سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :5

تنوير عباسي                                          (ڪهاڻي)

 

” لوئي“

 

        مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو؛ واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مِٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون؛ وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اُس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ کُليل هئس؛ اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.

        مون کي اعتبار ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو. جنهن جو منهن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو هو، جنهن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا، ۽ جنهن جي نراڙ تي هڪڙي چڳ سدائين لهرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين بش شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.

مان ۽ رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، ته هي نوٽبڪ تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظرايندو هو. ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد هو مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، ته اسين ٻيئي گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين. ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ ته انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي پوري قيمت ملي ويئي هجي.

سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهن نتيجو نڪتو ته ظاهر هو ته هو ناپاس ئي ٿيو.

 ان کانپوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو، ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مون کي خبر پيئي ته هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي، هن بورڊ تي هيڊماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو_ ان ڏوهه ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري هو مون کي نظر نه آيو، ۽ مون به ڪراچي ڇڏي، حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.

اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانهه پيئڻ جي خيال سان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪونه؛ پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته ساڳيو رفيق آهي_ اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن جو منهن ڀريل هوندو هو، ۽ مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.

مان هن کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو ته هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي. انهي ئي فن جي شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا. بيڪار پيو ٿو وقت وڃائي _ ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏئي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر تي اُٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.

انهيءَ کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو. جو ماڻهن ۾ پنهنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو، ”هاڻي ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي، مون پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون_ ”سکر بئراج“، ”لئنسڊائون پل“، ”سنڌي نينگرين جو کوهه تي جهر مٽ“، ”سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان“، ”ڪوٽڙي بئراج جي ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا“_ انهن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاهه جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. ”نوري“، ”سسئي“ ۽ ”مارئي“_ اهي سڀ هن چٽيون انهن ۾ مون کي ”مارئيء“ جي تصوير ڏاڍي وڻي _ هن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي، هن جا وار پريشان آهن، ۽ سندس سادا ۽ ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن، ۽ هوءَ انهن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

”هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟“ مون هرڀرو کانئس پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ ڊوڙي ويئي. ”ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي اهڙين تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي ته فلم ائڪٽريسن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن _ ”ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي ۽ چيائين، ”ڀاءُ! اسان جو عوام بکيو آهي _ هن کي جنس جي بک، روح جي بک... آهي. هن جوبه ته ڏوهه نه آهي. هن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي بک مارڻي  آهي_ ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن. پيٽ جا بکيا. گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي. آرٽسٽ عوام جي بک مٽائن ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي...“

ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو... ۽ سندس خط مون ڏي ايندا رهيا، ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان؛ ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان؛ پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ به بند ڪري ڇڏيائين. سندس خطن ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جو ذڪر هوندو هو.

هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اچڻ متعلق لکيو هو.

جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو، تنهن ڏينهن مان اصل اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ انٽر گاڏا ڳولڻ شروع ڪيا. توقع جي خلاف هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سُوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.

مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا، ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو هڪ اوچي سوٽ ۾ ملبوس هو.

هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس ڪوليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو.

گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ”تنهنجي حالت هاڻي سڌري ويئي آهي_ شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي....!“

”ها....!“ هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو ته مون پاڻ دنيا جي ’جذبات‘ جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو ساهه ڀري، ان تي حسرت واري نظر وڌائين، ۽ پوءِ مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.

مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي... اُها ساڳي ”مارئيءَ“ جي تصوير هئي_ اُها ساڳي، جيڪا هن اڳئين سال مون کي ڏيکاري هئي. فرق فقط اِهو هو ته هُن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي_  ۽ هِن جي ”لوئي“ لهي وئي هئي...!

 *      *      *      *

”... سنڌي افسانو تمام وسيع موضوع آهي. افساني کان اڳ قصا ۽ ڪهاڻيون لکيا ويندا هئا. گهڻي ڀاڱي جديد افسانو ترقي پسند تحريڪ کان پوءِ لکيو ويو. ان م ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، دلدار حسين شاهه موسوي ۽ انهيءَ کان پوءِ گوبند مالهي گهڻو نمايان رهيا. مشهور افسانه نگار سرائي اميد علي کان پوءِ افسانه نويسيءَ جي جيڪا ٻي کيپ آئي، انهن ۾ جمال ابڙو سڀني کان نمايان رهيو. حالانڪه هُن گهڻو اڳ اٽڪل پندرهن _ ويهه افسانا لکيا هوندا، پر ان جو هر هڪ افسانو نه رڳو سنڌي ادب جو، بلڪه بين الاقوامي ادب جو شاهڪار آهي. ان کان پوءِ غلام رباني آگرو آهي. غلام رباني جيڪي افسانا لکيا، انهن جو مجموعو ڇپيو آهي ”آبِ حيات“. شيخ حفيظ مرحوم به تمام وڏو افسانا نگار هو. ان کان پوءِ آغا سليم، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو ۽ نسيم کرل آهن. عورتن ۾ مهتاب محبوب ۽ نور الهديٰ شاهه آهن. هاڻي ته گهڻا لکڻ وارا پيدا ٿيا آهن ۽ افسانو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي....“

_تنوير عباسي

 

تنوير عباسي                                          (تقرير)

 

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر

 

جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀوئي سي ٿيا، سوريءَ سزا وار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
 

        مون شاهه لطيف جو هيءُ شعر ان ڪري چونڊيو آهي، جو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسم خاص (Proper Nouns) تمام گهٽ ملندا، سواءِ نيم _ تاريخي داستانن جي ڪردارن جي. اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن، جن کي شاهه لطيف ان لائق سمجهيو آهي، جو انهن جو نالو کڻي: جيئن ابڙو آهي، جکرو آهي، لاکو آهي، پر شاهه لطيف انهن سڀني نالن مان ڪنهن کي به اهڙي اهميت نه ڏني آهي، جو اُهي وڻ ٽڻ جي وائي ٿي وڃن، ۽ جر تڙ تائين انهن جي تک تنوار پهچي. اهو ڇا جي ڪري؟ اهو ان ڪري جو منصور جي شخصيت ئي اهڙي آهي. حسين بن منصور حلاج، جنهن ”انا الحق“ جو نعرو هنيو ۽ پنهنجو سر صدقي ڪيو. تڏهن شاهه لطيف ٿو چوي ته اهو منصور هڪڙو نه هو، جيڪو سوريءَ تي چڙهيو. هت هزار منصور آهن، جر تڙ ۾ اُهي آهن، وڻ ٽڻ ۾ اُنهن جي وائي آهي _ اها ئي ”انا الحق“ جي وائي. تون اُنهن مان گهڻا ڦاهيءَ تي چاڙهي گهڻا چاڙهيندين؟

شاهه لطيف کي ڇا به چيو وڃي، گهڻا رايا آهن هن جي شخصيت، هن جي خيالن ۽ نظرين جي باري ۾، پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن، ته شاهه لطيف صوفي هو، وحدت الوجودي هو.

هاڻي اچو ته ڏسون ته تصوف جي اها وحدت الوجودي شاخ هند ۽ سنڌ ۾ ڪيئن آئي، ان جا ڪهڙا سياسي، سماجي ۽ تاريخي سبب هئا. ان جو ڪهڙو ضرور هو.

وحدت الوجود جو مطلب آهي وجودن (هئڻ) جي هيڪڙائي (Unity of Existances). پرين سڀ ۾ موجود آهي. خدا هن ڪائنات کان ٻاهر ۽ الڳ نه آهي. جيڪي فلسفي جا شاگرد آهن، انهن کي خبر هوندي ته فلسفي ۾ ٻه ’اسڪول‘ Monoism ۽ Dualism آهن. ’مونوازم‘ موجب ڪائنات ۽ خدا ٻيئي هڪ آهن، خدا ڪائنات کان ٻاهر ڪونهي، ۽ ’ڊيوئلزم‘ جو مطلب آهي ته خدا ۽ ڪائنات ٻه الڳ الڳ شيون آهن، ٻنهي جو وجود هڪٻئي کان ڌار آهي.

اهو تصور جيڪو ’مونوازم‘ آهي، جنهن کي ’وحدت الوجود‘ٿو چئجي، ان ۾ خدا جو وجود هن ڪائنات کان ٻاهر آهي ئي ڪونه. اها ذري گهٽ وڃي ’مٽيريلزم‘ ٿي، يعني ’مئٽر‘ ۾ ئي خدا سمايل آهي، ان کان ٻاهر ڪجهه به نه آهي. بهرحال اهو فلسفو قديم يوناني فلاسافرن وٽ به ملي ٿو، ته قديم هندستاني ڪتابن، ويدن ۽ اُپنشدن ۾ به موجود آهي. قديم هندستاني فيلسوف شنڪر آچاريه وٽ به آهي، ته قديم چيني تائو ازم Taoism ۾ به.

منصور حلاج جو ذڪر شاهه لطيف ڪيو آهي. ان کان پوءِ شيخ محي الدين ابن العربي ٿو اچي. اهو پهريون عالم ۽ فلاسافر هو، جنهن وحدت الوجود جي نظريي بابت قرآن مجيد ۽ حديث مان حوالا ڏيئي، باقاعده هڪ ڪتاب ”فصوص الحڪم“ لکيو ۽ ثابت ڪيو ته ”سڀ ۾ پرين آهي، ڪائنات کان ٻاهر ڪوبه خدا ڪونهي. سڀ ڪجهه خدا آهي.“

بهرحال، منصور حلاج ئي پهريون شخص آهي، جنهن کليو کلايو ’انا الحق‘ جو نعرو هنيو ۽ سوريءَ تي چاڙهيو ويو. سڀ کان پهريون شخص، جنهن منصور حلاج تي ڀرپور تحقيق ڪئي ۽ هن جي سوانحعمري لکي، اهو آهي فرينچ اسڪالر ’لوئي ماسينان‘.

منصور حلاج جي باري ۾ تحقيق ڪندڙن صاف لکيو آهي ته هن جو قتل بنيادي طرح ’سياسي قتل‘ هو، مذهبي الزامن ۽ فتوائن جو رُڳو بهانو هو. هن جي دور ۾ اميرن طرفان غريبن تي جيڪي ڏاڍايون پئي ٿيون، منصور انهن جي خلاف آواز اٿاريو. وقت جي پرمار قوتن جي خلاف ڳالهايائين، ان ڪري وقت جي حڪومت ۽ مذهبي اڳواڻن هن کي ”ڪافر“ ۽ ”زنديق“ ٺهرائي، هن جي خلاف مذهبي فتويٰ لڳرائي ۽ هن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. انهيءَ ئي منصور جي نالي، جنهن جو اصلي نالو ’حسين بن منصور‘ حلاج هو، شاهه لطيف چيو آهي:

”همه منصو هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين“.

هاڻي اچو ننڍي کنڊ تي. مان ان معاملي ۾ ٿورو تفصيل ۾ وڃن ٿو چاهيان ته برصغير ۾ پهرين آريا آيا. انهن آرين، جيڪي هتان جا مقامي يا لوڪل ماڻهو هئا، انهن کي ’اڻ آريو‘ يا ’اڻ سڌريل‘ چيو. انهن لاءِ تعليم منع هئي. هنن کي ويد ۽ پُران پڙهڻ نه ڏنائون ۽ چيائون ته اهي لائق ئي نه آهن جو پڙهي سگهن. انهن کي تمام هيٺئين درجي جا ڪم ڏنائون، پاڻ قابض ۽ حڪمران رهيا. ان وقت حاڪم قوم ۽ محڪوم قوم ڌار ٿي پيئي. حاڪم قوم ٻاهران آيل ماڻهو هئا، ته محڪوم قوم مقامي يا ملڪي ماڻهو هئا.

ان کان پوءِ گوتم ٻڌ آيو. گوتم ٻڌ ويدن واري يا هندن واري انهيءَ طبقاتي (ڪلاس) نظام جي خلاف هڪڙو وڏو انقلاب آندو. هن جي تعليم سيڪيولر هئي. هن چيو ته ”هن حياتيءَ کان پوءِ ٻي ڪا حياتي آهي يا نه، مان ان لاءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهان، پر گهٽ ۾ گهٽ هيءَ حياتي جيڪا توهان کي ملي آهي، انهيءَ کي ته پاڻ ۾ جنگ جهيڙو ۽ فساد ڪري خراب نه ڪريو. هڪ ٻئي سان پيار ڪريو، هڪ ٻئي سان مٺ محبت سان ملو. هڪٻئي کان نفرت نه ڪيو. ڪوبه شودر گهٽ ڪونهي. ڪوبه برهمڻ مٿي ڪونهي.“ اها هئي گوتم ٻڌ جي تعليم!

تنهن کان پوءِ مسلمان آيا. محمد بن قاسم جڏهن سڌ ۾ آيو ته چچ نامو لکي ٿو ته محمد بن قاسم اچڻ سان سنڌ ۾ ٽئڪس جا ٻه اگهه مقرر ڪيا: هڪڙو مسلمانن لاءِ ته ٻيو اگهه غير مسلمانن لاءِ. جيڪي غير مسلم هئا، انهن کي وڌيڪ ٽئڪس ڏيڻي پوندي هئي. اهو هڪڙو Incentive هو، جيئن مقامي ماڻهو مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿين، ٽئڪسن بچائڻ جي لاءِ.

بهرحال اها ڳالهه اِتي جو اِتي رهي. تنهن کان پوءِ محمد غزنوي آيو يا ٻيا جيڪي به حمله آوار آيا ، اُهي ايندا ويا ۽ واپس ويندا رهيا، تان جو دهلي سلطنت قائم ٿي. قطب الدين ايبڪ پهريون شخص هو، جنهن اها سلطنت قائم ڪئي ۽ ان کان پوءِ حڪمران مستقل طور دهليءَ ۾ رهڻ لڳا.

مسلمان فاتحن ۽ حڪمرانن پاڻ سان گڏ جيڪي فوجون آنديون هيون، انهن جا سپاهي به هن سرزمين جا نه هئا، اُهي ٻاهريان هئا. مثلاً افغان هئا، مغل هئا، يا ايراني هئا، ته انهن حڪمرانن پنهنجي انتظام لاءِ سڄو ملڪ فوجين ۾ ورهائي ڇڏيو. يعني هڪڙو ساڳيو ماڻهو جيڪو فوج جو جنرل به هو، ساڳيو ماڻهو انتظامي طور گورنر به هو، ۽ وري ساڳيو ئي ماڻهو جاگيردار پڻ هو. يعني ٽي طاقتون هڪ ئي ماڻهوءَ وٽ اچي ڪٺيون ٿيون. بيورو ڪريٽ به اُهو ته فيوڊل به اهو ته آرمي جنرل به اهو! انهن کي حڪمرانن جاگيرون ورهائي ڏنيون ته ڀلي وڃي انهن جاگيرن جي هارين ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي ڦريو ۽ لٽيو، پر هر سال سرڪاري خزاني ۾ مقرر رقم ضرور ڏيندا رهجو، خاص ڪري مغلن جي دور ۾ اهو طريقو مضبوط هو.

انهي وقت هندستان ۾ ٻه طبقا هئا: هڪڙو طبقو پرمار طبقو، جيڪو ڌاريو هو، جيئن پهرين آريا آيا ته انهن مقامي ماڻهن کان پاڻ کي مٿي سمجهيو، انهن سان خلط ملط نه ٿيا ۽ انهن کان الڳ ٿلڳ رهيا. ساڳي طرح هي حڪمران توڙي انهن جا سپاهي ۽ حاڪم طبقا، پاڻ کي هتان جي مقامي ماڻهوءَ کان مٿانهون سمجهڻ لڳا، ۽ انهن جي پرماري ڪندا رهيا، انهن کان وصوليون ڪندا رهيا، پر انهن سان گڏ ملي ’هڪ‘ ٿي نه سگهيا.

پهريون پهريون صوفي، جنهن هندستان جي سرزمين تي پير رکيو، شايد محمود غزنويءَ جي دور ۾ اُهو هو سيد علي هجويري، جنهن کي عام طرح سان داتا گنج بخش به چوندا آهن. هنن ماڻهن، يعني صوفين، اچڻ سان جيڪو پيغام ڏنو، اهو انسانيت جو هو. هنن پهرين ڳالهه جيڪا ڦهلائي، اها هئي، ”وحدت الاديان“ جي، جنهن کي فلاسافيءَ جي ٻولي ۾ Pantheism  چوندا آهن، يعني هر مذهب سچو آهي، ڪوبه مذهب ڪوڙو ڪونهي، ڪنهن به هڪ مذهب وارو ماڻهو ٻئي کان گهٽ ڪونهي. سڀني وٽ پرين آهي. انسانن جي وچ ۾ ويڇو نه وجهو. اها هڪ ڪوشش هئي ته انسانن جي وچ ۾ پرمار طبقن جيڪو خال پيدا ڪيو هو، اهو ڀرجي وڃي.

داتا گنج بخش (سيد علي هجويري) کان پوءِ سيد بختيار ڪاڪي، ان کان پوءِ بابا فريد گنج شڪر، خواجا معين الدين چشتي اجميري، جنهن کي عام ماڻهو ’خواجا غريب نواز‘ چوندا هئا، ۽ اڃا تائين کيس خواجا غريب نواز ٿا چون، ۽ ڳائيندا ٿا وتن ته:

”خواجا غريب نواز ميري بهي جهولي بهردي“.

’غريب نواز‘ کي ان ڪري ’غريب نواز‘ سڏيندا هئا ڇو ته هن غريب طبقن کي پنهنجو ڪيو. اُهي غريب طبقا مقامي ماڻهن جا هئا: پوءِ چاهي هندو هجن، چاهي مسلمان هجن. هڪڙو طبقو هو پرمار ڪندڙ طبقو، جيڪي ٻاهران آيا هئا. اهي جابر هئا، ظالم هئا، ڦورو ۽ لُٽيرا هئا ۽ جن جي هٿ ۾ تلوار هئي، جن جي هٿ ۾ طاقت ۽ حڪومت هئي، جن جي هٿ ۾ پئسو هو، ۽ ٻيا غريب ماڻهو هئا، جن ۾ مسلمان به هئا ته غير مسلم به. اهي هئا هتان جا مقامي ماڻهو، جن کي نه ڪو هو فوج ۾ عهدو، نه ڪا حڪومت، نه زور، نه پئسو، رڳو پئي ڦُربا رهيا. ته خواجا معين الدين چشتيءَ انهن جو پاسو ورتو، ان ڪري ان جو نالو پئجي ويو خواجا غريب نواز.

انهن صوفين جو لڳاتار سلسلو هو: قلندر شهباز سنڌ ۾ آيو. خواجا فريد گنج شڪر، جنهن جو گهڻو ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي، ڇو ته پراڻي پنجابي سنڌيءَ سان گهڻي مشابهت ٿي رکي.

نظام الدين اولياء جي دور ۾ تاريخ جو هڪ عجيب واقعو ٿيو. نظام الدين اولياء چشتي طريقي جو هو. جڏهن مسلمان، هندستان ۾ آيا، ته ڏٺائون ته سڀيئي لطيف فن، هندو مذهب ۾ نه فقط جائز هئا، پر اهي مذهبي رسمن جو حصو به هئا. مثلاً موسيقي ۽ راڳ هنن جي مذهب جو حصو هو. مندرن ۾ ڀڄڻ ڳائجن، ساز وڄائجن، شاعري هنن جي مذهب جو حصو، رامائڻ شعر ۾ آهي، ۽ ڀڄن، رام ڀڳتي، ڪرشن ڀڳتي سڄي شعر ۾ آهي. Sculpture يا سنگتراشي هنن جي مذهب جو حصو، ڊرامو هنن جي مذهب جو حصو، جيئن رام ليلا، ۽ ناچ هنن جي مذهب جو حصو، جيئن مندرن ۾ ٿيندو هو. مصوري هنن جي مذهب جو حصو. مسلمانن جو مذهب بياباني سماج (خشڪ سماج) هو، ان جي ڪٽر اڳواڻن وٽ شاعري، مصوري، سنگتراشي، موسيقي، ناٽڪ ۽ ناچ سڀ منع هئا. صوفين ڏٺو ته هن سرزمين تي موسيقيءَ کي خدا تائين پهچائڻ جو ذريعو ٿو سمجهيو وڃي، ۽ اها مذهبي تبليغ جو هڪ سٺو ذريعو به آهي، ان ڪري چشتي طريقي نه فقط راڳ کي جائز قرار ڏنو پر ان کي ”سماع“ جو نالو ڏيئي زور وٺايائون. (امام غزالي جا خيال پڻ اهڙا آهن) ۽ سڀني چشتي درگاهن تي قوالي ۽ سماع رائج ٿيا.

علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحقيق موجب سنڌ ۾ چشتي طريقو مقبول نه ٿيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست قادري طريقي جا هئا ۽ ان طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، پر شاهه لطيف صوفي آستانن ۾ سماع شروع ڪيو. سنڌ جا صوفي، پوءِ چاهي ڪهڙي به طريقي جا هجن، پر عمل ۾ چشتي آهن ۽ راڳ هر درگاهه جو معمول بنيو:

مون پئي چيو ته انهن چشتي طريقي جي بزرگن، جن ۾ نظام الدين اوليا به شامل هو، چيو ته سماع خدا تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو آهي ۽ اسان سماع وسيلي خدا کي وڌيڪ ويجهو ٿيون ٿا. ان تي جيڪي ٻيا ٺڪر ملان يا چئجي ته ٺيٺ ملان، جنهن کي انگريزي ۾ Fundamentalist چوندا آهن، انهن فتوائون ڏنيون. نظام الدين اولياء هو. غياث الدين تغلق جي وقت ۾. غياث الدين تعلق ان وقت مولوين جي هڪ ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن ۾ پنج سو کان وڌيڪ مولوي هئا، جيڪي هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهرايا ويا هئا. انهن جي آڏو نظام الدين اولياء کي حاضر ٿيڻو پيو ۽ سوال جواب ڪرڻو پيو. عين ممڪن هو ته شرعي طور تي نظام الدين اوليا کي تعزيز يا سزا ڏني وڃي ها، يا هو ڇا به ڪن ها. بهرحال تاريخ ان ڏس ۾ خاموش آهي. تاريخ ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي ته نظام الدين اولياء کي ڪا سزا ملي. پر مان سمجهان ٿو ته نظام الدين اولياء کي عوام ۾ ايترو ته مقبوليت هئي، عام ماڻهوءَ جي ان سان ايڏي ته عقيدت ۽ محبت هئي، جو وقت جي حڪومت کيس سزا ڏيڻ جي همت نه ساري سگهي.

ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ به ائين ئي ٿيو. شاهه لطيف تي سماع جي ڏس ۾ کهڙن جي مخدومن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ساڳيا اعتراض ڪيا.

بهرحال اهي انٽيليڪچوئل تحريڪون هيون، جن هتان جي مظلوم طبقن کي پنهنجي ويجهو آندو. خواجا معين الدين چشتي، بابا فريد گنج شڪر، نظام الدين اولياء، سليم چشتي، هنن سڀني جي باري ۾ چون ٿا ته غير مسلم به وڃي انهن جا مريد ۽ معتقد ٿيا، ته ٻئي طرف وقت جون حڪومتون ۽ انهن جا ڪارندا ۽ مذهبي متعصب اڳواڻ، پنهنجي پرمار حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ جواز ڳوليندا رهيا.

اڪبر اعظم جي زماني تائين صوفين جي تحريڪ ايترو ته عام ۽ مقبول ٿي ويئي، جو اڪبر هندستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو غير مسلمانن کي ويجهو ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو، انهن مان شاديون ڪيائين. مذهبي متڀيد کي ختم ڪري، هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جهڙا حق ڏنائين. سنسڪرت ۽ هنديءَ جي فلسفي ۽ مذهب جي ڪتابن کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرايائين. هتان جي موسيقيءَ ۽ ٻين لطيف فنن کي همٿائين. مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو مقامي ماڻهن کي ڪجهه حق مليا. غير مسلمانن کي مذهبي آزادي ملي. پرمار طبقا، جيڪي ٻاهران آيل سپاهين ۽ مذهبي اڳواڻن تي ٻڌل هئا، انهن جي سياسي توڙي اقتصادي هڪ هٽي ختم ٿيڻ لڳي. هنن جي هٿن مان ڄڻ طوطا اڏامي ويا! هنن پنهنجي ختم ٿيندڙ هڪ هٽيءَ کي ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ جواز ڳولڻ شروع ڪيا. سڀ کان مضبوط جواز هو مذهب، ڇو ته رڳو مذهب جي ذريعي ئي مقامي ماڻهن جي ايڪي کي ختم ڪري ٿي سگهيا، جيڪو ”وحدت الوجودي صوفين“ جي ذريعي قائم ٿيو هو. تان جو جهانگير جي وقت ۾ هڪ مذهبي اڳواڻ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو هو شيخ احمد سرهندي، جنهن کي مجدد الف ثاني به چوندا آهن ۽ امام ربانيءَ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. ان هندستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وحدت الوجود  جي فلسفي کي رد ڪري وحدت الشهود جو فلسفو دنيا جي آڏو رکيو. هندستان ۾ پرماري طبقي جي ضرورتن هيٺ همه اوست جي فلسفي کي چئلينج ڪرڻ ضروري ٿي پيو. صوفين جيڪا بي تعصب جي برعڪس مذهبي رواداري قائم ڪئي هئي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هن لکيو ته ”غير مسلم جي ذلت اسلام جي ڄڻ عزت آهي، يعني جتي ڪو غير مسلم ڏسو ته ان کي ذليل ڪيو. ان ۾ اسلام جي عزت آهي.“ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”جڏهن مان مڪاشفي ۾ وهان ٿو ته منهنجو مقام حضرت ابوبڪر صديق کان به وڌي ٿو وڃي!“ اهو آهي امام رباني مجدد الف ثانيءَ جو يارهون مڪتوب!

مجدد الف ثاني اهو به چيو ته مئٿيميٽڪس يا رياضي فضول علم آهي، ۽ سڄي جو سڄو رد ڪرڻ گهرجي. ٻئي هنڌ چوي ٿو ته فلسفو بيوقوفي آهي، ان ڪري ان جي ويجهو نه وڃو. اهي هئا خيال ان وقت جي عالم مجدد الف ثانيءَ جا، جنهن تارخ ۾ ڪردار ادا ڪيو انهن پرمار ماڻهن جي لاءِ، جن جي هٿان مظلومن جو سامان ڦرجي ويو هو، ۽ هو وري پنهنجي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين ٿي ويا هئا.

هلندي هلندي تاريخ اچي اورنگزيب تي پهتي. اورنگزيب کان پوءِ مغلن جي زوال جو ئي دور آهي. ان زماني ۾ شاهه لطيف ڄائو. هي سڄو پس منظر مون ان ڪري ڏنو آهي، جيئن توهان پوريءَ طرح سمجهي سگهو ته شاهه لطيف جي ڄمڻ وقت ننڍي کنڊ ۾ ڪهڙيون حالتون هيون. ان کان اڳ ڇا ٿيو، تصوف ڇا هو ۽ ان وقت ڪهڙا ڪهڙا اقتداري حربا هئا، ڪهڙيون ڪهڙيون طاقتون هيون، جيڪي هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪري رهيون هيون.

اورنگزيب اچڻ سان مجدد الف ثانيءَ جي خيالن ۽ نظرين مطابق حڪومت قائم ڪئي. هن ان ڳالهه کي سامهون رکيو ته اسلام جي عزت غير مسلم جي ذلت ۾ آهي، ان ڪري هن حڪم جاري ڪيو ته غير مسلم جڏهن ٽئڪس ڏئي ته ان جو هٿ هيٺان ۽ ٽئڪس وٺندڙ مسلمان جو هٿ مٿان هجي! يعني اُتي به ان جي ذلت ٿئي (پئسا ڏيڻ وقت به). تنهن کان پوءِ، برصغير جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اورنگزيب جي ئي وقت ۾ شيعا _ سني فساد ٿيا. هن ڏکڻ هندستان جي شيعا حڪومتن کي برداشت نه ڪيو. ان کان اڳ ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪڏهن به شيعا _ سني تفرقي جو نشان ڪونه ٿو ملي.

هاڻي هڪ وڏي ڳالهه ٿي، جو اورنگزيب جو ڀاءُ دارا شڪوه وحدت الوجود جي فلسفي جو مڃيندڙ ۽ پرچارڪ هو. هن هڪڙو ڪتاب لکيو ”مجمع البحرين“، تمام ننڍو ڪتاب آهي، فقط ٽيهن صفحن جو. ان ۾ هڪ هندو عالم جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي.“ هن انهيءَ ڪتاب ”مجمع البحرين“ ۾ اسلامي فلسفي ۽ هندي فلسفي، ٻنهي ۾ ساڳيون Common ڳالهيون ڳولي ڏنيون آهن. مثلاً روح جي باري ۾، عالم برزخ جي باري ۾، جسم جي باري ۾. جيڪو به مسلم فلسفو آهي يا هندو فلسفو آهي ان ۾ اختلاف آهي ئي ڪونه. دارا گيتا ۽ اپنشدن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هو مريد ۽ شاگرد هو ميان مير سيوهاڻيءَ سنڌيءَ جو. ميان مير سنڌي، جنهن جو مقبرو لاهور ۾ آهي، ۽ اڃا تائين اتي هن جو ميلو لڳندو آهي. ميان مير سنڌي، سنڌيءَ جي مشهور اساسي شاعر قاضي قادن جو ڀاڻيجو هو.

دارا شڪوه لکيو آهي ته ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو نه آهي.“ مون تازو وري ان موضوع تي خاصو اڀياس ڪيو آهي ۽ ويدن مان ڪجهه سٽون توهان کي ٻڌايان ٿو:

يجر ويد ۾ هڪ هنڌ آهي: ”خدا کي ڪابه شڪل نه آهي.“  

 (God does not have any shape).

اٿر ويد ۾ آهي ته: ”هو اڪيلو، اڻ ورڇجندڙ ۽ سڀ کان مٿاهين حقيقت آهي.“

(He is single indivisable and supreme reality).

تنهن کان پوءِ يجر ويد ۾ آهي: هو هر هنڌ آهي.        

 (He is all prevaling)

قرآن پاڪ ۾ آهي: ”ليس ڪمثلہ شيئاً“ (ڪابه شئي هن جهڙي ناهي).

        ته اهي سڀ ڳالهيون دارا شڪوه ڌيان ۾ رکيون. دارا شڪوه کي ميان مير سنڌيءَ جي رهنمائي حاصل هئي. دارا شڪوه، ميان مير سنڌيءَ تي هڪ خاص الڳ ڪتاب لکيو آهي. اهو آهي ”سڪينة الاوليا“، جنهن ۾ ميان مير سنڌي ۽ ان جي خليفن ۽ ٻين معتقدن جو ذڪر ڪيو آهي.

بهرحال داراشڪوه کي اورنگزيب شهيد ڪيو. نه رڳو هن کي بيدرديءَ سان مارايائين، پر هن جي وڍيل سسي خونچي ۾ رکي قيد ۾ ودل پنهنجي پيءُ شاهجهان ڏي موڪليائين ته مون توڏي ناشتو موڪليو آهي ۽ پوڙهو پيءُ، جيڪو قيد ۾ هو، ان چيو ته خدا جو شڪر آهي، جو سالن کان پوءِ مون کي منهنجي پٽ ياد ڪيو آهي. ائين چئي ڪپڙو جو پري ڪيائين. خونچي تان ته پُٽ جي سسي اکين اڳيان هئي!

مون هن کان اڳ توهان کي ويدن جا سلوڪ ٻڌايا، ته اسلام جي اچڻ کان پوءِ هندي شاعريءَ ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿي، ان کي چيائون ”نرگنوارد“. نر معنيٰ نه، گن معنيٰ خاصيت يا Attribute  واد معني ازم Non Attributism يعني خدا کي ڪابه شڪل ڪانهي. مطلب ته جيئن اسلام ۾ آهي، تيئن هن نظريي موجب بت پرستيءَ کان منع ٿيل آهي. اها وحدانيت وري ”نرگنوارد“ تحريڪ شاهه لطيف کان اڳ ۾ پيدا ٿي چڪي هئي.

شاهه لطيف وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي تفصيلن کان واقف هو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو تصادم هو، اهو اڃا تازو هو. سرمد ۽ دارا جي شهادت کان شاهه صاحب فقط يارنهن سال پوءِ ڄائو.

تنهن کان پوءِ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو ٿيو. سنڌ جي هن عظيم سپوت کي پير حسام الدين راشديءَ سنڌ جو ”پهريون سوشلسٽ“ سڏيو آهي. هن اها تحريڪ شروع ڪئي ته ”بابا ملڪ موليٰ جو آهي، جيڪو کيڙي سو کائي؛ ڪنهن به جاگيردار کي حق نه آهي، جو بٽئيون وٺي. هارين کان پئسا وٺي يا ٽئڪس لاڳو ڪري.“ هن ٽئڪسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ مان سمجهان ٿو ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اجتماعي زراعت Collective Farming جو بنياد شاهه عنايت رکيو. ان تي جاگيردارن، مغل حڪمرانن جي مدد وٺي، شاهه عنايت ۽ ان جي مريدن کي گهيرو ڪيو. ٻه مهينا جنگ هلي، ۽ آخر شاهه عنايت کي دغا سان شهيد ڪري سندس سسي دهليءَ جي مغل شهنشاه ڏي موڪلي ويئي. اهو واقعو تڏهن ٿيو، جڏهن شاهه لطيف اڃا ويهن ٻاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو.

شاهه لطيف جو همعصر ۽ سندس جگري دوست خواجا محمد زمان لنواريءَ وارو ’نقشبندي‘ طريقي جو هو، ۽ امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي مسلڪ تي، پر هن جون شاهه لطيف سان خاص رهاڻيون هيون. هو امام ربانيءَ جي تعليم جي خلاف غير مسلمانن کي به مريد ڪندو هو، اهڙا قول سندس ملفوظات ۾ موجود آهن. سنڌ جي مٽيءَ ۾ سڀ مسلڪ ۽ نظريا پيار ۽ محبت سان رڱجي وڃن ٿا. هن ملڪ جي مٽي ڪٽرپڻي جي ڪٽ کي لاهي، جيءَ کي جرڪايو ڇڏي.

هاڻي اچو ٿورو ڪلهوڙن جي دور تي. شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄائو. آدم شاهه ڪلهوڙو، اڪبر جي زماني ۾ هو. عبدالرحيم خان خانان، جيڪو شاعريءَ ۾ ”رحمن“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن کي ”بيرم خان“ به چوندا آهن، اهو اڪبر جو سپهه سالار هو ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ دوران جڏهن هو سکر ۾ آيو ته آدم شاهه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ان کان دعا گهرايائين. پر ملتان جي گورنر آدم شاهه کي نه سَٺو، ڇو ته آدم شاهه هڪ تحريڪ هلائي رهيو هو ڌارين جي خلاف، انهيءَ ڪري آدم شاهه کي شهيد ڪيو ويو.

آدم شاهه کان پوءِ سندس ڀائيٽي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کي به شهيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميان دين محمد کي اورنگزيب پڪڙي گواليار ۽ شايد دهليءَ ۾، ٻن هنڌن تي قيد ڪيو ۽ ويچاري جي سڄي عمر قيد ۾ ڳري ويئي. تنهن کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو گوريلا جنگ ڪندو رهيو مغلن جي خلاف. اورنگزيب جو پٽ معز الدين، انهيءَ به سنڌ ۾ ڪلهوڙن کي گرفتار ڪرايو. ان کان پوءِ ٻيا جار پنج مغل بادشاهه ڇهن سالن ۾ ٿيا. آخر مرڪز جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويو، تڏهن ’خدا يار خان‘ جي لقب سان ميان يار محمد سنڌ جي تخت تي ويٺو.

اهو دور آهي، اها تاريخ آهي، جنهن جي پس منظر ۾ شاهه لطيف پيدا ٿيو. اهو انٽيليڪچوئل ماحول آهي _ ڀڳتي تحريڪ، نرگن واد جي تحريڪ. ان وقت هڪ خاص تاريخي واقعو ٿيو، اهو هو شاهه ولي الله جو ڄمڻ جو.

شاهه ولي الله، جنهن کي محدث دهلوي ٿا چون، ان جڏهن مغل سلطنت جو زوال ٿيندي ڏٺو، هن جي نظر ۾ حڪومت جو زوال معنيٰ اسلام جو زوال. حڪومت به دهليءَ جي مرڪز جي. هن جي نظر ۾ سنڌ ۽ ٻيا انهن جا عام ماڻهو يا اتان جون حڪومتون اهم نه هيون. بهرحال هن چيو ته ان مرڪز کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ هن پهريون قدم اهو کنيو جو وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي فلسفي، يعني محي الدين ابن العربي ۽ امام رباني، ٻنهي جي فڪر کي هڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين. ناڪام ان ڪري ٿو چوان جو اهي ٻيئي نظريا، پرمار ڪندڙ ۽ پرمار ٿيندڙ، ڪڏهن به هڪ نه ٿي سگهيا آهن. البته مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي الله جي فڪر مان انقلابي ۽ سوشلسٽ عنصر تلاش ڪيا، پر اهي ٻه فلسفا الڳ الڳ ئي رهيا: هڪ قدامت پسند مُلن جو، ته ٻيو ترقي پسند، بي تعصب صوفين جو. ٻي ڪوشش جا شاهه ولي الله ڪئي، اها هيءَ ته احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکي گهرايائين ته ”تون هتي اچي اسلام جي خدمت ڪر، ڇو ته هتي مغلن جي اسلامي حڪومت ڪمزور ٿي ويئي آهي، تون ايندين ته اسلام جي فتح ٿيندي.“ شاه ولي الله، شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ 1703ع ۾ ڄائو. ۽ هن شاهه لطيف جي وفات کان ٿورو پوءِ احمد شاهه ابداليءَ کي گهرايو. بهرحال اهو لازمي آهي ته شاهه لطيف پنهنجي دور جي هن عالم جي فلسفي کان غير واقف هجي. جڏهن ته روايتون آهن ته شاهه لطيف جو بهترين دوست جنهن سان سندس روح رهاڻ هوندي هئي، مخدوم ٺارو، جنهن کي مخدوم محمد معين ٺٽوي به چون ٿا، اهو، شاهه ولي الله سان تعلق ۾ هو.

ته شاهه لطيف جي زماني ۾ ٽي انٽيليڪچوئل تحريڪون هيون. هڪ محي الدين ابن العربي جي وحدت الوجود، ٻي شيخ احمد سرهندي، امام رباني مجدد الف ثاني جي وحدت الشهود ۽ ٽين شاهه ولي الله جي، جيڪا ٻنهي متضاد تحريڪن کي ملائڻ جي ڪوشش هئي، پر شاهه لطيف ان وحدت الوجودي نظريي کي ئي ڦهلائيندو رهيو، جيڪو هن ڌرتيءَ جي مظلوم طبقن، محڪوم طبقن، پرمار ٿيل پيڙيل طبقن جي لاءِ هو، مذهبي تعصب کي ختم ڪرڻ لاءِ هو، نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ هو، مختلف طبقن ۾ پيار محبت وڌائڻ لاءِ هو _ اهوئي شاهه لطيف جي شاعريءَ جو رول هو، جيڪوهن ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيو، ۽ هن دور ۾ به سنڌي شاعري اهو ساڳيو ئي رول ادا ڪندي ٿي اچي.

(شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن کي ڏنل ليڪچر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com