سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :23

سيد امام المتقين راشدي

 

تنوير عباسي _ سچل جو پارکو

 

”تنوير“ معنيٰ روشني!

        اها روشني، جنهن سنڌ جا دماغ ۽ دليون روشن ڪيا. تنوير عباسي هڪ دلپذير شاعر، روشن خيال تاريخدان، جديد محقق، فرض شناس فاضل، تصوف جو وڏو ڄاڻو ۽ وسيع مطالعو رکندڙ عالم هو. هو سنڌ سان بيپناهه محبت ڪندڙ ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ هستي هو.

تنوير عباسي هن صديءَ جي وڏن ڏاهن ماڻهن مان هڪ هو. هو سڄي حياتي سنڌ سان محبت ڪندي، سنڌ جي سينڌ سنواريندو رهيو. هن سنڌ کي شعور ڏنو، اهو شعور جيڪو ماڻهپي وارو هو. نه ڏنائين ته پنهنجو جسدِ خاڪي!شايد هو سنڌ سان محبت جو ڍءُ ڪري چڪو هو. اخبارن جڏهن هن جي اسلام آباد منتقل ٿيڻ جي خبرن کي کنيو ۽ هر طرف کان تنوير کي سنڌ نه ڇڏڻ جون صلاحون پئي مليون، تڏهن مون هن کي لکيو ته، ”اوهان جو سنڌ ڇڏي اسلام آباد ‎۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ وارو فيصلو مون کي وڻيو آهي.“

جيئن ئي 1999ع، حضرت سچل سرمست رحه جا ٻه عرس ٿيا ۽ انهيءَ مناسبت سان 99ع کي ”سچل جو سال“ ڪري ملهايو ويو، تيئن ئي سچل شناسائيءَ ۾ ٻه مثالي عالم_ محمد علي حداد ۽ تنوير عباسي _ هڪٻئي پٺيان هي جهان ڇڏي ويا! عجيب اتفاق آهي جو هي ٻيئي هڪ ئي شهر جا رهاڪو، ’سچل چيئر‘ ۾ گڏ ۽ هڪ ئي موضوع تي ڪم ڪندڙ ٻه نامور عالم هيا.

تنوير عباسي هن دور جو سگهارو محقق هو. هو شيخ اياز، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو تسلسل هو ۽ انهن ئي عظيم انسانن کان خوب پرايو هئائين، جن جو مقصد ئي هو ”پڙهو، لکو ۽ سنڌ سنواريو“. سندس تحقيق جو محور سنڌي شاعري رهيو آهي، چاهي اها جديد شاعري هجي يا قديم ڏيهي يا پرڏيهي. هن پنهنجي ايماندارنه راءِ ۽ فڪر سان شاعريءَ جي دنيا ۾ نوان لاڙا، نوان رجحان ۽ نيون صنفون متعارف ڪرايا. هن جو سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ قاضي قادن، شاهه لطيف، سچل، سامي، خوش خير محمد، نانڪ يوسف ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام جو ڳوڙهو اڀياس ڪيل هو، پر ”سچل سرمست“ جي فڪر ۽ فلسفي کي ڀرپور نموني ڦهلائڻ لاءِ تنوير صاحب مثالي ڪم ڪيو آهي، ڇو ته سندس ئي خيال هو:

”سچل سرمست نه فقط سنڌ جو پر ننڍي کنڊي جو سڀ کان وڌيڪ بي ڊپو ۽ اهم صوفي شاعر آهي. هن وحدت الوجود جي فڪر کي عوامي انداز ۾ ڳايو. هو سنڌي شاعريءَ، فڪر توڙي فلسفي جي ارتقا جو اهم ڏاڪو آهي. ان کان سواءِ هو سنڌيءَ جو پهريون گهڻ _ زبانو شاعر آهي، جنهن جو شعر سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ پڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن بي مثال شاعر جو پيغام، فڪر توڙي فلسفو سنڌ جون سرحدون اُڪري اڳتي ڦهلبو رهيو آهي.“ (سوونيئر ’سچل‘ 1992ع)

        هو وڌيڪ لکي ٿو ته:

”سچل سائين سنڌي توڙي سرائڪي شاعريءَ جو اهم سنگ ميل آهي. شاعريءَ ۾ تجربا ڪرڻ، نون گهاڙيٽن کي استعمال ڪرڻ ۽ نوان اسلوب وضع ڪرڻ ڏکي ڳالهه نه آهي، پر انهن سڀني شين کي روايت بنائڻ، ۽ انهن تجربن جو ايترو مقبول ٿيڻ، جو همعصر توڙي پوءِ ايندڙ شاعر انهن کي پنهنجو ڪن، تمام وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا شاعريءَ جي تاريخ ۾ تمام گهٽ شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. سچل درازي، سنڌيءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين شاعرن مان هڪ آهي، جن جي اسلوب، ٻولي، گھاڙيٽن، توڙي فڪر جي ڇاپ سندس همعصر شاعرن کان وٺي اڄ تائين هلندي اچي.“

(سچل سرمست، سنڌ اطلاعات کاتو 1990ع ص: 3)

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته تنوير عباسي، سچل جو وڏو شارح ۽ سچل جي فڪر تي هڪ اٿارٽيءَ جي حيثيت رکندڙ هو. بلڪه ائين کڻي چئجي ته تنوير عباسيءَ جي روپ ۾ سچل کي گربخشاڻي ملي ويو هو. اڄ پير حسام الدين راشدي زنده هجي ها ته تنوير جي ڪم کي ڏسي کيس ائين لکڻو نه پوي ها ته ’افسوس فقط هيءُ آهي، جو سچل کي شاهه وانگر ڪو گربخشاڻي نصيب ٿي ڪونه سگهيو آهي.‘

جولاءِ 1980ع ۾ پير حسام الدين راشدي سچل ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير ڪندي ائين به چيو هو ته، ”...سچل تمام وڏو شاعر آهي. سچل جي لاءِ توهان کي گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو. شاهه تي ڀي ڪو خاص ڪم ڪونه ٿيو آهي، پر هن جو ڪم از ڪم هڪڙي ايڊيشن جو هڪڙو حصو گربخشاڻي اسان کي ڏئي ويو آهي، جنهن تي اسان انحصار ڪري سگهون ٿا، يقين ڪري سگهون ٿا. انهيءَ کي مستند اسان چئي سگهون ٿا پيا، ليڪن سچل جو ڪوبه ايڊيشن، ڪوبه حصو، ڪوبه جزو، صحيح ڪونهي ڪو.“ (ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ص 200)

پير صاحب جون اهڙيون مهميزون تنوير عباسي به ٻڌندو رهيو، ڇو ته انهيءَ ڪانفرنس ۾ تنوير صاحب به ويٺل هيو ۽ خود راشدي صاحب کيس صدارتي تقرير ڪرڻ کان اڳ ۾، ’ڀرپور نموني ۾ پنهنجا معروضات‘ پيش ڪرڻ لاءِ چيو هو. اهو ئي سبب آهي جو تنوير صاحب اهو ڪم پنهنجي ذمي کڻندي، سچل طرف وڌيڪ متوجهه ٿيو، جنهن جو اظهار پاڻ هن طرح ڪيو آهي؛

”سائين پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي اها راءِ هئي ته هن مهل تائين ڪوبه سچل جو رسالو صحيح نموني سان تيار نه ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ پهريائين ته سچل جا جيڪي ڇپيل نسخا هئا، اٽڪل ڏهه کن، اهي گڏ ڪياسين، تنهن کان پوءِ قلمي نسخا کنياسين، جيڪي به سجهيا پئي. پروفيسر عبدالڪريم سنديلي جي مدد سان اهي هٿ ڪياسين. ان کان سواءِ ٻيا نوَ قلمي نسخا به اسان هٿ ڪيا جيڪي تمام معتبر نسخا هئا، جن مان ڪي ته سچل جي وفات کان چاليهه سال اڳ جا هئا. انهن سڀني (اڻويهن) نسخن جو هڪ مستند متن تيار ڪيو پئي ويو. تمام ڏکيو ڪم هو ۽ جلدي ختم ٿيڻ وارو نه هو.“ (ماهوار ’پارس‘ اپريل 1995ع)

سچل جي هڪ مستند ۽ معياري متن جي تياريءَ لاءِ تنوير صاحب جيڪا جاکوڙ ۽ محنت ڪئي آهي، اها سدا ياد رهندي. بيشمار قلمي نسخا گڏ ڪري ”سچل جو رسالو“ مرتب ڪيائين. افسوس جو اهو وڏو ۽ اهم پراجيڪٽ سندس حياتيءَ ۾ نروار ٿي ڪونه سگهيو.

هڪڙي ڀيري مون کي چيائين ته ”لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وٽ گهرام فقير جتوئيءَ جو سچل جي ڪلام جو هڪ قلمي نسخو موجود آهي، اهو ڪجهه ڏينهن لاءِ وٺي ڏيو.“ مون سنديلي صاحب سان ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته ”اهو رسالو مالڪ واپس کڻي ويا آهن ۽ انهن وٽ به هاڻي ڪونهي.“ حالانڪه انهيءَ قلمي نسخي مان، تنوير صاحب، ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي توسط سان اڳ ۾ ئي استفادو ڪري چڪو هو.

مون کي پنهنجي هڪ عزيز سيد قطب ضياءُ شاهه راشديءَ وٽ شاهه جو رسالو قلمي صورت ۾ مليو. جنهن ۾ 36 سُر هئا ۽ ان ۾ ڪجهه سرائڪي ڪلام به هو. سو کان مٿي صفحا غائب ٿيل هئا، جڏهن ته آخر ۾ سن وغيره ۽ ڪاتب جو نالو لکيل هو. ان جو ذڪر مون تنوير صاحب سان ڪيو، جنهن اهو رسالو گهريو. مون کيس رسالو ڏنو ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. البت اهو نسخو سنڌ جي ٻين لئبررين ۾ به موجود آهي. بهرحال، هڪڙي باوقار عالم ان نسخي مان استفادو ڪيو، اهو مون لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي.

تنوير صاحب سان منهنجون ڪيتريون ئي روح رهاڻيون رهيون. هڪڙي ڀيري مان ۽ منهنجو دوست اڪرام ساگر عباسي وٽس خيرپور وياسين. ساڻس ڪلاڪ کن ڪچهري رهي. بعد ۾ هو اسان کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ’سچل چيئر‘ وٺي هليو، جتي اسان کي محمد علي حداد صاحب ’سچل چيئر‘ جا مختلف شعبا گهمايا. واپسيءَ تي تنوير صاحب اسان کي بس اسٽاپ تي ڇڏي آيو. اسان هن جي قرب ۽ محبت کان ڏاڍا متاثر ٿياسين. اسان محسوس ڪيو ته هو نوجوانن  جي ڏاڍي رهنمائي ڪري ٿو. ائين ئي هڪ ڀيري سچل ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي، منهنجو نالو کڻي، مون کي نوجوان محققن جي صف ۾ شمار ڪيائين.

هڪڙي ڀيري وري مان ۽ منهنجو دوست پروفيسر غلام حسين ڪٽپر خيرپور ۾ تنوير صاحب سان ملياسين. هن پنهنجي قرب ۽ حسن اخلاق جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، جنهن کان پروفيسر صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سنگت ۾ مثال ڏيندو آهي ته ’تنوير صاحب، امام راشديءَ جي سُٺي عزت ڪندو آهي.‘

تنوير عباسي پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، پر پاڻ جنهن به اداري ۾ رهيو ان کي خوب ٺاهيائين. ان جي ڪارڪردگي نهايت اطمينان بخش رهي. سچل چيئر ۾ تنوير عباسيءَ جو هڪ شاندار دور رهيو. اها به حقيقت آهي ته ’سچل چيئر‘ جي تاريخ تنوير کان سواءِ اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ٿي. 1988ع ۾ ’سچل چيئر‘ جو قيام عمل ۾ آيو. محترمه نيلوفر شيخ ان اداري جي پهرين ڊائريڪٽر مقرر ڪئي ويئي ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ تنوير صاحب کي سچل چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. تنوير صاحب هن اداري کي باوقار ادارو بڻائي ڏيکاريو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ’سچل چيئر‘ پنهنجا گهربل نتيجا ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ هن اداري جي هاڪ ڏيهان ڏيهه ڦهلجي ويئي.

تنوير عباسيءَ جي دور ۾ ’سچل چيئر‘ ۾ جيڪي تحقيقي نوعيت جا ڪم ٿيا يا مختلف شعبن جي سيٽنگ ٿي، انهن جو مختصر تفصيل ڪجهه هن ريت آهي: سچل جي سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ڪلام جو مستند ۽ معياري متن تيار ڪرڻ، سچل تي ملڪي سطح جا ڪيترائي سيمينار ڪرائڻ، سچل جي پوئلڳن جو ڪلام گڏ ڪرڻ، سچل جو ٻين شاعرن تي جيڪو اثر رهيو، ان تي تحقيق ڪرڻ، وڊيو لئبرري جو قيام، جنهن ۾ سچل تي ٿيل پروگرامن جون 70_60 آڊيو ڪئسٽون ۽ 150 کان مٿي وڊيو ڪئسٽون رکيون ويون، ميوزيم جو قيام جنهن ۾ سچل تي لکيل ٽن سون کان مٿي ڪتاب رکيا ويا، سچل جي اسڪالرن جون تصويرون رکيون ويون ۽ انهن مان ڪن جا هٿ اکر به رکيا ويا. سچل جي فڪر، دور ۽ موسيقيءَ بابت ڪتابن جي لئبرري جوڙي ويئي، جنهن ۾ مختلف ٻولين جا گهڻا ڪتاب رکيا ويا. سچل جي فڪر تي ڏهاڪو کن ڪتاب شايع ڪيا ويا ۽ ان سان گڏ کوڙ سارا ليڪچر پروگرام منعقد ڪيا ويا. هن مختصر جائزي مان تنوير صاحب جي صلاحيتن ۽ محنتن جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اها به حقيقت آهي ته تنوير عباسي سچل جو وڏو شارح هو. سندس خيال هو ته ،’سچل سائينءَ جو اثر سنڌ کان ٻاهر بلوچستان ۽ پنجاب تائين ڦهلجي ويو. پر اهو اثر مڪان جي حدن کان سواءِ زمان جي حدن کي به لتاڙي ويو.“ (سووينيئر سچل سرمست _ اطلاعات کاتو، 1990ع_ص6)

تنوير عباسي بنيادي طرح سان سچل جي حوالي سان هميشه ياد رهندو، ڇو ته پاڻ سچل جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ بي مثال ڪم ڪيو آهي.

* * *


محمد پنهل ڏهر

 

ڊاڪٽر تنوير عباسي _ هڪ مٺڙو ماڻهو

 

        اپريل 1993ع ۾ مون ڪميشن پاس ڪئي ۽ ليڪچرر ٿيس ته منهنجي پوسٽنگ پاڪستان ڊگري ڪاليج خيرپور ۾ ٿي. توڙي جو منهنجو ڳوٺ هِتان کان چڱو پري هو، پر انهيءَ پوسٽنگ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، اها انهيءَ ڪري جو چند سال اڳ ۾ پياري دوست محمد علي حداد سان واقفيت ٿي هئي ۽ انهيءَ ڄاڻ سڃاڻ جي ڪري ڪجهه ڀيرا اڳ ۾ به خيرپور اچڻ وڃڻ ٿيو هو ۽ هاڻ ته ڊيوٽي جي ڪري رهائش به خيرپور ۾ ئي ڪرڻي پيئي، جنهن ڪري تقريباً روزانو سائين محمد علي حداد سان ملڻ لاءِ ”سچل چيئر“ (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور) ۾ وڃڻ ٿيندو هو. شروع وارن ڏينهن ۾ ئي محمد علي حداد، سچل چيئر جي آفيس ۾ منهنجي ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سان ملاقات ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر تنوير سچل چيئر جو ڊائريڪٽر هو. بس، پوءِ ته جڏهن به سچل چيئر ۾ ويندو هوس ته تنوير صاحب سان ضرور ملندو هوس. مون کي ڏسي ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻو خوش ٿيندو هو ۽ هر ڀيري ”ڏهر صاحب“ چئي  گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪندو هو.

        هڪ ڀيري چند دوستن روهڙيءَ ۾ ”روهڙي تاريخي سيمينار“ ڪرايو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر صاحب ڪئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر صاحب بنده جي تحقيقي ڪمن جي ڏاڍي ساراهه ڪئي. مان جڏهن به ڊاڪٽر صاحٻ سان مليس، سندس آفيس سچل چيئر ۾ يا سندس ڪلينڪ (سرمد هائوس) ۾، يا وري ڪن ادبي ڪانفرنسن جي موقعي تي، هر ڀيري ڊاڪٽر صاحب کي مُسڪرائيندي ڏٺم. وٽس ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو ته نالو نشان به ڪونه هو. جڏهن به سندس ڪلينڪ يا آفيس ۾ ملڻ وڃبو هو ته فوراً چاءِ گهرائي وٺندو هو. مطلب ته ڊاڪٽر صاحب هڪ نهايت مٺڙو ماڻهو هو. هن ۾ علمي ۽ ادبي تنقيد برداشت ڪرڻ جو تمام گهڻو مادو هو. جائز تنقيد تي ته پاڻ وڌيڪ خوش ٿيندو هو. هڪ ڀيري فقير نانڪ يوسف جي ميلي جي موقعي تي مون پنهنجي هڪ مضمون ”فقير نانڪ يوسف جو اڻ ڇپيل ناياب ڪلام“ ۾ ڊاڪٽر صاحب تي ٿوري تنقيد ڪئي. منهنجي انهيءَ مضمون جي فوٽو ڪاپي، شايد خادم عباسي، ڊاڪٽر صاحب کي ڏني، ڊاڪٽر صاحب اهو مضمون پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو مضمون ”ڪينجهر“ رسالي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ تاڪيد سان ڏنائين. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو مضمون ”ڪينجهر“ (مارچ 1998ع) ۾ شايع ٿيو ته پاڻ انهيءَ متعلق آگاهه ڪيائين ۽ منهنجي انهيءَ تنقيد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين.

ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ فراخدل اديب هو. هميشه نوجوان ليکڪن جي وقت بوقت حوصله افزائي ڪندو رهندو هو ۽ انهن جي تحقيقي ڪمن جي ساراهه ڪندو رهندو هو. هڪ ڀيري هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ نوجوان محقق غلام محمد لاکي صاحب جي تحقيقي ڪمن کي ساراهيندي چيائين ته اسان کان الله تعاليٰ پير حسام الدين راشدي جُدا ڪيو ته ان جي بدلي ۾ غلام محمد لاکو ڏنائين.“

ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي وقت جو ممتاز شاعر ۽ اديب هو، تنهن ڪري آخري گهڙيءَ تائين مختلف ادبي ۽ علمي ادارن ۽ تنظيمن جو روح روان رهيو. تقريباً سال 1980ع کان وٺي سنڌ جي بيباڪ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي ياد ۾ قائم ڪيل ”سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور“ جو سينئر ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي طرفان هر سال سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان اديب شاعر ڪهي اچي شريڪ ٿين ٿا ۽ سچل جي سوانح، پيغام ۽ شاعري متعلق پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪن ٿا ۽ سچل سائينءَ جي حضور ۾ شاعريءَ جو نذرانه عقيدت به پيش ڪن ٿا. ڊاڪٽر تنوير انهيءَ ڪاميٽيءَ جو مُک ميمبر هئڻ ڪري هر سال انهيءَ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن ۽ شاعريءَ کي ترتيب ڏيئي ”سرمست“ جي عنوان سان ڪتابي سلسلو پيش ڪندو رهيو. اهو سلسلو 1980ع کان 1991ع تائين ڏسجي ٿو. انهيءَ عرصي دوران ڊاڪٽر صاحب سرمست جا 11 پرچا ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا. انهيءَ کان پوءِ ”سرمست“ جي ايڊيٽنگ جو سلسلو سائين محمد علي حداد جي هٿ ۾ ڏنو ويو، جيڪو هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ خوش اسلوبيءَ سان نباهيو.

1988ع  ۾شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ”سچل چيئر“ قائم ٿي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ان جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب ڏينهن رات محنت ڪري سچل چيئر جا بنياد پُختا ڪيا. چيئر جي آفيس ۾ هڪ وسيع ۽ شاندار لئبرري قائم ڪيائين، جنهن ۾ تقريباً هر موضوع تي وڏي تعداد ۾ ناياب قيمتي ڪتاب موجود آهن. سچل سائينءَ متعلق سمورا ڇپيل ۽ قلمي مواد هٿ ڪري لئبرريءَ جي ميوزم ۾ محفوظ ڪيائين. سچل سائينءَ جي شارحن جون تصويرون ۽ هٿ اکر به هٿ ڪري ميوزم ۾ رکايائين. انهيءَ کان پوءِ مختلف فنڪارن جي آواز ۾ سچل سائين جي ڪلام جون ۽ مختلف عالمن ۽ محققن جي تقريرن جون آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون ڪافي تعداد ۾ هٿ ڪري ميوزم جي زينت بڻايائين. ڊائريڪٽريءَ واري دور ۾ سچل سائينءَ متعلق اشاعتي سلسلو به جاري رکيائين. سندس دور ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا، جن جي اشاعت ۾ وقت جي وائيس چانسيلر محترم حميد سنڌي جي دلچسپي ۽ سهڪار شامل هو. 1_ سچل سرمست (انگريزي ۾) مرتب: ڊاڪٽر تنوير عباسي، سال 1989ع. 2_ سالياني مئگزين ”آشڪار“ جا چار پرچا. 3_منتخب ڪلام سچل سرمست، اردو ترجمو: آغا سليم، سال 1993ع. 4_ آري اچين شال، از: حميد سنڌي، سال 1993ع. 5_ سچل جو مڪتب از: رشيد ڀٽي، سال 1993ع.

 ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ روشن ضمير ۽ بي ڊپو انسان هو، تنهن ڪري هن کي سچل سائينءَ سان والهانه عقيدت هئي. پاڻ ان عرصي دوران سچل سائينءَ جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام کي هڪ مستند ۽ جامع رسالي جي صورت ۾ مرتب ڪري رهيو هو. خبر ناهي ته ڊاڪٽر صاحب اِهو ڪم ڪيستائين پهچايو. ڏاڍو چڱو ٿئي جو ڊاڪٽر صاحب جو اِهو پورهيو هٿ ڪري جلد ڇپايو وڃي ته جيئن سندس اهو تحقيقي سرمايو هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.

انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سچل سائينءَ تي ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا به مختلف رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيا پيا آهن، انهن سڀني کي گڏ ڪري، ايڊٽ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ به مناسب رهندو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو 1993ع ڌاري ميمبر مقرر ٿيو ۽ وري پنهنجي وفات وقت به موجود بورڊ تي ميمبر هو. سنڌي ادبي بورڊ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا آهن: (1) نانڪ يوسف جو ڪلام، (2) خوش خير محمد فقير هيسباڻي جو ڪلام، (3) جديد سنڌي شاعري.

ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه حضرت عبداللطيف ڀٽائي سان به تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت هئي. پاڻ شاهه جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو، محقق ۽ مفسر هو. لطيفيات تي سندس لکيل ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ جا ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هر ڇاپي ۾ اضافو ٿيل آهي. سندس انهيءَ ڪتاب ۾ حضرت شاهه لطيف جي سوانح، پيغام ۽ ڪلام متعلق سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شامل آهن.

ڊاڪٽر تنوير علم ۽ ادب جو وڏو ڄاڻو هو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ريسرچ سيل پاران پي. ايڇ. ڊي. جو گائيڊ پڻ هو، تنهن ڪري سندس رهبري ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري حاصل ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر به هو. سندس شاعري جا به چند ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ”رڳون ٿيون رباب“، ”سج تري هيٺيان“، ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“، ”ساجن سونهن سُرت“، وغيره سندس شاعريءَ جو وڏو مجموعو ”تنوير چئي،“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين چئن مجموعن جي شاعري يڪجا ٿيل آهي. انهن ڪتابن کان سواءِ سوانحي خاڪن تي مشتمل ”منهن تني مشعل“ ۽ سفرنامي جو ڪتاب ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ وڌيڪ مشهور آهن.

26_ نومبر 1999ع اخبارن ۾ اِها خبر نهايت ئي ڏک سان پڙهي ويئي ته ”سنڌ جو عظيم شاعر تنوير عباسي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.“ انهيءَ خبر پڙهڻ سان اکين مان لڙڪ وهي نڪتا. تصور ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي تصوير ڦرڻ لڳي. دل اهو مڃڻ لاءِ تيار نه پئي ٿئي ته ڇا، اُهو ڊاڪٽر تنوير عباسي فوت ٿي ويو، جيڪو هڪ مٺڙو ماڻهو هو، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي نوجوانن سان جنهن جي ازلي محبت هئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com