اهڙيءَ طرح دنيا جي سڀ کان وڏي ”امين“، سچار
پيغمبر ۽ انسان الڪامل هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
دنيا ۾ بنا خوف ۽ بنا لالچ جي ڪم بجا آندائون. پاڻ
سڳورن جهڙو ٻار، پاڻ سڳورن جهڙو مڙس، پاڻ سڳورن
جهڙو عزيز، پاڻ سڳورن جهڙو دوست، پاڻ سڳورن جهڙو
جرنيل، پاڻ سڳورن جهڙو واپاري، پاڻ سڳورن جهڙو
حاڪم ۽ پاڻ سڳورن جهڙو رهبر نڪو ٿيو ۽ نڪو ٿيندو.
پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سڀني ڳالهين
جو مثال ٿي رهيا ۽ سڀ ڪنهن قسم جو ماڻهن کان سبق
وٺي سگهي ٿو. چاليهن ورهين جي عمر کانپوءِ جڏهن
الاهي آواز ٿين تڏهن دين الهٰي ۽ حقيقت کي اظهار
ڪيائون. حق جي مقابلي ۾ انيڪ تڪليفون ۽ هر قسم جون
لالچون پيش آين تڏهن به حق جي ڳالهه تان ڪين هٽيا.
فتح ۽ ڪاميابين حاصل ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي اصل
واري سادي هلت چلت نه ڇڏيائون. گويا دنيا جا عيش
آرام سندن اڳيان بيڪار هئا. گهڻو ڪري سندن کاڌو
کجور ۽ کير هوندو هو. سندن ڪپڙن کي به ڪيترائي
ٽانڪا لڳل هوندا هئا. 25 ورهين جي عمر کان ويندي
60 ورهين جي ڄمار تائين پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن ڪيتريون ئي شاديون ڪيون. اُنهن مان
ڪنواري فقط هڪ هئي ۽ ٻيون سڀ بيواهه هيون. انهن
مان ڪي شاديون کين پوليٽيڪل نظر تي ڪرڻيون پيون ۽
ڪي بيواهه عورتن جي محض سنڀال لاءِ انهن سان نڪاح
ڪيائون.
پاڻ صبر جا درياهه ۽ سخا جا گهر هئا ۽ دوست توڙي
دشمن سان بي ريا ٿي هلڻ، غريبن ۽ شاهوڪارن سان هڪ
جهڙو هلڻ ۽ سندن مروت ۽ رحم ڪري سندن دشمن به
وٽانئن معافي پائي ويندا هئا. مذهبي خواهه ملڪي
ڳالهين ۾ پنهنجي فرض موجب هليا ۽ ڪڏهن به دل جي
راء کي غالب پوڻ نه ڇڏيائون. سڀ کان وڏي صفت سندن
محبت الاهي هئي. انتقال جي وقت تائين به خدا
تعاليٰ جي ساراهه سندن وات مبارڪ ۾ رهي. خدا جي
پيغام پهچائڻ ۽ انهن موجب هلڻ لاءِ ماڻهن کي هدايت
ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ ٻيو پنهنجو فرض نه سمجهيائون
۽ سڄي حياتي انهي ڪم ۾ صرف ڪيائون. هرڪو هن ڳالهه
کي تسليم ڪندو ته هو دنيا جا سڌاريندڙ ۽ خداوند
تعاليٰ جا سچا پيغمبر هئا. سندن رحمت ڪري صدين جي
ڪٺي ٿيل جهالت ۽ بت پرستي عربستان مان مٽجي ويئي.
اُهي ماڻهو جيڪي ڪاٺين ۽ پٿرن جي بتن کي پوڄيندا
هئا تن ۾ محبت پيدا ڪرايائون ورنه هو خسيس ڳالهين
تان پاڻ ۾ وڙهندا هئا. تن کي هڪڙي سچي خدا جي
عبادت سيکاريائون. عربن ۾ جمهوريت جو بنياد
وڌائون. هنن واپار ۽ ڌارين سان ڏيتي ليتي جو سلسلو
جاري ڪيو. زالون جن لاءِ قدر ڪين هو ۽ ڇڙواڳ
گهمنديون هيون تن لاءِ پردي داريءَ جي رسم جاري
ٿي. عرب جهالت جي تاريڪيءَ مان نڪري فيضان قدسيءَ
جي ڪري مهذب انسانن وانگر زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
خلافت راشده
The Orthodox Caliphate
اسلام جا اهڙا ته قاعدا آهن جي امير توڙي غريب
لاءِ هڪجهڙا آهن. حضور صلي الله عليھ وسلم جن پاڻ
ادنيٰ توڙي امير سان گڏجي اسلام جي احڪامن جي
پابندي ڪندا هئا ۽ اِهو ئي سبب هو جو سندن عالمگير
لياقت ۽ مروت ڄڻ زندهه هئي ۽ ڏهن سالن جي اندر
سالن جي وحشت ماڻهن جي دلين تان مٽجي ويئي هئي ۽
هو سچا مهذب ۽ شريف طبع بنجي پيا هئا.
حضرت صديق اڪبر رضه
خليفه اول حضرت ابوبڪررضه جو اصل نالو
عبدالله هو ۽ صديق کين سچائي جي ڪري پاڻ سڳورن کان
خطاب مليل هو. اُهو قصو هن ريت آهي ته نبوت جي
ٻارهين سال حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
معراج جو شرف حاصل ٿيو. صبح جو پاڻ سڳورا ڪعبي
شريف ۾ ويٺل هئا ته اسلام ۽ مسلمانن جو جاني دشمن
ابوجهل اُتان اچي لنگهيو ۽ هميشه وانگر پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڏي نهاري مسخري طور
پڇيائين ته اڄ به ڪا شئ ملي اٿوَ؟ فرمايائون ته
هائو. رات اسانکي بيت المقدس ۽ اتان کانپوءِ
آسمانن جا سير ڪرايا ويا. ابوجهل حيرت ۾ پئجي ويو
ته رات جو ايڏو سفر ۽ صبح جو هتي؟ هن قريش کي سڏي
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي واتان کين به
اهو قصو سڻارايو جو سڻي ڪن عجب ۾ تاڙيون وڄايون ته
ٻيا حيران ٿي ويا. حضرت ابوبڪر صديقرضه
ان وقت پنهنجي گهر هو. کيس ڊوڙي وڃي چيائون ته
تنهنجو حبيب هاڻ هي هي ڳالهيون پيو ڪري.چيائين ته
جيڪڏهن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ائين ئي
فرمايو آهي تڏهن ته سراسر سچ آهي. آءٌ سندن تصديق
ٿو ڪريان. ڪتابن ۾ آهي ته سندن لقب صديق جي گهڻي
مشهوري ان ڏينهن کان پوءِ ٿي ڇو ته پاڻ پهريون ئي
شخص جو جنهن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي.
اسلام جي روشن ٿيڻ کان اڳ عربستان ۾ جڏهن سڄي ملڪ
۾ تاريڪي ڇانيل هئي تڏهن هرهڪ قبيلي تي ڪونه ڪو ڪم
رکيل هو. اِهو گويا عرب ۾ رواج هو. حضرت
ابوبڪرصديق رضه جو خاندان بني تيم مڪي
شريف جي بلڪل وڏن ۽ مشهور خاندانن مان هو. ايام
جاهليت ۾ هن خاندان جا پريا مڙس منصبئ جي عهدي تي
ممتاز هئا. فريقن ۾ جڏهن ڪو تڪرار يا ڪو فساد
ٿيندو هو ته بني تيم جا معتبر فيصلو ڪندا هئا.
خليفي اولرضه جي والد جو اسم شريف
ابوقحافه عثمان هو جنهن کي منصبي جو عظيم رتبو
مليل هو. سندن نسل پيءُ جي طرفان پيغمبر دو عالم
صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان ملندو هو. جيئن
عبدالله (حضرت ابوبڪررضه ) بن ابي
قحافه بن عثمان بن عامر بن عمرو بن کعب بن سعد بن
تيم بن مرة بن کعب بن لوي بن غالب بن فهر غرض اٺين
پيڙهي سان وڃي حضور پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم
سان ملندو هو، حضرت ابوبڪررضه مشهور
معرڪي عام الفيل، جو سن 570ع ۾ ٿيو، تنهن کان
اڍائي سال پوءِ ڄائو يعني سندن پيدائش حضور صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن کان اڍائي سال پوءِ ٿي.
حضرت ابوبڪررضه علم ڄاڻندا هئا.خاص
ڪري شاعري کانسواءِ خواب جي تعبير ڪرڻ جو کين پورو
فن حاصل هو. پاڻ سرڪار رسالت صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي عهد مقدس ۾ خوابن جو تعبير ڪندا هئا.
محمد بن سيرين، جو خوابن جي تعبير ڪرڻ ۾ گويا امام
ليکجي ٿو، سو لکي ٿو ته سرورڪائنات کانپوءِ فن
تعبير ۾ حضرت ابوبڪررضه کان پوءِ ٻيو
ڪو ورلي ماهر هو. عالم ۽ فاضل به هو. صاحب عقل به
هو. اڪثر نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
حضرت ابوبڪررضه کان صلاح وٺندا هئا.
حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته ”کان ابوبڪر
اعلمنا به“ يعني ابوبڪررضه اسان سڀني
کان علم جا صاحب هئا. جيئن پاڻ خانداني امتيازات ۾
عرب ۾ ممتاز ليکجن ٿا، تيئن ٻئ صورت ۾ وري سندن
واپاري هجڻ کين وڌيڪ عزت بخشي هئي. پاڻ ڪپڙي جا
واپاري هئا، پرانهن ڏيساورن سان واپار ڪندا هئا.
مالدار هئا. جهالت جي ايام ۾ ايتريقدر سخي هئا جو
جيڪا آمدني ٿيندي هئن اُنهيءَ مان مسڪينن ۽ غريبن
کي ورهائي ڏيندا هئا. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ
پئسو جمع نه ڪندا هئا پر تنهن هوندي به وٽن 40000
درهم موجود هئا.
انهيءَ کان سواءِ وٽن غلام به هئا جن مان ڪي سندن
خانداني هئا ۽ ڪي پاڻ خريد ڪيائون. سندن اخلاق،
لياقتون اسلام کان اڳ به مشهور هيون. مثلاً: مڪي
جي ٻين ڪافرن وانگر شراب نوشي، قماربازي يا زنا
ڪاري کان بعيد هئا. عرب جيتوڻيڪ بت پرستيءَ جي غرض
۾ گرفتار هئا پر کين اهڙيءَ عبادت کان نفرت هئي ۽
بتن جي ويجهو هرگز ڪين ويندا هئا. سندن عقل سليم ۽
روشن دماغيءَ جو ايتريقدر بيان ڪن ٿا ته هڪڙي
ڏينهن سندن والد ابو قحافه کين زوريءَ بت خاني ۾
وٺي ويو ۽ کين چيائين ته هنن کي سجدو ڪر پر پاڻ
خاموش رهيا. جڏهن سندن والد ٻاهر نڪري ويو تڏهن هڪ
وڏو پٿر کڻي سڀني کان وڏي بت جي مٿي ۾ هنيائين.
اهڙي زور سان جو اُهو بت منهن ڀر ڪِري پيو.
هڪڙي ڀيري حضرت ابوبڪر صديقرضه جڏهن
ملڪ شام ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن اُتي هڪ خواب
ڏٺائون ته ”آسمان مان هڪ روشني خانه ڪعبه جي ڇت تي
لٿي ۽ پوءِ چؤطرف پکڙجي ويئي ۽ پوءِ گڏ ٿي منهنجي
گهر ۾ لٿي ۽ پوءِ مون دروازو بند ڪيو“. هن خواب جو
تعبير هڪڙي يهودي کان پڇيائون پر هن موافق جواب
نه ڏنو پوءِ هڪڙي ٻئي راهب کان دريافت ڪيائون،
جنهن جواب ۾ چيس ته خداوند تعاليٰ توهان جي قوم
مان نبي آخر زمان پيدا ڪندو جنهن جو تون مشير
ٿيندين ۽ سندن وصال ڪرڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي
خليفو مقرر ٿيندين“. مطلب ته جڏهن موٽي ڪعبة الله
شريف ۾ تشريف آور ٿيا ۽ جڏهن جناب سرور ڪائنات
احمد مجتبيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن نبوت جي
دعويٰ ڪئي تڏهن يڪدم اسلام جي دولت کان مشرف ٿيا.
پنهنجن دوستن ۽ واقف ڪارن کي اِسلام جي دعوت
ڏنائون سندن پهرين خذمت اِها هئي جو سندن ڪوشش سان
ٿورڙي ئي وقت ۾ مڪي شريف جي ڏهن معزز شخصيتن اسلام
قبول ڪري ورتو، جن مان پنج بزرگ ته بلڪل مشهور
آهن:-
(1)
حضرت عثمان بن عفان حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن جو ٽيون يار ۽ ٽيون خليفو.
(2)
حضرت سعد بن ابي وقاص، فاتح ايران.
(3)
حضرت عبدالرحمٰن بن عوف
(4)
حضرت زبير بن العوام
(5)
حضرت طلحه بن عبيدالله |
|
هنن بزرگن کان اڪثر روايتون ڪيل آهن. |
مٿين بزرگن جي مسلمان ٿيڻ ڪري حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ سندن دولت ۽ سچائي
مان اسلام کي ڏاڍا فائدا پهتا. هي پنجئي صاحب عشره
المبشرين يعنيٰ انهن ڏهن اصحابن سڳورن ۾ شامل آهن.
جنکي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جنت جي
بشارت ڏني هئي. باقي رهيل پنجن مان حضرت ابو بڪر
صديقرضه به هڪ هو.
حضرت ابوبڪررضه اسلام جي واڌاري ۽
مسلمانن جي سڌاري لاءِ پئسن جي به ڏاڍي مدد ڪئي.
ايتريقدر جو چاليهن هزارن دينارن مان هجرت جي وقت
وٽس باقي پنج ڇهه هزار کن وڃي بچيا هئا. پر وفات
وقت هڪ ڪوڏي به سندن وٽ نه هئي.
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو آهي ته
مال ۽ صحبت ۾ اسان تي سڀ کان وڌيڪ احسان ڪرڻ وارو
حضرت ابوبڪر صديقرضه ئي آهي ۽ هيئن به
فرمايو اٿن ته ”اسان هرهڪ احسان ڪندڙ کي سندس
احسان جو عيوضو ڏيئي چڪا آهيون پر حضرت ابوبڪررضه
کي سندس احسان جو بدلو قيامت جي ڏينهن حق تعاليٰ
کان ملندو“. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ سوره اليل
منجهه ڪي آيتون سندن شان ۾ نازل ڪيون آهن جن ۾
سندن سخا، پرهيزگاري ۽ مٿن ڌڻي تعاليٰ جي راضپي جو
بيان ڏنل آهي.
جڏهن ڪفار آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي
اصحابن ۽ ٻين مسلمانن کي مڪي ۾ طرح طرح جون
تڪليفون ڏيڻ لڳا ۽ جڏهن پاڻ سڳورن مسلمانن کي حبش
ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن حضرت ابوبڪر صديقرضه
ستمگرن جا سڀئي ستم صبر سان سهندو رهيو ۽ ڪڏهن به
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان جدا ٿيڻ
جو خيال نه ڪيائون. جڏهن حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن مديني ڏي هجرت ڪئي تڏهن ٽن ڏينهن تائين
ساڻن گڏ غار ثور ۾ رفيق رهيا، جتي سندس نياڻي بيبي
اسماء سڳوري کين کاڌو پهچائيندي رهي. سندس پٽ حضرت
عبداللهرضه کين قريشن جا حال احوال
پهچائيندو هو ۽ کير پهچائڻ جو ڪم سندن غلام عامر
بن فهير جي حوالي هو. چوٿين ڏينهن سندس پگهار تي
مقرر ڪيل عبدالله بن اريقط ٻه تکيون اُٺڙيون وٺي
اچي حاضر ٿيو ۽ کين مديني منوره پهچائي موٽي آيو.
هي واقعو نبوت جي تيرهين سال ربيع الاول جي مهيني
۾ ٿيو. حضرت صديق اڪبررضهر وٽ هن وقت
5000 درهم هئا جي مهاجرن جي خرچ ۽ رهائش جي
بندوبست ڪرڻ لاءِ آقا دو جهان صلي الله عليھ وآلھ
وسلم اڳيان پيش ڪيائون. مطلب ته پيغمبر خدا صلي
الله عليھ وآلھ وسلم پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي
تڪليفون ۽ سختيون اسلام لاءِ سٺيو تن سڀني ۾ ۽ پڻ
جنگين ۾ حضرت ابوبڪررضه موجود رهيا.
مثلاً غزوه بدر، احد، خندق، بني قريضه، فتح مڪه
معظمه، صلح حديبيه، حنين، طائف، تبوڪ ۽ ٻين سڀني
معرڪن ۾ شامل هئا. جن جو بيان تاريخ اسلام ۾ موجود
آهي. ڪافرن مسلمانن سان ڪل ويهه پنجويهه کن جنگيون
ڪيون جن مان هتي فقط ٿورين جا نالا ڏنا ويا آهن.
حضرت ابوبڪر صديقرضه سڀني جنگين ۾
حاضر هو. هجرت جي نائين سال حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن حضرت صديق اڪبررضه کي
پنهنجي طرفان امير الحج ۽ نائب مقرر ڪري حج پڙهائڻ
لاءِ مڪي شريف ڏي موڪليو.
عهد خلافت
هجرت جي يارهين سال حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن بيمار ٿيا ۽ حضرت ابوبڪررضه کي
نماز پڙهائڻ جو حڪم ڏنائون. بيماريءَ جي پوين
ڏينهن ۾ صبح جو خود پاڻ ڪريم جن پڇاڙيءَ واري فرض
نماز سندس پٺيان پڙهي هئي. محدثين لکن ٿا ته ارشاد
نبوي جي تعميل ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته پيغمبر صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي عين حيات ۾ به حضرت ابوبڪررضه
نماز پڙهائيندا هئا. اِمام اشعري رحه
فرمائي ٿو ته حديث ۾ ڏنل آهي ته قوم جي امامت اهو
شخص ڪرائي جو قرآن شريف جي علم کان سڀني کان گهڻو
واقف هجي. پس نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم
حضرت ابوبڪر رضه کي مهاجرن ۽ انصارن جو
منصب (امام) اِنڪري مقرر ڪيو هئائون جو سڀ کان
وڌيڪ قرآن شريف جو علم ڄاڻيندا هئا.
سڀني مسلمانن جي صلاح سان حضرت ابوبڪر صديقرضه
خليفه اول مقرر ٿيا. سڀ کان پهريون حضرت عمر رضه
بيعت ڪئي ۽ پوءِ سڀني انصارن، مهاجرن ۽ مسلمانن
بيعت ڪئي.
اسلام جي نُور ۽ پاڪ تعليم عربن کي جهالت مان ٻاهر
ڪڍيو هو، هو مهذب ۽ شريف طبع ٿي چڪا هئا پر گهڻا
اهڙا به موجود هئا جن جي دلين تي اڃا تاريڪي ڇانيل
هئي.
سنه 11هه مطابق سن 632ع ۾ حضرت ابوبڪر صديقرضه
جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. خلافت جي پهرئين ڏينهن
جي منبر تي بيهي پاڻ هيٺيون اعلان ڪيائين:
”اي مسلمانؤ! توهان مون کي پنهنجو حاڪم بنايو آهي،
جيتوڻيڪ مان اهڙو لائق نه آهيان، تڏهن به وس آهر
اوهان جي فائدي ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس.
چڱن ڪمن ۾ منهنجي مدد ڪجو ۽ برائي ڏسو ته بنا ڊپ
روڪجو. سچائي امانت آهي ۽ ڪُوڙ ڳالهائڻ خيانت.
اوهان مان جي زبردست ماڻهو زبردستي ڪري ضعيفن جا
حق ماريندا تن کان اهي حق وٺي موٽائي انهن ماڻهن
کي جي هيڻا آهن ڏيندس. وري به چوان ٿو ته جيڪڏهن
آءٌ خدا جي نافرماني ڪريان ته مون کي بلڪل نه مڃجو
۽ ان جي فرمانبرداري ڪريان ته اوهان به منهنجي
فرمانبرداري ڪجو.
ڪوڙن نبين جون دعوائون ۽ سندن شڪستون
جناب سرورِ ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي
وفات جي خبر جڏهن پري پري پهتي تڏهن اُهي صحرائي
عرب جن تازو بتن کي ڦٽو ڪيو هو ۽ اسلام اختيار ڪيو
هئائون، تن وري جهالت شروع ڪئي. ايتريقدر حالت
بنجي ويئي جو سڄي جزيرة العرب ۾ فساد ۽ بغاوت پئجي
وئي. مڪو، مدينو ۽ طائف ئي هئا جتي جا رهاڪو اسلام
تي محڪم بيٺل هئا، ان افراتفريءَ جا گهڻائي سبب
هئا، پهريو ڪوڙن نبين جون ڪوڙيون دعوائون، ٻيو
صحرائي قبيلا اسلامي قانونن جي پيروي ڪرڻ کي ڏاڍو
مشڪل ڪم سمجهندا هئا. ٽيون ته کين ڍل ڏيڻ يا زڪوات
ڏيڻ مشڪل نظر اچڻ لڳي. پر اُهي جي پڪا مسلمان هئا
۽ سندن دلين ۾ ايمان جو اثر ويٺل هو تن همت ڪين
هاري ۽ خداوند تعاليٰ کين ستت ئي فتح نصيب ڪئي.
اهي جاهل هئا جن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
جي رحلت کان پوءِ بغاوت ڪئي هئي ۽ جنگ جون تياريون
ڪري رهيا هئا پر مسلمانن جو ايمان مضبوط هو. حضرت
ابوبڪررضه به اهو محسوس ڪري ورتو ته
جيسين فسادين کي سرِميدان نه جيتبو تيسين جزيرة
العرب ۾ امن امان مشڪل رهي سگهندو.
حضرت اسامه رضه جي شام تي چڙهائي
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن اها وصيت ڪري ويا
هئا ته شام تي ضرور فوج ڪشي ڪجو ڇاڪاڻ جو دمشق جو
رومي سلطنت جو صوبو هو اتان جي سرحدي ضلعي جي حاڪم
پيغمبري وفد کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو ۽ ٻيو ته اُتر
سرحد جي عيسائين موتا جي ڳوٺ تي حملو ڪري حضرت زيد
بن حارثرضه کي شهيد ڪري وڌو هو. حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جنگ جو جهنڊو پنهنجن
مبارڪ هٿن سان پاڻ ئي ٺاهيو هو. حضرت صديق اڪبررضه
خليفي ٿيڻ پڄاڻان جو پهريون خيال ڪيو هو سو هو
حضرت اسامه رضهکي شام ڏي رواني ڪرڻ جو.
سندس اهڙو ارادو معلوم ڪري ڪيترائي اصحاب سڳورا
وٽس آيا ۽ عرض ڪيائونس ته وقت بلڪل نازڪ آهي. هڪڙي
پاسي ڪوڙا نبي ته ٻئي پاسي زڪوات جا منڪر. ٻئي
ڌريون اسان سان وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن.
مهرباني فرمائي اسلامي لشڪر ٻاهر نه موڪليو. پر
حضرت ابوبڪررضه نه مڃين ۽ چيائين ته
جو جهنڊو خود حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پاڻ
جوڙيو آهي سو آءٌ بلڪل ڪين ڇوڙيندس. پوءِ حضرت
اسامهرضه کي رواني ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڳچ
پنڌ پيادو ساڻس گڏجي کيس اُماڻي آيو.
اسلامي لشڪر جي شام ڏي وڃڻ جو ٻڌي مرتد ڏاڍو خوش
ٿيا. هو مديني تي ڪاهي آيا. پر آخر شڪست کاڌائون.
40 ڏينهن پڄاڻان حضرت اسامه به خير سان شام کان
موٽيو. حضرت ابوبڪررضه اسلامي لشڪر کي
يارهن حصن ۾ ورهائي عربستان جي جدا جدا ڀاڱن ڏانهن
روانو ڪيو ۽ پنهنجن سپه سالارن کي هدايت ڪيائين ته
هي جنگ اُنهن سان آهي، جي اسلام کان ڦري ويا آهن.
نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن مان پهريون اسود عنسي
هو. جنهن يمن ۾ پاڻ کي نبي سڏايو هو پر ستت ئي
سندس مارجڻ جي خبر خليفي کي پهتي. اها پهرين
خوشخبري هئي. ٻئي ڪوڙي نبي جو نالو طليحه هو، ان
به حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي حياتيءَ ۾
نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي. هو حضرت خالد بن وليدرضه
کان شڪست کائي ڪجهه وقت شام ملڪ ڏي ڀڄي ويو پر
پوءِ توبهه ڪري وري مسلمان ٿيو ۽ حضرت عمر فاروق
اعظمرضه جي ڏينهن ۾ نهاوند جي جنگ
منجهه شهيدٿيو. ٽيون ڪوڙو نبي مسيلمه ڪذاب نالي
يمامه جو هڪڙو شخص هو. هو اهڙو ته ڪوڙو هو جو حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن لقب ئي ڏنو اٿس ”ڪذاب“
هن هجرت جي يارهين سال حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو پر پوءِ
ڳوٺ وڃي پاڻ سڳورن کي چوائي موڪليائين ته جيڪڏهن
پنهنجي وفات بعد عربستان جو حاڪم مون کي ڪري وڃو
ته پنهنجن ماڻهن سوڌو اوهان جي مدد لاءِ تيار
آهيان. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جواب
موڪليس ته تون جلد ئي پنهنجن ڪرتوتن جي سزا
ڀوڳيندين. اهو جواب ٻڌي مسلمانن سان وڙهڻ جون
تياريون ڪرڻ لڳو. پر حضرت خالد بن وليدرضه
جي هٿان يمامه جي جنگ ۾ شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو.
هن جنگ ۾ مسلمانن ڏاڍي بهادري ڏيکاري. مسيلمه ڪذاب
جي چاليهن هزارن ماڻهن مان ايڪيهه هزار مارجي ويا
۽ مسلمانن جي تيرهن هزارن مان ڪل هڪ هزار ۽ ٻه سو
شهيد ٿيا جن مان ست سو قرآن مجيد جا حافظ هئا.
مرتدن سان جيڪي به جنگيون لڳيون تن مان هيءَ يمامه
جي جنگ بلڪل سخت ۽ نازڪ ليکجي ٿي.
ٽين دعويدار سجاح بنت حارث بني تغلب جي قبيلي مان
هڪ عورت هئي ۽ نبوت جي دعويٰ ڪئي هئائين، هن
مسيلمه ڪذاب سان شادي ڪئي هئي ۽ سندس مارجڻ کان
پوءِ آخرڪار توبهه ڪري وري به مسلمان ٿي پئي.
بيروني فتوحات
اهڙيءَ طرح خلافت صديقيءَ جو پهريون سال پورو ٿيو.
اسلام جي ان نازڪ وقت ۾ جا همت ۽ سياڻپ حضرت صديق
اڪبررضه ڏيکاري تنهن جو مثال ڳوليو
ڪين لڀندو. مشڪلاتون وڏيون هيون ته اسلام ۾ سندس
ايمان ان کان به وڏو هو. سندس سچائي نيٺ پنهنجو ڪم
ڪري ورتو ۽ عربستان وري به ساري جو سارو مسلمانن
جي هٿ ۾ آيو.
خلافت صديقي جي ٻئي سال بيروني فتوحات جو سلسلو
شروع ٿيو، جيئن ته سن 12هه مطابق سن 633ع ۾ عربن
پهريون گهمرو عراق عرب
Mesopotemia
تي حملو ڪيو ۽ حيرا جا علائقا فتح ڪيا. هتي اڳ
عربن جهڙي هڪ قوم رهندي هئي پر ايران جي ماتحت هئي
پر تاريخن مان اها خبر ٿي پئي ته پهريون عاد ۽
عمالق عربي خاندان وارن عراق تي حملو ڪيو هو ۽ يمن
جي فرمانروائن جي حڪومت ڪنهن زماني ۾ ڏاڍي طاقت
ور هئي ڇاڪاڻ جو انهن ڪيترا ڀيرا عراق تي حملو ڪيو
هو ۽ واديءَ الرومينا جي علائقن تي قبضو ڪيو
هئائون. نوٽ (وادي الرومينا فرات ۽ نجد جي وچ واري
علائقي کي سڏين ٿا) ٻيا به ڪي اهڙا عرب قبيلا هئا
جي فارس جي علائقن ۾ گهر ڪري ويٺا هئا پر آخر فارس
جي فرمانروائن جي هنن سان عداوت پئجي ويئي. حجر
کان وٺي فرات نديءَ جي شاخن تائين ۽ اُتر ۾ شام جي
ڍنڍ کان وٺي هوران تائين اُنهن علائقن ۾ عيسائين
جا رولو قبيلا رهندا هئا اُنهن مان جيڪي شام ۾
رهندا هئا سي قسطنطنيه جي بازنطيني شهنشاهيت جي
ماتحت هئا ۽ سندن مشرقي قبيلا جيئن بنو تغلب وغيره
سي ايران جي حڪومت جي ماتحت هئا.
دنيا ۾ (ماوراءِ النهر)
Transoxiana
۽ عراق جا ملڪ قدرتي ملڪ آهن. عراق ۾ فرات
Euphrates
۽ دجله
Tigris
ندين جي شاداب علائقن قديم زماني کان بادشاهن کي
پنهنجي طرف مائل ڪري ويڙهايو آهي. دجله ندي آرمينا
جي جبلن مان نڪري ٿي ۽ فرات ندي طارس جبل مان نڪري
ٿي. ٻئي نديون ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون پر سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ٿورن سون ميلن جي مفاصلي تي ٻئي
نديون پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي پون ٿيون، جيئن هندوستان ۾
گنگا ۽ جمنا نديون اله آباد وٽ پاڻ ۾ گڏجن ٿيون.
تيئن فرات ۽ دجله جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون اُتي هڪڙي
نالي (شط العرب) سان سڏجن ٿيون. مٿيون علائقو جو
ٻن ندين جي وچ ۾ آهي تنهن کي الجزيره يا
ميسوپوٽيميا جي نالي سان اڄ ڏينهن سوڌو سڏجي ٿو.
عراق جي سرحد واري علائقي کي اسيريا
Assyria
سڏين ٿا ۽ وري بغداد جي هيٺين علائقي کي بابل
Baby Lonia
سڏين ٿا. هن ملڪ جا افسانه تاريخن ۾ مشهور آهن.
هتي جي بادشاهه بخت نصر جنهن جي ظلم جي داستانن
کان تاريخن جا ورق رنگين آهن، تنهن بيت المقدس کي
تاراج ڪيو هو ۽ عربستان تي به حملا ڪيا هئائين.
گهڻائي عرب قبيلا بابل جي ماتحت ٿي چڪا هئا. وري
حجر جي وچ وارو ملڪ قلاديا
Chaldea
سڏجي ٿو پر عرب مٿين سڀني علائقن کي گڏي (عراق
عرب) سڏين ٿا.
جدا جدا قومن جا ماڻهو وقت بوقت هن ملڪ جي درياهن
تي بيٺڪون جوڙي وسيع شهر ٻڌي اچي ويٺا جيئن نينواه
جيڪو هاڻوڪي موصل جي ڀرسان آهي، سو ڪنهن زماني ۾
طاقتور اسيريا جي بادشاهن جو تختگاهه هو، سو دجله
جي ڪناري تي ٻڌل هو. ساڳيءَ طرح ساساني شهنشاهن جو
تختگاهه مدائن جو شهر به دجله جي ڪناري تي بيٺل
هو. جناب سرورِ ڪائنات محمد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي زماني ۾ ساساني خاندان جو چوٿون دور هو،
جو نوشيروان عادل جي ڪري گهڻو مشهور آهي ۽ پيغمبر
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي زماني ۾ هن جو پوٽو
خسرو پرويز تخت تي هو. پرويز کان پوءِ ساسانين ۾
نااتفاقي پوندي ويئي.
اهڙيءَ طرح وچ ترڪستان ۾ سِير ۽ آمو درياهن جا مرغ
زار به عراق جي شاداب علائقن وانگر دلڪشا آهن. هتي
جي شاندار قومن جا ڪارناما نه رڳو شاهنامي ۾ موجود
آهن پر تاتارين ۽ ترڪمانن جو اولاد اڃا سوڌو دنيا
تي حڪمراني ڪري رهي آهي، جيئن عثماني ترڪ
Ottoman Turks
سندن ئي اولاد آهن.
حضرت ابوبڪررضه جي ڏينهن ۾ حضرت خالد
بن وليدرضه ۽ حضرت مثنيٰ بن حارثرضه
عراق جي مظلوم عربن جي سنڀال ورتي. حضرت مثنيٰٰ بن
حارث شيبانيرضه حضرترضه
وانگر بهادر جرنيل هو پر سندس نرم طبيعت ۽ حضرت
خالد بن وليدرضه جي وچ ۾ وڏو تفاوت هو.
هنن جنگين ۾ دشمنن ڪيتريون ئي سخت شڪستون کاڌيون.
نتيجو اهو نڪتو جو حيره (عراق) هڪڙي عرب رياست
بنجي پيئي. عرب آزاديءَ سان رهڻ لڳا. حيره جي فتح
ايراني شهنشاهه جون اکيون کولي ڇڏيون، ڇاڪاڻ جو
هنن ويٺي ڏٺو ته هڪ نئين طاقت صحرا مان پيدا ٿي،
هن وقت سندن دروازي اڳيان بيٺل هئي. جن وٽ هم
خياليءَ ۽ ايمان جا هٿيار موجود هئا پر وسيع
ايراني شهنشاهيت جنهن جي هٿ هيٺ هن وقت ايران،
ترڪستان، بلخ ۽ هندوڪش جبلن تائين ملڪ هئا، تنهن
صورت ۾ عرب جي ڪن صحرائي قبيلن جي هنن کي ڪائي
پرواهه ڪانه هئي. يڪدم ايرانين جي هڪڙي وڏي فوج
لشڪر اسلام جي مقابلي لاءِ رواني ٿي. حضرت مثنيٰ
کي جڏهن غنيم جي طاقت ۽ دولت جي خبر پئي، تڏهن
موٽي مديني منوره ڏانهن خليفي کان مدد وٺڻ جي
ارادي سان آيو پر خليفة المسلمين هن وقت سخت بيمار
هو.
خلافت صديقي جي ٽئين سال يعني هجرت جي تيرهين
ورهيه حضرت صديق اڪبررضه مسلمانن کي
ملڪ شام ۽ فلسطين تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت
اهي ملڪ قسطنطنيه جي رومي شهنشاهه هرقل جي هٿ هيٺ
هئا. اتي جي نصارن ڳچ وقت کان مسلمانن سان کؤنس
پئي ڪئي. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ڏينهن ۾
مسلمانن جو تبوڪ ڏي وڃڻ توڙي حضرت اسامهرضه
جي هٿ هيٺ لشڪر جو موڪلڻ به انهن سان ئي وڙهڻ جي
واسطي هو. حضرت ابوبڪررضه عرب جي جدا
جدا سردارن کي خط موڪليا جن جهاد في سبيل الله
لاءِ لشڪر ڏيڻ جو انجام ڪيو. فوجن کي موڪلڻ کان اڳ
حضرت ابوبڪررضه هڪ مجلس برپا ڪئي، جتي
شام جي حملي متعلق راءِ پڇيائون ۽ لشڪر جي تنظيم
هيٺينءَ طرح ڪيائون. يزيد بن ابي سفيان دمشق جي
طرف کان، حضرت شرحبيلرضه اردن جي طرف
کان، حضرت عمرو بن العاصرضه فلسطين جي
طرف کان ۽ ابو عبيده بن جراح حمص کان شام طرف پيش
قدمي ڪندا. تنهن کان سواءِ شام طرف ويندڙ اسلامي
لشڪر جو سپهه سالار حضرت ابوعبيده بن جراحرضه
هو جنهن اجنادين جي معرڪي ۾ عيسائين کي زبردست
شڪست ڏني (جڏهن ته شام ۾ ٿيل ٻئي معرڪي يرموڪ جي
جنگ ۾ حضرت خالد بن وليدرضه نصارن جي
خلاف سپهه سالار هو) هوڏانهن عراق جي مهم لاءِ
مثنيٰرضه مديني منوره مدد گهرڻ لاءِ
آيو هو پر افسوس جو اهڙي نازڪ موقعي وقت تي حضرت
ابوبڪررضه 22 جمادي الثاني سن 13هه
يعني 22 آگسٽ 634ع ۾ 63 ورهين جي عمر ۾ رحلت
فرمائي. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. پاڻ بدن ۾
سنها پر خوبصورت هئا، ماڻهن جي ڀلي لاءِ گهڻا ڪم
ڪيائون. سندن پوشاڪ ۽ کاڌو سادو هو. ابتدا ۾
پنهنجي خرچ جو انتظام پنهنجي ملڪيت مان ڪندا هئا.
کين گهرو خرچ جي پورائي ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي
هئي. تنهن ڪري اصحابن کين 6000 درهم بيت المال مان
ساليانو وظيفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. وفات مهل حڪم
ڏنائون ته منهنجي فلاڻي فلاڻي شئي کي وڪڻي فلاڻن
فلاڻن کي ڏجو، ڇاڪاڻ جو پاڻ هنن کان قرض کنيو
هئائون. اهڙا هئا آقاءِ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جا اصحاب ۽ جاءِ نشين جن کي وفات مهل به
اُمت لاءِ ڳڻتي هئي.
خلافت حضرت عمر الفاروق اعظم رضه
حضرت ابوبڪر صديقرضه وفات وقت حضرت عمر
بن الخطابرضه کي گهرائي کيس نيڪيءَ ۽
نرميءَ جون ڪيتريون ئي نصيحتون ڪيون. حضرت ابوبڪررضه
ڪل چار شاديون ڪيون جن مان ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون
ڄايس. پٽن مان حضرت عبدالله ته طائف جي جنگ ۾ زخمن
رسڻ ڪري اڳيئي رحلت ڪري ويو هو ۽ باقي ٻه حضرت
عبدالرحمان ۽ محمد رضي الله عنهما سندس وفات وقت
حاضر هئا. نياڻين مان هڪڙيءَ جو نالو حضرت اسماءَ،
ٻيءَ جو نالو حضرت بيبي عائشھرضه ۽ ٽين
جو نالو اُم ڪلثوم هو. حضرت اُم ڪلثوم سندس انتقال
کان ڇهه مهينا پوءِ ڄائي هئي. حضرت صديق اڪبررضه
جو پوڙهو پيءُ حضرت ابو قحافهرضه سندس
وفات وقت اڃا حيات هو سندس عمر هن وقت 97 سال هئي.
حضرت عمر بن الخطابرضه خليفو ثاني
ليکجي ٿو. سندن نسل 11 پيڙهي ۾ سرڪار دوجهان صلي
الله عليھ وآلھ وسلم سان وڃي لڳي ٿي اُهو شجرو هن
ريت آهي عمر بن الخطاب بن نفيل بن عبدالعزي بن
رياح بن عبدالله بن قرط بن ازاح بن عدي بن کعب بن
لوي بن غالب بن فهر بن مالک بن النضربن کنانة بن
خزيمه بن مدرکة بن الياس بن مضر بن نذار بن معد بن
عدنان.
حضرت عمر بن الخطابرضه جو خاندان قريش
۾ ممتاز هو، ڇاڪاڻ جو سندس وڏا عدي بن مصيص اهل
قريش جي طرفان سفارت جو ڪم ڪندا هئا. جڏهن قريشن
جو ڪنهن ٻئي قبيلي سان تڪرار ٿيندو هو تڏهن عدي کي
فيصلي ڪرڻ لاءِ قريش موڪليندا هئا. تنهن کانسواءِ
هو فصيح معامله فهم ۽ ذميوار حيثيت رکندو هو. عدي
جي وفات ڪرڻ پڄاڻان مٿئين منصبيءَ جو ڪم عدي جا
پويان نسل در نسل ڪندا آيا ۽ واقعي اهل قريش ۾
اهڙي قومي خدمت انجام ڏيڻ لاءِ هن خاندان کان وڌيڪ
ٻئي ڪنهن جو ڪم نه هو. سندس پيءُ الخطاب اهل قريش
۾ ممتاز حيثيت رکندا هئا ۽ قريش جا سڀ خاندان سندس
عزت ۽ احترام ڪندا هئا. الخطاب ممتاز ۽ شريف
گهراڻن مان ڪي نڪاح ڪيا ۽ کيس بيبي ختمه جي تن مان
جناب حضرت عمررضه ڄائو. مٿين بيبي عرب
جي مشهور رئيس حشام بن مغيره جي نُور نظر هئي.
ائين روايت ڪن ٿا ته حضرت عمررضه هجرت
نبوي کان چاليهه ورهيه اڳ تولد ٿيا هئا ۽ عام
الفيل کان 13 سال بعد عالم اسباب ۾ تشريف
فرمايائون. طفوليت جي زماني ۾ اُٺن چارڻ جو ڪم
ڪندا هئا ۽ اُٺن کي وارياسي پوٺن ۾ ڇڏي پاڻ ڪشتي
لڙڻ، تير اندازي، گهوڙي سواري ۽ تلوار هلائڻ جي
مشق ۾ مصروف رهندا هئا. مٿين فنون ۾ ايترو ڪمال
حاصل ڪيائون جو ٻئي ڪنهن کي ايتريقدر ڪمال ورلي
حاصل هو. مشهور عڪاز جي ميلي تي جڏهن عرب پهلوان
گڏ ٿيندا هئا تڏهن پاڻ مشهور نامورن پهلوانن سان
ڪشتي لڙندا هئا، اهل محفل وارا سندن ڪمال فن ۽ قوت
کي ڏسي حيرت ۾ غرق ٿي ويندا هئا. اهڙيءَ طرح حضرت
عمر فاروقرضه جي جوان مردي، ڪمال فن،
دليريءَ ۽ جرئت جو اظهار ٿيڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو عڪاز
جي ميلي تي عرب جا وڏا وڏا پهلوان ايندا هئا. اُهو
ساليانو ميلو عربستان ۾ مشهور هو.
عرب جي اڪثر شرفاء ۽ امراء جي معاش جو ذريعو واپار
هوندو هو، تنهن ڪري حضرت عمررضه اسلام
کان اڳ واپار ڪندا هئا ۽ مڪي شريف کان پري پري
تائين سفر ڪيا هئائون. مٿين سفرن ۾ گهڻن ئي فنن
جي ماهرن سان ملاقاتون ڪيائون ۽ انهن جي خيالات
مان مستفيد ٿيا.
اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ سندن مذهب به ساڳيو هو،
جهڙو ٻين عربن جي امرائن جو هو. مگر منجهن فرق رڳو
ايترو هو جو برن اعمالن مثلاً شراب نوشي جنهن ۾
عرب جا ٻار به مبتلا هئا. تنهن کان پرهيز ڪندا هئا
۽ اسلام کان اڳ مسلمانن سان نهايتي سختيون ڪندا
هئا پر پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوي سان به سختي ڪئي هئائون
ڇاڪاڻ جو هو اسلام جي حلقي ۾ اچي چڪا هئا. جناب
سرور ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سندس شدت
کي ڏسي دعا ڪئي هئي ته ”اي خدا عمرو بن هشام
(ابوجهل) ۽ عمر بن الخطاب مان ڪنهن هڪ کي ملت
قدسيه ۾ شامل ڪر ۽ کانئن اسلام کي باشوڪت ۽ باقوت
ڪر“ نبي ڪريم عليھ الصلوات و السلام جي دعا ڪرڻ هن
ڳالهه جي شاهدي ٿي ڏئي ته آنحضرت عليھ السلام جي
دعا قبول ٿي ۽ حضرت عمررضه اسلام تي
ايمان آندو ۽ ابوجهل پنهنجي هوڏ ۽ بدبختيءَ جي ڪري
اسلام کان نامراد رهجي ويو.
جڏهن مڪي ۾ ڪفارن ڏٺو ته حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم روز بروز پنهنجي تبليغ ۾ ڪامياب
ٿيندو ٿو وڃي ۽ بتن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو
اٿائين تڏهن هنن اهو فيصلو ڪيو ته جيڪو شخص حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي شهيد ڪندو،
تنهن کي ڪيترائي اُٺ انعام ۾ ملندا. اهو اعلان ابو
جهل ڪيو. جنهن تي حضرت عمررضه جو سڀني
۾ پهلوان هو، تنهن ٽپ ڏيئي چيو ته اهو ڪم مان پورو
ڪندس. پوءِ سڀني ڪفارن سندس همت تي کيس آفرين
نامه ڏنا.
هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي گهران حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم کي شهيد ڪرڻ لاءِ هٿيار پنهوار
پهري سنڀري نڪتو. واٽ تي هن کي هڪڙي شخص عبدالله
بن نعيم خبر ڏني ته تنهنجا ويجها عزيز ڀيڻ ۽
ڀيڻويو به مسلمان ٿيا آهن، انهيءَ ٻُڌڻ تي هو هنن
جي گهر ويو. انهيءَ وقت حضرت عمررضه جي
ڀيڻ حضرت فاطمه ۽ سندس ڀيڻويي حضرت سعيد قرآن شريف
جي تلاوت پئي ٻڌي جا هڪڙي اصحابي حضرت خباب نالي
ويٺي ڪئي. انهيءَ جي پڙهڻ جو آواز حضرت عمررضه
جي ڪن تي ٻاهران پيو. هو جڏهن اندر آيو تڏهن حضرت
خباب رضه لڪي ويو ۽ هن حضرت سعيد کان
پڇيو ته ڇاجي پڙهڻ جو آواز هو. هو ڊڄي ويو ۽ منجهي
ويو، تنهن تي حضرت عمر کي پڪ ٿي ته هو مسلمان آهي
۽ هن کي مارڻ لڳو. حضرت سعيد کي سندس زال بيبي
فاطمه ڇڏائڻ لڳي. هن کي به منهن ۾ ڌڪ لڳي ويو ۽ هن
جو منهن رت سان ڀرجي ويو. حضرت عمر ڀيڻ جو رت ڏسي
هٽيو. انهيءَ تي حضرت فاطمه چيس ته هائو ”اسين
مسلمان آهيون، هاڻي جيڪي وڻيئي سو ڪر“حضرت عمر چيو
ته ”مون کي پڙهي ٻڌايو جيڪي اڳ ۾ ويٺي پڙهيو.“
پوءِ حضرت خباب نڪري آيو ۽ هن کي صورت طھٰ جو
پهريون رڪوع پڙهي ٻڌايائين. حضرت عمررضه
اهو ٻڌي چوڻ لڳو ته ”هي ڳالهه ڏاڍي چڱي ٿي ڏسجي.“
انهيءَ تي حضرت خبابرضه چيس ته ” حضرت
عمررضه مان ڀانيان ٿو ته خدا تعاليٰ
توکي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي دعا تي
پنهنجي ڪم لاءِ مقرر ڪيو آهي. ڇو ته مون ڪالهه هن
کي چوندي ٻُڌو هو ته ”اي خدا، ابوجهل کي يا حضرت
عمررضه کي اسلام ۾ آڻي هن کي زور
وٺاءِ“ انهيءَ تي حضرت عمر حضرت خبابرضه
کي چيو ته ”مون کي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
وٽ وٺي هل.“ پوءِ هو ٻئي گڏجي حضرت ارقمرضه
جي گهر ڏي ويا. جڏهن حضرت عمررضه در
کڙڪايو تڏهن در جي هڪ سوراخ مان حضرت امير حمزهرضه
۽ ٻين ڏٺو ته حضرت عمررضه آهي ۽ ڪجهه
ڊڄي ويا پر حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن چين
ته در کوليو. جڏهن حضرت عمررضه اندر
آيو تڏهن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم هن کي چيو
ته ”اي عمر تون شايد تيسين اسان کي تڪليف ڏيڻ کان
ڪين رهندين جيستائين توتي ڪا مصيبت نازل ٿئي.“
حضرت عمررضه جواب ڏنو ته ”آءٌ قسم ٿو
کڻان ته توهان بيشڪ خدا جا پيغمبر آهيو“ انهيءَ تي
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن خوش ٿي چيو ته
”الله اڪبر“حضرت عمررضه جو اسلام ۾
داخل ٿيڻ مسلمانن لاءِ وڏي فائدي جي ڳالهه هئي. هو
بلڪل بهادر ۽ زور وارو مڙس هو ۽ مڪي ۾ هن جي پڄندي
به گهڻي هئي. اڪثر قريش هن کان ڊڄندا هئا. سندس
ڄمار اسلام ۾ اچڻ وقت فقط 26 ورهيه هئي. هو بلڪل
قدوارو مڙس ۽ ڪاوڙيل طبيعت جو هو. هن وقت کان پوءِ
مسلمانن پنهنجي عبادت وغيره لاءِ حضرت ارقمرضه
جو گهر ڇڏي ڏنو ۽ ظاهر ظهور ڪعبة الله ۾ نمازون
پڙهڻ لڳا. آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم کين
(فاروق) جو انڪري لقب ڏنو جو سندس اسلام ۾ داخل
ٿيڻ کان پوءِ مسلمان کليءَ طرح سان ميدان ۾ نڪري
نروار ٿيا، نه ته اڳ ڪفارن جي خوف کان لڪي عبادت
ڪندا هئا. حضرت عمررضه جنگ بدر ۾ جيڪي
ڪارناما ڏيکاريا سي اظهر من الشمس آهن. جيئن ته
خود پنهنجي مامي کي به قتل ڪيائون جو ڪفارن جو
مددگار هو. جنگ احد ۾ جڏهن ڪفارن مسلمانن تي تير ۽
پٿر وسايا ۽ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن به
زخمي ٿي خندق ۾ ڪري پيا ۽ جڏهن ڪفارن سندن شهادت
جو اُفواهه هلايو تڏهن ڪجهه مسلمان به ميدان ڇڏي
ڀڳا پر حضرت عمررضه برابر استقلال سان
وڙهندا رهيا. ايتريقدر جو ڪفارن جا حوصلا خطا ٿي
ويا. هن معرڪي کان پوءِ پاڻ پنهنجي نياڻي بيبي
حفصه سڳوريءَ جو نڪاح آقاءِ رسول صلي الله عليھ
وآلھ وسلم سان ڪرائي ڇڏيائون. تنهن کان سواءِ
حديبه ۽ فتح مڪه وقت جڏهن ماڻهن بيعت ڏني تڏهن پاڻ
سڳورن حضرت عمررضه کي حڪم ڏنو ۽ گهڻين
ئي عورتن سندن دست حق تي بيعت ورتي.
سندن انتخاب خليفي جي حيثيت سان
جڏهن حضرت ابوبڪررضه جي بيماري وڌندي
وئي ته کين اهو فڪر ٿيو ته کانئن پوءِ خلافت جي
ذميداري ڪير سنڀاليندو؟ ڪافي سوچ ويچار بعد انهيءَ
نتيجي تي پهتا ته حضرت عمررضه کي هي
وڏو منصب سونپيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي شخص وٽن
عيادت لاءِ ايندا هئا، تن سان مشورو به ڪندا هئا.
صرف حضرت عبدالرحمان بن عوفرضه چيو ته
حضرت عمررضه هر لحاظ کان بهتر آهن پر
ذرا سخت مزاج آهن. انهيءَ جو جواب حضرت ابوبڪر
صديقرضه اهو ڏنو ته مون کي يقين آهي ته
جڏهن حضرت عمررضه کي خلافت سان نوازيو
ويندو ۽ انهيءَ جي ذميدارين جو بار انهن تي پوندو
ته پاڻ خودبخود صلح ڪندڙ ۽ نرم ٿي ويندا. اهڙي طرح
سڀئي اصحاب سڳورا حضرت عمررضه جي
انتخاب جي باري ۾ راضي ٿي ويا. جڏنهن حضرت ابوبڪررضه
وفات ڪئي ته انهيءَ جي ٻئي ڏينهن صبح ئي سندن هٿ
تي مسلمانن بيعت شروع ڪري ڏني ۽ سنه 13هه ۾ پاڻ
خلافت جي منصب تي فائز ٿيا. حضرت صديقرضه
پنهنجي وصيتنامي تي هي الفاظ لکيا ته مون پنهنجي
رشتيدار کي خليفو ڪونه بنايو آهي. هڪ اهڙي شخص کي
منتخب ڪيو اٿم جو منهنجي نزديڪ توهان مان سڀن کان
بهتر آهي. تمام وڏن اصحابن جهڙوڪ حضرت عليرضه،
حضرت عثمانرضه ۽ حضرت عبدالرحمانرضه
بن عوف وغيره سندن هٿ تي بيعت ڪئي. حضرت صديقرضه
وصيت ڪئي هئي ته منهنجي وفات کانپوءِ سڀ کان پهرين
اهو ڪم ڪجو جو مثنيٰ جيڪو عراق جي فتح جي مهم تي
مقرر ڪيو ويو آهي، تنهن جي پوري مدد ڪجانءِ. اهو
دين جي حرمت جو معاملو آهي. تنهنڪري حضرت عمررضه
سڀ کان پهرين عراق تي فوج رواني ڪئي.
بيروني فتوحات
جناب حضرت عمر فاروقرضه جو خلافت تي
ويهڻ اسلام لاءِ دولت ۽ عظمت جو سبب هو. هي خليفو
پختي اخلاق وارو، تيز فهم، انصاف پرست ۽ نيڪ نيت
انسان هو. هي اُهو اسلام جو ڪنمبل پوش شهنشاهه هو
جنهن جي عهدِ مبارڪ ۾ نه فقط مسلمانن ايران جي
ساسانين کي مات ڪري ڇڏيو هو پر رومين جي عظمت کي
خاڪ ۾ ملائي اسلام جو سڪو ڪفارن جي دلين تي ويهاري
ڇڏيو. انصاف پرست وري اهڙو هو جو (خلافت فاروقي)
جو زمانو خلق خدا لاءِ ڄڻ برڪت هئي.
اسين اڳ چئي چڪا آهيون ته بيروني فتوحات جو سلسلو
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ئي ڏينهن کان
جاري ٿيو هو. تنهن کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديقرضه
جي عهد مبارڪ ۾ عربن شام ۽ عراق تي فوج ڪشي ڪئي
هئي. پر افسوس جو انهي وچ ۾ خليفي اولرضه
انتقال ڪيو. پر حضرت عمر فاروقرضه جي
خلافت تي ويهڻ شرط پاڻ بيروني فتوحات جي ڪم کي زور
وٺايائون.
خلافت نشيني وقت جڏهن عرب جي جدا جدا قبيلن جا
ماڻهو مديني منوره ۾ بيعت ڪرڻ آيا تڏهن اهڙي موقعي
کي غنيمت ڄاڻي حضرت خليفي ثانيرضه اُٿي
عام ۽ خاص ماڻهن کي جهاد في سبيل الله لاءِ دعوت
ڏني. ٽن ڏينهن تائين حضرت عمررضه واعظ
ڪيو. آخر چوٿين ڏينهن جوش ۽ همتِ مردانگيءَ جو بي
پايان سمنڊ مسلمانن جي دلين ۾ لهرون هڻڻ لڳو. ابو
عبيد ثقفيرضه ، جو عرب جي ممتاز قبيلي
تقيف جو رئيس هو، سو هن وقت اُٿي کڙو ٿيو ۽ عراق
تي حملي ڪرڻ لاءِ جهنڊو کوڙيائين. ابو عبيد ثقفيرضه
پنهنجي وقت جو پهلوان ۽ مردِ ميدان سپاهي هو.
خليفي ثاني رضه کيس هڪ هزار جانباز
مجاهدن جي فوج حوالي ڪئي ۽ اک ڇنڀ ۾ عربن فرات
نديءَ جي اولهندي ڪپ تي وڃي خيما کوڙيا. جڏهن عراق
جي حاڪم کي خبر پئي تڏهن پنهنجي ٻن سپهه سالارن
نرس ۽ جابان جي هٿ هيٺ فوجون عربن جي مقابلي لاءِ
روانيون ڪيائين. مسلمان ايراني فوجن جي مقابلي ۾
اٽي ۾ لوڻ جي برابر به ڪين هئا.
اسلامي فوجن جو صدرگاهه هن وقت خفان ۾ هو. حضرت
ابوعبيده رضهخداتعاليٰ تي ڀروسو رکي
جابان جي مقابلي ۾ نڪتو، آخر حق کي فتح ٿي ۽ باطل
شڪست کاڌي. عراقين جي پهرين حملي کان پوءِ نرسي،
جو ڪسڪر جي مقام وٽ مسلمانن جي انتظار ۾ ويٺو هو،
تنهن حملو جاري ڪيو. پر ابو عبيدرضه
جي هٿان شڪست کاڌائين. جڏهن مٿين شڪستن جون خبرون
مدائن پهتيون تڏهن ساساني تاجدار
4000 لشڪر تيار ڪري پنهنجي هڪڙي زبردست فوجي
مهندار مردان شاهه جي هٿ هيٺ ڏياري موڪليو. هن وٽ
بيشمار گهوڙا، هاٿي ۽ جنگي سامان هو. تنهن
کانسواءِ سندس سپاهي تازه دم هئا. مسلمانن وٽ نه
رڳو سامان بار برداري هو پر وٽن سامان جي رسد به
ڪين هو ڇاڪاڻ جو مدينة المنوره ڏانهن نه ڪا خبر
موڪلي هئائون ۽ نه وري اتانهون ڪا ڪمڪ رواني ڪئي
ويئي هئي. حضرت ابو عبيد رضهخدا تي
توڪل رکي فرات نديءَ کي ٽپي هن ڀر ويو ۽ دشمنن جي
صفن کي چيريندي جام شهادت نوش فرمايائين. پر ساڻن
جيڪي به مسلمان هئا تن به شهادت جو جام پيتو پر
موٽ ڪين کاڌائون. هي المناڪ واقعو ماهه رمضان
المبارڪ سن 13هه ۾ ٿيو. وڌيڪ لکي نه ٿو سگهجي رڳو
ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته فرات نديءَ جي لهرن ۽
واريءَ جي زرن هن المناڪ حادثي کي ڏٺو. جناب فاروق
اعظم جي زماني ۾ مسلمانن جو عراق تي هي پهريون
حملو هو.
ايرانين عربن جي تلوار خون آشام جو مزو چکي ڏٺو هو
سو حملي کي جاري رکندا پئي آيا. هيڏانهن جڏهن حضرت
عمر رضهکي مسلمانن جي شهادت جي خبر
پهتي تڏهن هڪدم خطبو جاري ڪيائون ۽ هڪ وڏيءَ جنگ
لاءِ مسلمانن کي دعوت ڏنائون. الغرض ذوق جهاد في
سبيل الله مسلمانن جي دلين ۾ ايتريقدر جاڳيو جو
گهڻائي عرب جا رئيس ۽ امراءُ ساز و سامان ۽ فوجن
سميت اچي حاضر ٿيا ڇاڪاڻ جو هڪڙي طرف حق ۽ باطل جو
مقابلو هو ٻيءَ صورت ۾ ٻن قومن يعني عرب ۽ عجم جو
مقابلو هو.
ان وقت ايران جا اندروني انتظام چڱا ڪين هئا. ملڪ
۾ جابجا گهرو فساد لڳل هئا. خاص ڪري نوشيروان جي
پوٽي پرويز کان پوءِ ايرانين ۾ اچي نااتفاقي پيدا
ٿي، ۽ پوران دخت جي زماني ۾ ته نسورو وڳوڙ پيل هو.
کيس خوف هو ته متان سڄيءَ سلطنت ۾ نه فساد پئجي
وڃي. هن خراسان جي صوبيدار فرخ زاد جي پٽ رستم کي
جو پهلوانيءَ ۾ لاثاني هو پنهنجي فوجن جو سپهه
سالار مقرر ڪيو، جنهن ڪري البته فسادن تي ڇنڊو
پيو. پر تازو جو بويب جي جنگ ۾ شڪست کاڌائون، تنهن
ڪري وري اندروني فساد مٿو ڪڍيو، نتيجو اهو نڪتو جو
سلطنت جي مدبرن ۽ حڪومت جي صلاح ڪارن پوران دخت کي
تخت تان لاهي يزد جرد
Yezdjard
کي تخت تي ويهاريو. جو سورهن ورهين جي عمر جو هو ۽
بلڪل شوخ طبع هو. هن عربن کي نه فقط حيرا مان ڪڍڻ
جو قسم کنيو، بلڪ عربستان تي قبضي ڪرڻ جو قسم به
کنيو. ساڻس گڏ ٻين رئيسن ۽ اميرن به قسم کنيو.
جيتوڻيڪ هن وقت ايران جي ٻن سپهه سالارن رستم ۽
فيروز جو پاڻ ۾ تڪرار هو پر نئين انتظام موجب هنن
به ملڪ جي عزت ۽ حفاظت لاءِ قسم کنيو.
يزيد جرد جي تخت تي ويهڻ شرط مسلمانن جي خلاف سڄي
ايران ۾ هڪ تحريڪ جاري ٿي قلعن ۽ ڇانوڻين کي وري
نئين سر ايراني مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. ٻئي
طرف عربستان ۾ جڏهن حج جو وقت آيو، جڏهن خليفة
المسلمين مدينة المنوره کان مڪي آيو، تڏهن مديني
جون پهاڙيون ۽ ميدان حاجين کان ڀريل هئا. تڏهين
کين جهاد في سبيل الله لاءِ دعوت ڏنائون. وري جڏهن
لشڪر ۽ سامان تيار ٿي چڪو تڏهن خليفه ثانيرضه
جناب حضرت علي ڪرم الله وجه کي خلافت جو ڪم سونپي
پاڻ به عراق جي حملي لاءِ تيار ٿيا پر اصحابن
سڳورن خليفي جي وڃڻ کي منظور نه ڪيو ۽ سڀني جي
صلاح سان حضرت سعد بن ابي وقاص رضهکي
اسلامي فوجن جو سپهه سالار ڪري موڪليائون. ڇاڪاڻ
جو حضرت مثنيٰ رضهجنگ ۾ زخمي ٿيڻ ڪري
شهيد ٿي چڪا هئا. حضرت سعد بن ابي وقاص رضهبه
صبر آزما مجاهد ۽ عظيم صحابي هو ۽ وڏو شرف، جو کين
حاصل هو، سو ان ڪري جو حضرت پاڪ جن جا ماما به
هئا.
حضرت سعد رضهجناب خليفي ثانيءَ جي حڪم
موجب منزلون ڪندو اچي ڪوفي وٽ پهتو. اُتان حضرت
عاصم رضهکي يزد جرد جي درٻار ۾ بطور
سفير ڪري مُڪائين، جنهن خليفة السمسليمن جي طرفان
ٽي شرط (1) اسلام (2) جزيه (3) تلوار پيش ڪيا. جي
يزد جرد ٻُڌي سڙي ويو ۽ چيائين ته ”توهين عرب جي
صحرا جا رهاڪو ۽ وحشين کان به بدتر آهيو، سو اڄ
سلطنت ايران سان اُٿي سرڪشي ڪري رهيا آهيو“ حضرت
عاصم رضهجواب ڏنو ته ”واقعي اسين وحشي
هئاسين پر الله تعاليٰ اسان کي سنئين راهه ڏيکاري،
اسان مان هڪڙو نبي پيدا ڪيائين، جنهن اسان کي
انسانيت ۾ آندو ۽ اڄ تو وٽ به سندس فرمان کڻي آيا
آهيون. ڇاڪاڻ جو سندس حڪم موجب چپي چپي زمين تائين
اسان کي اهو پيغام پهچائڻو آهي. پس جو شخص اسلام
تي ايمان آڻيندو تنهن جا حقوق اسان جي برابر آهن ۽
جيڪو جزيه ڍل ڏيڻ قبول ڪندو تنهن جي مال ۽ جان جي
اسين حفاظت ڪنداسون ۽ جيڪو اسلام ۽ جزيه ٻنهي کان
انڪار ڪندو تنهن لاءِ فقط تلوار ڪافي آهي.“
يزد جرد اسلام جي سفير جي واتان اهي لفظ ٻڌي جوش
کان ڪنبڻ لڳو. هن هڪدم مٽيءَ سان ڀريل ٽوڪرو
گهرائي حضرت عاصم رضهجي مٿي تي رکائي
درٻار مان ڪڍائي ڇڏيائينس. گويا پنهنجي هٿن سان
پاڻ پنهنجي قبر کوٽيائين.
جنگ قادسيا
مسلمانن جي حملن ڪري هن وقت عراق ۾ بدامني پيل
هئي. گهڻائي ماڻهو مسلمانن جي اجهي هيٺ اچي خوشيءَ
سان رهڻ لڳا. مسلمانن ڳوٺن پٺيان ڳوٺ هٿ ڪيا هئا.
رستم جو هن وقت ايراني فوجن جو سپهه سالار هو، سو
ماڻهن کي روڪي نه سگهيو. آخر سندس جاسوسن عراق جي
بد امنيءَ جي خبر وڃي شهنشاهه کي ڏني.
يزد جرد حضرت سعد رضه جي مقابلي لاءِ
100،000 ايراني زرهه پوشن جي فوج ڏياري موڪلي، جن
سان شاعرن جو دستو به موجود هو، جي لشڪر جي
پهلوانن کي جوش ڏيارڻ لاءِ شعر خواني به ڪندا
هليا. مٿين فوج قلاديا تي ڪاهه ڪئي. حضرت سعد
رضهوٽ ڪل 30000 فوج هئي، کيس مدينه کان 6000
فوج بطور ڪمڪ جي اچي پهتي. محرم الحرام سن 15هه
مطابق فيبروري 636ع ۾ قاديسيا
جي ميدان ۾ ٻئي فوجون اچي پاڻ ۾ ٽڪريون. مجاهدن
تڪبير جا نعرا بلند ڪيا، جن جي هيبت کان قادسيا جي
ميدان ۾ زلزلو پئجي ويو. ٽن ڏينهن تائين طرفين
بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا. ٽئين ڏينهن دشمن جي
فوجن جو سپهه سالار رستم قتل ٿي ويو ۽ اٽڪل 000،
10 ايراني عربن جي تلوار خون آشام جو شڪار ٿي ويا.
مسلمانن جا فقط 2000 مجاهد شهيد ٿيا. هن جنگ کان
پوءِ ايرانين وڏي نقصان سان ڀاڄ کاڌي قلاديا ۽
عراق عرب جا علائقا مسلمانن فتح ڪيا. حضرت سعد
رضه مٿين علائقن تي ڍل مقرر ڪري بابل
جي طرف وڌيو. ڇاڪاڻ جو اُتي ايرانين جي ڀڳل فوج ۽
تازي فوج فيروز ۽ هرمزان جي هٿ هيٺ گڏ ٿي رهيون
هيون. هتي به دشمنن حضرت سعد رضهجي
هٿان شڪست کاڌي ۽ مجاهدن ايراني قلعن تي وڃي
اسلامي جهنڊا کوڙيا. هرمز پنهنجي علائقي اهواز ۾
وڃي پناه ورتي، باقي فيروز نهاوند ڏي ڀڄي ويو جتي
ايران جي شهنشاهه جو خزانو رکيل هو. ايرانين ٻن
معرڪن ۾ سخت نقصان سان شڪست کاڌي ۽ هينئر ٽيون
ڀيرو مدائن ۾ نئين سر گڏ ٿيڻ لڳا. مدائن بغداد کان
15 ميلن جي مفاصلي تي مٿڀرو دجله تي ٻڌل هو. هي
شهر به بغداد وانگر دجله جي ٻنهي ڪپن تي ٻڌل هو.
اولهندو ڀاڱو اِسڪندر مقدونيءَ جي سپهه سالار
سيليوڪيا ٻڌايو هو ۽ مشرقي ڀاڱو ايران جي شهنشاهه
ڪيئسي فان جوڙايو هو. ٻنهي ڀاڱن کي هڪڙي نالي
مدائن سان سڏيندا هئا. شهر جي ٻنهي طبقن ۾ وڏا وڏا
محلات هئا جن ۾ آسائش جون عجيب ۽ غريب شيون موجود
هيون. منجهس ڪشادا باغ ۽ وڏن وڏن امرائن جا محلات
هئا، جي صحرا جي رهندڙن غريب مسلمانن ڪڏهن به ڪين
ڏٺا هئا، جن کي ڏسي هو حيران ٿي ويا. ٿوري ئي
مقابلي ڪرڻ کان پوءِ شهر وارن در پٽيا. حضرت سعد
رضه (ڪسريٰ جي محل)
The
Palace Of Chosroes
کي فتح ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ سجدو ادا
ڪيو. حضرت سعد رضهملڪي خواهه فوجي ڪمن
۾ ماهر هو، هن مدائن کي پنهنجو صدر مقام مقرر ڪري
شاهي محلات ۾ پاڻ رهڻ لڳو ۽ شاهي ديوانThe
Imperial Court
کي نماز جمعي لاءِ عبادتگاهه
مقرر ڪيائين ۽ جدا جدا علائقن جو انتظام پوري طرح
سان رکيائين.
ايران جي شهنشاه شڪست کائڻ کان پوءِ (هلوان)
HOLWAN
جي شهر ۾ رهيو هو، تنهن مدائن تي قبضي ڪرڻ لاءِ
وڏي فوج جمع ڪري موڪلي، هوڏانهن حضرت عمر فاروق
اعظم رضه هاشم بن عتبه جي هٿ هيٺ 12000
لشڪر ايرانين جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو.
سيپٽمبر سن 637ع ۾ جلولا
JALULA
جي مقام وٽ اسلامي فوجن غنيم کي شڪست ڏني. هلوان
به فتح ٿيو. هن معرڪي ۾ به ايرانين شڪست کاڌي ۽
ڪروڙ هارپين جو مال مسلمانن هٿ ڪيو. ۽ مدائن ۽
جلولا جي فتح جون خبرون جڏهن خليفي حضرت عمر رضهّ
کي پهتيون، تڏهن چون ٿا ته روئڻ لڳو! تڏهن اصحابن
پڇين ته يا اميرالمومنين هي خوشيءَ جو وقت آهي يا
روئڻ جو؟ جواب ڏنائون ته ”جنهن هنڌ مال اچي ٿو ان
سان گڏ رشڪ ۽ حسد به گڏ اچن ٿا.“
ايران جي مشرقي جبلن تائين ملڪ مسلمانن هٿ ڪيو.
اُباله جو بندرگاهه جو ايراني نار جي اُتر ۾ آهي،
سو به مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو. ملڪي انتظامن ۽
اصلاحات جو بندوبست ڪيو ويو ۽ ڪاشتڪارن تان
ناانصافي جو بوجهه لاٿو ويو، جابجا نهرون کوٽايون
ويون ۽ ڪڙمين کي جيڪڏهن ناڻي جي ضرورت پوندي هئي
ته هو اچي خزاني مان وٺندا هئا. ايراني اڳ ڪڙمين
کان ڳريون ڍلون وٺندا هئا، سي اڳيان سڀ قاعدا رد
ڪيا ويا ۽ عام مخلوق جي ڀلي ۽ فائدي لاءِ نوان
قاعدا جوڙيا ويا ۽ زميندارن کي به تاڪيد ڪيائون ته
هو پنهنجو زمين ٻئي ڪنهن کي نه وڪڻن. گبرن جي آتش
خانن ۾ جيڪي به خزانا گڏ ٿيل هئا ۽ سندن مذهبي
پيشوا ڇڏي ڀڄي ويا هئا، سي سڀ بيت المال ۾ گڏ ٿيڻ
لڳا. اهڙن خزانن جي سنڀال لاءِ مديني منوره کان
خليفي ثاني پنهنجا ايجنٽ موڪليا، ملڪ جي آمدنيءَ
جو وڏو حصو اُنهن عربن کي ملڻ لڳو، جيڪي نون ملڪن
۾ اچي بيٺڪون وجهي رهڻ لڳا. ايرانين باوجود ان جي
ته صلح ڪيو هو پر اڪثر مسلمانن کي تڪليفون ڏيڻ
لڳا. اڃا سندن دل ۾ ٻيهر قبضي ڪرڻ جي خواهش هئي.
سال سن 17هه مطابق سن 638ع ۾ عربن شط العرب وٽ
هڪڙو بندرگاهه اوباله جي هنڌ تي نئين سر جوڙيو، جو
اڄ سوڌو بصره
Busra
جي نالي سان عراق ۾ مشهور آهي. وري فرات نديءَ جي
اُلهندي ڪپ تي ڪوفا
Kufa
جو شهر ٻڌائون. جتي حيره، يمن جا ۽ گهڻا مدني عرب
لڏي اچي رهڻ لڳا. هتي مسلمانن وڏا وڏا محلات،
باغيچا ۽ مساجد تعمير ڪيا ۽ وڏيون وڏيون بازارون
جوڙيائون.
ايرانين جي بدنيتي ۽ نين تيارين جي خبر خليفة
المسلمين تائين پهچائي ويئي. خليفي جواب ڏنو ته
”اهڙن بدمعاشن کي ڀلي سزا ڏيو، جن واعدو ڪري وري
پاڻ ئي ڀڳو“ هرمز جنهن کي عربن قيد ڪري خليفي جي
خدمت ۾ ڏياري موڪليو هو، تنهن به خليفة المسلمين
کي پنهنجي قوم جي ڪاروائين جي سموري حقيقت ٻُڌائي.
هو پاڻ مسلمان ٿيو. يزد جرد وڏي فوج جمع ڪئي، جنهن
ڪري مديني منوره ۾ به سياسي هلچل پئجي ويئي. خليفة
المسلمين حضرت نعمان رضه جي هٿ هيٺ سنه
22هه مطابق سن 643ع لشڪر ڏياري موڪليو. نهاوند جي
مقام وٽ، جو ايلبرز جبل جي دامن ۾ آهي سخت معرڪو
لڳو. ايراني، جن وٽ عربن کان 6 دفعا وڌيڪ فوج هئي،
تن سخت نقصان سان شڪست کاڌي. هن معرڪي ۾ نعمان
رضه به شهيد ٿيو. يزد جرد هيڏانهن
هوڏانهن پناهه لاءِ رلندو وتيو. آخر پنهنجي ئي
ماڻهن هٿان مارجي ويو ۽ سڄي ايران تي مسلمانن جو
قبضو ٿي ويو. دهقانن کي وڌيڪ آزادي ڏني ويئي. فقط
هنن کان ڍل ورتي ويئي ۽ مسلمانن کي تاڪيد ڪيو ويو
ته ڪنهن سان به مذهبي عداوت نه رکن. مسلمانن کي
فوجن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اعلان ڪيو ويو. باقي ٻين کان
فقط جزيه ڍل ورتي ويئي. گهڻن ئي ايرانين دين اسلام
اختيار ڪيو. جن مان عربن شاديون به ڪيون اهڙيءَ
طرح سان سندن نسل ويا وڌندا ۽ اُنهن سڀني کي بيت
المال مان وظيفو ملندو رهيو. اِسڪندر مقدوني
جيتوڻيڪ ايران فتح ڪيو پر اُتي جي مذهبي پيشوائن ۽
ٻاون سان انصاف جي هلت ڪانه ڪئي هئائين. جنهن ڪري
ستت ئي يونانين جي خلاف فساد اُٿڻ لڳا. پر مسلمان
فاتحن ايرانين سان چڱيءَ طرح هلت ڪئي ۽ ستت ئي
ايران وري اوج کي پهتو ۽ اسلامي جهنڊي هيٺ جيڪو
ايران اقبال حاصل ڪيو سو تاريخ ۾ اظهر من الشمس
آهي. اڃا تائين الله تعاليٰ جي فضل سان ايلبرز جبل
جي برجن تي اسلامي پرچم کي لُڏندو دنيا ڏسي ٿي.
فتح بيت المقدس
عيسائين سان مسلمانن جون جنگيون اڳ کان شروع هيون،
ٻيو ته قلاديا ۽ عراق جو وڏو حصو، جي ساساني
شهنشاهيت جو حصو هئا، هِتي هينئر مسلمانن جو قبضو
ٿي چڪو هو. ٽيون شام ۽ نفود
Nifud
جي صحرا ۾ جيڪي به عربن جا رولو قبيلا رهندا هئا،
تن مان گهڻا شام ۽ فلسطين ۾ وڃي بيٺڪون ڪري ويٺا
هئا. حضرت اسامهرضه اڳ رومين سان چوٽون
کاڌيون هيون، تنهنڪري بالقه
Balca
جي مقام وٽ عيسائين جون فوجون گڏ ٿي رهيون هيون.
جڏهن عراق مان مسلماني فوجون فارغ ٿي مدينة
المنوره ڏانهن موٽيون تڏهن خليفي ثانيرضه
اُنهن فوجن کي شام ڏي ڏياري موڪليو. فلسطين توڙي
مصر هن وقت بازنطيني شهنشاهيت سان لاڳو هئا. تنهن
کان سواءِ بيت المقدس غزا ۽ جافا عيسائن جا فوجي
مرڪز هئا. اتر ۾ اردن ۽ ايڪڙ وٽ ۽ مديني جي اُتر ۾
شاهي صحرا جي ٻئي ڀر سندن فوجون ويٺل هيون، شام جو
علائقو جنهن کي رومي سِريا (شام) ڪوٺيندا هئا. عرب
هن کي (برالشام) سڏين ٿا. هن ۾ قديم تاريخي شهر
دمشق، حمص، حلب اچي وڃن ٿا. دمشق جو شهر دنيا ۾
سڀني شهرن کان قديم ليکجي ٿو. جنهن کي اُمت البلاد
جي نالي سان سڏين ٿا. هتي به رومين جون مضبوط
فوجون ويٺل هيون.
حضرت ابوبڪر رضه جي ڏينهن ۾ مسلمانن
شام تي حملو ڪيو هو ۽ عيسائين کي شڪستون ڏنيون
هئائون، ۽ چار لشڪر شام جي چئن طرفن کان روانا ڪيا
هئائون، اسلامي فوج جو سپهه سالار حضرت ابو عبيده
رضه، جو بلڪل شريف مزاج ۽ مهربان هو ۽ هن
وقت جابيا
Jabia
جي مقام وٽ ڇانوڻي هڻي ويٺو هو، ساڻس گهڻائي عرب
قبيلا اچي شامل ٿيا هئا. حضرت ابو عبيده رضه
حمص جي طرف کان گهيرو شروع ڪيو هو ۽ فلسطين کان،
جا اسلامي فوج حملو ڪري رهي هئي، تنهن جو سرڪردو
عمرو بن العاص هو. جو فاتح مصر جي نالي سان تاريخن
۾ مشهور آهي.
ٻيو لشڪر جو دمشق لاءِ تيار ڪيو ويو هو سو يزيد بن
ابو سفيان جي هٿ هيٺ هو. يزيد جي فوجن ۾ هن وقت
مڪي ۽ طهاما جا عرب هئا، جي هن وقت شام جي فتح
لاءِ فوجن ۾ اچي شامل ٿيا هئا. ٽئين لشڪر حضرت
شرحبيل جي هٿ هيٺ اردن تي ڪاهه ڪئي. عمرو بن عاص
طوفان وانگر غزا ۽ بيت المقدس تي ڪاهه ڪئي. باقي
ٻين ٻن سپهه سالارن وٽ 25000 لشڪر هو. هوڏانهن
بازنطيني اُها سلطنت هئي جنهن وٽ فوجن ۽ خزانن جي
ڪائي ڪمي ڪانه هئي. هي اُهو شام جو ملڪ هو، جو
ڪنهن زماني ۾ يوناني تهذيب هيٺ عروج حاصل ڪري چڪو
هو ۽ ڪارٿيج وانگر هتي جي مرغ زارن ۽ محلاتن جو
نظارو به دلڪشا هو ۽ وڏن وڏن پيغمبرن ۽ انبياء
عليھم السلام جو مقام رهي چڪو هو. اڄ هن ملڪ تي هڪ
نئين قوم جو حملو هو، جا عرب جي صحرا مان خدائي
پيغام وٺي عالمگير فتوحات لاءِ نڪتي هئي. اُها قوم
جا ٿورو اڳ يونانين ۽ رومين جي نظر ۾ هڪ صحرائي،
اڻ سڌريل قوم هئي، جا پنهنجي اندروني فسادن ۽ گهرو
جنگين جي ڪري وڃي زبون حاليءَ تي پهتي هئي، ۽ دنيا
جي قومن جي صف ۾ سندس نالو به شمار ڪونه هو. اُن
قوم ۾ خداوند تعاليٰ هڪ اهڙو نبي پيدا ڪيو، جنهن
وٽ صبر ۽ همدرديءَ جو اڻ کٽ خزانو هو. وري سندس
پاڪ تعليم وحشي عربن تي ايترو اثر وڌو جو هو ستت
ئي گڏجي هڪ مضبوط قوم جي صورت ۾ نمودار ٿي ۽ حضور
صلي الله عليھ وسلم جن کين اهڙي فلاسافي سيکاري
ڇڏي، جو ڪالهه هنن ڪسرٍيٰ جي تخت کي الٽائي ڇڏيو ۽
اڄ بيت المقدس جي ديوارن هيٺيان رومي فوجن سان
مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتا!
رومي اڪابرن جا ته حوصلا ئي خطا ٿي ويا، ته ڪهڙي
طرح هن صحرا جي سيلاب کي روڪجي؟
قسطنطنيه جو شهنشاهه هرقل
Heraclius
پاڻ جنگ جو ميدان ڏسڻ آيو ۽ پنهنجي جرنيلن کي حڪم
ڏنائين ته عربن کي صحرا ڏانهن لوڌي ڪڍو!!. ماهه
اپريل سن 634ع ۾ جاؤلان جي مقام وٽ، جو يرموڪ جي
درياهه تي آهي، طرفين جو هڪڙي هنڌ مقابلي ٿيڻ جو
انجام ٿيو.
]
يرموڪ جو درياهه هوران جي مٿانهين پٽن مان نڪري
وڃي اردن جي درياهه سان گڏجي ٿو. ٻئي نديون طبرياز
جي ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ آهن.[
30 آگسٽ سن 634ع ۾ رومين لشڪر اِسلام تي حملو ڪيو.
ٻن مهينن تائين ٻئي فوجون پاڻ ۾ وڙهنديون رهيون ۽
مورچا هڻي ويٺيون پر ڪجهه به نتيجو ڪونه نڪتو.
خليفي گهڻي انتظار ڪرڻ کانپوءِ حضرت خالدرضه
کي، جو هن وقت قلاديا جو صوبيدار هو، شام جي
فتوحات کي سرانجام ڏيڻ لاءِ موڪليو، جيڪو صحرائي
رستو لتاڙي وڃي اسلامي لشڪر سان گڏيو. رومي
شهنشاهه کي هن بهادر جي اچڻ جي خبر پئي. رومي لشڪر
هن وقت 240000 هو، جن جي مقابلي ۾ مسلمانن وٽ
40،000 سپاهه هو! تاريخ 30 جمادي الثاني رومين
پادرين عيسائي لشڪر کي همٿايو، جي پنهنجن خندقن
مان نڪري ٻاهر بيٺا. چون ٿا ته گهڻائي عيسائي عربن
هٿان قتل ٿيا. سندن فوجن جو وڏو حصو ته يرموڪ
نديءَ ۾ ٻڏي مئو
شام جو سڄو ڏاکڻئو حصو مسلمانن فتح ڪيو. شام جا
شهر مسلمانن هڪ ٻئي پٺيان هٿ ڪيا. جيئن ته دمشق،
حمص ۽ حلب هن وقت اسلام جي جهنڊي هيٺ اچي چڪا هئا.
حضرت ابو عبيده رضه جو هن وقت ائنٽاش
ANTIOCH
وٽ پهتو، قسطنطنيه کي فتح ڪرڻ جي مقصد سان اڳتي
وڌندو ويو. رستي تي عيسائي هڪڙي هنڌ ساڻس ٽڪريا پر
سخت شڪست کاڌائون. ائنٽاش تي به مسلمانن قبضو ڪيو.
حضرت عمرو بن العاص رضه، جنهن بيت
المقدس جو گهيرو ڪيو هو، سو اڳتي وڌي نه سگهيو.
ڇاڪاڻ جو فلسطين جي رومي جرنيل اَرتابين بيت
المقدس، غزا ۽ اَرميلاه جي هنڌن کي مضبوط ڪري ڇڏيو
هو ۽ پاڻ به اجنادين جي ڳوٺ وٽ بيت المقدس کان
اوڀر ۾ وڏي فوج سان مقابلي لاءِ ترسيل هو. حضرت
عمرو بن عاص به بيت المقدس ۽ غزا واري رستي کي بند
ڪري هن تي ڪاهه ڪئي. هن معرڪي ۾ به رومين جو ساڳيو
حال ٿيو، جهڙو يرموڪ ۾ ٿيو هون. منجهانئن ڪي ٿورا
اَمير ۽ سپاهي بچيا، جن وڃي بيت المقدس ۾ پناهه
ورتي. مسلمانن جافا ۽ نيبلس وارا هنڌ وڙهي کٽيا.
باقي اسقيلان، غزا، ايڪڙ، بيروت، سيڊان، لوڊيشيا ۽
اپوميا جا شهر عيسائن پاڻمرادو حوالي ڪيا. فقط بيت
المقدس باقي وڃي رهيو هو جتي عيسائين جي فوج گڏ
هئي. هتي جي پادرئ وڏيءَ خوشئ سان صلح لاءِ
درخواست پيش ڪئي پر حضرت عمرو بن عاص رضه
کيس شهر خالي ڪرڻ لاءِ جواب لکي موڪليو. وڏي
پادرئ جواب ڏنو ته توهان جو خليفو حضرت عمر بن
خطاب رضه پاڻ هت تشريف آڻي. جڏهن حضرت
عمررضه کي خبر پهتي تڏهن پاڻ سڳورا
هيڪلي سر هڪڙي شتربان کي ساڻ وٺي بلڪل سادئ پوشاڪ
۾ شهر ۾ داخل ٿيا. حضرت ابوعبيده بن جراح رضه
هڪڙو ترڪي تازي هڪڙي قيمتي پوشاڪ خليفي جي
خدمت ۾ پيش ڪئي. پر جواب فرمايائون ته اسان وٽ
اِسلام جي عزت ڪافي آهي. پوءِ نصارن جا امير آيا ۽
صلح بنسبت طرفين صحيون وڌيون پوءِ عيسائين کي هر
طرح سان تسلي ڏياريائون کين پوري آزادي ڏنائون ۽
يهودين تان ڍلون معاف ڪيائون، ڇاڪاڻ جو اُنهن
مسلمانن کي هر طرح سان مدد ڏني هئي. پر جڏهن يزيد
بن معاويه دمشق جي تخت تي ويٺو تڏهن هن وري يهودين
کان ڍلون ورتيون. حضرت عمر الفاروق رضه
عيسائين تي به ٿوريون ڍلون وڌيون. پوءِ گهوڙي تي
سوار ٿي بيت المقدس جي شهر ۾ داخل ٿيو. جتي
عيسائين جي وڏي پادري سوفرنيس خليفةالمسلمين جي
استقبال لاءِ آيو. پوءِ ٻئي شهر ۾ داخل ٿيا. حضرت
عمر رضه پهريائين سيدنا دائود عليھ
السلام جي محراب وٽ سجدو ڪيو.
اُتر ۾ آرمينيا ۾ اُتي جي ڪردن فساد ڪيا پر ستت ئي
ٻئي علائقا يعنيٰ آرمينا ۽ ڪردستان اِسلام جي قبضي
هيٺ اچي ويا. سنه 638ع ۾ رومين وري حملا ڪيا ۽
هڪڙي فوج مصر مان جهازن جي رستي شام جي بندر گاهن
تي لاٿائون، جن فوجن فلسطين جي اُتر وارن علائقن
تي قبضو ڪيو. هن حملي ڪري مسلمانن کي چئني طرفن
کان خوف جاڳيو. عربن جو تعداد بلڪل ٿورو هو.
هوڏانهن شهنشاه جو پٽ فوجن جو مهندار هو، پر نصارن
شڪست کاڌي ۽ شام تي مسلمانن جو ٻيهر قبضو ٿيو.
قيصريا جو بندرگاهه اُتر ۾ باقي رهيل هو، جتي مصري
فوج لٿل هئي پر شڪست کانپوءِ اُهو به کڻي حوالي
ڪيائون. شام عربن فتح ڪيو ۽ برابر صدين تائين
مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو. جڏهن رومي لوڪن پاڻ کي
عربن کان ڪم طاقت ڏٺو، تڏهن هنن ايشيا ڪوچڪ ۾
گهڻائي قلعا ۽ شهر برباد ڪري ڇڏيا ۽ گهڻائي عيسائي
شهر ڇڏي وڃي اُتر وارن علائقن ۾ ويٺا. مسلمانن
حضرت اياز جي هٿ هيٺ طارس جبل کي لتاڙي سليشيا
Cilicia جي علائقي
تي قبضو ڪيو. هن مهم ۾ طرسوس جي شهر تي قبضو
ڪيائون جو قديم اَسيريا جي شهنشاهن جو ڪو زمانو
تختگاهه هو. پوءِ اڳتي بحيره الاسود
تائين ملڪ فتح ڪيائون. چون ٿا ته
حضرت اَياز رضه جي نالي کان رومي
ڪنبندا هئا.
|