”...اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه
ديوان پڙهو تڏهن به ساڳي ڳالهه! وري جڏهن فارسي
شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم تڏهن پتو پيو
ته فارسيءَ وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري چڪا
آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي وري سنڌيءَ
۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾
جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اڃ انهيءَ
ٻوليءَ، مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿي. ٻيو ته
مون ڏٺو ته منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽
پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه
آهن، انهن سان به منهنجو ڪو رشتو آهي. وطن ويڙهيچن
سان آهي. اِهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا ’پنهنجا‘
آهن. انهن جا ڏک ۽ سور جيستائين شاعري پنهنجي دامن
۾ نٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون
تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي
ڏک ۽ درد اوريا وڃن _ سو اِهي ڳالهيون هيون جن مون
کي ’مغموم‘ مان ’ تنوير‘ بڻايو. منڍ ۾ مون ۽
منهنجي ساٿين جڏهن ان قسم جي شاعري ڪئي، پڙهي ۽
پيش ڪئي ته ماڻهو وائڙا ٿي ويندا هئا، پر ٿوري ئي
عرصي کان پوءِ اسان ڏٺو ته اسان جي شاعريءَ تي
ڪڏهن ماڻهن جي چپن ۾ مرڪ تري ايندي هئي ته ڪڏهن
اکين ۾ لڙڪ لڙي پوندا هئا. اسان پنهنجي شاعريءَ کي
ائين جيئري جاڳندي ڏٺو...“ _تنوير عباسي
ڊاڪٽر سليمان شيخ
ٻرياسون ته پل...
(تنوير عباسيءَ جون ساروڻيون)
پل_ اَپل جي هيءَ حياي جَر ۾ ڦوٽي جيئن آهي. الاجي ڪهڙي
لهر، ڪيڏيءَ ويل ان کي اڌ ڪريو وڃي. ان کن پل جي
جيون ۾ ڪي ڏيئا جرڪاٽ ڪندا آهن، جن جي لاٽ صدين
تائين واٽهڙن کي واٽ ٻڌائيندي آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ 1963ع ڌاري ٿي،
جڏهن سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻوليءَ لاءِ تعليمي حق
وٺڻ جي تحريڪ هلائي رهي هئي. آءٌ لياقت ميڊيڪل
ڪاليج جو شاگرد هوس ۽ اسان چند سنڌي شاگردن سان
گڏجي بسنت هال ۾ ”سنڌي ٻولي بچاءُ سيمينار“ سڏايو
هو. هن سيمينار لاءِ ڪاليج جي ڪارپردازن سخت
مخالفت ڪئي، پر منهنجو هڪ باهمت ساٿي خيال ملڪ
(هاڻي ڊاڪٽر مصطفيٰ ملڪ، نواب شاهه) گڏ ٿي بيٺو ۽
اسان هڪ شاندار سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
وياسون. ان شام جي مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر تنوير
عباسي ڪئي هئي.
تنوير عباسيءَ ايل ايم سيءَ ۾ لطيف ڏهاڙي ملهائڻ جي روايت وڌي
هئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هن ان جو ذڪر ڪيو هو ۽
خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ته سندس ٻاريل مشعل اڃان
جرڪي پيئي. ساڻس ان مختصر تعارف کان پوءِ 1966ع ۾
جڏهن تنوير سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري بنيو
ته آءُ به سنڌ ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويس. ان
ريت تنوير سان سڪ جو سفر شروع ٿيو.
سگا جو جڏهن بنياد پئي پيو ته ان لاءِ ڪيترن ئي ساٿين سان سنڌ
جي مختلف شهرن ۾ وڃي ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو. ان
ريت تنوير جي محبتن جو محل ”سرمد جو گهر“ خيرپور
پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو.
1989ع ۾ ”سچل بين الاقوامي ڪانگري“ جو ته تنوير ڄڻ ڪاڄ _ ڌڻي
هو. صلاح مصلحت ۾ شامل ڪانگريس کان پوءِ فدن جي
سنڌ _ ياترا لاءِ خيرپور ۾ مهماني تنوير سچل چيئر
پاران جهلي ۽ سچل آڊيٽوريم ۾ يادگار تقريب جو
اهتمام ڪيو، جنهن ۾ محترمه روبينه قريشي ۽ مصطفيٰ
قريشي خاص طور لاهور کان اچي شريڪ ٿيا ۽ محفل کي
رونق بخشي.
تنوير هڪ وڏو شاعر هو، ان سان گڏ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي هڪ
مستند محقق هو. سندس تحقيق سنڌي، فارسي ۽ فرينچ
ٻولين جي شاعريءَ جي لاڳاپن ۽ هڪجهڙاين متعلق هئي.
هو شاهه سائين، سچل، سامي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ۽
خود نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي فن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
بنا ڪنهن مدد ۽ مواد جي ڳالهائي سگهندو هو.
آخري ڀيرو مون کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي پاران منعقد ڪيل لطيف ڏهاڙي 1999ع جي موقعي
ڳالهائيندي ٻڌو هو.
هِــتان کــڻي هُــت جــن رکــيو سي رَسيون،
ساجن، سونهن، سُرت، وکائين ويجهو ٿيو.
شاهه سائينءَ جي ان بيت جي سمجهاڻيءَ دوران هن ٻڌندڙن کي پنهنجي
عالمانه مٺي آواز سان مَنڊي ڇڏيو هو.
تنوير هڪ اورچ ۽ اڏول انسان هو. هن جي هڪ شعر مون کي ذاتي طور
تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن شعر مون کي اتساهه
بخشيو آهي.
ٻرياسون ته پَل پر اجهامڻ کان اڳ ۾
هــزارن چــراغن کي ٻاري ڇڏيوسون.
تنوير جو ٻاريل ڏيئو اُجهاڻو ڪونهي. سندس لات جي بات وقت جي
وراڪن کي مات ڏيندي. هن موت کي ماري ڇڏيو آهي.
سندس خوشبو سنڌ ڌرتيءَ کي سدا واسيندي رهندي.
”...مان شاهه سائينءَ کي لاڳيتو پڙهندو رهندو آهيان ۽ مان ته
شاهه کي بنيادي طرح ’شاعر‘ ئي ٿو سمجهان. منهنجي
نظر ۾ شاهه وليءَ کان وڌيڪ آهي. مون شاهه جي
شاعراڻين خوبين کي پنهنجي سموري زندگيءَ جي مطالعي
۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
هن مهل تائين تمام گهٽ عالمن شاهه جي شاعريءَ بابت
لکيو آهي، پر جن به لکيو آهي ته رڳو هن جي سوانح،
روحانيت ۽ تصوف بابت لکيو آهي، بهرحال اهو به شاهه
جي شاعريءَ جو پهلو آهي، پر سڀ شاهه ته ڪونهي!
شاهه جا ٻيا به پهلو آهن جيڪي اجارڻ گهرجن. مان
پنهنجي خيال کان اڀياس لکي رهيو آهيان، جنهن ۾
منهنجو خاص نقطه نظر اهو آهي ته شاهه دنيا جو
پهريون شاعر آهي، جنهن عوامي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيو ۽
جنهن جي ٻولي ان وقت جي عام ماڻهوءَ جي ٻولي هئي.
شاهه جي شاعراڻي يا ادبي ٻوليءَ ۽ ان دور جي عوامي
ٻوليءَ ۾ ڪو ويڇو ڪونهي. شاهه جن ڪردارن کي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ ڳايو آهي اهي کانئس اڳ جي شاعرن جا ڪردار
هئا. شاهه کان اڳ جي شاعريءَ جا ڪردار ديويون،
ديوتا، بادشاهه، شهزادا يا وڏا وڏا جنگي سورما
هئا. جيئن تُلسي داس، هومر يا شيڪسپيئر هو، ۽ انهن
جا ڪردار هئا. پر شاهه جا ڪردار يا سورما عام
ماڻهو آهن، جيئن ٻيجل، چنگ وڄائڻ وارو، سسئي،
مارئي ۽ نوري وغيره وغيره، جي عام رواجي ڇوڪريون
آهن. شاهه جي شاعريءَ جو اهو خاص پهلو آهي جنهن تي
آءٌ لکي رهيو آهيان....“ _ تنوير عباسي
مظهر يوسف
سنڌيڪار: نجمه پنهور
تنوير عباسي _ هڪ سٺو دوست، هڪ معتبر دانشور
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان منهنجو غائبانه تعارف شايد جون
1970ع ڌاري ٿيو هو.
ٿيو هيئن جو مون 1970ع ۾ هڪ ترقي پسند هفتيوار اخبار ڪڍي هئي
(توهان ان کي ’کاٻي ڌر‘ جي اخبار به چئي سگهو ٿا.)
حسن اتفاق سان اخبار سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻي هئي، ان
ڪري مون پنهنجي بزرگ محترم محمد ابراهيم جويي صاحب
۽ پنهنجي دوست نور الدين سرڪي جي مشوري سان نبي
بخش کوسي کي ”صبح سنڌ“ جي ادارت جي لاءِ چونڊيو، ۽
نبي بخش کوسي جي صلاح سان هڪ مهذب نوجوان ارشاد
عباسيءَ کي اخبار جو بزنس مئنيجر مقرر ڪيو. ارشاد
عباسي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ هو.
اهڙيءَ طرح منهنجو تنوير عباسيءَ سان غائبانه
تعارف ٿيو ۽ ان جي نالي ۽ ادبي ڪم جي باري ۾ ڄاڻ
ٿي.
”صبح سنڌ“ جو پهريون شمارو پهرين جولاءِ 1970ع ۾ نڪتو. هي ڏينهن
سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه يادگار رهندو، ڇو ته اُن
ڏينهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ دنيا جي نقشي تي
ٻيهر ڏٺي ويئي. ۽ اِن طرح اُن ڏينهن شايع ٿيڻ واري
”صبح سنڌ“ ڄڻ تاريخ جو حصو بنجي ويئي.
هونءَ مان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ذڪر پنهنجي دوستن ۾ ٻڌندو
رهيو هوس ۽ مون کي خبر هئي ته هو سنڌ جو هڪ وڏو
اديب آهي، غلام رباني آگرو منهنجو ۽ ڊاڪٽر تنوير
جو گڏيل دوست هو. ان مون کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر تنوير
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي محققانه انداز
۾ هڪ معتبر ڪتاب لکيو آهي. آگري صاحب اسان کي
آماده ڪيو ته ”شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽي“ هي ڪتاب
شايع ڪري. ان سلسلي ۾ آگري صاحب سوسائٽيءَ جي
سربراهه پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه سان ڳالهه ڪئي.
ڊاڪٽر محمود حسين سوسائٽيءَ جو نائب صدر هو.
سوسائٽي سنه 1971ع ۾ قائم ٿي هئي.
هڪ ڀيري مان سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان گڏ خيرپور ويو هوس. اتي
هڪ ادبي جلسي ۾ مون ”سنڌيءَ“ ۾ لکيل تقرير پڙهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي ان جلسي ۾ موجود هو. جلسي جي
پڄاڻيءَ تي تنوير عباسي مون کي پنهنجي گهر مانيءَ
جي دعوت ڏني. اتي هن جي ۽ منهنجي گڏيل دوستن جي
حلقي ۾ تنوير سان هڪ نجي ۽ گهريلو ماحول ۾ ملڻ جو
موقعو مليو ۽ ائين اسان جا تعلقات وڌيڪ گهرا ٿيا.
هڪ ڀيري مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته تنوير عباسي بيمار آهي ۽ سول
اسپتال ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جي وارڊ ۾ علاج هيٺ
آهي. مان اها خبر پڙهي سڌو اسپتال ويس. ڪجهه موسمي
فروٽ به وٺي ويس. تنوير منهنجي اچڻ تي تمام گهڻو
خوش ٿيو، ۽ بار بار منهنجو ٿورو مڃيندو رهيو. مون
هُن کي اِهو به چيو ته منهنجو گهر ڪراچي ۾ موجود
آهي ته ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته گهر جي ماني مهيا
ڪرڻ جو مان انتظام ڪريان. پر ان ڳالهه جي هن اجازت
نه ڏني. هونئن تنوير بلڪل ٺيڪ ٿي چڪو هو، ٻئي
ڏينهن هو اسپتال مان فارغ ٿي خيرپور هليو ويو.
انهيءَ سوسائٽيءَ جي طرفان اسان هڪ شاندار جلسو ڪيو، جنهن ۾
مشاعري جو به اهتمام ڪيو ويو. ان ادبي محفل ۾ اسان
جي دعوت تي ڊاڪٽر تنوير عباسي خيرپور مان خاص طور
تي ڪراچي ڪهي آيو. ان وقت اسان جي سوسائٽيءَ وٽ
ڪتابن جي ڇپائيءَ جي لاءِ ڪا خاص رقم ڪانه هئي، پر
ڀلو ٿئي اسان جي سوسائٽيءَ جي اعزازي خزانچي دولت
مهتاڻيءَ جو، جنهن کان جڏهن هن سلسلي ۾ مدد گهري
ويئي ته هن ڀلي ماڻهو، هڪدم تنوير عباسيءَ جي ڪتاب
جي اشاعت لاءِ مڪمل خرچ پنهنجي کيسي مان ڏيڻ جو
وعدو ڪيو. ائين هي ڪتاب شايع ٿي ويو. جلد ئي
ڊزائين جي چونڊ رباني صاحب ڪئي، پر اها توقع جي
مطابق ايتري خوبصورتي سان شايع ڪانه ٿي، تنهن
هوندي به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪتاب تمام گهڻو
مقبول ٿيو. پوءِ خبر پيئي ته تنوير عباسيءَ انهيءَ
موضوع تي ٻه وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. پوءِ اُهي ڪتاب
به شايع ٿيا ۽ هٿوهٿ وڪامجي ويا.
هڪ ڀيري هڪ اشاعتي اداري ”سنڌي ڪتاب گهر“ جي طرفان اسان ڪراچي ۾
”سچل سيمينار“ منعقد ڪرايو. مون ڊاڪٽر تنوير عباسي
کي دعوت ڏني ته هو سيمينار ۾ شرڪت ڪري ۽ ان ۾
”ڪليدي مقالو“ پيش ڪري. اسان حميد سنڌيءَ کي مهمان
خصوصي طور سڏايو هو ۽ پروفيسر ڪرار حسين کي صدارت
جي لاءِ چيو هوسين. ان ۾ ڪي ٻه سؤ کن سنڌ جا اديب،
شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿيا، جن ۾ سنڌي لکڻ وارن کان
سواءِ اردوءَ ۾ لکڻ وارن به ذوق شوق سان حصو ورتو
۽ سيمينار گهڻو ڪامياب ٿيو.
آخري دفعو جڏهن ڪراچي ۾ منهنجي تنوير عباسي سان ملاقات ٿي ته
مون تنوير کي چيو ته توهان جا ٽيئي ڪتاب اردو ۾
ترجمو ٿيڻ کپن. تنوير چيو ته ”ضرور ضرور، پر اهو
ڪم توهان جو آهي _ تنوير جو نه!“ مون هڪ ٻن دوستن
سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، مدد گهري، پر ڪم
اڳيان وڌي نه سگهيو، ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي کي جلدي
سڏ ٿيو ۽ هو پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي جدائيءَ جو
داغ ڏيئي دنيا مان موڪلائي ويو!
نصير مرزا
...ڪُهه ڄاڻان، ڪهڙا پرين!
حيدرآباد کان اتر ڏانهن ريل ۾ سفر ڪندي، خيرپور جي اداس
۽ ڀانڀاڙ ريلوي اسٽيشن اچڻ کان اڳ ئي آسپاس جي
لينڊ سڪيپ ۾ بيٺل کجين جا خاموش وڻ ۽ چؤطرف هوا ۾
ڦڙڪندڙ حضرت عباس جي عَلم پاڪن جي بهار ڏسي، مَڻ
ڄڻ اُڇلون کائڻ لڳندو هو ته هِتي ٻيو ڪنهن سان به
نه، تنوير عباسي صاحب سان ضرور وڃي ملڻ گهرجي، ۽
1975ع ڌاري منهنجي بالآخر هُن سان اِن ئي گهر ۾
پهريون دفعو ملاقات ٿي، جيڪو سنڌي ادب ۾ ”سرمد جي
گهر“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ جيڪو تنوير جو ڪلينڪ
به هو ته گهر به! ۽ جنهن ۾ گهٽ ٻارن، ٿورن مريضن ۽
گهڻن مهمانن جي آوت جاوت بابت ٻڌندو رهندو هئس. پر
پنهنجي دلپسند انسان ۽ انسان دوست شاعر تنوير صاحب
جي اُن ٿڌي، خاموش ۽ پُرسڪون گهر ۾ گهاريل منهنجي
ساڻس پهرين ملاقات جو مشاهدو پوءِ ٿو لکان، پهرين
اُن آخري ۽ الوداعي لمحن جو مذڪور، جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ جي دستوري ميٽنگ ۾ هو شريڪ هو ۽ بلڪل فرسٽ
ڪلاس پئي لڳو! ميٽنگ هلندي چانهه
Serve
ٿي ته اها به مون ئي سندس اڳيان سولي ڪري رکي ۽ هو
ايڏو ته مٺو ۽ ڪرٽيئس ماڻهو هو جو فوراً مرڪي
Wish
ڏنائين. ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي بورڊ جون ڏاڪڻيون لهي
وڃڻ لڳو ته رباني صاحب سان گڏ مان سندس پويان لٿو
هئس. گاڏيءَ جي دروازي وٽ رباني صاحب سان ڀاڪر
پائي موڪلايائين ۽ مون کان به گاڏي اسٽارٽ ٿي ته
هٿ به کنيائين ۽ منهنجي مُرڪ جو مُرڪي جواب به
ڏنائين ۽ بالآخر ڪار اڳيان ويئي ۽ انسان جيڪو
هونئن ته پنهنجي دماغ جي ڪيترين ئي فيڪلٽيز کان
آگاهه ٿي چڪو آهي، افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ان
ڳالهه کان اڳواٽ باخبر نه ٿي سگهيو ته ڪير ڪڏهن ۽
ڪٿي هن سان پهريون دفعو ملڻ ۽ آخري دفعو موڪلائڻ
وارو آهي.
تنوير جي ڪار اسٽارٽ ٿي اڳيان وڌي ته بورڊ جي اوچن وڻن مان ڇڻيل
پيلا پن، ڪار جي اڳيان پٺيان ۽ هيڏانهن هوڏانهن
ڊوڙڻ لڳا ۽ ڪنهن وڻ تي لڪي ويٺل، اجل جي ڪوئل سمان
ڪُوڪَ تنوير صاحب جي ڪار جي ويندڙ آواز ۾ ضم ٿي
ڪيتريءَ دير تائين منهنجن ڪنن ۾ پڙاڏجندي رهي
هئي....!
تنوير صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن جو ذڪر مون ڪيو پئي،
1975ع ڌاري ٿي هئي. ظاهر آهي ته ان وقت هُو سنڌي
ٻوليءَ جو ”سرموڙ شاعر“ ۽ مان....؟.... مان محض
نؤآموز شاعر... ٽين ايجر ڇوڪر، ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي
ڳولا ۾ نڪرندڙ هڪ ڀٽڪندڙ روح، جنهن جا ان وقت
تائين ڪي ڏهه _ پندرهن شعر مس ڇپيا هوندا. منهنجو
محبوب دوست طارق عالم به ان ’سنڌ ياترا‘ ۾ مون سان
گڏ هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته ان وقت تائين طارق جون
به ڪي ٻه_ چار ڪهاڻيون ئي مس شايع ٿيون هونديون ۽
’سرمد جي گهر‘ ۾ هن عظيم انسان، اسان جي ان مختصر
ادبي سڃاڻپ تي، مُرڪي دروازا کولي ڇڏيا هئا. (۽
تنوير صاحب جي ان والهانه سواگت تي اسان ٻئي دوست
من ئي من ۾ ڪيڏو نه خوش ٿي رهيا هئاسين!) جڏهن
تنوير صاحب سان قليچ بيگ سان پنهنجي رشتي ۽ مذهبي
پس منظر جو ذڪر ڇيڙيم، ته ٺهه پهه چيائين: ”منهنجي
ناني به اهل تشعيه هئي“ _ پر منهنجو مذهب...؟ ۽ ان
جي وضاحت وري پنهنجو ئي هيءُ شعر پڙهيائين:
او تنوير! اســان هـــن جـــڳ ۾ هـــڪــڙو نــقــطو ڄاتو آهي،
پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي، نيهن عجب هڪ ناتو آهي.
وري چيائين:
مان شاعر آهيان، مون وٽ آهي هر ماڻهوءَ جو مان،
مــنهــنـجو مـــانُ مــگـر ڄــاڻــن ٿــا ڪــي ٿــورا انسان.
تڏهن مون تصديق ڪئي ته تنوير پنهنجي ذات ۾ خيرپور جو مشهور باغ
’ڦول باغ‘ وانگر هرهڪ کي خوشبو ڏيندڙ ۽ پنهنجي
سڀاوَ ۾ واقعي ’پنج تن پاڪ‘ چوڪ وانگر آهي، جنهن
وٽ اچي ۽ ويهي، هر مذهب ۽ هر نقطهء نظر جي ماڻهوءَ
جو ڏکندو ڏور ٿيندو آهي.
ڪلينڪ واري ڪمري ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ بعد هن اسان ٻنهي جا هٿ پڪڙي
اسان کي پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويهاريو. ڪنهن
چيو آهي ته ’پاڻ کي باعزت ڏسڻ چاهيو ٿا ته ٻين جي
عزت ڪريو‘ ۽ تنوير اسان ٻن اڀرندڙ ليکڪن کي عزت
ڏيئي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي عزت ڏيئي رهيو هو. ۽ ادبي
ڪچهري شروع ٿي ته مون نوٽ ڪيو ته ٻين عام سينئر
شاعرن ۽ دانشورن وانگر هن رڳو پاڻ ئي گهڻو نٿي
ڳالهايو، پر اسان جي ڳالهين کي به ڀرپور توجهه سان
ٻڌو پئي. ۽ مان ڀانيان ٿو ته هو اِها ڳالهه ڄاڻندڙ
انسان هو ته ٻين کي به دل و جان سان ٻُڌڻ گهرجي،
جو ٻُڌائڻ لاءِ ٻين وٽ به دلچسپ ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون
ٿي سگهن ٿيون.
۽ تنوير جو اهو گهر، جنهن ۾ تنوير صاحب سان گڏ ويٺو هئس، مون کي
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انگلش اسٽائيل جي گهرن وانگر
لڳو، جنهن جي ڊرائنگ روم ۾ جديد انداز جا ڊزائين
ٿيل صوفا ديوارن سان رکيل هئا ۽ هيٺ ڪارپيٽ، ۽
ديوار تي ٽنگيل ائنٽيڪ قسم جو گهڙيال. ٻئي پاسي
ڪارنس، جنهن تي طرحين طرحين انداز جا شو پيسز رکيل
هئا. تڏهن تنوير ڊرائنگ روم مان اسان کي پنهنجي
لائبريري ڏيکارڻ لاءِ ڀر واري ڪمري ۾ وٺي آيو، جتي
ڊبل بيڊ رکيل هو. ڪنڊ سان رائٽنگ ٽيبل ۽ ديوارن
سان چؤطرف بوڪ شيلف... مون اڳيان وڌي شيلفن ۾ رکيل
هڪ ڪتاب کڻي ڏٺو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي مون هن کي
ائين داد ڏنو، جيئن شاعرن کي سندس شعر تي داد ڏبو
آهي. ڇا آرٽ، ادب، تحقيق ۽ بايوگرافيز!... ۽
پئنٽنگ بابت ته ڪتابن جي وڏي ڪليڪشن ڏسي سوچيو
هئم: ”اَڇا! ته تنوير صاحب کي ’مصوري‘ سان به ايڏو
موهه آهي!“
۽ ان ڏينهن تنوير سان ويهي ڪچهري ڪندي ۽ هن جي گهر جي ماحول جو
مشاهدو ڪندي مون ڄاتو ته هن جي رهڻ ڪرڻ جو طور
طريقو انگريزي اسٽائيل جو هو. ۽ مون کي نٿو سُجهي
ته سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن شاعرن مان قليچ ۽
سانگيءَ ۽ هاڻي تنوير کان سواءِ ڪنهن ٻئي شاعر جو
اهڙو لائيف اسٽائيل رهيو هوندو!_ قليچ ۽ تنوير
صاحب جي ادبي روين ۾ به هڪ ٻي حيرت انگيز هڪجهڙائي
هئي ته ٻنهي ليکڪن يورپ جي جديد ادب ۽ روشن خيال
لاڙن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪيو هو. قليچ صاحب جي
يورپ جي افسانوي ادب ۽ ناٽڪ کي رواج ۾ آندو ته
تنوير صاحب وري جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي،
يورپ جي شاعرن ۽ نقادن مان ورڊسورٿ، ڪولرج، ايزرا
پائونڊ ۽ ايليٽ وغيره جي قائم ڪيل ڪسوٽين تي سنڌي
شعر کي پرکڻ جو جديد معيار نروار ڪيو، ۽ سنڌي
شاعريءَ کي بنهه نوان ۽ معنيٰ آفرين گس ڏيکاريا.
شام جي چانهه تنوير صاحب اسان کي پنهنجي گهر جي ننڍڙي لان ۾
پياري، جنهن ۾ هر طرف رنگ رنگ جا گلاب کڙيا بيٺا
هئا. ۽ انهن ۾ ڪارو گلاب ڏسي مان ته حيران ٿي ويو
هئس، جو ان رنگ جو گلاب مون اڳي ڪڏهن ڏٺو به ته
ڪونه هونه! تڏهن تنوير ڪاري گلاب کي ٽاريءَ تان
ڇني طارق ۽ مون کي تحفي ۾ ڏنو... تنوير صاحب ٻڌايو
پئي ته هي سڀ گلاب جا گل مون پاڻ پنهنجي لان ۾
الائي ڪٿان ڪٿان گهرائي لڳايا آهن. ’ڇو پوکيا آهن،
تنوير صاحب هي ايترا گلاب؟‘.... مون پاڻ کان سوال
ڪيو هو. ۽ پاڻ کي پاڻهي جواب ڏيندي چيو هئم: شايد
خيرپور ۾ گلاب جهڙن چهرن جي اڻاٺ آهي، ان ڪري اکين
کي ٺارڻ لاءِ گهر جي لانَ ۾ هن اِها محنت ڪئي هجي
متان! ۽ تنوير جي گهر ۽ ڪلينڪ ۾ ڏينهن جو ڳچ حصو
گهاريندي مون ائين به ڄاتو ته ڊاڪٽري پروفيشن ۾ هن
ڪا گهڻي دلچسپي ورتي ئي ڪانه پئي ۽ اهو شايد ان
ڪري به جو مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن هو مريضن کان
پئسن ميڙڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ته هُن جي اندر وارو
حُسن پرست شاعر ڪنهن مرڪندڙ ۽ موهيندڙ چهري ڏسڻ
کان جيڪر محروم ٿي وڃي ۽ سڄو ڏينهن بيمار ماڻهن ۽
اذيت ۾ ورتل مهانڊن ۾ گهريل هجڻ ڪري ممڪن آهي ته
کانئس شاعري به موڪلائي وڃي.
شام گهري ٿي ۽ تنوير جي لانَ مٿان تارا تجلا ڏيڻ لڳا ته هن
پهرين ته اسان کي پنهنجي نئين ڪوتا ٻڌائي، پوءِ
قمر تنوير سان ملرايو. مون کي ياد آهي ته اسين ڀيڻ
ڀائر جڏهن اڃا ڪمسن هئاسين، تڏهن پنهنجي وڪٽوريا ۾
چڙهي ڀاڀي قمر جي ننڍي ڀيڻ آپا مهرالنساءِ وٽ
ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئاسين، ۽ هن جي اسان سان ايتري
ته ويجهڙائي هئي جو هوءَ اسان جي والد صاحب کي
اسان وانگر ئي ’بابا سائين‘ سڏيندي هئي. ۽ حمايت
الاسلام اسڪول مان موڪل وقت اسين پنهنجي وڪٽوريا ۾
هُن کي گهر پهچائي پوءِ پنهنجي گهر ايندا هئاسين.
آپا مهر بعد ۾ 1965ع ڌاري مرزا خاندان پاران قائم ڪيل ٽنڊي
ٺوڙهي واري گرلس پرائمري اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس به ٿي
آئي هئي، ۽ ڏيک ويک ۾ نهايت باوقار ۽ شاندار خاتون
لڳندي هئي، ۽ جنهن جي بارعب شخصيت ۽ ايڊمنسٽريشن
جا قصا اڄ به ڪڏهن ڪڏهن دُهرائبا آهن. ڀاڀي قمر
سان سندس انهيءَ ننڍي ڀيڻ ’آپا مهر‘ جون ڳالهيون
ڪندي ان ڏينهن هُن سان ڪافي حد تائين گُلهي مِلي
ويو هئس.
۽ 1975ع ڌاري ’سرمد جي گهر‘۾ تنوير صاحب سان ٿيل انهيءَ پهرين
ملاقات کان پوءِ مون ته ساڻس تعلقات ائين ئي قائم
رکيا، جيئن اتان رواني ٿيڻ وقت پاڻ آٽو گراف طور
لکي ڏنل شعر ۾ تاڪيد فرمايو هئائون:
ڍر ڏي پريت جي ڌاڳي کي،
ڳـنڍي نه پــوءِ ڇـنڻ گـهرجي.
ساڻس خط و ڪتابت جو سلسو جاري ڪيم ته ڄاتم ته ’هائيڪو‘ جي صنف
کي گهڻو پسند ڪندڙ شاعر تنوير عباسي صاحب خط جو
جواب به هائيڪي جي صنف جيترو مختصر ڏيندو هو. مون
کي ياد آهي ته پهرئين خط ۾ جڏهن مون کيس محترم...
مانوارا... وغيره مخاطب ڪري لکيو ته فورن جواب ۾
لکيائون ته نصير! خط ۾ هي مون کي جناب... محترم...
يا مانوارو... وغيره لفظ لکي مخاطب نه ڪندو ڪر، جو
آءٌ تو لاءِ صرف تنوير آهيان... ۽ مون کي بس اِن
مختصر نالي سان ئي خط لکندو ڪر، جو:
نڪو مان پيمبر، نڪو مان رسول،
مــان تنوير آهيان، پوان شل قـبـول.
۽ خيرپور شهر ۾ تنوير جهڙي اهم ۽ جديد شاعر جي رهائش اختيار ڪرڻ
جي ڪري ڀٽ شاهه، درازا ۽ سکر سان گڏ، جن ۾ لطيف،
سچل ۽ اياز جهڙن شاعرن رهڻ پسند ڪيو هو، ان شهر،
تنوير صاحب جي رهائش سبب تاريخ ۾ ڄڻ هڪ اهم جڳهه
والاري ورتي هئي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو گذريل سال
تنوير جهڙي روشن خيال، خوش فڪر ۽ صاحب مطالع شاعر
۽ نفيس محبتي انسان جڏهن ڪنهن بنهه ذاتي عُذر سبب
اتان اسلام آباد ڏانهن هجرت جو اعلان ڪيو ته
خيرپور جي شهرين سان گڏ سڄي سنڌ جي اديبن ۽ ادب
دوستن هن جي هجرت جي ان خبر تي ڏک جو اظهار ڪيو!
توڻي جو تنوير سنڌ، ادب، پنهنجي ماضيءَ ۽ پنهنجي
Roots
مان لڏڻ جو اعلان ڪونه ڪيو هو، ۽ ڏٺو وڃي ته وقت
جي وهڪري ۾ وهندا ماڻهو الائي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن
نڪري ويندا آهن (۽ ڪئي جهان جهاڳي موٽي ايندا آهن)
۽ ڪو انهن جو
Notice
ئي ناهي وٺندو، پر سنڌ واسين جو تنوير جي ذات، پات
۽ حيات سان ڪو اهڙو ته عشق هو جو هُن جي عارضي
هجرت به انهن لاءِ برداشت کان ٻاهر هئي ۽ هنن نٿي
چاهيو ته سنڌ، جتان هونئن ئي عظيم ماڻهو گهٽجي
رهيا آهن، تنوير جهڙو املهه ماڻهو به ان جي نقشي
مان ٻاهر هليو وڃي. ۽ اها ڳالهه به طئي هئي ته
تنوير اسلام آباد پنهنجا آدرش ترڪ ڪري ڪونه وڃي
رهيو هو ۽ هُو اُتي ويهي به سنڌ، سنڌي ٻولي، شاهه
لطيف ۽ سنڌ جي ثقافت لاءِ سوچي لوچي ها، پر افسوس
جو اسلام آباد جون سرد ۽ ظالم هوائون هن کي راس نه
آيون، يا وري ائين هو ته منافقت جي ان ’ڪوفي‘ ۾
جتي رڳو سازشون پرورش وٺنديون آهن، قدرت اتي جي
ڪاڪروچ _ نما ماڻهن جي وچ ۾ هن نازڪ ۽ سچي انسان
کي ڏسڻ ئي نٿي چاهيو!
عجب اتفاق ٿيو جو تنوير صاحب جي وصال کان تازو ئي پوءِ ڪنهن
ٽريننگ جي بهاني سان انهيءَ ساڳئي
PIMS
هاسٽل ڏانهن مون کي وڃڻو پيو هو، جنهن جي
ICU
وارڊ مان تنوير جو روح قفسِ عنصري مان پرواز ڪري
ويو هو... بعد ۾ ان رات جو پاڻ سان گڏ اسلام آباد
پهتل پنهنجي دوست طارق عالم ابڙي سان گڏجي سندس
ڀاءُ قيس ابڙي جي ڪار ۾ سوار ٿي
H-8
جي ان ڀانڀاڙ بنگلي تائين وڃي پهتاسين، جنهن ۾
تنوير صاحب کي شايد ٻه ڏينهن به رهڻ نصيب نه ٿيا
هئا. ۽ اُهو گهر جنهن ۾ هنن خيرپور مان آندل پئڪ
ٿيل سامان اڃا کوليو مس پئي ته مسافر پنهنجي اڳئين
منزل لاءِ اٿي کڙو ٿيو!
قمر ڀاڀي سڏڪندي ٻڌايو پئي ته تنوير وصال کان صرف هڪ رات اڳ گهر
جي پوئين پاسي اڱڻ ۾ وڃي بيٺو هو، جتان جهنگ هو ۽
اسلام آباد جي ڪوهيڙي ۾ ورتل آسمان ۽ انهن وڻن ۽
وڻن جي زرد ٿيندڙ پنن تنوير کي ايڏو ته فيسينيٽ
ڪيو، جو چيائين: ”خزان جي موسم ۾ هنن وڻن جا پن،
انهن جا شيڊس ۽ هوا ۾ انهن جي کڙ کڙ جا آواز مون
کي ڪافي
Inspire
ڪندا ۽ لڳي ٿو ته انهن بابت هائيڪا لکڻ مون لاءِ
وڌيڪ آسان ٿي پوندو.“
۽ تنوير صاحب جي گهر تي پورنماسيءَ جو چنڊ کڙيو بيٺو هو، جو
ساڳي ڪار ۾ زيرو پوائنٽ کان ٿيندا
H-8
واري قبرستان ۾ تنوير سان ملڻ لاءِ پهتاسين، ته
چوڏهينءَ جو ساڳيو چنڊ تنوير جي لحد تي روشنيون
پکيڙي رهيو هو ۽ قبر جي ڪچي ڪتبي تي درج هو:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
نورالنبي
ڊاڪٽر تنوير عباسي
ڄم: 7_ ڊسمبر 1934ع
تاريخ وفات: 25_ نومبر 1999ع
انالله وانا اليہ راجعون
پلاٽ نمبر 89_قبر 150
۽ H-8 جي اُن بي ڪنار قبرستان ۾ تنوير عباسي صاحب جي اها هائيڪي مِثل
مختصر قبر، قبرن جي وچ ۾ ڄڻ ڪنهن ننڍڙي پئنٽنگ
وانگر لڳي رهي هئي.
۽ سال ٿيا... پاڪستان نئشنل سينٽر حيدرآباد جي هال ۾ آگم پبلشنگ
ايجنسيءَ پاران تنوير صاحب جي ڀاءُ الطاف عباسيءَ
جي ياد ۾ ريفرنس ٿيو هو ۽ ان موقعي تي رسالي ”نئين
نياپي“ جي ”الطاف عباسي نمبر“ جو مهورت به ٿيو هو.
تڏهن تنوير صاحب کان ان ڪتاب تي آٽو گراف ورتم ته
لکي ڏنائين: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا
پرين.“
۽ اڄ!... تنوير صاحب جي آٽوگراف طور لکيل انهن ئي اکرن تي نگاهه
وڌي اٿم ته ڀانيان پيو ته اهي ئي لفظ، خود جهڙوڪر
هن وقت تنوير صاحب جو نالو وٺي مون کان سوال پيا
ته ڪن: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين!“
”...نصير
مرزا نوجوان شاعرن ۾ اڳرو آهي. هن وٽ احساس جي شدت
سان گڏ اونهي سوچ پڻ آهي، جيڪا سندس عمر ۾ گهٽ
شاعرن کي نصيب ٿيندي آهي. هن جي شاعريءَ کي انوکن
عڪسن جي موجودگي ۽ نوان تخليق ڪيل رِدم، گهڻو بلند
ڪيو ڇڏين....“ _تنوير عباسي (1984ع) |