غازي عمادالدين زنگي
امير عمادالدين زنگي
رحه
پنهنجي پيءُ امير قاسم الدوله جي مرڻ وقت فقط 14
ورهين جو هو. عالم طِفلگيءَ کان سندس فوجي لياقت ۽
شريفاڻي چال کي ڏسي سلطان محمود مٿس گهڻو راضي
ٿيو. سن 516هه ۾ واسط جو شهر کيس بطور جاگير جي
ڪري ڏنائين. تنهن کانسواءِ کيس بصره جو والي به
مقرر ڪيائين. سندس خدمات کي ڏسي سلطان ماه رمضان
المبارڪ سن 521هه مطابق سن 1127ع ۾ خليفة المسلمين
جي حفاظت به سندس سپرد ڪئي، جنهن جي عيوض بارگاهه
خلافت مان اَتابيگ جو لقب کيس مرحمت ڪيو ويو، پر
زنگي شهزادي کي بغداد ۾ ٿورو وقت رهڻو پيو، ڇاڪاڻ
جو ساڳئي سال ۾ سندس ڀاءُ عزالدين مسعود موصل جي
فرمانروا وفات ڪئي، تنهنڪري موصل ولايت جي واڳ
عمادالدين کي پنهنجي قبضي هيٺ رکڻي پئي. علامه ابن
اثير لکي ٿو ته مسلمانن جي حالت هن وقت بلڪل ضعيف
هئي ڇاڪاڻ جو عيسائي خلافت جي مرڪز بغداد تي ڪاهه
ڪرڻ ۾ رڌل ها. سلطان سنجر جي وفات کان پوءِ غازي
عماد الدين چڱو نالو ڪڍيو. سندس ڪارناما تاريخن ۾
به مشهور آهن. خود عيسائي مؤرخ به سندس ثناخوان
آهن. سن 523هه ۾ غازي عمادالدين ميم، بيج ۽ بوزا
جا علائقا فتح ڪري سڄيءَ موصل ولايت تي قبضو ڪيو.
العسرب جي معرڪي ۾ عيسائن کي شڪست
سن 523هه ۾ حلب جا رهاڪو عيسائين کان اچي تنگ ٿيا.
هنن موصل جي اتابيگ کي مدد لاءِ درخواست ڪئي. غازي
عمادالدين حلب تي قبضو ڪيو. اَهل حمص وارن به
سلطان جي اجهي هيٺ اچي پناهه ورتي. العسرب جي
خونريز معرڪي ۾ عيسائين شڪست کاڌي. اَڊيسا
EDESSA
جي عيسائي اَمير جوسيلين خوف کان سلطان سان عارضي
صلحنامو ڪيو، علامه ابن اثير لکي ٿو ته جوسيلين
سڀني عيسائي اميرن ۾ وڏو شيطان هو.
سلجوقي
اميرن جي پاڻ ۾ جنگ
سن 525هه ۾ سلطان محمود 12 سال 9 مهينا حڪومت ڪري
وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ دائود تخت تي ويٺو.
سن 526هه ۾ سلطان مسعود آذربائيجان جي واليءَ
پنهنجي ڀائيٽي کان حڪومت جون واڳون کسي پنهنجي
قبضي ۾ رکيون. ساڳئي وقت فارس جي والي سلجوق شاهه،
خراسان جي حاڪم سلطان سنجر ۽ دائود بن محمود جي
اچي پاڻ ۾ ويڙهه لڳي. پر دمراج جي معرڪي ۾ سڀني
سلطان سنجر هٿان شڪست کاڌي پر نيڪدل سڀني شهزادن
سان مرائت ڪئي، جيئن ته کين سمورا علائقا موٽائي
ڏنائين.
المسترشد بالله جو شهيد ٿيڻ
سلجوقي شهزادن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ڏسي خليفي
المسترشد بالله تخت تي ويهڻ شرط اهو خيال ڪيو ته
عباسين جي وڃايل طاقت کي وري زور وٺايان. هن اِنهي
ارادي سان هڪڙي جدا فوج تيار ڪرائي. هن حڪومت جون
واڳون رنقش نالي هڪڙي شخص جي حوالي ڪيون، جنهن تي
سلطان محمود مرحوم ساڻس فوج آزمائي ڪئي، پر سن
520هه ۾ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. مٿين اڻبڻت جي
ڪري سن 526هه ۾ سلطان سنجر، عمادالدين زنگي ۽ وبيس
بن صدقه نالي هڪڙي امير گڏجي خليفة المسلمين جي
خلاف جنگ جو اعلان ڪيو پر ٽنهي خليفي جي فوج هٿان
شڪست کاڌي، پر جنگ جا شعلا وري اُٿڻ لڳا ڇاڪاڻ جو
سن 527هه ۾ ابوالفرج اصفهانيءَ نالي هڪڙي عالم
هڪڙو رسالو شايع ڪيو جنهن ۾ هن خليفة المسلمين جي
حقن جي پٺڀرائي ڪئي. مٿيون ڪاتب عمادالدين زنگيءَ
هٿان گرفتار ٿي ويو. هن تحريڪ کي روڪڻ جي ڪري
خليفة المسلمين موصل تي فوج ڪشي ڪئي. ٽن مهينن جي
ويڙهه کان پوءِ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. خليفة
المسلمين موٽي بغداد ڏانهن آيو، پر سن 529هه ۾
سندس سلطان مسعود سان ناسازي پيدا ٿي، پر خليفي جي
فوجي اهلڪارن نمڪ حرامي ڪئي. هنن وڃي سلطان جو طرف
ورتو. اهڙي بيڪسيءَ جي حالتن ۾ واليءَ آذربائيجان
خليفة المسلمين کي گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو. سن
529هه مطابق 28 آگسٽ سن 1135ع ۾ سندس پٽ ابوجعفر
الراشد بالله جي لقب سان خلافت تي ويٺو.
الراشد بالله ابن مسترشد
شهزادو ابوجعفر اورنگِ خلافت تي رؤنق افروز ٿيو،
پر ملڪ جي سياسي حالت بالڪل ناموافق هئي. ورهين
کان عباسي خليفا، جي ڌارين اميرن جي ماتحت پنهنجي
زندگيءَ جا ڏينهن صلح سانت سان بسر ڪري ملڪِ عدم
ڏانهن راهي ٿي ويندا هئا، تنهن سلسلي کي المسترشد
بالله بدلائڻ ٿي گهريو، سندس مرضي هئي ته عباسين
جي گذريل عروج کي وري زندهه ڪجي. ممڪن آهي ته هو
پنهنجي مقصد ۾ کڻي سچو به هو پر ملڪ جي طول ۽ عرض
۾ چپي چپي تي جيڪي ڀانت ڀانت جا امير خودمختيار
طرح سان حڪومت ڪندا هئا، سي ڪيئن پنهنجي آزاديءَ
کي وڃائن ها؟ خليفة المسلمين وٽ هينئر نه خزانو هو
نه فوجون هيون نه وري اڳوڻي خلافت ئي رهي هئي
مورڳو خطبي ۾ به اميرن جا نالا خليفة المسلمين جي
نالي سان گڏ شامل هئا. اهڙين حالتن ۾ سواءِ صبر ۽
شڪر جي ٻي ڪاهه واهه ڪانه هئي.
مجرمِ عشق کو اُمید رہائی ہے فضول - جیتے جی
ختم ہو معیاد یہ دستور نہیں۔
هر ڪنهن امير پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ ٿي گهريو.
سن 530هه ۾ دائود بن محمود ۽ سلطان مسعود جي پاڻ ۾
اچي ناسازي جاڳي. مٿئين مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
بغداد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. خليفة المسلمين صدر
جي حيثيت ۾ عمادالدين زنگي ۽ ٻين اميرن جي صلاح
سان مسعود کي معزول ٿيڻ لاءِ فتويٰ ڏني. سلطان
مسعود غصي ۾ اچي بغداد تي گهيرو ڪيو، جو ساندهه 50
ڏينهن هليو، خليفي کي ڪنهن به مدد ڪانه ڏني. اهو
اصل کان دستور هلندو ٿو اچي ته مصيبت جي وقت ڪو
ڪنهن کي مدد نه ٿو ڏئي. هينئر جو مسعود جي تلوار
مياڻ کان ٻاهر هئي ته ڪنهن کي به خليفة المسلمين
جي بچاءُ لاءِ خيال ڪونه جاڳيو. مسعود بغداد ۾
وارد ٿيو ۽ علمائن ۽ قاضين جي مجلس برپا ڪيائين،
جن سن 530هه مطابق سن 835ع ۾ خليفة المسلمين جي
معزل ٿيڻ لاءِ فتويٰ ڏني.
المڪتفي لامرالله ابن مستظهر
سن 530هه ۾ شهزادو ابو عبدالله بن مستظهر المڪتفي
بالله جي لقب سان خلافت تي ٿاپيو ويو. بارگاهه
خلافت ۾ هن وقت جيڪي به فساد ٿيندا هئا، تن ۾ غازي
عمادالدين زنگيءَ جو هٿ هو. خليفو راشد جو هن وقت
معزول هو، سو دائود بن محمود وٽ مدد وٺڻ لاءِ ويو،
جڏهن سلطان مسعود کي خبر پئي تڏهن گهڻن ئي اميرن
سان جنگيون ڪري کين ڪنبائي ڇڏيائين. راشد بالله
بيڪسيءَ جي حالت ۾ موصل، همدان مان ٿيندو اِصفهان
ويو پر پنهنجي ڪن خادمن هٿان مارجي ويو، مرڻ مهل
سندس عمر 40 ورهيه هئي. سلجوقي اميرن جي ناسازيءَ
مان وجهه وٺي نئين خليفي المڪتفيءَ عراق قلاديا جي
علائقن تي قبضو ڪيائين.
غازي عمادالدين زنگيءَ جي شام تي ڪاهه، عيسائين کي
اسلام هٿان شڪست
غازي عمادالدين زنگي موصل جو والي مشرقي معاملات ۾
حصو وٺي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو کيس مغرب کان عيسائين
جي حملي جو خوف هو. ڪروزيڊرن، جن کي اسلام جي سپهه
سالار هڪ ٻه ڀيرو اڳ شام ۾ شڪستون ڏنيون هيون، تن
کي هينئر يورپ مان تازي مالي ۽ فوجي مدد ملي وئي.
سندن طاقت کي ڏسي قسطنطنيه جو قيصر جان ڪامني نيوس
به سندن پشت پناهه ٿي بيٺو. هنن بوزا
BUZAA
تي حملو ڪري مردن کي قتل ڪيو ۽ زالن ۽ ٻارن کي قيد
ڪيائون. پوءِ هنن شائزار
SHAIZAR
جي مشهور اسلامي قلعي تي گهيرو ڪيو. امير مريد
الدوله اڳ هن قلعي جو مالڪ هو، جنهن ڪروزيڊرن سان
سخت جنگيون جوٽيون هيون، سندس ڪارناما (ڪتاب
الاعتبار) ۾ ڏنل آهن. مٿيون ڪتاب سن 1884ع ۾ پيرس
PARIS
۾ ڇپجي تيار ٿيو، منجهس اسلامي ۽ صليبي جنگين جي
متعلق عجيب ۽ غريب ڳالهيون ڏنل آهن. شائزار پهاڙي
قلعو هو. هن قلعي کي هٿ ڪرڻ لاءِ عيسائين ۽
مسلمانن جون پاڻ ۾ خوب جنگيون ٿي چڪيون هيون.
اوائل ۾ هتي بنو منعقه عرب اچي رهيا هئا، جي
پنهنجو لقب ڪنعانه خاندان مان ڇڪيندا هئا. اُهي
اَصل کان هن قلعي ۽ سندس گردنواح جي علائقن تي
حڪمراني ڪندا هئا. هن وقت سلطان ابو عساڪر حڪمراني
ڪندو هو، جنهن سپهه سالار اعظم غازي عمادالدين
زنگي کي مدد لاءِ دعوت ڏني ۽ غازي موصوف به جهاد
في سبيل الله ۾ شامل ٿيڻ لاءِ لبيڪ چئي نڪتو. رومي
۽ فرنگي، جي هن وقت قلعي تي گهيرو ڪري ويٺا، تن کي
سخت شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائين. هنن آرقا
ARKA
جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي، پر غازي اعظم سندن
پٺيان پيو ۽ آرقا جي قلعي تي گهيرو ڪري، عيسائين
کي شڪست ڏئي کين جهنم پهچائي، قلعي کي مسمار ڪري
ڇڏيائين. (نوٽ) آرقا جو قلعو طرابلس جي عيسائي
امير جي حد اندر هو. غازي اعظم جي تلوار دشمنن کي
آرام وٺڻ نه ڏنو ۽ سن 533هه بعلبڪ جو مشهور قلعو
اسلامي فوجن فتح ڪيو، جنهن جون واڳون غازي نجم
الدين ايوب جي سپرد ڪيائين.
بعلبڪ جي مشهور فتوحات کان پوءِ غازي عمادالدين سن
534هه ۾ زور جو شهر ترڪماني امير اقجبق بن اَلپ
اَرسلان شاه کان فتح ڪيو. ماهه جمادي الثاني سن
539هه مطابق سن 1144ع ۾ جبل بارين جو مشهور قلعو
عيسائين کان فتح ڪيائين جو حمص ۽ حلب جي وچ ۾
عيسائين جو فوجي مرڪز هو. تنهن کان پوءِ جوسيلين
جو تختگاهه اَڊيسا
EDESSA
فتح ڪيائين. اڊيسا عيسائين جو بيت المقدس وانگر
پاڪ شهر هو، منجهس گهڻائي پادري رهندا هئا ۽ هي
شهر عراق تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪنجي هو. عيسائين آڻ
مڃي، پر پوءِ ڪجهه سرڪشي ڪرڻ لڳا، پر سلطان الغازي
ڪمال مروت سان کين معافي ڏني نه ته بيت المقدس جي
مظلومن جو ڪفارن کان بدلو وٺي سگهيو پئي. پادري
اڃا به اَمن اَمان ۾ خللل وجهڻ لڳا، جن کي سلطان
قتل ڪرائي ڇڏيو. زالن ۽ ٻارن جي اسلامي فوج حفاظت
ڪئي. کين سندن چوپايا مال به موٽائي ڏنائون. اڊيسا
سر ڪرڻ کان پوءِ غازي اعظم ويو قلعن پٺيان قلعا
فتح ڪندو ، اهڙي طرح سراج البيرا ۽ قلات جمبر
مشهور قلعا هئا، جيڪي هن جي فتوحات ۾ شامل هئا.
پوئين قلعي جو حاڪم علي بن مالڪ عقيلي هو. افسوس
جو 5 ربيع الثاني سن 541هه مطابق سيپٽمبر سن 1146ع
۾ هن غازيءَ اسلام کي ڪنهن نمڪ حرام مملوڪ شهيد
ڪري ڇڏيو. شهيد ٿيڻ وقت هن جي عمر 60 ورهيه هئي.
غازي عمادالدين اتابيگ جي درٻار
ايشيا ۾ جيڪي به اسلام جا نامور فرزند ٿي گذريا،
تن مان غازي عمادالدين زنگي
رحه
اتابيگ موصل به پنهنجي وقت جو جليل القدر بادشاهه
ٿي گذريو. هو پنهنجي عدل، انصاف ۽ رحمدليءَ جي ڪري
مشهور آهي ۽ سندس نالو تاريخن ۾ مشهور آهي. شام تي
عيسائين جي حملن ڪري عراق جو واپار بند ٿي ويو هو،
تنهن کانسواءِ زمين جو گهڻو حصو غير آباد هو. پر
هن مجاهد في سبيل الله جي ڪوشش ۽ ڪفارن سان جهاد
ڪرڻ کان پوءِ واپار وڌڻ لڳو ۽ زرعي ڪمن ترقي ڪئي.
ملڪ ۾ هر ڪو غريب آسودو هو. فرنگين کي ماري مات
ڪيائين. ڏتڙيلن ماڻهن کي سندن گهر موٽائي ڏنائين.
جن موٽي اچي شهرن کي آباد ڪيو. سندس سخا جو چرچو
طول ۽ عرض ڪشور ۾ هلندڙ هو. هر هڪ جمعي جي ڏينهن
پاڻ خيراتون ڏيندو هو. خيرات جي خاص ڪم لاءِ سندس
خدمت ۾ جدا نوڪر هر وقت موجود رهندا هئا. سندس
لشڪر کيس گهڻي عزت ڏيندو هو. هو سچو پچو سلطان هو.
عالمن ۽ فاضلن لاءِ کيس گهڻي عزت هوندي هئي. سندس
وزيرن مان ابو جعفر محمدجمال الدين وڏو وزير هو.
علامه ابن اثير سندس تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”هو وڏو
سخي هو ۽ سلطان کي سندس ڪاروبار ۾ مدد ڏيندو هو.
هن عرفات جبل جي چوٽي تان هڪڙي ڏاڪڻ ٺهرائي. ان
لاءِ ته حاجين کي لهڻ چڙهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. مديني
منوره جي چؤطرف ديوار جوڙايائين. هر سال مڪي ۽
مديني جي غريب زالن، ٻارن ۽ ٻين محتاجن لاءِ رپيا
۽ ڪپڙا روانا ڪندو هو. وزيراعظم وٽ محتاجن کي
خيرات ڏيڻ لاءِ جدا دفتر هوندو هو. چون ٿا ته جڏهن
موصل ولايت ۾ هڪڙي ڀيري ڏُڪر پيو، تڏهن وزيراعظم
پنهنجي سموري ملڪيت خيرات ۾ ڏني. سلطان جي بارگاهه
مان کيس (شريف) جو لقب مليل هو. حضرت غازي
عمادالدين زنگي
رحه
جا قول آهن ته ”نرم بستري جي بدران گهوڙي جي زين
پسند ڪيان ٿو، جنگ جي طبل کي ساز ۽ سرود کان وڌيڪ
چاهيان ٿو، جنگي هٿيارن کي معشوق جي ڀاڪر کان وڌيڪ
پسند ڪيان ٿو.“
غازي نورالدين زنگي
غازي عمادالدين جي شهادت کان پوءِ سندس پٽ
نُورالدين محمود حلب جو حاڪم ٿيو ۽ سندس وڏو پٽ
امير سيف الدين موصل تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. سندس ٻيا
ٻه پٽ قطب الدين ۽ نصرت الدين حڪومت جي جدا جدا
ڀاڱن تي حاڪم ٿيا. سن 544هه ۾ امير سيف الدين
انتقال ڪيو. سندس جاءِ تي قطب الدين موصل جو والي
ٿيو. غازي نورالدين محمود ۽ سيف الدين ٻنهي
اميرزادن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي پيءُ جي فوجي
ڇانوڻيءَ ۾ جنگي تعليم ورتي هئي. امير نورالدين
زنگي
رحه
به پيءُ وانگر اسلام جو مشهور نامور پهلوان ٿي
گذريو. هو وڏو سخي ۽ انصاف جو صاحب ٿي گذريو.
علامهّ فخر النوري اتابيگان موصل جي تاريخ ۾ لکي
ٿو، ته غازي نورالدين محمود
رحه
وڏيءَ ڪرامت ۽ ڪماليت جو صاحب هو جيئن ته شاهي تخت
۽ تاج کانسواءِ کيس گهڻائي مريد به هئا. هو وڏو
عالم، آزاد طبع ۽ هنر جو شوقين هو. جملهء 28 سال
حڪومت ڪيائين. طول ۽ عرض ڪشور جي جدا جدا شهرن ۾
رعيت جي ڀلي لاءِ شفاخانه ۽ مڪتب جوڙايائين. سندس
عدل جي متعلق مشهور مؤرخ گبن
GIBBON
لکي ٿو ته هن سلطان هڪ خاص عدالت خانو تيار ڪرايو
جنهن کي (دارالعدل) ڪري سڏيندا هئا. سندس بارگاهه
۾ گهڻائي عالم ۽ فاضل رهندا هئا. وفات کان پوءِ به
سندس دشمن سندس ساراهه ڪندا هئا. جيئن ته ٽائري جي
وڏي پادريءَ به سندس تعريف ڪئي آهي. هو شرعي
احڪامن تي پختو هو ۽ رعيت جي خير خواهي ۽ آسودگيءَ
جو کيس هر وقت فڪر دامنگير رهندو هو. هميشه ڪوشش
ڪندو هو، ته رعايا کانئس خوش رهي، اهي آهن خير
البشر جي تاجدارن جا ڪارناما جي اڄ به دنيا ۾
يادگار آهن.
ڇهون ڪروزيڊ ۽ زغارا جي معرڪي ۾ اسلام جي فتح
عيسائين جوسيلين جي هٿ هيٺ اڊيسا تي ڪاهه ڪئي. ڪن
مسلمان سپاهين ۽ مسلمان رهاڪن کي بيدرديءَ سان قتل
ڪيائون. عيسائين سان گڏ آرمينن جا به ڪي جٿا شامل
هئا. سلطان مٿن حملو ڪيو ۽ منجهائن گهڻن کي ئي
جهنم داخل ڪيائين. جڏهن اڊيسا ۾ عيسائين جي شڪست
جي خبر يورپ ۾ پهتي، تڏهن وري نئين سر ڪروزيڊ جي
تحريڪ زور ورتو. هن ڪروزيڊ جو حامي سينٽ برنارڊ
St. BARNARD
نالي پادري هو، جو اسلام جي خلاف طول ۽ عرض يورپ ۾
واعظ ڪرڻ لڳو. هن تحريڪ ايتريقدر زور ورتو جو سن
1147ع ۾ ڪانراڊ ثالث
CONARD-III
جرمنيءَ جي شهنشاه ۽ فرانس جي بادشاهه ليوس ستين
مسيحي جهاد جو اعلان پڌرو ڪيو. هن وقت صليب جي
جهنڊي هيٺ
900,000
عيسائي اچي گڏ ٿيا. جن طوفان وانگر شام ۽ فلسطين
ڏي رخ رکيو. فرانس جي بادشاهه سان گڏ سندس راڻي
ايلي نار
Elenor of Guienne
به هم رقاب هئي. فرانس جي شهزاديءَ جي شرڪت ڪري
گهڻيون ئي عيسائي زالون شوق سان ڪروزيڊ ۾ اچي شامل
ٿيون. فرانس ۽ جرمنيءَ جون زالون زرهون ڍڪي نيزا
هٿن ۾ کڻي اچي ميدان ۾ بيٺيون. پر هن طوفان جو
جيڪو حشر ٿيو سو هن ريت آهي.
ڪانراڊ جو لشڪر ته رستي تي ئي چٽ ٿي ويو، باقي ليو
س جي لشڪر جڏهن ايشيا مائنر جي ساحلن تي لنگر
هنيو، ته بابا داغ جي مقام وٽ سلجوقي اميرن جي
فوجن هٿان ناس ٿي ويو. ائنٽايش جو حاڪم ريمانڊ
Ramond
ايلي نار جو چاچو هو، جنهن وٽ شهزادي پنهنجي
لشڪرجي چوٿين حصي سان اچي دم پٽيو. شهزاديءَ جي
همراهه ٻيون به ست شهزاديون هيون، جن جو نالو هيٺ
ڏجي ٿو:
(1) ڪائونٽيس آف ٽولوس
|
|
Countess of Toulouse |
(2) ڪائونٽيس آف بلوئس |
|
Countess of Blios |
(3) سبائيل آف فلئنڊرس |
|
Sybille of Flanders |
(4) ڪائونٽيس آف رائوذي |
|
Countess of Roussy |
(5) ڪائونٽيس آف تلقيوري |
|
Countess of Talcquerry |
(6) ڊچيز آف بولان |
|
Duchees of Boullion |
مٿيون ست ئي شهزاديون پنهنجي حسن ۽ ادا جي ڪري
يورپ ۾ مشهور هيون. سندن تحريڪ ۽ ريمانڊ جي حڪمت
عمليءَ جي ڪري ڪروزيڊرن ۾ نئون روح پئجي ويو. هنن
دمشق تي حملو ڪيو، سندن قبضو ڪن مهينن تائين شهر
تي رهيو. آخر سيف الدين ۽ نورالدين کين دمشق مان
تڙي ڪڍيو. هن ويڙهه جو اهو نتيجو نڪتو جو فرانس ۽
جرمنيءَ جا شهنشاهه اسلامي فوجن هٿان شڪست کائي
يورپ ڏانهن موٽي ويا. غازي سيف الدين، جو اڳ ڀاءُ
سان معرڪن ۾ شامل رهندو هو، تنهن سن 544هه مطابق
نومبر سن 1149ع ۾ وفات پاتي ۽ غازي نُورالدين
رحه ڪفارن سان مقابلي ڪرڻ ۾ هيڪلو رهجي ويو.
غازي اعظم شام جي سرحد وارو قلعو (اَلارما) دشمنن
کان فتح ڪيو ۽ ڪجهه مهينا پوءِ زغارا
ZAGHARA
۽ نيپا جي معرڪن ۾ دشمنن کي
سخت شڪستون ڏنائين. مٿيان ٻئي معرڪا زبردست هئا.
NEPA
جي شهر جي ديوارن هيٺان سخت گهمسان جي جنگ لڳي،
جتي ريمانڊ قتل ٿي ويو. سندس هڪ صغير پٽ بوهمانڊ
BOHEMOND
نالي وڃي رهيو. هن معرڪي ۾ بيشمار عيسائي مسلمانن
هٿان مارجي ويا. مطلب ته عيسائين هڪ ٻئي پٺيان
شڪستون کاڌيون. سن 544هه مطابق سن 1151ع ۾
جوسيلين سان جنگ جوٽيائين، جو بقول علامه ابن اثير
سڀني عيسائي اميرن ۾ دل جو ڪٺور ۽ وڏو شيطان هو،
پر هن ڀيري غازي اعظم هٿان قيد ٿي ويو. هو عيسائين
جو وڏو جرنيل هو. سندس گرفتاريءَ کان پوءِ اسلامي
فوجن آسانيءَ سان تل بشير، عين تاب، نهر الجاز،
برج الرباس ۽ ٻيا ڪيترا شهر ۽ قلعا شام ۾ فتح ڪيا.
ٻي وڏي جنگ دولوق وٽ لڳي، جنهن ۾ اسلام جي دشمنن
ٽيهر شڪست کاڌي ۽ ائنٽايش جو گهڻو علائقو مسلمانن
جي قبضي ۾ اچي ويو.
غازي نُورالدين جو دمشق فتح ڪرڻ
هن وقت سلجوقي اقبال جو آفتاب غروب ٿيڻ لڳو هو.
سنه 547 هه مطابق سن 1152ع ۾ سلطان مسعود سلجوقي
آذربئجان جي واليءَ انتقال ڪيو، سندس گاديءَ تي
سندس ڀائيٽو سلطان محمود جو پٽ امير ملڪ شاهه نالي
ويٺو، جو هن خاندان جو پويون حاڪم ليکجي ٿو. غازي
عماد الدين زنگيءَ، جيڪو دمشق جو قلعو پنهنجي امير
حضرت نجم الدين ايوب جي حوالي ڪري ويو هو، تنهن
کان دمشق وري مجيرالدين آبڪ سلجوقيءَ فتح ڪيو، جو
غازي ملڪ شاهه سلجوقي جي ڀاءُ امير تتش جي پيڙهيءَ
مان هو. هن غازي نُورالدين جي شام ۾ فتوحات کي ڏسي
ساڙ سهي نه سگهيو. هن زنگي سلطان جي خلاف فرنگين
کان مدد گهري، پر سندس فوجن سلطان جي طرفداري ڪئي
۽ سلطان الغازي کي دمشق تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت
ڏنائون، سلطان دمشق فتح ڪيو ۽ ڪمال مروت سان
اسقيلان ۽ اڊيسا جو علائقو سلجوقي امير جي حوالي
ڪري، پنهنجي پٽ کي دمشق جو والي مقرر ڪري موٽيو.
هن فتح جي ڪري سلطان کي بغداد جي درٻار مان ”الملڪ
العادل“ خطاب مرحمت ٿيو. غازي اعظم جيتوڻيڪ شام
فتح ڪيو ۽ عيسائين به ساڻس عارضي صلح گهري ورتو،
ته به بدنصيبيءَ جي ڪري اُتي اَمن اَمان قائم ٿي
نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو سن 552هه ۾ اوچتو ڌرتيءَ
خوفناڪ ڌوڏو کاڌو، جنهنڪري شام جي اڪثر گهڻن شهرن
کي نقصان پهتو.
مستنجد بالله (اول) بن مڪتفي ۽ خليفو مستضي
12 ربيه الاول سن 555هه مطابق سن 1160ع ۾ مڪتفي
بالله 66 ورهين جي عمر ۾ 24 سال خلافت نشين رهي،
هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس پٽ شهزادو
ابوالمظفر يوسف المستنجد بالله جي لقب سان خلافت
نشين ٿيو. خليفو مڪتفي عراق جو خودمختيار بادشاهه
هو، وٽس هڪ خاص فوج به هئي. سندس وفت کان پوءِ هن
جو پٽ حسن المستضي بالله جي لقب سان حڪومت تي
ويٺو. هيءُ به پيءَ وانگر عراق جو خودمختيار
بادشاهه هو ۽ سن 1179ع ۾ وفات ڪيائين.
غازي نُورالدين زنگيءَ جو مصر فتح ڪرڻ
جڏهن شام فتح ٿيو، تڏهن سلطان الغازي مصر ولايت
فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جيئن ته مصر جا فاطمي خليفا
هن وقت گهڻو ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ حڪومت مصر جون
واڳون هن وقت وزير سعدي جي هٿ هيٺ هيون. ٻئي طرف
ڪروزيڊرن، جن شام ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، تن جي
به اها دلي مراد هئي ته مصر تي قبضو ڪجي. مصر جي
وزيراعظم دمشق جي واليءَ کي عيسائين جي خلاف مدد
لاءِ پهريون درخواست ڪئي. هن ائين به ڄاڻايو هو ته
جيڪڏهن موصل جون فوجون مدد ڏينديون ته اُن جي عيوض
حڪومت مصر جا ڪي علائقا ۽ ۽ ساليانو خراج موصل جي
حڪومت کي مصر طرفان ملندو. اهڙي عهدو پيام موجب
غازي نُورالدين پنهنجي سپهه سالارن مان (شيرڪوه)
کي، جو نجم الدين ايوب جو ڀاءُ هو، اسد الدين جو
لقب ڏيئي ڪجهه فوجن سان مصر روانو ڪيو، ماهه جمادي
الاول سن 559هه مطابق سن 1164ع ۾ جڏهن غازي شير
ڪوهه اسدالدين مصر ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن سعديءَ
انحرافي ڪري اُٽلندو فرنگين کان مدد گهري، جنهنڪري
لاچار موصلي فوجن کي موٽ کائڻي پئي.
ساڳئي سال فرنگين ۽ رومين جي متحد فوجن گڏجي غازي
نُورالدين سان مقابلو ڪيو. حريم
HARIM
جي مقام وٽ سخت جنگ لڳي، چون ٿا ته صليبي جنگين ۾
هي سخت معرڪو هو. الله تعاليٰ فتح اسلام کي ڏني،
نصارن جا وڏا وڏا مهندار بوهمانڊ، ٽرپوليءَ جو
امير، ريمانڊ ۽ رومي جرنيل جوسيلين ثاني، ڊيوڪ آف
ڪلامر ۽ ٻيا سڀئي اسلامي فوج هٿان قيد ٿي ويا. هن
شڪست کان پوءِ هريم، پانيز المتريتا ۽ ٻيا شهر
غـازي اعظم فتح ڪيا.
جڏهن سلطان الغازي ڪفارن جي جنگ کان پوءِ فارغ
ٿيو، تڏهن ماهه ربيع الثاني سن 562هه مطابق سن
1167ع ۾ وري شير ڪوهه کي فوج ڏيئي مصر تي چاڙهي
موڪليائين، سعدي وري عيسائين کان مدد گهري.
آميوري،
AMAURY
جو هن وقت بيت المقدس جي تخت تي هو، تنهن هڪڙو
لشڪر سعديءَ جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو، پر بابين
BABAIN
جي معرڪي ۾ شير ڪوهه انهن متحد فوجن کي شڪست ڏني.
علامه ابن اثير لکي ٿو، ته هن معرڪي ۾ غازي شير
ڪوهه ڏاڍي بهادري ڏيکاري ۽ اسڪندريه جي شهر جو
گهيرو ڪري ورتائين. هن شڪست کان پوءِ طرفين جو پاڻ
۾ صلح ٿيو، جنهن موجب آميوري نااُميديءَ جي حالت ۾
پنهنجن فوجن کي موٽائي ويو. حڪومت مصر
50,000
اشرفيون غازي شير ڪوهه کي ڏيڻ لاءِ انجام ڪيو، ان
لاءِ ته شير ڪوهه پنهنجون فوجون موٽائي شام وٺي
وڃي. وزير سعدي هڪ طرف سلطان سان صلح ڪيو، ته ٻئي
طرف عيسائي سپاهين کي القاهره ۾ رهائڻ لڳو. کين
حڪومت
110,000
اشرفيون ڏيڻ لڳي، جڏهن سلطان کي خبر پئي، تڏهن وري
غازي اسدالدين کي فوجون ڏيئي موڪليائين. 7 ربيع
الثاني سن 569هه مطابق 8 جنوري سن 1169ع ۾ مصر تي
فوج ڪشي ڪئي وئي. عيسائي سندس خوف کان شهر ڇڏي ڀڄي
ويا، کين اوچتي ڀاڄ ۾ گهڻو نقصان سهڻوپيو. غازي
شير ڪوهه سواءِ ڪنهن رنڊ روڪ جي قاهره ۾ وارد ٿيو.
مصرين علوي خليفي سميت سندس استقبال ڪيو. سعدي
سُتت ئي مارجي ويو ۽ مصر جي بارگاهه خلافت مان
غازي اسدالدين شير ڪوهه کي (ملڪ المنصور) جو خطاب
مليو، پر ٻن مهينن کان پوءِ هن انتقال ڪيو. سندس
عهدي تي سندس ڀائيٽو غازي صلاح الدين يوسف الملڪ
الناصر جي خطاب سان موصل جي حڪومت پاران مصر ۾
سپهه سالار مقرر ٿيو. غازي صلاح الدين رحه
پنهنجي خداداد لياقت ۽ انصاف سان مصر تي حڪومت ڪرڻ
لڳو.
غازي اعظم جي انتظام مان اهل مصر گهڻو خوش هئا.
کيس گهڻي عزت ڏيندا هئا. مصر جي پوئين علوي خليفي
هن وقت انتقال ڪيو. غازي صلاح الدين
رحه
حنفي طريقي جو پابند هو، تنهنڪري حنفي فرقي کي مصر
۾ زوروٺائڻ لڳو. سندس تحريڪ جي ڪري اهل مصر بغداد
جي خليفي کي مڃڻ لڳا.
سن 567هه مطابق سن 1170ع ۾ خليفة المسلمين
المستنجد کي سندس نوڪرن حمام ۾ گهُٽو ڏيئي ماري
وڌو، سندس جاءِ تي سندس پٽ شهزادو ابو محمد الحسن
المستضي بامرلله جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. جنهن
سن 1179 ۾ وفات ڪئي.
ايوبي خاندان
ايوبي خاندان
The Ayubides Dynasty
جنهن جو باني حضرت نجم الدين ايوب
رحه
ليکجي ٿو، سو پنهنجي ڀاءُ غازي اسدالدين (شير
ڪوهه) سان گڏ طفلس جي هڪڙي ڳوٺ دوين کان آيو هو.
هو راودي ڪردن جي نسل مان هو، جي ترڪ هئا. امير
نجم الدين سلطان غازي عماد الدين زنگيءَ اتابيگ
موصل جي درٻار ۾ آيو، جنهن سندس خداداد شجاعت کي
ڏسي کيس شام جي قلعي بعلبڪ جو والي مقرر ڪيو ۽
سندس ٻئي ڀاءُ غازي شيرڪوهه کي حمص جو حاڪم مقرر
ڪيائين، ٻنهي سپهه سالارن ڪروزيڊرن جي جنگين ۾ چڱو
نالو ڪڍيو ۽ اتابيگ موصل جي درٻار ۾ کين گهڻي عزت
حاصل هئي. غازي عمادالدين کانپوءِ غازي نُورالدين
به سندن گهڻي حوصله افزائي ڪئي.
غازي صلاح الدين ايوبي
حضرت مجاهد اعظم سلطان غازي صلاح الدين اَيوبيرحه
سن 532هه مطابق سن 1137ع ۾ تولد ٿيو. 35 ورهين جي
عمر ۾ غازي نُورالدين طرفان ولايت مصر جو حاڪم
مقرر ٿيو. مصر تي جڏهن غازي اسدالدين شيرڪوهه فوج
ڪشي ڪئي، تڏهن غازي صلاح الدين به ساڻس همراه هو.
قاضي بهاءُالدين، جو اتابيگ موصل جي درٻار ۾ وزارت
جي قلمدارن جو مالڪ هو، جنهن کي پوءِ غازي صلاح
الدين قاضي العاسڪر جو خطاب ڏنو، سو هن مجاهد اعظم
جي شان ۾ هن ريت لکي ٿو ته ”غازي اعظم بهادر سپه
سالار، انصاف پرست، سخي ۽ وڏي اخلاق جو صاحب هو.
هو سليم طبع، متقي هو. سڄي عمر پرهيزگاريءَ ۾
گذاريائين ۽ رعيت جي ڀلي لاءِ هن سڀڪي ڪيو.“ سن
565هه مطابق سن 1170ع ۾ غازي نُورالدينرحه
وفات ڪئي، سندس گادي نشين سندس پٽ شهزادو اسماعيل،
جو هن وقت يارهن سالن جو هو (الملڪ الصالح) جي لقب
سان مصر ۽ شام جو حاڪم ٿيو.
غازي صلاح الدين مصر جي حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ ٻئي
سال سن 569هه مطابق سن 1173ع ۾ هن پنهنجي ڀاءُ
توران شاهه کي حبش ۽ يمن فتح ڪرڻ لاءِ لشڪر ڏيئي
روانو ڪيو. توران شاهه کي حبش جي زمين نه وڻي،
باقي يمن فتح ڪري ايوبي سلطنت سان ملائي ڇڏيائين.
سن 569هه 11 شوال المڪرم سڄو مصر، سوڊان، حجاز ۽
يمن جا علائقا ايوبي سلطنت سان لاڳو ٿي ويا.
غازي نُورالدين زنگيرحه
جي وفات کان پوءِ غازي صلاح الدين ايوبي
رحه
شهزادي اسماعيل ملڪ الصالح زنگي جي خدمت ۾ هڪڙو
وفد روانو ڪري غازي مرحوم جي وفات تي افسوس ظاهر
ڪيو، تنهن کانسواءِ ڪمال نمڪ حلالي جو ثبوت پيش
ڪري خودمختيار حڪمران جي حيثيت ۾ ٿي ڪري ولايت مصر
۾ سندس نالي تي سڪو جاري ڪيائين. اتابيگ اسماعيل
هن وقت صغير العمر هو، تنهنڪري سندس گهڻن ئي اميرن
خودمختياري اختيار ڪئي.
ڪي اهڙي ئي ڪوشش ۾ لڳل هئا، جا سراسر سندن نمڪ
حرامي هئي. اهڙيءَ روش کي ڏسي غازي صلاح الدين
اعظم اهڙن نافرمانبردارن اميرن لاءِ هڪڙو اعلان
جاري ڪيو، جنهن ۾ کين تاڪيد ڪيائين ته نمڪ حلال ٿي
رهن، هن پنهنجي اعلان ۾ اهو به پڌرو ڪيو، ته
جيڪڏهن ڪو به امير زنگي شهزادي جي خلاف ڪنهن به
قسم جي ڪارروائي ڪندو، ته مان پاڻ فوجن سميت دمشق
۾ اچي سندس نمڪ حراميءَ جو تلوار سان بدلو وٺندس.
اهڙي اعلان پڌري ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به امير کي
مجال نه ٿي جو سرڪشي ڪري سگهي.
زنگي تاجدارن جي طاقت موصل خواهه شام ۾ هن وقت
گهڻو ڪمزور ٿي ويئي هئي. امير ملڪ الصالح اسماعيل
بن نورالدين محمود زنگي هن وقت عمر ۾ ننڍو هو.
سندس چاچو غازي سيف الدين زنگي جو ولايت موصل جي
تخت تي هو، سو سن 586هه ۾ وفات ڪري چڪو هو، سندس
جاءِ تي عزالدين مسعود حڪمران هو، جو اهڙو بهادر
ڪين هو، جو دشمنن کان انتقام وٺي سگهي. زنگي
دسترخوان تي جن جن اهلڪارن ۽ اميرن ورهين کان
پرورش ورتي هئي، سي پنهنجن آقائن جي اقبال جي
آفتاب کي غروب ٿيندو ڏسي پاڻ کي خودمختيار ۽
دولتمند ٺاهڻ جي ناپاڪ ڪوشش ۾ شب و روز محو هئا.
فقط غازي صلاح الدين يوسف
رحه
منجهائن هڪڙو ئي فرمانبردار امير هو، جنهن پاڻ کي
زمير موصوف جي خدمت ۾ بطور نمڪ حلال فرمانبردار
نوڪر ٿي رهڻ ڄاتو. سندس اهڙي فرض شناسي کي ڏسي ٻيا
امير کانئس رشڪ کائيندا رهيا پر هن سندن ڪائي
پرواهه نه ڪئي. گمشتگين نالي هڪڙي نمڪ حرام امير
شهزادي کي هيڪلو ڏسي حلب ۾ نصارن کي سڏي کين دمشق
تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اُٿاريو، نصارن سندس ناپاڪ ارادي
مان فائدو وٺي دمشق تي ڪاهه ڪئي. هوڏانهن امير
موصوف غازي اعظم کي اچڻ لاءِ دعوت موڪلي، جڏهن
اميرن جي عدالت جي خبر غازي اعظم کي پهتي تڏهن تپي
باهه ٿي ويو، هو 700 جانباز نيزي بازن جي فوج وٺي
طوفان وانگر دمشق ۾ وارد ٿيو ۽ اتابيگ جي محلات ۾
رهڻ کان انڪار ڪري سندس فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تنبوءَ ۾
رهڻ لڳو، جتي سندس والد بزرگوار رهندو هو. هتان
هڪڙو وفد امير موصوف جي خدمت ۾ روانو ڪيائين. جنهن
۾ لکيائين ته ”يا امير تون بيفڪر ٿي رهه! مان
تنهنجي خدمت ۾ فقط هن ڪري آيو آهيان ته تنهنجي
دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي تلوار جي نوڪ سان پائمال
ڪريان.“
نافرمانبردار اميرن هن ڳالهه کي محسوس ڪري ڇڏيو هو
ته جيسين غازي صلاح الدين يوسف امير اتابيگ جي
حلقي ۾ فرمانبردار آهي، تيسين سندن ترقي محال آهي،
تنهنڪري هنن صغير العمر شهزادي کي غازي اعظم جي
خلاف چوريو. ڇاڪاڻ جو غازي اعظم جي خط جي جواب ۾
جيڪو امير جواب لکي موڪليو. تنهن ۾ خلاف ۽ پيچيده
ڳالهيون لکيل هيون پر غازي اعظم باتدبير ۽ صبر ۽
تحمل وارو شخص هو، هن خط جو راز سمجهي ورتو ۽ امير
اتابيگ سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. امير
موصوف جو هن وقت حلب ۾ هو، تنهن پنهنجي صلاحڪارن
جي شرارت سان غازي اعظم کي ملاقات جي شرف بخشڻ کان
انڪار ڪيو.
بلڪه حلب جي کلين بازارين ۾ بيهي ماڻهن کي پڪاري
چيائين ته ”مان اُن بادشاهه جو پٽ آهيان، جنهن جا
احسان توهان تي يادگار اڃا تائين قائم آهن، جي
توهين منهنجا فرمانبردار آهيو، ته اُٿي منهنجي
دشمن (صلاح الدين) سان وڙهو“ زنگي تاجدارن جا
احسان مخلوق خدا تي واقعي بيشمار هئا،شهزادي جي
اعلان ۽ شريرن جي شرارت ماڻهن تي اثر ڪيو، جيئن ته
حلب وارا غازي اعظم جي خلاف هٿيار ٻڌي وڙهڻ لاءِ
نڪتا.“
سلطان الغازي اها روبڪار ڏسي لاچار پنهنجي جانباز
فوج کي وٺي ٻاهر نڪتو ۽ آسمان ڏانهن منهن ڪري
پڪاريائين ”ته اي خدا تو دانا آهين، تون بهتر
ڄاڻين ٿو، ته منهنجيءَ دل ۾ جنگ ڪرڻ جو ڪو ارادو
ڪونهي، پر جيڪڏهن تنهنجو اهو امر آهي، ته فيصلو به
تنهنجي سپرد ڪريان ٿو.“
ائين چئي گهوڙي جون واڳون موڙيائين. دمشق وارن حلب
وارن سميت شڪست کاڌي. گمشتگين به هار کاڌي ۽ نصارا
جي ايميسا جي ميدان وٽ گڏ ٿيا هئا، تن به شڪست
کاڌي. پوءِ غازي اعظم هڪڙو خط امير جي خدمت ۾
روانو ڪيو، جنهن ۾ وري به عرض ڪيائين ته ايميسا،
حلب، دمشق ۽ مصر توهان جي ملڪيت آهي، مان فقط
توهان جو فرمانبردار سپه سالار آهيان، پر افسوس جو
شهزادي جي عمر هن وقت فقط 12 سالن جي هئي، هو باغي
اميرن جي هٿ هيٺ هڪڙو رانديڪو هو، هن اهڙيءَ مروت
کان انڪار ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو حلب جي
ديوارن هيٺان خونريز جنگ لڳي، جتي موصل جي فوج ۽
گمشتگين سخت شڪست کاڌي، اميرن ۽ شهزادي شرم کان
غازي اعظم کي صلح لاءِ درخواست پيش ڪئي. هنن گڏجي
غازي نُورالدين محمود زنگيرحه
جي ڌيءَ کي، جا هن وقت 6 ورهين جي هئي، غازي اعظم
جي ڇانوڻيءَ ۾ صلح لاءِ ڏياري موڪليو، ان لاءِ ته
سلطان رحم کائي صلح جي درخواست کي منظور ڪري. چون
ٿا ته جڏهن شهزادي ڇانوڻيءَ ۾ پهتي، تڏهن مجاهد
اعظم کيس ڏسي ڇاتيءَ سان لائي ڏاڍو رُنو، ايتريقدر
جو سڄي ڇانوڻيءَ ۾ گويا ماتم مچي ويو، پوءِ
شهزاديءَ کي پيار ڪيائين، سندس مٿو چميائين ۽ بيش
بها سوغاتون بطور نذراني جي سندس خذمت ۾ پيش
ڪيائين ۽ هڪدم حلب ۽ دمشق جون ولايتون امير اتابيگ
جي سپرد ڪيائين. فقط ايترو ڪيائين جو اڳ شام، حجاز
توڙي مصر ۾ اتابيگ اميرن جو خطبو پڙهبو هو، سو بند
ڪيائين، هن وقت بغداد جي درٻار مان خليفة المسلمين
غازي اعظم کي ”سلطان“ جو خطاب مرحمت ڪيو.
سن 579هه مطابق سن 1181ع ۾ امين الملڪ الصالح
اسماعيل بن نُورالدين زنگي 19 ورهين جي ڄمار ۾
دمشق ۾ وفات پاتي، سندس حڪومت سندس سوٽ عزالدين
مسعود زنگيءَ جي هٿ هيٺ اچي ويئي، جو هن وقت
پنهنجي پيءُ غازي سيف الدين زنگي ثاني جي مرڻ کان
پوءِ موصل جو والي هو. هن پنهنجي ڀاءُ عمادالدين
زنگيءَ کي حلب جي حڪومت ڏني جنهن سلطان الغازي جي
اقتدار کي تسليم ڪيو ۽ عزالدين زنگيءَ به ڪيترائي
تحفا سلطان الغازيءَ جي خدمت ۾ روانا ڪري سندس آڻ
مڃي. هن جي عيوض سلطان ڪمال مروت سان دجله ۽ فرات
ندين وارو دوآبو امير اتابيگ جي حوالي ڪيو. مطلب
ته سن 850هه مطابق سن 1182ع ۾ يمن، شام، حجاز،
موصل، مصر، عراق، آرمينيا ۽ ايشياڪوچڪ ۾ قونيه جا
علائقا ايوبي سلطنت سان لاڳو هئا.
سرزمين شام ۾ اسلامي شمشير برق انداز جا ڪارناما
بيت المقدس جي تخت تي هن وقت نصارن جي حڪومت هئي.
عيسائي بادشاهه جو نالو اميوري
AMURY
نالي هو. سندس مددگار ڪروزيڊر عيسائي هئا، جي يورپ
کان مشرق جي دولت لُٽڻ جي ارادي سان صليب جي جهنڊي
هيٺ اچي گڏ ٿيا هئا. اميوري جي مرڻ کان پوءِ
بالڊون چوٿون بادشاهه ٿيو پر ستت ئي مري ويو،
کانئس پوءِ سندس ڀيڻ سائبيلا
SYBILLA
تخت تي ويٺي، جنهن مارڪوئس آف مانٽفراٽ سان شادي
ڪئي، کيس هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو بالڊون هو.
مانٽفراٽ جي مرڻ کان پوءِ سائبيلا گائي ڊي لو
سيگنان سان شادي ڪئي، پر حڪومت جون واڳون طرابلس
جي ڪائونٽ امير ريمانڊ جي سپرد هيون، بالڊون، جو
فقط 5 ورهين جو هو، سو نالي طور بادشاهه هو. هن
وقت عيسائين ۽ مسلمانن جي ڪا به جنگ ڪانه لڳي،
ڇاڪاڻ جو بالڊون سلطان الغازيءَ سان عهدنامو ڪيو
هو ۽ طرفين واعدي تي پورا هئا. رگنالڊ آف چٽيلان،
جو گهڻو وقت سلطان وٽ قيد هو، پوءِ سلطان کيس آزاد
ڪيو هو. هن وقت ان ريمانڊ جي بيواهه زال
قسطنطنيوسيه سان شادي ڪري غير معمولي عزت حاصل ڪئي
هئي ۽ ڪروزيڊرن جو باني سڏائڻ لڳو، تنهن کان ٿورو
پوءِ گيلليءَ جي سردار همفريءَ جي بيواهه زال سان
به شادي ڪيائين، جنهنڪري ڀر وارن ڳوٺن جو مالڪ ٿيو
۽ مانٽريل جو علائقو به کيس جائداد ۾ هٿ لڳي ويو.
هو ايتريقدر اچي مغرور ٿيو جو هڪڙي ڀيري پنهنجي
قلعي وٽان مسلمانن جي لنگهندڙ هڪڙي قافلي کي لُٽي،
ڪاروان جي پاسبانن کي به مارائي ڇڏيائين، جنهنڪري
گذريل عهدنامو ڀڄي پيو ۽ سلطان الغازي صلاح الدين
يوسف کي جڏهن هن قتل عام جي خبر پئي تڏهن بيت
المقدس جي بادشاهه سان گفتگو شروع ڪيائين، پر
نصارن جي بادشاهه ڪو تسليم آميز جواب نه ڏنو،
تنهنڪري الفضل کي فوجون ڏيئي گليللي جي طرف روانو
ڪيائين. نصارن جو لشڪر سفورس جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ
لڳو. ماهه ربيع الثاني سن 583هه سن 1187ع ۾ تبرياز
جي ميدان ۾ طرفين جو مقابلو ٿيو، هن معرڪي ۾
10،000 نصارا مسلمانن جي هٿان قتل ٿي ويا ۽ سلطان
جي ڇانوڻيءَ ۾ بيشمار عيسائين جو لشڪر پنهنجي
مهندارن سميت قيد ٿي ويو. عيسائين جي مهندارن مان
لوسيگنان، سندس ڀاءُ جوفري، مشهور سرڪش رگنالڊ،
همفريءَ جو پٽ ٿارون، ڪائونٽ آف طابيل، طرابلس جو
امير ريمانڊ، سيڊان جو حاڪم ريناف ۽ ٻيا سرڪردا
شامل هئا. سلطان الغازي فلسطين جي حاڪم لوسيگنان
سان چڱي هلت ڪئي، باقي رگنالڊ ۽ ٻين باغين کي، جن
عهدنامو ڀڳو هو، قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ هنن پنهنجن
اعمالن جو نتيجو پنهنجي اکين سان ڏٺو. ڪجهه عرصي
کان پوءِ هيتن
HITTIN
جي معرڪي ۾ عيسائين ٻيهر شڪست کاڌي، طابيل جو
مشهور قلعو اسلامي لشڪر فتح ڪيو، هن معرڪي ۾
طرابلس جي امير جي زال به قيد ٿي پر سلطان اعظم
کيس ڪمال مروت سان عيسائين جي سپرد ڪيو. فوجون هن
وقت ايڪڙ وٽ موجود هيون، جو عيسائين جو مشهور قلعو
۽ فوجي مرڪز هو، جتان ٻن سالن کان هنن مسلمانن تي
ڪاهون ڪيون هيون، هينئر ٻن ڏينهن جي معرڪي کان
پوءِ اسلام جي فوجن هٿ ڪيو ۽ قلعي جي برج تي
اسلامي پرچم ڦڙڪڻ لڳو. هن قلعي جي فتح ٿيڻ کان
پوءِ جافا، بيرو نپليوس، جريش، رملا، قيصريه ۽
ارسوف ۽ ٻيا شهر اسلام جي مجاهدن فتح ڪيا.
(نوٽ) رگنالڊ آف چٽيلان کي غازي نورالدين محمود
زنگي پنهنجي عهد مهد ۾ قيد ڪيو هو ۽ گهڻي عرصي
تائين اتابيگن جي ترنگ ۾ قيد هو پر کيس شهزادي
اسماعيل آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هينئر تبرياز جي معرڪي
۾ غازي اعظم هٿان جهنم ۾ داخل ٿيو.
شام ۾ فقط ڪناري وارا بندرگاهه ٽائري، طرابلس ۽
اسقيلان باقي ڪروزيڊرن جي قبضي ۾ رهجي ويا.
اسقيلان جي نصارن سلطان جي آڻ مڃي، جنکي سلطان
آزادي ڏني ۽ مٿن گهڻيون مروتون ڪيائين.
سقوط بيت المقدس
اسلام جي دور بابرڪات ۾ غير مسلم قومن کي هر طرح
سان آزادي مليل هئي. خلافت فاروقي جي زماني کان
وٺي مسلمانن ۽ عيسائين جو پاڻ ۾ عهدنامو ٿيل هو،
پر هينئر جڏهن عباسي خلافت جو آفتاب غروب ٿيڻ لڳو،
تڏهن عيسائين وجهه ڏسي اسلامي ملڪن تي ڪاهون ڪرڻ
شروع ڪيون، سڄو يورپ سندن مددگار هو. سرزمين شام ۾
چپي چپي تي سندن ڇانوڻيون هيون، جڏهن ٻيا شهر الله
تعاليٰ جي فضل سان اسلام جي پرچم هيٺ اچي ويا،
تڏهن بيت المقدس باقي رهيل هو، هتي جي قلعي ۾
60،000 عيسائين جي مضبوط فوج ويٺل هئا. سلطان اعظم
غازي صلاح الدين يوسف پنهنجي افواج قاهره سان اچي
شهر جي ٻاهران ڇانوڻي هنئين ۽ بيت المقدس جي نصارن
لاءِ هيٺيون اعلان پڌرو ڪيائين.“
مان ڄاڻان ٿو ته بيت المقدس توهان جي خدا جو گهر
آهي، ان لاءِ منهنجي اها مرضي نه آهي ته اهڙي پاڪ
شهر ۾ خونريزي ٿئي. منهنجي اها خواهش آهي ته توهين
پنهنجن قلعن کي خالي ڪيو، جنهن جي عيوض توهان کي
بيت المال مان بيشمار خزانو ڏيندس ۽ زرعي ڪمن لاءِ
توهان کي ڪافي جائدادون ڏيندس.
سلطان الغازي جي اهڙي بامروت اعلان تي شهر جا
اڳوڻا رهاڪو يهودي خواهه نصارا راضي ٿيا پر سرڪش
فرنگين جي اشاري تي سڀني کڻي انڪار ڪيو، سندن مکيه
مهندار گاڊ فري ۽ بولان نالي هئا، جن کي سيکت ڏيڻ
لاءِ سلطان پڪو ارادو ڪيو. اسلامي فوجن شهر تي
گهيرو ڪيو، عيسائي تاب جهلي نه سگهيا. هنن سلطان
جي خذمت ۾ صلح لاءِ درخواست پيش ڪئي، سلطان مٿن
ڪمال مروت ڪئي. جيئن ته يونانين ۽ يهودين، جن
اسلام جي اقتدار کي پسند ڪيو، تن کي سمورا حقوق
ڏنا ويا. باقي رومين ۽ فرنگين
FRANKS
مان به جن فلسطين ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن کي به اجازت
ڏني ويئي، باقي ٻين باغين کي 40 ڏينهن جي اندر
فلسطين خالي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو. ٽائري ۽ طرابلس
۽ ٻين هنڌن جا گهڻا ئي نصارا، جي هن وقت سلطاني
ترنگ ۾ قيد هئا، تن آزاديءَ لاءِ درخواست ڪئي
سلطان هر هڪ مرد کان 10 دينار، زالن کان 5 دينار ۽
هر هڪ ٻار تي هڪ دينار تاوان وڌو، پر هو هن وقت
مفلسيءَ جي حالت ۾ هئا، تنهنڪري رحمدل سلطان
پنهنجي خزاني مان 10،000 دينار جو فديو ڀري کين
آزاد ڪيو. غازي سيف الدين ابوبڪر، جو سلطان
الغازيءَ جو ڀاءُ هو ۽ هن وقت سلطاني فوجن جو
مهندار هو، کيس (الملڪ العادل) جو خطاب مليو هو،
سو به سلطان المعظم وانگر نيڪدل ۽ سخي مرد هو، هن
7000 عيسائي سواءِ ڪنهن شرط جي آزاد ڪيا. شهر وارن
جو عجيب حال هو، عيسائي زالون مرد پنهنجا ننڍا ٻار
۽ اسباب ڪلهن تي کڻي شهر خالي ڪرڻ لڳا. سلطان سندن
حالت کي ڏسي گهڻو ئي خزانو کين بطور خيرات جي
ورهائي ڏنو. کين باربرداريءَ جي سهولت لاءِ پنهنجا
خچر بطور امداد جي ڏنا. سڀ کان پوءِ عيسائين جي
راڻي سائبيلا پنهنجن اهلڪارن سان سلطاني بارگاهه ۾
آئي، سلطان کيس گهڻي عزت ۽ مروت سان گڏيو. ساڻس
نرميءَ سان گفتگو ڪيائين. راڻيءَ سان گڏ نصارن جون
گهڻيون زالون به هيون، جن جي ڪڇن تي ننڍا ننڍا ٻار
هئا، سي موڪلائڻ وقت سلطان جي قدمن اڳيان سر
جهڪائي زارو زار روئي عرض ڪرڻ لڳيون ته ”اي سلطان
نامدار! تون ڏسين ٿو، ته اسين هن وقت پيرين
پياديون آهيون ۽ اسين اُنهن ويڙهاڪن جون زالون،
مائرون ۽ ڀينرون آهيون، جي هن وقت ڇانوڻيءَ ۾ قيد
آهن. اسين هن وقت بيت المقدس کي ڇڏي موڪلائي هلي
رهيون آهيون، وري الائي موٽون يا نصيب! اسان
بدبختن جي هن سرزمين تي مردن کانسواءِ ٻيو ڪير
پرورش ڪندو!“ ائين چئي زار زار اوڇنگارون ڏيئي
روئڻ لڳيون! سندن فريادن کي ٻُڌي سلطان الغازيءَ
جي دل ۾ رحم آيو، هڪدم پنهنجي فوجي عملدارن کي حڪم
ڏنائين ته ٻار سندن مائرن کي موٽائي ڏيو ۽ مردن کي
قيد مان ڪڍي آزاد ڪيو. تنهن کان پوءِ سلطان هڪڙي
نرمائيءَ سان تقرير ڪئي، جنهن ۾ فرمايائين ته
”جيڪڏهن توهين منهنجيءَ سلطنت ۽ اسلام جي جهنڊي
هيٺ رهڻ چاهيون ٿا، ته مان توهان کي امن ۽ امان ۾
رکندس ۽ توهان تي مروتون ڪندو رهندس.“
پوءِ سلطان ننڍن ٻارن ۽ يتيمن کي گهڻي خيرات ڏني ۽
جيڪي به نصارا قيد هئا، تن کي آزاد ڪيائين، کين
تاڪيد ڪيائين، ته توهان کي هن شرط سان هٿيار
موٽائي ڏجن ٿا، ته پنهنجن صغيرن، بيمارن ۽ زخمين
جي حفاظت ڪريو ۽ جيڪي به عيسائي زيارت ڪرڻ اچن تن
جي حفاظت ڪريو.
سرزمين شام ۾ جيڪي عيسائين مسلمانن سان پير کنيا ۽
وري جيڪي مسلمان شهنشاهه مٿن مروتون ڪيون، سي
پڙهندڙ هن تاريخ مان معلوم ڪندا. عيسائي مؤرخ ملس
MILLS
لکي ٿو ته گهڻن ئي عيسائن جڏهن سلطان جي ڇانوڻيءَ
مان آزاد ٿي ائنٽياش جي شهر ۾ وڃي پناهه ورتي تڏهن
اُتي جي عيسائي امير بوهمانڊ کين چهبڪن سان مارائي
ڇڏيو ۽ کين شهر کان ٻاهر تڙي ڪڍيائين. هو موٽي
اسلامي سلطنت ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ مسلمانن ساڻن چڱا
پير کنيا. قديم فلسطين جي رهاڪن ڪروزيڊرن کي
پنهنجي ڳوٺن مان تڙي ڪڍيو هو ۽ دربدر ڌڪا کائڻ
لڳا، منجهائن ڪيترائي ته بک جي وگهي مري ويا.
طرابلس جي عيسائين به پنهنجي ڀائرن سان ڪا همدردي
ڪانه ڪئي. اُٽلندو شهر جي ديوار جا کڻي در بند
ڪيائون. اهڙي نااميديءَ جي حالت ۾ گهڻن ئي عيسائي
زالن پنهنجن ٻارن کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو! اها آهي
حقيقت جنهن تي هڪڙي عيسائي مصنف روشني وڌي آهي.
27 تاريخ رجب المرجب سن 583هه ۾ فوجي اهلڪار اميرن
۽ ٻين اُمرائن جمعي جي مبارڪ ڏينهن بارگاهه سلطاني
۾ اچي سلطان المعظم کي فتح بيت المقدس جي باري ۾
مبارڪباد پيش ڪئي. سلطان الغازي اميرن جي جماعت
سان شهر ۾ وارد ٿيو، شهر ۾ جيڪي به مقبرا، مڪتب،
مساجد جنگ جي ڪري يا عيسائين هٿان ناس ٿي ويا هئا،
تن کي وري نئين سرمرمت ڪرڻ لاءِ حڪم فرمايائين ۽
شهر جي انتظام لاءِ جدا جدا صيغن تي آزمودگار مقرر
ڪري کين مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ تاڪيد ڪيائين.
فتح بيت المقدس کانپوءِ سلطان اعظم ٽائيري تي فوج
ڪشي ڪئي، هتي جو حاڪم (ڪانراڊ مارڪوئس آف مانٽ
فراٽ) نالي هڪڙو بهادر عيسائين جو مهندار هو. هن
سلطان جي اعلان جي انحرافي ڪئي ۽ جواب ۾ سلطان کي
لکي موڪليائين، ته ستن سمنڊن جو شهنشاهه آءٌ
آهيان.
جواب ملڻ شرط سلطان طوفان وانگر ڪاهه ڪئي ۽ پهرين
يلغار سان اسلامي جانبازن مجاهدن لاڊيشيا، جبالا،
سائهون، بيقاس، بائزر ديربرساڪ ۽ ٻيا مضبوط قلعا،
جي هن وقت شام جي ڪناري تي فرنگين جي هٿ هيٺ هئا
سي فتح ڪيا. لوسيگنان جو هن وقت سلطان جي ڇانوڻيءَ
۾ قيد هو، تنهن سلطان کي عرض ڪيو ته مون کي آزادي
بخشي وڃي، جو مان يورپ وڃڻ گهران ٿو، جڏهن سلطان
سندس عرضداشت کي منظور ڪري کيس آزاد ڪيو، تڏهن هن
ڪروزيڊرن جون فوجون گڏ ڪري پٽوليمس
PTOLEMAIS
تي گهيرو ڪيو. هن وقت شام خونريز جنگين جو مرڪز
هو. جتي براعظم ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جون فوجون
پاڻ ۾ برسرِ پيڪار هيون. هڪ طرف خدا جي پٽ هئڻ جا
دعويدار هئا (نعوذ بالله) ته ٻئي طرف مسلمان هئا،
جن جون دليون جذبه توحيد کان لبريز هيون. اسلامي
فوجن جو مهندار غازي صلاح الدين يوسف ايوبيرحه
هو جنهن پنهنجي شمشير خون آشام سان هن مغربي سيلاب
جو بيت المقدس جي ديوارن هيٺان خراب حشر ڪيو ۽
يورپ جا عيسائي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ۽
نامراد رهجي ويا.
ايڪڙ جي خونريز جنگ، اسلام جي شمشير برق انداز جا
ڪارناما
جڏهن اسلام جو پرچم بيت المقدس جي ديوارن تي لڏڻ
لڳو ۽ اسلام جي فتح جون خبرون يورپ ۾ پهتيون، تڏهن
يورپ ۾ جا بجا ماتم مچي ويو. يورپ جي مختلف ملڪن
جا بادشاهه، شهزادا ۽ امير فوجن ۽ سامان سميت
فلسطين ڏانهن روانا ٿيا. اُهي سڀ ٽائيري وٽ اچي
لٿا ۽ ايڪڙ جي ديوارن هيٺان ڇانوڻي هڻي ويٺا، يورپ
مان عيسائين جا 3 شهنشاهه نئين جهاد ۾ شامل ٿيا.
جن مان هڪڙو فريڊرڪ باربروسا جرمنيءَ جو شهنشاهه،
ٻيو فلپ آگسٽس فرانس جو شهنشاه ۽ ٽيون رچرڊ انگلنڊ
جو بادشاهه هو، جو تاريخن ۾ رچرڊ (شيردل) جي نالي
سان مشهور آهي. هو هن جهاد جو باني هو. جيڪڏهن
سلطان المعظم هن وقت مصر جي بحري دستي کي فونيشيا
جي ڪناري تي اڳي ئي آڻي بيهاري ها ته ڪروزيڊرن کي
شم ۾ پيرن کوڙڻ جي مجال ئي نه ٿئي ها، پر خدا کي
جيئن منظور هو تيئن ٿيو. هن ڪروزيڊ ۾ جنيوا، وينس
۽ يونان جا دستا به شامل هئا، جي بحري سفر ۾ ماهر
هئا. اُهي پنهنجن غورابن تي بارود، خوراڪ ۽ جنگي
هٿيار يورپ جي مختلف بندرگاهن تان آڻي شام جي
ڪناري تي ڪروزيڊرن کي پهچائيندا هئا. اهڙي طرح وقت
بوقت يورپ مان ڪروزيڊرن کي مدد ملندي رهي هئي، پر
سڀني ڪروزيڊرن مان هي ڪروزيڊ وڌيڪ خوفناڪ هو.
علامه ابن اثير لکي ٿو، ته هن وقت اسلام جي خلاف
هڪ باهه ٻري رهي هئي، جنهن آتش فشان جو مرڪز يورپ
هو. جنهن جا شعلا سرزمين فلسطين جي اُفق تي نظر
اچڻ لڳا. سلطان الغازي جن جن نصارن کي اڳ آزادي
ڏني هئي، سي به ڦري هينئر رچرڊ جي جهنڊي هيٺ اچي
گڏ ٿيا. بيت المقدس جي بطريق جنهن کي سلطان گهڻيءَ
مروت سان آزادي ڏني هئي، تنهن عيسائين لاءِ اعلان
پڌرو ڪيو ته يسوع مسيح جي مورت کي مسلمانن ڀڃي
ڇڏيو آهي. تنهنڪري پنهنجي ناموس کي برقرار رکڻ
لاءِ اچي صليب جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيو. سندس اعلان تي
رومي، يوناني، هنس، فرنگي، پروشن ۽ انگريز اچي گڏ
ٿيا. سڀني پهريون ٽائيري ۽ ايڪڙ جي قلعي تي گهيرو
ڪيو.
15 رجب المرجب سن 585هه مطابق 29 آگسٽ سن 1189ع ۾
عيسائين جي متحد فوجن ايڪڙ تي طوفان وانگر حملو
ڪيو. سندن جهاز بارود ۽ سامان سان ڀريل سمنڊ جي
رستي کان ساڻن گڏ هلندا رهيا. سلطان الغازي اهڙي
طوفان کي روڪڻ لاءِ پنهنجي اميرن، وزيرن ۽ علمائن
سڳورن جي هڪڙي محفل ڪوٺائي. بالآخر اها صلاح اميرن
مقرر ڪئي، ته ايڪڙ
ACRE
جي کلئي ميدان ۾ دشمنن جو مقابلو ڪجي، جڏهن راءِ
بحال ٿي تڏهن سڀني حقيقي آقا اڳيان جهڪي اسلام جي
فتح، ننگ ۽ ناموس لاءِ دعا گهري ۽ دعا کان فارغ ٿي
اسلام جي مجاهدن الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات تي
ڀروسو رکي ڪفن مٿن سان ٻڌي شهادت جي جام نوش ڪرڻ
لاءِ نيزن کي سنواري تلوارون مياڻ مان ڪڍي الله
اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن سان جنگ جي ميدان ۾ ٽپي
پيا. سلطان الغازي سڀ کان پهريان عيسائين جي رستن
کي بند ڪرڻ لاءِ فوجن کي حڪم ڏنو. پاڻ هڪڙي ٽڪريءَ
تي، جنهن جو نالو ڪائسان
KAISAN
هو، تنبو هڻي ميدان دزمگاهه جو نظارو ڏسڻ لڳو.
اسلامي فوجون تل اياز کان وٺي نهر الجاري
River Belus
تائين پکڙيل هيون. ديار بيڪر، موصل ۽ هوران کان به
اسلامي فوجن جي ڪمڪ اچي شامل ٿي. 1 شعبان المعظم
سن 585هه ۾ سلطان ڪروزيڊرن تي پهريون حملو ڪيو. هن
معرڪي ۾ سلطان جي ڀائٽي غازي تقي الدين عيسائين کي
ڌڪي ايڪڙ جا رستا صاف ڪيا. علامهّ ابن اثير لکي
ٿو، ته جيڪڏهن مسلمان جنگ کي جاري رکن ها، ته شايد
پهرين ئي ڏينهن عيسائي پائمال ٿي وڃن ها، پر غازي
اعظم اسلامي فوجن کي سج لٿي کان پوءِ آرام ڪرڻ
لاءِ حڪم ڏنو ۽ غازي حسام الدين نالي پنهنجي هڪڙي
فوجي امير کي شهر جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيائين. 6
شعبان المعظم تي عيسائي، جي شهر جي ٻاهران خندقون
جوڙي ويٺا هئا، تن شهر تي حملو ڪيو، پر سخت قتل
عام کان پوءِ شڪست کائي موٽ کاڌائون.
هن معرڪي کان پوءِ سلطان اعظم پنهنجي فوجن کي چئن
دستن ۾ ورهائي دشمنن جي مقابلي لاءِ جدا جدا پاسن
تي مضبوط ڪري ويهاريو. هڪڙو بوهمانڊ ائنٽياش جي
امير جي مقابلي لاءِ، ٻيو طرابلس وارن جي مقابلي ۾
حمص ڏانهن، ٽيون ٽائري وارن جي خلاف، چوٿون
اسڪندرونه ۾ وهاريائين. انهيءَ مراد سان ته فرنگين
جي مدد سمنڊ کان روڪجي وڃي. ايڪڙ جي خونريز معرڪي
۾ اٽڪل
10,000
عيسائي مسلمانن جي هٿان جهنم داخل ٿيا. مڙدن جي
لاشن جي بدبوءِ جي ڪري فضا خراب ٿيڻ لڳي، جنهنڪري
سلطان الغازي مڙدن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لاءِ حڪم ڏنو،
پر هن تگ و دو ۾ گهڻائي اسلام جا مجاهد بيمار ٿي
پيا، خود سلطان المعظم به ناچڱو ٿي پيو. حڪيمن جي
صلاح سان الفروبا ڏانهن ڪوچ ڪيائين. ايڪڙ جي شهر
جي بچاءُ لاءِ اسلامي لشڪر هڪ وڏي کاهي کوٽي
تنهنجي پٺيان هڪ وڏي ديوار تعمير ڪري ڇڏي هئائون.
جڏهن سردي جي موسم گذري پوري ٿي، تڏهن بهار جي
شروعات ۾ سلطان وري افواج قاهره سميت ايڪڙ جي
ميدان ۾ وارد ٿيو. مسلمان لشڪر جي غير حاضري ۾
رنگين ديوار جي مٿان وڏا ڪاٺ جا برج جوڙيا هئا،
جتي آتشي اسلح يوناني انجنيئرن کان رکايا هئائون.
سلطان کي عراق کان فوج جي ڪمڪ اچي پهتي ۽ ٻئي طرف
کان مصري ٻيڙي کاڌ خوراڪ ۽ جنگي سامان جو ذخيرو
مصر کان فوجن لاءِ ايڪڙ جي ميدان ۾ آندو. هن ٻيڙي
فرنگين جي غورابن کي شام جي بندرگاهن مان تڙي
ڪڍيو.
ماه سفر المظفر 586هه مطابق مارچ سن 1190ع ۾ ايڪڙ
جو محاصرو ٽيهر شروع ٿيو، نصارن جي مدد لاءِ
فريڊرڪ باربروسا لشڪر سميت فلسطين ۾ اچي داخل ٿيو.
بلاد الزمان
CILICIA
وٽ عوج قبيلي جي ترڪمانن هن ڪفار سان مقابلو ڪيو،
پر شڪست کائي موٽيا.
جرمنيءَ جي شهنشاهه سان هڪڙو يوناني امير ليو
LEO
نالي به هو. جڏهن ترڪمانن جي قبيلي جي شڪست جي خبر
اسلامي ڇانوڻين ۾ پهتي، تڏهن البته هلچل پئجي
ويئي. سلطان الغازي جهاد في سبيل الله جو اعلان
پڌرو ڪيو. پڙهندڙن کي معلوم هجي ته ارض مقدس جي
بچاءَ لاءِ مسلمانن چئن صدين کان وٺي پنهنجو خون
پي وهايو ۽ اها فاروقي تلوار هئي، جنهن صحرا جي
گوشي مان نڪري روم جي سلطنت کي مات ڪري بيت المقدس
جهڙي پاڪ هنڌ کي اسلام جي جهندي جي سائي هيٺ آندو
هو. هن وقت سڄو يورپ هڪڙي پاسي هو ۽ ٻئي پاسي
ايوبي تلوار خون آشام هئي، جنهن اسلام جي ننگ ۽
ناموس کي برقرار رکڻ لاءِ سرزمين فلسطين ۾ هن وقت
چمڪاٽ ڏيئي رهي هئي ۽ سلطان الغازي جي جهاد جي
اعلان تي مصر، شام ، عراق، عجم، عربستان ۽ وسط
ايشيا جا مسلمان سلطان جي جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا
هئا ۽ آفريقا جي مسلمانن کي شامل ڪرڻ لاءِ غازي
اعظم يعقوب المنصور مراڪش جي موحد خليفي جي خدمت ۾
پنهنجو هڪڙو ايلچي ڏياري موڪليو هو پر هينئر وقت
اچي تنگ ٿيو هو. عيسائين جون متحد فوجون ميدان ۾
اچي گڏ ٿيون هيون، تنهنڪري الله تعاليٰ جي ذات
بابرڪت تي ڀروسو رکي سلطان پنهنجي سر سپهه سالارن
کي سڏي هڪ پرجوش تقرير ڪئي، پر خداوند تعاليٰ کي
اسلام جي فتح منظور هئي. ستت ئي حالتن گهڻو ڦيرو
کاڌو. جيئن ته فريڊرڪ باربروسا جيئن سيليوشيا جي
قريب سلاف درياهه تان ٿي پار لنگهيو، تيئن قضا سان
ڪري ٻڏي ويو. هن اوچتي واقعي جي ڪري سندس لشڪر
دلشڪستو ٿي پوئين پير موٽي يورپ ڏانهن روانو ٿيو.
سندس پوئلڳن مان جيڪي عيسائي بچيا، سي سندس پٽ
ڊيوڪ آف سوابيا جي سرڪردگي هيٺ فلسطين مان جهازن ۾
چڙهي يورپ ڏانهن روانا ٿيا، پر قضا سندن مٿان بيٺي
هئي ۽ واٽ تي سخت طوفان جي ڪري هڙئي ٻُڏي کپي ويا!
20 جمادي الثاني سنه 586هه ۾ نصارن اسلامي فوجن جو
ايڪڙ ۾ مقابلو ڪيو پر سخت چوٽ کاڌائون جيئن ته سڄو
ميدان رزمگاهه ڪفارن جي لاشن سان ڀرجي پيو. هن
شڪست کان پوءِ نصارن جي وڙهڻ کان دل ٽُٽي پئي، پر
ٻن ڏينهن کان پوءِ سندن مدد لاءِ (ڪائونٽ هينري آف
شمپين)، جو فرانس ۽ انگلنڊ جي بادشاهه جو ويجهو
عزيز هو، سو فوجن سميت فلسطين ۾ اچي لٿو. هن لهڻ
شرط عيسائين کي همٿائي ايڪڙ ڏانهن رخ رکيو ۽ اچي
قلعن کي نئين سر مضبوط ڪيائين. سلطان الغازي ميدان
خالي ڇڏي الفروبا ڏانهن آيو، ان لاءِ ته ڀل عيسائي
ميدان خالي ڏسي اچي گڏ ٿين ۽ اڳئين دستور موجب
اسلامي فوجن کي سندن پٺيان حملي ڪرڻ لاءِ حڪم
ارشاد فرمايائين. هن جنگ ۾ مسلمانن پنهنجي
جانبازيءَ جو پورو ثبوت ڏنو. قارا ڪوش ۽ غازي حسام
الدين، جي اسلامي فوجن جا ٻه مکيه سپهه سالار هئا،
تن فوجن جي سرتوڙ حوصلي افزائي ڪئي. پهرئين معرڪي
۾ ڪائونٽ هينري پنهنجي زرهه پوش لشڪر سان اسلامي
لشڪر کي گهيري ۾ آندو، پر سلطان الغازي جي تلوار
خون آشام جو مقابلو ڪري نه سگهيو، جيئن ته غازي
نصارن جي فوج جي صفن کي چيري، بيروت ڏانهن ويندڙ
رستي کي دشمنن کان صاف ڪيو. هتان اسلامي لشڪر کي
کاڌ خوراڪ جو سامان اچڻ لڳو. عيسائي جڏهن تاب جهلي
نه سگهيا. تڏهن روم جي پوپ کي مدد لاءِ خط روانا
ڪيائون ۽ عيسائين جون تازيون فوجون ساز ۽ سامان
سميت فلسطين جي بندرگاهن تي اچي لٿيون، جن جي مدد
سان هينري نئين سر جنگ جي ميدان ۾ نڪتو.
ٻئي طرف سلطان الغازي پنهنجي پٽ شهزادي علي خضر
سميت فوجن کي همٿائي وچ ميدان ۾ ٿي بيٺو ۽ لشڪر جي
ساڄي ۽ کٻي پاسن کان سندس ڀاءُ غازي حسام الدين ۽
ٻيا نامور اسلام جا پهلوان ٿي بيٺا هر ڪو امير
پنهنجي دستي کي همٿائڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ سلطان
المعظم جي طبيعت ڪجهه اوچتو ناساز ٿي پئي تنهنڪري
فوجون ڇڏي پنهنجي پهاڙي تنبوءَ ۾ وڃي ويٺو ۽ اُتان
پنهنجي فوجن کي ڏسڻ لڳو. عيسائي سلطان کي غير حاضر
ڏسي اهو هلائڻ لڳا، ته صلاح الدين قيد ٿي ويو پر
هن معرڪي ۾ به دشمنن سخت شڪست کاڌي.
سياري جي موسم ويجهي پوڻ لڳي. طرفين جي خوراڪ جو
سامان کپي ويو. عيسائن نين فوجن ۽ سامان لاءِ
يونان جي ٻيٽن ۽ يورپ ڏانهن جهاز روانا ڪيا. سلطان
غازي سيف الدين علي بن احمد کي ايڪڙ جو والي مقرر
ڪيو، جو هن وقت ايڪڙ جي اسلامي لشڪر جو سپهه سالار
هو. وٽس خوراڪ جو سامان به ٿورو وڃي رهيو هو. 12
ربيع الاول سن 587هه مطابق 19 اپريل سن 1191ع ۾
جڏهن بهار جي موسم آئي تڏهن فرانس مان عيسائين جون
نيون فوجون اچي لٿيون. سندن مهندار فرانس جو
شهنشاه فلپ آگسٽس هو. انهيءَ وچ ۾ انگلينڊ جو
بادشاهه رچرڊ، جو چالاڪ ۽ بهادر هو، فوجن سميت اچي
لٿو. هن پاڻ سان اٽڪل ويهه جهاز فوجن ۽ سامان جا
ڀرائي آندا هئا. سلطان الغازي هن وقت ايڪڙ جي
ڀرسان شغرام جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو هو.
عيسائين شهر جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا،
ايتريقدر جو کيس شهر جي خبر به مشڪل سان پهچڻ لڳي.
هن بيروت مان هڪڙو کاڌ خوراڪ سان ڀريل جهاز سيف
الدين جي لشڪر جي مدد لاءِ رواني ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
پر ڪروزيڊرن رستي تي هن جهاز تي حملو ڪيو. امير
البحر يعقوب الحلبي پنهنجيءَ حڪمت عمليءَ سان جهاز
کي ٻوڙي ڇڏيو، جو سامان رسد سميت وڃي سمنڊ ۾ داخل
ٿيو. فلپ آگسٽس ۽ رچرڊ ٻئي جنگ جي ميدان ۾ بخار جي
وگهي بيما رٿي پيا. سلطان الغازي ليبان مان برف ۽
ڪجهه تازا ميوا هنن لاءِ روانا ڪيا. اها هئي غازي
اعظم جي فياضي ۽ مردانگي، جو جنگ جي وقت به پنهنجي
دشمنن تي مهربان هو.
ايڪڙ جي حالت ويئي نازڪ ٿيندي، ڇاڪاڻ جو دشمنن جو
مٿس سخت حملو هو. غازي سيف الدين جيتوڻيڪ بچاءُ
لاءِ پاڻ کي خوب پتوڙيو، پر کيس سامان رسد جي هن
وقت سخت ضرورت درپيش هئي. مسلمان سپاهي بک ۽
ساندهه ٻن ورهين جي ويڙهه کان اچي تنگ ٿيا،
عيسائين وٽ بيشمار سامان ۽ تازه دم فوجون هيون.
جڏهن اسلامي لشڪر جي حالت اچي تنگ ٿي، تڏهن غازي
سيف الدين پنهنجي سر فرانس جي بادشاهه فلپ آگسٽس
جي ڇانوڻيءَ ۾ ويو ۽ کيس مردانگيءَ سان چيائين ته:
”برابر چئن سالن کان اسين مسلمان هن شهر جا مالڪ
هئاسون ۽ جڏهن اسان پوٽوليمس فتح ڪيو، تڏهن اُتي
جي عيسائين کي اسان مڪمل طرح سان آزادي ڏني هئي
پوءِ کين جتي وڻيو اوڏانهن پنهنجن مٽن مائٽن سميت
مال ۽ اسباب سان روانا ٿيا. اڄ اسين شهر توهان جي
حوالي ڪريون ٿا، بشرطيڪ توهين به اسان کي ٻاهر
نڪري وڃڻ جي موڪل ڏيو.
پر فلپ کيس مغروريءَ سان جواب ڏنو، ته توهان جي
فوج مان هڪڙو سپاهي به نالي ڪاڻ آزاد نه ڪبو جيسين
بيت المقدس ۽ ٻيا شهر، جي توهان عيسائين کان
تبرياز جي لڙائي ۾ کٽيا هئا، اُهي عيسائين کي
موٽائي نه ڏيندؤ.“
امير موصوف جڏهن مٿيون جواب ٻُڌو، تڏهن موٽي
پنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ آيو ۽ فوجن کي درست ڪري آخري
دم تائين ورهڻ لاءِ فوجن کي تاڪيد ڪيائين ۽ فوجون
قلعي اندران مقابلو ڪنديون رهيون، پر آخر ڏُڪر اچي
سوڙهو ڪين، جنهنڪري امير هيٺئين عهدنامي ڪرڻ تي
راضي ٿيو:
(1)
عيسائي ڪنهن به قسم جو نقصان مسلمانن کي نه
پهچائيندا، جيسين اسلامي فوجون شهر خالي ڪن.
(2)
1600 عيسائي، جي هن وقت امير جي ڇانوڻيءَ ۾ قيد
هئا، تن کي سندن ڪاٺ جي صليب جي نشان سميت مسلمان
آزاد ڪندا.
(3)
1200،000 اشرفيون مسلمان ڪروزيڊرن جي اميرن کي
بطور تاوان جي ڀريندا.
هيٺيون عارضي عهدنامو جيتوڻيڪ طرفين منظور ڪيو، پر
غازي سيف الدين وٽ خزانو ڪين هو، جنهنڪري تاوان
ڏيڻ ۾ البت دير پوڻ لڳي. رچرڊ کي ايتريقدر غصو
لڳو، جو سڀني مسلمانن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. مطلب
ته پوٽوليمس ۾، جو
60,000
عيسائي غازي سيف الدين جي تلوار جو شڪار ٿي ويا
هئا، تن جي خون جو بدلو هينئر عيسائين هن ريت
ورتو. مسلمانن جي قتل عام جي خوشيءَ ۾ نصارن هڪ
وڏي محفل برپا ڪئي جتي قبرص ٻيٽ جي انگوري شراب جو
دور هلڻ لڳو ۽ يونان جي نازنينن صليب جي فاتحن جي
آغوش بستر کي خوب رؤنق وٺائي. مطلب ته فاتح ڪجهه
وقت پوٽوليمس ۾ رهي تازا توانا ٿي ڪري اسقيلان تي
حملي ڪرڻ لاءِ نڪتا.
جڏهن مسلمانن جي خون ناحق جي خبر سلطان الغازي کي
پهتي، تڏهن رچرڊ کان بدلي وٺڻ لاءِ فوجون وٺي ٻاهر
نڪتو. عيسائن جون فوجون 150 ميلن ۾ ويٺل هيون،
جملهء يارهن جنگ لاءِ ميدان جڙيل هئا. اَرسوف
ARSUF
جي پهرين معرڪي ۾ سلطان جا 800 سپاهي مارجي ويا.
سلطان کي پنهنجي سپاهين جي ڪم طاقتيءَ جي خبر پئجي
ويئي، جنهنڪري عيسائي فوجن جي اچڻ کان اڳ اسقيلان
جي رهاڪن کان شهر خالي ڪرائي شهر کي مسمار ڪرائي
ڇڏيائين. جڏهن رچرڊ پهتو، تڏهن قلعن ۽ جاين جي
مٽيءَ جي ڍيرن تي ماڻهن کي ويٺل ڏٺائين. ڪروزيڊرن
جا مهندار توڙي سپاهي، جي يورپ ۾ گهر ٻار ڇڏي
فلسطين ۾ مسلمانن سان وڙهڻ لاءِ آيا هئا، سي
ساندهه ويڙهه جي ڪري وڙهي وڙهي ڏاڍو اچي تنگ ٿيا.
ڇاڪاڻ جو اسلامي تلوار سان فيصلو ڪرڻ آسان ڪم ڪين
هو. يورپ جي بادشاهن جي غير حاضري جي ڪري انگلنڊ ۽
فرانس ۾ فساد پوڻ لڳا. اهڙي مشڪلاتن جي ڪري آخر
رچرڊ تنگ ٿي پهريون سلطان الغازي سان صلح ڪرڻ لاءِ
آڇ ڏيکاري. هن غازي سيف الدين العدل سان صلح جي
گفتگو لاءِ هڪ مجلس ڪوٺائي، جتي همفريءَ جو پٽ
طرفين جو ترجمان هو. پر رچرڊ ڪي اهڙا شرط پيش ڪيا،
جي غازي موصوف قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر
(مارڪوئس آف مانٽ فراٽ) وري جدا سلطان کي صلح لاءِ
آڇ ڪئي، جنهن ۾ هن سيڊان ۽ بيروت لاءِ گهر ڪئي جا
سلطان الغازي منظور ڪئي. رچرڊ ٻيهر امير سيف الدين
سان ملاقات ڪئي، جتي سلطان کي به صلح لاءِ ايلچي
موڪليائين، جنهن ۾ ڏيکاريائين ”ته جيڪڏهن بيت
المقدس ۽ ڪاٺ جو صليب مسلمان عيسائين کي موٽائي
ڏيندا، ته صلح ڪبو. مگر سلطان الغازي بيت المقدس
عيسائين جي حوالي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو، باقي ڪاٺ
جي صليب موٽائي ڏيڻ کان راضي ٿيو. بشرطيڪ عيسائي
سندس شرطن کي منظور ڪندا. الملڪ العادل سلطان جي
ڀاءُ جي رچرڊ سان دوستي ٿي ويئي هئي، جنهنڪري امير
موصوف سلطان الغازي تي صلح لاءِ زور وڌو ۽ هيٺيان
شرط رچرڊ سلطان جي خدمت ۾ پيش ڪيا:
(1)
انگلنڊ جي بادشاهه رچرڊ جي ڀيڻ، جا سّقليه ٻيٽ جي
راڻي آهي ۽ هن وقت بيوهه آهي، سا غازي سيف الدين
اَلملڪ العادل سان شادي ڪرائيندو ۽ شام جي ڪناري
وارا بندرگاهه، جي هن وقت رچرڊ جي قبضي ۾ آهن، سي
ڀيڻ کي ڏاج ۾ ڏيندو.
(2)
شام جا فتح ڪيل ملڪ سلطان پنهنجي ڀاءُ الملڪ
العادل جي حوالي ڪندو.
(3)
بيت المقدس تي غازي سيف الدين مسلمان بادشاهه ۽
سندس عيسائي راڻي گڏجي حڪومت ڪندا. هن حڪمت عملئ
جي ڪري مسلمانن ۽ غير مسلم قومن جي حقن جي پرداخت
ٿيندي“
(4)
طرفين قيدين جي پاڻ ۾ مٽا سٽا ڪندا ۽ ڪروزيڊرن کي
سر زمين فلسطين ۾ مناسب حقوق ڏبا“
جنگ جا شرط مسلمانن لاءِ فائديمند هئا. تنهنڪري
سلطان الغازي به صلح لاءِ آڇ ڏيکاري، پر انهيءَ وچ
۾ ڪن پادرين رچرڊ کي برغلائي وڌو ۽ پادرين جي
شرارت ڪري صلح ٽٽي پيو، نه ته جيڪر عيسائين ۽
مسلمانن جو صلح ٿي وڃي ها، پر رچرڊ ڪن شرارتي
پادرين جي چوڻ تي لڳي فوجون وٺي هيڪلي سر بيت
المقدس تي ڪاهه ڪئي، پر سخت چوٽ کاڌائين، ايتريقدر
جو دلشڪستو ٿي فلسطين ڇڏڻ جو خيال ڪيائين. هن
سلطان الغازي کي هڪڙو خط لکيو جنهنجو بيان هن ريت
هو.
”اِسلام جا شهنشاهه! مان توهانجي دوستي ۽ محبت
چاهيان ٿو ڇاڪاڻ جو مونکي ملڪي فتوحات لاءِ خواهش
ڪانهي ۽ نه وري مان ڪو فلسطين ۾ رهڻ ئي چاهيان ٿو.
مان اُميد ڪيان ٿو، ته توهين پنهنجن ماڻهن کي جنگ
۾ نه مارائيندا ۽ پڻ منهنجو به ساڳيو خيال آهي، ته
وڌيڪ خونريزي بند ڪجي. مان پنهنجي ڀاڻيجي کي
ڪائونٽ هينري جي حوالي ڪيان ٿو. اُميد ته هو توهان
کي هر طرح جي مدد ڏيندو. مان پنهنجا سمورا فتح ڪيل
علائقا سندس حوالي ڪيان ٿو ۽ هو توهانجو
فرمانبردار ٿي رهندو . وڌيڪ مان توهان کي پنهنجي
طرفان ذاتي عرض ڪريان ٿو، ته بيت المقدس عيسائين
جي حوالي ڪري ڇڏيو.“
”رچرڊ بادشاهه انگلستان“
ڪائونٽ هينري جي پٽ مٿيون خط ۽ ڪي سوغاتون رچرڊ جي
طرفان اَميرالمومنين کي خدمت ۾ پيش ڪيون. هن غازا،
داروم ۽ اسقيلان جي شهرن لاءِ به گهُر ڪئي. پر
انهيءَ وچ ۾ سلطان کي خبر پئي ته ڪروزيڊرن بيروت
تي ڪاهه ڪئي آهي. سلطان هڪدم فوجن کي جولان ڏنو ۽
پهرين گهيري ۾ غازا فتح ڪيائين. رچرڊ ٻيهر اَلملڪ
العادل کي روبرو اچي عرض ڪيو، ته خدا ڪارڻ سلطان
کي صلح لاءِ عرض ڪيو. سندس اهڙي نماڻائي تي سلطان
ڪمال مروت سان ٽايري کان وٺي قيصريه تائين سمنڊ جي
ڪناري وارو ملڪ عيسائين کي ڏيئي ڇڏيو. رچرڊ وري
جافا ۽ اسقيلان لاءِ گهُر ڪئي. جنهن تي سلطان جافا
به ڏنس پر اسقيلان ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. 22 شعبان
المعظم سن 588هه مطابق سن 1192ع ۾ طرفين جو پاڻ ۾
صلح ٿيو. هن عهدنامي جي باري ۾ هڪڙو اعلان پڌرو
ٿيو، جنهن مطابق عيسائي خواهه مسلمان هڪ ٻئي جي
شهرن ۾ آزادي سان اچڻ وڃڻ لڳا. ٻنهين ڌرين پنهنجن
فوجن کي موٽي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. تنهن کان پوءِ جلد
ئي رچرڊ انگلينڊ ڏانهن روانو ٿيو. اهڙئ طرح سان هي
هولناڪ ڪروزيڊ ختم ٿيو. هن ويڙهه ۾ ڌرين جا هزارين
ماڻهو مارجي ويا. انگلنڊ، فرانس ۽ جرمني جي فوجن
رڳي اِها بهادري ڏيکاري جو ايڪڙ هنن ٻيهر فتح ڪيو.
باقي جيڪو عيسائن جو حشر ٿيو سو پڙهندڙ معلوم ڪري
سگهندا.
سلطان صلاح الدين اعظم جي درٻار تي هڪ نگاهه
جڏهن خداوند تعاليٰ جي فضل سان بيت المقدس مسلمانن
وري فتح ڪيو، تڏهن غازي اعظم شهر ۾ وارد ٿيو. جيئن
عرصو اڳ حضرت فاروق اعظم بيت المقدس وارد ٿيا
هئا. جامع عمر رضه جنهن کي ڳچ وقت کان نصارن ديول
بنائي ڇڏيو هو. انکي ٻيهر سلطان جامع تسليم ڪرائي
سندس فرش ۽ ديوارن ۽ ٻين مسجدن کي گلاب جي عرق سان
ڌورائي پاڪ ڪرايو. نصارن مسجد جي گنبذ مٿان هڪڙو
سون جو صليب جو نشان هنيو هو، تنهن کي لهرائي شهر
جي ڳلين ۾ گهمرايائين. ۽ يسوع مسيح جي سون ۽ چاندئ
جي مورتن کي رچرڊ 52000 اَشرفيون ڏيئي خريد ڪيو.
سن 583هه مطابق سن 1187ع جو زمانو تاريخن ۾ قابل
يادگار آهي. ڇاڪاڻ جو بيت المقدس تي اِسلام جو
ٻيهر قبضو ٿيو. سلطان الغازي صلاح الدين يوسف
اسلام جو مشهور مجاهد ٿي گذريو. ننڍئ عمر ۾ پنهنجي
والد بزرگوار سلطان اَيوب وٽ دمشق ۾ رهندو هو. جتي
مذهبي تعليم ۽ فن سپه گري جي تعليم پرائي هئائين.
پڙهندڙن کي ياد هجي ته غازي صلاح الدين اِسلام جو
مشهور سرفروش مجاهداعظم ٿي گذريو آهي. جنهن عيسائي
ڪروزيڊرن جي سيلاب کي شام ۽ فلسطين ۾ سدِ سڪندرئ
وانگر روڪي اِسلامي ناموس کي برقرار رکيو. اِهو ئي
سبب آهي جو اڪثر عيسائي مصنف هن مجاهد کي حسد جي
نگاهه سان ڏسندا آهن.
سلطان المعظم پنهنجي ننڍپڻ جي زماني ۾ دمشق جي
جامع مسجد بنو اميه ۾ تعليم پرائي هئي. سندن
اُستاد ڪامل جو نالو (اَبن اسرون) هو، جو پنهنجي
وقت جو اِمام هو. هن ڪامل بزرگ کي غازي نورالدين
زنگي پنهنجو وزيراعظم ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن بزرگ
اهڙي جوابدارئ جي منصبي کان انڪار ڪيو هو ۽ واقعي
اتابيگان موصل جي درٻار ۾ هن ڪامل درويش کي ڪمال
عزت حاصل هئي سلطان صلاح الدين اعظم پنهنجي زندگئ
جو سمورو وقت اِسلام جي دشمنن کي پائمال ڪرڻ ۾
گذاريو پر تنهن هوندي به سندس عهدمهد ۾ ولايت مصر
۾ جابجا محلات، مڪتب ۽ ڪارخانا تعمير ڪرايائين.
خاص ڪري آبپاشي جي ڪمن کي چڱو سڌاريائين. جنهنڪري
زراعت آبادي ۽ ترقي ٿيڻ لڳي. القاهره
CAIRO
جي شهر کي چؤطرف وڏي ديوار ڏياريائين. جنهن جو ذڪر
عرب سياحن اَبن جبير اُندلسئ پنهنجن تاريخن ۾ ڏنو
آهي. ڪروزيڊرن جو خاص اهو مطلب هو ته بيت المقدس
مسلمانن کان آزاد ڪرائجي ۽ اسلام جي ٻن پاڪ شهرن
مڪه معظمه ۽ مديني منوره کي ڊاهي ناس ڪجي. پر سندن
ناپاڪ اِرادن کي پائمال ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ غازي
صلاح الدين اعظم کي پيدا ڪيو. جنهن اِسلام جي
دشمنن جي اِرادن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. عيسائين مان
(رگنالڊ آف چئيٽلان) اُهو ڪفار هو، جنهن مديني
منوره تي حملي ڪرڻ جو کُليو اعلان ڪيو هو، سندس
مدد لاءِ وينس
VENICE
جي ملاحن اُتر آفريقا تي حملو ڪيو هو، پر سلطان
الغازي جي جانباز امير البحرن گهڻن عيسائين کي قيد
ڪري مديني منوره ڏانهن موڪليو هو. جن کي عربن منيٰ
جي ميدان ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ابن جبير اُندلسي لکي
ٿو، ته مان اُن وقت اِسڪندريه ۾ موجود هوس ۽ چوي
ٿو ته شام کان جيڪي به قافلا مصر ڏي ايندا هئا.
اُنهن اُٺن تي عيسائي قيدي رسن سان ٻڌل هئا. جن کي
صحرا جا بدوي ڪٽي ڪُٽي ماري ڇڏيندا هئا.
سلطان الغازي نه رڳو القاهره کي رونق وٺائي، پر
شهزادي الملڪ الصالح بن نورالدين زنگي جي مرڻ
کانپوءِ دمشق کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيائين. جو
سندس عهدِمهد ۾ وڏي واپار جو مرڪز هو، هتي جي
قافلي سراءِ ۾ مصر، بابل، فارس، روم، چين ۽
هندوستان جا قافلا اچي سهڙندا هئا. دمشق قديم
زماني کان يونانين ۽ رومين جو تختگاهه هو، کيس
(عروس البلاد) ڪري سڏيندا هئا ۽ دور بني اُميه ۾
دمشق گهڻو زور ورتو. پر غازي اعظم جي زماني ۾ اڳي
کان گهڻو زور ورتائين. جيئن ته شهر جي اندروني حصن
۾ نهرون کوٽايون ويون. سن 1184ع ۾ جڏهن ابن جبير
هن شهر جوسير ڪيو. تنهن جو بيان هن ريت لکي ٿو ته
”شهر جي وچ ۾ عاليشان مسجد هئي، جنهن ۾ هڪ عاليشان
گهڙيال لڳل هو، جو شهر جي رهاڪن کي ساعت جي خبر
ڏيندو هو. رات جو مسجد ۾ سرخ ڪافوري شمعون ٻرنديون
هيون. تنهن کان سواءِ شهر ۾ 20 وڏا مڪتب ۽ 2 شاهي
شفاخانا هئا. جتي محتاجن ۽ غيريبن کي مفت تعليم ۽
علاج ڏنو ويندو هو. سلطان المعظم هڪ وڏو مضبوط
قلعو تعمير ڪرايو هو. جنهن جي سامهون سبزگاهه جا
ڪشاده ميدان جڙيل هئا. جتي فوجي پهلوان سلطان سان
گڏهه ۽ گهوڙي ڊوڙ راند ڪندا هئا. اڄ ڪلهه اِنهن
راندين کي هارس ريس
HORSE RACE
پولو
POLO
سڏيندا آهن.
مسجد ۾ هڪ خلاصو شاهي ايوان جڙيل هو، جتي سلطان
المسلمين درٻار ڪندو ۽ سندس انصاف جي پار و عالم
ڌاڪ پيل هئي. سندس وزيرن مان عمادالدين ۽
بهاؤالدين جن جي هٿ هيٺ وزارت جو قلمندان هو ۽
سندن تخلص ”عقاب“ هو ۽ دمشق جي سڀني مڪتبن جو صدر
اعظم به هو. سندس حسن خدمت جي بدلي ۾ (نطام الصدر)
پريزيڊينٽ ڪائونسل آف سٽيٽ جي درجي تي وڃي پهتو
هو. صدراعظم فارسي، عربي ۽ ترڪي زبانن کانسواءِ
فرانسيسي، يوناني ۽ لاطيني زبانن ۾ به ماهر هو.
اهڙئ ڪماليت جي ڪري حڪومت جي طرفان وزير خارجه
”چانسلر“ به هو. سن 1183ع ۾ جڏهن فرنگين ۽ سلطان
جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو.تڏهن سلطان هڪڙو خط لاطيني
زبان ۾ ليوس ثاني روم جي پوپ ڏي ۽ ٻيو خط فريڊرڪ
جرمنئ جي شهنشاهه ڏي روانا ڪيا هئا سن 1182ع ۾
سلطان جي طرفان عباسي خليفن جي درٻار ۾ عماد الدين
سفير ٿي رهيو. اهڙئ طرح بدرالدين وري بغداد جي
طرفان دمشق ۾ ايلچي هو.
حڪومت جي جدا جدا حصن ۾ ڊاڪ رساني جو ڪم گهوڙن جي
مدد سان ٿيندو هو، پر بعض اهڙا ڪبوتر به هئا جيڪي
تيز رفتار هوندا هئا. جو ڊاڪ رساني جو خاص ڪم اُهي
ڏيندا هئا. اهڙن ڪبوترن لاءِ هر هڪ ڊاڪ خاني ۾
ڪاٺي جا اوچا مينار جڙيل هوندا هئا ۽ ڊاڪ افسر
لفافو بند ڪري سندن ڳچئ ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ ڊاڪ
رسانئ جو ڪم ڏيندا هئا. مشهور عرب سياح ابن بطوطا
اهڙن ڪبوترن جو بيان پنهنجي سياحت نامي ۾ ڏنو آهي.
سلطان صلاح الدين يوسف
رحه
کي وقت جي علمائن سڳورن ”شافي اسلام“ جو
لقب ڏنو. ڪٿي آهن مغربي مؤرخ جي هن مرد مجاهد جي
خلاف زهر اوڳاڇين ٿا.
سلطان الغازي جي فوجن ۾ عربن کانسواءِ سلجوقي،
زنگي، ڪرد، ترڪ، اُزبڪ به موجود هئا، جي سلطان
الغازي کي نهايت عزت ڏيندا هئا. اهڙئ طرح سلطان به
لشڪر جي سپاهين مٿان مروتون ڪندو هو. ايڪڙ جي جنگ
۾ جڏهن سلطان کي مال غنيمت هٿ لڳو، تڏهن 12000
گهوڙا پنهنجن غلامن کي ورهائي ڏنائين. وري دل جو
اهڙو سخي هو، جو مرڻ وقت سندس کيسي مان 36 درهم ۽
1 دينار لڌا ويا! تنهن جو سبب اهو هو جو سڀ خزانو
خدا جي راهه ۾ خيرات ڪري ڇڏيو هئائين. سندس اهلڪار
اها حالت ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. پر سلطان اُٽلندو
رعيت تان سڀ ڍلون معاف ڪري ڇڏيون. سندس انصاف ۽
عدل جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. دوڪاندار۽ ٻيا ماڻهو رات
جو پنهنجي جاين جا در پٽي سمهندا هئا ڪنهن کي مجال
نه هئي جو بدمعاشي ڪري سگهي. اُن وقت جا وڏا وڏا
بادشاهه سلطان سان دوستي رکڻ کي پاڻ لاءِ فخر
سمجهندا هئا. جڏهن بيت المقدس فتح ٿيو، تڏهن
اِسلام جي هيبت جو ڏوئنڪو سڄي مشرق ۽ مغرب ۾ وڄي
ويو. جڏهن رگمانڊ عيسائين جو سرڪردو گهمسان جي جنگ
کان پوءِ قيد ٿي سلطان جي روبرو آندو ويو. تڏهن هو
گهڻو اُڃايل هو، سلطان کيس گهڻي مروت سان هڪڙو
شربت جو پيالو ڀري ڏنو، جو هن پيتو، پوءِ
فرمايائونس ته دين اِلهيٰ منظور ڪر ۽ آخرت جي عذاب
کان ڇٽي پئو“.پر رگمانڊ اِنڪار ڪيو. جنهنڪري سلطان
پنهنجي تلوار آبدار جي هڪڙي ڌڪ سان هڻي پورو
ڪيس“. سلطان المعظم جو قول آهي ته ”جيڪي ماڻهو
منهنجي روبرو اچي پنهنجي حق جي گهُر ڪن ٿا، سي
گويا مون تي احسان ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو مان رعايا جو
خزانچي ۽ اَهل دين جو نگهبان آهيان، ۽ سندن مال جو
محافظ آهيان.“ هڪڙي ڀيري جو ذڪر آهي، ته سندن سوٽ
امير نقي الدين تي ڪنهن شخص دعويٰ ڪئي، ان تي
سلطان کيس درٻار ۾ روبرو بيهاري شريعت موجب فيصلو
ڪيو.
ٻئي دفعي جو ذڪر آهي ته هڪڙي تاجر عمر خلاطي نالي
سلطان تي دعويٰ ڪئي، ٻئي قاضي جي درٻار ۾ اچي حاضر
ٿيا، پر عمر جي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي ۽ هو شرم کان
ٻڏي مرڻ لڳو. پر سلطان المعظم سندس شرم کي مٽائڻ
لاءِ ڏوهه پاڻ تي قبول ڪيو، ۽ مدعي کي ڪجهه نقد
ناڻو ڏيئي راضي ڪيائين.
27 سفرالمظفر سن 589هه مطابق 4 مارچ سن 1193ع ۾
غياث الاسلام والمسلمين
غازي
صلاح الدين يوسفرحه
هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. جڏهن آفتابِ دمشق
غروب ٿيو، تڏهن نه فقط دمشق يا القاهره جي ڳلين
مان روڄ جو آواز نڪتو، پر هن مرد خدا جي وفات جو
ٻڌي سڄئ اِسلامي دنيا ۾ ماتم برپا ٿيو. غازي
اِسلام مهربان ۽ سليم الطبع انسان هو.
سندس درٻار ۾ علمائن سڳورن کي وڏي عزت حاصل هئي.
قاضي الفضل اَبو علي عبدالرحمٰن سندس درٻارين ۾
مشهور ٿي گذريو، کيس سلاطين ايوبيه جي درٻارين ۾
گهڻي عزت حاصل هئي. مشهور سياح علامه عبداللطيف
لکي ٿو ته سلطان کي پنهنجن فوجن لاءِ ايتريقدر
خيال هو جو ايڪڙ جي جنگ ۾ سندس ڇانوڻي ۾ 7000
دوڪان کليل هئا، تنهن کانسواءِ فوجن لاءِ هزارين
حمام خانا هئا. سلطان الغازي 57 ورهين جي عمر ۾
وفات ڪئي. سندس مبارڪ ڪارناما تاريخن ۾ هميشه
يادگار آهن.
|