ٻڌ جو زمانو
هندوستان جي اوڀرندي ۾ بنارس جي ويجهو ڪپل
وستو جي ڳوٺ ۾ راجا سڌو ڌن کي گوتم نالي
هڪ پٽ هو، جنهن 45 ورهين جي عمر کان ويندي
80 ورهين جي ڄمار تائين ٻڌ ڌرم جو اپديش
ڪيو. 377 ورهيه ق.م اڳ مگڌ ديش جي راجا
اشوڪا هن ڌرم کي زور وٺايو، مطلب ته 300
ورهيه ق. م کان وٺي ويندي عيسوي 700 سن
تائين ٻڌ پنٿ زور هو.
سٿين جي حڪومت نه رڳو قديم بخترا
(بئڪٽريا) تي هئي پر اسڪندر مقدونئ کان
200 ورهيه پوءِ عيسوي سن ڌاري هنن ڪشمير،
پنجاب ۽ افغانستان کي به پنهنجي سلطنت هيٺ
آندو. هندوستان ۾ هن وقت ٻڌ ڌرم هو،
تنهنڪري هنن به ساڳيو پنٿ اختيار ڪيو،
سندن ناليوارو حاڪم ڪنشڪ هو، جنهن هن ڌرم
جي چوٿين سڀا وڏي ڀڀڪي سان گڏ ڪئي. سندس
تحريڪ جي ڪري ٻڌ ڌرم وچ ايشيا مان لنگهي
تبت ۽ چين تائين پکڙجي ويو، هن چين جي
خاقان سان به جنگ جوٽي هئي.
ٻڌ ڌرم جي ڪري آتش پرستئ کي گهڻو لوڏو اچي
ويو، ڇو جو ايران جي شهنشاهه ڪيخسرو جي
مرڻ کانپوءِ تورانين به ساڳيو ڌرم اختيار
ڪيو. بخارا کي ايراني جمقت سڏيندا هئا،
مگر بخارا نالو مٿس تورانين رکيو، ۽ بخارا
لفظ منگولي زبان ۾ ٻڌ جي عبادت وارئ جاءِ
کي سڏيندا هئا. عيسوي پهرين صدئ جي شروعات
۾ هن پنٿ جا حامي زرافشان ندئ جي ڪناري
تائين آيا. شيرڪوهه جي پٽ سڪج قط جنهن
خاقان چين جي ڌئ سان شادي ڪئي هئي ۽
شهزادئ کي سندس پيءُ جيڪي ڏاج ۾ شيون
ڏنيون هيون، جن کي بادشاهه پنهنجي نئين
جوڙايل شهر زمتين ۾ رکيايو هو، سي غالبن
ٻڌ جا بت هئا، انهئ لاءِ، انهن بتن کي ڏسي
عام ماڻهو ٻڌ ڌرم اختيار ڪن. عيسوي 5 صدئ
۾ فاهين
Fa-Hian
۽ هيون ٽسناگ
Hiuen-Tasang
ٻن چيني سياحن آمو درياهه جي شهرن جو سير
ڪيو، سي به ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا. ٻڌ ڌرم
جا نشان هن مان معلوم ٿي سگهن ٿا، ته جڏهن
عربن بيقند فتح ڪيو تڏهن اتي جي بتخاني ۾
هڪ وڏو سونو گوتم جو بت رکيل ه،و جنهن جي
اکين ۾ 2 قيمتي لعلون رکيل هيون، جي حجاج
بن يوسف عراق جي والئ جي خدمت ۾ ڏياري
موڪليائون
عيسائين جي دعويٰ
عيسائي مؤرخ دعويٰ ڪن ٿا، ته عيسوي ٽين
صدئ ۾ عيسائين جي هڪڙي پادرئ سينٽ ٿامس
St. Thomas
نالي عيسائي مذهب کي چين تائين پهچايو، پر
ايرانين ۽ ميڊين لوڪن هن مذهب کي مڃڻ کان
انڪار ڪيو. سندن دعويٰ آهي، ته طوس ۽ مروّ
جي شهرن ۾ 334ع ۾ عيسائن جا پادري رهندا
هئا، جن کي قسطنطنيه جي بازنطيني شهنشاهن
ڀڄائي ڪڍيو هو، تنهنڪري انهن مشرق ۾ اچي
سڪونت اختيار ڪئي. وري يهودين جي دعويٰ
آهي ته 411ع کان 415ع تائين سمرقند عيسائن
جو مرڪز هو. عربن جو چوڻ آهي، ته واقعي
بخارا ۾ ڪي عيسائي رهندا هئا،هلي لکي ٿو،
ته آرمينيا جي شهزادي سيمپاڊ
SEMPAD
کي 1246ع ۾ سمرقند کان خط پهتو، جو خط ڪن
عيسائي پادرين موڪليو هو ان ۾ لکيل هو ته:
”هتي اسين ڪيترن ئي عيسائين سان گڏيا
آهيون، جي مشرق ۾ پکڙيل آهن ۽ ڪيتريون ئي
گنبد دار ديولون به ڏٺيون اٿئون، پر اهي
ترڪن ڀڃي ڇڏيون آهن.“
اسلام کان اڳ ترڪستان جي سياسي خبر پئجي
نه ٿي سگهي، جڏهن عربن حملو ڪيو تڏهن
بازنطيني شهنشاهن ۽ ترڪ خانن جي پاڻ ۾
دوستي هئي. بهرام چوٿون جو ترڪن جو خاقان
هو، تنهن 150،000 لشڪر سان خراسان تي حملو
ڪيو، پر ايران جي بادشاهه هٿان مارجي ويو.
فيروز
Ferose
ايراني ۽ ترڪي شهزادي خوش نواز جو بيان هن
ريت آهي، ته فيروز ترڪي شهزادي جي مدد سان
تخت هٿ ڪيو، پر ساساني شهزادي وري ترڪن تي
ڪاهه ڪئي پر مارجي ويو. عربن جڏهن فرغانه،
رمتين ۽ سمرقند فتح ڪيو، تڏهن ترخان
شهزادا حڪومت ڪندا هئا جي خودمختيار هئا
مٿن هڪڙو بادشاهه به هوندو هو، جو خاقان
ڪري سڏبو هو.
عربن جو بخارا تي حملو ۽ اسلامي تبليغ
مصر، شام، ايران ۽ آفريقا جون حڪومتون ته
اڳ سندن قبضي ۾ اچي چڪيون هيون. جنهن
حالت ۾ قيصر ۽ قصريٰ جي هو حڪومتن جا مالڪ
بنجي چڪا هئا، تنهن حالت ۾ ترڪن ۽ تورانين
جي ڪهڙي مجال هئي، جو عرب جي فاتحن جو قدم
روڪي سگهن. سرزمين بخارا به وحدانيت جي
روشنئ لاءِ منتظر هئي. باطل جي تاريڪي هتي
ڇانيل هئي، جابجا آتشن خانا ۽ بتخانا هئا،
پر جڏهن مسلمان آيا تڏهن هتي جي سر زمين
سندن قدمن جي صدقي باطل ۽ تاريڪئ کان نڪري
پاڪ ۽ صاف ٿي ۽ سرزمين بخارا اسلام جي
جهنڊي هيٺ جيڪا ترقي ڪئي، سا تاريخن ۾
اظهرمن الشمس آهي.
46هه مطابق 666ع ۾ عراق جي والي زيد بن
ابوسفيان پنهنجي سپهه سالار ربيع ابن
الحارث کي سڏائي ترڪ قبيلن جي سازشن کي
مٽائڻ لاءِ هدايت ڪئي ۽ کيس ڪافي فوج
ڏيئي، خراسان تي چاڙهي موڪليو. عرب فاتحن
يونانين وانگر ساڳين رستن تان مشرق جو رخ
رکيو، ۽ وسط ايشيا ۾ اچي خيما کوڙيائون.
ساساين هن فوج سان مقابلو ڪيو، پر شڪست
کاڌائون، ۽ بلخ تائين سڄو ملڪ اسلامي
جهنڊي هيٺ اچي ويو. جيئن هرات هندوستان جي
ڪنجي ليکجي ٿو، تيئن بلخ وسط ايشيا جي
شاهراهه جو دروازو آهي. عربي فوج هتان سير
درياهه جي ڪناري تائين پهتي، کين ايترو
مال غنيمت هٿ لڳو، جو زيد جي مرڻ کان پوءِ
50هه مطابق 670ع ۾ امير معاويهرضه
سندس پٽ عبيدالله کي بخارا تي چاڙهي
موڪليو. عرب فاتح پهريون بيقند تي حملو
ڪيو، جو وڏي واپار جو مرڪز هو، خونريز
ويڙهه کان پوءِ گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيائين.
سندس ڇانوڻئ ۾ 4،000 قيدي هئا. ان کان
پوءِ هو بخارا تي ڪاهي ويو. 53هه مطابق
672ع ۾ شهزادي خاتون جا ان وقت بخاراتي
حڪومت ڪندي هئي، تنهن عربن جي حملي کي
روڪڻ لاءِ ويجهن علائقن جي ترخان اميرن کي
مدد لاءِ لکيو، پر عبيدالله بن زياد هن
مهم ۾ جيڪا بهادري ڏيکاري، سا قابل تعريف
هئي هن ترڪ قبيلن کي شڪست ڏني، پر بخارا
فتح ٿي نه سگهيو ۽ موٽي مروّ آيو، پر
علامّه طبري لکي ٿو ته تاشقند تائين ڪاهي
ويو، جو مشرقي ترڪستان جي حدن اندر آهي.
چون ٿا ته عرب فاتح کي هن مهم ۾ بيشمار
هٿيار، زيور، سون ۽ چاندئ کانسواءِ جيڪا
جُتي راڻئ جي هٿ لڳي تنهن ۾ ايتريقدر
قيمتي موتي جڙيل هئا، جو انهن جي قيمت
20،000 درهم هئي. ان مال کي ڏسي مسلمان
حيرت ۾ پئجي ويا. عرب مؤرخ لکن ٿا، ته
خاتون سلطانه عرب سردار سان صلح ڪيو جنهن
جي عيوض هڪ لک ساليانو بطور خراج جي ڏيڻ
جو انجام ڪيائين. ٽن سالن کان پوءِ سيد بن
عثمان جي سرڪردگي هيٺ عربن فتوحات جي ڪم
کي جاري ڪيو، خاتون سلطانه هن عرب سردار
کي لالچائڻ جي ارادي سان گهڻيون ئي بيش
بها سوکڙيون روانيون ڪيون، پر سندس حيلن
مان ڪو کڙ تيل ڪين نڪتو، هن سوکڙيون
موٽائي روانيون ڪيون ۽ حملي کي جاري
رکيائين. عرب فوج جي سانده حملن ڪري، ترڪ
فوج جي اهلڪارن بيزار ٿي، پنهنجي راڻئ سان
نافرماني شروع ڪئي، جنهنڪري فوج ۾ فساد
پيا، پر راڻي بهادر هئي، هوءَ زرهه ڍڪي
ميدان ۾ مقابلو ڪندي رهي، پر عرب سيلاب کي
روڪي نه سگهي، جنهنڪري عرب سردار کي صلح
لاءِ درخواست پيش ڪيائين ۽ سردار کيس
روبرو ملاقات ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو. راڻي
شاهي لباس ڍڪي نوڪرن ۽ زرهه پوش غلامن سان
اسلامي ڇانوڻي ۾ اچي حاضر ٿي. ترڪي خاتون
جي شان تجمل، ناز خرامي ۽ مست نگاهن جي
جادوءَ عرب فاتح تي اثر ڪيو ۽ محفل اهڙي
ته گرم رهي جنهن جو افسانو صدين تائين اهل
بخارا جي زبانن تي هو.
مرے دل کو نہ توڑ اے بیوفا خوف خدا بھی
رکھ
یہ بتخانہ ہے ہندو کا یہ کعبہ ہے مسلمان
کا
فسانه محبت جي راز ۽ نياز جو خواهه ڪجهه
به نتيجو نڪري پر بخارا فتح ٿيڻ کانپوءِ
عرب فاتح سمرقند تي حملو ڪيو، جتي هڪڙو
ترڪ ”ترخان“ نالي حڪومت ڪندو هو، جنهن
شڪست کاڌي شهر مسلمانن فتح ڪيو. سيد اتان
مروّ آيو جتان نيشاپور ۽ ڪوفا کان ٿيندو
بخارا جي گهڻن اميرن سميت موٽي عربستان
ڏانهن ويو ۽ جڏهن مديني منوره پهتو تڏهن
سڀني کي ڪمال مروت سان آزاد ڪيائين،
بخاروي امير زرق برق جڙودار لباس ۽ تلوارن
سان مسلح رهندا هئا، هڪڙي ڏينهن وجهه ڏسي
سيد جي محلات تي ڪاهي ويا، کيس شهيد ڪري
پوءِ پاڻ کي به ماري وڌائون، هي واقعو
يزيد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ ٿيو.
حضرت قتبيه بن اسلم جي تلوار جا ڪارناما
حجاج بن يوسف ثقفئ عراق جي واليءَ ٽين مهم
ترڪستان تي ڏياري موڪلي، حجاج بن يوسف
خواهه ڪيترو به کڻي ظالم هوم پر ايترو
چئبو ته سندس سياسي تدبيرون قابل تعريف
هيون . عربن کي اڳوڻن ٻن ڪاهن مان ايترو
مال هٿ لڳو هوم جو هينئر ٽيون ڀيرو ڪاهه
ڪرڻ عراق جي والئ لاءِ آسان ڪم هو، 86هه
مطابق 704ع ۾ دمشق جي بارگاهه خلافت جي
اجازت سان حجاج قتبيه بن مسلم کي فوجن ۽
سامان سميت وسطي ايشيا تي حملي ڪرڻ لاءِ
روانو ڪيو پر رواني ٿيڻ کان اڳ کيس هدايت
ڪيائين ته ملڪ تي قبضو رکجانءِ. مرڪزي
ايشيا ۾ هن وقت به عرب فوج جو دستو ترڪن
جي خاتون سان ويڙهه ۾ مشغول هو، هن اسلامي
دستي جو مهندار مهلب هو، جنهن آمو درياهه
جي معرڪي ۾ عبدالله جي سر جو شيء سان
خاتون جي 120،000 فوجن کي شڪست ڏيئي ايترو
خزانو هٿ ڪيو جو، هر هڪ فوج جي سپاهي کي
10،000 درهم ورهاڱي ۾ مليا ۽ خاتون هن
دفعي به صلح لاءِ درخواست ڪئي هئي.
حجاج عرب سپهه سالار کي فوجون ڏيئي خداوند
تعاليٰ جي درگاهه مان دعا گهري قافلي سان
ٿورو پنڌ ساڻ ويو ۽ پوءِ سڀني کي ان مالڪ
حقيقي جي حوالي ڪري پٺتي موٽيو. غازي اعظم
حضرت قتبيه شاهي فرمان موجب پهريون مروّ ۾
منزل ڪئي، جتي فوجن کي گڏ ڪري الله تي
توڪل رکي روانو ٿيو ۽ سندس لشڪر پهرين
يلغار سان بلخ ۾ الله اڪبر جا نعرا هڻندا
وارد ٿيا. اهل بخار، ۽ بلخ وارن نئين امير
جي گهڻي عزت ڪئي، تنهن کانپوءِ ڪمسڪ،
ورمشي ۽ ٻيا شهر هٿ ڪري موٽي مروّ ڏانهن
آيو، جو هن وقت عرب فوجن جو مرڪز هو. عرب
جيڪڏهن جنگ ۾ بهادر هئا، ۽ سفر جي سختين ۽
مشڪلاتن کان باخبر هئا، پر هوڏانهن به ترڪ
قبيلا هئا، جي کانئن وڌيڪ جنگجو هئا. وٽن
سوار ۽ پيادل زرا پوش پهلوان هئا، اهي
مضبوط قلعن جا مالڪ هئا، پر عربن وٽ جيڪا
طاقت هئي سا وحدانيت هئي ڇاڪاڻ جو سواءِ
قادر مطلق جي هو ڪنهن جو به خوف ڪين ڪندا
هئا. سندن وطن هن وقت گهڻو پري هو. اهي به
ان ڳالهه کي محسوس ڪري چڪا هئا ته يا جنگ
جي ميدان ۾ شهادت جو جام پيئبو يا ديوار
چين تي وڃي اسلامي پرچم کي کوڙبو. ڏسجي
عرب ۽ توران جي پهلوانن جي جنگ جو ڪهڙو
نتيجو ٿو نڪري؟
تمہیں کیا بتائیں اے ہم نشین ہمیں موت ہی
میں مزا ملا
نہ پایا خضر و مسیح نے یہ نشاط عمر دراز
میں
پڙهندڙن کي ياد هئڻ گهرجي، ته سياسي نڪته
نگاهه سان حجاج بن يوسف جو زمانو اسلامي
فتوحات جو زمانو هو. محمد بن قاسم ثقفي
هندوستان فتح ڪيو. مسلم بن عبدالملڪ عرب
جي پهلوان قسطنطنيه جي قيصر جي فوجن کي
مات ڪيو هو ۽ موسيٰ بن نصير ۽ حضرت طارق
بن زياد اهي اسلام جا نو عمر شير مرد
هئا، جن جي تلوار خون آشام اسپين،
هندوستان ۽ آفريقا جي دولتن کي اسلام جي
قبضي هيٺ آندو تيئن قتبيه بن مسلم اهو
اسلام جو عرب پهلوان هو، جنهن اسڪندر
مقدونئ کان به وڌيڪ بخترا ۽ بخارا جي
دولتن کي زير ڪيو ۽ چين جي ديوار تي
اسلامي جهنڊي کي وڃي کوڙيو. هاڻي سندس
فتوحات جو ذڪر ٻڌو.
مروّ ۾ ڪجهه وقت فوجن کي آرام ڏيئي فرغانه
جي سرڪش ترڪن سان چوٽ کاڌائين پر اڳتي وڌي
نه سگهيو. هڪڙي سال کان پوءِ بيقند تي
حملو ڪيائين، پر مهم ۾ کيس مهينا لڳي ويا.
هوڏانهن حجاج سندس حق ۾ صبح شام بارگاهه
الهيٰ ۾ دست بدعا هو. کيس هڪڙي سندس
ايراني دوست جنگ جي ميدان ۾ ڪوڙي خبر ڏني،
ته حجاج مري ويو آهي، پر هن مهم کي جاري
رکيو، ۽ ترڪ شڪست کائي ويا ۽ فاتح اسلام
شهر جي هڪڙي حصي تي قبضو ڪري قلعي جي
باندين کي پناهه ڏيئي، ورقا بن ناصر کي
هتي جو عامل مقرر ڪيو پر سندس موٽڻ
کانپوءِ شهر وارن فساد ڪري ورقا کي ماري
وڌو. دراصل ورقا پنهنجي اونڌن افعالن جي
ڪري مارجي ويو، ڇاڪاڻ جو هو نفس پرست هو.
اڪثر نو عمر ڇوڪريون سندس نفس جو شڪار
ٿينديون هيون. قتيبه کي انتظام رکڻ ضروري
هو هن شهر تي ڪاهه ڪئي، جن جن ماڻهن
هٿيارن سان عربن جو مقابلو ڪيو، سي مارجي
ويا باقي زالن ۽ ٻارن کي پناهه ڏنائون.
اسلام جي سپهه سالار کي هتان بيحد خزانو
هٿ لڳو. جو هي شهر وڏي واپار جو مرڪز هو.
اڪثر هتي واپاري رهندا هئا، جي چپن ولايت
سان ريشم جو واپار ڪندا هئا. عربن کي هتي
جي بت خانن مان گهڻي دولت هٿ لڳي، ڇاڪاڻ
جو اهي بت اڪثر سون جا هئا. هڪڙي وڏي بت
جي اکين ۾ بي بها لعلون لڳل هيون، جي ٻئي
مال جنهن جي قيمت 40،000 درهم هئي حجاج جي
خدمت ۾ روانا ڪيا ويا. حجاج کي جڏهن مال
پهتو تڏهن شڪراني جو سجدو بجا آندائين، ۽
مبارڪبادي ۽ مرحبا جو خط قتبيه ڏي
موڪليائين. عربن ترڪن جي هٿيارن کي گهڻو
پسند ڪيو، ڇاڪاڻ جو هتي جو جنگي سامان سڄي
براعظم ايشيا ۾ افضل هو، اُهي هٿيار هنن
پنهنجي فوج کي ورهائي ڏنا، جي اڪثر
فولادي نيزا، تلوارون ۽ ڍالون هيون. عرب
فوجن ۾ اڪثر بني تميم، بنوبڪر ۽ ابوقائس
قبيلن جا جوان هئا جنجو ڪل تعداد 21،000
هو. علامّه طبري لکي ٿو ته جڏهن قتبيه
خراسان جو حاڪم هو تڏهن وٽس بنوبڪر وارن
مان7،000 ۽ بني تميم وارن مان 10،000 جوان
هئا. مٿن هاشم المنظر سپهه سالار هو. ابو
القائس قبيلي جو مهندار عبدالله هو، تنهن
کانسواءِ اسلامي لشڪر ۾ 7000 ڪوفي جا
پهلوان هئا، فوجن جو تعداد 41،000 هو.
قتبيه فوجن کي ترڪستان جي ميدان ۾ وردان
Vardan
۽ رميتن جي رياستن تي گهيري ڪرڻ لاءِ حڪم
ڏنو، ان لاءِ ته بخارا جي حڪومت کي اهي
رياستون مدد ڏيئي نه سگهن. اها تجويز کيس
حجاج بن يوسف لکي موڪلي هئي ۽ اها تجويز
هئي، جنهن سان هو ڪامياب ٿيو. عربن ۾ اهو
قائدو هو ته جڏهن سندن سپهه سالار ڪو هنڌ
فتح ڪري نه سگهندو هو، ته هو وقت جي خليفي
يا سندس والئ کي لکي موڪليندا هئا ۽ جيڪا
هدايت هو لکي موڪليندا هئا، اُهڙي ريت عمل
ڪندا هئا. تاريخ شاهد آهي خلفاءِ راشده جي
زماني کان هو، ائين ڪندا هئا ۽ ڪامياب
ٿيندا هئا. سنڌ جي فتح ٿيڻ وقت به محمد بن
قاسم حجاج جي هدايتن موجب عمل ڪندو رهيو
تان جو قنوج تائين ملڪ فتح ڪيائين. هينئر
به ترڪستان جي فتوحات جو سمورو فوجي
ڪاروبار حجاج جي نگرانئ هيٺ هو. حجاج ظلم
ڪري پنهنجي دامن تي ڪارا داغ هنيا، پر هو
پنهنجي وقت جو مشهور سياسي مدبر هو. هڪڙي
طرف هندوستان ٻئي طرف ترڪستان جهڙن عظيم
الشان ملڪن تي حملن ڪرڻ جو انتظام سندس
نگرانئ هيٺ هو. سندس جنگي خرچ جيتوڻيڪ
دمشق جا تاجدار ڪندا هئا، پر ان هوندي به
کين پڪ هئي، ته هو سو ڀارو ٿيندو. تنهنڪري
کيس ڇوٽ سياسي اختيارون ڏيئي ڇڏي هئائون،
پر مٿين ملڪن تي حملي ڪرڻ سان اسلامي
سلطنت تي ڪنهن به قسم جو مالي بوجهه ڪين
پيو، ڇاڪاڻ جو ڀيري ڀيري سان عرب فاتحن
جيڪا دولت حجاج ڏي موڪلي، سا فوجي خرچ کان
ٻيڻي ٽيڻي هئي، جنهن جي عيوض عراق جو والي
کين سامان رسد ۽ فوجون موڪليندو رهيو.
89هه مطابق 698ع ۾ غازي قتبيه بخارا تي
فوج ڪشي ڪئي هن شيري سبز ۽ نقشيب جا شهر
فتح ڪيا. هن ڀيري سڀني ترڪ شهزادن بخارا
کي مدد ڏني، تنهن کانسواءِ فرغانه ۽
قرمغان
Kurmogan
جي اميرن به بخارا جي طرفداري ڪئي، سڀ کان
طاقتور قرمغان جو خان هو، جو خاقان چين جو
ڀائيٽو هو. جڏهن عربن وردان تي گهيرو
ڪيو، تڏهن هتي جي ماڻهن منهن مٿا پٽيا،
سوغد
SOGD
۽ سمرقند جي خانن عرب سردار سان صلح ڪيو ۽
2 لک درهم ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيائون.
سمرقند ترڪستان جو مشهور شهر هو، هتي جي
آبهوا ۽ زمين به افضل هئي تنهنڪري 4،000
عرب هتي بيٺڪون هڻي ويٺا. چون ٿا ته هتي
جي خان شڪست جي شرم کان پاڻ کي ماري ڇڏيو،
عربن شهر ۾ مساجد تعمير ڪيا ۽ نعره تڪبير
جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هتي عربن ساسانين جي
پوئين شهنشاهه يزد جرد جي ڌئ هٿ ڪئي، کيس
سندس مال ۽ اسباب سميت ۽ بت خانن جي سون ۽
چاندي جي بتن سميت جن جو وزن 50،000 مثقال
هو، دمشق جي خليفي وليد جي خدمت ۾ بيت
المال ڏي ڏياري موڪليائون. سمرقند فتح ڪرڻ
کان پوءِ قتيبه مروّ ڏانهن موٽيو. جتي
سردي جي موسم فوجن کي آرام لاءِ ڏنائين،
هتي کيس ٻي هڪڙي تازه دم فوج عراق کان اچي
گڏي، تاڪ آئينده موسم ۾ حملو جاري رکي.
بخارا تي آخر اسلام جو چوٿون حملو ٿيو،
خاتون شڪست کاڌي، اسلام جي برڪت سان هي
شهر آتش پرستي ۽ بت پرستي کان پاڪ ٿيو،
اڄ اهو بخارا سڄي براعظم ايشيا ۾ اسلام جو
هڪ پاڪ هنڌ ڪري ليکجي ٿو، کيس بخارا شريف
سڏجڻ جو فخر حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو دور اسلام
۾ هتي گهڻائي ولي الله بزرگ، عالم فاضل
مشائخ ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا، اُهي
ساڳي خاڪ پاڪ مان اُٿيا، جن جي فضل و ڪرم،
علم ۽ ادب جو چرچو اسلامي دنيا ۾ مشهور
آهي.
خاتون کانپوءِ عربن خدت نالي هڪڙي شهزادي
کي تخت تي وهاريو جنهن دين اسلام جي
اشاعت تبليغ جو ڪم سرانجام ڏنو، هن
عهدنامي موجب کيس 200،000 درهم ساليانو
بصره جي واليءَ کي ۽ 10،000 درهم خراج
خراسان جي حاڪم کي ڏيڻا پيا، تنهن
کانسواءِ جيڪي عرب بخارا ۾ رهڻ لڳا، تن جي
پرورش ۽ پرداخت جو ذمو به کنيائين. بخارا
۾ اڃا به ڪي ماڻهو اهڙا هئا، جي ظاهري
مسلمان ٿيا هئا، پر اندروني آتش پرست هئا.
94هه مقدس مطابق 742ع ۾ هڪ عاليشان مسجد
عرب فاتح جامع مسجد قتبيه جي نالي سان
تعمير ڪرائي، ۽ بخارا وارن لاءِ اعلان
پڌرو ڪيائين، ته جيڪو ماڻهو جمعي جي ڏينهن
مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ايندو تنهن کي ٻه
درهم روزانه ملندا.
اها هئي فاتح قوم جي فياضي ۽ نرمي جي هلت،
جيڪا هنن زبردست قومن جي اڳيان پيش ڪئي
تنهن کانسواءِ قرآن شريف جو عربئ مان
فارسئ ۾ ترجمو ڪيائون، ان لاءِ ته ترڪ ۽
ايراني آسانئ سان پڙهي سگهن. ٻڌ مذهب جي
مهنتن ۽ آتش پرستن ڪجهه مخالفت ڪئي، پر
عربن انهن ماڻهن کي جن اسلام اختيار ڪيو
هو، هٿيارن رکڻ جي اجازت ڏني، تاڪ هو
پنهنجي حفاظت ڪري سگهن. نو مسلم ماڻهن
قديم آتش پرستن، جن سندن مخالفت ڪئي، تن
جي محلاتن کي لُٽيو ۽ کين آڻ مڃائي، سندن
جاين تي مساجد ۽ پاڻ لاءِ محلات جوڙيائون،
جيڪي به عيسائين جون ديولون هيون، تن کي
ڦيرائي مسجدون ڪيائون. ساڳي حالت سمرقند ۾
ٿي گذري، تبليغ ۽ اشاعت جو ڪم زور شور سان
هلڻ لڳو.
86هه ۾ جڏهن وليد بن عبدالملڪ دمشق جي تخت
تي ويٺو تڏهن سندس ڏينهن ۾ ترڪستان ۾ ڪي
فساد پيا، پر حجاج بن يوسف جو انتظام
زبردست هو. 95هه مطابق 711ع ۾ قتبيه قوقند
فتح ڪري اوڀرندي تاتارتي به ڪاهي ويو، جتي
ڪيترن ئي ترڪ اميرن کي زير ڪيائين پر
ساڳئي سال ۾ خليفي وليد جي وفات کانپوءِ
جڏهن سليمان بن عبدالملڪ تخت تي ويٺو،
تڏهن قتبيه کي عربستان وڃڻو پيو ۽ سندس
خليفي سان عداوت پئجي وئي، نتيجي ۾ هن
بغاوت ڪئي، پر ماهه ذوالحج 96هه مطابق
714ع ۾ خليفي جي سپهه سالار حسن بن اياز
هٿان شهيد ٿي ويو. اِنالله واِنا اِليھ
راجعون هي عرب جو اهو پهلوان هو، جنهن
مشرق ۾ اسلامي سلطنت جي ايوان جو بنياد
وڌو.
عرب سلطنت هيٺ سياسي ۽ مذهبي فساد
مروّ
Merv
عربي سلطنت جي دور ۾ خراسان جو تختگاهه
هو. کين هتي جي آبهوا ايتريقدر وڻندي هئي
جو هن شهر کي عروس الدنيا جي نالي سان سڏڻ
لڳا. بخارا ۽ سمرقند ۾ جدا جدا امير هئا،
پر اهي سڀ خراسان جي والئ جي هٿ هيٺ هئا،
جو وري عراق جي والئ جي هٿ هيٺ هو. اهڙئ
طرح عراق جو والي وري دمشق جي خليفي جي
ماتحت هو. اهڙيءَ ريت بخارا جي ولايت ڏيڍ
صدئ تائين عربن جي هٿ هيٺ رهي. بخارا تڏهن
خودمختياري حاصل ڪئي، جڏهن هتي سمانيا
خاندان وارن مٿو ڪڍيو. خليفي سليمان بن
عبدالملڪ قتبيه جهڙي سپهه سالار کي رڳو ان
شڪ جي ڪري مارائي وڌو ڇاڪاڻ جو کيس شڪ هو
ته قتبيه ايران ۽ توران کي ڦري گهڻي دولت
گڏ ڪئي هوندي. هينئر جڏهن يزيد بن مهلب
خراسان جو والي ٿي آيو، تنهن اچڻ شرط جيڪي
به امير ۽ بالاعملدار هئا تن کي عهدن تان
لاهي نوان عملدار مقرر ڪيائين، سندن
جائدادون به ضبط ڪيائين. جيسين خليفو
سليمان، جو سندس پشت پناهه هو، جيئرو هو
تيسين ڪنهن کي مجال نه ٿي جو ساڻس مقابلو
ڪري سگهي، پر جڏهن خليفي وفات ڪئي ۽ حضرت
عمر بن عبدالعزيز رضه دمشق جي خلافت تي
ويٺو تڏهن يزيد کي سندس عهدي تان لاهي
مسلم بن عبدالملڪ نالي هڪڙي عرب جي پهلوان
کي سندس عهدي تي مقرر ڪيائين. جنهن ايشيا
ڪو چڪ ۾ رومين کي مات ڪري کانئن ڪيترائي
قلعا ۽ شهر فتح ڪيا ۽ هو هر طرح سان لائق
هو. جڏهن يزيد بصره پهتو تڏهن خليفي قيد
ڪيس. 719ع ۾ يزيد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾
مسلم هٿان مارجي ويو. يزيد بن مهلب به
مشهور پهلوان هو، 98هه ۾ هن سخت خونريز
معرڪن کانپوءِ جرجان ۽ طبرستان جا علائقا
فتح ڪيا هئا.
106هه مطابق 724ع ۾ خليفي هشام جي ڏينهن ۾
ترڪن سمرقند فتح ڪيو. خالد بن عبدالله
خراسان جي والئ پنهنجي ڀاءُ اسد کي فوجن
سميت سمرقند ڏانهن موڪليو، جو ٽن سالن
تائين وڙهندو رهيو، پر ڪو کڙ تيل ڪونه
نڪتو. اُٽلندو عرب سلطنت تي خرچ جو بوجهه
پيو. خليفي کيس عهدي تان لاهي عسرش بن
عبدالله کي ڏياري موڪليو، پر سمرقند جي
اميرن کي فرغانه ۽ چيني ترڪستان جاخان مدد
ڏيندا هئا، وٽن 100،000 فوج هئي، هنن عسرش
جا هڪ هزار سپاهي ماري وڌا. آخر جنديب، جو
خراسان جو نئون والي ٿي آيو هو، سو پاڻ
فوجون وٺي نڪتو، سندس فوجن جو مهندار ثروت
بن ابو بحر الداريمي هو، جنهن 10،000
جانباز لشڪر سان سمرقند تي ڪاهه ڪئي پر هن
خونريز معرڪي ۾ نه رڳو ثروت مارجي ويو، پر
20،000 مسلمانن ساڻس گڏ ميدان ۾ شهادت جو
جام پيتو. جنديب کي جڏهن خبر پهتي تڏهن
شهيدن جي يادگار ۾ زار زار رنو، ممڪن هو
ته هن جنگ جو اثر خراسان تي نه پئجي وڃي،
تنهنڪري هن هوشيار والئ خراسان جي عام
ماڻهن تي ڍلون معاف ڪري ڇڏيون. ڪجهه عرصي
کان پوءِ 43،000 فوجن سان ترڪن جي مقابلي
لاءِ نڪتو، کين شڪست ڏيئي بيشمار مال هٿ
ڪيائين، ناصر بن سيار کي هتان جو حاڪم
مقرر ڪري ڏاڍئ تزڪ ۽ احتشام سان مروّ ۾
وارد ٿيو پر سندس ڏينهن ٿورا هئا ۽ ستت ئي
وفات ڪيائين.
ناصر چڱو حاڪم هو، سندس انتظام کي ڏسي
اُموي خليفن کيس خراسان جو حاڪم مقرر ڪيو،
هو هشام، وليد، يزيد، ابراهيم ۽ مروان جي
ڏينهن تائين يعنيٰ 133هه تائين خراسان تي
حڪومت ڪندو رهيو، آخر 129هه مطابق 746ع ۾
جڏهن اُموي اقبال جو ستارو غروب ٿيو ۽
اموي خاندان جو به خاتمو ٿيو.
ناصر بلڪل هوشيار ۽ تجربيڪار حاڪم هو. هن
بخارا جي رهندڙ مسلمانن کي ترڪن جي عذابن
کان ڇڏائڻ لاءِ ڪاشغر تائين ڪاهي ويو. جتي
ترڪن کي ڇوٽ ڏنائين هن تفشيد بخارا جي
امير جي ڌئ سان شادي به ڪئي هئي. هو انصاف
پرست حاڪم هو.
شريڪ بن شيخ المهدئ جي تحريڪ
اُموّي خاندان کانپوءِ جڏهن عباسين جي
خلافت جو دور آيو تڏهن شريڪ بن شيخ المهدي
نالي هڪڙي شخص ايران ۾ جهنڊو کڙو ڪيو.
سندس اها دعويٰ هئي، ته اهل بيت کي خلافت
ڏجي، سندس جهنڊي هيٺ گهڻائي ايراني شيعا
اچي گڏ ٿيا، پر بخارا مان به گهڻن سندس
پيروي ڪئي. مثلاً عبدالجبار بن شعيب بخارا
کان ۽ خوارزم جو امير ۽ ٻيا گهڻا سندس
طرفدار ٿي بيٺا. هن فساد کي مٽائڻ لاءِ
ابو مسلم زيد بن صالح کي 10،000 فوجن سان
سندس مقابلي لاءِ روانو ڪيو. 37 ڏينهن جي
خونريز جنگ کانپوءِ شريڪ جا گهڻائي پوئلڳ
شيعا مارجي ويا. زيد قوقنه کي ساڙائي ڇڏيو
۽ سمرقند ۾ به گهڻن شيعن کي مارائي
ڇڏيائين.
هاشم بن حڪيم جي پيغمبري جي ڪوڙي دعويٰ
مٿين سياسي فسادن ۽ مذهبي جهڳڙن کان پوءِ
ترڪستان ۾ وري هڪڙو نئون فتور نئين رنگ ۾
کڙو ٿيو، جنهنڪري ساندهه 25 ورهين تائين
ترڪستان جي زمين خون سان رڱجي ويئي. 150هه
مطابق 767ع ڌاري خراسان ۾ المقنع نالي
هڪڙي شخص پيغمبري جي دعويٰ ڪئي. سندس
دعويٰ جو اثر ترڪستان تي به پيو ۽ ورهين
جا ورهيه مذهبي جنگ جاري رهي. المقنع جو
اصلي نالو هاشم بن حڪيم هو. جو مروّ ڀرسان
هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. المقنع پهريون ابو
مسلم وٽ فوج ۾ نوڪر هو، پر آخر هن
پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪئي.
”دنيا ائين هلندي پئي اچي ۽ هلندي رهندي.
آخرت جو خيال ڪرڻ اجايو آهي. ڪوئي چئي نه
ٿو سگهي ته وڻ، ٻوٽا ۽ انسان ڪيئن ٿا پيدا
ٿين ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃن.“
جڏهن ابو مسلم وفات ڪئي تڏهن هن کي وجهه
مليو پر آخر قيد ٿي بغداد ڏانهن ويو، پر
سندس پوئلڳن سندس دعويٰ کي پري پري تائين
پهچايو، سندن تحريڪ جو مزڪر مروّ ۾ هو.
770هه ۾ هو دعويٰ ڪرڻ لڳو.
اهي ترڪ جنجي دلين ۾ آتش پرستي، بت پرستي
گهر ڪري ويٺي هئي ۽ اسلام منجهن پورئ طرح
سان دخل ڪين ڪيو هو، سي سندس اشاري تي
سندس شاگرد ٿي پيا. جڏهن خراسان جي والي
حامد سندس گرفتارئ لاءِ حڪم ڪڍيو، تڏهن
هڪدم سمرقند، نقشيب ۽ قيش ۽ ٻين گهڻن شهرن
۾ سندس پوئلڳ جاڳي پيا ۽ 14 سالن تائين
فساد جاري رهيا.
ڪنبارا جي امير حسين بن معاذ هن فسادن کي
روڪڻ لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي، بخارا جي قاضي
امير بن عمران به گهڻي مدد ڏني ۽ فساد جلد
مٽجي وڃي ها، پر خلخ نالي هڪڙي ترڪ امير
هن جي پٺڀرائي ڪئي، جنهنڪري بغداد جي
سرڪار کي هن فساد مٽائڻ ۾ گهڻي تڪليف پيش
ٿي.
آخر المقنع پنهنجي وفادارن کي ڦرلٽ ڪرڻ جي
شرعي موڪل ڏني. بغداد جي خليفي المهدئ
خراسان جي عامل عبدالملڪ کي فساد مٽائڻ
لاءِ سخت تاڪيد ڪيو. فسادين سفيد پوشاڪ
پائڻ شروع ڪئي. عبدالملڪ جبرئيل بن يحيٰ
کي بخارا جي سفيد پوشن کي مات ڪرڻ لاءِ
روانو ڪيو. عبدالملڪ خليفي جي حڪم موجب
يعقوب بن مسلم جي هٿ هيٺ جمله 61،000 فوج
بلخ ۽ بخاراتي موڪلي، پر علامهّ طبري لکي
ٿو ته جبرئيل هن معرڪي ۾ شڪست کاڌي ۽
يعقوب به پسپا ٿيو ۽ فسادين سمرقند ۾ ڦرلٽ
ڪئي. هن تحريڪ سڄي ترڪستان ۾ زور ورتو،
عربن شڪست کاڌي ۽ چئن مهينن جي ساندهه
گهيري کانپوءِ عربن بارود جي ذريعي قلعي
جي ديوار کي ڀڳو. 161هه ۾ هن تحريڪ ايترو
زور ورتو جو خليفو پاڻ نيشاپور ۾ آيو،
عبدالملڪ کي عهدي تان لاهي معاذ بن مسلم
کي سندس عهدي تي مقرر ڪيائين. معاذ مروّ ۽
بخارا ۾ وڏي ڇانوڻي وڌي، جتي نوان هٿيار
تيار ڪرايائين، اٽڪل 3،000 ڪاريگر ڪم ڪرڻ
لڳا. سيد الجريشي هرات جو حاڪم فوجون وٺي
خليفي جي مدد لاءِ آيو، سندس صفيد جمعبيان
نالي هڪڙي ترڪ امير سان، جو المقنع جو
مريد هو، بيقند وٽ مقابلو ٿيو، هتي عرب
فوجون اچي ساڻس گڏ ٿيون، ترڪ امير مارجي
ويو ۽ اسلامي لشڪر سمرقند فتح ڪيو. معاذ
خليفي جي حڪم سان جبرئيل بن يحيٰ کي هتي
جو حاڪم مقرر ڪيو. هن جي فوجن جهنگ ۾ خاص
جاءِ تعمير ڪرائي، اُتي هو لڪل هو ۽
سمرقند جي قلعي جي ٻاهران 50،000 سندس
مريد سرڪپائڻ لاءِ تيار بيٺل هئا، جن لاءِ
هو روز ڪوڙا الهامي پيغام موڪليندو هو ۽
سندن باطل پرستي جي عقيدي کي مضبوط ڪندو
هو. وڏا وڏا آئينا کڻي ٻاهر نڪرندو هو، جن
جي روشني کي ڏسي سندس مريد قدرت سمجهندا
هئا.
هن وقت ترڪستان ۾ سردئ جي موسم هئي. ٻئي
طرف خليفو فتح جي انتظار ۾ هو، معاذ سردئ
جي خوف کان فوجون موٽائي بلخ ڏانهن ويو،
اسلامي فوجن جي موٽ کان خليفو سخت ناراض
ٿيو. هن 163هه مطابق 779ع ۾ معاذ کي عهدي
تان لاهي، سيد الجرشي هرات جي حاڪم کي،
جنهن اڳ اسلامي فوجن جي مدد ڪئي هئي،
خراسان جو والي مقرر ڪيو، جنهن حملي لاءِ
تياريون ڪيون. انهي وچ ۾ المقنع جو ڀاءُ
قضوم 30،000 ماڻهن سان اچي سيد جي آڏو پيش
پيو ۽ ٻن سالن جي عرصي ۾ قيش جا گهڻائي
رهندڙ قبيلا بک ۽ خوف جي وگهي اچي پيش
پيا. پر المقنع اڃا به جبل جي دامن ۾
پنهنجي جهنگلي قلعي ۾ مضبوطي سان لڪل هو.
سندس بيشمار عورتون هيون، جي مريدن کي
ڪوڙا دلاسا ڏئي، هن شاديون ڪيون هيون.
جڏهن شاهي فوجن جي حملي جي تياري ٿيڻ لڳي
تڏهن شراب ۾ زهر وجهائي زالن کي پياري
پورو ڪيائين پر سندس زالن مان بنوقا، جا
بلڪل چالاڪ هئي، سا مٿين واردات ڏسي سندس
قلعي مان ڀڄي نڪري آئي ۽ سندس پوئلڳن کي
اچي خبر ڏنائين ۽ قلعي جو رستو پڻ سيد کي
ڏيکاريائين، جنهن سراغ رساني جي عيوض هن
کي 10،000 رپيا ڏنا. مطلب ته بنوقا جي
چالاڪئ ڪري عربن المقنع جي قلعي واري
خزاني تي قبضو ڪري ورتو ۽ ورهين جي سانده
مقابلي کان پوءِ مس مس مشرق باطل پرستي
کان آزاد ٿيو. سندس پوئلڳ اچي مسلمان ٿيا،
رڳو قيش ۽ نقشيب ۾ ڪي ٿورا سندس مريد هئا،
جي اندروني سندس پيروي ڪندا هئا. گهڻي
مشڪلات کان پوءِ مس مس عربن ترڪستان ۾ امن
امان آندو، خاص ڪري برمڪي وزارت جي ڏينهن
۾ ته چؤطرف امن امان هو، خليفي هارون
الرشيد اعظم جي ڏينهن ۾ رافع بن ليث ناصر
جي پوٽي هتي فساد ڪيو، ۽ سمرقند جي عامل
کي مارائي پاڻ حاڪم ٿيو، خليفو سندس
مقابلي لاءِ پاڻ آيو، پر 193هه ۾ طوس ۾
وفات ڪيائين، رافع جو بغاوت ڪئي، تنهن جو
بيان هن ريت آهي ته ”رافع جي يحيٰ بن
العشاط جي زال سان محبت هئي، جنهن کي يحيٰ
آخر طلاق ڏني ۽ رافع ساڻس شادي ڪئي، پر
جڏهن مٿين ڳالهه جي شڪايت بارگاهه خلافت ۾
پهتي تڏهن خليفي خراسان جي والي علي بن
عيسيٰ کي رافع جي سزا لاءِ حڪم ڏنو.
سمرقند جي عامل تنهن تي رافع ابن ليث جو
ڪارو منهن ڪري گڏهه تي چاڙهي سمرقند جي
بازارين ۾ کيس ڦيرايو، تنهن کانپوءِ قيد
ڪيائينس. آخر رافع حڪمت سان نڪري پهريون
علي جي خلاف فساد ڪيو، آخر سمرقند جي عامل
کي مارائي مٿس قبضو ڪيائين، پوءِ ايتريقدر
زور ورتائين جو خليفة المسلمين جي به خلاف
اعلان ڪيائين“ رافع بن ليث جي خودمختيارئ
جي ڪري ترڪستان ۾ صفاريه خاندان جو آغاز
شروع ٿيو، جنهن جو عرصو 253هه کان 298هه
تائين شمار ٿئي ٿو.
بخارا ۾ سمانيه خاندان
The Samanides in Bokhara
بلخ ۾ اڃا به ڪي دولتمند آتش پرست رهندا
هئا، جي وڏئ عزت وارا هئا. سمان جو هن
خاندان جو باني ليکجي ٿو، سو در اصل قافلي
جو سالار هو ۽ هتي جو دولتمند امير هو. جن
ڏينهن ۾ اسد بن عبدالله خراسان جو حاڪم
هو، تن ڏينهن ۾ امير سمان کي سندس ڪنهن
دشمن بلخ مان لوڌي ڪڍيو، اسد هن کي مدد
ڏني کيس سندس آبائي شهر ۾ رهڻ لاءِ مدد
ڏنائين، اهڙي انصاف کي ڏسي سمان خوشي سان
مسلمان ٿيو، کيس هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو
نالو اسد رکيائين. امير اسد کي چار پٽ هئا
نوح، احمد، يحيٰ ۽ الياس، جن عربي جهنڊي
هيٺ اسلام جي گهڻي خدمت ڪئي. سندن خدمتن
کي ڏسي خليفة المسلمين المامون
خراسان جي حاڪمن لاءِ خاص فرمان جاري ڪيو.
جنهن ۾ سماني خاندان جي اميرن لاءِ کين
هدايت ڪيائين. هونئن به سماني خاندان قديم
زماني کان افضل هو، جڏهن رافع بن ليث فساد
ڪيو تڏهن خاندان وارن بغداد جي خليفن کي
گهڻي مدد ڏني، جنهنڪري رافع کي آخر
بارگاهه خلافت اڳيان سرجهڪائڻو پيو. خاص
ڪري خليفي مامون جي زماني ۾، جڏهن سماني
خاندان جي خدمتن جو ذڪر پيش ٿيو تڏهن
خليفة المسلمين نوح کي سمرقند، احمد کي
فرغانه، يحيٰ کي تاشقند ۽ الياس کي هرات
جي حڪومتن جون واڳون مرحمت ڪيون. نوح جي
مرڻ کان پوءِ سمرقند جي حڪومت به خليفن
احمد جي سپرد ڪئي وري جڏهن احمد جو پٽ نصر
بن احمد حاڪم ٿيو، تڏهن هو بهادر حاڪم هو،
سندس خدمتن جي عيوض خليفي واثق کيس
بارگاهه خلافت مان خلعت مرحمت ڪئي، واقعي
آتش پرست خاندانن مان خاص ڪري برمڪي ۽
سماني اميرن جيڪا اسلام جي خدمت ڪئي، سا
تاريخن ۾ قابل يادگار رهندي ۽ وري اسلام
جي شهنشاهن جيڪا نو مسلم قومن سان مساوي ۽
فياضي جي هلت ڪئي، سي به تاريخن ۾ اظهر من
الشمس آهي.
نصر بن احمد
259هه مطابق 872ع ۾ جڏهن يعقوب بن ليث
خليفي جي برخلاف فساد کڙو ڪيو ۽ ساڳئي وقت
۾ جڏهن حسين بن طاهر خوارزمي بخارا تي
ڪاهه ڪئي، تڏهن بخارا جي ماڻهن ۾ گهڻو
هراس پيدا ٿيو، حضرت امام ابوعبدالله جو
ان وقت بخارا جو وڏو عالم هو، تنهن امير
نصر سمرقند جي والئ کي مدد لاءِ لکيو.
امير اسماعيل جو نصر جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ هن
وقت 15 ورهين جو هو، تنهن کي امير فوجون
ڏئي بخارا جي ڇوٽڪاري لاءِ روانو ڪيو. نو
عمر امير باغين جي خوب سر ڪوبي ڪري چڱو
نالو ڪڍيو. جڏهن فاتحانه انداز ۾ بخارا جي
شهر ۾ وارد ٿيو، تڏهن اهل بخارا سندس همت
۽ مروت کي ڏسي سندس گهڻي خاطرداري ۽ عزت
ڪئي. نو عمر شهزادي جو امير حسين خوارزمئ
کي ميدان رزمگاهه ۾ ڇٺي جو کير ياد
ڏياريو، تنهن کانپوءِ ته ويتر چئني طرفن
کان سندس مرحبا ٿيڻ لڳي، ايتريقدر جو امير
نصر کي اچي ڀاءُ منجهان خوف جاڳيو، پر در
اصل اها سندس غلط فهمي هئي، هو ننڍي ڀاءُ
سان خصومت رکڻ لڳو. بخارا جي علائقي جي هن
وقت آمدني 50000 درهم هئي، پر ان آمدنئ
مان هن ننڍي ڀاءُ کي هڪڙي ڪاري پائي به
ڪانه ڏني، پر شڪ ڪري اُٽلندو 272هه مطابق
885ع ۾ لشڪر وٺي پاڻ بخارا تي ڪاهي ويو.
جڏهن اسماعيل کي ڀاءُ جي ڪارنامن جي حقيقت
معلوم ٿي، تڏهن گهڻو افسوس ڪيائين. آخر
لاچاري جي حالت ۾ بيقند مان ٿيندو رافع بن
ليث کي مدد لاءِ چوائي موڪليائين، جو هن
وقت آمو درياهه جي ڪپ تي فوجن سميت اچي
ساڻس گڏيو، پر ٻنهين نصر هٿان شڪست کاڌي.
اسماعيل کي ڀاءُ سان صلح ڪرڻ کانسواءِ ٻي
ڪائي واهه ڪانه هئي. هن صلح مان اهو کڙ
تيل نڪتو جو اسماعيل کي فقط بخارا جي ڍلن
وصول ڪرڻ جي آزادي ڏني ويئي. ڀائرن جو پاڻ
۾ آخر تائين فساد ڳنڍيو رهيو، تان جو
279هه مطابق 893ع ۾ نصر وفات ڪئي ۽ جملي
ملڪيت خدا اسماعيل کي ڏياري.
اسمعيل بن احمد
نصر جي وفات کان پوءِ ترڪستان ۽ خوارزم
جون واڳون سلطان اسماعيل جي قبضي ۾ اچي
ويون، کيس بغداد جي درٻار مان خلعت عنايت
ٿي. هن طراز جي عيسائين سان جنگ ڪري سندن
ڍلن مان مساجد تعمير ڪرايون، هتان کيس
ايترو خزانو هٿ لڳو جو هر هڪ سپاهي کي
1000درهم بطور انعام جي ڏنائين.
عمرو بن ليث جي خودغرضي
عمرو بن ليث جو هن وقت بغداد جي سرڪار
طرفان خراسان جو حاڪم هو، تنهن بارگاهه
خلافت مان بلاد مشرق (ترڪستان) جي حڪومت
لاءِ خليفي کان گهر ڪئي. اهڙي خام خيال
سان هن ترڪستان تي حملو ڪيو. سلطان اسمعيل
کيس خواب خرگوش کان بيدار ڪرڻ لاءِ ستن
ورهين تائين سندس ميدان ۾ مقابلو ڪيو.
عمرو آخر تنگ ٿيو ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ
نيشاپور جي هڪڙي بزرگ شيخ کي امير جي خدمت
۾ موڪليو، پر ٻئي طرف کان علي بن شروين
هڪڙي فوجي سردار کي بخارا تي حملي ڪرڻ
لاءِ حڪم ڏنو، جنهن وٽ مضبوط توبخانو به
هو. جڏهن اسماعيل کي سندس غدارئ جي خبر
پئي تڏهن فوجن سان طوفان وانگر آمو درياهه
کي لتاڙي عمرو جي فوجن کي شڪست ڏنائين.
بشر ۽ علي سندس ٻن فوجي سردارن کي به قيد
ڪيائين. پر سلطان اسماعيل اهڙو سخي ۽ فياض
هو جو پنهنجي جنگي قيدين کي سوغاتون ڏيئي
ڪمال مروت سان آزاد ڪيائين. عمرو کي جڏهن
خبر پئي تڏهن سڙي خاڪ ٿي ويو. 288هه مطابق
900ع ۾ ٻيو لشڪر وٺي اسماعيل جي مقابلي
لاءِ نڪتو، وٽس 70،000 فوج هئي ۽ سماني
سلطان وٽ 20،000 لشڪر هو. بلخ وٽ سخت جنگ
لڳي، جنهن ۾ عمرو شڪست کائي ميدان ڇڏي ڀڄي
ويو، پر آخر قيد ٿيو. فياض سلطان سندس
گهڻي خاطرداري ڪئي، کيس بطور شاهي مهمان
جي ڪري رکيائين. اهڙي مروت ۽ فياضي کي ڏسي
عمرو 5 خچرون سون جي اشرفين جون سلطان جي
خدمت ۾ بطور دوستي جي ڏيڻ لڳو، پر سلطان
وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ فرمايائين ته:
”اي عمرو تون غريب ٺاٺار جو پٽ هينئر جو
وڃي خراسان جي حڪومت کي پهتين! هي ناڻو جو
تو گڏ ڪيو آهي، سو غريبن کان ڦري گڏ ڪيو
اٿئي. اهو بوجهه هينئر منهنجي ڳچئ ۾ وجهڻ
ٿو گهري.“
ائين چئي سمورو خزانو موٽائي ڏنائينس.
بارگاهه خلافت ۾ جڏهن عمرو جي قيد ٿيڻ جي
خبر پهتي تڏهن اميرالمومنين سلطان اسماعيل
کي لکي موڪليو، ته هن کي قيد ڪري بغداد
ڏانهن موڪلي. سلطان کي عمرو جي بيڪسئ تي
گهڻو رحم آيو، پر لاچار اميرالمومنين جو
به حڪم مڃڻو پيس، پر تنهن هوندي به گهڻئ
عزت سان نظر بند ڪري بغداد ڏياري
موڪليائينس، جتي ماهه جمادي الاول 290هه ۾
قيدخاني ۾ خليفي قتل ڪرائي ڇڏيس. خليفة
المسلمين سلطان لاءِ هڪ شاهي خلعت ۽ بيش
بها سوغاتون ڏياري موڪليون ۽ کيس خراسان
جي ولايت به سپرد ڪيائين. جڏهن خليفي جو
وفد سلطان جي درٻار ۾ پهتو تڏهن خلعت پهرڻ
جي بجاءِ 12 دفعا شڪراني لاءِ دعا
پڙهيائين ۽ 100،000 درهم بطور سوغاتن جي
خليفة المسلمين جي وفد کي بخشش جي طور
ڏنائين.
امير اسماعيل جي ڏينهن ۾ سماني حڪومت جو
عروج
جڏهن بارگاهه خلافت مان خراسان ۽ بخارا
جون حڪومتون سماني سلطان کي مرحمت ٿيون
تڏهن طبرستان جي حاڪم محمد بن زيد امير جي
خلاف فوج ڪشي ڪئي، پر امير جي سپهه سالار
محمد بن هارون هٿان شڪست کائي مارجي ويو ۽
طبرستان جي حڪومت به سماني قلمرو هيٺ اچي
وئي. امير پنهنجي ڀائيٽي شهزادي ابو صالح
منصور کي مٿئين علائقي جو حاڪم مقرر ڪيو.
جڏهن عراق ۽ ڀروارن علائقن ۾ امن امان جو
دور آيو ته وري ترڪن مٿو ڪڍيو، 291هه ۾
هنن بخارا تي ڪاهه ڪئي، امير اسماعيل کين
شڪست ڏئي گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. هن وقت
سماني حڪومت مشرق ۾ منگوليا جي صحرا کان
وٺي ڏکڻ ۾ ايراني نار تائين، هوڏانهن
هندوستان جي سرحد کان وٺي اولهندي ۾ بغداد
شريف تائين هئي. نرشخي لکي ٿو، ته
هندوستان ۾ پنجاب، سنڌ به سماني جهنڊي هيٺ
هئا، مروّ، نيشاپور، قزوين، اصفهان،
شيراز، هرات ۽ بلخ هن حڪومت جا صدر مقام
هئا ۽ بخارا سڀني رياستن جو تختگاهه هو.
امير سلطان اسماعيل بخارا کي گهڻو زور
وٺايو، ايتريقدر جو بلاد مشرق ۾ اسلام جو
مرڪز ٿي پيو ۽ بخارا شريف جي نالي سان
سڏجڻ لڳو. هتي وڏا وڏا بزرگ ٿي گذريا، جن
جون اڃا هتي تربتون آهن. مثلاً ابوالحافظ
بخاريرحه ۽ شيخ بدررحه
جهڙا ڪامل بزرگ، جنهن چاليهن ورهين تائين
سواءِ ننڊ ڪرڻ جي عبادت ڪئي. حضرت خواجه
ابوالحافظ رحه 150هه ۾ ڄائو ۽
پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو. حضرت
امام محمد شيبانئرحه جو شاگرد
رشيد هو. 227هه مطابق 841ع ۾ وفات
پاتائين. سندن شاگردن مان امام ابوعبدالله
محمد بن اسماعيل بخاري مشهور عالم ٿي
گذريو. جنهن جو جڙيل ڪتاب جامع الصحيح جو
صحيح بخاري جي نالي سان مشهور آهي، علامهّ
ابن خلقان لکي ٿو ته مٿئين ڪتاب ۾ 600000
روايتون ڏنل آهن، هن ڪتاب جي جڙڻ ۾ مٿئين
بزرگ کي سورهن ورهيه لڳا ۽ 70،000 طالب
علمن تعليم ورتي. هن بزرگ 256هه مطابق
869ع ۾ سمرقند جي ويجهو وفات پاتي
انالله وانا اليھ راجعون.
محمد بن الفضلرحه به مشهور
فاضل ۽ صوفي ٿي گذريو. ڪتاب (ذڪر علماء
بخارا) ۾ لکيل آهي ته اٽڪل 700 بزرگ ۽
علماء بخارا شريف جي پسگردائي ۾ مدفون
آهن، جن مان اٽڪل ٽي سو فقط سماني تاجدارن
جي ڏينهن ۾ ٿي گذريا. هن مان پڙهندڙ
اندازو ڪري سگهندا، ته سمانيه خاندان جا
بادشاهه ڪيتري قدر حق پرست ۽ فياض هئا.
بخارا، جو اڳ آتش پرستي ۽ بت پرستي جو
مڪان هو، سو مٿي ذڪر ڪيل بزرگن ۽ مشائخن
سڳورن جي ظاهري ۽ باطني فيض ۽ علمي ڪمال
جي ڪري ڦري (دارالاسلام) بنجي پيو.
یہ عاشقانِ مصطفیٰ بھی کیا عجیب لوگ ہیں
یہ بندگاں ربِ کعبہ خوش نصیب لوگ ہیں
امير سلطان اسماعيل ظّل الله مشهور
خداپرست ۽ زاهد بادشاهه ٿي گذريو، هن جهڙو
سخي ۽ رحمدل ڪو ورلي ٿي گذريو. مخلوق خدا
جي خدمت لاءِ پنهنجي خزانن جا در کولي
ڇڏيا هئائين، ڪيترائي مڪتب ۽ خيرات خانا
سندس عهد مهد ۾ جاري ٿيا. حشيد صوفي دمشق
جو فرمانروا بخارا جي علمي محفل جو چرچو
ٻڌي تخت ۽ تاج ڇڏي هتي اچي رهڻ لڳو، هر
وقت علمائن سڳورن جي محفل ۾ گذاريندو هو.
سلطان قدردان سندس گهڻي خاطر ڪئي. سلطان
بخارا شريف ۾ بيش بها محلات تعمير ڪرايا،
منجهانئن سراءِ مولئان جو هڪ نهر جي ڪپ تي
آهي، سو بلڪل شاندار آهي. سندس چؤطرف وڏا
وڏا سبز باغ آهن، جن ۾ چشما به آهن. هن
محلات کي سراءِ مولئان انڪري سڏجي ٿو جو
هتي رڳو علماء سڳورا رهندا هئا. جن جو
سمورو خرچ سلطان ڀريندو هو. بخارا شريف جي
شهر جي ديوار، جا خليفي المهدي عباسئ جي
ڏينهن ۾ ابوالعباس طوسئ تعمير ڪرائي هئي،
تنهن کي وري نئين سر تعمير ڪرايائين. هتي
جي شاندار مڪتبن جي علمي لياقت دنيا ۾
مشهور ٿيڻ لڳي ۽ هي شهر هنرن جي لحاظ سان
به رشڪ بغداد بنجي پيو. سلطان جو وزير
اعظم محمد به پنهنجئ فياضئ ۽ سخا جي ڪري
نامور ٿي گذريو. جنهن 304هه مطابق 916ع ۾
وفات پاتي. سلطان اسمعيل ماهه صفر المظفر
295هه مطابق 907ع ۾ هڪڙئ نهر تان لنگهندي
ڪري زخمي ٿي پيو، آخر 61 ورهين جي عمر ۾
34 ورهيه حڪومت ڪري هن فاني جهان مان دارا
البقا ڏانهن راهي ٿيو. اِنالله واِنا
اِليھ راجعون.
* **
احمد بن اسماعيل
سلطان امير اسماعيل جي مرڻ کان پوءِ جيڪي
به سمانيه خاندان جا بادشاهه تخت نشين
ٿيا، سي وزرات جي هٿن ۾ هئا. اهي اهلڪار
اڪثر ترڪ نسل مان هئا جن پوءِ نه رڳو سڄو
ترڪستان فتح ڪيو، پر سڄي براعظم ايشيا جا
مالڪ ٿيا اهي به سلطان جي لقب سان سڏبا
هئا. امير اسماعيل کان پوءِ سندس پٽ امير
احمد تخت تي ويٺو، جو حڪومت ڪرڻ جي لائق
ڪين هو، نه وري پيءُ وانگر سليم الطبع هو.
هن پنهنجي چاچي سمرقند جي والئ کي قيد ڪري
بخارا آندو. تنهن کانپوءِ طبرستان تي ڪاهه
ڪيائين، ڇاڪاڻ جو هتي جو حاڪم پارس الڪبير
پنهنجئ دولت جي ڪري مشهور هو. جنهن احمد
جي خوف کان وڃي بغداد جي خليفي مقتدر وٽ
پناهه ورتي، جنهن زهر ڏياري سندس دولت تي
هٿ صاف ڪيا. احمد طبرستان جي حڪومت حسن بن
حسين ابن علي جي حوالي ڪئي، جو پنهنجي وقت
جو امام هو. سندس دعوت تي گهڻن آتش پرستن
اسلام تي ايمان آندو. 298هه مطابق 910ع ۾
احمد سيستان جي حاڪم معدل تي ڪاهه ڪري کيس
قيد ڪيو، اهو علائقو پنهنجي سوٽ ابو صالح
منصور جي حوالي ڪيائين.
امير احمد وٽ ٻه شينهن پاليل هئا، جي رات
جي وقت سندس محلات جي در تي پهرو ڏيندا
هئا. هڪڙي رات جو شينهن در تي بيهارڻ قضا
سان وسري ويس، جنهنڪري سندس نوڪرن وجهه
ڏسي 914ع ۾ سندس ڪمري ۾ گهڙي کيس قتل ڪري
ڇڏيو. هن 6 ورهيه 4 مهينا حڪومت ڪئي، کيس
شهيد احمد جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳا.
ابوالحسن ناصر
پيءُ جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ جڏهن شهزادو
ابوالحسن ناصر تخت تي ويٺو تڏهن رڳو چوڏهن
ورهين جو هو. جڏهن بخارا شريف جا امير
ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن ڀوءَ کان
ڊنو ۽ واڪو ڪري چيائين ”مون کي منهنجي
پيءُ وانگر مارڻ آيا آهيو ڇا؟ پر وزيرن
سلطنت جي ڪاروبار کي هلايو، جڏهن شهزادو
وڏو ٿيو، تڏهن تاج پهرايائونس. هن پنهنجي
ڏاڏي جي سلطنت کي گهڻو وڌايو ۽ چڱو نالو
ڪڍيائين. کيس امير سعيد جي لقب سان سڏيندا
هئا. سندس چاچن مان امير اسحٰق بخارا هٿ
ڪرڻ لاءِ حڪومت جي خلاف ٻه ڀيرا فوج ڪشي
ڪئي، پر سلطان جي سپهه سالار هيمي جي هٿان
شڪست کائي قيد ٿي ويو. سندس قيد ٿيڻ کان
پوءِ سندس پٽ امير منصور نيشاپور ۾ فساد
کڙو ڪيو. امير پنهنجي سپهه سالار حسن کي
سندس مقابلي لاءِ روانو ڪيو، پر هيءُ
نمڪحرامي ڪري وڃي منصورسان گڏيو، جڏهن
هرات جي امير احمد بن سحل کي خبر پئي،
تڏهن سلطان جي پاران فسادئ سان وڙهيو ۽
کيس قيد ڪري بخارا آندائين، پر امير گهڻي
فياضي سان کيس آزاد ڪري پنهنجي درٻار ۾
منصبئ جو عهدو ڏنس.
ملڪ ۾ فساد
سلطان ابوالحسن جيتوڻيڪ صلح پرست بادشاهه
هو، پر تنهن هوندي به سندس سلطنت ۾ فساد
ٿيندا رهيا جيئن ته امير احمد هرات جي
والي جي اچڻ ساڻس دشمني جاڳي. پر هيمئ جي
هٿان 370هه مطابق 920ع ۾ شڪست کائي قيد ٿي
ويو ۽ بخارا جي شاهي ترنگ ۾ دم ڏنائين.
ليليٰ بن نعمان طبرستان جي حاڪم جي طرفان
921ع ۾ دمغان ۽ نيشاپور تي ڪاهه ڪئي، پر
ان به هيمئ هٿان شڪست کاڌي. مقان بن ڪاڪي
خراسان ۾ فساد ڪيا، پر امير جي سپهه سالار
علي محتاج جي هٿان مات ٿي ويو.
امير ابوالحسن جي درٻار
هن سلطان 28 ورهيه بخارا شريف تي حڪومت
ڪئي. هيءُ سخي، علم دوست ۽ وڏئ عزت جو
صاحب هو. اميرن، محتاجن بلڪ پنهنجي دشمنن
تي به مهربان هو. سندس درٻار ۾ اڪثر اميرن
۽ علمائن سڳورن جو چهچٽو لڳل رهندو هو. هن
سلطان جي ايران جي مشهور شاعر ابوالحسن
رديڪئ گهڻي تعريف ڪئي آهي، جنهن ايران جي
تاريخ شعرن ۾ جوڙي آهي جنهن ۾ 10 لک شعر
چيل آهن، سندس هڪ سو جلد آهن. دورغ برگردن
راوي آهي، ته هن شاعر جي هلت چلت شاهاڻي
هئي وٽس ٻه سو ته رڳو نو عمر غلام هئا،
وري جڏهن ڪنهن طرف منزل ڪندو هو، ته چار
سو اٺ ته رڳو خزاني جا پاڻ سان کڻندو هو.
سپهه سالار حسن جنهن کي امير احمد هرات جي
والئ قيد ڪري درٻار ۾ آندو، تنهن کي سزا
ڏيڻ جي بدران فياض سلطان عزت ڏئي درٻار ۾
مقرر ڪيو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن سپهه سالار
هيمئ جو پٽ چلمچئ ۾ سلطان امير سعيد جا هٿ
ڌوئاري رهيو هو تڏهن حسن چيس ته پڻهين
نيشاپور جو حاڪم آهي، ڇو نه ٿو سلطان لاءِ
سٺا برتن هٿ ڌوئارڻ لاءِ آڻي؟ سندس چوڻ به
سچ هو، ڇاڪاڻ جو نيشاپور ۾ سٺا برتن جڙن
ٿا. هيمئ جي پٽ وراڻي ڏنيس ته منهنجو پيءُ
برتن جهڙن شين جي بدران تو جهڙيون سوکڙيون
سلطان لاءِ آڻيندو آهي، جو ٻڌي شرمندو
ٿيو.
نوح بن احمد
سلطان امير سعيد جي انتقال کان پوءِ سندس
ڀاءُ امير نوح تخت تي ويٺو جو امير حميد
جي لقب سان سڏجڻ لڳو. ابوالفضل محمد جو
امير مرحوم جو دشمن هو، تنهن کي هن سمرقند
جو والي مقرر ڪيو، ان لاءِ ته فساد بند
ٿين، پر 332هه مطابق 943ع ۾ رڪن الدوله
نالي هڪڙي سردار فساد ڪيو، سلطان ابو علي
محتاج جي پٽ کي سندس سرڪوبيءَ لاءِ روانو
ڪيو، جنهن مٿئين سردار کي شڪست ڏني ۽ فساد
بند ڪيائين. ستت ئي ابو علي ۽ سلطان جي
پاڻ ۾ ناسازي پيدا ٿي، جنهن تي ابو علي
امير چاچي امير ابراهيم ۽ رڪن الدوله سان
دوستي جا ناتا ڳنڍيا. ابراهيم جو سلطان جو
دشمن هو، تنهن پاڻ کي عراق عجمئ جو ۽ ابو
علي پاڻ کي خراسان جو بادشاهه سڏايو.
343هه ٻنهين خودمختيارئ جو اعلان ڪيو ۽
سندن نالن تي خطبو پڙهجڻ لڳو. هنن سردارن
جي خودمختارئ جي ڪري سمانيه خاندان کي
گهڻو لوڏو اچي ويو، ڇو ته شيراز کان وٺي
ماوراءِ النهر جي حدن تائين سڄو ملڪ ڇڄي
ڌار ٿيو، 343هه مطابق 984ع ۾ امير نوح
وفات ڪئي. هن 13 ورهيه بخارا شريف تي
حڪومت ڪئي، کائنس پوءِ سندس پٽ عبدالملڪ
تخت تي ويٺو.
عبدالملڪ بن نوح
شهزادو عبدالملڪ امير رشيد جي لقب سان
بخارا جي تخت تي رونق افروز ٿيو جو هن وقت
10 ورهين جو هو، هن سماني سلطنت کي
اولهندي ۾ زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ڪامياب ٿي نه سگهيو. سندس فوجي سردارن مان
عشاط بن محمد بلڪل زور وارو ۽ پنهنجي وقت
جو بهادر هو، ملڪ ۾ امن امان رکيائين پر
رڪن الدوله ۽ ٻين باغي اميرن کي امن امان
۾ رکي نه سگهيو. عبدالملڪ فوجي امير هو،
هر وقت فوجي نمائش ۾ مشغول رهندو هو. سندس
عمر ٿوري هئي. ماهه شوال المڪرم 350هه
مطابق 961ع ۾ هڪڙي ڀيري گهوڙي تان ڪِري
مري ويو.
منصور بن نوح
امير رشيد کان پوءِ سندس ڀاءُ منصور بن
نوح امير شديد جي لقب سان بخارا جي تخت تي
ويٺو. سندس وزير الپتگين، جو اصل هن
خاندان جو غلام هو ۽ هن وقت نيشاپور جو
حاڪم هو، تنهن سماني سلطنت جي آفتاب کي
غروب ٿيندو ڏسي بيشمار لشڪر گڏ ڪري امير
جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ شاهي فوجن کي
بلخ جي ويجهو شڪست ڏيئي غزنئ ۾ غزنئ سلطنت
جو بنياد وڌو، پر نمڪ حلالئ جي عيوض
50،000 دينار سلطان کي سالياني ڍل ڏيندو
رهيو، جنهن موجب سلطان نيشاپور جي سلطنت
به سندس حوالي ڪئي. امير رڪن الدوله، جو
هن وقت اڌ ايران جو مالڪ هو، تنهن جي ڌئ
سان سلطان منصور شادي ڪئي. 361هه ۾ هن
ناتي جي ڪري امير موصوف وري ڪڏهن به بخارا
جي خلاف سرڪشي نه ڪئي. سلطان 15 ورهيه
حڪومت ڪري 4 شوال المڪرم 365هه مطابق 976ع
۾ وفات ڪئي.
نوح بن منصور
امير رشيد جي وفات کان پوءِ سندس فرزند
نوح امير سعيد ابوالقاسم جي لقب سان بخارا
جي تخت تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ سلطنت ۾
گهڻا فساد ٿيا ۽ سماني طاقت گهڻو گهٽجي
ويئي. سڀ کان پهريون جرجان ۽ طبرستان جا
حاڪم خودمختيار ٿيا. رڪن الدوله جي پٽ
آزدالدو به خودمختيارئ جو اعلان ڪيو. ٻئي
طرف اهلڪارن ۽ وزيرن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ شروع
ٿي. خراسان جي حاڪم ابوالعباس طاش جو حسام
الدوله جي لقب سان مشهور هو جنهن کي سلطان
371هه ۾ خراسان جو حاڪم مقرر ڪيو هو،
تنهنجي وزير ابوالحسين سان دشمني جاڳي، هن
سلطان کي وزير جي خلاف ڀڙڪايو، سندس دوست
هڪڙي ترڪ امير فخرالدوله نالي ابوالحسين
کي خراسان مان تڙي ڪڍيو. ابوالحسن ڪرمان
مان نيون فوجون وٺي طاش کي سندس رفيق سميت
شڪست ڏني، جن جرجان ۾ وڃي پناهه ورتي،
379هه مطابق 989ع ۾ طاش ۽ وزير ابوالحسين
ٻنهي وفات ڪئي، وزير مرڻ مهل خراسان جي
حڪومت پنهنجي پٽ ابو علي جي حوالي ڪري
ويو.
يوجرس قوم جو نمودار ٿيڻ
اوڀر ترڪستان ۾ هڪ نئي قوم يوجرس
Ugurs
نالي سان پيدا ٿي. جا پوءِ تين شان جبل جي
گهاٽين ۾ اچي رهڻ لڳي ۽ عيسوي سن جي
شروعات کان ٿورو اڳ دنيا کانئن واقف ٿي.
پهريون چين جي علائقي ڪانسو
Kansu
۽ قوقند جي اوڀرندي علائقي ۾ اچي رهڻ لڳي.
هن قوم جي حڪومت جو تڏهن بنياد پيو جڏهن
سماني حڪومت جي گهٽتائي ٿيڻ لڳي. الخ خان
هن قوم جو پهريون سردار هو، جنهن هن قوم
جي جدا جدا قبيلن کي گڏ ڪري هڪڙي قوم جي
صورت ۾ آندو. قاره بوغرا خان سندس اهو
مهندار هو جنهن پنهنجي تلوار خون آشام جي
زور سان گوتمي ۽ عيسائي ڪفارن کي اسلام جي
دائري هيٺ آندو ۽ سماني سلطنت تي حملا ڪرڻ
لڳو. امير سعيد ابوالقاسم جي ڏينهن ۾ هن
ابو علي خراسان جي حاڪم کي مدد ڏني.
هرات جو خون ريز معرڪو
جن ڏينهن ۾ ابو علي بن امير علي محتاج
امير نوح سمانئ سان خراسان ۾ جنگ جوٽي
هئي، تن ڏينهن ۾ قاره بوغراخان وڏي ڪٽڪ
سان بخارا شريف تي حملو ڪيو، سندس جهنڊي
هيٺ قاشغر ۽ قوقند جا ترڪ به شامل هئا.
امير نوح سندس مقابلي ۾ پنهنجي هڪڙي سردار
(اناج صاحب) کي ڏياري موڪليو، پر هو شڪست
کائي يوجرس امير هٿان قيد ٿي ويو. جنهن
ترڪستان ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيس.
امير سعيد ٻئي هڪڙي سردار فائق کي خاقان
جي مقابلي ۾ موڪليو، پر هن به بوغرا خان
هٿان شڪست کاڌي ۽ ترڪن سمرقند تي به قبضو
ڪيو، جنهنڪري سڄي بخارا شريف ۾ ٿرٿلو پئجي
ويو. خود سلطان به حراس کان بخارا ڇڏي ڀڄي
ويو، پر قضا سان هتي جي آبهوا بوغراخان کي
ڀانءِ نه پئي ۽ هو بيمار ٿي مري ويو. سندس
مرڻ بعد هن خاندان جي ٻين اميرن به بخارا
تي حملا ڪيا، سماني تاجدار کي ايتري طاقت
نه هئي، جو ترڪ قبيلن کي روڪي سگهي. آخر
سلطان غزنئ جي حاڪم سلطان سبڪتگين کي مدد
لاءِ لکيو، جو هن وقت خراسان جي سڀني
حاڪمن ۾ دولتمند هو، ڇاڪاڻ جو سندس سلطنت
هن وقت سنڌو درياهه تائين هئي تنهن کان
سواءِ هن هندستان جي راجائن کي مات ڪري
گهڻي دولت گڏ ڪئي هئي. غزنئ جا فرمانروا
جيتوڻيڪ هن وقت خودمختيار پر هو بخارا جي
سماني سلاطين جي گهڻي عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ
جو هن خاندان جا هئا زرخريد غلام هئا.
جڏهن امير سعيد جو فرمان غازي کي پهتو
تڏهن لبيڪ چئي وڏو لشڪر وٺي پنهنجي
جانبازن سان ۽ پنهنجي پٽ شهزادي محمود کي
ساڻ همرقاب ڪري مسلح سپاهه سان جن وٽ ٻن
سون، مست هاٿين جو ٽلو به هو، ساڻ ڪري
طوفان وانگر آمو درياهه جي ڪپ تي اچي
پهتو، هوڏانهن سلطان به فوجن سميت کيس قيش
جي مقام وٽ گڏيو، غازي ناصر الدين پنهنجي
آقا کي پريان ايندو ڏسي گهوڙي تان لهي،
سندس رقاب چميو. ابوعلي هن وقت ترڪ قبيلن
جي مدد سان بخارا تي حملي ڪرڻ جون ڌمڪيون
ڏيئي رهيو هو، تنهن کي هينئر مجال نه ٿي،
جو بخارا ۽ غزني جي گڏيل فوجن سان مقابلو
ڪري سگهي، آخر هرات جي ويجهو وڏي جنگ لڳي،
جنهن ۾ ابو علي شڪست کائي نيشاپور ڏانهن
ڀڄي ويو ۽ امير سعيد وڏي تزڪ ۽ حشام سان
بخارا موٽي ويو. سلطان غازي ناصر الدين کي
ناصر الدوله ۽ سندس سپهه سالار، جو هن وقت
شهزادو محمود هو سيف الدوله جا خطاب مرحمت
ڪيا. جڏهن غازي ناصر الدين پنهنجي تختگاهه
ڏانهن موٽيو، تڏهن ابو علي وري فوجن سان
حملو ڪيو، هن ڀيري هن شهزادي محمود کي
شڪست ڏيئي سندس دولت تي به قبضو ڪيو، پر
جڏهن غازي ناصر الدين ميدان ۾ آيو تڏهن
شڪست کائي خوارزم ڏانهن ڀڄي ويو. امير
سعيد اتي جي حاڪم ابو عبدالله کي سندس
گرفتاري لاءِ لکيو، جنهن لوهه جي پڃري ۾
کڻي بند ڪيس.مامون بن محمد جرجان جي والي
کي ابو عبدالله جي مٿئين ڪاروائي تي ڪاوڙ
لڳي، هن خوارزم تي ڪاهي ابو عبدالله کي
ساڳئي پڃري ۾ بند ڪري ابو علي غدار کي
آزاد ڪيائين. هڪڙي ڏينهن محفل ۾ سندس
اشاري تي ابوعبدالله کي شراب ۾ زهر ڏيئي
مارائي ڇڏيائين. ابو علي جو به ساڳيو ئي
حشر ٿيو، ڇاڪاڻ جو هو شڪي انسان هو، جڏهن
مامون کي سندس چالبازين جي خبر پئي تڏهن
ساڳئي پڃري ۾ کڻي بند ڪيائينس، جتي 387هه
مطابق 997ع ۾ دم ڏنائين.
غزنئ جا تاجدار بخارا جي سماني سلاطين
سان هر وقت وفادار رهيا ۽ بخارا جي
درٻار مان وقت بوقت هنن لاءِ عزت جا
پروانه ۽ خطاب جاري ٿيندا رهيا. جڏهن
ابو علي جو خاتمو ٿيو، تڏهن نيشاپور
جي حڪومت به غزنئ جي سلطنت سان لاڳو
ٿي ويئي. 387هه مطابق 997ع ۾ امير
سعيد ابوالقاسم 22 ورهيه بخارا تي
حڪومت ڪري دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
اِنالله واِنا اِليھ راجعون.
ابو الحارث بن نوح
ابوالحارث، جو امير نوح جو پٽ هو جو
هن وقت بخارا جو والي هو، سو بلڪل ڪم
عقل هو. هن سلطان غازي محمود غزنئ جي
والئ سان ڦٽايو، پر تنهن هوندي به
سلطان الغازي غير جانبدار رهيو. ابو
الحارث کي هڪڙي سندس درٻارئ پنهنجي
گهر ۾ دعوت جي بهاني سان گهرائي، سندس
اکيون ڪڍي ڇڏيو.کائنس پوءِ سندس ڀاءُ
امير عبدالملڪ تخت تي ويٺو.
عبدالملڪ بن نوح ثاني
عبدالملڪ صغير العمر هو ۽ پنهنجي
سردار بغطوزن جي اشاري تي (جنهن سندس
ڀاءُ جون اکيون ڪڍيون هيون) سلطان
محمود سان ڦٽائڻ لڳو، جنهن تي لاچار
سلطان فوجون وٺي کيس شڪست ڏيئي مروّ
تائين سمورو ملڪ کسي پنهنجي سلطنت سان
ڳنڍي ڇڏيو. عبدالملڪ جنهن هن وقت
بخارا ۾ پناهه ورتي هئي، تنهن جي مدد
لاءِ الخ خان ترڪن جو خان قاشغر مان
فوجون وٺي نڪتو، پر سندس دل ۾ دغا هئي
ڇاڪاڻ جو 389هه مطابق 999ع ۾ جڏهن
بخارا ۾ وارد ٿيو، تڏهن اچڻ شرط سلطان
هن کي قيد ڪيو، جتي آخر دم ڏنائين.
ابو ابراهيم بن ابوالقاسم
عبدالملڪ جي وفات کان پوءِ امير سعيد
ابوالقاسم جو ٽيون پٽ ابو ابراهيم
المستنصر جي لقب سان تخت تي ويٺو ۽ هن
وقت ترڪ خان وٽ پنهنجي خاندان سميت
قيد هو. جتان نڪري پنهنجي بادشاهي جو
اعلان ڪيائين. ساڻس سندس خاندان جي
گهڻن اميرن همدردي ڪئي. خاص ڪري شمس
المعالي قابوس ۽ ٻين ترڪماني اميرن،
جن جي مدد سان هن هڪ ٻه ڀيرو الخ خان
جي فوجن کي به شڪست ڏني، پر سماني
خاندان جو آفتاب هن وقت غروب ٿيڻ تي
هو، ڇاڪاڻ جو سڄو ترڪستان هن وقت الخ
خان جي جهنڊي هيٺ اچي چڪو هو. سلطان
ابو ابراهيم سندس تاب روڪي نه سگهيو ۽
گهڻو وقت جلاوطن رهيو. طبرستان،
خراسان ۽ سيستان جي علائقن تي قبضي
هڻڻ لاءِ هن وقت هن گهڻائي حيلا ڪيا،
پر ڪامياب ٿي نه سگهيو، آخر 391هه
مطابق 1001ع ۾ هن نيشاپور تي قبضو
ڪيو، پر سلطان محمود جي پٽ شهزادي
ناصر تڙي ڪڍيس، آخر سندس ئي نوڪرن کيس
قيد ڪيو ۽ ماهه ربيع الاول 395هه
مطابق 1004ع ۾ ماري ڇڏيائونس.
سمانيه خاندان جا بادشاهه سنت جماعت
مان هئا، سندن عهد مهد ۾ مڪي ۽ مديني
منوره کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ بخارا
شريف ٽيون نمبر پاڪ شهر ۽ اسلامي
تبليغ ۽ اشاعت جو مرڪز هو. هتي جا
علماء سڳورا بلڪل زبردست هئا. هن
خاندان جا تاجدار ايراني نسل مان هئا.
کانئن پوءِ ترڪي ۽ توراني نسل وارن
ترڪستان تي فرمان روائي ڪئي. ايرانين
هنرن ۽ علم ۽ تهذيب کي هن ملڪ ۾ گهڻي
رونق وٺائي پر اسلام جي ضيا پاشي ڪري
تهذيب ويتر زور ورتو. ترڪ بادشاهه
اڪثر جنگجو هئا، هنن پنهنجي وقت ۾
بيحد فوجي نمائش دنيا اڳيان پيش ڪئي.
هن وقت الخ خان قاشغر جي والئ جو
بخاراتي قبضو هو، پر قيش، سمرقند ۽
قوقند تي جدا جدا امير حڪومت ڪندا
هئا، جي خودمختيار هئا. هنن ترڪ خان
جي خلاف پاڻ ۾ عهدنامو ڪيو هو،
منجهانئن ڪن وري سلطان غازي محمود کان
مدد ورتي هئي.