محمد ابو عبدالله
سلطان يعقوب المنصور جي وفات کانپوءِ سندس پٽ محمد
ابو عبدالله محمد الناصر الدين الله جي لقب سان
تخت تي ويٺو. هو چال چلت ۾ پيءُ کان نرالو هو. هر
وقت شراب نوشي ۽ عيش عشرت ۾ محو رهندو هو. سندس
ڪوتاهه انديشي جو اهو نتيجو نڪتو جو نه رڳو سندس
خاندان جي بادشاهئ جو خاتمو ٿيو پر مسلمان به
هميشه لاءِ اندلس کان تڙجي ويا.
المنصور جي تلوار خون آ شام کان عيسائي ڪنبڊا هو،
پر هنيئر جڏهن سندس مرڻ جو ٻڌائون، تڏهن هميشه
موجب اندلس تي حملا ڪرڻ لڳا. قستاليه جي بادشاهه
آلفنسو نائين وري قرطبه تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، وري
قتل ۽ غارتگري جي بازار گرم ٿي، الناصر به سيوطه
کان نڪري سندس مقابلي لاءِ نڪتو. عامل يوسف ابن
قاديس جو اشبيله جو هن وقت حاڪم هو، تنهن آلفنسو
جي خوف کان سندس آڻ مڃي هئي، الناصر اچڻ سان هن کي
بيگناهه مارائي ڇڏيو. هن وقت سڄي اندلس ۾ ابن
قاديس هڪڙو ممتاز شخص هو، جنهن لاءِ اسپين جي سڀني
مسلمانن کي عزت هئي، پر هو، لاچار هو ڇاڪاڻ جو
عيسائي مسلمانن کان گهڻو طاقتور هئا، تنهنڪري ابن
قاديس اهڙي تگ ودوجي حالت ۾ لاچار ۽ بيوس هو.
العقاب جو خونريز معرڪو
ابن قاديس جي بيگناهه موت ڪري اندلس جي مسلمانن ۾
ايتريقدر جوش جاڳيو جو هو، کلئي ميدان ۾ بنو مهدي
فوجن تي ڪڙڪيا. راڊريڪيوز
Roderiquez،
جو طليطله جو بادشاهه هو، سو پوپ انوسينٽ ثالث وٽ
مدد لاءِ ويو. هو اسپين جي مختلف عيسائي جماعتن کي
مسلمانن جي خلاف ڪروزيڊ (عيسائي جهاد) لاءِ واعظ
ڪندو رهيو، آخر رومة الکبريٰ جي پوپ جي سڏ تي
قستاليه، آراگان، پرتوگال، ليون ۽ نئوري جون
عيسائي رياستون پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي جهنڊي هيٺ ٿي
بيٺيون. تنهن کانسواءِ پوپ جي اشاري تي اٽلي،
فرانس ۽ جرمنئ کان به ڪيترائي ڪروزيڊر مسلمانن جي
مقابلي لاءِ اچي، مسيحي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. 29
صفرالمظفر 609هه مطابق 1212ع ۾ العقاب جي ميدان ۾
طرفين جو مقابلو ٿيو. اندلس جي مسلمانن جو لشڪر
عيسائين جي هڪڙئ چوٽ سان ميدان ۾ دفن ٿي ويو، باقي
بنو مهدي آفريقي فوجون دل کولي لڙيون ايتريقدر جو
اهي سڀ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. خودالناصر ڪن
جان نثارن جي مدد سان جان بچائي آفريقا ڏانهن ڀڄي
ويو. هن جنگ ۾ عيسائين جيڪي مسلمانن سان ظلم ڪيا،
سي بلڪل درد انگيز آهن، آمدم برسر مطلب ته مسلمانن
ڪڏهن به عيسائين سان اڳ اهڙي هلت ڪانه ڪئي، جهڙي
هن ڀيري عيسائين هٿان ڏٺائون. دروغ برگردن راوي
آهي، ته هن جنگ ۾ اسلامي فوجن جو تعداد 6 لک هو.
جوان مردن سان جيڪا عيسائين هلت ڪئي، تنهن جي لکڻ
جي منهنجي قلم کي طاقت نه ٿي ٿئي، باقي ضعيف مردن
ٻارن ۽ زالن وڃي مساجد ۾ پناهه ورتي، ان لاءِ ته
دشمنن کي سندن حال تي رحم ايندو پر ڪفارن وٺي
مسجدن کي باهه ڏني، جنهنڪري اهي معصوم خدا جي
عبادتگاهن ۾ سڙي کپي ويا! اها روبڪار آخر مسلمانن
جي اچي ٿي ۽ هنن پنهنجي نااتفاقئ جو مزو چکيو.
1215ع ۾ الناصر شڪست جي شرم کان دلشڪستو ٿي دم
ڏنو.
بنو مهدي خاندان جا پويان
الناصر جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يوسف المستنصر جي
لقب سان 16 ورهين جي عمر ۾ تخت تي ويٺو، پر سندس
حڪومت جون واڳون مختلف قبيلن جي شيخن جي هٿ هيٺ
هيون. 1223ع ۾ هن انتقال ڪيو. کانئس پوءِ سيد ابو
محمد عبدالواحد تخت نشين ٿيو، سندس ڏينهن ۾ اسپين
جي سڀني اميرن خودمختياري اختيار ڪئي. 621هه مطابق
1224ع ۾ اميرن امير منصور جي ٻئي هڪڙي پٽ ابو محمد
کي العادل جي خطاب سان تخت تي ويهاريو، پر 1227ع ۾
ڪنهن فساد ۾ مارجي ويو. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ سيد
ادريس المامون جي لقب سان حاڪم ٿيو، جو هن وقت
اشبيله جو حاڪم هو. هو برجستو حاڪم هو. هن اسپين
کي هيڪر وري مهدوي جهنڊي هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
مرشيا جي هڪڙي عرب سردار ابن هود ميدان خالي ڏسي
خود مختياري اختيار ڪئي، پر 1228ع ۾ امير شيخ يحيٰ
ابن الناصر عيسائين جي مدد سان ابن الناصر کي تڙي
ڪڍيو. المامون قستاليه جي عيسائين جي مدد سان مشڪل
سان جان بچائي آفريقا ڏانهن ڀڄي ويو. ابن هود جي
تحريڪ سان مهدوي اسپين مان تڙجي ويا. ابن هود
اندلس جي گهڻي ڀاڱي تي قبضو ڪيو. 1242ع ۾ المامون
وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ سيد جي لقب سان
مراڪش جو بادشاهه ٿيو، پر ٻن سالن کانپوءِ مارجي
ويو. کانئس پوءِ عبدالمومن جو هڪڙو مائٽ مرتضيٰ
بالله جي لقب سان بادشاهه ٿيو، جنهن کي 1226ع ۾
واثق مارائي ڇڏيو، پر واثق کي بربرن جي هڪڙي قبيلي
بنو مرين نالي ماري وڌو.
668هه مطابق 1229ع ۾ مغرب الاقصيٰ تي بنو مرين
خاندان وارا بادشاهي ڪرڻ لڳا. هوڏانهن اسپين ۾
1235ع ۾ ابن هود جي مرڻ کان پوءِ بنو نصر غرناطه
جي فرمانروا جي هٿ هيٺ حڪومت جون واڳون اچي ويون.
اسپين ۾ غرناطه جي حڪومت (خاندان بنو نصر)
The Kingdom of Granadain in Spain
ابن الاحمر:
جيئن دهلي جي مغل شهنشاهت جي ڇڄڻ کانپوءِ لکنوءَ
جي سلطنت ڪجهه وقت مغليه سلطنت جي ڦٽل محفل کي
قائم رکي صفحهء هستئ تان مٽجي وئي، تيئن قرطبه جي
شهنشاهت جي مٽجڻ کانپوءِ غرناطه اسپين ۾ مسلمانن
جي بزم جي آخري شمع هئي، جا ٻن صدين تائين روشن
رهي اسپين مان مٽجي ويئي. پر اسپين ۾ اڄ ڪابه
اسلامي رياست موجود ڪانهي، گويا مسلمان اسپين ۾
هئائي ڪين!
المهديه خاندان جي زوال وقت سڀ کان پهريون اشبيله
پوءِ غرناطه پوءِ ٻيون ڪيتريون ئي اسلامي حڪومتون
خودمختيار ٿيون. شيخ جميل بن زيان هن طوائف
الملوڪي مان فائدو وٺي بلنسيه جو حاڪم ٿيو. وري
محمد بن يوسف، جنهن ابن الاحمر جو لقب ورتو، سو سر
قسطه، جي شاهي خاندان مان هو هن قرطبه جي قلعه
ارجونا
Arjona
تي قبضو ڪيو. هو اندلس جي پوين سڀني اميرن کان
مشهور ٿي گذريو سندس خاندان پوين ٻن صدين تائين
غرناطه تي شاندار حڪومت ڪئي. علامّه ابن خلدون جو
هن خاندان جي پوين وٽ غرناطه جي درٻار ۾ رهندو هو
سو هن خاندان جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”ابن الاحمر،
تنهن سعد بن عبيده، جو حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جي عهد مبارڪ ۾ انصار جو سيد هو، جي
اولاد مان هو. هو پوءِ بنو نصر جي لقب سان مشهور
ٿيو. سندس وڏا گهڻو اڳ اسپين ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ بنو
نصر جي نالي سان ڪوٺجڻ لڳا. اموي خاندان جي
تاجدارن جي ڏينهن ۾ هن خاندان وارا فوج جي وڏن
عهدن تي ممتاز هئا.
جڏهن المهدوي خاندان جو خاتمو ٿيو، تڏهن گهڻائي
عرب امير پنهنجا قلعا عيسائين جي سپرد ڪرڻ لڳا، ان
وقت محمد جنهن کي شيخ جو لقب مليل هو ۽ بنو نصر
قبيلي جو وڏو بزرگ هو. اهو پاڻ کي محمد ابن الاحمر
جي لقب سان سلطان سڏائڻ لڳو. علامّه ابن خلدون لکي
ٿو، ته اندلس ۾ هن وقت اندروني فساد هئا. قستاليه
جا عيسائي مسلمانن جون دولتون لٽي رهيا هئا ۽
مسلمان اميرن کي هڪ ٻئي جي خلاف اٿاري پوءِ مٿن
غلبو ڪرڻ لڳا. اهڙن فسادن ۾ ابن الاحمر قستاليه جي
بادشاهه فرڊيننڊ ثالث سان ابن هود جي برخلاف دوستي
رکي. هوڏانهن ابن هود سندس خلاف ٻين عيسائين کان
مدد گهري، جنهن جي عيوض اٽڪل ٽيهه قلعا ڪفارن جي
حوالي ڪيائين. اهڙي طرح اندلس ۾ ويو فساد وڌندو،
تان جو 1236ع ۾ قستاليه وارن قرطبه به فتح ڪيو ۽
ٻن سالن کان پوءِ هنن بلنسيه به فتح ڪيو. 1248ع ۾
هنن مرشيا فتح ڪري ابو جميل کي تيونس ڏانهن لوڌي
ڪڍيو. 15 مهينن جي ساندهه گهيري ڪرڻ کانپوءِ هنن
اشبيله به فتح ڪيو، جنهن تي جمهور جي طرفان
ابوفارس ۽ ابو حافص حڪومت ڪندا هئا.
ابن الاحمر به هن وقت غرناطه ۾ پنهنجي سلطنت جو
بنياد وڌو، هن انهن ڪوهستاني ضلعن تي قبضو ڪيو، جي
سرا نويد جبل کان وٺي سمنڊ ڪناري تائين هئا. منجهس
الميريا، ملاگا، غرناطه ۽ جبل الطارق جا حصا هئا.
هن غرناطه کي فتح ڪري، پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو،
پوءِ الغالب بالله جو لقب ورتائين. جڏهن غرناطه ۾
مستقل سلطنت جو بنياد وڌائين، تڏهن ٻين رياستن جا
دلاور عرب سپاهي، جي عيسائين کان تنگ هئا، سي اچي
سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا، ڇاڪاڻ جو هن وقت طول و عرض
اسپين ۾ غرناطه باقي وڃي اسلامي سلطنت رهي هئي.
مؤرخن جو قول آهي ته بلنسيه کان 50 هزار اشبيله،
زيرس ۽ قادز کان هڪ لک غريب الوطن مسلمانن عيسائين
کان تنگ ٿي اچي، سندس سلطاني ظّل حمايت ۾ پناهه
ورتي. ابن الاحمر رنگ جو گورو ۽ سندس وار به سرخ
هئا، هو خوبصورت هو. هن غرناطه ۾ علوم ۽ فنون ۽
تهذيب جي اشاعت جي ترقي ڪئي، جنهنڪري ٿوريئي عرصي
۾ علمي ڪمالات جي لحاظ سان رشڪ قرطبه بنجي پيو. هن
الحمرا
Alhambra
جو مشهور محلات ۽ قلعو جوڙايو، جو قصر الاحمر جي
نالي سان مشهور آهي، جو اڄ مٽيل حالت ۾ به سياحن
کي حيرت ۾ وجهو ڇڏي. سندس تعمير ۾ مسلمانن فن
معماري، سنگتراشي ۽ فن مصوري جا اهي ڪمالات
ڏيکاريا ۽ سندس ديوارن تي جيڪا عرب تهذيب جي عديم
المثال پيچڪاري، گلڪاري ۽ مٿن طلائي جو ڪم ڪيو،
تنهن کي اڄ به يورپ جا وڏا وڏا سياح ڏسي عبرت ۾
پئجي وڃن ٿا ڇاڪاڻ جو سندن ڪيل ڪم سندن سمجهڻ کان
ٻاهر آهي. مٿيون محلات غرناطه جي سڀني محلاتن جي
وچ ۾ گويا ڪوه نور هيرو معلوم پئي ٿيو ۽ اڃا تائين
ائين پيو ڏسجي. هن محلات جو ڪم الاحمر جي پوين
پورو ڪيو. سندس نالو خطبي ۾ آفريقا جي سلاطين سان
گڏ پڙهبو هو. 1261ع ۾ قستاليه جي حاڪم غرناطه تي
حملو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. 29 جمادي الثاني 671هه
مطابق 1272ع ۾ هن وفات ڪئي.
ابو عبدالله محمد
ابن الاحمر جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ابو عبدالله
محمد غرناطه جي تخت تي ويٺو پاڻ عالم ۽ انصاف پرست
بادشاهه هو. کيس علم سان ڏاڍي محبت هئي. ڊان نوناه
Don Nunah
قستاليه جي عيسائي حاڪم ٻيهر غرناطه تي ڪاهه ڪئي،
پر سلطان آفريقا جي بنو مرين حاڪم يعقوب بن
عبدالحق کان مدد گهري، جنهن جي مدد سان قستاليه
وارن شڪست کاڌي ۽ نوناه قتل ٿي ويو. هن جنگ
کانپوءِ قستاليه وارا 30 ورهين تائين وڙهندا رهيا،
پر شڪست کاڌائون. 1302ع ۾ 30 ورهيه حڪومت ڪري
سلطان عبدالله محمد وفات ڪئي.
ابو عبدالله محمد ثالث
محمد جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ محمد ثالث جي لقب سان
غرناطه جي تخت تي ويٺو، هن سياڻپ سان حڪومت ڪئي،
پر 1307ع ۾ فساد پوڻ ڪري تخت تان لاٿو ويو.
اسماعيل بن فوج
محمد جي تخت تان لهڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ نصر تخت تي
ويٺو، سندس ڏينهن ۾ عيسائين غرناطه تي حملو ڪيو،
پر هن کين وڏي رقم ڏيئي موٽائي ڪڍيو، هن ڪمزوري جي
ڪري رعيت کيس تخت تان لاهي 1314ع ۾ اسمعيل کي تخت
تي ويهاريو. سندس نالو ابو وليد اسمعيل بن فوج بن
اسعميل هو جو ابن الاحمر جو ڀاءُ هو. هن عيسائين
کي الويرا
ELVIRA
جي معرڪي ۾ سخت شڪست ڏني. 1319ع ۾ قستاليه جي حاڪم
پنهنجي ڀاءُ ڊان پيڊرو
Don Pedro
جي سرڪردگي هيٺ هڪ فوج مسلمانن جي مقابلي لاءِ
ڏياري موڪلي. هن مهم ۾ اسپين جي 25 شهزادن کيس مدد
ڏني پر مسلمان مظفر ۽ منصور رهيا ۽ سندن شهزادا
مارجي ويا.
ابو عبدالله محمد
غازي اسمعيل جي وفات کانپوءِ 1325ع ۾ سندس پٽ ابو
عبدالله محمد تخت تي ويٺو، جو بهادر سلطان هو
1333ع ۾ نصارن جبل الطارق کان حملو ڪيو، پر شڪست
کائي موٽيا، جڏهن سلطان واپس ٿي موٽيو ته هڪڙي
بزدل سپاهي کيس شهيد ڪيو جو جبل ۾ لڪل هو.
ابوالحجاج يوسف
غازي محمد جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ
ابوالحجاج يوسف غرناطه جي تخت تي ويٺو، جو بنو نصر
خاندان ۾ جليل القدر سلطان ٿي گذريو. سندس عهد مهد
۾ ماڻهو بلڪل آسودا ۽ امن امان ۾ هئا. پنهنجي وڏن
وانگر هو علم ۽ ادب جو شوقين هو، پر افسوس جو سندس
عمر ٿوري هئي ۽ 1354ع ۾ هڪڙي ڀيري محلات ۾ نماز
پڙهندي ڪنهن مڪار عورت کيس شهيد ڪري وڌو.
محمد الغني بالله
کانئس پوءِ سندس پٽ محمد الغني بالله جي لقب سان
غرناطه جي تخت تي ويٺو، هو به علم دوست حاڪم هو،
علمن ۽ هنرن کي گهڻو ترقي ڏنائين. سندس وزيرن مان
لسان الدين ابن الخطيب مشهور ٿي گذريو، جنهن
ناصريه خاندان جي مشهور تاريخ (دولت النصّريه)
تيار ڪئي. سلطان محمد پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ شهزادي
اسماعيل کان ناراض ٿي فيض ڏانهن هليو ويو، پر
اسماعيل گهڻو وقت تخت تي رهي نه سگهيو، کيس هڪڙي
فسادي ابوسعيد نالي شهيد ڪيو، پر ٻن سالن کانپوءِ
ابو سعيد سان به ساڳي هلت ٿي. هن قستاليه جي حاڪم
وٽ پناهه ورتي، تنهن دولت جي لالچ تي مارائي ڇڏيس.
جڏهن غرناطه جو تخت خالي ٿيو، تڏهن الغني موٽي
اسپين آيو، ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، سندس اچڻ ڪري
چؤطرف ملڪ ۾ امن امان جو دور شروع ٿيو. سندس ڏينهن
۾ غرناطه علوم ۽ هنرن جو مرڪز هو، سندس شهرت بغداد
۽ قرطبه جي همه پلئه هئي. 1391ع ۾ هن عادل سلطان
وفات ڪئي سندس وفات تي اهل اندلس گهڻو ماتم ڪيو.
ابو عبدالله يوسف
الغني کانپوءِ سندس پٽ ابو عبدالله يوسف جي لقب
سان غرناطه جو والي ٿيو سندس ڏينهن قستاليه جي
مسيحن وري ڪاهه ڪئي جن کي رشوت ڏيئي موٽائي
ڪڍيائين.
محمد
يوسف جي وفات کانپوءِ سندس ننڍو پٽ محمد تخت تي
ويٺو، جنهن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي سالو برنيا
solobrena
جي قلعي ۾ نظر بند ڪري رکيو. سندس ڏينهن ۾ قستاليه
جي نصارن وري غرناطه تي حملو ڪيو پر هن سندن
مقابلو ڪيو ۽ طرفين جو گهڻو نقصان ٿيو. 1408ع ۾ هن
وفات ڪئي.
سيد يوسف
محمد کانپوءِ سندس ڀاءُ يوسف تخت تي ويٺو، جو هن
وقت نظربند هو. سندس ڏينهن ۾ وري عيسائين سان
ويڙهه شروع ٿي، پر آخر صلح ٿيو. جڏهن عيسائين جو
پاڻ ۾ تڪرار لڳندو هو، ته سندس درٻار ۾ سندن فيصلو
ٿيندو هو. هو مسلم خواهه غير مسلم سان انصاف سان
هلت ڪندو هو. سندس جهنڊي هيٺ عيسائي گهڻو خوش هئا،
15 ورهيه حڪومت ڪري وفات پاتائين. هي پويون سلطان
هو جنهن جي مئي کان پوءِ غرناطه جو عروج ويو زوال
وٺندو.
محمد ستون
سلطان سيد يوسف جي وفات کانپوءِ سندس فرزند محمد
هفتم جي لقب سان غرناطه جي تخت تي ويٺو، جو 827هه
جو زمانو هو. هو تند مزاج ۽ مغرور طبيعت جو انسان
هو جنهنڪري غرناطوي ستت کانئس بيزار ٿي پيا.
غرناطه جتي طرح طرح جا هنري نماءُ ۽ علم جا مظاهرا
ٿيندا هئا، سي هن بند ڪرائي الٽا قانون جاري ڪيا،
جنهنڪري رعيت بيزار ٿي فساد کڙو ڪيو جنهن ۾ هن تخت
هٿان وڃايو.
يوسف
مٿين فسادن جي ڪري يوسف، جو شاهي خاندان مان هو،
سو قستاليه جي عيسائين جي مدد سان بازي ميدان مان
کڻي ويو ۽ غرناطه جو تخت هٿ ڪيائين، اهڙي امداد جي
عيوض اتي جي مسيحي حاڪم جان ثانئ
Jhon II
کي پنهنجو مربي سمجهڻ لڳو، پر سندس حياتئ جا ڏينهن
اچي پورا ٿيا هئا، تخت ۽ تاج جا مزا ماڻي نه
سگهيو، ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ ملڪ عدم لاءِ راهي
ٿيو. کانئس پوءِ محمد وري غرناطه جي تخت تي ويٺو.
1433ع ۾ قستاليه جي عيسائي عادت موجب غرناطه تي
حملو ڪيو پر آرڪيڊونيا
ARCHIDONA
جي ديوارن هيٺان سخت خونريز معرڪي ۾ شڪست کائي
پسپا ٿيا.
غرناطه جو زوال
يوسف جيتوڻيڪ عيسائين جي هرگز آڻ نه مڃي، پر سندس
ڀائٽي ابن الاحناف، جو پوءِ محمد جي نالي سان
غرناطه جو حاڪم ٿيو، تنهن فساد کڙو ڪيو ۽ ڪامياب
ٿيو، اهڙي بادشاهه گردي ۽ فسادن کان بيزار ٿي گهڻا
مسلمان قستاليه جي هڪڙي مسلمان رئيس سعد نالي جي
جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا، هو ابن اسمعيل جي پيڙهيءَ مان
هو ۽ يوسف ثانئ جو پوٽو هو. هن مسلمان اميرن ۽
قستاليه جي عيسائين جي مدد سان غرناطه تي ڪاهه ڪئي
برابر 5 سالن تائين مسلمان اندروني فسادن ۾ رڌل
رهيا 859هه مطابق 1454ع ۾ آخر ابن الاحناف شڪست
کاڌي ۽ ابن اسمعيل بنو الاحمر جي تخت تي ويٺو. هن
تخت هٿ ڪرڻ کانپوءِ قستاليه جي عيسائي حاڪم هنري
چوٿين کي خوش رکڻ لاءِ ڪي قيمتي سوغاتون ڏياري
موڪليون، پر مٿيئن حاڪم کي مسلمانن جي طاقت جي
گهٽتائي جي خبر پئجي چڪي هئي، ڇاڪاڻ جو 5 سالن جي
ساندهه ويڙهه کين ڪم طاقت ڪري ڇڏيو هو. هينريءَ
مغروري سان سوغاتن کي موٽائي ساڻس جنگ جو اعلان
ڪيو. هيءَ جنگ به سالن تائين جاري رهي، جنهن ۾
عربن کي سخت نقصان سهڻا پيا. جيئن ته سندن اصطبل
ساڙيا ويا، مسجدون ويناران ڪيون ويون، سندن پوکون
ساڙيون ويون ۽ اهي محلات، جي گهڻي خرچ سان جڙيا
هئا، سي دشمنن مسمار ڪيا. جيتوڻيڪ ڪن معرڪن ۾
مسلمان به فاتح رهيا، پر هينئر سندن فتحمندي بي
سود ٿي. غرناطه جي سلطنت، جا هن وقت الويرا جبل
کان وٺي سمنڊ تائين وڃي رهي هئي. جبل الطارق ۽
آرڪيڊونا به عيسائي فتح ڪري چڪا هئا. ابن اسمعيل
همٿ هاري چڪو هو ۽ بيوس هو. عيسائين جو خاص مقصد
اهو هو ته مسلمانن کي سرزمين اسپين تان لوڌي ڪڍجي.
تنهنڪري ابن اسماعيل اهو خيال ڪيو، ته جيڪڏهن وڌيڪ
جنگ کي جاري رکبو، ته ضرور غرناطه مسلمانن هٿان
نڪري ويندو تنهنڪري هن صلح لاءِ گهڻا حيلا ڪيا.
آخر سندس هنري سان ملاقات ٿي، جتي صلح نامو منظور
ٿيو جنهن جي مطابق غرناطه جي سلاطين کي آئينده
12،000 اشرفيون ساليانو بطور خراج جي قستاليه جي
حاڪم کي ڀري ڏيڻون پونديون. تنهن کانسواءِ هو کيس
شهنشاهه تسليم ڪندا. اهو ذلت وارو عهدنامون 871هه
مطابق 1566ع ۾ ابن اسماعيل جي مرڻ تائين جاري
رهيو.
* * *
ابن اسمعيل جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ علي غازي
ابوالحسن جي لقب سان غرناطه جي تخت تي ويٺو هو
بهادر ۽ سخي دل انسان هو. هينئر به جيڪڏهن عربن جو
پاڻ ۾ صلح هجي ها، ته جيڪر ابوالحسن نصارن کي
اڳوڻا مزا چکائي ها، پر هيڪلي سر هو شموليت وٺي نه
سگهيو، اُٽلندو سندس پٽ جو فساد ڪيو تنهنڪري
حالتون ويون نازڪ ٿينديون.
اڳ اسپين جا عيسائي حاڪم جدا جدا رياستن جا مالڪ
هئا، مثلاً قستاليه، آراگان ۽ ليون جون رياستون
مشهور رهيون، پر انهن جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪين هو ۽
جيسين هو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، تيسين مسلمانن کي به
اندلس تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو، پر هينئر
جو خداوند تعاليٰ کي سندن دولت کسڻ منظور هئي،
تنهنڪري ستت ئي حالتن پلٽو کاڌو، جيئن ته 1469ع ۾
فرڊ يننڊ قستاليه جي حاڪم آراگان جي شهزادي
ازابيلا
Isabella
سان شادي ڪئي. هن ناتي ڳننڍجڻ جي ڪري قستاليه ۽
آراگان جون مسيحي فوجون هڪڙي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيون.
ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ ليون جون عيسائي فوجون به
اچي گڏ ٿيون. ٽنهي حڪومتن اسپين ۾ مسلمانن جي خلاف
تلوار کڻڻ جو قسم کنيو، ۽ هاشمي سلطنت ۽ حجازي
تهذيب کي مٽائڻ لاءِ پنهنجي ورهين جي عداوت ڦٽي
ڪري، هڪڙي صف ۾ متحد ٿي بيٺا، پر افسوس جو اهڙي
انقلاب کي ڏسي ڪري به اڃا مسلمان اڌ رات جي نشي جي
خمار کان بيدار ڪين ٿيا. عيسائين جي اتحاد جو رڳو
اهو سبب هو جو سلطان ابو الحسن هڪ بهادر بادشاهه
هو پڻس جيڪو خراج قستاليه جي عيسائي حاڪم کي ڀري
ڏيڻ جو انجام ڪيو هو، تنهن عهدنامي کي هن مسلمانن
جي بزدلي ڄاڻي، غرناطه جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ
ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو. هي وقت اسپين ۾ اهو هو
جيئن پوين مغل شهنشاهن مرهٽن کي خراج ڏيڻو ڪيو هو.
آمدم بر سر مطلب ته جڏهن فرڊ يننڊ جي سفير غرناطه
جي درٻار ۾ خراج لاءِ اچي گهر ڪئي، تڏهن غازي
ابوالحسن کيس جواب ۾ چيو ته: ”اُهي غرناطه جا
سلاطين جيڪي هڪڙي ذليل عيسائي حڪومت کي ڍل ڀريندا
هئا، سي هينئر مري ويا آهن، ۽ هن وقت غرناطه جي
شاهي ضرب خاني ۾ سونين اشرفين بدران نيزن جون
نوڪون ٺهن ٿيون.“
جڏهن عيسائي سفير مٿيون سلطان جو پيغام پنهنجي
بادشاهه کي آڻي ٻڌايو، تڏهن تپي باهه ٿي ويو هو،
نئين جنگ لاءِ ته اڳيئي بهانا ڳولي رهيو هو. هينئر
جو ويتر غرناطه جي ضرب خانن ۾ خون آ شام تلوارن جي
جڙڻ جو ٻڌائين، تڏهن کيس اڳوڻو هنس پکي ياد آيو جو
سونو آنا لاهيندو هو ۽ هينئر غرناطه جي تخت تي اهو
شخص جلوه گر هو، جنهن جي رڳن ۾ هاشمي خون جوش هڻي
رهيو هو. بقول نظامي:
شد آن مرغ کہ بیضہ زرّین نہاد- زمانہ گر گو نہ
آئیں نہاد.
ستت ئي عيسائين جي فوجن گڏ ٿي، اسلامي علائقن کي
تاخت ۽ تاراج ڪرڻ شروع ڪيو. زهرا
Zahara
جي جبلن جي گهاٽين جي منهن وٽ هو ڪاهي آيا، ۽
غرناطه جي قسمت جو فيصلو به زهرا تي ئي منحصر هو،
ڇاڪاڻ جو جابلو لنگهه هو، هتان غرناطه ڏي وڃڻ لاءِ
رستا نڪرندا هئا. غازي ابوالحسن به مضبوط فوجن سان
هن دري جي حفاظت ڪئي، پر رات جو وقت هو. تاريخ
(فتح غرناطه جو مصنف واشنگٽن ارونگ) لکي ٿو ته:
”رات جو وقت هو ۽ سخت طوفان لڳي رهيو هو، هر هڪ
سپاهي طوفان کان بچڻ لاءِ لڪڻ جون جايون ڳولي رهيو
هو. عيسائين حملي کي جاري رکيو، آخر زهرا جي
گهاٽين ۾ تلوار ۽ نيزن جا چمڪاٽ پي نظر آيا، ٻئي
طرف زخمين جو دانهون آسمان تي ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
عيسائي راهب مسيحي سپاهين کي مسلمانن جي خلاف
ڀڙڪائي رهيا هئا، وغيره وغيره.“
مسٽر رونگ هن فساني تي خواهه ڪيترو به رنگ چاڙهي،
پر نتيجو هن ريت نڪتو، جو گهڻي جدوجهد کانپوءِ
عيسائي ڪامياب ٿيا. جڏهن زهرا جو مشهور پهاڙي درو
دشمنن فتح ڪيو، تڏهن هنن الحاماتي قبضو ڪيو، جو هڪ
مشهور اسلامي شهر هو. منجهس سهڻيون بازارون ۽
محلات هئا. عيسائين جي مقابلي ۾ مرد ته تلوار کڻي
مقابلي ڪندي شهيد ٿيا، باقي بيوس زالن ۽ ٻارن شهرن
جي مساجد ۾ پناهه ورتي، جتي بيرحم عيسائين کين
بيدردئ سان ڪٺو. الحاما، جو اڳ شاندار شهر هو، اتي
جي ڳلين ۾ هينئر مڙدن جا ڍير لڳي ويا. سلطان هن
شهر کي بچائڻ لاءِ ٻه دفعا حملا ڪيا، ۽ پوئين دفعي
فتح به ڪيائين، ته بدقمستئ سان سندس شهزادي ابو
عبدالله محمد وري قرطبه ۾ فساد کڙو ڪيو، جنهنڪري
هو ٻنهي طرفن کان اچي ڦاٿو.
شهزادي عبدالله جي نافرماني
شهزادي عبدالله جي سازش جو بيان هن ريت آهي، ته
غازي ابوالحسن والئ غرناطه کي ٻه راڻيون هيون، جن
مان هڪ سندس چاچي جي ڌئ ڏاڏي پوٽي هئي، سندن نالو
شهزادي عائشه هو سندس ٻي راڻي عيسائي هئي، جا
الاڪيڊ آف بيڊمر جي شهزادي هئي، سندس عيسائي نالو
ازابيل ڊي سولس هو پر عرب هن شهزادئ کي زهرا جي
نالي سان سڏيندا هئا. هن راڻي سان سلطان جي گهڻي
دل هئي، جنهنڪري شهزادي عائشه اڪثر مٿس رشڪ
کائيندي هئي. اهوئي سبب هو جو اهڙي نازڪ وقت ۾
جڏهن سلطان دشمنن سان جنگ جي ميدان ۾ رڌل هو،تڏهن
هن راڻي پنهنجي پٽ عبدالله کي سندس خلاف کڙو ڪيو.
راڻي شاهي لشڪر جي گهڻي حصي کي رشوت ڏيئي پٽ جي
طرف ڪري ورتو، جي کيس پنهنجو بادشاهه سڏڻ لڳا. حرم
جي ناسازي حالتن کي ڏسي سلطان الغازي جنگ جو ميدان
ڇڏي موٽي غرناطه آيو جتي پٽ کي دم دلاسا ڏيئي موٽي
مقابلي لاءِ ويو، ڇاڪاڻ جو دشمن هن وقت لوڪسا
LOXA
تي گهيرو ڪري ويٺا هئا. پر عبدالله جي دل ۾ اڃا
دغا هئي، هن پئ جي غير حاضرئ ۾ الحمرا جي قلعي تي
قبضو ڪري ورتو، ۽ سڄي غرناطه جو مالڪ بنجي ويٺو.
سلطان اها حالت ڏسي لاچارئ جي حالت ۾ ملاگا ويو،
جتي جو حاڪم الزغل سندس ڀاءُ هو. فرڊينينڊ ۽
ازابيلا، جي هن وقت عيسائي فوجن جا مهندار هئا، تن
ملاگا تي ڪاهه ڪئي، عيسائين ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪيا ۽
چوپائي مال، سرسبز کيتين ۽ رهاڪن مسلمانن کي
بيرحمئ سان قتل ڪندا ويا. آخر الزغل ۽ سندس سپهه
سالار رضّوان جبل الشرقيه جي دامن وٽ عيسائين کي
سخت شڪست ڏني. هن فتح کان پوءِ اهل غرناطه وارا
الزغل جي عزت ڪرڻ لڳا ڇاڪاڻ جو هو واحد امير هو،
جنهن عيسائين جي طوفان کي روڪي ورتو. ابو عبدالله
به پنهنجي نافرمانئ جو نتيجو اکين سان ڏٺو، هن
قستاله جي شهر ليو سينا تي ڪاهه ڪئي، پر قيد ٿي
ويو. سلطان ابوالحسن پنهنجي ڀاءُ کي غرناطه جي
دولت سپرد ڪري، پنهنجي ڪٽنب سميت المنڪار ۾ وڃي
باقي زندگئ جا ڏينهن آرام سان رهڻ لڳو، جتي وفات
ڪيائين.
عيسائين جو غلبو
ابو عبدالله، جو هن وقت عيسائين وٽ قيد هو سو فرڊ
يننڊ ۽ ازابيلا جي هٿن ۾ گويا ميڻ جو پتلو هو،
تنهن کي اسلامي دولت جي برباد ڪرڻ لاءِ کڻي پنهنجو
هٿيار جوڙيائون.عيسائين هن کي فوجون ڏيئي غرناطه
تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. هوڏانهن راڻي عائشه
اڳيئن دستور موجب لشڪر کي رشوتون ڏيئي سندس طرفدار
ڪري ڇڏيو. هن البائزان تي حملو ڪيو، جتي جا ماڻهو
فساد لاءِ منتظر هئا. هن هنگامي جي ڪري قرطبه ۽
غرناطه فسادن جا مرڪز بنجي، چڪا، الزغل جنهن
ملاگاجي جنگ ۾ عيسائين کي چوٽ ڏني هئي، تنهن جي
اها ئي مرضي هئي، ته چاچو ۽ ڀائيٽو گڏجي غرناطه تي
حڪومت ڪريون، پر نافرمان عبدالله جو عيسائين جي
تار تي هن وقت پي نچيو، تنهن صاف انڪار ڪيو.
عيسائين کي اچي وجهه لڳو، هنن آسانئ سان الورا،
قصر بونيلا، رونڊا ۽ لڪسا تي، جتي ڪجهه وقت اڳ
ابوالحسن جي تلوار کين روڪيو، پر 1486ع ۾ ملاگاتي
به سندن صليب جو جهنڊو کڙو ٿيو. مسلمانن شهرن
پٺيان شهر عيسائين جي حوالي ڪيا ان لاءِ ته سندن
جان آزاد رهندي، پر بدقسمتئ سان اُهي باهه جي
حوالي ڪيا ويا، باقي جيڪي بچيا، سي تلوار جي گهاٽ
چڙهيا. الزغل جي هٿ هيٺ هن وقت غرناطه، الميرا،
بيضا، ويرا ۽ ٻيا ڪي ٿورا شهر وڃي بچيا هئا. جن
مٿان شام غربت سايو ڪري بيٺي هئي. ستت ئي فرڊ يننڊ
عبدالله جي مدد سان بيضاتي حملو ڪيو. الزغل ٻن
دشمنن جو تاب جهلي نه سگهيو، هن آفريقا جي مسلمان
بادشاهن کي مدد لاءِ لکيو، پر بدقسمتئ سان اهي
باهمي جنگين ۾ رڌل هئا، جڏهن کيس وٽانئن نا اميدئ
جو جواب مليو، تڏهن الله تي توڪل رکي ميدان ۾
هيڪلي سر مقابلي لاءِ ٽپي پيو. نصارن غرناطه جا سڀ
رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، ان لاءِ ته مسلمانن کي
سامان رسد پهچي نه سگهي. 895هه مطابق 1489ع ۾
دشمنن بيضا تي قبضو ڪري، مسلمانن کي سندن آبائي
گهرن مان تڙي ڪڍيو. ڪي سندن پاڻمرادو طرفدار ٿي
بيٺا، لاچار ڪن باغين جي چئي تي لڳي، زغل عيسائين
جي آڻ مڃي، جن کيس اندراڪس
andarax
جي ننڍڙي رياست حوالي ڪئي، پر هو عيسائين جي دلي
مراد کان واقف هو، تنهنڪري جان بچائي آفريقا ڏانهن
ڀڃي ويو. مسلمانن جي هٿ هيٺ غرناطه ۽ پسگردائي جا
ڪي ڳوٺ باقي وڃي بچيا هئا، جن تي عبدالله پاڻ
بادشاهه ٿي ويٺو، پر فرڊ يننڊ کيس شهر حوالي ڪرڻ
لاءِ زور رکيو، هن جڏهن انڪار ڪيو، تڏهن عيسائين
وري غريب الوطن مسلمانن تي ظلم ٻاري ڏنا، ۽ هن
مايهء ناز شهر جي حالت زبون ٿيڻ لڳي. موسيٰ ابن
غازان نالي هڪڙي عرب رئيس جي غيرت جوش کاڌو، هن
مسلمانن کي گڏ ڪري عيسائين کي هڪ ٻن هنڌن تي شڪست
ڏني، پر فرڊ يننڊ کي مسلمانن جي طاقت جي پوري خبر
هئي، هن هڪدم چاليهه هزار پيادل ۽ ڏهه هزار سوار
فوجن سان غرناطه تي گهيرو ڪيو، ۽ مسلمان برابر ڏهن
سالن تائين غرناطه جي ديوارن اندر قيد هئا،
البشارات جو هڪڙوئي رستو صاف هو جتان غرناطه وارن
لاءِ سيرا نويدا جبلن جي علائقن مان سامان خوردني
پهچندو هو، پر عربن فساد ڪري پنهنجي ڪن اميرن کي
ماري وڌو سندن طاقت ڇڄي پئي ۽ دشمن رستن تي قابض
ٿي ويا، ماڻهن لاءِ اها به لاچاري ٿي پئي، جو نڪري
پوکن مان فصل لڻي سگهن، آخرڪار 897هه مطابق 1491ع
۾ غرناطه ۾ سخت ڏڪر پيو ۽ ماهه صفرالمظفر ماڻهن آڻ
مڃي آخر هيٺين شرطن تي عهدنامو ٿيو.
1.
جيڪڏهن مسلمان ٻن مهينن تائين شهر خالي ڪري نه
سگهن، ته اهي قستاليه جي عيسائي حاڪم کي پنهنجو
بادشاهه ڪري مڃين، ان تصديق لاءِ شهر جا رئيس،
شيخ، مفتي ۽ قاضي اچي قسم کڻن.
2.
عبدالله کي البشارات ۾ جاگير ڏبي، مسلمانن کي
مذهبي آزادي ۽ هوندي ۽ سندن مساجد سالم رهندا، کين
مسجدن ۾ ٻانگ ڏيڻ جي اجازت رهندي ۽ مٿن شرعي قانون
لاڳو رهندا.
3.
مسلمان ساڳيو خراج ڀريندا، جيئن اڳوڻن اسلام جي
بادشاهن کي ڀريندا هئا.
4.
عيسائين کي مسلمانن جي گهرن ۾ دخل ڏيڻ جي اختياري
ڪانه هوندي.
5.
مسلمان جيڪڏهن اسپين ڇڏي آفريقا وڃڻ چاهين، ته کين
عيسائي بنا خرچ جي چاڙهي اوڏانهين روانو ڪندا، پر
مقرر وقت کانپوءِ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان لڪي آفريقا
ويندو، ته کيس خرچ ڀري ڏيڻ کانسواءِ پنهنجئ ملڪيت
جو ڏهون حصو ڏيڻو پوندو.
6.
جيڪڏهن ڪو عيسائين مسلمان ٿيندو يا مسلمان عيسائي
مذهب اختيار ڪندو، ته طرفين جي پاران هڪ جماعت
کانئس سوال جواب ڪندي، پوءِ جيڪو مذهب پسند ڪري
کيس اختيار رهندو.
7.
مسلمان جيڪي عيسائين جي محلي ۾ رهندا، تن جي ملڪيت
جي سنڀال ڪبي، کيس مسلمان رهڻ لاءِ ڪابه نشاني
رکڻي نه پوندي (نوٽ) انهن ڏينهن ۾ يهودين کي جدا
هڪ نشاني رکڻي پوندي هئي.
غازي موسيٰ غرناطه، جي مسلمانن مان هڪڙو ئي شخص
هو، جنهن کي مٿين شرطن کان نفرت هئي، هن مسلمانن
کي هدايت ڪئي ته: ”عيسائي دغا باز آهن، سندن
انجامن تي هرگز ڀرسو ڪرڻ نه گهرجي، هن مسلمانن کي
چيو ته :
موت مٺو آهي انهئ کان ته بي عزتي ۾ رهي زندگي
ڪاٽجي. ڇا مسلمانو توهين سمجهو ٿا ته عيسائي
پنهنجن ڪيلن انجامن تي پورا رهندا؟ اهي توهان کي
ٺڳين ٿا. هو دراصل اسان جي خون جا پياسا آهن.
تنهنڪري منهنجي نظر ۾ موت ڀلو آهي ان کان جو سڀاڻي
عيسائي اسان جي هڏين کي ساڙي ۽ پوءِ اسان جي خاڪ
سان بي عزتي ڪن!
چون ٿا ته ائين چئي غازي موصوف زرهه ڍڪي هٿيار
پهري گهوڙي تي سوار ٿي، شهر جي البيرا دروازي کان
ٻاهر نڪري عيسائين مٿان ڪڙڪيو، ۽ هيڪلي سرهن شهيد
مرد ڪيترن ئي دشمنن کي جهنم داخل ڪيو، آخر وڙهندي
وڙهندي ٿڪجي پيو پر جيسين بدن ۾ آخري وقت تائين دم
هوس تيسين تلوار مياڻ ۾ ڪين وڌائين، پوءِ زينل
Xenil
درياهه ۾ کڻي ٽپو ڏنائين، جتي هٿيارن ۽ زرهه جي
بار ڪري ٻڏي شهيد ٿيو.
غرناطه جو حشر
آهه اي غرناطه، اڄ هت هر طرف کان دل خراش آواز اچي
رهيا آهن. تنهنجي حسن جمال جي آفتاب تي اڄ ازل جا
ڪارا ڪڪر سايو ڪري بيٺا آهن! تنهنجي عالم تاب چهري
تي اڄ ڇو ماتمي نقاب پيل آهي؟ تنهنجي شجاعت جي
گلستان ۾ اڄ ڇالاءِ خزان جو عالم برپا آهي؟ اڄ شمع
شبستان رزم ۾ ڇو ماٺ لڳي پئي آهي؟ افسوس جو اڄ تون
بيپناهه رهجي ويو آهين! تنهنجي عاليشان ايوانن
اڳيان جتي جوان رعنا زرق برق جون پوشاڪون پهري
گهوڙن کي جولان ڏيندا هئا، ڇا اڄ اهي مٺي ننڊ ۾
ستل آهن؟ تنهنجي خوشنما ۽ پر رونق بازارين ۾ جتي
سون ۽ چاندئ جو واپار هلندو هو، ۽ جاين مان طنبون
جو دلڪش آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، اڄ اهي ويران آهن!
تنهنجا آراسته بالاخانا، جي ڪڏهن نغمهء سرود کان
بزم عشت هئا، اڄ الحمرا جا باغ به ويران ڏسان ٿو!
اڄ به تنهنجي مرغ زارن ۾ مرغان خوش الحان نغمهء
سرائي ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو ڪو ٻڌڻ وارو
ڪونهي! غرناطه جي مسلمانن مصر ۽ قسطنطينه جي
سلاطين کي امداد لاءِ پيغام موڪليا هئا، پر هن وقت
وقت ۽ تقدير سندن درکڙڪائي رهيا هئا. آخر 2 ربيع
الاول 897هه مطابق 3 جنوري 1492ع ۾ عيسائين الحمرا
جي بلند مينار تي سينٽ جيمز جو نشان کڙو ڪيو.
چؤطرف ياگو سينٽ ياگوجا نعرا بلند ٿيڻ لڳا.
فرڊيننڊ ۽ ملڪه ازابيلا صليب جي اڳيان شڪراني جو
سجدو ادا ڪيو، فوجن عيسائين جو قومي گيت ڳايو، ٻئي
طرف جبل الشهدا جي دامن ۾ ٿورن جانثارن سان ابو
عبدالله بيٺل هو، جڏهن فرڊيننڊ جي شاهي سواري سندس
ويجهو پهتي، تڏهن غرناطه جون ڪنجون هٿ ڊگهيري کيس
سپرد ڪيائين، پاڻ جبلن ڏي رخ ڪري مايوسي جي حالت ۾
روانو ٿيو، ۽ پاڊل جي پهاڙي قلعي تان بيهي غرناطه
جي مينارن کي حسرت انگيز نگاهن سان ڏسڻ لڳو، گويا
هو پنهنجي وڏن جي شان ۽ عظمت جو آخري نظارو ڏسي
رهيو هو جڏهن قصر الحمرا جي مينار روضة الناظرين
۽ وطن مالوف جي پر فضا باغن تي نظر پيس، تڏهن
ارمان کان الله اڪبر جو نعرو هڻي زار زار روئڻ
لڳو، تڏهن سندس والده شهزادي عائشه جا سندس ڀر ۾
بيٺي هئي، تنهن منهن ورائي هن ريت سندس دلداري ڪئي
ته: ”پٽ دل کولي زالن وانگر رو ڇاڪاڻ جو مڙس هجين
ها، ته شهر هٿان ڪين ڇڏين ها!“ پوءِ وطن مالوف کي
الوداع چئي، ڪجهه وقت پنهنجي جاگيرا البشارات ۾
رهيو، پر فرڊيننڊ کي کانئس خوف هو، تنهن اتان به
لوڌي ڪڍيس، جتان هو، فيض ويو 940هه مطابق 1538ع هن
اسپين جي آخري تاجدار فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو
اِنالله واِنا اِليھ راجعون. کيس ٻه پٽ
يوسف ۽ احمد نالي هئا، جن جي پوين بابت هڪڙو سياح،
جو عيسوي سترهين صدئ ۾ فيض جو سير ڪري آيو هو، لکي
ٿو، ته مون عبدالله جي پوين کي فيض جي بازارن ۾
پنندي ڏٺو، ۽ مسجدن مان مانيون پني پيٽ گذران ڪندا
هئا.
عربن جو اسپين مان تڙجي وڃڻ
اسپين تي مسلمانن 711ع ۾ پهريون گهمرو حملو ڪيو ۽
پوءِ ويا ملڪ فتح ڪندا، عيسائين جي حڪومت جو دور ۽
سندن اقبال جو عروج فرڊيننڊ ۽ ازابيلا جي ڏينهن ۾
1484ع ۾ ٿيو ۽ 1610ع ۾ مسلمان بلڪل اسپين مان تڙجي
ويا. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته مسلمان فاتحن
عيسائين تي ڪهڙا احسان ڪيا، پر جڏهن عيسائي مٿن
غالب آيا، تڏهن هنن فاتحن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، سو
هن باب مان چڱيءَ طرح معلوم ڪري سگهندا. سڀ کان
پهريون هنن جيڪي شرط مظلومن سان ڪيا تن تي هرگز
پابند نه رهيا، 1492ع ۾ هنن مسلمانن ۽ يهودين لاءِ
هڪڙو اعلان ٻڌرو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي اطلاع
ڏنو ويو، ته اهي پنهنجو مذهب ڇڏي عيسائي مذهب
اختيار ڪن. جي نه ته اسپين ڇڏي نڪري هليا وڃن! هن
اعلان موجب هنن گهڻن ئي مسلمانن کي زورئ عيسائي
مذهب ۾ آندو، پر جن هٿيار کڻيا ۽ مذهب جي خاطر
لڙيا تن گويا باهه تي تيل ڇڙڪيو نتيجو اهو نڪتو جو
گهڻائي عيسائين جي ناروا ظلمن جو شڪار ٿي ويا.
جڏهن عيسائي مسلمانن جي آبادين تي ڪاهون ڪرڻ لڳا،
تڏهن مرد ته نڪري ميدان ۾ ساڻن مقابلو ڪندي شهيد
ٿيا باقي زالون ۽ ٻار شهرن جي مسجدن ۾ وڃي پناهه
وٺندا هئا، پر عيسائي انهن مسجدن کي بارود سان
اڏائي ناس ڪندا ويا. اهڙيءَ طرح هزارين جانيون
تباهه ٿيون. 1501ع ۾ مسلمانن بهادرئ سان لڙي جبل
بلانسا وٽ عارضي فتح حاصل ڪئي، هزارين مسلمان شهيد
ٿيا، پر پوين کي ٿوري مهلت نصيب ٿي، جتان هو
مراڪش، مصر ۽ ترڪي ڏانهن هجرت ڪرڻ لڳا. سندن
ملڪيتن ۽ چؤپائي مال تي عيسائين قبضو ڪيو، باقي
جيڪي هتي رهجي ويا، تن کي تلوارن جي نوڪن سان زورئ
عيسائي ڪيائون. اهي مسلمان جي زوريءَ مسيحت جي
دائري ۾ داخل ٿي ويا هئا سي خوف کان ظاهري عيسائي
هئا، پر اندروني مسلمان هئا ۽ لڪي ڇپي نماز به ادا
ڪندا هئا، ٻئي طرف خوف کان ديولن ۾ به ويندا هئا،
۽ عيسائي طريقن موجب شادي ۽ غمئ جون رسمون ادا
ڪندا هئا، ٻئي طرف گهرن جي ديوارن اندر اسلامي شرع
۽ قانونن موجب رسمون پوريون ڪندا هئا. پر اها
روبڪار به ٿوري وقت تائين چالو رهي ڇاڪاڻ جو جيئن
جيئن نوان بادشاهه ٿيندا ويا، تن نت نوان ظلم
مسلمانن تي برپا ڪيا. کين ڪوبه مسلمان نظر ايندو
هو، ته هڪدم مارائي ڇڏيندا هئا. 1556ع ۾ فلپ ثاني
Philip II
تخت تي ويٺو. هو دل جو ڪٺور هو، ۽ يورپ جي سڀني
بادشاهن کان هو زبردست هو. سڄو فرنگستان کانئس
ڪنبدو هو، سندس حڪومت اسپين کان سواءِ سترهن ڌارين
ملڪن تي هئي. فرڊيننڊ جي ڏينهن ۾ اسپين جي عيسائين
نه رڳو غرناطه جي اسلامي حڪومت فتح ڪئي، پر جنيوا
جي هڪڙي ملاح ڪرسٽو فرڪولمبس اسپين جي جهنڊي هيٺ
1492ع ۾ نئين دنيا آمريڪا ڳولي ڪڍي اهڙئ طرح نئين
دنيا جا دولت مند حصا به اسپين جي ماتحت ٿي ويا.
فلپ ثانئ جي ڏينهن ۾ اسپين جي عيسائي حڪومت ترقئ
جي معراج تي پهتل هئي. هو رومن ڪئٿالڪ فرقي جو
باني ڪري ليکبو هو. 1557ع ۾ فرانس کي مات ڪيائين.
1561ع ۾ پروٽيسٽنٽ فرقي وارن لاءِ ظلم ٻاري
ڏنائين. 1567ع ۾ هن مسلمانن لاءِ اعلان شايع ڪيو
ته ٻن ڏينهن جي اندر اندر يا ته عرب ملڪ ڇڏي وڃن
يا ته عيسائي ٿي وڃن، ۽ کين حڪم ڏنو ويو ته عيسائي
لباس پهرين ۽ ڪوبه مسلمان غسل نه ڪري، ۽ عربي زبان
جي عيوض اسپئنش ٻولي ڳالهائي! مسلمانن جا جيڪي به
حمام هئا، سي هن مسمار ڪرائي ڇڏيا، هن اعلان تي
جنهن ۾ نه رڳو مسلمانن کي جسماني اذيت ڏني ويئي پر
قومي حقوق ضبط ڪرڻ کانسواءِ کين مادري زبان- آداب
۽ عام طريقه معاشرت کي بدلائڻ لاءِ سخت تاڪيد ڪيو
ويو، اهڙو اعلان انهن مسلمانن برداشت ڪين ڪيو، جي
هن وقت به پنهنجي هادي برحق پيغمبر آخر الزمان صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي پاڪ نالي ۽ اسلام جي ناموس
تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا. بنو سراج بنو
منصور ۽ عبدالرحمٰن جي اولاد فساد کڙو ڪيو هنن ڍلن
ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنهن کانسواءِ سرڪاري فوج جا
سپاهي جي سندن گهرن تي پهرو ڏيندا هئا تنکي ماري
ابن فريڪس نالي هڪڙي پهلوان جي سرپرستئ هيٺ (جو
بني سراج قبيلي مان هو ۽ غرناطه ۾ رنگسازئ جو ڪم
ڪندو هو) ڪوهستاني علائقن ۾ وڃي گڏ ٿيا ۽ سلاطين
قرطبه جي نسل مان هڪڙي شخص محمد ابن امّيه کي
اندلس جو بادشاهه ڪري تسليم ڪيائون. هن تحريڪ جي
ڪري سڄي ڪوهستاني علائقي جا مسلمان کڙا ٿيا. هي
ڪوهستاني علائقو بحيره روم جي ڪناري کان وٺي اندلس
جي جبلن تائين هو، جتي انگور، زيتون، توت ۽
نارنگين جا باغ هئا، ۽ هتي تيل، ريشم، پنير ۽ ان
جي پيداواري ٿيندي هئي. ڪو زمانو هو، ته هت
مسلمانن جون بيشمار آباديون هيون، ۽ اندلس جي
مارڪيٽن ۾ هتان جي پيداوار وڪامندي هئي، ساڳئي هنڌ
کي هينئر مسلمان پنهنجي بچاءُ جو هنڌ سمجهي پنهنجي
مذهب ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ لڳا، ۽ فلپ ثانئ جي ڏينهن
۾ جيڪو فساد ٿيو سو اسپين جي تاريخ ۾ مسلمانن جي
آخري جدوجهد هئي. اڃا به ڪوهستاني علائقي کانسواءِ
بلنسيه ۽ مرشيا ۾ مسلمان رهندا هئا. 1570ع تائين
هي فساد جاري رهيو. انهئ وچ ۾ عيسائين نهايت ئي
سفّاڪي ۽ غارتگرئ جو ثبوت ڏنو هو. مسلمانن تي
بيدريغ خونريزي ڪرڻ لڳا. کين شديد جسماني عقوبتون
ڏنائون. مسلمان ان ڳالهه کي سمجهي چڪا هئا ته سندن
بچڻ جي ڪائي واهه ڪانه رهي آهي، وڏا وڏا پهلوان دل
کولي لڙيا ۽ لڙندي شهادت جو جام پيتائون. جيئن
ليونڊاس سپارٽا جي سپهه سالار يوناني فوجن سان
ڪيخسرو شاهه فارس جي 52 لک فوج کي 480ق.م ۾
ٿرماپولي جي دري وٽ شڪست ڏني، تيئن هينئر ڪوهستاني
وادي ۾ مسلمانن عيسائي ڪثيرالتعداد فوجن کي چڱي
چوٽ ڏني، مارڪئس آف مونڊ يجار غرناطه جي حاڪم هن
فساد کي روڪڻ لاءِ محبت جا پيغام مسلمانن ڏي
موڪليا ۽ اميد هئي، ته فساد روڪجي وڃن ها، پر
بدقسمتئ سان البسين جي قيدخاني ۾ عيسائين مسلمان
قيدين کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهنڪري مارڪئس امن امان
آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. مسلمانن جو جوش ويو
وڌندو، ابن اميّه في الحقيقت ڪوهستان جو مالڪ هو
پر منجهس لياقت ڪانه هئي، تنهنڪري 1569ع ۾ مسلمان
کانئس بدگمان ٿي کيس رات جو ستي قتل ڪري ڇڏيو.
سندس مسند تي مولوي ابن ابوعبدالله ويٺو، جو
پنهنجي رفيقن جو سچو جانثار ۽ قوم جو خيرخواهه هو.
اسپين جي سياسي حالت اچي خطرناڪ ٿي، تڏهن فلپ ثاني
فوجن جي ڪمان پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ (ڊان جان آف
آسٽريا) جي حوالي ڪئي. 1570ع ۾ سخت جنگ لڳي،
ايتريقدر جو خون جون نديون وهي هليون. هزارين خدا
جا بندا، زالون ۽ ٻار ڊان جي حڪم سان ذبح ڪيا ويا.
البشارات، جتي مسلمانن جي آبادي هئي، تنهن کي ساڙي
ناس ڪيائون، ابن عبدالله دل کولي وڙهيو، ۽ آخري دم
تائين تلوار سندس هٿ ۾ هئي، آخر جنگ جي ميدان ۾
شهيد ٿيو. نصارن سندس سر وڍي غرناطه جي شهر جي
دروازي تي لڙڪائي ڇڏيو، شڪست کان پوءِ مسلمانن
لاءِ ٻه رستا وڃي رهيا، يا ته غلاميءَ جي زنجيرن ۾
هميشه لاءِ قيد رهن يا ملڪ ڇڏي وڃن. ڪوهستاني
جنگين ۾ 30000 مسلمان شهيد ٿيا ۽ البشارات
(الپگرزا) ۾ 50000 ڊان جي حڪم سان قتل ڪيا ويا.
1598ع ۾ جڏهن فلپ ثالث تخت تي ويٺو، تنهن به ساڳيا
پير کنيان ۽ 1610ع تائين قتل ۽ خونريزيءَ جي بازار
گرم رهي. مسلمانن جا قافلا هجرت ڪرڻ لڳا، علامّه
امير علي لکي ٿو، ته اٽڪل 5 لک مسلمان زوري آفريقا
جلاوطن ڪيا ويا، جن کي سواءِ ڪنهن سامان ۽ دولت جي
آفريقا جي ريگستاني ڪناري تي وڃي ڦٽو ڪيائون. وري
رچرڊ هيلي پنهنجي يورپ جي گڏيل تاريخ ۽ جاگرافي
1872ع جي ايڊيشن ۾ لکي ٿو ته اٽڪل 2 لک يهودي به
لوڌي ڪڍيائون جي ڌڪا کائيندا وڃي اسلامي ملڪن ۾
لڪا مطلب ته غرناطه جي غلبي کانپوءِ فلپ ثالث جي
حڪومت تائين 30 لک مسلمان عيسائين اسپين مان تڙي
ڪڍيا. سلطان سليمان خان اعظم، جو هن وقت قسطنطينه
جي تخت تي هو، تنهن پنهنجي امير البحر غازي
خيرالدين بار بروسا کي حڪم ڏنو ته وڃي اسپين جي
مهاجرين کي مدد ڏي جنهن ترڪي ٻيڙي جي مدد سان عرب
مهاجرين کي آفريقا جي ڪناري تي سلامتئ سان آڻي
پهچايو.
سرزمين اندلس جا علوم ۽ هنرن جي لحاظ سان يورپ ۾
روشن ڏيئو هو، اتان اسلامي جهنڊو مٽجي ويو. اسپين
جي سرزمين تي مسلمانن جي هنر ۽ علم جا ڦٽل نشان
اڃا سوڌو موجود آهن. اهي جيتوڻيڪ شهر خاموشان ۾
آهن، پر انهن جي ديوارن مان حق، عزت، شان ۽ حجازي
دٻدي جو آواز اڃا به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، اها سرزمين جتي
مسلمانن ست سو ورهين تائين شان ۽ شوڪت سان حڪمراني
ڪئي، اڄ اُتي هڪڙو به مسلمان نظر نه ٿو اچي، بقول
حاليرحه:
کوئی قرطبہ کے کھنڈر جاکے دیکھے
مساجد کے محراب و در جا کے دیکھے
حجازی امیروں کے گھر جا کے دیکھے
خلافت کو زیرو زبر جا کے دیکھے
جلال اُنکا کھنڈروں میں ہے یوں چمکتا
کہ ہو خاک میں جیسے کندں دمکتا
ہویدا ہے غرناطہ سے ہیبت ان کی
عیاں ہے بلنسیہ سے شوکت ان کی
بطیلوس کو یاد ہے عظمت ان کی
ٹپکتی ہے قادس میں سر حسرت ان کی
نصیب ان کا شبیلیہ میں ہے ہوتا
شب و روز ہے قرطبہ ان کو روتا!
*
غرناطه تي هڪ نگاهه
”بيشڪ خدا جي قبضي ۾ سڀ ملڪ ۽ سلطنتون آهن، جنهن
کي پسند ڪري، ڏئي ٿو.“
غرناطه جي حڪومت اسپين جي ڏاکڻئي اوڀرندي ڀاڱي تي
هئي. جيتوڻيڪ هيءَ سلطنت ويڪر ۽ ڊگهه ۾ عاليشان نه
هئي، پر علم ۽ هنرن جي لحاظ سان وڏي شان ۽ دٻدٻي
واري بادشاهت ٿي گذري.هتي جي جبلن مان طرح طرح جا
ڌاتو نڪرندا هئا ۽ واقعي اسپين پنهنجي معدني کاڻين
جي لحاظ سان دنيا ۾ قديم زماني
ڪري مشهور آهي. المدينه ۾ پاري جون کاڻيون دنيا ۾
قديم زماني کان شهرت رکن ٿيون. اهڙيءَ طرح
سيرمورينا جبل جي سون جون کاڻيون اڄ تائين پيون
کوٽجن. غرناطه جي حڪومت فوجي لحاظ سان به هيبت
واري هئي. غرناطه ۾ قدرتي پاڻئ جا چشما آهن، جن
مان ملڪ کي پاڻي پهچي ٿو ان زماني ۾ چؤطرف مسلمانن
جون سرسبز زمينون هيون، جن ۾ زيتون، انگور ۽ طرح
طرح جا ميوي جا درخت هئا، اڄ اندلس ويران آهي، ڏسڻ
سان وحشت وٺيو وڃي. سندس بحيره روم واري ڪناري
مشهوري بندرگاهه هئا. هن سلطنت ۾ 30 وڏا شهر ۽ 80
قلعا هئا. هزارين ننڍا ڳوٺ ۽ شهر ٻڌل هئا. وادي
ڪبير ندي جي ڪپ تي 12،000 شهر ٻڌل هئا جن ۾
عاليشان باغ، بستان ۽ انگورستان جا منهن هئا.
محلاتن ۽ مساجد جي عجيب رونق هئي. باغن جي اڳيان
وڏا وڏا زرعي ميدان هئا. هتي جي بندرگاهن مان ريشم
۽ ميڻ اطاليه جي بندرگاهن ڏانهن ويندو هو. يورپ ۽
آفريقا جي واپارين جا ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا.
اهل فلورينس ۽ جنيوا جي واپارين جون هتي بيٺڪون
هيون. ملاگا ۽ الميرا مشهور بندرگاهه هئا جتان
بيشمار پئداوار ٻين ڏيساورن ڏي ويندي هئي. غرناطه
تختگاهه شهر هڪڙي سهڻي مرغ زار تي ٻڌل هو، منجهس
بيشمار دوڪان، حمام ۽ بازاريون هيون بنونصر خاندان
وارن هن کي ديوار ڏياري هئي، جنهن جا ويهه عاليشان
دروازا ۽ 1030 برج هئا. شهر جي هرهڪ گهر جي اڱڻ ۾
باغيچو هوندو هو، جنهن ۾ صوفن، زيتونن، ليمن ۽ آڙن
جا وڻ هئا. هرهڪ گهر ۾ جدا جدا پاڻئ جو بندوبست هو
۽ بازارين ۾ صاف پاڻئ جا چشما وهندا هئا. شهرن جا
گهر پٿر جا جڙيل هئا 15 صدئ ۾ غرناطه جي آبادي 4
لک هئي. شهر جي ڀروارن ٽڪرين تي (مدينة الحمرا) جو
مشهور محلات جڙيل آهي، جو سلطان ابن الاحمر جوڙايو
هو. سڄو ڳاڙهي پٿر جو جڙيل آهي، تنهنڪري کيس
الحمرا ڪري سڏين ٿا. هن محلات ۾ 40 هزار ماڻهو رهي
سگهن ٿا. سلاطين آل بنو نصر جي زماني ۾ امن امان
هو، تنهنڪري سلاطين کي علوم، فنون ۽ هنرن کي ترقي
وٺائڻ جو موقعو مليو. علمي ۽ ادبي لحاظ سان غرناطه
ستت ئي رشڪ قرطبه بنجي ويو، ۽ سندس خوبصورت
عاليشان عمارتون سڄي براعظم يورپ ۾ مشهور ٿيڻ
لڳيون. قصر الاحمر خاص محلات، جنهن جو بنياد بقول
واشنگٽن ارونگ تيرهين صدئ ۾ پيو، ۽ چوڏهين صدئ ۾
ختم ٿيو. سندس مشهور دروازو ايوان الآش نالي آهي،
ايوان ۾ هڪ چشمو هو، جنهن ۾ رنگ برنگ جون مڇيون
هيون، هن تلاءَ ۾ بيشمار پاڻئ جو چادرون ڪرنديون
هيون، جن جو عڪس عجيب هو. جڏهن رنگ برنگ مڇيون
ترنديون هيون، ۽ وري جڏهن سج جا شعاع مٿن ڪرندا
هئا تڏهن ائين چمڪنديون هيون گويا سڄو تلاءُ هيرن
۽ لعلن سان ڀريل آهي. مشهور ايوان
Court of Lion
سڄو سنگ مرمر جو آهي، جنهن ۾ 28 ٿنڀا آهن، جنهن جي
ڇت تي جواهر نگاري، زمردين ۽ طلائي جو ڪم ڪيل آهي.
هتي غرناطه جا سلاطين سطوت ۽ جبروت سان
درٻار ڪندا هئا، ۽ اراڪين درٻار تخت اڳيان دست
بسته ٿي بيهندا هئا، سبحان الله انوقت جو نظارو
عجيب هوندو. گويا هي محلات آهي، جتي ڪو وقت گل
اندام شهزاديون ۽ شهزادا بيهي جبلن جي برفاني
چوٽين ۽ باغن جو سير ڪندو هئا. ايوان الاسد جنهن
جو بيان ڪري آيا آهيون، تنهن جا ٿنڀا در ۽ دريون
نيلم جا جڙيل آهن. هن محلات ۾ ناچ ۽ راڳ لاءِ جدا
ايوان جڙيل آهي، جتي خاتونان عفت مآب پنهنجي
عشرتڪدن مان نڪري بوقلموني لباسن سان اچي زربفتي
مسندن تي وهنديون هيون، ۽ راڳ ٻڌنديون هيون. اهي
عوام جي نظر کان پوشيده هيون. ايوان الاسد جي چشمي
جي چؤگرد ٻارهن شينهن جا مصنوعي بت رکيل آهن جنجي
واتن مان چشمي ۾ پاڻي ڪري ٿو. اهي شينهن جون
مورتون اهڙيون عجيب ۽ غريب آهن، جو اڪثر شاعرن ۽
افسانه نويسن سندن حد کان زياده تعريف ڪئي آهي.
ايوان بني سراج تي جيڪو بلور جو ڪم ٿيل آهي، تنهن
جي ڇت ۾ 16 خوشنما دريون آهن، جن تي گلڪارئ جو ڪم
ڪيل آهي، اهي دريون ايوان جي روشنئ لاءِ آهن. بني
سراج کان پوءِ روضة الناظرين جو ايوان آهي، جتي
بهار جي موسم ۾ حرم سراءِ جون شهزاديون ۽ شهزادا
سير ڪندا هئا. هت به پاڻئ جو وڏو حوض جڙيل آهي
جنهن جي پاسن تي شمشاد، صنوبر، ترنج، نارنگين ۽
ميون جا درخت بيٺل آهن جن جي خوشبو هوا سڄي محلات
کي پهچائيندي هئي. هن ايوان جي ديوارن ۽ محرابن تي
جيڪو پچڪارئ جو ڪم ٿيل آهي، سو مسلمانن جي اعليٰ
درجي جي ڪمال هنر جو ثبوت آهي، جن جي ڏسڻ سان حيرت
ويٺو وڃي.
هن ايوان ۾ بيهڻ سان جبل القمر جون چوٽيون نظر اچن
ٿيون، هيءَ عجيب ڏيک ۽ وندر جي جاءِ آهي. غرناطه
جا تاجدار قرطبه جي خليفن وانگر علم هنر ۽ حڪمت جا
شيدائي هئا، سندن عهد مهد ۾ گويا هتي جي سرزمين
شاعرن، علمائن ۽ بهادرن جي پيدائش جو هنڌ هو.
هتي ڪي مشهور زالون به ٿي گذريون، جي علم ادب جي
لحاظ سان قوم ۽ ملت لاءِ مايهء ناز هيون. مثلاً
نازحون، جا ابوبڪر الغشانئ جي دختر هئي، سا پنهنجي
شعرخواني ۽ علم ۾ لاثاني هئي. هجري ڇهين صدئ ۾ هي
خاتون ٿي گذري. زينب ۽ حمده، جي وادي الحاما جي
هڪڙي ڪتب فروش جون ڌيئرون هيون تن بابت علامّه ابن
العبار لکي ٿو ته: ٻئي ڇوڪريون خوبصورتي ۽ خوش
الحانئ ۾ شهره آفاق هيون. سندن شاعرئ جي هاڪ ٻڌي
گهڻائي شاعر اچي سندن محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
شاعرئ کانسواءِ حڪمت توڙي علم ۾ به ڀڙ هيون. حفصه
۽ القلايه غرناطه ۾ پنهنجي علم ۽ حسن اخلاق جي ڪري
مشهور هيون. صفيه ۽ مريه مان صفيه شبيله جي رهندڙ
هئي، ۽ پنهنجي وقت جي صاحب قلم ٿي گذري. مريه ابو
يعقوب الفيصلئ جي ڌئ هئي، جا به نثر و نظم ۾ صاحب
ڪمال ٿي گذري. غرناطه جي سلاطين وقت جي اهل قلم ۽
بزرگن جي هر طرح سان امداد ڪئي. سندن عهد مبارڪ ۾
علم طبعي، رياضي، حڪمت، هيئت ۽ شاعري وڏي اوج کي
پهتل هئي. عيسوي تيرهين صدئ ۾ غرناطه جو شاهي مڪتب
ڏاڍي عروج تي هو، جنهن جو ڪاروبار سراج الدين
عمرالحڪمئ جي سپرد هو. هن مڪتب ۾ هر ڪنهن مذهب جي
علمائن جي عزت هئي ۽ هن مڪتب ۾ يهودي ۽ عيسائي
عالم ۽ فاضل به مقرر هئا. سال بسال وڏا نماءَ
ٿيندا هئا، جتي علماءُ اچي بحث مباحثو ڪندا هئا ۽
عوام کي هر طرح سان داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. غرناطه
جو هيڏو دنيا ۾ دٻدبو ٻڌجي ٿو، سو رڳو علمي لحاظ
ڪري، علامّه گبن به ڏهين جلد ۾ لکي ٿو، ته هاڻوڪي
يورپ جو تعليم کاتو غرناطه تان ورتل آهي. هتي جا
حڪيم به ڏاڍا هوشيار هئا.
غرناطه جي زالن کي پوشاڪن پائڻ جو ڏاڍو شوق هو،
ابن الخطيب پنهنجئ تاريخ ۾ اشارو ڪري ٿو ته غرناطه
جون زالون جڏهن پوشاڪ پهري ٻاهر نڪرنديون هيون،
تڏهن ايترو عطر عنبير ملي نڪرنديون هيون، جو ڄڻ
بهار جي گل جيان هيون. مسلمانن کي صفائي سان
ايتريقدر دل هئي جو اسپين ۾ جيڪڏهن ڪنهن غريب
مسلمان وٽ هڪڙو درهم به کائڻ لاءِ هوندو هو، ته
اهو به صابڻ تي خرچ ڪري ڪپڙا ڌوئي پوءِ ٻاهر
نڪرندو هو!
زراعت جي لحاظ سان عربن جي دور ۾ اسپين هڪ سبز باغ
هو. چؤطرف ڊاکن، نارنگين، ليمن، انارن ۽ زيتونن جا
فصل هئا، جڏهن فرڊيننڊ 1255ع ۾ اشبيله فتح ڪيو
تڏهن اُتي 100،000 گهاڻا زيتون جي تيل ڪڍڻ جا
موجود هئا. اهي عرب ئي هئا، جن اسپين ۾ ڪپهه ۽
ريشم جي پوک جو بنياد وڌو. سون، چاندي، پارو،
ريشم، کنڊ، تيل، زيتون ۽ پشمي سامان روانگئ جون
شيون هيون. ملاگا جي کاڻين مان لعل نڪرندا هئا.
چمڙي جو سامان اهڙو سٺو تيار ٿيندو هو، جو اڃا
تائين يورپ ۾ موراڪو ليدر جي نالي مشهور آهي. عربن
وٽ بارود، کنڊ ۽ ڪاغذن جا ڪارخانا هئا، نقاش ڪارئ
جو ڪم جيڪو عربن جو قصر الزهرا ۽ قصر الحمرا تي
ٿيل آهي، سو بي مثل آهي جن کي ڏسي دوست ۽ دشمن
تعريف ڪن ٿا.
غرناطه ۾ ڪي نامور انسان به ٿي گذريا. جيئن ابن
حيان مشهور تاريخ نويس هو، جنهن اسپين جي تاريخ ٻن
جلدن ۾ جوڙي. پهرئين جلد ۾ ڏهه ڪتاب اچن ٿا، ۽ ٻئي
۾ 60 ڪتاب آهن. ابن العبار به مشهور تاريخ نويس
هو، 1076ع ۾ وفات ڪيائين. ابو القاسم بن عبدالله
البڪري ابن مسعود بن موسيٰ جو 1101ع ۾ قرطبه ۾
ڄائو، 1183ع ۾ انتقال ڪيائين. ابن السيد ابوالحسن
علي 1214ع ۾ ڄائو، ۽ 1286ع ۾ انتقال ڪيائين، هن
اشبيله جي ڪاليج ۾ تعليم ورتي هئي. ابوالوليد
اسماعيل شقندئ 1231ع ۾ وفات ڪئي. لسان الدين ابن
الخطيب جو 1313ع ۾ ڄائو ۽ 776هه وفات پاتائين،
تنهن غرناطه جي مشهور تاريخ (الاحاطه في اخبار
غرناطه) جوڙي ۽ علامّه ابن خلدون جو هم پله هو.
سندس تاريخ جا، معيت ۽ ادبي ڪمال جو اعليٰ ترين
نمونو آهي. هو پنهنجي وقت جو وڏو مدبر ۽ سياست دان
ٿي گذريو. غرناطه جي درٻار ۾ وزارت جي عهدي تي
ممتاز هو پر ساڻس ڪن دشمنن عداوت ڪئي، جنهنڪري
غرناطه کي خيرباد چئي فيض ڏانهن ويو. سلطان
عبدالعزيز، جو هن وقت فيض جي تخت تي هو تنهن هن جي
گهڻي عزت ڪئي، پر ٽن سالن کانپوءِ جڏهن سلطان
ابوالعباس فيض جو والي ٿيو، تڏهن ڪن باغين جي هٿان
شهيد ٿي ويو. سندس مٿين تاريخ مشهور آهي، جنهن جي
پڇاڙئ ۾ هن پنهنجئ زندگئ جو به بيان ڏنو آهي.
علامّه ابن خلدون به سندس بيان ڏنو آهي. مغربي
مؤرخ مسٽر آر.اي نڪلسن جو (لٽرري هسٽري آف دي عرب)
جو مصنف آهي، سو به سندس تعريف ڪري ٿو.
علامّه عبدالرحمٰن ابن محمد ابن خلدون، جو تاريخ
جو ڏاڏا پير ليکجي ٿو. 1332ع ۾ تيونس ۾ ڄائو سندس
خاندان بنو خلدون اشبيله جا رهاڪو هئا، پوءِ
آفريقا اچي رهڻ لڳا. 1362ع ۾ غرناطه جي سلطان محمد
پنجين جو وزير هو. هو ڪجهه وقت شاهان غرناطه جي
طرفان قستاليه جي بادشاهه پيڊرو وٽ سفير به هو، پر
پوءِ عهدو ڇڏي قاهره ويو ۽ اتي قاضي ٿيو. جڏهن
سلطان امير تيمور مصر فتح ڪيو، تڏهن ابن خلدون
ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس سمرقند هلڻ لاءِ چيائين، پر
علامّه انڪار ڪيو. هن اسپين ۽ آفريقا کانسواءِ شام
جو به سير ڪيو ۽ وقت جي بادشاهن سان ملاقاتون به
ڪيائين. جڏهن سير ۽ سفر کان واندو ٿيو تڏهن پنهنجي
مشهور تاريخ لکڻ شروع ڪيائين، جنهنجو نالو ”ديوان
المتبداء والخبر في ايام العرب والعجم والبربر“
آهي)
هن فن تاريخ جو ڪمال علم ڏنو آهي. پنهنجي تاريخ جي
مقدمي ۾ دنيا کي ستن اقليمن ۾ ورهايو اٿس، ۽ مختلف
ملڪن ۽ قومن جي عادات، رسومات، تهذيب ۽ معاشرت تي
پوري روشني وڌي اٿس. عربن جي متعلق لکي ٿو ته:
”عربن جي فطرت ۾ وحشت ايتريقدر ڀريل آهي جو دنيا
جي قومن
کي مجال نه آهي، جو کين زير ڪري سگهن. هو پنهنجئ
وحشت جي ڪري ڪنهن به شخص جي قابو ۾ اچي نه ٿا
سگهن. اڳتي هلي لکي ٿو، ته اسلام جي ڪري منجهن
ديني جوش جاڳيو ۽ هو شرعي احڪامن جي پيروي ڪرڻ
لڳا. منجهن اولو العزم خلفاء پيدا ٿيا، جن سندن
سلطنت کي وڌايو. بعد ۾ منجهن فرقا پيدا ٿيا، هنن
دين جي لاپرواهي ڪئي ۽ سياست کي به وساري ڇڏيائون.
مطلب ته منجهن وري وحشت پيدا ٿي. جڏهن خلافت عظميٰ
برباد ٿي تڏهن سندن سلطنت جو به نشان مٽجي ويو. هو
ڌارين جا محڪوم ٿيا ۽ اڳئين دستور موجب وڃي
ريگستانن ۾ رهڻ لڳا، سياست ۽ سلطنت کان بلڪل بيخبر
رهجي ويا. هو صاحب لکي ٿو ته کين ايتري به خبر
ڪانهي ته اڳين وقتن ۾ سندن سلطنتون قائم هيون
حالانڪه بنو حمير وارن مان عاد ۽ ثمود، يمن وارن
مان عمالقه ۽ تباعت ۽ بنو مضير وارن مان بنو اُميه
۽ بنو عباس ٿي گذريا!
اُمته العزيز جنهن کي الشريفا جي لقب سان سڏين ٿا،
سا پنهنجي وقت جي صاحب قلم هئي. الرضيّه بلنسيه جي
رهندڙ هئي، صرف ۽ نحو ۾ ماهر هئي. الرقونيه، جا
مهدئ جي ڏينهن ۾ ٿي گذري، سا خوبصورتي ۾ لاثانئ
هئي. مريم جا ابو يعقوب انصارئ جي نياڻي هئي ۽
وادئ العش جي رهندڙ هئي، سا شاعري ۽ علم جي ڪري
باڪمال عورت هئي، کيس گهڻائي شاگرد هئا. هجري
چوٿين صدئ جي آخر ۾ ٿي گذري. اُم الحنا جا قاضي
ابو محمد عبدالحق جي نياڻي هئي سابه شاعرئ جي فن ۾
ماهر هئي. ابوبڪر بن يحيٰ جو ابن باجا جي نالي
مشهور آهي، سو هڪڙي سوناري جو پٽ هو، نجوم ۽ شاعري
۾ افضل ٿي گذريو. 533هه مطابق 1138ع ۾ فيض ۾ وفات
پاتائين. ابوبڪر محمد بن عبدالملڪ، جو ابن طفيل جي
نالي سان مشهور آهي، سو عربن منجهان اسپين ۾ مشهور
فيلسوف ٿي گذريو، پنهنجي وقت جو حڪيم به هو ۽ شاعر
به هو، سلطان ابويعقوب يوسف المهدئ سندس گهڻي عزت
ڪئي، 581هه مطابق 1185ع ۾ مراڪش ۾ انتقال ڪيائين.
سلطان جو پٽ شهزادو يعقوب المنصور قبرستان تائين
سندس جنازي سان ڪلهو ڏيئي هليو. هن فطرت انساني ۽
اخلاق تي هڪڙو ڪتاب جوڙيو هو، جو پهريائين پاڪوڪ
Pococke
لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪيو، پوءِ 1686ع ۾ ائشويل
Ashwell
انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ابوبڪر الايازي، جو ابن
ظهر جي نالي سان سڏجي ٿو، سو سلطان عبدالمومن
مهدوي خاندان جي باني وٽ حڪمت جو ڪم ڪندو هو. سندس
ڏاڏو وزارت جي عهدي تي ممتاز هو. 525هه مطابق
1130ع ۾ قرطبه ۾ وفات ڪيائين. سندس پڙڏاڏي
عبدالملڪ کي بغداد جي درٻار ۾ گهڻي عزت هئي. بغداد
شريف کانپوءِ مصر آيو، اتان وري قيروان آيو، سندس
پويان هتان اسپين ۾ آيا. ابوالوليد محمد بن احمد
بن رشد 520هه مطابق 1126ع ۾ وفات پاتائين. سندس
پڙڏاڏو ۽ پيءُ المرويه خاندان جي تاجدارن جي درٻار
۾ وزارت جا مالڪ هئا. هن ابومروان، ابن ظهر ۽ ابن
طفيل جي صحبتن مان شرف حاصل ڪيو. ابن طفيل سندس
سلطان ابو يعقوب يوسف سان ملاقات ڪرائي، جنهن 1109
۾ اشبيله جو قاضي مقرر ڪيس، ستت ئي 1182ع ۾ قرطبه
جو قاضي ٿيو، 595هه مطابق 1198ع انتقال ڪيائين.
آفريقا ۾ ادرسي، اَغلبي ۽ فاطمي خاندان
The Idrisides, Aghlabides & Fatimides in Africa
dynasties
اغلبي خاندان
ابراهيم بن اغلب خليفي
هارون الرشيد اعظم جو سپهه سالار هو، هن خليفي کي
عرض ڪيو، ته جيڪڏهن کيس آفريقا جي ولايت جو امير
مقرر ڪيو وڃي، ته سواءِ ڪنهن خرچ وٺڻ جي
40,000
دينار ساليانو بارگاهه خلافت کي ڀريندو رهندس، جا
ڳالهه خليفي اعظم منظور ڪئي. ڇاڪاڻ جو آفريقا ۾
اڪثر فساد لڳل رهندا هئا، فوجن جو خرچ ويو وڌندو،
آمدني ته درڪنار خليفي کي
100,000
دينار مصر جي آمدنيءَ مان آفريقا تي خرچ ڪرڻ پوندا
هئا، تنهن ڪري ابراهيم کي آفريقا جي حڪومت مٿئين
شرط تي مرحمت ڪئي وئي. 184هه مطابق 801ع ۾ ابراهيم
آفريقا جو حاڪم مقرر ٿي آيو، برجستو هو. فسادن کي
مات ڪري قيروان جي علائقي ۾ هڪڙو نئون شهر عباسيه
نالي ٻڌرائي کيس تختگاهه مقرر ڪيائين. ابراهيم
اغلبي هن خاندان جو باني هو ۽ 196هه مطابق 812ع ۾
12 ورهيه حڪومت ڪري وفات پاتائين. کانئس پوءِ سندس
پٽ عبدالله ابوالعباس حڪومت ڪئي 201هه ۾ وفات
ڪيائين، کائنس پوءِ سندس ڀاءُ زيادة الله تخت تي
ويٺو.
عربن جو صّقليه ٻيٽ فتح ڪرڻ
زيادة الله جي ڏينهن ۾ عربن جون صّقليه ٻيٽ ۾
بيٺڪون هيون. هن قيروان جي قاضي اسد بن فرات جي هٿ
هيٺ هڪ لشڪر مٿئين ٻيٽ تي ڏياري موڪليو. هن مهم جو
بيان تاريخ نويسن جدا جدا ڏنو آهي، پر عيسائي مؤرخ
هن ريت لکن ٿا، ته قسطنطنيه جي شهنشاهه جون
يوفيميوس نالي هڪڙو شهزادو ٻه زالون ڀڄائي ويو،
شهنشاهه سندس زبان وڍڻ لاءِ حڪم ڪڍيو، پريوفيميوس
آفريقا اچي عربن وٽ پناهه ورتي ۽ قيروان جي امير
کي صقليه ٻيٽ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ چوريائين. پر
علامّه ابن اثير جو بيان آهي ته ”قسطنطنيه جي
شهنشاهه 211هه ۾ يوفيميوس جنهن کي عرب فيمي سڏين
ٿا، جو هن وقت صقليه جو حاڪم هو، تنهن کي آفريقا
تي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. هن جهازن جي دستي سان
آفريقا جي ڪناري تي عربن جو گهڻو نقصان ڪيو. فيمئ
کي سندس هڪڙي سپهه سالار بلاته شڪست ڏني، تنهنڪري
هن عربي امير کي ٻيٽ تي حملي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني.
212هه ۾ اسلامي لشڪر مزورا
Mazura
جي مقام وٽ لٿو فيمي قطعي شڪست کائي ڪالا بريا
Calabria
ڏانهن ڀڄي ويو، جتي مئو. مسلمانن هن ٻيٽ ۾ قلعا
جوڙڻ شروع ڪيا، البته يوناني لشڪر هڪ ٻن هنڌ چوٽ
کاڌي ،مگر شڪست کاڌائون، ماهه رجب المرجب 216هه ۾
ٻيٽ جو تختگاهه بلرم
Palrmo
به اسلامي پرچم هيٺ اچي ويو. وري 220هه مطابق 835ع
۾ جڏهن ابواغلب ابراهيم بن عبدالله صقليه جو حاڪم
ٿيو، تڏهن مسلمانن جبل نور وارا علائقا به فتح
ڪيا.
223هه ۾ زيادة الله وفات ڪئي، سندس ڀاءُ ابو عقل
اغلب جڏهن آفريقا جو حاڪم ٿيو، تڏهن سندس عهد مهد
۾ آفريقا جا ماڻهو بلڪل آسودا هئا. 14 رجب المرجب
223هه مطابق 883ع ۾ مسلمانن سمورو ٻيٽ ڪالا بريا
جي علائقي سميت فتح ڪري اُتي بيٺڪون وڌيون. وري
جڏهن 226هه ۾ ابو عقل وفات ڪئي، ته سندس پٽ
ابوالعباس محمد بادشاهه ٿيو، تڏهن عربن گهڻا ملڪ
فتح ڪيا.
رومة الڪبريٰ تي اسلام جو حملو
فاران جي چوٽين تان جو خدا جو نور دنيا جي تاريڪئ
کي مٽائڻ لاءِ جلوه گرٿيو ۽ آفتاب عالم جي طرح
روشن ٿيندو ويو، ۽ جنهن ٿوري عرصي ۾ مشرق کي مغرب
تائين روشن ڪيو. جنهن نور انسان کي خدا جو اهڙو
مستقل وجود ثابت ڪري ڏيکاريو، جو مسلمان فنا ۽
زوال کان نڪري سڀني ڪمالات جو سرچشمو بنجي پيا،
هنن هن پيغام کي ارض الڪبريٰ تائين به پهچايو جنهن
کي جاگرافئ ۾ عام طرح سان اٽلي
Italy
سڏين ٿا. 228هه ۾ فضل بن جعفر همداني، جو صقليه جو
حاڪم هو، تنهن سمنڊ جي رستي ميسينا
Messina
تي حملو ڪيو پر نابل
Naples
کان عيسائين کي مدد پهچي ويئي، جنهنڪري ٻن سالن
تائين عربن جي ڪاه روڪجي ويئي، پر ميسينا وارن آخر
آڻ مڃي.
232هه مطابق 30 سيپٽمبر 843ع ۾ فضل لينطيني
Lentini
فتح ڪري اٽلي جي شهرن بريا ۽ ڪئمپانيا تي ڪاهه
ڪئي، اٽلي جا 150 شهر عربن فتح ڪيا. عرب غورابن
ٽائبر
Tiber
ندئ جي رستي فونڊئ
Fundi
جو شهر ۽ رومة الڪبريٰ جي ڀروارا شهر لٽيا. 233هه
۾ اسلامي فوجن گائٽا
Gieta
تي به گهيروڪيو ۽ ٽارنٽو
Taranto
تي طوفان وانگر ڪاهه ڪري فتح ڪيائون. 234هه مطابق
849ع ۾ راغوسا
Ragusa
جي علائقي وارن شهرن تي قبضو ڪيائون، 235هه مطابق
850ع ۾ ٻيهر روم تي ڪاهه ڪيائون، پوپ ليو
Pop Leo (Iv)
خوف کان اچي ڪنبڻ لڳي، ته اجهو سينٽ پيٽر جي ديول
۾ الله اڪبر جي صدا بلند ٿي. پر افسوس جو اوچتو
طوفان اچي لڳو، عربن جا غوراب ڪناري وارن ٽڪرين
سان لڳي پرزا پرزا ٿي ويا. 236هه ۾ فضل جي وفات
کانپوءِ جڏهن عباس صّقليه جي تخت تي ويٺو، تنهن
حملي کي جاري رکيو ۽ اسلامي فوجن 239هه مطابق 853ع
۾ ڪاتانيا
Catania
۽ قلات ابي سور
Calat Avuturo
۽ ٻيا هنڌ فتح ڪيا.
244هه ۾ اهو زمانو هو، جڏهن وڏا وڏا سمنڊ ڄڻ عربن
جا بازي گاهه هئا. هنن اتر اولهندي آفريقا جو
ڪنارو زنگباز
ZANZIBAR
۽ موذئمبڪ
MOZAMBIQUE
فتح ڪري مدغا سڪر
MADAGASCAR
جو ٻيٽ هندي وڏي سمنڊ ۾ ڳولي لڌو جو ڪيتري وقت
تائين سندن بحري مرڪز هو.
247هه ۾ عباس جي وفات کانپوءِ سندس پٽ عبدالله
حاڪم ٿيو، پر آخر خفجا بن سفيان صقليه جو حاڪم
ٿيو، هن جي ڏينهن ۾ عربن 250هه مطابق 869ع ۾ ناٽاس
Notos
جو مشهور شهر فتح ڪيو، تنهن کانپوءِ آ به
Abba
ساٽا
Sata
قصرالجيد به فتح ڪيائون. 251هه ۾ عربن روم جي
چؤگرد وارن ڳوٺن کان خراج وصول ڪيو. 255هه ۾ جڏهن
محمد هتي جو حاڪم ٿيو، تڏهن عربن احمد بن عمر جي
قيادت هيٺ مالٽا
Malta
ٻيٽ به فتح ڪيو.
* **
242هه ۾ ابوالعباس محمد انتقال ڪيو، سندس پٽ ابو
ابراهيم محمد اغلبي آفريقا جو حاڪم ٿيو، سندس
ڏينهن ۾ مخلوق خدا خوش ۾ آسودي هئي هن دشمن جي ڪا
هن کي روڪڻ لاءِ 10،000 قلعا تعمير ڪرايا ۽ 249هه
۾ وفات ڪيائين، سندس ڀاءُ زيادة الله تخت
تي ويٺو، 18 مهينا امن امان سان حڪومت ڪري وفات
ڪيائين، کائنس پوءِ سندس ڀاءُ ابو عبدالله محمد
250هه مطابق 863ع تخت تي ويٺو، علامّه ابن اثير
لکي ٿو، ته هو سياڻو بادشاهه هو، پر علامّه ابن
خلدون اهو به لکي ٿو ته هو عياش ۽ شرابي هو، سندس
ڏينهن ۾ رومين وري ڪي هنڌ موٽائي ورتا، پر هن سندن
روڪ لاءِ ڪي قلعا تعمير ڪرايا. سندس ڏينهن ۾
مسلمانن اٽلي ۾ ڪي سوڀون کٽيون. 261هه مطابق 874ع
۾ سندس مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ ابراهيم آفريقا جو
امير ٿيو، سندس ڏينهن ۾ ڪي اندروني فساد پيا ۽ پاڻ
ڪٽنب سوڌو شهيد ٿي ويو. سندس پٽ ابوالعباس جو، هن
وقت 289هه مطابق 902ع ۾ حاڪم ٿيو، سو نرم دل،
انصاف وارو ۽ قانون دان ۽ مرد ميدان هو، پر سندس
پٽ جي اشاري تي سندس هڪڙي غلام ننڊ ۾ شهيد ڪيس. هي
پويون اغلبي حاڪم هو، کائنس پوءِ اڪثر سلطنت ۾
فساد پيا.
ادريسي خاندان
عباسي دور ۾ جڏهن خليفة المسلمين مهدي بغداد جي
تخت تي جلوه گر هو، تڏهن سڄو آفريقا عباسي جهنڊي
هيٺ هو. وري 169هه مطابق 785ع ۾ جڏهن هادي تخت تي
رونق افروز ٿيو، تڏهن گهڻا اهل بيت سرزمين عراق
تان يا ته جلاوطن ڪيا ويا يا ته انهن کي پاڻ وطن
مالوف ڇڏڻو پيو. ادريس جو امام حسنرضه
جي اولاد مان، تنهن به عراق کي خيرباد چئي مغرب
الاقصيٰ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. هن اُتر آفريقا ۾
هڪ زبردست سلطنت جو بنياد وڌو. فيض
Fez
جو شهر، جو اڄ تائين موراڪش جو مشهور شهر آهي، سو
ادريس تعمير ڪرايو، آخر عباسي خليفن جي اشاري تي
ڪنهن هن امام سڳوري کي زهر ڏيئي شهيد ڪيو.
اِنالله واِنا اِليھ راجعون.
کائنس پوءِ سندس فرزند ادريس ثاني، جو هن وقت صغير
العمر هو، سو پنهنجي والده ۽ وزير غالب جي سرڪردگئ
هيٺ ادريس الاصغر جي لقب سان فيض جي تخت تي ويٺو.
هو بهادر ۽ جنگجو بادشاهه ٿي گذريو. ڏکڻ آفريقا ۾
هن گهڻائي ملڪ فتح ڪيا، علامّه ابن خلدون فرمائي
ٿو ته سندس ڏينهن ۾ اولهندي آفريقا تان عباسين جو
اقتدار بلڪل کڄي ويو. 213هه مطابق 825ع ۾ هن سلطان
وفات ڪئي. کانئس پوءِ محمد تخت تي ويٺو، جنهن
پنهنجي خاندان مان جدا جدا ملڪن تي حڪمران مقرر
ڪيا. 221هه مطابق 833ع ۾ هن وفات ڪئي، پوءِ سندس
فرزند علي تخت تي ويٺو. علي نون مهينن جو هو، جڏهن
تخت تي ويٺو پر سندس پيءَ جا اهلڪار ۽ صوبيدار
نهايت ئي ايماندار هئا ۽ سلطنت جي ڪاروبار کي
چڱيءَ ريت هلائڻ لڳا. اڪثر تاريخ نويس لکن ٿا، ته
هن وقت آفريقا جا ماڻهو بلڪل آسودا هئا 234هه
مطابق 856ع ۾ 22 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
کانئس پوءِ سندس ڀاءُ امام يحيٰ بن محمد فيض جو
والي ٿيو، هن پنهنجي ڏاڏي جي سلطنت کي گهڻو وڌايو،
سندس انتظام کان مخلوق خدا خوش هئي، خاص ڪري فيض
جي شهر گهڻي رونق ورتي ۽ اسلامي دنيا مان گهڻا ئي
مسلمان هجرت ڪري اچي هتي رهڻ لڳا. 264هه ۾ هن
انتقال ڪيو.
* * *
کائنس پوءِ امام يحيٰ ثاني تخت نشين ٿيو، سندس
ڏينهن ۾ هڪ ڳرو فساد جاڳيو جنهنڪري اسپين ڏانهن
ڀڄي ويو، جتي انتقال ڪيائين. يحيٰ ثاني کانپوءِ
سندس سوٽ امام علي بن عمر گادئ تي ويٺو، پر هو
گهڻو وقت رهي نه سگهيو، کيس گجڙي خارجئ اسپين
ڏانهن لوڌي ڪڍيو. جتي هن سڪونت اختيار ڪئي. کائنس
پوءِ اهل فيض ادريس ثاني جي پوٽي يحيٰ بن قاسم کي
فيض جي تخت تي وهاريو، سندس ڏينهن ۾ ادريسي سلطنت
ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي. 309هه ۾ فاطمي خليفن کيس
لوڌي ڇڏيو، جنهنڪري هي تخت ۽ تاج جي پچر ڦٽي ڪري
مهديه جي شهر ۾ خانگي طور زندگئ جا ڏينهن بسر ڪرڻ
لڳو، جتي 331هه ۾ انتقال ڪيائين، اِنالله واِنا
اِليھ راجعون. يحيٰ ثالث کان پوءِ ادريسي
خاندان جي سلطنت جو خاتمو ٿيو، حڪومت جي جدا جدا
نوابن ۽ اميرن جدا جدا خطاب ورتا. 319هه ۾
عبدالرحمٰن الناصر آفريقي فوج ڪشي ڪئي ۽ آفريقا جي
گهڻي حصي تي قبضو ڪيائين. تنهن کان پوءِ گهڻائي
ادريسي شهزادا فيض ڇڏي اچي قرطبه ۾ رهڻ لڳا. باقي
مغرب الاقصيٰ جو اوڀرندو حصو فاطمي جهنڊي هيٺ اچي
ويو.
فاطمي خاندان
عباسي شهنشاهه محمد الهادئ جي زماني ۾ حضرت امام
جعفر الصادقرضه 148هه مطابق 765ع ۾
مدينھ منوره ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند
امام موسيٰ الڪاظمرضه اماميت جي مسند
تي جلوه گر ٿيا. امام جعفررضه جيئري
پنهنجي پٽ امام اسماعيلرضه کي پنهنجو
وارث مقرر ڪيو هو، پر امام سڳورا وفات ڪري چڪا
هئا، تنهنڪري امام موسيٰ گادئ تي ويٺو، پر ڪي مريد
امام مرحوم جي پٽ اسماعيل جي امامت جي پيروي ڪرڻ
لڳا، جي پوءِ مصر ولايت ۾ فاطمي خليفن جي نالي سان
مشهور ٿيا. عباسي خليفن هن فرقي منجهان گهڻن کي
مارائي ڇڏيو ڪي، جان بچائي ڀڳا. سندس مريدن هن
تحريڪ کي يماما، يمن، بحرين، سنڌ، هندوستان، مصر ۽
آفريقا ۾ پکيڙي ڇڏيو. سندس مريدن مان عبدالله
ميمون صوفي جو بصره جو حاڪم هو، تنهن هن تحريڪ کي
آفريقا ۾ زور وٺايو، ايتريقدر جو گهڻائي بربر
قبيلا مٿئين سيد جي امامت کي مڃڻ لڳا. اغلبي
خاندان جا حاڪم، جي عباسي اقتدار هيٺ هئا تن هن
تحريڪ جي گهڻي مخالفت ڪئي، پر زيادة الله ٽيون جو
ڪم طاقت حاڪم هو، تنهنجي ڏينهن ۾ تحريڪ وئي زور
پوندي. قارا جو شهر جو قيروان جي ويجهو هو، سو
اغلبي خاندان وارن جوڙايو هو، جنهن ۾ بيشمار محلات
۽ قلعا هئا، جي پري کان نظر ايندا هئا، هتي جي
آبهوا به افضل هئي، تنهن تي ابو عبدالله ڪاهه ڪئي.
زيادة الله ٻن لشڪرن سان سندس مقابلو ڪيو، پر شڪست
کائي طرابلس ڏانهن ڀڄي ويو ابن عساڪر لکي ٿو، ته
هن پوئين اغلبي حاڪم 296هه مطابق 908ع ۾ عراق جي
شهر راقا ۾ وفات ڪئي.
عبيدالله المهدي
پهرين رجب المرجب 296هه مطابق 908ع ۾ صوفي ابو
عبدالله بن ميمون آفريقا جي تخت تي ويٺو. هو ماڻهن
سان نرمئ سان هلت ڪرڻ لڳو، ۽ ماڻهو به کيس عزت ڏيڻ
لڳا. هجري ٽين صدئ جي آخر ۾ هڪ زبردست تحريڪ جو
بنياد وجهي عبيدالله مهديءَ جي پيءَ وفات ڪئي، مرڻ
مهل پنهنجي فرزند عبيدالله کي سلمانيه ۾ وصيت
ڪيائين، ته ” تون مهدي آهين، ۽ تون گهڻا ملڪ
گهمندي ۽ تو تي گهڻيون تڪليفون اينديون.“
امام سڳوري جي وصيت جو راز جلد انڪشاف ٿيو، ڇاڪاڻ
جو ايتري ۾ ابوعبدالله صوفئ جا قاصد آفريقا کان
اچي پهتا. امام عبيدالله پنهنجي پٽ ابو القاسم سان
آفريقا ڏانهن روانو ٿيو. ساڻس گڏ ابوالعباس ۽ ٻيا
ڪي ٿورا مريد به گڏ هئا. اهي سڀ واپارين جي پوشاڪ
۾ هئا، ڇاڪاڻ جو بغداد جي خليفي مڪتفئ پنهنجي
جاسوسن کي حڪم ڏنو هو ته هو عبيدالله کي سندس
مريدن سميت جتي ڏسن گرفتار ڪري قتل ڪن. عباسي
جاسوسن آخر ابوالعباس کي قيروان ۾ گرفتار ڪيو،
باقي عبيدالله پنهنجي پٽ ابوالقاسم سميت 296هه ۾
جان بچائي مراڪش جي شهر سجلماسيه ۾ وڃي پناهه
ورتي.
ايليسا بن مدرار، جو هن وقت هتي جو سلطان هو، تنهن
هن امام جي گهڻي عزت ڪئي، ۽ ساڻس آڌرڀاءُ سان
گڏيو، پر انهئ وچ ۾ کيس زيادة الله اغلبئ جو خط
پهتو، تنهنڪري ٻنهي کي قيد ڪيائين. ابوالعباس جو
هن وقت قيروان جي شاهي ترنگ ۾ قيد هو، تنهن کي
شيعن حملو ڪري آزاد ڪيو. تنهن کانپوءِ هنن مراڪش
تي به ڪاهه ڪئي. ايليسا شڪست کائي سندن هٿان قتل
ٿي ويو. هنن عبيدالله ۽ سندس پٽ کي قيد مان ڪڍيو ۽
پوءِ گهوڙن تي چاڙهي نعرا هڻندا وڃي قارا پهتا،
جتي ماڻهو اچي سندس مريد ٿيا ۽ کيس امام تسليم ڪري
ساڻس وفادار ٿي رهڻ لاءِ قسم کنيائون. وري جڏهن
909هه ۾ هو المهدئ جي لقب سان قصليه ۽ آفريقا جو
بادشاهه ٿيو، تڏهن سندس وفادارن مان ابو عبدالله ۽
ابوالعباس سندس خلاف ٿي بيٺا، پر 298هه مطابق 911ع
۾ قتل ٿي ويا.
المهدي جڏهن اندروني فسادن مان واندو ٿيو، تڏهن
بيروني فتوحات ڏانهن رجوع ٿيو، هن تيونس کان وٺي
سڄي اُتر آفريقا ۾ سير ڪيو ۽ آخر سمنڊ جي ڪناري تي
پاڻ لاءِ المهديه جونئون تختگاهه شهر تعمير
ڪرايائين، جو 5 سالن جي عرصي ۾ جڙي راس ٿيو.
(543هه مطابق 1148ع ۾ هي شهر نارمن قزاقن هٿ ڪيو،
کانئن اندلس جي سلطان عبدالمومن 1160ع ۾ فتح ڪيو.
هن شهر کي هڪ مضبوط عالم پناهه ڏنل هئي جنهن کي
لوهه جادر هئا. قلعي جي اندر ته خانا جڙيل هوندا
هئا، جتي فوجن لاءِ ساماني خوردني ۽ پاڻي موجود
رهندو هو.)
عبيدالله جو راڄ قابل تعريف هو، بقول علامّه جلال
الدين سيوطي ته سندس راڄ ۾ ماڻهو آسودا هئا ۽ رعيت
کي به هن لاءِ ڏاڍي محبت هئي. 309هه ۾ هن مراڪش جي
ادريسي سلطان سان پهرين چوٽ کاڌي، پر هارايائين.
سندس اسپين فتح ڪرڻ جو به ارادو هو، پر موت جو سڏ
ٿيس. 322هه ماهه ربيع الاول مطابق مارچ 934ع ۾
وفات ڪيائين. فاطمي خاندان جي نمودار ٿيڻ ڪري
اسلامي فتوحات کي گهڻو نقصان پهتو، ڇاڪاڻ جو سندن
سلجوقي سلاطين سان عداوت هئي ۽ سلجوقين جو هن وقت
ايشيا ۾ گهڻو زور هو. سندس عداوت جي ڪري سلجوقي
سلاطين جو قدم ايشيا ڪوچڪ ۾ روڪجي ويو، نه ته جيڪر
اهو ممڪن هو ته هو اوڀرندو يورپ فتح ڪري سگهن ها.
قاسم بامر الله
خليفي مهدئ 24 ورهيه حڪومت ڪئي، کانئس پوءِ سندس
فرزند ابوالقاسم قائم بامرالله جي لقب سان خليفو
ٿيو. هو مشهور جنگجو بهادر ٿي گذريو، فاطمي
تاجدارن مان هي پهريون فرمانروا هو، جنهن جنگي
ٻيڙو تيار ڪيو، ۽ رومة الڪبريٰ (اٽليءَ) تي ڪاهون
ڪيون ۽ جنيوا
Genoa
جو مشهور بندرگاهه جو بجيره روم ۾ واپار جو مرڪز
هو، سو فتح ڪيائين، جو پوءِ گهڻي عرصي تائين عربن
جو بحري مرڪز هو. تنهن کان پوءِ اطاليه جي اتر
وارو علائقو الابڪيروه فتح ڪيائين. هن وقت عرب سڄي
اٽليءَ تي قبضو ڪن ها، پر خليفي قائم بامر الله جو
قدم روڪجي ويو، ڇاڪاڻ جو آفريقا ۾ ابو يزيد نالي
هڪڙي خارجئ فساد ڪيو ۽ سندس پٺيان بربرن جو وڏو
ڪٽڪ هو. ٻئي طرف اندلس جي سلطان عبدالرحمٰن الناصر
آفريقا تي ڪاهون ڪيون ۽ بربرن کي همٿائڻ لڳو. ابو
يزيد ويو شهرن پٺيان شهر هٿ ڪندو، فاطمين جي هٿ
هيٺ رڳو المهديه تختگاهه کانسواءِ ڪي سمنڊ جي
ڪناري وارا شهر وڃي رهيا. ابويزيد ايتريقدر زور
ورتو جو پاڻ کي شيخ المسلمين سڏائڻ لڳو، 333هه
مطابق 942ع ۾ هن المهديه تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، پر
هرهڪ ڀيري خليفي هٿان شڪستون کاڌائين. اڃا خارجي
شيخ سان جنگ جاري هئي، ته ماهه شوال المڪرم 335هه
مطابق 18 مئي 956ع ۾ خليفي اوچتو وفات ڪئي. هو
بهادر ٿي گذريو، سندس خاص مراد هئي، ته رومة
الڪبريٰ کي اسلام جي جهنڊي هيٺ آڻجي، پر موت جو سڏ
ٿيس اِنالله واِنا اِليھ راجعون.
ابو طاهر اسماعيل
امام ابوالقاسم جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ابو
طاهر اسماعيل المنصور بالله جي لقب سان المهديه جي
تخت تي ويٺو. هن ابو يزيد خارجئ کي شڪست ڏني، جو
پوءِ صحرا جي قلعي ڪرانه
KIANA
۾ وڃي لڪو، پر آخر المنصور پڪڙي مارائي ڇڏيس.
ابويزيد کان پوءِ سندس پٽن فاطمي خليفن سان جنگيون
جوٽيون، پر آخر شڪستون کاڌائون ۽ سڄو آفريقا
فاطمين جي جهنڊي هيٺ اچي ويو.
339هه مطابق 950ع ۾ خليفي ابوالقاسم حسن بن علي بن
ابي حسين الڪلبيءَ کي صقليه جو حاڪم مقرر ڪيو، جتي
حسن جي خاندان هڪ سو اسي ورهين تائين حڪومت ڪئي.
امير حسن بن امير ابوالفتح يوسف جي ڏينهن ۾ نارمن
لوڪن ڪائونٽ راگر
Count Roger
جي سرڪردگئ هيٺ هن ٻيٽ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون.
هن خليفي جي ڏينهن ۾ فرنگين ڪالا بريا جي ڪناري تي
ڪاهه ڪئي، پر شڪستون کاڌائون. فيض هن وقت اندلس جي
بني اميه خاندان جي جهنڊي هيٺ اچي ويو. ماهه رمضان
المبارڪ 341هه مطابق مارچ 943ع ۾ خليفي منصور وفات
ڪئي، کانئس پوءِ سندس پٽ معزالدين گادئ تي ويٺو.
ابو تميم معزالدين
نئون خليفو امام ابو تميم معزالدين جي لقب سان تخت
تي ويٺو. تاريخ نويسن هن خليفي جي گهڻي تعريف ڪئي
آهي. هو بهادر، عالم فاضل ۽ نيڪ دل انسان هو،
آفريقا ۾ گويه مامون ثاني ٿي گذريو. سندس عهد مهد
۾ علوم ۽ فنون گهڻو زور ورتو. ماڻهو سندس راڄ ۾
گهڻو خوش هئا. طول عرض سلطنت ۾ قانون جي جوڙجڪ
ڪيائين ۽ صوبن تي ايماندار حاڪم مقرر ڪيائين. هو
حليم طبع ۽ غريب پرور خليفو هو. بحري کاتي کي زور
وٺائي واپار لاءِ هر طرح جون سهولتون ڪيائين. جيڪي
به امير سندس پيءُ ڏاڏي کان ناراض هئا تن کي خوش
رکيائين اهي سندس هر طرح سان حوصلي افزائي ڪرڻ
لڳا. سندس اميرن مان قائد اعظم ابوالحسن جوهر بن
عبدالله جنهن کي پوءِ ”خطيب الروصئ“ جو لقب ڏنو
هئائين، سو صلقيه ٻيٽ جو رهاڪو هو، هن سڄو مغرب
الاقصيٰ اندلس جي سلطان الناصر کان فتح ڪري فاطمي
جهنڊي هيٺ آندو. هو سخي دل امير هو، ماهه ذوالقعد
381هه مطابق 29 جنوري 992ع ۾ مصر ۾ انتقال ڪيائين.
خليفي جي ٻئي هڪڙي امير زري بن مناد اوران
Oran
۽ بوغيا
Bugia
جا علائقا فتح ڪيا. مطلب ته هن امام جي سلطنت
آفريقا ۾ تمام گهڻو مضبوط هئي.
اسپين جا خليفا هن وقت عيسائين سان جنگين ۾ رڌل
هئا، تنهنڪري معزالدين کي آفريقا فتح ڪرڻ جو وجهه
مليو، پر سندن عداوت وئي جيئن پوءِ زور پوندي،
ڇاڪاڻ جو 344هه مطابق 955ع ۾ اندلس جي بحري دستي
فاطمين جي جهازن کي لٽي قيد ڪيو، جي مال سان ڀريل
مراڪش ڏانهن ٿي ويا. امام معزالدين صقليه جي حاڪم
حسن بن علئ کي اندلس جي بندرگاهه الميرا تي ڪاهه
ڪرڻ لاءِ فرمان ڏنو، جنهنڪري يورپ تي ڪاهن ڪرڻ جي
بجاءِ اسپين ۽ آفريقا جا مسلمان بادشاهه پاڻ ۾
وڙهي، هڪ ٻئي کي اندروني خواهه بيروني طرح سان
ڪمزور ڪرڻ لڳا.
ساڳئي وقت ۾ خليفي المامون جي ڏينهن ۾ عربن ڪريٽ
CRETE
جو ٻيٽ فتح ڪيو، اتي علم ۽ حجازي تهذيب زور ورتو.
پر 350ع ۾ رومين جي700 جهازن جي دستي هن ٻيٽ تي
حملو ڪري، عربن کي شڪست ڏني ۽ هنن قتل عام به ڪيو.
351هه ۾ احمد بن حسن رومين کي بحري معرڪي ۾ شڪست
ڏيئي، سندن جهاز ٻوڙي ڇڏيا. ڪلبي خاندان جي حاڪمن،
جن صقليه تي حڪومت ڪئي، تن علوم ۽ هنرن کي گهڻو
زور وٺايو، سندن سايهء هيٺ بلرم جو مڪتب بغداد ۽
قرطبه وانگر لاثاني هو، جتي هزارين عيسائين تعليم
وٺي وڃي يورپ ۾ سڌرا ڪيا ۽ ستت ئي پوءِ يورپ ۾
سياسي ۽ معاشرتي انقلاب پيا.
مصر جو فاطمي جهنڊي هيٺ اچڻ
356هه مطابق 968ع ۾ ڪافور اخشيدئ جي وفات کان پوءِ
مصر ولايت ۾ گهڻا فساد کڙا ٿيا. جنهنڪري هتي جي
اميرن خليفي معزالدين کي مصر تي قبضي ڪرڻ لاءِ
دعوت موڪلي. فاطمي خليفي پنهنجي امير جوهر جي هٿ
هيٺ هڪڙو مضبوط لشڪر ڏياري موڪليو، جنهن مصر تي
قبضو ڪيو. 10 شعبان المعظم 358هه مطابق 5 جولاءِ
969ع ۾ مصر ۾ فاطمي خليفن جي نالي خطبو پڙهڻ ۾
آيو. جوهر هاڻوڪي تختگاهه القاهره
CAIRO
جو بنياد وڌو، جو پوءِ فاطمي خاندان جي پوين جو
تختگاهه ٿيو. امير جوهر مصر جي فتح ڪرڻ کانپوءِ
شام ۽ حجاز جا علائقا به فاطمي جهنڊي هيٺ اچي ويا.
خليفي معزالدين پنهنجي سپهه سالار زري بن مناد جي
پٽ ابوالفتح يوسف کي سيف الدوله جي خطاب سان 361هه
مطابق 976ع ۾ آفريقا جو حاڪم مقرر ڪيو. سندس پويان
جنکي بنوباديس ڪري سڏيندا هئا، تن اندلس جي
المرويه خاندان جي عهد حڪومت تائين آفريقا تي
حڪومت ڪئي.
احمد کي خليفي صقليه جي حڪومت مرحمت ڪئي، اهڙئ ريت
سڄي اتر آفريقا تي پنهنجا ايماندار اهلڪار مقرر
ڪري ماهه صفر المظفر 362هه مطابق نومبر 972ع ۾ پاڻ
مصر جي تختگاهه القاهره ۾ وارد ٿيو ۽ 15 رمضان
المبارڪ سندس تاج پوشي جي رسم ڏاڍي ڌام ڌوم سان
ادا ڪئي وئي، جتي مصر، شام ۽ حجاز جي ماڻهن ساڻس
وفادارئ جو قسم کنيو. تنهن کانپوءِ 3 سالن تائين
خلافت تي رهي 5 ربيع الثاني جمعي جي ڏينهن 365هه
مطابق 20 ڊسمبر 975ع ۾ وفات ڪيائين. انالله
وانا اليه راجعون.
ابوالمنصور
معزالدين کان پوءِ سندس پٽ ابوالمنصور العزيز جي
لقب سان خلافت نشين ٿيو. هو هوشار، بهادر ۽ حليم
طبع بادشاهه ٿي گذريو. پنهنجي پيءُ جي اميرن سان
عزت سان هليو ۽ کين ساڳيا عهدا ڏنائين ۽ انهن جي
مدد سان هن شام جي ترڪي سردارن کي مات ڪيو، سندس
فوجن ۾ ايراني ۽ ترڪ به هيا.
هن وقت فاطمي سلطنت پوري اوج تي هئي. اوڀرندي ۾
حجاز ۽ عراق جو ڪجهه ڀاڱو، مطلب ته فرات جي درياهه
کان وٺي اولهندي ۾ بحر اوقيانوس تائين وسيع هئي.
سندس خطبو حجاز کانسواءِ موصل، حلب ۽ حمص ۾ به
پڙهبو هو. 28 رمضان المبارڪ 386هه مطابق 14 آڪٽوبر
996ع ۾ هن خليفي شام ڏانهن ويندي بلبيز جي مقام وٽ
وفات پاتي، کائنس پوءِ فاطمي خلافت جو شان ۽ تجمل
گهٽجڻ لڳو.
الحڪم بامر الله
مرحوم خليفو مرڻ وقت پنهنجي پٽ منصور جي ٻانهن
قاضي محمد بن نعمان جي سپرد ڪري ويو، ڇاڪاڻ جو هو
صغير العمر هو. قاضي موصوف مصر ۽ شام جي فوجن مٿان
اعليٰ اعملدار هو. خليفي جي وفات کان پوءِ امام
منصور الحڪم بامر الله جي لقب سان اميرالمومنين
ٿيو. کيس برجاوان نالي هڪڙي امير برغلائي وڌو،
جنهنڪري شام توڙي مصر ۾ فساد شروع ٿيا. الحڪم عجيب
۽ غريب انسان هو، سندس اچرج جهڙ ا ڪم ستت ئي ظاهر
ٿيڻ لڳا. ٿوريءَ سزا واري ڏوهارئ کي موت جي سزا
ڏيڻ لڳو ۽ ڪيترن ئي اميرن کي مارائي وڌائين. هو
بيوقوف هو، پر آزاد خيال، سخي ۽ علم پرور به هو.
مشهور هيئت دان ابن يونس سندس ڏينهن ۾ ٿي گذريو.
شام ۽ مصر ۾ گهڻا مڪتب جوڙايائين. رات جو اڪثر
چمڙا پوش ڪري سير لاءِ نڪرندو هو. بقول علامّه
امير علي ته اڪثر هيڪلو مقاتام
Mokattam
جبل تي چڙهي وڃي ويهندو هو. ماڻهو ائين سمجهندا
هئا، ته ستارن کي جاچيندو هو، پر بقول علامّه ابن
خلدون ته عبادت الهيٰ ۾ مشغول رهندو هو.
بھار لالہ و گل سے لگی ہے آگ گلشن میں
گریبان پھاڑ کر چل بیٹھے صحرا کے دامن میں
27 شوال المڪرم
411هه مطابق 13 فيبروري 1021ع ۾ هڪڙي ڀيري جڏهن
حسب دستور پنهنجي ٻن نوڪرن سان جبل تي ويو ٿي،
تڏهن ڪنهن ڳالهه تان مٿن ناراض ٿي کين عهدن تان
لاهڻ جي ڌمڪي ڏنائين، پر پاڻ به ڪين موٽيو. ماڻهن
سندس ڳولا ڪئي، جبل تي ويا، جتي سندس ڪپڙا رت ۾
ڀريل ۽ پاسي ۾ زخمي گهوڙو ڪريل ڏٺائون، باقي سندس
لاش جو ڪو پتو نه لڳو. دروغ برگردن راوي آهي، ته
کيس پنهنجي ڀيڻ مست الملڪ تي ڪنهن سان پيار ڪرڻ جي
ڪري، هر وقت شڪ رهندو هو، ۽ ڀيڻ کي مارڻ جون
ڌمڪيون به ڏيندو هو، شايد ان جي سازش جي ڪري مارجي
ويو، پر ڪي لکن ٿا ته اها ڳالهه ڪوڙي آهي والله
اعلم. هن ڪل 25 ورهيه حڪومت ڪئي.
ابو هاشم علي
سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند ابو هاشم علي
(الظاهر عزيز الدين) جي لقب سان خلافت نشين ٿيو.
سندس حڪومت جا 4 ورهيه سندس پڦئ شهزادي مست الملڪ
ڪاروبار هلايو، جنهن جي مرڻ کان پوءِ پيءُ جي ٻن
وزيرن ميزاد ۽ نافر جي سرڪردگئ هيٺ حڪومت ڪرڻ لڳو.
سندس ڏينهن ۾ شام جو گهڻو حصو فاطمي اقتدار کان
نڪري ويو. الظاهر 35 ورهين جي عمر ۾ 16 سال حڪومت
ڪري وفات ڪيائين.
المستنصر بالله
الظاهر جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ابوتميم المستنصر
بالله جي لقب سان خلافت تي ويٺو، هن وقت ستن ورهين
جو هو. حڪومت جو ڪاروبار فسادين جي هٿ هيٺ هو،
جنهنڪري فساد ٿيا. هن جي دور ۾ 1045ع ۾ مقامات
مقدس تان سندن خطبو بند ٿيو. زري بن مناد جي اولاد
مان هڪڙي شرف الدوله جو لقب وٺي، عباسي خليفي
القائم جي نالي تي خطبي پڙهڻ جو حڪم ڏنو. ايشيا ۾
امير طغرل بيگ سلجوقي زور وٺندو ويو. سندس پٽ
سلطان غازي الپ ارسلان العريش تائين سڄو شام فتح
ڪري قلمرو سلجوقيه سان شامل ڪري ڇڏيو. اهڙئ طرح
فاطمين جي اقبال جو ستارو فقط مصر جي مينارن تي
ضيا پاشي ڪرڻ لڳو، پر اهو به ستت ئي غروب ٿي ويو.
هن فسادن جي سمي ۾ مصر ۾ سخت ڏڪر پيو، جو ستن سالن
تائين چالو رهيو فاطمي سلطنت جي آقي باقي زور ڏڪر
گهٽائي ڇڏيو. المستنصر بالله پاڻ حڪومت ڪرڻ کان ئي
مورڳو لاچار هو، هن ايڪڙ جي حاڪم بدرّ الجمالي کان
مدد گهري، جنهن جي امداد سان مصر تي سندس سڪو جاري
رهيو. تنهن کانپوءِ دمشق وري هٿ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪيائين، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو، فقط شام جي ڪن
ڪنارن وارن شهرن کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر 487هه
۾ بدر الجمالي جي مرڻ کان پوءِ خليفة المسلمين وٽ
نماز پڙهڻ جي تڏي کانسواءِ ٻيو ڪي به ڪين هو، اهڙئ
تگ ودوجي حالت ۾ 18 ذوالحج 487هه مطابق 6 جنوري
1095ع ۾ دارا البقا ڏانهن راهي ٿيو. اِنالله
واِنا اِليھ راجعون.
فاطمي سلطنت جو زوال
امام المستنصر مرڻ مهل حڪومت جون واڳون پنهنجي وڏي
پٽ نظار کي ڏيئي ويو، جو تاريخن موجب هن خاندان جو
پورون چشم و چراغ هو. جنهن کي مشرقي ممالڪ ۾ امام
ڪري ليکيندا هئا. پر افضل، جو مرحوم بدر الحمالئ
جو پٽ هو، تنهن کيس تخت تان لاهي، سندس ننڍي ڀاءُ
امام ابوالقاسم احمد کي قاهره جي تخت تي ڪري خليفو
ٿاڦيو. نظار اسڪندريه جي والي کان مدد گهرڻ ويو،
جنهن سندس طرفداري ڪئي، پر افضل هٿان قيد ٿي ويو.
جنهن بقول راوي مارائي ڇڏيس، ڪن جو رايو آهي، ته
جان بچائي مشرق ڏانهن ڀڄي ويو، 1096ع ۾ افضل بيت
المقدس سلجوقين کان کسي ورتو، پر گهڻو وقت جهلي نه
سگهيو. ڇاڪاڻ جو ڪروزيڊرن جو طوفان اولهندي ايشيا
تي اچي ڪڙڪيو، جنهن آقي باقي فاطمين کي لوڙهي
ڇڏيو:
16 صفرالمظفر 495هه مطابق 1101ع ۾ امام ابوالقاسم
وفات ڪئي، ۽ فاطمي سلطنت جون واڳون افضل جي هٿ
چڙهي ويون، هن مرحوم خليفي جي صغيرالسن فرزند ابو
علي منصور کي خليفو ڪري ٿاڦيو هو، ڪٺور ۽ هٺيلو
هو، هڪڙي ڀيري جڏهن باغ جي سير تي نڪتو، تڏهن ڪن
باغين 515هه مطابق 1161ع ۾ شهيد ڪري ڇڏيس.
امام ابو علي المنصور جي بيبي حامله هئي، تنهنڪري
خليفي جو سوٽ ابوالمامون عبدالمجيد الحافظ لدين
الله جي لقب سان حڪومت ڪرڻ لڳو، پر جڏهن مرحوم
خليفي کي نياڻي تولد ٿي تڏهن پنهنجي امامت ۽ خلافت
جو اعلان ڪيائين، پر ابو علي احمد افضل جي پٽ کيس
خلافت تان لاهي ڦٽو ڪيو. امام ابوالمامون
عبدالمجيد بلڪل برجستو حاڪم هو، سندس مرضي هئي، ته
مان مصر جو مختيار ڪل حاڪم ٿي رهان پر 15 محرم
الحرام 526ع مطابق ڊسمبر 1131ع ۾ جڏهن باغ جو سير
پي ڪيائين، تڏهن هڪڙي باغي هٿان وزير جي چرچ تي
شهيد ٿي ويو. (مٿيون باغيچو جنهن ۾ ٻن فاطمي امامن
جو خون ٿيو، سو البستان الڪبير جي نالي سان قاهره
کان ٿوري فاصلي تي هو.)
* * *
الحافظ کانپوءِ سندس فرزند ابوالمنصور اسماعيل تخت
تي ويٺو بقول ابن اثير ته هو عياش هو ۽ سڄو وقت
عياشي ۾ گذاريندو هو ۽ ملڪ ۾ انڌا ڌنڌ لڳي پئي
هئي. حڪومت جون واڳون وزير ابوالحسن علي بن
السالار جي هٿ ۾ هيون، جو الملڪ العادل جي خطاب
سان سياهه ۽ سفيد جو مالڪ هو، پر پنهنجي ماٽيلي پٽ
عباس هٿان مارجي ويو، جنهن پوءِ وزارت جو قلمدان
پاڻ وٽ رکيو. پويان فاطمي خليفا، جي هن وقت
ايتريقدر محتاج ۽ ڪمزور هئا، جو سندن حڪومت رڳو
محلات جي چئن ديوارن اندر هئي. طاقتور وزير هئا ۽
عهدي لاءِ اڪثر اميرن جا پاڻ ۾ جهڳڙا هلندا رهيا.
ٻئي طرف کان ڪروزيڊرن جا حملا ٿيندا رهيا، جي شهر
ڦريندا رهيا.
ماهه محرم الحرام 549هه مطابق اپريل 1154ع ۾ وزير
جو پٽ عباس ناصر ابوالمنصور کي شهيد ڪري سندس ٻين
ڀائرن جبرئيل ۽ يوسف کي مارائي، پاڻ خليفو ٿيڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر وڏو فساد اُٿيو ۽ قتل عام ٿيڻ لڳو،
آخر هن مرحوم خليفي جي فرزند ابوالقاسم عيسيٰ
الفيض جي لقب سان تخت تي ڪري ٿاڦيائون. جڏهن خليفي
مرحوم جي ڀيڻ کي پنهنجي ڀائرن جي قتل جي خبر پئي
تڏهن پنهنجي مٿي جا وار وڍي هڪڙي خط ۾ بند ڪري ان
کي ڪارو ڪري طلاءِ بن رزيق مٿئين ڀاڱي مصر جي
والئ کي بدلي وٺڻ لاءِ ڏياري مڪائين، جنهن قاهره
تي ڪاهه ڪئي. وٽس شاهي فوج کانسواءِ ڪي عرب قبيلا
به مددگار هئا. هن جنگ ۾ عباس ۽ ناصر شڪست کائي،
خزانن سميت شام ڏي ڀڄي ويا. تنهن کان پوءِ فاطمي
خاندان جي پوين، ڪروزيڊرن کي لالچ ڏيئي، عباس تي
حملي ڪرڻ لاءِ لکيو، جن شام ۾ مٿن ڪاهه ڪئي. عباس
قتل ٿي ويو، باقي سندس پٽ ناصر کي لوهه جي پڃري ۾
بند ڪري فاطمين جي خدمت ۾ موڪليائون، جو پوءِ
قاهره جي بازارن ۾ صليب تي چاڙهيو ويو.
طلاءِ ارضي وزارت جي عهدي تي هو ۽ الملڪ الصالح جو
خطاب ورتو هئائين. خليفي الفيض جي وفات کانپوءِ
وزيرن يوسف جي پٽ کي خلافت تي ٿاڦيو جو 17 رجب
المرجب 555هه مطابق جولاءِ 1160ع ۾ ابو محمد
عبدالله جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. 1161ع ۾ طلاءِ
کي ڪنهن باغي ماري وڌو ۽ وزرات جون واڳون سندس پٽ
رزيق جي هٿ هيٺ آيون، جنهن الملڪ العادل جو خطاب
ورتو، پر سعد قوم جي هڪڙي امير شاور السعد هن کي
عهدي تان لاهي پاڻ وزير ٿيو، پر کيس زرغام نالي
هڪڙي عرب امير، جو صاحب الباب جي لقب سان مشهور
هو، ڀڄائي پاڻ وزير ٿيو، پر شاور غازي نور الدين
محمود زنگي اتابيگ موصل کي مدد لاءِ لکيو، جنهن
پنهنجي پٽ کي لشڪر ڏيئي، مصر تي چاڙهي موڪليو.
567هه محرم الحرام مطابق 1171ع ۾ خليفي ابو
عبدالله آلازاد وفات ڪئي، کانئس پوءِ فاطمي خلافت
جو به خاتمو ٿيو. کانئن پوءِ مملوڪ مصر ولايت تي
حڪومت ڪندا رهيا. جن کي غازي شير ڪوهه غازي صلاح
الدين ايوبيرحه جي ڀاءُ جيتي ولايت مصر
تي قبضو ڪيو ۽ مصر ايوبي سلطنت سان لاڳو ٿي ويئي.
(نوٽ) فاطمي خليفن جي ڏينهن ۾ مصر علم ۽ ادب جو
مرڪز هو، هنن جامع ازهر کي گهڻو زور وٺايو ۽ مساجد
تعمير ڪرايائون، سندن ڏينهن ۾ بقول علامّه گبن
القاهره جي ڪتب خاني ۾ هڪ لک ڪتاب موجود هئا.
|