فتح مصر
عربن کي هن وقت سمنڊ تي سفر ڪرڻ ۽ جهازن رکڻ جو
شوق جاڳيو. هنن هڪ مضبوط جهازن جو دستو تيار ڪري
رومي ٻيڙي کي (هيلس پوائنٽ) تائين تڙي ڪڍيو ۽
ڪيترن ئي يوناني ٻيٽن تي قبضو ڪيائون. جڏهن خداوند
تعاليٰ جي فضل سان عرب مسلمانن عراق، شام ۽ ايران
جا ملڪ فتح ڪيا تڏهن هن وقت مصر جي سياسي حلقن ۾
گهڻي بيچيني هئي، پڻ خليفي ثاني رضه کي
مصر فتح ڪرڻ لاءِ خيال جاڳيو. ڇو جو هڪ وڏي رومي
فوج مصر ۾ موجود هئي ۽ ڪنهن به وقت شام ۾ مسلمانن
تي حملو ڪري ٿي سگهيا تنهنڪري خليفة المسلمين
حضرت عمر رضه حضرت عمرو بن العاص
رضه کي جمله 4000 لشڪر ڏيئي مصر روانو ڪيو
جنهن ٽن هفتن جي سفر کان پوءِ وڃي مصر ۾ خيما
کوڙيا. سندس پهچڻ کان اڳ رومين اِسڪندريه
Alexandria
جي بندرگاهه تي فوج ڪٺي ڪئي هئي، ڇاڪاڻ جو اُتي
قلعا جڙيل هئا. سن 19هه مطابق سن 645ع ۾ ٿوري
مقابلي ڪرڻ کانپوءِ رومين پاڻمرادو اُلهندي ۾ لبيا
جي رڻ پٽ ۽ ڏکڻ ۾ حبش تائين سڄو ملڪ مسلمانن جي
حوالي ڪيو. عربن نهرون کوٽائي ڪاشتڪاريءَ کي زور
وٺايو ۽ قديم سامونڊي نهر جا بحيره روم کان نڪري
بحيره قلزم ۾ پئي ٿي تنهن کي ٻيهر کوٽائي تيار
ڪرايائون. مصر جي عيسائي رهاڪو جن کي جنکي (ڪاپٽ)
Copts
سڏيندا آهن، تن کي اَمن اَمان نصيب ٿيو ۽ هنن وڏي
خوشئ سان مسلمانن جي آڻ مڃي. ڇاڪاڻ جو رومين جي
هنن مظلومن سان سخت عداوت هئي. ڪاپٽ لوڪ هنن کان
گهڻو تنگ هئا. اِهو ئي سبب هو جو هنن عربن جي حملي
کي آسماني مدد ڄاتو ۽ واقعي عربن مٿن ٿوريون ڍلون
وڌيون. کين واپار ۽ زراعتي ڪمن ۾ گهڻيون سهولتيون
ڏنيون. سنه 645ع ۾ رومين ٻيهر اِسڪندريه تي قبضو
ڪيو پر ساڳئي سال اندر عربن واپس ان کي فتح ڪيو.
ڪي انگريز مؤرخ لکن ٿا ته اِسڪندريه ۾ رومين جو
وڏو ڪتبخانو هو، جنهن کي مسلمانن خليفي جي حڪم سان
باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو پر اِهو سراسر غلط آهي، ڇاڪاڻ
جو خليفي حضرت عمر فاروق اعظمرضه جهڙي
آزاد خيال ۽ انصاف پرست اِسلام جي شهنشاهه تي اهڙو
الزام هڻڻ سراسر مذهبي تعصب آهي. ڳالهه دراصل هن
ريت آهي ته اِسڪندريه جي ڪتب خاني جو وڏو حصو تڏهن
ناس ٿيو، جڏهن مشهور رومي سپهه سالار (جيولس سيزر)Julius
Caesar
شهر تي گهيرو ڪيو هو. ۽ باقي حصو (ٿياڊا سوس) جي
ڏينهن ۾ عيسوي چوٿين صديءَ جي زماني ۾ ناس ٿيو هو.
چون ٿا ته ٿياڊاسوس هتي جي ڪتابن سان پنهنجا حمام
گرم ڪرايا هئا.
هئ شهر جمعي جي ڏينهن ماهه
محرم الحرام سن 19هه مطابق سن 645ع ۾ اسلامي لشڪر
فتح ڪيو. حضرت عمرو بن العاصرضه لکي
ٿو ته اُن وقت منجهس 4000 عاليشان محلات، 4000
حمام، 400 تماشگاهه ۽ 12000 دوڪان هئا. عيسائين
کانسواءِ 40،000 ته رڳو منجهس يهودي رهندا هئا.
مصر فتح ڪرڻ کانپوءِ مصر جي اولهندي وارن رهندڙن
رهاڪن سان عربن کي وڙهڻو پيو پر آخر ۾ مصر جو سڄو
علائقو ۽ آفريقا جو اُتر وارو ڪنارو ويندي برقه
Barca
تائين عربن فتح ڪيو.
سن 18هه ۾ عراق، شام ۽ مصر ۾ سخت وبا ۽ ڏڪر پيو.
جنهن ۾ اٽڪل 25000 ماڻهو شڪار ٿي ويا. حضرت ابو
عبيده بن جراح رضه ۽ حضرت يزيد بن ابو
سفيان رضه جي اسلام جا ٻه وڏا سپهه
سالار هئا تن به وفات ڪئي. حضرت خليفة المسلمين کي
ڏڪر ۽ وبا جي ڪري گهڻو ڏک ٿيو پاڻ سڳورن خليفة
المسلمين جدا جدا علائقن لاءِ اَن ۽ ٻيو سامان
روانو ڪيو. خاص ڪري شام جي حالت کي جاچڻ ڏسڻ لاءِ
پاڻ اوڏانهن ويا به هئا.
(1)
حضرت عمر بن خطاب رضه پهريون شخص هو،
جنهن کي مسلمانن اَميرالمومنين جو خطاب ڏنو.
(2)
سالن جي شمار ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي پر پاڻ (سن
هجريءَ) جو بنياد وڌائون.
(3)
مسلمانن جي فائدي لاءِ (بيت المال)
Common Wealth
جو بنياد وڌائون. شراب خورن کي سزائون ڏنائون.
ننڍن ٻارن جو واپار بند ڪرايائون. ملڪي انتظام ۽
قانونن جي جوڙجڪ لاءِ باقاعدا دفاتر کوليائون.
(4)
علم الارض يعنيٰ زمين جي پيمائش جو سلسلو جاري
ٿيو. جدا جدا شهرن ۾ انصاف لاءِ عدالتي کاتا
کوليائون ۽ منصب مقرر ڪيائون. بصره عراق، ڪوفيٰ،
شام ۽ مصر جي آبادين کي زور وٺايائون.
(5)
سندن عهد مبارڪ ۾ پهريون گودام تيار ٿيو، جنهن ۾
ان، اَٽو، کجور ۽ ٻين کاڌ خوراڪ جي شين جو زخيرو
موجود رهندو هو. جٿان هر هڪ آسانيءَ سان شيون خريد
ڪري سگهندو هو. تنهن کانسواءِ ڏوهارين لاءِ جيل
خانا تيار ڪرايائون. درياهي ۽ سامونڊي شين تي
محصول لڳايائون ۽ جهنگن ۾ ناڪا محصول اُڳاڙڻ لاءِ
مقرر ڪيائون.
(6)
پوليس کاتو جاري ٿيو ۽ جدا جدا هنڌن تي فوجي
ڇانوڻيون مقرر ڪيون ويون. مڪه معظمه کان مدينة
المنوره تائين مسافرن لاءِ رستو جڙيو ويو ۽ سرائون
تعمير ٿيون. لاوارث ٻارن ۽ يتيمن لاءِ جدا کاتو
مقرر ٿيو جتي کين تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي.
تنهن کانسواءِ عام مڪتب جاري ٿيا. شاعرن کي شعر
چوڻ ۾ زالن جي تعريف ڪرڻ کان منع ڪيائون. مسجدن ۾
روشني ۽ واعظ ڪرڻ جو رواج سندن ڏينهن ۾ پيو.
سندن فضيلت جي متعلق ڪن اصحابن هيئن روايتون ڪيون
آهي: حضرت ابو سعيد حذريرضه کان روايت
آهي ته آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو
آهي ته جنهن عمررضه سان دشمني رکي اُن
ڄڻ مون سان دشمني ڪئي. ابن مسعود رضه
کان روايت آهي ته علم جي ڏهن حصن مان 9 حصا حضرت
عمر رضه کي علم جي ڏات مليل هئي. حضرت
علي ڪرم الله وجهه کان روايت آهي ته جڏهين سلف
صالحين جو ذڪر ڪريو تڏهن عمر کي پهريون ياد ڪريو.
خود پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو آهي
ته منهنجي اُمت مان ڪي اهڙا عالم ۽ محدثين پيدا
ٿيندا جنکي بني اسرائيل جي نبين جيترو شرف حاصل
هوندو. اهڙن مسلمانن مان پهريون حضرت عمررضه
آهي.
جناب حضرت عمر جي قدرت خدا سان طبيعت مبارڪ اهڙي
ته پاڪ هئي جو ڪنهن کي گمان به نه هو ته ڪو ساڻن
دشمني ڪندو. سندن شهادت جو قصو هن ريت آهي ته
مدينھ منوره ۾ حضرت مغيره بن شعبه وٽ هڪڙو ايراني
غلام فيروز نالي هو، جو مجوسي مذهب جو هو. اُهو
غلام نڪا شڪاري ۽ لوه جو ڪم چڱو ڪندو هو. سندس آقا
مغيره هن کان ٻه درهم محصول وٺندو هو. جنهن تي
مٿئين غلام هڪڙي ڏينهن حضرت عمر رضه جي
خدمت ۾ وڃي پنهنجي آقا جي خلاف شڪايت ڪئي ته مون
کان گهڻي ڍل ٿو وٺي پر جڏهن خليفة المسلمين کي
سندس ڪاريگري جي خبر پئي تڏهن کيس چيائين ته
تنهنجي آمدنيءَ جي نسبت ٻه درهم ڍل بلڪل اُنکان به
ٿوري آهي، حضرت عمر بن خطابرضه جي جواب
کان هن ايرانئ دل م بغض سانڍيو ۽ اميرالمومنين کي
شهيد ڪرڻ جو ناپاڪ ارادو دل ۾ ڪيائين. ٽئين ڏينهن
جڏهن اميرالمومنين صبح جو مسجد ۾ نماز جي امامت ۾
مشغول هو تڏهن هن مجوسئ ناپاڪ هڪ خنجر زهر آلوده
پاڻ سان کڻي يڪدم اميرالمومنين کي هڻي زخمي ڪري
وڌو. جڏهن پاڻ سڳورا (امير المؤمنين) زخمي ٿي پيا
تڏهن حضرت عبدالرحمٰن بن عوف رضه جو هٿ
وٺي کيس امامت لاءِ کڙو ڪيائون. جيسين مسلمان نماز
پڙهن تيسين خليفة المسلمين جو جسم مبارڪ تڙپڻ لڳو.
هن مجوسي پليت ٻين به گهڻن مسلمانن کي نماز ۾ زخمي
ڪري وڌو پر جڏهن مسلمان نماز کان فارغ ٿيا تڏهن
هنکي گرفتار ڪيائون، پر هن پاڻ کي پاڻ ماري وڌو.
جڏهن اميرالمومنين کي سندن دولت خاني ۾ وٺي آيا
تڏهن فرمايائون ته مون تي ڪنهن حملو ڪيو؟ تڏهن
حاضرين جواب ڏنو ته هڪڙي مجوسيءَ. تڏهن ٻڌي گهڻو
خوش ٿيا. ڇاڪاڻ جو هڪڙي بي دين هٿان شهيد ٿيا. پاڻ
پنهنجي فرزند رشيد حضرت عبدالله رضه کي
بيبي عائشھ صديقه وٽ موڪليائون ته آنحضرت صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي روضي مبارڪ ۾ دفنائڻ لاءِ
جاءِ ڏني وڃي. کين دفنائڻ جي اجازت منظور ٿي، تڏهن
خليفةالمسلمين اصحابن سڳورن کي سڏايو، جن مان حضرت
علي ڪرم الله وجهھ، حضرت عثمان، حضرت زبير، حضرت
طلحه، حضرت سعد ۽ حضرت عبدالرحمٰن بن عوف رضي الله
عنهم موجود هئا. کين صلاح ڏنائون ته مٿين ماڻهن
مان جيڪو اصحاب چونڊجي ۽ جنهن لاءِ خلقت راءِ عام
ڏيئي تنهن کي خلافت نشين ڪجو پر پاڻ ڪنهن لاءِ به
ڪا خاص راءِ ڪانه ڏنائون. آخر ٽئين ڏينهن پهرين
تاريخ ماهه محر الحرام جي سن 24هه جو آچر جي ڏينهن
سندن روح مبارڪ هن فاني دنيا مان پرواز ڪيو، کين
آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي روضي مبارڪ ۾
دفن ڪيائون.
خلافت عثماني:
خليفو ثالث حضرت عثمان، عفان جو پٽ هو ۽ اسلام کان
مشرف ٿيڻ کان اڳ کين ابو عمرو ڪري سڏينداهئا. پر
اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ جڏهن سندن شادي بيبي رقيه
رضه سان ٿي ۽ کين پٽ عبدالله ڄائو تڏهين وري
ابو عبدالله سڏجڻ لڳا.
سندن لقب ذوالنورين هو، جنهن جي معنيٰ آهي ٻن نورن
وارو، تنهن جو سبب هن ريت آهي ته سرڪار دو جهان
جون ٻه نياڻيون سندن نڪاح ۾ اچي چڪيون هيون، جن
مان هڪ بيبي رقيه رضه ۽ ٻي بيبي ام
ڪلثوم رضه هئي، جيئن ته مٿيون ٻئي قابل
احترام خواتين سرڪار دوجهان جون نور نظر هيون، جن
جي ڪري حضرت عثمان رضه جو گهر مبارڪ
روشن ٿيو ۽ اهو ئي سبب هو جو کين ذوالنورين جي
مبارڪ لقب سان سڏبو هو.
سندن نصب جو سلسلو ، جو پيءُ کان سرور ڪائنات سان
ملي ٿو، سو هن ريت آهي: عثمان بن عفان بن ابي عاص
بن اميه بن عبدالشمس بن عبدمناف بن قصي بن کلاب بن
مروه بن کعب بن لوي بن غالب بن فهر بن مالک بن
النضر بن کنانة بن خزيمة بن مدرکه بن الياس بن مضر
بن نذار بن معد بن عدنان. يعني پنجين پيڙهيءَ ۾
جناب سرڪار رسالت مآب سان وڃي ڳنڍجي ٿو. ڪن مؤرخن
مطابق ته سندن والده حڪيمه عبدالمطلب جي ڌيءَ هئي.
وري ڪي مؤرخ سندن والده جو نالو ارويٰ لکن ٿا، پاڻ
قريش جي هڪ ممتاز قبيلي ”بنو اميه“ مان هئا. سندن
ولادت جي متعلق مورخين جا جدا جدا رايا آهن پر
ايترو چئي سگهجي ٿو ته عام الفيل کان پوءِ ڇهين
سال مڪه معظمه ۾ پيدا ٿيا هئا.
جهالت جي عالم ۾ به ٻين ڪفارن کان مرّوت ۽ انصاف ۽
رحم جي ڪري ممتاز هئا ۽ اَهل مڪي ۾ هر دل عزيز
هئا. نه فقط ايترو پر سڄو عرب کين عزت ڏيندو هو.
ٻين عربن وانگر اندروني جنگين ۾ ڪين رهندا هئا پر
دنياداريءَ جي ڪمن کان مثلاً واپار جي ڪمن کان
جڏهن فارغ ٿيندا هئا، تڏهن اڪثر لکڻ پڙهڻ ۾ وقت
گذاريندا هئا. اهو ئي سبب هو جو جڏهن دولت اسلام
کان مالامال ٿيا، تڏهن حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کين منشي مقرر ڪيو.
پاڻ مڪي ۾ ڪپڙي جا وڏا واپاري هئا. پري پري
ڏيساورن جا واپاري کانئن اچي مال خريد ڪندا هئا.
ڇاڪاڻ جو ان زماني ۾ سندن ديانتداريءَ جو چرچو
مشهور هو. واپار کانسواءِ مڪي شريف ۾ سندن گهڻيون
جايون هيون، جو ٻئي ڪنهن شاهوڪار کي ورلي هيون.
غلامن کانسواءِ ڪئي خادم ۽ نوڪر به وٽن هئا.
اسلام کان اڳ جڏهن هڪ لڱا واپار جي سانگي شام ملڪ
ڏي ويا، تڏهن اُتي هڪڙو خواب ڏٺائون. خواب ۾ آواز
ٻڌائون ته :
”اي غلفت جي ننڊ ۾ سمهڻ وارا اُٿو ۽ گمراهيءَ جي
خمار کان جاڳو! ڇاڪاڻ جو زمين ۽ آسمان جنهن جي
انتظار ۾ هئا، سو مڪي شريف ۾ پيدا ٿي ويو آهي ۽
گمراهن کي هدايت جي راهه ڏيکاري رهيو آهي.“
هن آواز ٻُڌڻ کان پوءِ، چئني طرفن کان لبيڪ جو
آواز ٻڌائين. واضح هجي ته هي اهو وقت هو جڏهن
آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم پهريون ڀيرو مڪي ۾
نبوت جو اظهار ڪيو هو. جڏهن حضرت عثمانرضه
شام ولايت کان موٽيو، تڏهن مڪي شريف جي بازار ۾
سندس حضرت ابوبڪر صديق اڪبر رضه سان
ملاقات ٿي. حضرت ابوبڪررضه کيس حضرت
طلحه رضه سميت حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي محفل ۾ وٺي آيا. پاڻ سڳورن معمولي
گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ڪلام پاڪ جون ڪي آيتون پڙهي
ٻڌايون جن جي ٻُڌڻ سان سندن دلين ۾ اسلام جي صداقت
۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي سچائيءَ
جو نُور چمڪاٽ هڻڻ لڳو ۽ بالآخر سواءِ ڪنهن خوف
خطري جي توحيد جو ڪلمو پڙهي اِسلامي برادريءَ ۾
هميشه لاءِ داخل ٿي ويا.
جڏهن حضرت عثمان رضه مسلمان ٿيو، تڏهن
مٿين خبر بجليءَ وانگر نه رڳو مڪي شريف ۾ پر سڄي
عربستان ۾ پکڙجي ويئي. ڪفارن سندس چاچي حڪم بن
العاص کي سندس خلاف چوريو. جنهن هن کي قيد ۾ رکيو
۽ طرح طرح جون تڪليفون کيس ڏيڻ لڳو. ان لاءِ ته هو
اسلام کي ڇڏي وري بت پرستي اختيار ڪري ۽ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دوستيءَ
کان باز رهي، پر قيدخاني ۾ به حضرت جن عشق محمد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ محبت اسلام ۾ مخمور
رهيا. لاچار حڪم بن عاص کيس قيد مان ٻاهر ڪڍيو، جو
وڃي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان گڏيو ۽
آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي اِرشادات جي
مطابق عمل ڪرڻ لڳو.
حضرت عثمان رضه پهريون مسلمان هو، جنهن
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي فرمان موجب
پنهنجي اهل ۽ عيال سميت حبش ڏي هجرت اختيار ڪئي ۽
جڏهن حبش وڃڻ لاءِ اُسريو تڏهن سرڪار دوجهان صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن سندس حق ۾ دعا فرمائي ته
”اي الله تون حضرت عثمان سان ساڻ ٿي ڇاڪاڻ جو حضرت
لوط عليھ السلام کان پوءِ خدا جي راهه ۾ سڀ کان
پهريون جنهن هجرت ڪئي هي اُهو شخص آهي.“
هجرت ثانيه، جا مڪي کان مدينة المنوره ڪئي ويئي،
تنهن ۾ به شامل رهيا. تنهن کانسواءِ جنگ اُحد ۾ به
شامل رهيا. جڏهن مدينة المنوره کان خانه ڪعبه جي
زيارت لاءِ هجري 6 سال ۾ سرڪار دو جهان مسلمانن کي
مڪي وٺي وڃڻ لاءِ هليا، تڏهن مڪي شريف کان ٻن
منزلن جي فاصلي تي منزل ڪيائون. ڇاڪاڻ جو بشربن
مغيان اچي خبر ڪئي، ته مڪي شريف وارا هن ڀيري جنگ
لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن. تڏهن حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم حضرت عثمانرضه کي اَهل
مڪه ڏانهن مسلمانن جي طرفان بطور سفير ڪري موڪليو،
جو اِهڙي وقت آسان ڪم ڪين هو. اُن وقت ڪنهن اها
خبر هلائي ته حضرت عثمان رضه کي ڪنهن
شهيد ڪري ڇڏيو آهي. اُن وقت فقط 1400 مسلمان هئا،
جن حضرت عثمان جي شهادت جي انتقام تي بيعت ڪئي. هن
متبرڪ بيعت جو ذڪر ڪلام پاڪ ۾ (بيعة الرضوان) آهي.
هن وقت جيتوڻيڪ حضرت عثمانرضه موجود
ڪين هئا، تڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
اُٿي ڪري فرمايو ته ”عثمان خدا ۽ سندس رسول جي ڪم
لاءِ ويو آهي، تنهن ڪري هي منهنجو هٿ سندس هٿ آهي“
اهڙيءَ صورت ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
پنهنجو هٿ مبارڪ حضرت عثمانرضه جو هٿ
فرض ڪيو ۽ حضرت عثمان رضه جي طرفان به
بيعت ورتائون. بيعت الرضوان جو قصو ڪو معمولي ڪم
نه هو، جو پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم
پنهنجو دست مبارڪ حضرت عثمان رضه جو هٿ
تصور ڪيو. هن قصي مان حضرت عثمان رضه
جي فضيلت صاف ظاهر ٿئي ٿي.
سن 09هه اُهو زمانو هو جڏهن قسطنطنيه جي قيصر
اسلام جي تحريڪ کي عربستان ۾ دٻائڻ لاءِ عربستان
تي حملي ڪرڻ جو ناپاڪ ارادو ڪيو هو. تڏهن پاڻ
سڳورن جن به ڪل اصحابن سڳورن کي گڏ ڪري قيصر روم
جي خلاف جهاد جو فرمان ڏنو ۽ هڪدم جهاد جون
تياريون ٿيڻ لڳيون. هي وقت اسلام تي نهايت تنگي ۽
افلاس جو هو، ڇاڪاڻ جو جنگ لاءِ سامان ۽ خوراڪ جي
ضرورت هئي. تنهن ڪري مٿئين تحريڪ موجب گهڻن ئي
اصحابن سڳورن اسلام ۽ جهاد في سبيل الله لاءِ
وڏيون وڏيون رقمون پيش ڪيون. هي گويا امتحان جو
وقت هو. حضرت عثمانرضه هن موقعي تي ٽي
سو اُٺ اَنّ جا ڀريل ۽ هڪ هزار دينار ڏنا. حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن حضرت عثمان رضه
جي هن دريا دليءَ تي گهڻو خوش ٿيا ۽ سندس حق
۾ دعا فرمايائون.
حضرت عمر فاروق اعظم رضه زخمي ٿيڻ
کانپوءِ برابر ٽن ڏينهن تائين بيمار هئا ۽ ايترو
عرصو خلافت جي منصبيءَ لاءِ چؤپچو هلي، ڇاڪاڻ جو
ڪن اصحابن سڳورن جي مرضي هئي ته حضرت علي ڪرم الله
وجهه خلافت تي وهي پر ڪن اصحابن مثلاً عبدالرحمان
بن عوف ۽ ٻين جي مرضي هئي، ته حضرت عثمان رضه
خليفو ٿئي. آخر چوٿين ڏينهن 1 محرم الحرام
سن 24هه مطابق 7 نومبر سن 644 ۾ حضرت عثمان
رضه بن عفان رضه، جو بني اُميه
خاندان مان هو، خلافت نشين ٿيو. حضرت عمررضه
پنهنجيءَ وصيت موجب مدينة المنوره جي ڇهن مدبرن کي
خلافت جون واڳون ڏيئي ويا هئا، ۽ آخر ۾ حضرت عثمان
رضي الله عنھ جن تمام اُمت مسلمه جي اتفاق راءِ
سان خليفا چونڊيا ويا.
عرب، جي فطرتاً جنگجو، خودمختيار ۽ خودغرض هئا، تن
کي پيغمبر اسلام صلي الله عليھ وآلھ وسلم پنهنجي
قوي اخلاق، پاڪ تعليم ۽ استقلال جي زور سان قبضي ۽
ملت هيٺ آندو هو ۽ وري کانئن پوءِ ٻن خليفن کين
فرمانبرداريءَ ۾ آندو پر هينئر هنن وري پنهنجن
پراڻن خيالن، ضد ۽ حسد ۾ پئجي پري پري جي علائقن ۾
بدامني پيدا ڪري ڇڏي. اهي سڀئي خاميون اسلام جي حق
۾ ڪارائتيون ثابت ڪين ٿيون. وڏي ڳالهه ته حضرت
عثمان رضه وڏن فوجي مهندارن کي، جي
تجربيڪار هئا، جن کي حضرت عمر فاروق رضه
وڏن وڏن عهدن تي سندن لياقت موجب مقرر ڪيو
هو، تن کي سندن عهدن تان لاهي، انهن جي جڳهه تي
نوان نوان اهلڪار مقرر ڪيا. اُهي سڀ بني اُميه
خاندان مان هئا، نتيجو اهو نڪتو، جو ڇهن ورهين
تائين هر هڪ علائقي جا ماڻهو اُنهن نون اهلڪارن
مان بيزار ٿي دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳا، مثال طور حضرت
سعد بن ابي وقاص رضه جو ڪوفي جو گورنر
هو، تنهن کي لاهي سندس جاءِ تي وليد بن عقبه کي
اُتي جو حاڪم مقرر ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان هڪڙي
ڏينهن گهڻو شراب پي مسجد ۾ آيو ۽ ٻن رڪعتن جي عيوض
چار رڪعتون پڙهيائين، جڏهن ماڻهن بارگاهه خلافت ۾
درخواست ڪئي، تڏهن خليفة المسلمين مٿئين حاڪم کي،
جو سندس ويجهو مائٽ هو، معزول ڪري، چهبڪ هڻائي،
سندس جاءِ تي سعيد بن العاص کي مقرر ڪيو.
بيروني فتوحات
جناب حضرت عثمان
رضه جي ڏينهن ۾ به بيروني فتوحات جو سلسلو
جاري رهيو. سڀ کان پهريون همدان وارن فساد ڪيو پر
حضرت مغيره بن شعيبه رضه لشڪر وٺي
باغين کي شڪست ڏني. سن 25هه ۾ اسڪندريه جي ماڻهن
رومين جي چرچ تي شورش ڪئي، جنهن تي خليفة المسلمين
حضرت عمرو بن عاص رضه کي مصر روانو
ڪيو، جنهن اُتي جي ماڻهن کي سندن برين عادتن کان
روڪيو.
ساڳئي سال ۾ آذربائيجان وارن عهدنامي خلاف ڪاروائي
ڪئي. جنهن تي خليفة المسلمين ڪوفي جي حاڪم وليد بن
عقبه کي آذربائيجان تي فوج ڪشي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
وڏيءَ خون ريز جنگ ڪرڻ کان پوءِ آزرين 80 لک درهم
ساليانو خراج ڏيڻ جو انجام ڪيائون. ان کان علاوه
60،000 رومي لشڪر هڪڙي جرنيل مرزبان جي سرپرستيءَ
۾ شام تي حملو ڪيو، حضرت امير معاويه، جو هن وقت
شام جو حاڪم هو. تنهن خليفة المسلمين کي اطلاع
ڏنو، جنهن کيس مقابلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حضرت امير
معاويه حبيب بن سلمه کي لشڪر ڏيئي موڪليو، جنهن
رومين کي شڪست ڏني ۽ مسلمانن ايشيا ڪوچڪ ۾ گهڻائي
شهر هٿ ڪيا ۽ گهڻو ئي غنيمت جو مال هٿ ڪيائون.
مشرق ۾ ترڪن ماوراءُ النهر ۾ مٿو ڪڍيو ۽ ستت ئي
بلخ، ڪابل، هرات ۽ غزني جي شهرن تي قبضو ڪيائون.
ايران ۾ به ڪي فساد ٿيا جنهن ڪري سيستان ۽ مڪران
عرب سلطنت کان ڇڄي ڌار ٿيا، پر خليفة المسلمين
عبدالله بن عامررضه کي لشڪر ڏيئي ڪابل
روانو ڪيو، جنهن پنهنجيءَ خداداد همٿ سان مٿيان سڀ
علائقا فتح ڪيا. عربن مٿين ملڪن ۾ رستا جوڙيا ۽ جا
بجا ميوي جا وڻ پوکيا. فوج ۽ پوليس جو پورو
بندوبست رکيائون. مصر جو حاڪم عبدالله بن سعد هو،
جنهن سان آفريڪا جي عيسائي حاڪم سرڪشي ڪئي. حضرت
عبدالله به خليفي کي فوجن لاءِ درخواست ڪئي. خليفة
المسلمين مدينة المنوره مان هڪ زبردست فوج مصر ڏي
ڏياري موڪلي جنهن ۾ گهڻائي جليل القدر صحابهء ڪرام
رضوان الله عليھم اجمعين شامل هئا. هوڏانهن آفريڪا
جي دشمنن جي فوج هڪ لک سٺ هزار هئي. چاليهه ڏينهن
تائين اسلامي فوجون لڙنديون رهيون، خليفي ٻي هڪ
تازي فوج رواني ڪئي، جنهن جو مهندار عبدالله بن
زبير هو، جو الله اڪبر چئي وڃي مصر پهتو، گهڻي
گهمسان جي جنگ کان پوءِ برقه، طرابلس ۽ اُتر
آفريڪا جو گهڻو حصو مسلمانن جي هٿ هيٺ آيو، تنهن
کان سواءِ غنيمت جو مال ايترو هٿ لڳن جو هر هڪ
سوار کي 3000 ۽ پيادل کي 1000 دينار بطور انعام جي
ڏنا ويا. جڏهن خليفة الرسول حضرت عثمانرضه
کي آفريڪا جي فتح جي خبر مدينة المنوره ۾ پهتي
تڏهن درگاهه باري تعاليٰ ۾ شڪرانو ادا ڪيائون. ستت
ئي امير معاويه خليفة السملمين کي قبرص ٻيٽ تي
ڪاهه ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. خليفي کيس اجازت ڏني.
هوڏانهن عبدالله بن زبير به مصر کان جهازن جو دستو
وٺي مدد لاءِ نڪتو، غرض مٿيون ٻيٽ مسلمانن فتح
ڪيو. سن 25هه امير معاويه کي پٽ يزيد ڄائو.
بازنطيني شهنشاهيت جنهن ۾ اٽلي، بلقان، ايشيا
مائنر، شام، مصر ۽ اُتر آفريقا جا ملڪ شامل هئا،
جن مان شام، مصر، اتر آفريقا ۽ بحيره روم جي ڪن
ٻيٽن تي مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو هو جا ڳالهه رومين
جي دلين تي نقش برسنگ هئي. آخر سن 31هه مطابق سن
652ع ۾ قسطنطنيه جي قيصر قسطنطين، جو هرقل جو پٽ
هو، 20،000 لشڪر سان خشڪيءَ جي رستي ۽ 600 جهازن
جو دستو ڏياري شام ۽ بحيره روم ۾ مسلمانن تي حملو
ڪيو. امير معاويه شام جي حاڪم ۽ عبدالله بن سعد
مصر جي حاڪمن درياهي خواهه خشڪيءَ جي رستي غينم جو
مقابلو ڪيو. خشڪيءَ خواه بحري معرڪن ۾ رومين
مجاهدن هٿان سخت چوٽون کاڌيون. چون ٿا ته مجاهدن
سمنڊ تي ايترا ته رومي قتل ڪيا، جو سمنڊ جو پاڻي
ڦري ڳاڙهو ٿي ويو. قسطنطين جڏهن پنهنجي سپهه
سالارن جا سر نيزي تي لٽڪندا ڏٺا تڏهن جنگ جو
ميدان ڇڏي ڀڳو، جنهن تي سندس ماڻهن کيس قتل ڪري
وڌو، قبرص ٻيٽ جي فتح ڪرڻ کان پوءِ هي پهرين بحري
جنگ ليکجي ٿي جا مسلمانن کٽي.
سن 32هه ۾ حضرت اميرمعاويه لشڪر وٺي بازنطيني
شهنشاهيت جي تختگاهه قسطنطنيه تي ڪاهه ڪئي پر گهڻي
مال غنيمت هٿ ڪرڻ کان پوءِ موٽ کاڌائين. حضرت
عثمانرضه جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ گهڻي
فتوحات ڪانه ٿي، پر تنهن هوندي به گهڻائي ملڪ
مسلمانن فتح ڪيا. هن خليفي جي ڏينهن ۾ مسلمانن
پهريون دفعو اندلس (اسپين) تي ڪاهه ڪئي پر ٿورن ئي
شهرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ موٽيا.
حرم شريف، مسجد نبوي جو تعمير ڪرائڻ ۽ قرآن شريف
جو ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيڻ
بيروني فتوحات ۽ ملڪي انتظام کي درست ڪرڻ کان
سواءِ جناب خليفة المسلمين حضرت عثمانرضه
حرم خداوندي ۽ پنهنجي محبوب آقاءِ دو جهان صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي مسجد کي نئين سر تعمير
ڪرايو. قرآن پاڪ کي حضرت ابوبڪررضه سڀ
کان پهريون جمع ڪيو هو، جو اُم المومنين بيبي حفصهرضه
وٽ رکائي ڇڏيو هئائون. ٻيو ته هن وقت به قريش ۾
اَهڙا ڪيترائي عالم موجود هئا، جن کي قرآن شريف
دلين تي ياد هو، تنهنڪري حضرت عثمانرضه
جي مرضي ٿي ته قرآن پاڪ کي ڪتاب جي صورت ۾ شايع
ڪجي. انهيءَ پاڪ اِرادي سان حضرت عثمانرضه
اهو ڪم حضرت زيد بن ثابت، حضرت عبدالله بن زبير،
حضرت سعيد بن عاص ۽ حضرت عبدالله بن حارث رضي الله
عنهم جي سپرد ڪيو ۽ کين تاڪيد ڪيائون ته خلافت
صديقي جي ترتيب ڪيل قرآن پاڪ جي مطابق قرآن پاڪ جا
نسخا ترتيب ڏنا وڃن، ۽ جيڪڏهن ڪنهن امر تي اختلاف
هجي ته قريش جي حافظن ۽ عالمن کان مدد ورتي وڃي،
جڏهن مٿيون ڪم اصحابن سڳورن حسب هدايت پورو ڪيو،
تڏهن جناب حضرت عثمانرضه پنهنجي خلافت
اعظميٰ جي تمام صوبن ۾ قرآن پاڪ جا تيار ڪيل نسخا
ڏياري موڪليا، جناب خليفة المسلمين ثالث جي سايئه
جميل سان اڄ مشرق خواهه مغرب ۾ جيڪي به قرآن شريف
جا نسخا موجود آهن سي لفظ بلفظ هڪجهڙا ئي آهن.
حضرت ابوذر غفاريرضهّ جي خلاف حضرت
امير معاويه جي درخواست
حضرت ابوذر غفاريرضه هڪڙو مشهور اصحابي
ٿي گذريو آهي، جن کي نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ
وسلم ايتري عزت ڏيندا هئا، جيتري صديق اڪبررضه
کي ڏيندا هئا. مٿيون اصحاب سڳورو نهايتي نيڪ سعيد
بزرگ هو. کيس دنياداريءَ جي ظاهري شان ۽ دٻدٻي کان
سخت نفرت هئي. عهد فاروقيءَ ۾ جڏهن گهڻا اصحاب
جهاد جي ارادي سان شام ڏي روانا ٿيا، تڏهن حضرت
ابوذر غفاريرضه به شام ڏي روانا ٿيا ۽
هن وقت دمشق ۾ رهندا هئا. امير معاويه، جو هن وقت
شام جو والي هو سو ظاهري شان ۽ شوڪت کي گهڻو پسند
ڪندو هو.
حضرت ابوذر غفاريرضه کي اها ڳالهه نه
وڻندي هئي، جنهن ڪري کيس کليءَ محفل ۾ ٽوڪيندا
هئا! تان جو امير معاويه تنگ ٿي بارگاهه عثماني ۾
مٿئين بزرگ جي خلاف شڪايت درخواست جي صورت ۾ پيش
ڪئي پر خليفة المسلمين حضرت عثمانرضه
جواب ۾ لکيو ته حضرت ابوذر غفاريرضه جي
ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏيو بلڪه کين وڌيڪ عزت ڏيو،
پر حضرت ابوذر غفاريرضه پنهنجي دستور
موجب اميرن کي ٽوڪيندو رهيو. شام جا اُمراء ۽
مالدار کانئن عاجز ٿيا تڏهن وري امير المومنين کي
شڪايت ڪيائون. امير المومنين مٿئين بزرگ کي پوءِ
مدينة المنوره گهرايو جتي کيس گهڻي عزت ڏنائون.
سن 31هه مطابق سن 652ع جو سال گهڻن ڳالهين ڪري
مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته هن سال ۾ نبي ڪريم صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جي گهڻن اصحابن سڳورن وفات ڪئي. جن
مان حضرت عبدالرحمان بن عوف ۽ حضرت عباس بن
عبدالمطلبرضه مشهور آهن. حضرت عباسرضه
86 ورهين جو هو، تنهن کانسواءِ ٻين به گهڻن جليل
القدر اصحابن سڳورن انتقال ڪيو، جن جي نالن ڏيڻ جو
هتي ضرور ڪونهي.
مدينة المنوره هن وقت علم ۽ ادبي ڳالهين جو مرڪز
هو. جتي حضرت علي ڪرم الله وجهھ ۽ حضرت عبدالله بن
عباس ٻه مکيه بزرگ هئا جي هفتيوار ماڻهن کي
فلاسافي، تاريخ ۽ ٻين اسلامي قانونن ۽ علمي معاملن
بابت واعظ ڪندا هئا. علمي قدردانيءَ جو ثبوت پوءِ
عباسي خليفن بغداد ۾ ڏنو.
حضرت عثمانرضه جي وڏيءَ عمر ۽ مروان بن
حڪم جي انتظاميه تي حاوي ٿيڻ جي ڪري سڄي ملڪ ۾ بي
چيني پکڙجي وئي. اڳي اصحاب سڳورا هڪ ٻئي کان صلاح
وٺندا هئا پر حضرت عثمانرضه جو سمورو
ڪاروبار مروان بن حڪم جي هٿ هيٺ هو، جنهن ماڻهن جي
شڪايتن تي ڪنهن به قسم جو ڌيان ڪونه ڏنو. نتيجو
اهو نڪتو جو ملڪ جي چئني طرفن کان ماڻهو مديني
منوره ۾ روبرو اچي خليفي کي عرض ڪرڻ لڳا، جن کي
واعدا ڏيئي موٽائي ڪڍيائون. پر مديني مان واپسي تي
کين ڪجهه خط خليفة المسلمين جي مهر لڳل سندن
علائقن جي حاڪمن جي نالن سان هٿ لڳا تن کي کولي
پڙهي ڏٺائون ته اُنهن ۾ لکيل هو ته جڏهن هي توهان
وٽ پهچن تڏهن هنن کي قتل ڪري ڇڏجو.“ اُهي وري
پوئين پيرين مديني موٽيا جتي اعلان ڪيائون ته
مروان جي ٻانهن اسان جي حوالي ڪئي وڃي، حقيقت ۾ ان
سازش لاءِ مروان بن حڪم ئي ذميدار هو. امير
المومنين مروان جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن
تي هو خليفة المسلمين جي گهر کي گهيري ويا. گهڻائي
بني اُميه خاندان وارا خفي ٿي شام ڏي لڏي ويا، جتي
امير معاويه سان وڃي گڏيا، جيڪڏهن حضرت علي ڪرم
الله وجهه، حضرت امير المؤمنين کي فسادين کان نه
بچائي ها ته جيڪر کيس امالڪ شهيد ڪري ڇڏين ها. پر
امام حسن ۽ حسينرضه ٻن شهزادن به خليفي
کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سندن گهر تي پهرو ڏيڻ لڳا،
پر آخر ٻن فسادين تاريخ 18 ذوالحج 17 جُون سن 35هه
مطابق سن 656ع ۾ خليفي جي گهر جي ديوار ڀڃي امير
المومنين کي شهيد ڪري ڇڏيو (انالله و انا اليھ
راجعون). سندن عمر هن وقت 82 ورهيه جي هئي، سندن
جنازي نماز سندن وصيت موجب حضرت زبيررضه
پڙهائي ۽ کين جنت البقيه ۾ دفنايائون.
حضرت عثمانرضه پوري قد جا ها، کين
ڏاڙهي هئي، سندن عضوا مضبوط هئا، پاڻ سڳورا دل جا
نهايت سخي هئا. هميشه خيرات ڪندا هئا، اڪثر ماڻهن
کي غنيمتن جي مال مان خزانا ڏيندا هئا، جا ڳالهه
ماڻهن کي ڪين وڻندي هئي.
خلافت حيدري
حضرت عليرضه جا گهڻائي نالا آهن جن مان
اسد سندن والده رکيو. علامھ ابن اعرابي چوي ٿو ته
حضرت عليرضه جي ولادت وقت سندن والد
ابو طالب گهر ۾ موجود ڪين هو ۽ ٻيو ڪو اهڙو عزيز
به ويجهو ڪين هو، تنهن ڪري سندن والده مٿن اسد
نالو رکيو. انهيءَ لاءِ ته بيبي صاحبه جي پيءَ جو
نالو زندهه رهي، پر جڏهن ابو طالب گهر آيو، تنهن
پنهنجي فرزند ارجمند تي علي مبارڪ نالو رکيو. حيدر
نالو جنهن جي معنيٰ شينهن آهي سو به سندن والده
رکيو هو. جيئن ته خيبر جي جنگ ۾ پاڻ فرمايو هئائون
ته مان اُهو آهيان جو منهنجي ماءُ مون تي حيدر
نالو رکيو.
پر سڀني نالن مبارڪن مان سندن اسم شريف ”علي“ گهڻو
مشهور آهي، پر ڪي ائين لکن ٿا ته علي مٿن نالو
تڏهن پيو جنهن وقت پاڻ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي ڪلهن مبارڪن تي چڙهي خانه ڪعبه جي بتن کي
ڀڳو هئائون. کين ابوالحسن ۽ ابو تراب جي نالن سان
به سڏيندا هئا.
حضرت عليرضه قريش خاندان مان هئا ۽
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جا ويجها عزيز
هئا، پاڻ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ وسلم جا
سؤٽ هئا، سندن پيءُ جو نالو حضرت ابو طالب هو، جو
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو سڳو چاچو هو،
سندن والده جو نالو فاطمه بنت اسد بن هاشم هو ۽
اها بيبي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي والد
حضرت عبداللهرضه ۽ حضرت ابو طالب جي
سئوٽ هئي ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
پُڦي هئي.
حضرت عليرضه نبوت کان فقط 10 سال اڳ
خانه ڪعبه اندر تولد ٿيا هئا. جو شرف ٻئي ڪنهن کي
به حاصل مشڪل هو. سندن والده ماجده دين اسلام قبول
ڪيو هو ۽ هجرت به ڪئي هئائين. جنهن ۾ هن بيبي
سڳوريءَ وفات پاتي.
حضرت عليرضه جن اڃا 5 سالن جي عمر جا
مس هئا ته مڪه معظمه ۾ قحط پيو. تنهن ڪري آنحضرت
صلي الله عليھ وآلھ وسلم پنهنجي ٻئي چاچي حضرت
عباسرضه وٽ ويا ۽ کين ڏُڪر ۽ ابوطالب
جي مشڪلاتن جو سارو حال ٻڌايائون. جنهن تي ابو
طالب جي ٻن پٽن عقيل ۽ طالب جي پرورش جو ذمو حضرت
عباسرضه کنيو ۽ باقي ٻن پٽن عليرضه
۽ جعفررضه جو ذمون پاڻ سڳورن کنيو.
جناب عليرضه کي پنهنجي گهر وٺي ويا،
جتي گهڻي ناز ۽ پيار سان کين پالڻ لڳا. جڏهن نون
ڏهن ورهين جا ٿيا، تڏهن آنحضرت خيرالبشر جي رسالت
تي پاڻ ترت اسلام قبول ڪيائون ۽ خداوند تعاليٰ تي
ايمان آندائون. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
کين نماز پڙهڻ ۽ وضو ڪرڻ ۽ ٻين عبادتن جا طريقا
سيکاريا. ايتريقدر جو جناب علي عليھ السلام کي
مدينه علم جي لقب سان سڏيندا هئا. باوجود ان جي ته
ابو طالب حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي
ايمان نه آندو پر تنهن هوندي به پنهنجي پٽ حضرت
علي المرتضيٰرضه کي هدايت ڪيائين ته هر
وقت پنهنجي ڀاءُ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ و آلھ
وسلم سان گڏ رهجان ۽ سندس فرمان موجب ڪم ڪار ڪندو
رهجان ۽ واقعي جڏهن پاڻ ڪو ڪم ڪندا هئا ته پهريون
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان اجازت گهرندا
هئا. مرڻ جي گهڙيءَ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
ابو طالب کي ايمان آڻڻ لاءِ صلاح ڏني پر ابوطالب
وفات وقت به اهو جواب ڏنو ته جيڪڏهن پيءُ ڏاڏي جو
اڳيون مذهب ڇڏي نئون مذهب اختيار ڪندم ته مڪي جون
زالون به مون کي طعنا ڏينديون. هجرت نبوي وقت جيڪا
خدمت حضرت علي المرتضيٰ رضه ادا ڪئي سا
قابل قدر آهي. 18 ربيع الاول تي جڏهن مدينة
المنوره ۾ درٻار نبوي ۾ وڃي حاضر ٿيا تڏهن سندن
پيرن مبارڪن ۾ ڦلوڪڻا پئجي ويا هئا. حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن ڦلوڪڻا ڏسي مٿن پنهنجو دست
مبارڪ ڦيريو ته جلد تندرست ٿي پيا.
حضرت فاطمة الزهرا سان نڪاح
حضرت بيبي فاطمه الزهرارضه ، جڏهن سن
شعور ۽ سن بلوغ کي پهتي، تڏهن گهڻن ئي قريش جي
رئيسن مٿئين اَمر لاءِ بيبي فاطمهرضه
سان نڪاح لاءِ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي
خذمت اقدس ۾ درخواستون موڪليون پر حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم انهن سڀني درخواستن کي رد ڪيو ۽
بيبي سڳوريءَ جو نڪاح حضرت عليرضه سان
ڪيو.
نعره حيدري کان قلعن جو ڀڄڻ ۽ ڪفارن جو ڪنبڻ
جيئن ٻين اصحابن سڳورن ڪفارن جي مقابلي ۾ حصو
ورتو، تيئن شيرِ خدا پڻ سڀني اهم جنگين ۾ حصو
ورتو، جيئن ته اسلامي لشڪر ۾ حضرت امير حمزه
رضه، حضرت عمر فاروق اعظم ۽ حضرت علي
اسدالله رضهمشهور ۽ نامور پهلوان هئا،
حضرت علي رضهجنگ بدر ۾ پنهنجي تلوار جا
اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو ڪفار ششدر ٿي پيا. جنگ
اُحد ۾ به ڪفارن جي سپهه سالار ابو سعيد بن ابو
طلحه کي جهنم پهچايو هئائون. خندق جي جنگ ۾ به
مشهور ڪفار عمرو بن ودّ کي هڪڙي ئي ڌڪ سان قتل ڪيو
هئائون. مطلب ته اسلامي افواج جا سپهه سالار ۽ علم
بردار جناب امير ڪرم الله وجهه هئا. سن 6هه ۾ خيبر
جي پهرين جنگ دوران جڏهن بني سعد قبيلي وارن
يهودين جي مدد ڪئي تڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ
وسلم حضرت علي المرتضيٰ رضهکي مقابلي
لاءِ موڪليو ۽ بني سعد وارا حيدري نعره ۽ ذوالفقار
جو تاب جهلي نه سگهيا، جنهن ڪري گهڻو مال اسباب
ڇڏي ڀڳا ۽ مجاهدين اسلام کي سمورو مال هٿ لڳو. جن
۾ ٻه سو ٻڪريو ۽ 5 سو اُٺ به هئا. جو سمورو مال
مجاهدين کي ورهائي ڏنائون. جڏهن سندن فوج مدينة
المنوره ۾ داخل ٿي تڏهن پاڻ سڳورن سندن حق ۾ دعا
گهري.
خيبر جي ٻيءَ جنگ ۾ جيڪي حضرت علي رضه
ڪارناما ڏيکاريا، سي شايان شان آهن جيئن ته
مسلمانن هن قلعي تي برابر ويهن ڏينهن تائين محاصرو
ڪيو پر فتح ڪري نه سگهيا، حضرت عليرضه
جنگ ۾ شامل ڪين ها ڇاڪاڻ جو سندن اکيون مبارڪ
بيماريءَ جي وگهي اُٿيل هيون، تڏهن پاڻ سڳورن حضرت
عليرضه کي سڏائي سندن اکين تي پڪ هنئي
۽ دعا گهري ته سندن اکيون چاڪ ٿي پيون. پوءِ
پيغمبر خدا صلي الله عليھ و آلھ وسلم کين اسلامي
جهنڊو ڏيئي قلعو فتح ڪرڻ لاءِ دعا ڪري موڪليو.
يهودي جي قلعي ۾ مضبوط ويٺل هئا، تن جڏهن حيدر
ڪرار کي ايندو ڏٺو، تڏهن سندن سڀ اُميدون پائمال
ٿي ويون. حضرت شير خدارضه پهريون قلعي
جي ٻاهران اچي جهنڊو کوڙيو ۽ قلعي تي گهيرو
ڪيائون. حارث جو يهودين جو وڏو پهلوان هو، سو ٻاهر
نڪري مقابلي لاءِ آيو. هن هڪ ٻن مسلمانن کي شهيد
ڪيو پر جڏهن حضرت عليرضه سندس مقابلي
لاءِ آيو، تڏهن هڪڙيءَ ضرب سان سندس سر وڃي پري
پيو. حارث جي ڀاءُ مرحب اهو واقعو ڏسي زرهه پائي
ٻنهي هٿن ۾ تلوار جهلي حضرت عليرضه جي
مقابلي لاءِ آيو، پر کيس مجال نه هئي جو ذوالفقار
جو مقابلو ڪري سگهي ۽ هڪڙيءَ ضرب سان ٻه ٽڪر ٿي
ڪري پيو، تنهن کانپوءِ حضرت عليرضه
تڪبير جي نعره کي بلند ڪيو. سڄي قلعي ۾ زلزلو پئجي
ويو. يهودين اٺ پهلوان هڪٻئي پٺيان موڪليا، جي
اٺئي جهنم داخل ٿيا. ڪفارن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي.
حضرت عليرضه قلعي جي فولادي دروازي کي
وٺي ڌوڻيو جو ڀڄي پيو. جنهن کي اڪيلي سر خندق جي
مٿان بطور پل جي کڻي رکيائون. چون ٿا ته اُهو وزن
۾ 8 سو مڻ هو. اسلامي فوجن پل مٿان لنگهي خندق پار
ڪئي، قلعو فتح ٿيو. تنهن کان پوءِ ستن ڄڻن اُن
لوهه جي دروازي کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر چوري نه
سگهيا. اها هئي طاقت حضرت عليرضه جي.
جنگ حنين ۾ به حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم گهڻن
ئي ڪفار پهلوانن کي جهنم پهچايو هو. ۽ طائف جي
گهيري وقت حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کين بتن
کي ڀڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. عدي بن حاتم ۽ سندس ڀيڻ سنا
نه خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. حاتم جو گهراڻو جو
سڄي عرب ۾ سخي گهراڻو هو. سو به اسلام جي آغوش ۾
اچي ويو.
سنه 12هه ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کين يمن
جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو، جتي حضرت عليرضه
اسلام جي گهڻي تبليغ ڪئي، جنهن ڪري سندن ئي سايه
جميل سان گهڻائي ڪفار اِسلام جي دائري ۾ اچي ويا.
سن 11هه ۾ جڏهن پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم رحلت فرمائي، تڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه
ايتريقدر رُنا جو سندن ڏاڙهي مبارڪ ڳوڙهن سان تَر
ٿي ويئي ۽ پيغمبر خدا جي ڪفن ۽ دفن جو سمورو ڪم به
پاڻ ڪيائون.
--------
آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي وصال ڪرڻ
کانپوءِ ٽي خليفا سڳورا حضرت اَبوبڪر صديق اڪبر،
حضرت عمر فاروق اعظم ۽ حضرت عثمان ذوالنورين رضوان
الله تعاليٰ عليھم اجمعين خلافت نشين ٿيا ۽ حضرت
عليرضه سڀني خليفن جي هٿن تي بيعت ڪئي.
حضرت عثمانرضه جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ 24
محرم الحرام سن 35هه مطابق 23 جون سن 656ع ۾ خلافت
نشين ٿيا. سندن ڪنهن به مخالفت ڪانه ڪئي. حضرت
علي ڪرم الله وجهه آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي محفل نبوت جا وڏا اصحاب هئا ۽ کانئن اڳ
جيڪي به اصحاب سڳورا خلافت نشين ٿيا تن کي سندن
ڪاروبار ۽ صلاح مصلحت ۾ هر وقت مدد ڪندا هئا. خاص
ڪري حضرت عمر فاروقرضه کي سندن ڪاروبار
۾ گهڻي مدد ڏني هئائون. هر وقت پنهنجن ٻن صاحبزادن
حضرت اِمام حسنرضه ۽ حضرت اِمام حسين
جي تعليم ۾ پنهنجو وقت گذاريندا هئا. جڏهن ماڻهن
کين خلافت جي مهر سپرد ڪئي، تڏهن پاڻ مسجد ۾ وڃي
سڀني جي اڳيان جهڪي بلند آواز ڪري فرمايائون ته
”جيڪڏهن مونکان وڌيڪ ممتاز شخص هجي ته مان خلافت
جو بار وڏئ خوشئ سان کيس سپرد ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان“.
حضرت عليرضه خلافت تي ويهڻ شرط، اُنهن
اَهلڪارن کي، جن کان رعيت تنگ هئي، عهدن تان
برخواست ڪري ڇڏيو، ڍلن جو ساڳيو نمونو رکيائون جو
اڳ هو. ان وقت سڀني اصحابن ۽ تمام مسلمانن کي
هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هئي. مگر حضرت
عثمانرضه جي ناحق خون اسلام جي تمام
دشمنن کي اهو موقعو فراهم ڪيو، ته اهي مسلمانن ۾
فساد وجهن، ان کان علاوه عبدالله بن سبا جهڙا
يهودي (جيڪو فقط نالي ۾ مسلمان ٿيو هو) به سازشن ۾
شامل ٿي ويا. نتيجي ۾ ڪافرن خلاف جهاد ڪندڙ مسلمان
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي
ويا. اهڙي قسم جو پهريون معرڪو بصره ۾ ٿيو، جنهن ۾
حضرت عليرضه هڪ طرف ۽ اُم المؤمنين
حضرت عائشھ رضه، حضرت طلحه رضه۽
حضرت زبير ٻئي طرف هئا. جيتوڻيڪ جنگ کان اڳ ئي
مٿين سڳورن جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿي ويو هو ۽ غلط فهميون
دور ٿي ويون هيون، پر فسادين کي اها ڳالهه هرگز
قبول نه هئي ته ٺاهه ٿئي، تنهنڪري رات وچ ۾ انهن
وڏي خونريز جنگ ڪرائي ڇڏي. تاريخ ۾ ان جنگ جو نالو
”جنگ جمل“ آهي. هن جنگ ۾ حضرت زبير ۽ حضرت طلحه
رضي الله عنهما جهڙا جليل القدر اصحابي ۽ طرفين جا
هزارين مسلمان شهيد ٿي ويا، مگر آخر ۾ فتح حضرت
علي رضهجي لشڪر جي ٿي. ان معرڪي کان
پوءِ حضرت عليرضه، اُم المؤمنين بيبي
عائشهرضه کي باعزت مديني شريف ڏانهن
ڏياري موڪليو. مسلمانن جو پاڻ ۾ ٻيو معرڪو سفين جي
ميدان ۾ ٿيو، جتي هڪ طرف حضرت امير معاويه پنهنجي
شامي لشڪر سان موجود هو، ته ٻئي طرف اميرالمؤمنين
پنهنجي لشڪر سان آيل هو، مگر هيءَ جنگ بنا ڪنهن
نتيجي جي ختم ٿي.
عبدالرحمٰن بن ملجم هڪ خارجي هو، جو ڪوفي جي هڪڙي
عورت قسطامه بنت شحنه جي نازخرامئ تي عاشق هو. ابن
ملجم هن خارجي عورت کي نڪاح لاءِ چيو، جنهن تي هن
وراڻي ڏنيس ته جيسين حضرت علي رضه کي
شهيد نه ڪندين، تيسين مان توسان نڪاح نه ڪنديس. 17
رمضان المبارڪ سنه 40هه مطابق 27 جنوري 661ع ۾
جيئن حضرت علي ڪرم الله وجهه ڪوفي جي مسجد ۾ نماز
ادا ڪري نڪتا ٿي، ته ابن ملجم زهر آلوده خنجر سان
هڻي خليفي کي زخمي ڪري وڌو ۽ ان زخم جي ڪري پاڻ
سڳورا (خليفة المسلمين) شهيد ٿيا (انالله و انا
اليھ راجعون). شهادت وقت سندن عمر 64 سال هئي.
حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ حضرت
حسنرضه ابن ملجم کي قصاص ۾ قتل ڪري
ڇڏيو. وري ڪن جو چوڻ آهي، ته ابن ملجم جي لاش کي
ماڻهن ڳوڻ ۾ وجهي ساڙي ڇڏيو (والله اعلم).
حضرت عليرضه کي 9 زالون هيون. جن مان
سڀ کان پهريون نڪاح حضرت فاطمة بنت رسول الله سان
ٿيو هو ۽ جيسين بيبي فاطمة الزهرا جيئري هئي،
تيسين ٻيو نڪاح حضرت عليرضه ڪونه ڪيو.
بيبي فاطمة الزهرا جي تن مبارڪ مان کين 3 پٽ ۽ 4
نياڻيون هيون. بيبي سڳوري پنهنجي پيءُ آقاءِ
نامدار محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم وٽ ٿورو وقت
رهيون نه ته سمورو وقت حضرت علي ڪرم الله وجهه وٽ
رهيو هيون. سڄي عرب ۾ هن جهڙي ڪا ٻي زال ورلي هئي
۽ وري دل جي اهڙي ته سخي هئي جو کيس (خاتون جنت)
جي لقب سان سڏيندا هئا.
حضرت عليرضه پاڪ ۽ نيڪدل صادق انسان
هو. سندن ڪنهن سان به عداوت ڪانه هئي پر سندس
دشمنن ساڻن هميشه دشمنئ جو رستو رکيو. پاڻ پوري قد
جو هو پر بلڪل مضبوط هو سندن اکين مان هر وقت مروت
ٽپڪندي هئي. هو وڏو فلاسفر هو. وري بهادر به اهڙو
جو ڪنهن جي مجال ڪانه هئي، جو ساڻس مقابلو ڪري
سگهي. پر رعايا ڪاڻ رحمدل ۽ سخي هئا. صبر جا ته
گويا درياهه هئا. پاڻ سڳورا مسڪينن ۽ بيواهن جي
سنڀال ڪندا هئا.
وفات وقت به پنهنجي پٽن کي سخا، مروت ۽ فاقه مستئ
جي وصيت ڪري ڇڏي هئائون. وڏا عالم به هئا، انصاف
جا صاحب ۽ شرعي احڪامن تي به پورا هئا.
خلافت حيدري ۽ اسلامي جمهوريت تي نگاهه
حضرت آقاءِ دو جهان محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ
وآلھ وسلم ڏهن سالن جي اندر جيڪا عربن جي جهالت
مٽائي ۽ سندن مختلف قبيلن کي گڏ ڪري هڪڙي جماعت
(اِسلام) جي نالي سان تيار ڪئي ۽ دنيا ڏٺو ته ٿوري
عرصي اندر اُهي عرب بلخ کان وٺي فيضان تائين جيڪي
به ملڪ آهن تن جا مالڪ بنجي پيا ۽ اُهي لوڪ، جي
دنيا جي مغرور قومن جي نظر ۾ صحرا نشين هئا، تن
مغرور قومن کي به سندن اڳيان سر جهڪائڻو پيو، سا
ڳالهه دنيا جي تاريخ ۾ هميشه يادگار رهندي.
حضرت ابوبڪر صديقرضه انهن بدوين کي
سڌارڻ ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ اُنهن کي هڪڙيئي جماعت جي
صورت ۾ آڻي بيهاريائون. سندن ترقي کي ڏسي دنيا جي
وڏين قومن مثلاً ساسانين، يهودين، يونانين ۽ رومين
هنن سان عداوت ڪئي. پر 30 سالن جي جمهوريت ۾ جا
عربن جي ڦيرڦار ٿي، تنهن دنيا کي حيرت ۾ وجهي
ڇڏيو. يا ته عرب صحرا ۾ خيما کوڙي اُنهن ۾ گذران
ڪندا هئا ۽ سندن شهرن ۾ سواءِ ڪن ٿورين جهوپڙين جي
ٻيو ڪجهه به ڪين هو، پر هينئر هو دنيا جي مهذب
قومن کان به ترقي ۽ تمدن ۾ گوءِ کڻي ويا هئا. جيئن
يونانين اَٿينز ۽ سپارٽا جا شهر جوڙي آباد ٿيا،
تيئن عربن به فرات نديءَ جي ڪپ تي ڪوفا ۽ بصره جا
شهر جوڙيا، ۽ حجاز جي ٻن متبرڪ شهرن مڪي ۽ مديني ۾
هينئر هو محلاتن ۾ خوشگوار زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
سندن جمهوري حڪومت جي احڪامن موجب هر هڪ فرد بشر
کي آزادي مليل هئي. ايراني، ترڪ، يوناني يا جن
لوڪن اِسلام مذهب اختيار ڪيو، تن کي ساڳيا حقوق
مليا، جهڙا مسلمانن کي مليل هئا. هو عربن سان
مائٽي رکڻ لڳا، جنهن ڪري مذهب خواهه ملت جو بنياد
پيو. بنياد مضبوط ٿيندو ويو، پر عربن مان عداوت
جوا ثر اڃا ڪونه ويو هو. جيئن ته مختلف قبيلن ۾،
جا پاڻ ۾ عداوت هئي، جنهن جو خوفناڪ نتيجو پوين
خليفن جي ڏينهن ۾ ٿيو.
عربستان جي مختلف قبيلن مان (خارجي) پهريان عرب
هئا، جن حضرت عمر فاروق اعظمرضه جي مرڻ
پڄاڻان پوين ٻن خليفن جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪيو
هو. جمهوري مجلس ۾ خليفن کي اُنهن ماڻهن جي راءِ
وٺڻي پوندي هئي، جن کي پيغمبر خدا صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جي محفل جو شرف حاصل هو يا جدا جدا
علائقن ۽ جدا جدا قومن جا رئيس هئا. بدوين کي به
اجازت هئي ته هو پنهنجا سرڪردا جماعت ۾ ڏياري
موڪلين. مٿيان سڀ جماعتي مسجد ۾ گڏ ٿيندا هئا.
اهڙن جماعتي مظاهرن کانسواءِ ڪي اهڙا به ممتاز
اصحاب هئا، جن کي اختيار هو ته جيئن وڻين تيئن ڪن.
اُهڙن اصحابن سڳورن مان حضرت ابوبڪر صديقرضه
جي عهدِ مبارڪ ۾ حضرت عمر بن خطابرضه
کي انصاف ۽ ڍلن اُڳاڙڻ جو حق هو. گويا حڪومت جي
طرفان نظام الملڪ هو. ساڳئ طرح جناب علي ڪرم الله
وجه کي خارجي
Foreign Affairs
۽ سياسي
Political
ڪم سپرد هئا. حضرت علي ڪرم الله وجهه کي وري هڪڙو
اصحاب اِن ڪم لاءِ مليل هو ته فوجن جي هٿيارن
پنهوارن جو بندوبست رکي. اِنهن حالتن ۽ اختيارن
هوندي به هر ڪنهن اهم مسئلي جي فيصلي لاءِ جماعت
کان اجازت وٺڻي پوندي هئي. مٿينءَ اسلامي جمهوريت
۽ اِمامت جو بنياد آقاءِ نامدار سرڪار دوجهان
پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم وڌو. حضرت عمر
فاروق اعظمرضه جي عهدِ مبارڪ ۾ جماعت
وڏي اوج کي پهتي. مٿيون زمانو واقعي خير و برڪت جو
زمانو، حريت، اخوت، استقلال ۽ مساوات جو سرچشمو
هو. عرب (مسلمان) هن دور ۾ ترقئ جي معراج کي پهتا.
وڏي ڳالهه ته عرب، عجمي، فارسي، ڪاپٽ، ترڪ ۽ افغان
مٿئين سرچشمي کان اچي سيراب ٿيا ۽ آغوش اسلام ۾
امن امان جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
خلافت فاروقي جي عهد مبارڪ ۾ عربن گهڻا ملڪ فتح
ڪيا، پر فاتح مهندارن کي خليفي پاران خاص تاڪيد
هو، ته اُنهن ملڪن جي ماڻهن کي پورا حق ڏيو ۽
توهين پنهنجي قوميت جي حقن ۾ مضبوط رهو! حضرت عمر
فاروقرضه وڏو انصاف پرست اِسلام جو
شهنشاهه هو. جنهن جي هيئبت کان قيصر ۽ ڪسريٰ جي
ايوانن ۾ زلزلو پئجي ويندو هو. جيڪڏهن فرات ندئ جي
ڪپ تي ڪنهن اعرابئ جو اُٺ وڃائجي پوندو هو، ته اُن
لاءِ به حضرت عمررضه پاڻ کي جوابدار
سمجهندا هئا! وري هن خيرالامم جي اصحابن سڳورن جي
سادگئ جو به اندازو ڪري ڏسو ته حضرت عمر فاروق
پنهنجي ڏاچين جو کير پاڻ ڏُهندا هئا. بيواهن عورتن
کي پاڻي ڀري ڏيندا هئا. ميدان ڪارِزار مان جيڪي خط
مجاهدن جا ايندا هئا سي پاڻ وڃي سندن گهرن ۾
ورهائي ڏيندا هئا ۽ وري جواب وٺي جنگ جي ميدان ڏي
موڪليندا هئا! جيڪڏهن مٿيون ڪمبل پوش شهنشاهه ڪجهه
وقت جيئرو رهي ها ته جيڪر اِسلام ۾ ڪڏهن به
اندروني فساد نه پون ها. ڇاڪاڻ جو خليفي ثانيءَ جو
پهريون اِهو مقصد هو ته عربن ۾ جيڪا قومي عداوت
آهي، تنهن جو بنياد ڪڍي ڇڏجي، ته عربن جا سڀ قبيلا
گڏجي هڪ ٿي بيهن.
حضرت عمر فاروق بلڪل دورانديش درويش خليفو هو. هن
ڳالهه کي محسوس ڪري ڇڏيو هئائون، ته جيڪڏهن حڪومت
۾ ڪاشتڪار آزاد آهن، ته ملڪ وڌيڪ آسودو رهي سگهي
ٿو. اِهو ئي سبب هو جو پاڻ سڳورن ملڪي فتوحات سان
گڏ اِهو قاعدو به سڀني علائقن سان لاڳو ڪري ڇڏيو
هو ته ڪاشتڪارن کي پوري پوري آزادي ڏجي ۽ حقيقت ۾
عرب فاتح جتي ويا اُتي آبپاشئ جي ڪمن کي ترقي
ڏنائون. ٻيو ته ڪوئي زميندار پنهنجي زمين نه وڪڻي،
جيڪڏهن کيس ناڻي جي ضرورت پئي ته هو پنهنجي علائقي
جي حاڪم کي درخواست ڪري ۽ حسب دستور انتقال ايراضي
کي روڪڻ لاءِ خزاني (بيت المال) مان ناڻو وٺي. خاص
ڪري (حيره) جي رهاڪن ۾ زمين وڪڻڻ جو گهڻو رواج هو،
جو هن قانون جي سهولت ڪري بلڪل بند ٿي ويو.
عرب فاتحن کي حڪومت مليه جي طرفان خاص تاڪيد هو،
ته جتي وڃن اُتي ڪاشتڪاري تي خاص ڌيان ڏين. اهڙي
حڪم صادر ٿيڻ ڪري زمين جي مالڪن خواهه زراعتي پيشي
وارن کي تڪليف ڪانه هئي. عربن کي تاڪيد هو ته جتي
وڃن اُتي پنهنجي مذهبي احڪامن تي پورا رهن ۽ ڌارين
قومن سان هر ڪنهن قسم جا موالات رکن. مثلاً هر هڪ
مسلمان کي اِهو حق هو ته هو ڌارين مان شادي ڪري
سگهي ٿو. بشرطيڪ هو پنهنجي مذهبي پابندين تي قائم
رهي. اِن اَصول ڪري گهڻائي شامي، مصري، ايراني ۽
بربر عربن جا رفيق ٿي ويا جن کي حڪومت جي طرفان
(موالاتي)Cooperaters
سڏبو هو.
اِهو هو اِسلامي مساوات جو سچو فوٽو! مسلمانن کي
فقط اِهو حق هو ته کين بيت المال مان وظيفا ملندا
هئا ۽ جنگ لاءِ هر وقت ٻڌل رهندا هئا، سا ڳالهه ڪا
وڏي رعايت ڪانهي، اِهو هر ڪنهن ملڪ ۽ هر ڪنهن قوم
۾ اول کان وٺي ويندي اڄ تائين رواج هلندو ٿو اچي.
حڪومت جو نظام
اِسلام جي طاقت جو ايتري وڌي سو فقط سندن حڪومت جي
نظامِ جمهوريت
Democracy
جي ڪري. قانون ۽ آئين لاءِ هرڪو ٻڌل هو. سلطنت جو
سمورو بار ماڻهن تي ئي هو. وڏي ڳالهه ته اسلام جا
معاشرتي قانون
Social Laws
اهڙا هئا، جو اُنهن جي خلاف جمهوريت کي به مجال نه
هئي جو غير واجب قاعدا پاس ڪري سگهي. اِسلام جي
مراد ئي اِها آهي، ته خواهه دولتمند هجي يا مفلس
هجي پر الله تعاليٰ قادر مطلق جي سرڪار ۾ ٻئي
هڪجهڙا آهن. پس دولتمند کي طاقت ڪانهي جو مفلس سان
غير واجبي هلت ڪري سگهي، جمهوريت جا صدر به فقط
انهئ ئي مراد سان انتخاب ڪيا ويندا هئا ته ٻنهين
طبقن جي ڌرين جي حقن جي پوري پرداخت ۽ سار سنڀال
ڪري سگهن. ملڪ جي آمدني حڪومت جي سرڪردن لاءِ ڪانه
هئي بلڪ عام ۽ خاص جي لاءِ هئي. عربن تي ڍلون معاف
هيون سواءِ اسلامي ڍلن جي (جيئن زڪوات وغيره) ۽
دولتمندن تي فرض هو ته مسڪينن جي سنڀال رکن پر وڏي
ڳالهه ته اسلام ۾ سخا جو اصول افضل شمار ڪيو وڃي
ٿو! هن اُصول موجب غريبن جي خودبخود سنڀال لهندا
هئا. آسودگئ جو اِهو حال هو جو شاهوڪار ۽ اَمير
لوڪ رپين جا ٿالهه ڀرائي خيرات ڏيڻ لاءِ بازارين ۾
هوڪا ڏياريندا هئا! پر ڪو مشڪل سان غريب ملندو
هئن، جمهوريت جي صدرن ۽ حڪومت جي صوبن جو پاڻ ۾
ايتريقدر اعتقاد هو جو بيت المال تي ڪنهن به قسم
جو پهرو ڪونه هو. نه وري ڪو حساب ڪتاب رکيل هو.
زڪوات جو چندو فوجي ڪمن ۽ غريبن جي پرداخت لاءِ
هو. رعيت کي اختيار هو ته درخواست ڏيئي بيت المال
مان حصو وٺن، ڇاڪاڻ جو اُهو خزانو ڪنهن خاص
ماڻهوءَ جي ملڪيت نه هئي پر سڄي رعيت جو اُن ۾ حصو
هو. بيت المال مان ڌاريا، جي ايمانداريءَ جو ثبوت
ڏيندا هئا، حصو وٺي سگهندا هئا ۽ اُنهن کي به
برابر حصا ملندا هئا. اِهو سلسلو حضرت عمر فاروقرضه
جي عهد مبارڪ ۾ چالو ٿيو. پر افسوس جو حضرت عثمان
ذوالنورينرضه جي ڏينهن ۾ مٿيون سلسلو،
جو اڳيان جوڙي ويا هئا، آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳو.
حضرت عثمان ذوالنورينرضه جي ڏينهن ۾ ،
گهڻائي تجربيڪار حاڪم عهدن تان لاٿا ويا ۽ بنو
اُميه جي ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ کين وڏا وڏا
ذميدار عهدا ڏنائون، جي بلڪل ناتجربيڪار نڪتا.
حڪومت جون جدا جدا جائدادون، جي عام رعيت جون
ملڪيتون هيون، سي مروان پنهنجي مائٽن جي نالي ڪري
ڇڏيون.
حضرت عليرضه جن پنهنجي عهد خلافت ۾
ناتجربيڪار عهديدارن کي لاهي سندن جاين تي موزون
عهديدار مقرر ڪيا ۽ دفاتر جي انتظام کي به نئين سر
جاري رکيائون. رعيت جي حفاظت لاءِ پوليس جي محڪمي
جي باقاعده شروعات ڪيائون.
ملڪي
انتظام
Political Reformation
ملڪي ڪاروبار جو سلسلو پهرين سرڪار نامدار آقا
محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پاڻ جاري ڪيو هو.
جيئن ته هرڪنهن وڏي علائقي ۽ شهر لاءِ جدا جدا
حاڪم مقرر ڪيا هئائون، جن کي (اَمير) سڏيندا هئا.
تنهن کان پوءِ حضرت عمر فاروق اعظمرضه
اسلامي سلطنت جي جوڙجڪ کي وڌيڪ ترقي ڏني هئي. سندن
عهد مبارڪ ۾ اسلامي حڪومت هيٺين ڀاڱين ۾ وراهيل
هئي.
الف |
عربستان پنجن علائقن ۾ وراهيل هو:
(1) حجاز (2) يمن (3) نجد (4) اهواز ۽
بحرين (5) حضرت اَلموت. |
ب |
ايران چئن حصن ۾ وراهيل هو:
(1) سجستان (2) مڪران ۽ ڪرمان (3)
تبرستان (4) خراسان. |
ت |
شام ٽن حصن حصن ۾ ورهايل هو:
(1) حمص (2) دمشق (3)بيت المقدس. |
ث |
عراق ٽن حصن ۾ وراهيل هو:
(1) بصره (2)ڪوفا (3) فارستان |
ج |
مصر ٻن حصن ۾ وراهيل هو:
(1) وادئ النيل (2) لبيا |
مٿين علائقن جا اَمير يا حاڪم (والي) ڪوٺبا هئا.
سڀئي گورنر مسجدن ۾ ماڻهن سان گڏ نماز پڙهندا هئا،
بلڪه انهن جي امامت ڪندا هئا، جو اسلامي مذهب موجب
حڪومت جو گويا هڪڙو اعلان ظاهر ڪبو هو جو سياسي
حيثيت به رکي ٿو، هن رسم کي انگريزي ۾
Manifesto يعنيٰ
(منشاءِ شاهي جي دلائل جو اظهار) سڏين ٿا. پر شام
جي حاڪمن کي ٻين ڪمن کانسواءِ انصافي اختياريون به
مليل هيون. اُهي اڪثر حمص، دمشق، بيت المقدس ۽
قنسرين ۾ رهندا هئا. ڍلن جي جوڙجڪ لاءِ ٻين ڪمن ۾
خرچن توڙي وصولئ لاءِ مالياتي آفيسون کليل هيون،
جن کي ديوان سڏيندا هئا. شهرن جو سمورو خرچ ۽ رعيت
جي عام فائدي لاءِ مٿين ڍلن مان خرچ ڪبو هو. هر هڪ
علائقي جي آمدني ۽ روانگي جو حساب رکبو هو. باقي
جيڪا بچت ٿيندي هئي، سا فوجي صيغي تي خرچ ڪبي هئي.
هر هڪ ولايت جي والي کي سياسي ۽ فوجي خواهه ملڪي
اختياريون ڏنل هونديون هيون. باقي ٻين ڪمن لاءِ
سندن هيٺيان ننڍا ننڍا عملدار رکيل هئا. زمين جي
پيمائش ۽ کاتن جي جوڙجڪ جو ڪم نهايت ئي خبردارئ
سان ٿيڻ لڳو. جنهن ڪري مصر، عراق، شام ۽ ايران جي
زمينن جي پيدائش ۾ هر روز ترقي ٿيڻ لڳي. خاص ڪري
بابل جي سرزمين ۾ گهڻيون نهرون کوٽائيون ويون.
فرات ۽ دجله جي منهن وٽ گهڻيون شاخون ڪڍائي ملڪ کي
آباد ڪيائون. آبپاشيءَ جي ڪم لاءِ جدا جدا اهلڪار
مقرر هئا. حضرت عمر فاروق اعظمرضه
ماڻهن تي ڍلون گهٽايون، جنهن ڪري واپار ۾ ترقي ٿيڻ
لڳي. مصر ۽ عربستان جو واپار درياهي رستي هلڻ لڳو.
نيل درياه مان هڪڙي نهر کوٽائي بحر قلزم کي ڳنڍائي
ڇڏيائين. جا نهر، ميرالمومنين جي نالي سان سڏجڻ
لڳي. القاهره ۽ اسڪندريه جا واپاري جهاز حجاز جي
بندرگاهن ۽ (جده) تي اچي لنگر هڻندا هئا، جنهن ڪري
حجاز جي ٻن مقدس شهرن مڪي ۽ مديني جي مارڪيٽن ۾ هر
ڪنهن قسم جو اناج ۽ ٻين ملڪن جون پيداواريون گهر
ويٺي ملنديون هيون.
|