سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:9 

شهرن جي ٻاهران عالم پناهه ڏنل هوندي هئي. جدا جدا واپار جي شين لاءِ شهرن ۾ جدا جدا بازاريون جڙيل هيون ۽ جدا جدا فرقن جي نالن تي محلات جڙيل هئا. عرب هر هڪ شهر ۾ گڏجي جدا محلي ۾ رهندا هئا. هر هڪ قبيلي لاءِ جدا جدا مسجدون، جدا جدا قبرستان جڙيل هئا. هر هڪ محلي کي جدا دروازو هوندو هو، جن تي پهريدار صبح توڙي شام بيٺل هوندا هئا.

عروس البلاد دمشق، جو اموي شهنشاهت جو دارالخلافت هو، سو اسلامي فتوحات کان اڳ رومي شهنشاهت جي شام علائقي جو پايه تخت هو. جتي رومي گورنر حڪومت ڪندو هو. بني اُميه عهد ۾ سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر شهر هو ۽ خلافت اِسلاميه جو مرڪز هو. عرب هن شهر کي (عروس البلاد) جي لقب سان سڏيندا هئا.

بني اُموي خليفن شهر ۾ وڏا وڏا محلات، چشما، ڪشادا ايوان جوڙايا هئا (قصر الخضرا) جو محلات امير معاويه جوڙايو هو،  سو قابل تعريف هو. کائنس پوءِ جيڪي به خلافت نشين ٿيا تن قبن سان محلات ۽ وڏن مينارن سان تعمير ڪرايائون. هندوستان جا هندو علم تعمير Architecture کان غير واقف هئا! سندن عمارت سازيءَ جو ڪم جيڪو به مندرن ۾ ڪيل آهي. خاص ڪري ايلورا جو مندريا ٻيا تن جي بناوت چين جي عمارت سازيءَ سان گهڻي مشابهت رکي ٿي. تنهن مان معلوم ٿيو ته هندوستان جي آرين اهو فن چين کان هٿ ڪيو. عمارت سازيءَ جي ڪم ۾ مصري لوڪ فرعون جي زماني ۾ حضرت عيسيٰ کان 4777 ورهيه اڳ واديءَ نيل جي ميدانن کي مرغ زار بنائي احرام کڙا ڪيا. مصرين کان يونانين اهو فن سکيو ۽ ڪارٿيج کي سينگاريائون. عربن به شروعات ۾ ئي عمارت سازيءَ جي فن کي اوج تي رسايو. بيت المقدس ۾ جامع عمر جا خلفاء راشدين جي يادگار آهي. تنهن کانسواءِ ڪوفي، بصره مڪي ۽ دمشق ۾ هن وقت صحرائي عرب وڏن وڏن عظيم الشان محلاتن ۾ رهندا هئا. خليفي وليد اول جيڪا مسجد ۽ مينار مٿس جوڙايا، تنهن سان لنڊن جي ٽرئفلگر اسڪوائر ۽ آمريڪا جي نيويارڪ جي محلاتن جي مجال نه آهي، جو مقابلو ڪري سگهن. نه وري فرانس جي ريمس جي ديول کي ئي مجال آهي، جو مٿيئن جامع مسجد جي بلنديءَ سان مقابلو ڪري سگهي! حُر بن يوسف جو هشام جي ڏينهن ۾ يارهن سالن تائين موصل جو حاڪم هو، تنهن اُتي هڪ وڏو مڪتب، قافله سراءِ، پاڻ لاءِ دولت خانو ۽ محلات جوڙايا. دولت خانو سڄو سنگ مرمر جو جڙيل هو، مٿس رنگ برنگ جواهر نگار ڪم ٿيل هو. محلاتن جا شهتير ساڳ جي ڪاٺيءَ جا جڙيل هئا، جو ڪاٺ هندستان کان گهرايل هو. هن محلات کي دلڪشا جي نالي سان سڏيندا هئا. جيتوڻيڪ موصل ۾ پاڻيءَ جي گهڻي تڪليف هئي پر هن حاڪم ڪوشش ڪري هڪڙي نهر کوٽائي ماڻهن کي سهولت ڏني. رستن تي ميويدار وڻ رکيائين، جن مان ماڻهن کي گهڻو فائدو پهتو.(1)

دمشق جي پراڻي شهر ۾ پاڻيءَ جو بندوبست براده نديءَ جي وسيلي يونانين گهڻو اڳ ڪري ڇڏيو هو، پر نئين شهر جي بندوبست لاءِ جيڪو اموي خليفن بندوبست ڪيو، سو اڃا تائين قابل يادگار آهي. مثلاً هنن شهر جي وچان 7 نهرون کوٽايائون، جن جي وسيلي سان هر هڪ گهر کي پاڻي پهچندو هو. خليفن جامحلات سنگ مرمر جا جڙيل هئا، جن تي سون جو ڪم ٿيل هو. محلاتن جي چؤطرف خوشنما باغ، پاڻيءَ جا چشما ۽ تلاءُ جڙيل هئا، جن جي ڪري ٿڌي هير لڳندي هئي. محلات جي اندرين ڪمرن تي سون جو ڪم ٿيل هو، جن جي ديوارن تي جواهر لڳل هئا. جدا جدا ايوانن ۾ غلام زرق برق جون پوشاڪون پهريل موجود بيٺل هوندا هئا. خاص ڪري خليفي هشام جيڪو محلات پاڻ لاءِ ٺهرايو هو، تنهن جو سنگ مرمر جو فرش ٻڌل هو ۽ سرن جي سنڌن تي سون جو پلٽ ڪيل هو. فرشتن تي سرخ غاليچا جن تي به سون جو ڪم ٿيل هو. خليفو پاڻ به درٻار ۾ سرخ ريشمي پوشاڪ پائي وهندو هو. چؤطرف مشڪ ۽ عنبر جي هٻڪار ايندي هئي. رات جو ڪافوري شمعون ٻرنديون هيون. عربن ۾ ڊرامي يعني ناٽڪ جو رواج پهريون شام ۾ پيو، پوءِ وري مصرين ۾ پيو ۽ اڄ تائين مصري ڊرامي جي فن ۾ ماهر آهن.

پري کان جڏهن مسافر دمشق ايندا هئا، تڏهن گهڻي فاصلي کان کين شهر جي عالم پناه جي دروازن جا برج نظر ايندا هئا. شهر کي 6 وڏا شاهي دروازا هئا، جن مان باب الشرقي، باب الفردوس ۽ باب الصغير مشهور هئا.

عرب فتوحات کان اڳ جاين جو نمونو رومي ۽ ايراني نموني تي هو پر عربن جي گنبذن ۽ مينارن ۽ کجور جي وڻن هڪ قدرتي رونق پيدا ڪئي. اميرن ۽ رئيسن جي گهر اندر وڏا وڏا صحن هئا، جن جي پٺيان وڏا ڪشادا ايوان نظر ايندا هئا. اُنهن جي صفحن اڳيان صاف پاڻيءَ جا چشما به هوندا هئا، جن جي چوگرد خوشبودار وڻ ۽ ميوا دار وڻن جا جهڳٽا نظر ايندا هئا. ايوانن جا فرش سنگ مرمر ۽ ٻين قيمتي پٿرن جا جڙيل هئا. جن تي ويهي اونهاري ۾ هوا کائيندا هئا. دستر خوان فرش تي وڇائي ۽ فرش تي ويهي ماني کائيندا هئا. رهائش لاءِ ٻه ماڙ جايون جڙيل هونديون هيون درن ۽ درين تي ريشمي پردا آويزان هئا. سياري ۾ سندن فرشن تي قيمتي غاليچا وڇايل هوندا هئا ۽ اونهاري ۾ چين جي قيمتي تڏن سان سينگاريل هوندا هئا. محلاتن اندر سنگ مرمر جون وڏيون وڏيون الماڙيون جڙيل هيون، جن جا طاق صنوبر ۽ صندل جا هئا، جن ۾ عيش ۽ نشاط جا سامان موجود هوندا هئا.

خليفا جمعي جي ڏينهن اِمامت ڪندا هئا ۽ روزانه نماز وقت مسجد ۾ حاضر رهندا هئا. حضرت امير معاويهرضه ، عبدالملڪ ۽ حضرت عمر ثانيرضه نهايت ئي ايمانداريءَ سان مٿيون فرض ادا ڪيو، پر ٻيا خليفا نماز وقت غير حاضر رهندا هئا. جمعي جي ڏينهن خليفا سفيد پوشاڪ پهريندا هئا ۽ مٿي تي نوڪدار ٽوپي پائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سندن ٽوپين کي جواهر به لڳل هوندا هئا. ڪن ڪن جي حفاظت لاءِ ساڻن گڏ سپاهي به هوندا هئا. خليفو وليد ثاني به هڪڙي ڏينهن نهايت ئي تزڪ ۽ ناز سان اچي مسجد ۾ وارد ٿيو، جا ڳالهه وقت جي علمائن کي نه وڻي. هڪڙي ڀيري وري پنهنجي حرم جي معشوقه کي پنهنجيءَ قبا ۾ لڪائي مسجد اندر آندائين. جا سندس طرفان منبر تي چڙهي خطبو پڙهڻ لڳي!

سلطنت اُموي جي عهد ۾ درٻار جا ٻه نمونا هئا (1) ديوان خاص (2) ديوان عام. ديوان خاص ۾ فرياديءَ جي دانهن خليفا پاڻ ٻُڌندا هئا. وڏا وڏا امير، رئيس ۽ اهلڪار ۽ شاهي خاندان جا شهزادا بادشاهن جي ساڄي ۽ کاٻي طرفن کان ويهندا هئا ۽ درٻار جي سامهون نامور شاعر ۽ عهديدار سلامي وٺندا هئا جي درٻار وقت قيمتي پوشاڪون پهريندا هئا. وليد ثاني سونهري جهاٻن سان پهراڻ ۽ دمشق جي ريشم جون سلوارون پائيندو هو. سندس چاچو سليمان فرقط دمشقي ڪپڙي کي پسند ڪندو هو. واقعي دمشق جون ململيون دنيا ۾ مشهور آهن.

خانگي وقتن ۾ خليفا لطيفه گوئن کان قديم عرب جي ويڙهن ۽ بهادريءَ جا قصا ٻُڌندا هئا جي قصا اِسلام جي ظهور کان اڳ جا هئا. ڪڏهن شعر به ٻُڌندا هئا. يزيد اول جي ڏينهن ۾ شراب نوشيءَ جو رواج پيو پر يزيد ثاني ۽ وليد ثانيءَ جي ڏينهن ۾ ماڻهو محفلن ۾ پيئندا هئا. دمشق سندن ڏينهن ۾ ناچ ۽ راڳ جو مرڪز هو. گهڻائي ڳائڻا  مڪي شريف ۽ مديني کان دمشق ايندا هئا.ø مرغ بازيءَ جو رواج به هو. خليفي وليد اول ۽ حضرت عمرثانيرضه اهڙي فعل جي روڪ ڪرائي ته به رواج پيل هو. هشام گهوڙي ڊوڙ جي رواج کي ترقي ڏني، ڇاڪاڻ جو کيس گهوڙن ڌارڻ جو گهڻو شوق هو. سندس طبيلي ۾ 4،000 گهوڙا هئا. سندس راڻيون ۽ شهزاديون به گهوڙي تي سواري ڪنديون هيون. وليد ثاني به پورو شهسوار هو. سندس ڏينهن ۾ ناچ ۽ گاني جو رواج بلڪل گهڻو پئجي ويو. خليفا اهڙين محفلن تي پوين مغل شهنشاهن وانگر وڏيون وڏيون رقمون خرچ ڪرڻ لڳا. حرم سرائن ۽ خواجه سرائن رکڻ جو رواج به وليد ثانيءَ جي ڏينهن ۾ پيو. بازنطيني شهنشاهن وانگر اُنهن خواجه سرائن کي اندر محل ۾ اچڻ ڏيندا هئا. جنهن ڪري اُهي ڳجهيون لچايون ڪرڻ لڳا.

حرام ۽ ناجائز مڪروهه شين جو واپار يوناني پنهنجيءَ لالچ جي ڪري ڪندا هئا، پر الجاحز نالي هڪڙي مشهور عرب عالم مٿئين رسم کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. الجاحز پنهنجي وقت جو مشهور فلاسافر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سن 255هه ۾ وفات ڪيائين.(1) نه ته ٻيا علماءُ بادشاهن کي خوش رکڻ لاءِ مٿئين عالم جي خلاف ٿي بيٺا، نتيجو اهو نڪتو جو ناجائز شين جي وڪري جو رواج اُموي عهد ۾ پئجي ويو. منجهن ايراني ۽ بازنطيني شهنشاهن جون رسمون پئجي ويون. وڏي ڳالهه ته شراب کليو کلايو دمشق جي بازارين ۾ وڪامڻ لڳو. اڃا تائين دمشق ۽ بيروت جي بازارن ۾ شيرين شربت جي نالي سان پيو وڪامجي. اونهاري ۾ وري شراب ۾ برف وجهي پيئڻ لڳي. ٿورا ڏينهن ٿيا ته قسطنطنيه جي عجائب خاني ۾  ڪي سون ۽ بلور جا پيالا موجود هئا، جي سلاطين عثمانيه کي بغداد جي توشاخاني مان هٿ لڳا هئا. چون ٿا ته اُنهن پيالن تي اُم حليمه خليفي هشام جي راڻيءَ جو نالو اُڪريل هو. يزيد اول وڏو شرابي هو، هميشه شراب ۾ مست رهندو هو. عبدالملڪ مهيني ۾ هڪ ڀيرو کُليو کلايو شراب نوش فرمائيندو هو. وليد اول هر ٻئي ڏينهن پيئيندو هو. يزيد ثاني ۽ وليد ثاني ته روزانو پيئندا هئا. باقي حضرت عمر ثانيرضه ، هشام ۽ يزيد ثالث اصل ڪين پيئندا هئا. حرم ۾ جيڪي به ڀاتي شراب واپرائيندا هئا، تن جي جماعت به جدا هوندي هئي، جي شراب پي ناچ ۽ گانو ٻُڌندا هئا. فقط وچ ۾ باريڪ پردو ڏنل هوندو هو. پٺيان حرم جون زالون به سوراخن مان تماشو ڏسنديون هيون. اهي رسمون ساسانين ۽ يونانين کان صحرا نشين عربن ۾ پيون. خوبصورت ڇوڪرين جا پيءُ پاڻ کي فخر سان ڇوڪرين جي نالن سان پنهنجو نالو سڏائيندا هئا، جيئن اَبو شرفه شرفه جو پيءُ، اَبو ليليٰ ليليٰ جو پيءُ وغيره.

ڀائر پنهنجن ڀينرن جي سونهن تي فخر ۽ ناز ڪندا هئا وري عربن جون خوبصورت زالون اڃا ڪنهن سان ڳالهائينديون هيون ته ناز سان چرچا به ڪنديون هيون، بقول فردوسيرحه.

دولب پُرذي خنده دورُخ پُرذي شرم،

با رفتار نيکو با گفتار گرم!

هو مهمانن سان کلي ڳالهائينديون هيون. اَلخيراطي پنهنجي ڪتاب (اِطلال اَلقلب) ۾ لکي ٿو ته اَبو طيب محمد اَلمضل اَدبي جنهن سن 308هه ۾ انتقال ڪيو. سو لکي ٿو ته ”هڪڙي ڀيري جڏهن مان مڪي شريف کان مديني ڏي ٿي موٽيس تڏهن گرميءَ کان بيزار ٿي مديني کان ٿورو پري وڻن جي ڇانو ۾ هڪڙو گهر ڏٺم، اندر صحن ۾ گهڙي واڪو ڪري چيم، ته ڪجهه وقت آرام ڪريان؟ هو لکي ٿو ته مون هڪڙي خوبصورت ڇوڪري گهر ۾ ڪم ڪاج ڪندي ڏٺي، اُها اهڙي ته سهڻي هئي جو سج اڳيانس شرمندو هو، پوءِ هن نوعمر مون کي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ اچي منهنجي ڀرسان ويٺي ۽ گفتگو ڪرڻ لڳي، پر سندس گفتگو ڪمال غضب جي هئي. سندس چپ مرجان وانگر ڳاڙها هئا، سندس ڏند بلڪل موتيءَ جا سفيد هئا.

لب لعل تو ياقوت اَست يا قوت است مرجان را،

ستيه چشم توبا دام اَست يا دام است مرغان را.

ايتري ۾  ڇوڪريءَ جي ناني آئي جا منهنجي ڀرسان اچي ويٺي، سندس گفتگو جو هر هڪ فقرو، ڇوڪريءَ جي ناز خرامي، سندس حُسن ادا ڏانهن گويا اشارو ڪري رهي هئي.

اَلسيدا بيبي سڪينه بنت حسين (شهيد ڪربلا)، جا نه فقط پنهنجي وقت جي بزرگ هئي پر جميل ظريف ۽ گڻائتي بيبي هئي. هو علم فقهه ۾ ماهر ۽ شريعت جي مالڪياڻي هئي. گهڻن ئي خاندانن جا شاعر، اصحاب ۽ وقت جا علماء هن بيبي سڳوريءَ جي محفل قدسيءَ ۾ شريڪ ٿي فيض پائيندا هئا. هيءَ بيبي پُرفهم، حاضر جواب ۽ جليل القدر هئي. هن بيبي سڳوريءَ ماهه ربيع الاول سن 117هه مطابق اپريل 735ع ۾ خليفي هشام جي ڏينهن ۾ وفات پاتي. اُم البنين جا خليفي وليد اول جي زال ۽ خليفي عمر ثانيرضه جي همشيره هئي سا به پنهنجي وقت جي نامور زال ٿي گذري. هن جو مڙس تي گهڻو صاحب اقتدار هو. هر وقت کيس رعيت جي ڀلي لاءِ فڪر دامنگير رهندو هو. ظالم حجاج بن يوسف خليفي وليد کي راڻيءَ جي اقتدار گهٽائڻ لاءِ چوريو. راڻيءَ حجاج کي گهرائي درٻار جي ٻاهران اڀين پير بيهاريو، پوءِ پنهنجي سهيلين سان گڏجي ساڻس گفتگو ڪرڻ آئي. کيس سندس ظلمن جو سمورو احوال ٻڌايائين ۽ چيائينس ته ”اي حجاج تون ظالم انسان آهين، تنهن ڪري تنهنجي اها ئي مرضي آهي ته خليفھ المسلمين به ماڻهن سان ظلم ڪري. تو گهڻن ئي ديندار اصحابن سڳورن سان ظلم ڪيا آهن ۽ تو بني اميه سلاطين جي انصاف تي ڪارو ٽڪو لائي ڇڏيو آهي“ پوءِ کيس گهڻي ڦٽ لعنت ڪري دربانن هٿان ڌڪا ڏيئي ڪڍائي ڇڏيائين. پاڪدامن راڻين کانسواءِ ٻين گهڻين ئي عرب جي زالن ۾ شاعرانه مذاق هو، اُهي فڪر ۽ فاقي ۾ درويشانه زندگي بسر ڪنديون هيون. سندن ڪتاب، جي هنن جوڙيا آهن، سي بلڪل لاثاني آهن. بيبي رابعة العدويهرحه به هن دور ۾ ٿي گذري، جا فقهه ۽ معرفت ۾ لاثاني هئي ۽ وقت جي ممتاز بيبي ٿي گذري. حضرت خواجه حسن بصري رحه جي مجلس ۾ اڪثر ويندي هئي ۽ خواجه صاحب کي هن لاءِ گهڻي عزت هئي. کيس اُم اَلخير جي لقب سان سڏيندا هئا. سن 135هه ۾ وفات پاتائين. هن پاڪدامن بيبي جو مقبرو طير جبل تي جڙيل آهي جو بيت المقدس جي اُڀرندي ۾ وڏي زيارت گاهه آهي.

بني اُميه دور ۾ مرد قبائون ڍڪيندا هئا پر هر هڪ عهدي جي ماڻهوءَ جي پوشاڪ علحدي هوندي هئي. سواريءَ وقت مرد چست سلوارون ۽ ڪوٽ پهريندا هئا ۽ گهرن ۾ سندن ڪپڙا ڪشادا ۽ جهولدار هوندا هئا. عروس البلاد دمشق، جو هن وقت وڏي واپار، عدالت ۽ فوجن جو مرڪز هو ۽ اسلاميه سلطنت جو دارالخلافه به هو، اُتي طرح طرح جا ماڻهو بازارين ۾ نظر ايندا هئا. شاهوڪار گهوڙن تي چڙهي گهمندا هئا پر سندن زينون قيمتي هونديون هيون، پر بدوي به وڏي شان ۽ تزڪ سان گهوڙن تي گهمندا هئا. صحرائي عربن جي پوشاڪ زرد ۽ صفيه اُٺن جي وارن جي هوندي هئي. شامين کي آسماني پوشاڪ پاتل هئي، جهولدار سلوارن ۽ ڳاڙهين جُتين سان بازارن ۾ اُٺن ۽ خچرن تي مال هيڏانهن هوڏانهن آڻيندا ۽ نيئندا هئا. امير زاديون ۽ شهزاديون پنهنجين سهيلين ۽ ٻانهين سان بازارن ۾ سودو سلف خريد ڪندي هجوم مان لنگهنديون هيون، اهڙيءَ طرح دمشق، جو طول ۽ عرض ۾ عروس البلاد هو، تنهن جي بازارين جو نظارو واقعي دلڪش هو. غريب توڙي امير جي دسترخوان تي مهمانن جو هجوم نظر ايندو هو. سڀ کان پهريون دسترخوان تي طشت بردار شربت آڻيندا هئا جو کير ۽ ماکيءَ جو جڙيل هوندو هو. غلامن سان ايتري مروت ڪندا هئا جو ڄڻ گهرن جا ڀاتي يا مائٽ ڪري ليکبا هئا.

هن زماني ۾ عرب گاٿ، فرنگي، يوناني ۽ ايراني عورتن سان شاديون ڪرڻ لڳا. سندن اولاد  به مٿين نسلن جي ميلاپ هئڻ ڪري خوبصورت هو. اهڙيءَ ريت عرب حبشي عورتن سان به شاديون ڪندا هئا. علم ۽ ادب کانسواءِ شاعري، ناچ ۽ راڳ ۽ ٻيا هنر ترقي ڪرڻ لڳا، مگر علم ۽ ادب Literature کي بني اُميه وارن ڪنهن به ڪو خاص قسم جو اوج ڪين وٺايو. البته خليفي عمر ثانيرضه جي ڏينهن ۾ مختلف قومن جي علمائن جي خاطر داري ڪئي ويئي. سڄي اُموي دور تي جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته فقط منجها خالد بن يزيد وڏو عالم ٿي گذريو هو. وڏو فلاسافر ۽ ڪيميائي علم ۾ ماهر هو. هن علم ڪيميا Chemistry تي ڪتاب به جوڙيا سن 754 ۾ وفات ڪيائين.ø

وقت جي امامت وڏي بزرگي ڪري ليکبي هئي جا بني اُميه وارن زبردستيءَ سان پنهنجي قبضي هيٺ ڪري رکي هئي. اهل بيت پاڻ کي وارث سمجهندا هئا، عباسي پنهنجي امامت جي دعويٰ ڪندا هئا. هوڏانهن وري خارجي پاڻ کي فخر سان امام سڏائيندا هئا! مذهبي پيشوا وقت جي بادشاهه کي ڪري ليکيندا هئا. پر آل پيغمبر کي اهڙن حالتن هوندي به ماڻهو امام ڪري مڃيندا هئا ۽ سندن هدايتن تي ڌيان ڏيندا هئا. جيڪي ساڻن دشمني رکندا هئا تن کي مخالف ڪري سڏيندا هئا. سن 117هه مطابق سن 765ع ۾ حضرت امام جعفر صادقرضه پنهنجي وقت جو زبردست اِمام هو، جنهن مدينة الرسول ۾ وڏو مڪتب کوليو هو. پاڻ عاقل ۽ تيز فهم هو ۽ ان وقت ۾ وڏو عالم به هو ۽ ماڻهن کي علمِ حڪمت جي Philosphny جي تعليم ڏيندو هو. سندن محفل ۾ گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. منجهانئن گهڻا پوءِ ڪماليت جا صاحب روشن ٿيا. مثلاً امام ابو حنيفه (اِمام اعظم)، اِمام مالڪرضه ۽ ٻيا. خواجه حسن بصري رحه به سندن ئي شاگرد رشيد هو، جنهن بصره ۾ حڪمت جو مڪتب کوليو هو. خواجه صاحب سن 110هه مطابق سن 728ع ۾ وفات ڪئي. واصل بن عطا رحه به وڏو امام ٿي گذريو ، جنهن انساني آزاديءَ تي فرمان جاري ڪيو، جنهن جو بيان مامون الرشيد جي عهد ۾ ڏبو. يزيد ثالث، مروان ثاني هن جا پيروڪار هئا. تنهن کانسواءِ حبيب   به هن دور ۾ ٿي گذريا. دمشق ۾ وري جيلان دمشقي، يونس السواري به مشهور ٿي گذريا، جن تعليم جي گهڻي اشاعت ڪئي. مشهور عاشق قيس عامري، جو مجنوءَ جي نالي سان مشهور آهي سو به اموي دور ۾ ٿي گذريو هو. عراق جي رهندڙ هڪ عورت ليليٰ تي عاشق هو.

 

عباسي خاندان جو شجرو (The Abasside Caliphrte)

عبدمناف

 

 


 

عبد شمس                                                  هاشم

 

       اميه                                                              عبدالمطلب

 

       حضرت عبدالله                   حضرت ابوطالب                  حضرت عباس رضه

 

                                                              عبدالله

                                                               علي

                                                              محمد

 

                     ابراهيم                     سفاح                     منصور

                                      54-750                    (75-754)

                                                              مهدي

 

                                  هارون الرشيد              هادي

 

              امين                      مامون               معتصم

 

                    واثق                                            متوڪل

 

ابوالعباس السفاح

132هه مطابق سن 749ع ۾ مروان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اُموي اقتدار جو روشن ڏيئو مشرق ۾ گل ٿي ويو ۽ عباسي شمع بزم انجمن ۾ رونق ورتي. هن خاندان جي شروع ٿيڻ سان اولهندي ايشيا جو اوج بدلجڻ لڳو. هن خاندان جي خليفن شام مان ڦيرائي عراق ۾ تختگاهه جوڙيو. انهيءَ ڪري دمشق جو اقتدار شامين سميت گهڻو گهٽجي ويو. ملڪي اصلاحات جو سيلاب مغرب کان مشرق ڏي وڌڻ لڳو. مغرب ۾ خلافت جون ڏوريون ڇڄي پيو. جيئن ته اِسپين ۾ عبدالرحمٰن پنهنجي خاندان جو بنياد وڌو جو عباسي خاندان جو هم مقابلو هو. اُولهندي آفريقا تي به پهرين خليفن ڪجهه پنهنجي حڪومت جو زور رکيو. پر آخر جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اُهي علائقا رڳو نالي طور سندن هٿن ۾ رهجي ويا. هن خاندان جا شهنشاهه بلڪل مضبوط، رعيت پرور ۽ پوري انتظام رکڻ وارا هئا. پهريان جيڪي 9 خليفا گذريا سي بلڪل برجستا، قانون ساز، رعيت پرور، فوجي توڙي سياسي ڪمن ۾ ماهر هئا. جيتوڻيڪ منجهانئن ظالم به هئا پر اُهو وقت ئي ڪجهه اهڙو هو جو هنن پنهنجيءَ سلطنت کي بچائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ مٿين حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي. ائين ٿيندو آهي ۽ هر هڪ ملڪ ۽ سلطنت ۾ ٿيندو رهندو. اسلامي سلطنت نه فقط ملڪي فتوحات جي اصول تي عروج کي پهتي پر تهذيب، علم ۽ حڪمت جي شمع کي دنيا جي ورقن ۾ سونهري حرفن ۾ موجود ۽ قابل يادگار رهندو.

اَبوالعباس (سفاح)، بني اُميه خاندان جي بدنصيب ماڻهن جي لاشن جي ڍير تي چڙهي، 12 ربيع الاول سن 132هه تخت تي ويهڻ جو اعلان ڪيو. جيئن جيئن مردن مان ڪن ڪن موت جي تختي تي پئي آخري دم کنيو، تيئن تيئن سندن حالت کي ڏسي سفاح ٽهڪ هڻي پئي کليو. ڇو نه کِلي بني اُميه وارن به بيگناهن جي خون مان خوب هٿ رنڱيا هئا. هينئر الله تعاليٰ کين اهو وقت به ڏيکاريو هو جو هو ڏسي رهيا هئا. ائين ٿيندو آهي ته حڪومتون پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ خون ۽ خرابيون عمل ۾ آڻينديون آهن، پر وقت جي تقاضا ڏي غور ڪيو جو اُهو زمانو خون ۽ قتل جو هو. نه فقط ايشيا پر يورپ به خون جو مرڪز هو. مذهبن کي اڃا ايتري طاقت ڪانه هئي جو مٿين بيرحمي عوام تان هٽائي سگهي. سفاح به پنهنجن ظلمن ڪري مٿئين نالي سان سڏجڻ لڳو سندس نالي جي معنيٰ آهي ”خونريز“، پر هو سخي، هوشيار ۽ فرض ادا ڪندڙ هو. کيس حرم ۾ فقط هڪڙي زال اُم سلمه نالي هئي جنهن سان هن کي گهڻي محبت هئي. راڻيءَ جو بادشاهه تي گهڻو اقتدار هو پر کيس ظلمن ڪرڻ کان هوءَ به روڪي ڪين سگهي. گهڻن ظلمن ڪري بني اُميه وارن سندس خلاف دمشق، فلسطين، حمص ۽ عراق ۾ فساد کڙا ڪيا. مروانين پنهنجون ڏاڙهيون ڪوڙايون. ان لاءِ ته فساد جو نشان عام تي ظاهر ٿئي پر سندن اقبال جنهن صورت ۾ غروب ٿي چڪو هو تنهن حالت ۾ فسادن مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. جيئن ته ڪن شرطن تي هنن خليفي اڳيان هٿيار کڻي ڦٽا ڪيا ۽ خليفو پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ڪامياب ٿيو.

يزيد بن حبيرا، جو مروان جي پاران عراق جو حاڪم هو ۽ واسط تي سندس قبضو هو، تنهن البته سرڪشي شروع ڪئي، خليفي حسن بن ڪهتابا ۽ پنهنجي ڀاءُ ابو جعفر کي سندن مقابلي لاءِ موڪليو. هن واسط کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. آخر ٻي واهه نه ڏسي پاڻ کي اهل بيت مان ڪوٺائڻ لڳو. انهيءَ لاءِ ته اهل بيت جا حامي کيس مدد ڏيندا، پر سواءِ ڪن ٿورن يمنين جي، جي واسط ۾ رهندا هئا، کيس ٻئي ڪنهن به مدد ڪانه ڏني. لاچار هن اَبو جعفر کي عرض ڪيو، ته جيڪڏهن کيس ۽ سندس عيال کي بخشش ڏيندا، ته هو پيش پوڻ لاءِ تيار آهي. ابو جعفر اها ڳالهه منظور ڪئي ۽ خليفي کي به اطلاع ڏنائين پر ابو مسلم، جو بني اُميه وارن جي چالاڪين کان واقف هو، تنهن بارگاهه خلافت ۾ اطلاع پيش ڪيو ته اهڙي حڪومت جي باغيءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي، ته جيئن آئينده لاءِ فساد روڪجي وڃن. ابو جعفر پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ورتي، پر آخر خليفي جي فوجن يزيد جي گهر تي گهيرو ڪري کيس ڀاتين سميت هڻي پورو ڪيو.

وزارت جو پايو ۽ صوبن جي جوڙجڪ ڪرڻ

سفاح هينئر ايشيا توڙي مصر ۽ آفريقا جو بادشاهه بنجي پيو. اهو ضروري هو، ته جن جن رضاڪارن عباسي جهنڊي هيٺ مدد ڏني هئي، تن کي عهدا ڏنا وڃن. منجهائن ڪي سندس ويجها مائٽ هئا ۽ ڪي تجربيڪار فوجي سپه سالار هئا، جن دمشق جي شهنشاهيت جي تخت کي اونڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ صوبن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ هر طرح سان لائق ۽ مستحق به هئا. ابو جعفر، خليفي جي ڀاءُ کي عراق، آرمينا ۽ آذربائيجان جون واڳون مليون. حجاز، يمن ۽ يماما جا علائقا داود بن علي کي سپرد ڪيا ويا جو خليفةالمسلمين جو چاچو هو. عبدالله بن علي کي شام جي حڪومت ۽ سليمان بن علي بصره جو حاڪم مقرر ٿيو. ابو اعيون مصر جو والي ٿيو. ابو مسلم کي لياقت موجب خراسان جي حاڪمي ۽ وزارت اعليٰ جو قلمدان سپرد ڪيو ويو، جو بارگاهه خلافت ۾ خليفي جو مکيه صلاح ڪار هو. ساڳئي پئماني تي خالد بن برمڪ سلطنت جو عين الدوله مقرر ٿيو، پر بدقسمتيءَ سان گهڻو وقت جالي نه سگهيو.

سلطنت جي ڦيرڦار رومين کي حملي ڪرڻ لاءِ وجهه ڏنو. هنن ايشيا ڪوچڪ جي ڪن علائقن تي ڪاهي مسلمانن جي ڦرلٽ ڪئي. سن 133هه ۾ قسطنطنيه جي شهنشاه قسطنطنين فاليقله به فتح ڪيو. اهو اَمر به ضروري هو ته سلطنت لاءِ ڪو نئون تختگاهه مقرر ٿئي. انهيءَ اصول تي خليفي سن 136هه ڪوفي جي ويجهو هڪڙو خاص شهر مدينةالهاشمي نالي تعمير ڪرايو جو هن خاندان جي شهنشاهن جو پهريون تختگاهه هو. چئن سالن جي قليل عرصي ۾ هن مستقل باقاعده وزارت جو پايو وڌو، نه ته هن کان اڳ اِسلام جي نظام حڪومت ۾ ڪائي باقاعده وزارت ڪانه هئي. اڳ اسلام جا خليفا اهم مسئلن کي عام جي راءِ موجب فيصلو ڪندا هئا پر هينئر عباسي دور ۾ باقاعده وزارت جو بنياد پيو.

خليفي کي هڪ پٽ محمد نالي ۽ هڪ ڌئ راعته نالي هئي، جنهن جي پنهنجي ڀائيٽي سا شادي ڪرايائين. جو اَبو جعفر کانپوءِ تخت تي ويٺو. شهزادي راعته سن 171هه ۾ خليفي هارون الرشيد جي عهد ۾ وفات ڪئي. شهزادو محمد به خليفي منصور جي ڏينهن ۾ ڪنهن علائقي تي حڪمراني ڪندو هو.

ماهه ذوالحج سن 136هه مطابق 9 جون سن 754ع ۾ سفاح 4 سالن جي حڪومت ڪرڻ کانپوءِ 33 سالن جي عمر ۾ ڪنهن بيمارئ جي وگهي هاشميه ۾ انتقال ڪيو. سفاح ڪٿي دفنايو ويو؟ سا ڳالهه ڪوئي ثابت ڪري نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو پاڻ بني اُميه وارن جون قبرون پٽائي ڇڏيون هئائين، تنهنڪري عباسي خليفا به پنهنجن قبرن کي پوشيده رکندا هئا. پر هن خاندان جي يارهين خليفي منتصر بن متوڪل پنهنجي قبر مٿان هڪڙو گنبذ جوڙايو هو. سفاح مرڻ کان اڳ پنهنجي ڀاءُ اَبو جعفر کي تخت تي ويهارڻ لاءِ وصيت ڪري ويو.

اَبو جعفر عبدالله اَلمنصور

ڀاءُ جي مرڻ وقت ابو جعفر ابو مسلم خراسانيءَ سميت مڪي شريف حج ادا ڪرڻ لاءِ ويو هو، ته قاصد کيس تخت ۽ تاج لاءِ مبارڪباد آڻي ڏني. هو پوئين پير موٽيو ۽ ماڻهن سندس بيعت ورتي سن136هه مطابق جون سن754ع ۾ اَلمنصور جي لقب سان سندس نالي تي خطبو پڙهيو ويو. عباسي خاندان ۾ هي پهريون بادشاهه هو، جنهن عباسي سلطنت جي بنيادن کي مضبوط ڪيو. هن پنهنجي عهد ۾ هڪ وڏي جامع مسجد تعمير ڪرائي ۽ وڏن وڏن علمائن ۽ اصحابن سڳورن جي مدد سان ماڻهن جي دلين کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرايائين. هن تحريڪ ۽ حڪمت عمليءَ جي ڪري عباسي خاندان جي پيڙهه مضبوط ٿيڻ لڳي. هن وڏا وڏا سڌارا ڪيا ۽ پاڙيسري سلطنتن ۾ عباسي سلطنت جو اقتدار وڌڻ لڳو. مختلف صوبن جا اهلڪار به فرمانبرداريءَ سان حڪمراني ڪرڻ لڳا. جنهن ڪري ملڪي انتظام نهايت ئي اعليٰ پيماني تي هلڻ لڳو. عباسي خليفن طول ۽ عرض ۾ شاهي رستا جوڙايا، وڏيون وڏيون نهرون کوٽايائون ۽ جابجا قافلي سرائون تعمير ڪرائي وڏو جس کٽيائون. کانئس پوءِ جيڪي به خلافت نشين ٿيا، تن به وڏي ناموري حاصل ڪئي. هنن علم کي ترقي ڏني، واپار جو واڌارو ڪيائون. امن امان رکڻ ۾ به حد ڪيائون. مخلوق خدا سندن عهدِ مهد ۾ امن امان ۽ آسودگيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳي. عباسي دور کان اڳ عربن ملڪي فتوحات ۾ گهڻو واڌارو ڪيو هو، پر هن خاندان جي تاجدارن کي ملڪي فتوحات لاءِ ڪا گهڻي لالچ ڪانه هئي. ڇاڪاڻ جو سندن وسيع سلطنت ۾ ترڪ، ايراني، هندوستاني، مصري، بربر، حبشي، افغان ۽ وسط ايشيا جون قومون هڪڙي جهنڊي هيٺ اچي چڪيون هيون. هنن خليفن ملڪ کي بيحد تهذيب وٺائي ۽ پنهنجي دارالخلافه بغداد شريف ۾ جيڪي ملڪي انتظام ۽ جيڪي انصاف ڪيائون ۽ علم کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائي ترقي ڏنائون، اهي سڀئي ڳالهيون اُنهن عربن لاءِ فخر آهن، جي ڪجهه وقت اڳ عربستان جي سنگلاخ ۽ ريگزار ميدانن ۾ وحشت سان زندگي گذاريندا هئا!! اهي ساڳيا هينئر عرب هئا جن تهذيب ۽ تمدن جي ڦٽلن محفلن کي وري آباد ڪيو.

عبدالله بن علي جي بغاوت

اَبو جعفر ٻين خوبين کانسواءِ عجيب طبيعت جو انسان هو. سندس اندازو ڪرڻ هڪڙي مصنف جي قياس کان بعيد آهي. شهنشاهي نڪته نگاهه سان هو ڪامل مزاج شهنشاهه ۽ سياڻپ ۾ کانئس ڪو ورلي وڌيڪ هو. هو رعيت پرور حاڪم هو ۽ پنهنجي ڪٽنب قبيلي لاءِ هر دلعزيز آقا هو. وري ظالم به اهڙو هو جو هڪڙي انسان جي زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ سندس اڳيان معمولي ڳالهه هئي. جنهن تي شڪ پوندو هوس تنهن کي مارائي ڇڏيندو هو. اهل بيت سان هن خاندان جي تاجدارن جيڪي پير کنيا، سي سندن انصاف گيريئيءَ تي سياهه داغ هڻن ٿا. سفاح جي مرڻ جو ٻڌي اَبو جعفر ڪوفي ۾ آيو ۽ سلطنت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ رکي، اَلمنصور جو لقب ورتائين. سندس چاچو عبدالله بن علي جنهن مروانين کي شڪست ڏني هئي ۽ سفاح کيس شام جي حڪومت سپرد ڪئي هئي، تنهن ماهه صفر المظفر سن 137هه مطابق سن 754ع ۾ اَبو جعفر جي اقتدار کي گهٽائڻ لاءِ هڪڙو اعلان پڌرو ڪرايو ته ”جڏهن سفاح مروان جي مقابلي ڪرڻ ۾ عاجز ٿيو. تڏهن هن اعلان شايع ڪرايو هو ته، جيڪومروان کي شڪست ڏيندو تنهن کي ولي عهد مقرر ڪندس، ساڳي اعلان موجب مون مروان جو مقابلو ڪيو ۽ کيس شڪست ڏنيم اِن موجب سفاح مونکي ولي عهد مقرر ڪري ويو هو“. سلطنت جي ڦيرڦار ٿيڻ ۾ ٿورو وقت گذري چڪو هو ۽ جابجا فسادن جي باهه وسايل هئي. تنهن ڪري عبدالله جي تقرير ماڻهن تي چڱو اثر ڪيو. جيئن ته شامين سندس هٿن تي بيعت ورتي. اَبو جعفر کي جڏهن سازش جي خبر پئي، تڏهن هن اَبو مسلم خراسان جي حاڪم کي (جو عباسي تحريڪ جو سچو باني ۽ خذمتگار هو) لشڪر ڏيئي شام تي چاڙهي موڪليو، نصيبن جي معرڪي ۾ عبدالله شڪست کائي پنهنجي اهل ۽ اعيال سميت پنهنجي ڀاءُ سليمان بصري جي حاڪم وٽ وڃي پناهه ورتي. پر جڏهن خليفي سليمان کي عهدي تان لاهي ڇڏيو، تڏهن عبدالله پنهنجي پٽ سميت سندس هٿ چڙهي ويو. ڪجهه وقت هاشميه جي قلعي ۾ قيد هو، اُتان نڪري هڪڙيءَ ئي ڪچيءَ عمارت ۾ باقي زندگيءَ جا ڏينهن نااُميديءَ ۾ ڪاٽڻ لڳو، پر بدنصيبيءَ سان هڪڙي ڏينهن سخت برسات پوڻ ڪري عمارت سندس مٿان ڪري پئي.پيءُ ۽ پٽ ديوار هيٺان دٻجي مري ويا. غرض جنهن شخص بني اُميه وارن سان ظلم ڪيا تنهن اِهو نتيجو ڏٺو.

اَبو مسلم جي بيڪسي ۽ موت

اَبو مسلم  جنهن جا ڪارناما اسين اڳ بيان ڪري چڪا آهيون، جو هن وقت خراسان جو حاڪم هو، ۽ وزارت عاليه جو وڏو مشير ۽ صلاح ڪار هو، خاص ۽ عام جي دلين ۾ هن لاءِ عزت هئي ۽ قدرتي طور سندس عزت عظيم الشان رتبو حاصل ڪري چڪي هئي. هن جي تحريڪ سان دمشق جي سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ عباسين جو نالو مشهور ٿيو. کيس جيڪڏهن پنهنجي وقت جو اِمام ڪري ڪوٺجي ته به صحيح آهي. هينئر به جيڪڏهن هو ماڻهن کي اِشارو ڪري ها ته ڪوفي ۽ هاشميه جا در کڙڪي وڃن ها. جنهن صورت ۾ شاهي درٻار ۾ کيس وڏي عزت هئي. اُن حالت ۾ هو ڪجهه قدر مغرور به ٿي چڪو هو. جيئن ته نصيبن جي جنگ جي خرچ بابت جڏهن خليفي جي اهلڪارن کانئس حساب گهريو، تڏهن هن بلڪل لاپرواهي سان کين گٿا جواب ڏنا. درٻارين جڏهن خليفي جي ڪن تي اهي ڳالهيون آنديون، تڏهن کيس به خوف جاڳيو. ٻيو ته جڏهن سفاح جي مرڻ کان پوءِ اَبو جعفر منصور جو خطاب ورتو، تڏهن ابو مسلم خليفي کي مبارڪباد به ڪانه ڏني. اَبو جعفر کي اهو دل ۾ ارمان هو. ويتر جو حاسدن باهه کي ڀڙڪايو، تنهن تي خليفةالمسلمين اَبو مسلم کان گهڻو بيزار ٿيو. انسان تقدير اڳيان بيوس آهي. خليفي پنهنجي هڪڙي ايلچي (اَبو حميد الحروري) کي بطور قاصد جي اَبو مسلم ڏي موڪليو. ان لاءِ ته خليفي جي دعوت ۾ اچي دربار ۾ حاضر ٿئي. ابو حميد چالاڪ هو. هن پنهنجي سياسي تدبيرن سان آخر ابو مسلم کي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ راضي ڪيو. اَبو مسلم جي رضا ڪارن کيس اوچتي دعوت جي سڏ تي وڃڻ کان گهڻو روڪيو. پر هن هڪڙو شعر پڙهيو. جنهن جو مطلب هو ته ”قضا جي اڳيان اِنسان بلڪل بي وس آهي. قضا قومن جي هوشياري کي به ناس ڪري ڇڏي ٿي“. پنهنجي غمگسارن، همنشينن جي شڪر گذاري ادا ڪري هلڻ لاءِ تيار ٿيو، پر تنهن هوندي به 3 هزار خراساني جوان مرد مسلح ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا. پوءِ وڏي تزڪ ۽ هشام سان خليفي جي درٻار ۾ اچي شرف پابوسي حاصل ڪيائين. خليفي پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته جيئن ابو مسلم منهنجي روبرو درٻار ۾ اچي تيئن تلوار سان سندس ڪم پورو ڪري ڇڏجو! چوٿين ڏينهن جڏهن مرد مسلمان دربار ۾ آيو تڏهن حاسدن سندس ڪم پورو ڪيو ۽ اَبو مسلم جي زبان عرض ڪندي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويئي. هي واقعو  ماهه شعبان المعظم سن 137هه ۾ ٿيو. اَبو جعفر پاڻ کي هينئر سچو پچو بادشاهه سمجهڻ لڳو.

خلافت اِسلاميه جي مرڪز بغداد جو نمودار ٿيڻ

جڏهن اَبو مسلم شهيد ٿيو ۽ خليفي جو خوف مٽجي ويو، تڏهن هن پنهنجي سلطنت لاءِ هڪ نئين تختگاهه جوڙڻ جو خيال ڪيو. عروس اَلبلاد دمشق به هن وقت وڏي اوج تي پهتل هو،  پر حڪومت جي ڦيرڦار هئڻ ڪري وقت بوقت فسادن جو مرڪز هو. اهڙيءَ طرح ڪوفي ۽ بصري مان پڻ خوف پيدا ٿيڻ جو امڪان هو ڇاڪاڻ جو سيد الشهدا حضرت اِمام حسينرضه جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ڪوفي وارن پنهنجو اعتبار وڃائي ڇڏيو هو. تنهن ڪري خليفةالمسلمين بغداد شريف کي پنهنجي تختگاهه مقرر ڪرڻ جو خيال ڪيو جو بصري کان ڇهن ڏينهن جي پنڌ تي هو. چون ٿا ته بغداد جو اصل نالو باغ داد هو، جو ساسانين جي شهنشاهه نوشيروان جي وزيراعظم پاڻ لاءِ تيار ڪرايو هو. اُتي پنهنجو خزانو دفن ڪرايو هئائين. نوشيروان به اونهاري جي موسم ۾ مدائن کان اچي هتي رهندو هو ۽ انصاف ڪندو هو. اِنهيءَ ڪري هن شهر کي باغ داد يعنيٰ انصاف جو باغ ڪري سڏيندا هئا. جڏهن ساسانين جي شهنشاهيت جو خاتمو ٿيو، تڏهن هتي عراق جا حاڪم اونهاري ۾ اچي رهندا هئا ۽ ملڪي ڪاروبار هلائيندا هئا. اهڙي طرح بغداد پنهنجي عجيب ۽ غريب افسانن جي ڪري قديم زماني کان وٺي ويندي اڄ تائين مشهور آهي. جيئن هندوستان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جي وچواري دوآبي جي مرغ زار ميدان کي ڏسي بخارا ۽ سمرقند جا لالهء زار ميدان مغلن کان وسري ويا ۽ اُتي گهر ڪري ويٺا تيئن عربستان جي ريگستان ملڪ ۾ فرات دجله ندين جي وچواري علائقي کي الجزيرا ڪري سڏيندا آهن. جو پنهنجي قدرتي شادابيءَ جي ڪري قديم زماني کان قومن کي پئي موهت ڪيو. بابل وارن هتي گهر جوڙيو ۽ عراق کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ڪري اوج تي رسايائون. ايرانين هن کي باغ داد جوڙيو. اِسڪندر مقدونيءَ مصر جي افسانن کي تازي ڪرڻ لاءِ اِسڪندريه کي ڪارٿيج جي هم رقيب جوڙيو. پر جڏهن عراق جي سر زمين اچي ڏٺائين، تڏهن ايتريقدر موهت ٿيو جو هتي آخري دم ڏنائين. پر هينئر اُهو وقت گذري چڪو هو. اهل روم ۽ يونان جي تهذيب کي عرب تمدن سيلاب وانگر صفحهء هستي تان مٽائي ڇڏيو. عربن جڏهن ساڳيو عراق فتح ڪيو، تڏهن هن کي سينگارڻ لڳا. روم سپارٽا ۽ اٿينس Athens ،جي دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جا اڳ مرڪز هئا، تن کي دمشق، ڪوفي ۽ بصره جي رونق هينئر مات ڪري چڪي هئي. ڪير انڪار ڪري سگهندو ته عرب تهذيب مٿين قومن جي تهذيب تي غالب نه پئي؟ مان هن مسئلي تي چٽي روشني وجهڻ گهران ٿو“.

دنيا ۾ قومن جي زندگي تهذيب ۽ تمدن جا 3 دور شمار ڪيا وڃن ٿا

(1)               پهريون دور حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان 6 هزار ورهيه اڳ شروع ٿي. حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان 2 هزار سال اڳ ختم ٿئي ٿو. جنهن ۾ قديم مصر، بابل ۽ چين جي رهندڙ قومن زندگي بسر ڪئي.

(2)              ٻيون دور حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان 2 هزار ورهيه اڳ شروع ٿي. حضرت عيسيٰ عليھ جي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ وقت کان 700 ورهيه پوءِ ختم ٿيو. جنهن ۾ مصر ۽ چين جي قومن جي پوئين حالت، تنهن کان سواءِ هندوستان، يونان، روم،، اَسيريا، فونيشن ۽ ايران جي رهندڙ قومن جي تهذيب ۽ تمدن جو بيان ڏنل آهي.

(3)              اِسلام جو دور پوئين زماني ۾ شروع ٿيو جو حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان پوءِ 5 يا 6 صديءَ کان شروع ٿيو ۽ اڄ تائين هلي ٿو. هن دور ۾ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو دور شروع ٿئي ٿو تنهن کانپوءِ مغربي قومن مسلمانن کان تهذيب حاصل ڪئي.

جن ڏينهن ۾ قلاديا، چين ۽ مصر وارن جي تهذيب جو دور هو اُنهيءَ ساڳيءَ وقت سامي Semitic قومن جي نسلن جو آغاز شروع ٿيو. هو سڄي مهذب دنيا ۾ پکڙجي ويا. فقط چين ان کان بچيل هو. بابل وارن جي زبان کي چين کانسواءِ گهڻو اقتدار حاصل هو.

آريه لوڪ عيسوي سن کان 2 هزار ورهيه اڳ بخترا کان هندوستان ۽ ايران ۾ آيا. جن ڏينهن ۾ حمورابي Hamurabi بابل جي تخت تي هو ۽ بابل وارن جو زوال 1800 ورهيه پوءِ حضرت عيسيٰ عليھ کان اڳ ٿيو.ø  اَسرين بابل وڃي ولاريو. چين جي حالت جي پوري خبر پئجي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو چين جو احوال شان خاندان کان پوءِ تاريخ ۾ روشن ٿيو. هن خاندان جو پايو وجهندڙ يائو  هو، جنهن جو آغاز عيسيٰ عليھ کان 1765 ورهيه اڳ ٿيو.

اِسلام جو دور، جو 6 صدي عيسوي ۾ شروع ٿيو، تنهن ۾ يورپ جي قومن تي جهالت ڇانيل هئي هڪ طرف جرمن قومن روم تي ڪاهه ڪئي ٻئي طرف عرب (مسلمان) شام، آفريقا، يورپ، ايران ۽ هندوستان تي غالب اچي ويا. اِسلام دنيا ۾ عظيم الشان انقلاب هو، جنهن مان عربن تعليم ورتي ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي پاڪ تعليم کان ٻين قومن به روشني ورتي. ڇاڪاڻ جو اِسلام اِدراک مطلق ۽ روحانيت جو سرچشمو هو.ð

جيئن ته پيغمبر پاڪ جي وفات پڄاڻان هڪڙي صديءَ اندر عرب سائنس، فلاسافي، علم ۽ ادب جا صاحب بڻجي پيا. تاريخ شاهد آهي ته اڪثر گرم ملڪن ۾ تهذيب ۽ تمدن جو دور هو. مثلاً مصر، بابل ۽ هندوستان جا ملڪ جتي وڏا وڏا درياهه آهن. تيئن عربستان ته رڳو ريگستان هو. تنهن ڪري عراق جي سرزمين جتي دجله ۽ فرات جهڙيون نديون وهن ٿيون. اُتي عربن کي به تهذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ هنڌ مليو. وري علمي دائري ۾ اِسلام کان اڳ جيئن يوناني، لاطيني، عبراني ۽ سنسڪرت زبانن ۾ علمن کي مشرق خواهه مغرب ۾ عروج حاصل هو ۽ عربي زبان به قديم زبان هئي.پر کيس ايترو اوج حاصل ڪين هو. پر اِسلام جي آغاز کان پوءِ هڪ صدي اندر مصرين، ايرانين، هندن ۽ تاتاري قومن جي زبانن تي حاوي ٿي ويئي ۽ اڄ به فنلينڊ، پولينڊ، هنگري، بلقان ۽ جرمن ٽيوٽان قومن جون زبانون عربي زبان سان وابسته آهن. اُها جادو جي ڇڙي جنهن برق رفتاريءَ سان مشرق خواهه مغرب جي علم جي گريبان کي چاڪ ڪيو. اُهو حڪمت  جو مقام، اُهو علم جو سرچشمو ۽ حيرت جو مڪان، جنهن طول ۽ عرض ۾ اِسلام جي بول کي بالا ڪيو، سو هنڌ بغداد شريف هو، جنهن عباسي دور جي شروعات ۾ بابل جي ڦٽل ديوارن جي ڀرسان الجزيرا جي سبز مرغ زارن مان مٿو ڪڍيو. هي شهر دجله نديءَ جي اولهندي ڪپ تي خليفي تيار ڪرايو. وري نئون حصو شهزادي مهديءَ درياهه جي اوڀرندي ڪناري تي آباد ڪرائڻ شروع ڪيو. سلطنت جي فسادن ڪري سن 150هه تائين اڃا پورو جڙي راس ڪونه ٿيو. خليفي کي ايتري فرست ڪانه هئي. ضيافت جي بهاني تي اَبو مسلم کي گهرائي ڪيترا ڏينهن هن کي دعوتون کارائي هزارين ڪوڙا قسم کڻي پوءِ هن کي بيرحميءَ سان مارائي ڇڏيائين. ماڻهن جو مٿس ايترو اعتقاد ويٺل هو جو سندس مرڻ کانپوءِ سندس پوئلڳن سندس ڌي کي اِمامت جي گاديءَ تي ويهاريو. سندن سرڪردو سنباذ نالي هو جنهن اها تحريڪ جاري ڪئي ته اَبو مسلم وري جيئرو ٿي ايندو. پر ابن اثير لکي ٿو ته هو مجوسي هو. هاشميه جي شهر ۾ وري راويندي نالي هڪڙي شخص اها دعويٰ ڪئي ته مون تي وحي نازل ٿيو آهي (نعوذ بالله) مٿين ڳالهين جي ڪري مذهبي اختلاف وڌڻ لڳا پر سنباذ شاهي فوجن هٿان مارجي ويو ۽ فسادن تي ڪجهه ڇنڊو پيو.


(1)  علامه ابن اثير بيان ٿو ڪري ته موصل جي محلاتن بدران مٽيءَ جا ڍير لڳل ڏٺم.

ø  نوٽ: دمشق جو شهر دنيا جي شهرن ۾ پراڻو شهر ليکجي ٿو، جو چون ٿا ته ارم بن سام بن نوح آباد ڪيو هو. باغ اَرم هن شهر ۾ هو، جنهن کي شداد رؤنق وٺائي. 13 هجري ۾ اسلام جي قبضي هيٺ آيو. حضرت امير معاويه هن کي تختگاه مقرر ڪيو. خليفي وليد بن عبدالملڪ جيڪي مسجدون تعمير ڪرايون تن تي 5 ڪروڙ 34 لک رپيا خرچ لڳو.

(1)  تاريخ ابن خليقان

ø  نوٽ: عرب جي جن علمائن سڳورن ابتدا ۾ تاريخ لکڻ تي قلم کنيا تن پهريون سيرة رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم، ايام عرب، تاريخ انبياء بني اسرائيل ۽ تاريخ مڪه معظمه ۽ مدينة المنوره تي ڪتاب لکيا. مٿين تاليفات مان علامهّ محمد بن اسحاق جنهن سن 151هه ۾ وفات پاتي تنهن سيرة رسول الله تاريخ جوڙي. ابن هشام سن 218هه ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ڪرائي واڌارو ڪري (سيرة ابن هشام) نالو ڏنو. هن کان اڳ تاريخ المغازي به مشهور ڪتاب آهي، جو علامهّ موسيٰ بن عقبه سن 141هه ۾ تيار ڪئي. تاريخ الواقدي جا علامهّ محمد بن عمر الواقدي تيار ڪئي. هن سن 207هه ۾ وفات ڪئي، هيءَ قديم تاريخ آهي. هو وڏو عالم هو. ابن جوزي لکي ٿو ته وٽس ايترا ڪتاب هئا جو 120 اُٺ کڻي هلندا هئا.

ٻيون تاريخون جي فتوح الشام ۽ فتوح مصر يا فتوح ڀنسه جي نالي سان مشهور آهن ۽ صليبي جنگين جي زماني ۾ تصنيف ٿيون، سي دراصل تاريخ واقدي تان ورتل آهن، ڇاڪاڻ جو تاريخ واقدي مون پڙهي آهي (طبقا ڪبير) جا محمد بن سعد جوڙي پاڻ سن 230هه ۾ وفات ڪيائين. چڱي تاريخ آهي. هشام بن محمد الڪلبي جنهن 204هه ۾ وفات ڪئي، چڱيون تاريخون لکيون. انهن سڀني مان (اخبار الانبياء) جنهن ۾ عرب جي جاگرافي ۽ انبيا جا قصا ڏنل آهن. اخبار مڪه ارزقي، اخبار مدينه ابن زبانا، اخبار ڪوفه ۽ بصره مشهور تاريخي ڪتاب آهن.

عرب جي مؤرخن جن ابتدا ۾ علم جي دفنايل خزانن کي کوٽيو تن يونان جي تاريخ تي ڪا به روشني ڪانه وڌي البته سورهء ڪهف جي تفسير ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ ذوالقرنين جو ذڪر ڏنل آهي، سا جدا ڳالهه آهي. هجري ٻي صدي ۾ عربي مؤرخن جڏهن تاريخ خلفا تي قلم کنيا، تڏهن روم، فارس جون تاريخون لکيائون، اُنهن سڀني مان علي بن محمد مدائني جنهن 225هه ۾ وفات ڪئي، تنهن ٻه تاريخون لکيون، پر افسوس اُهي هن وقت غائب آهن. انهن علمائن مان زبير بن بّڪار قرشي جنهن تاريخ قريش جوڙي ۽ ٻي تاريخ جا الموفقيات جا موفق ابن متوڪل باالله جي نالي سان آهي، سا جليل القدر تاريخ آهي، پر سندس ٻيا جوڙيل ڪتاب اڃا غائب آهن.

ø  جرنل رائل ايشياٽڪ سوسائٽي، آڪٽوبر 1909.

ð  تهذيب جو دور از پراماٿا ناٿ بوس صاحب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org