڙو ڪمترين اديب آهيان. اول ڪهاڻيڪار، پوءِ ناول نويس ۽ بعد ۾ شاعر. صوفي سلسلي النقشبنديءَ سان وابسته هئڻ ڪري، ڪجهه لوڪ نادانيءَ وچان صوفي ’فقير‘ به سمجهندا آهن. ’فقيري‘، سائين منهنجا ڏاڍي اؤکي آهي. جيئري ئي مري رهڻ جو سبق عمر درازيءَ جي خيال کان به، ته هونئن به، تنوير صاحب ڏاڍي ادب ۽ احترام سان ۽ خلوص سان پيش آيو. ڪجهه هندستان جي اديبن جا، ته ڪجهه آمريڪا ۾ مڪين سنڌي سڄڻن جا، پڻ ڪراچيءَ جا ڪجهه حال احوال ڪياسين. انهيءَ وچ ۾ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ چانهه _ ڪيڪ پيسٽري جي ٽري به اچي پهتي. مون کي ٻڌايو ويو هو ته تنوير صاحب ”شربت“ جو شوقين آهي. آءٌ به رند مئڪش هوس، ليڪن ڦُلپوٽن، عابدن وٽ شراب جو شيشو ۽ جام ڪٿان لڀجندو؟ سوال ئي نٿو اُٿي. آءُ پياسو هوس. مون پنهنجي لاچاري ڏيکاري ۽ اردو شعر ڪندي چيم: ”سائين! حال پريان دي نال“، جو ڪجهه آهي سو پيش ڪيو وڃي ٿو. اردو شعر ٻه ڀيرا چوايائين. ماحول به اهڙو هو ڄڻ ڦُلپوٽن جي مئخاني ۾ ڪجهه پيئڻ لاءِ بچيو ئي ڪين هو.

”رند خالي هاتهه بيڻهي هين اُڙا کرَ جُزو کلُ

اب نه کچهه شيشي مين هي نه پئماني مين.“

خوب وندر واري روح رهاڻ ڳچ وقت هلندي رهي... پوءِ پاڻ بنده جو ريڊيو تي شعر و شاعريءَ جو پروگرام رچائڻ لاءِ زور ڀريائين، پر مون لاچاري ڏيکاري عرض ڪيو. ”سائين! وقت تمام ٿورو آهي، آءُ سڀاڻي شيخ صاحب سان گڏ هنڱورجا وڃڻو آهيان، جتي اسان جي وڏن جي جاگير هئي. ۽ آءُ خود ڊنگ زميندار ۽ هيڊ ماستر ٿي رهيو آهيان...“ خير، هت ايترو لکڻ غير واجب ڪين لڳندو، ته هنڱورجن ۾ بنده جي مرحبا (استقبال) ايڏي ڪئي ويئي جو راجائن جي راجا جي به اهڙي نه ٿيندي. حشام ڳوٺاڻن جا اچي ڪٺا ٿيا. بنده جا شاگرد جي ڊاڪٽر، وڪيل، ميجر، ڪرنل وغيره هئا. ڇا اُنهن وٽان قيمتي سوکڙيون، سوغاتون... پير سائين مرحوم ارشاد احمد شاهه لڪياريءَ جي ميراڻي دعوت.

ٻي اڌ ملاقات اسان جي آمريڪا ۾ ٿي. اسان نيويارڪ ۾، تنوير صاحب پنهنجي پٽ ڊاڪٽر سرمد وٽ نيوجرسيءَ ۾ رهيل هو. آمريڪا منجهان پاڪستان ڏانهن واپسيءَ واري ڏينهن، ٽيليفون تي 15 منٽ گفتگو جاري رهي. مون ڏاڍا ايلاز منٿون ميڙون ڪيونمانس ته اچي ديدار ڪرائي، بنده جي غريب خاني ۾ قدم رنج فرمائي... ڪجهه پيگ پاڻي، ڪجهه ٽڪر ٽاپ کائي، هڪ معمولي دعوت منظور ڪري. پر رٽرن ٽڪيٽ هئڻ سبب. منهنجو عرض قبول نه ڪري سگهيو.

ڊاڪٽر سرمد عباسيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ اڳ ۾ ئي هئي، جو S.A.N.A. جي سالياني فنڪشن تي مليا هئاسين. وري سندس منگيتر مس رِنڪُو هڪ هندو بينگالڻ، جنهن کي مرحوم تنوير پڻ پسند ڪيو هو، ۽ اهو رشتو پڻ منظور ڪيو هئائين. پر پوءِ سرمد صاحب پاڪستان هليو ويو. دراصل، مرحوم تنوير عباسيءَ جي رحلت جي بُري ۽ دکدائڪ خبر به مون کي مِس وٽان ملي. چوڻ لڳي: ”بابا گذاري ويو، وڃي جنت جي جاءِ والاريائين!“ اڄ مرحوم جي حق ۾ اسان سندس روح لاءِ مغفرت جي دعا گهري رهيا آهيون! ”حق! حق! اناالحق.“


 

رئوف عباسي

 

تنوير _ هڪ گهڻ پاسائون ليکڪ ۽ انسان!

 

        هڪ سنڌي شاعر چيو هو ته: ”جديد سنڌي شاعري کي جيڪڏهن ڪشنچند بيوس ٺاهيو ۽ نئون موڙ ڏنو ته ان کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ اياز کان پوءِ جيڪو نانءُ چٽائيءَ سان اڀريل نظر اچي ٿو، اهو آهي تنوير عباسي“ تنوير ”روشنين خوشبوئن، پيار، امن، مساوات، انصاف ۽ ڌرتيءَ جي سڳنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر آهي.“ ۽ اهو ساڳيو ئي تنوير نگوين وانِ تروئي واري ناول ”جي ماريا نه موت“ کي سنڌي ويس ڍڪائيندڙ پڻ.

        هڪ گهڻ _ پاسائين ليکڪ جي حوالي سان تنوير عباسي سنڌ جي ادبي اتهاس ۾ سدا موجود رهندو، ڇاڪاڻ ته شاعري، ڪهاڻي، تحقيق، خاڪا، ترجما، مضمون، مقالا ۽ ٻيا ڪافي ادبي موضوع سندس گرفت ۾ رهيا. خاص ڪري شاهه سائينءَ تي معياري ڪم ڪيائين.

تنوير عباسي محب وطن شاعرن مان هڪ اهم ۽ مانائتو شاعر هو. اهو ئي ڪارڻ هو ته جڏهن شيخ اياز جي مٿان تنقيدن ۽ الزامن جي بازار گرم ٿي ته هو (تنوير) به پاڻ کي اهڙي طوفان کان بچائي نه سگهيو. ڪجهه رجعت پسندن سنڌ جي بي باڪ ۽ روشن ضمير شاعرن تي قلمي حملا شروع ڪيا ۽ کڻي واويلا ڪيائون ته ”فلاڻو: ڪافر، ملحد.“ اصل سنڌ جي عاشقن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيائون! ۽ تنوير عباسي به سنڌ سان محبت ڪندڙ ڪردارن جيان هميشه امر رهندو. ۽ اهو به سچ آهي ته سنڌ ۾ تنوير عباسي، شيخ اياز کان پوءِ نمايان هو. ان حوالي سان تنوير عباسي، سياست کان وٺي ويندي سماجيات تائين، ۽ عالمي معاملن کان وٺي صحافت تائين هر موضوع تي ڀرپور انداز سان ڳالهائي ويندو هو. ون يونٽ، جيڪو سنڌين، بلوچن ۽ پختونن لاءِ غلاميءَ جو طوق هو، ان جي خاتمي لاءِ جدوجهد جي هر اول دستي ۾ تنوير پيش پيش رهيو. ۽ جيستائين سنڌي اديبن جو سياسي حوالي کان سنڌ جي خدمت ڪرڻ جو سوال آهي ته ان ۾ ستر جي ڏهاڪي تائين اديبن جي بنا ڪنهن گروپ بندي جي يڪجهتي هئي. ۽ تنوير هڪ سُڄاڻ وطن پرست جي حيثيت ۾ قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. تنوير اڳ جيان آخر تائين ساڳي ئي رنگ ڍنگ ۾ رهيو. ڪڏهن به ٻهروپ جي چڪر ۾ نه پيو. هُو ڳالهائڻ ۾ کرو ۽ چٽو، مؤقف رکڻ جو برجستو، يارن جو يار، دوستن جو غمخوار، اڄ تائين ڪنهن به پراڻي يا نئين ٽهيءَ جي ليکڪ جي واتان تنوير عباسي بابت ڪا شڪايت ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي آهي.

ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين: ”سرمد جو گهر“، انهن انهن ڪتابن تي، جن ڪتابن جا مهاڳ تنوير عباسي لکندو هو. سرمد جو نالو، سنڌي نالن جي ڀيٽ ۾ نئون نڪورو ۽ اوپرو ڀاسندو هو. پوءِ جڏهن ٿوري گهڻي تاريخ اڀياس هيٺ آئي ته دارا شڪوه سان گڏوگڏ ”سرمد شهيد“ جو نالو به سمجهه ۾ آيو.

تنوير کي وڏو صدمو ڀاءُ الطاف عباسي جي اوچتي ۽ دکدائڪ ڪار حادثي جو ٿيو هو، جيڪو 1978ع ۾ گذاري ويو هو، ۽ جي تنوير جو پروفائيل ڏسبو ته هو شروع شروع ۾ جميعت الشعراء وارن جي مشاعرن ۾ ’مغموم‘ جي نالي سان وڃي شاعري پڙهندو هو. پر، اڳتي هلي جميعت وارن جي غزلن جي ٽيڪنيڪ ۾ ورجاءَ جي ڪري اوڏانهن وڃڻ به ڇڏيائين ته ’مغموم‘ تخلص مٽائي ”تنوير“ رکيائين. هونءَ نه ته عام نالي ۾ ته هو ”نور نبي“.

سندس زندگي بابت روش ڏاڍي پر اميد ۽ مثبت هئي ۽ کلڻ ويهندو هو ته ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هو. سندس هي شعر:

ڪنهن اڻ ڄاتي پار جا، ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين،

جــي وڃڻ نه چاهينداسين، ته به منهنجا يار هـليا وينداسين.

کيس ايندڙ وقت، آئينده جي خوف کان لاپرواهه ٿو ڪريس، جنهن جو اعلان ڪندي اظهار ٿو ڪري ته آخر هڪ نه هڪ ڏينهن هليا وينداسين. غالب چواڻي: ”موت جو هڪ ڏينهن مقرر آهي، رات جو ننڊ ڇو ڪانه ٿي اچي.“ ان کان علاوه ”هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،“ ”آءُ اسان وٽ ويهه، گهڙي پلَ ويهه“، توڙي ٻيا گيت ۽ ڪلام ٻڌڻ لاءِ موجود رهندا، جيڪي تنوير جي لافاني شاعري کي جلا بخشيندا ۽ سنڌ جو ايندڙ نسل تنوير جي شاعريءَ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندو.

آءُ تنوير عباسي صاحب سان ٻه دفعا مليو هوس. هڪ ڀيري ’سپيريئر سائنس ڪاليج‘ خيرپور ۾ ”جشن لطيف“ وقت ۽ ٻيو 1991ع ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ ايم. اي. (سنڌي) جي واءِ واءِ هئي. ان حوالي سان پاڻ سدائين ياد جي ڦرهي تي اُڪريل رهندو.

هڪ ڳالهه جو ارمان رهيو ته جيڪر تنوير اهڙي غير رواجي وصيت نه ڪري ها ته اڄ سنڌ ۾ (پوءِ ڪٿي به) مدفون هجي ها. سندس هڏڙا سنڌ جي مٽيءَ ۾ ته رهن ها. تنوير عباسي جي وصيت تڙ تڪڙ ۾ ڪيل پئي لڳي. ائين، جيئن ن. م. راشد مئي کان پوءِ کيس ساڙڻ جي وصيت ڪئي هئي. پر، سندس عزيزن لنڊن کان پاڪستان تائين جي ڀاڙي خرچ کان سواءِ ئي کيس لنڊن ۾ باهه جي حوالي ڪيو هو. انهيءَ جو ارمان، سحاب قزلباش پنهنجي سوانح جي ڪتاب ’ميرا ڪوئي ماضي نهين‘ ۾ پڻ ڪيو آهي.

ان ڳالهه جو به افسوس رهندو، ته واڳ ڌڻين جي شهر ۾، ساهه ڌڻيءَ حوالي ڪندڙ هڪ سنڌي شاعر بابت، حڪومت جي ڪنهن به اعليٰ ڪارندي افسوس جو اظهار ڪونه ڪيو. هونءَ نه ته اردوءَ جا اهل علم، آمريڪا، لنڊن يا پرڏيهه ۾ جت به وفات ڪندا آهن ته انهن جي مڙهه جي ملڪ اچڻ کان اول ئي سرڪاري اعلان ۽ قومي حوالي کان سوڳ ڪيو ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com