هن کاتي کي گهڻي ترقي ڏني. زيد بن ثابت پهريون جج
هو، جنهن مديني منوره ۾ انصاف لاءِ دفتر کوليو.
پهري جو ڪم اڳ رعيت تي رکيل هو، پر حضرت خليفي
ثانئرضه مٿئين ڪم لاءِ جدا ماڻهو مقرر
ڪيا. پر اُهو سلسلو اڃا بي قاعده هو، پر حضرت علي
المرتضيٰ باقاعده پوليس تيار ڪرائي. جنهن کي
(شرطه)سڏيندا هئا. ۽ پوليس کاتي جي وڏي عملدار کي
(صاحب الشرطه) سڏيندا هئا. تنهن کانسواءِ جدا جدا
شهرن ۾ مساجد ۽ مڪتب جوڙايائون.
ڍلون ٽن نمونن جون هيون (1) اُهي ڍلون جي عام
ماڻهو ڏيندا هئا. تن مان ملڪي ڪاروبار ۽ ٻين
عهديدارن کي پگهارون ملنديون هيون. (2) خراج، جي
زميندار ڀريندا هئا. (3) جزيه ڍل
Capital Tax،
جا غير مسلم ڀريندا هئا. مٿئين ڍل وٺڻ ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي. گهڻا اهڙا تاريخ جا ناواقف ماڻهو
آهن جي ائين سمجهندا آهن ته مسلمانن پهريون اِها
ڍل غيرمسلم قومن تي جاري ڪئي پر حقيقت ۾ اُهي غلط
آهن. تاريخن جي ورق گردانئ مان معلوم ٿو ٿئي ته
رومة الکبريٰ جي سلطنت ۾ به اِهو ساڳيو قاعدو لاڳو
هو. پر رومي پنهنجي زير دستن کي گهڻو تنگ ڪندا
هئا. جيئن ته جڏهن مصر وارن سندن آڻ مڃڻ کان انڪار
ڪيو، تڏهن رومي فاتح اُنهن کان جانڊاهيون
پهرائيندا هئا!!
بربر وري الپس جبل جي گهاٽين ۾ رومي سردارن جي
چوپائي مال جا وڳ چاريندا هئا. يا ڪارٿيج جي زوال
وقت جيڪي رومين غير محدود مظالم يونانين تي روا
رکيا، تن لاءِ تاريخ شاهد آهي.
وري اُنهن آرين، جن هندوستان ۾ اچي اَڻ آرين سان
سلوڪ ڪيو تنهن لاءِ ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي.
برهمڻ بني نوع اِنسان جي حقن ۾ جيڪا امتيازي ترڪيب
ڪري ڏيکاري تنهن لاءِ ڪو به انڪار ڪري نه ٿو
سگهي. آخر گوتم ٻڌ جي پنٿ شروع ٿيڻ کانپوءِ برهمڻ
جو زور گهٽبو ويو. ايران جا ساساني تاجدار به عراق
۽ عرب ۾ ماڻهن کي پيڙي رهيا هئا. اِسلام اهڙي
ظلمات جي دائري ۾ آزادي، اخوت، حريت ۽ مساوات جو
هڪڙو سرچشمو هو جنهن انقلاب عظيم الشان جي ڪري ڪفر
جي اونداهي مٽجي ويئي. ۽ قومن هڪ الهيٰ غيبي مدد
ڄاڻي خوشيءَ سان عرب جي پيغمبر محمد مصطفيٰ صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي دين اِسلام جي دامن ۾ اچي
پناهه ورتي ۽ قليل عرصي اندر اِسلامي پرچم دور
دراز ملڪن ۾ لڏڻ لڳو. ساساني آتش پرست هئا،
تنهنڪري جيڪي قومون سندن مذهب کان ٻاهر هيون، تن
کان زبردستي ڍلون وٺندا هئا. پر مصر جي ڪاپٽ
عيسائين ڪهڙو گناهه ڪيو، جن کان رومي، جي ساڳيا
عيسائي هئا، ڳريون ڍلون وٺڻ کانسواءِ مٿن طرح طرح
جا مظالم برپا ڪيا.
ساڳيءَ طرح هندوستان ۾ کتري، ويش يا شودر قومون به
ساڳئ هندو پنٿ جون پابند هيون پر برهمڻن جي محفل ۾
بدنصيب کتري، ويشن ۽ سودرن کي ويهڻ جو حڪم ڪين
هو!! اِها فرقي بندي هئي، جنهن ڪري گوتم پنٿ
هندوستان ۾ زور ورتو.
جزيه هڪ معمولي ڍل هئي جا رڳو عيسائين يا يهودين
لاءِ ڪانه هئي، ڇاڪاڻ جو اهل ڪتاب جي مقدس ڪتابن
مثلاً توريت، زبور يا اِنجيل لاءِ مسلمانن کي
ايتري ئي محبت آهي، جيتري قرآن الحڪيم لاءِ آهي.
پر اُهي غير مسلم قومون، جي اسلام جي سايهء الطاف
هيٺ هيون، اُنهن جي ملڪيتن ۽ جانين جي حفاظت لاءِ
ذميوار مسلمان هئا. جنهن جي عيوض اُنهن کي جزيه ڍل
ڏيڻي پوندي هئي. پر تاريخ شاهد آهي ته خير الامم
جي تاجدارن مان ڪن مٿين ڍل پنهنجي غير مسلم رعيت
تي معاف به ڪئي هئي جيئن شهنشاهه جلال الدين اڪبر
اعظم هندوستان جي هندن تي اُها ڍل معاف ڪئي هئي!!
جنهن کان ڪوبه تاريخدان اِنڪار ڪري نه ٿو سگهي.
فوجي کاتي ۾ هرهڪ قبيلي جا ماڻهو شامل هئا، پر
مديني ۽ طائف جا ماڻهو هر وقت فوجن لاءِ بطور
والنٽيئرن جي ٻڌل هئا، جن کي پگهار ملندو هو.
شروعات ۾ اَهلڪارن جي صلاح ۽ مصلحت سان فوج لاءِ
سپهه سالار انتخاب ڪيا ويندا هئا ۽ نماز وقت هرهڪ
فوج جا عهديدار گڏ ٿيندا هئا، جنکي اِمامت به ڪرڻي
پوندي هئي. لشڪر ۾ سوار ۽ پيادا هوندا هئا. سوارن
کي تلوارون، ڍال ۽ ڊگها نيزا بطور هٿيار هوندا هئا
۽ پيادن وٽ تيرڪمان به هوندا هئا.
دشمنن سان مقابلي ڪرڻ وقت نيزي باز اڳ ۾ بيهندا
هئا ۽ تير انداز صفن جي پويان بيهندا هئا باقي
سوار پاسن کان نگهباني ڪندا هئا. عرب، جي بدن ۾
جانٺا ۽ مضبوط هئا. هو ٿوري خرچ تي گذران ڪرڻ وارا
هئا. سو جنگ جي وقت آسانئ سان دشمنن تي غالب پوندا
هئا. سندن خوراڪ جنگ وقت بلڪل سادي هئي. مثلاً
کجور جا ڪي ٿورا داڻا ۽ سرڪي ذرو هر هڪ سپاهي لاءِ
ڪافي هو. وٽن خشڪيءَ جا ٻيڙا. ”اُٺ“ ڪمائتا هئا،
جن جي وسيلي سان هو وڏا وڏا سفر ڪندا هئا. پهريون
سندن ڇانوڻيون کجيءَ جي پنن جي جڙيل جهوپڙين جون
هيون، پر حضرت عمر بن خطابرضه هنن لاءِ
باقاعده ڇانوڻيون تيار ڪرايون، جتي هر وقت فوج
ويٺل هوندي هئي. بصره، ڪوفا، فسطاط (مصر) قيروان،
حمص، غزا، ايديسا، اِصفهان ۽ اِسڪندريه جي مقامن
وٽ وڏيون ڇانوڻيون هيون. سوارن کي زرهه ۽ مٿن تي
فولاد جا خول پيل هوندا هئا ۽ مٿن تي بازن جا پر
تاجن طور هڻندا هئا. جڏهن حملو ڪندا هئا، تڏهن
قرآن پاڪ جون آيتون پڙهندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهين گهيري
وقت گڏجي الله اڪبر جا نعرا هڻندا هئا. جنهن کي
نعره تڪبير سڏبو آهي. ساڻن ننڍا ننڍا نغارا به
هئا. جي وڄائيندا هئا. جنگ جي وقت زالون مردن کي
تير کڻي ڏيڻ ۽ مرهم پٽي جو ڪم ڪنديون هيون.
ڇانوڻين ۾ سپاهين لاءِ بارقون جڙيل هيون. جن ۾
عيالدار سپاهي عيالن سميت رهندا هئا. جيڪو نشو
ڪندو هو تنهن کي اسي 80 چهبڪ لڳندا هئا. عيالدار
سپاهي ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڌارين ملڪن ۾ ڪين رهندا
هئا. حضرت عمر بن خطابرضه وٽ ڇانوڻين
جي دفترن جا ڪتاب موجود هوندا هئا ۽ پاڻ فوجن جي
ڦيرگهير ڪندا هئا.
اڳ جاين جوڙڻ جوڪو رواج ڪونه هو. مڪي معظمه ۾ خانه
ڪعبه کانسواءِ عام ماڻهو جهوپڙين ۾ يا ته مٽئ يا
پٿرن جي جاين ۾ رهندا هئا. مگر جاين ۾ اڪثر
دولتمند ماڻهو رهندا هئا. ساڳيو حال مديني منوره ۾
هو.
مسجد نبوي جا ڪچين سرن جي هئي مٿانئس ليپو پيل
هئو. ماڙيون اَصل ڪين هيون. جاين جي اڱڻ ۾ کوهه
کوٽيل هئا. حضرت عمر بن خطابرضه جي
مبارڪ عهد ۾ سڄئ حڪومت ۾ نوان نوان محلات جوڙيا
ويا. اَميرن جون جايون سنگ مرمر ۽ پٿرن جون هيون.
خاص ڪري خليفة المسلمين حضرت عثمان ذوالنورينرضه
جو محلات وڏي خرچ سان جڙيو هو ۽ ڏسڻ جي لائق هو.
هڪ وڏي سنگ مرمر ۽ پٿر جي مسجد جوڙائي هئائون. چون
ٿا هر هڪ اصحابي جي جاءِ سنگ مرمر جي جڙيل هئي.
حضرت زبيررضه ڪوفا، مدينة المنوره ۽
اسڪندريه ۾ وڏا وڏا محلات جوڙايا هئا. علامه
مسعودي جو سن 352هه ۾ ٿي گذريو، سو لکي ٿو ته مون
اُهي سڀ سالم ڏٺا. هو صاحب لکي ٿو ته مڪي شريف ۾
هڪ وڏو محلات حضرت زبيررضه جو جڙيل
ڏٺم، جتي واپاري ۽ ٻيا سرمائيدار واپار ڪندا هئا.
مڪه معظمه جا ماڻهو ڌارين ملڪن سان واپار ڪرڻ ڪري
گهڻو آسودا ٿي چڪا هئا. مديني منوره جي گهڻن ماڻهن
کي ڌارين ملڪن ۾ جائدادون هيون. مديني منوره جا
ماڻهو پنهنجي سادي زندگي گذاريندا هئا ۽ اصحابن
سڳورن جي چئي موجب هلندا هئا. اڳين ٻن خليفن جي
ڏينهن تائين اَهل مڪھ اسلام جا پورا پابند هئا پر
حضرت عثمانرضه جي عهد کان وٺي وري
پراڻيون رسمون ماڻهن اختيار ڪيون. اُهو رڳو بني
اُميه خاندان جي نوعمر جوانن جي روش ڪري. مڪي ۽
دمشق جي حالت زار هئي. هر وقت شام جو ماڻهو ڳائڻ
وڄائڻ ۾ مست رهندا هئا. نه ته اڳ حضرت عمررضه
انهئ رسم کي بند ڪرائي ڇڏيو هو.
گهرن جي اندر غاليچا وڇايل هوندا هئا. ڪرسين ۽
ميزن جو رواج ڪونه هو. مهمان نوازي ۽ ميزباني
غاليچن تي ادا ٿيندي هئي. زالن لاءِ جدا ڪمرا جڙيل
هوندا هئا ۽ کاڌو دسترخوانن تي کائيندا هئا. بدوين
جي پوشاڪ ساڳي هئي. ڊگهو جامو پهريل هئن ۽ ڪمر سان
چمڙو ٻڌل هون. سندن زالن جي به ساڳي پوشاڪ هئي.
مردن جي مٿن تي رومال ٻڌل هوندو هو، جنهن جي مٿان
اُٺن جي وارن جي نوڙي ويڙهيل هوندي هئن. شيخ به
هميشه ڊگهو جامو پائيندا هئا. سندن ڪمر سان ريشمي
شال ٻڌل هوندي هئن ۽ پيرن ۾ شلوارون پائيندا هئا.
جامي جي مٿان ڊگهو ڪوٽ پائيندا هئا جنهن کي جبو يا
قبا چئجي ته درست آهي، جا عربن ايرانين ۽ رومين
کان پائڻ سکي هئي. رومين يا سئڪزن لوڪ جيڪي قبائون
پائيندا هئا تن جون آستينون ويڪريون هونديون هيون
پر ايرانين جون قبائون چهٽيل هونديون هيون. مٿن تي
دستارون پنهنجئ لياقت آهر ٻڌندا هئا. جن جي پٺيان
رومال پٺن تي لڙڪيل هوندا هئن جيڪو اڳيان
پيشانيءَ تي به لڙڪيل هئن. اِهو فقط سج جي گرميءَ
کي روڪڻ جي لاءِ. زالون به شلوارون پائينديون هيون
۽ ڳچيءَ ۾ پهراڻ کليل ڳچيءَ سان پائينديون هيون.
مگر ڇاتيءَ تي چهٽيل چوليون ڍڪينديون هيون. ڪڏهن
ڪڏهن يڪو پيرن تائين گگهو (گائون) ڍڪينديون هيون.
جيئن اڳ ائنگلوسئڪزن لوڪن ۾ رواج هو. مٿي تي رومال
ڍڪينديون هيون. اڄ ڪلهه مصري زالن ۾ رواج ساڳيو
آهي. غلامن جو واپار بلڪل بند هو ۽ جيڪي جنگ ۾ قيد
ٿيندا هئا، تن کي کارائڻ ۽ پهرائڻ جو سخت حڪم هو.
اِها هئي خلافت راشده جي عهد مبارڪ جي مسلمانن جي
سچي تصوير.
حضرت حسن رضه جو عهدِ خلافت
حضرت عليرضه جي شهادت کان پوءِ حاميان
علي حضرت امام حسنرضه جي هٿ تي بيعت
ڪئي، پاڻ 3هه ۾ مديني ۾ پيدا ٿيا هئا. شڪل ۽ صورت
۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان مشابهت
رکندا هئا. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
ساڻن ڪافي محبت هوندي هئي. حضرت امام حسنرضه
ڪجهه ماڻهن سان گڏجي حضرت عثمانرضه جي
گهر جي حفاظت به ڪئي هئي.
حضرت امام حسنرضه پنهنجي پيءُ جي نقشِ
قدم تي جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ شريڪ ٿيا هئا. حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن هڪ دفعي فرمايو هو ته
حضرت امام حسنرضه منهنجو پٽ آهي. هي
اڳتي ٻن عظيم جماعتن ۾ صلح ڪرائيندو.
حضرت امام حسنرضه خلافت تي ويهڻ کان
پوءِ سندن والد جي قاتل کي قصاص ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.
کين محسوس ٿيو ته سندن حامي گهڻو ڪري عراقي آهن،
جن حضرت عليرضه سان ڪابه خاص وفاداري
نه ڪئي هئي، ان ڪري پاڻ مصلحت ان ۾ سمجهيائون ته
امير معاويه سان صلح لاءِ گفتگو ڪئي وڃي. امير
معاويه کي به اها پيشڪش وڻي، پاڻ ڪوشش اها ڪيائون
ته ڪنهن به نموني سان صلح ٿي وڃي، امير معاويه
عبدالله بن عامر کي صلح جي پيغام سان حضرت حسنرضه
جي خذمت ۾ موڪليو. امير معاويه هڪ سادي ڪاغذ تي
صحيح ڪري موڪليو ته جيڪي به شرط حضرت حسنرضه
رکندو سي مون کي منظور آهن. امام حسنرضه
هيٺيان شرط لکيا:
1.
پراڻن واقعن جي روشنيءَ ۾ عراق وارن مان ڪنهن به
شخص کان باز پرس نه ڪئي وڃي.
2.
عراق وارن جي امن و امان جي ضمانت ڏني وڃي.
3.
حضرت حسنرضه جي لاءِ ماهوار خراج مقرر
ڪيو وڃي.
4.
حضرت امام حسين رضهکي جيڪو منهنجو ڀاءُ
آهي 10 لک درهم ساليانو وظيفو ڏنو وڃي.
5.
جيڪو مرتبو اسان جي خاندان کي مليل آهي اهو ساڳيو
رهندو.
6.
عطيات ۽ صلات ۾ بنو هاشم جو حق وڌيڪ هوندو.
7.
امير معاويه جي وفات کان پوءِ مسلمان جنهن کي وڻين
تنهن کي خليفو چونڊين.
اهڙيءَ طرح حضرت حسن رضه جي انهيءَ
بيمثال پيشڪش سان مسلمانن کي وڏي انتشار کان نجات
ملي ويئي ۽ حضرت حسن رضه امير معاويه
جي حق ۾ خلافت تان دستبردار ٿي ويو. ان کان پوءِ
پاڻ مديني هليا آيا ۽ آخري وقت تائين اتي عبادت ۾
مشغول رهيا. انڪري مسلمانن جي لاتعداد خانه جنگين
جو خاتمو ٿي ويو. جڏهن به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ دمشق
ويندا هئا، ته حضرت امير معاويه انهن وٽ ايندو هو
۽ هرقسم جي خدمت بجا آڻيندو هو.
حضرت حسن رضه خلافت جي دستبرداريءَ کان
پوءِ نون سالن تائين جيئرا رهيا ۽ ان عرصي ۾ غريبن
۽ مسڪينن جون ضرورتون پوريون ڪندا رهيا، هڪ دفعي
ته هڪ شخص کي ان جي درخواست تي 10 درهم به خيرات
ڏني هئي، سندن سخاوت بيمثال هئي.
سلاطين آل بني اُميّه
The Umayyad Caliphate
حضرت امير معاويه بن ابي سفيان رضه
بني اُميه جي بادشاهن، جن دمشق تي حڪمراني ڪئي، تن
جو عهدِخلافت سن 40هه مطابق سن 661ع کان شروع ٿي،
سن 132هه مطابق
سنه 750ع تائين پورو ٿئي ٿو. سندن خلافت جو عرصو
اِسلامي سلطنت جو ٻيو دور ليکجي ٿو.
حضرت امام حسن
رضه
جي دستبرداريءَ کانپوءِ اَمير معاويه بن اَبي
سفيان، جو هن وقت شام جو حاڪم هو، پنهنجئ خلافت جو
اعلان ڪيو. حضرت اَمير معاويه جي باري ۾ حضور صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو، ته هو منهنجي
رازدارن مان آهي، بني اُميه خاندان عرب جي بت
پرستن مان هو. اَمير معاويه جي پيءُ ابوسفيان
پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان جنگيون
جوٽيون هيون، ابوسفيان جي ڌئ سان پيغمبر خدا صلي
الله عليھ وآلھ وسلم شادي ڪئي هئي ۽ اَمير معاويه
پيغمبر جي رازدار اصحابن مان هڪڙو هو ۽ اڪثر ڪاتب
جو قلمدان کيس ئي سپرد هو.
جناب علي المرتضيٰرضه
پنهنجي زماني ۾ ڪوفي کي دارالخلافت قرار ڏنو هو.
پر حضرت امير معاويه هينئر دمشق کي پنهنجو تختگاهه
جوڙيو. اِهو واقعو شوال المڪرم سن 41هه مطابق 30
جولاءِ سن 661ع ۾ ٿيو.
هو پاڻ کي قيصر ۽ ڪسريٰ وانگر شهنشاهه سمجهڻ لڳو،
خود پيغمبرِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم کيس
سندس ذهانت ڪري عرب جو ڪسريٰ ڪري سڏيندا هئا.
جناب اَمير معاويه پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جو وڏو اصحابي هو پر سندس اِها مرضي هئي ته
کانئس پوءِ سندس پٽ يزيد خلافت نشين ٿئي ۽ ان کي
وليعهد نامزد ڪيائين.
عربن جا مختلف قبيلا
عربستان ۾ گهڻيون ئي عربن جون قومون رهنديون هيون.
اُنهن مان ٻه قومون پاڻ کي قديم شمار ڪنديون هيون.
هڪڙا اُهي، جي پاڻ کي ڪهتان جي اولاد مان سڏائيندا
هئا ۽ ٻيا پاڻ کي اسماعيلي سڏائيندا هئا، جي حضرت
اسماعيل عليھ السلام جي اولاد مان پنهنجو نسل
ڇڪيندا هئا. ڪهتاني پاڻ کي (حميري) به سڏائڻ لڳا
پر عرب اُنهن کي اڪثر يمني ڪري سڏيندا هئا. 2 صدي
عيسويءَ ۾ اُهي اُتر وارن ملڪن ڏي به وڌڻ لڳا.
منجهانئن ڪي وري مڪي جي ويجهو اچي گهر ڪري ويٺا.
هنن جي ٻي شاخ جيڪا يثرب ۾ هئي، تن مان ٻه قبيلا
جڙيا. هڪڙو اوس ۽ ٻيو خرزج. منجهانئن ڪي رلندا
رلندا وڃي شام جي سرحد تي گهر ڪري ويٺا. منجهانئن
ڪي همدان ۽ عمان ۾ رهڻ لڳا، پر اُنهن سڀني کي
حميري سڏيو ويو.
اسمٰعيلي خاندان وارن کي ڪنهن زماني ۾ (بنو معدر)
يا بنو معذ به سڏيندا هئا.
بنو قريش وارا بنو قصي، بنو بڪر، بنو تغلب ۽ بنو
تميم جي نالن سان سڏجن ٿا. اُهي حجاز جي ٻن مقدس
شهرن يا وچ عربستان ۾ به رهندا هئا. مٿين ٻنهي
قبيلن جي پاڻ ۾ عداوت هئي، جيئن ٿيندو آهي.
پيغمبر خدا
صلي
الله عليھ وآلھ وسلم
کان اڳ حميري
زبان هلندي هئي، جا سميٽڪ زبان هئي پر بنو معدر
وارن جي زبان سڄي عربستان ۾ هلندي هئي. سندن رسمون
ساڳيون هيون. حميري لوڪ اِسلام کان اڳ به متمدن
هئا جيتوڻيڪ اِسلامي تهذيب جهڙا نه پر تنهن هوندي
به جتي رهندا هئا اُتي قاعدن سان گهرن ۾ رهندا
هئا. هو علم ۽ ڪاشتڪاريءَ کان واقف هئا. بنو معدر
وارن جا جدا جدا رئيس هوندا هئا. سندن حميرين سان
سلوڪ هو، پر حميرين کي خراج ڀريندا هئا. اِهو
سلسلو عيسوي 5 صديءَ تائين هلندو رهيو. آخر بنو
معدر وارا خودمختيارئ لاءِ جنگيون ڪندا رهيا.
ڪڏهين سوڀارا ٿيندا هئا ۽ ڪڏهن وري هارائيندا به
هئا. تان جو سرڪار نامدار آقا دو جهان محمد رسول
الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جي پاڪ هدايت
مٿن اثر ڪيو. جيئن ته طرفين منجهان دشمني نڪري
ويئي پر انهن حالتن هوندي به مختلف قبيلن کي هڪڙي
عنصر ٺاهڻ لاءِ گهڻي وقت جي ضرورت هئي.
حضرت ابوبڪر صديق
رضه۽
حضرت عمر بن خطاب
رضه
جي ڏينهن ۾، جڏهن بيروني فتوحات جو دور شروع ٿيو،
تڏهن عربن جا مختلف قبيلا جدا جدا ملڪن ۾ پکڙجي
ويا. اهڙي دستور تحت بنو معدر وارا بصره ۾ رهڻ لڳا
۽ حميري ڪوفي ۾. ساڳئ طرح فلسطين ۽ دمشق ۾ معدر
وارن گهر ڪيا ته اُترين شام ۾ وري حميري رهڻ لڳا.
شام کانپوءِ جيئن مصر ۽ آفريڪا فتح ڪيا ويا تيئن
جابجا اِهي قومون ويون پکڙجنديون، پر جتي ويا اُتي
رهيا، پر قومي ۽ قبائلي بغض سندن دلين مان اڃا
سوڌو ويل ڪين هو. حضرت فاروق اعظمرضه
۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ڏينهن ۾ سندن پاڻ ۾
صلح هو پر افسوس سندن خلافت جو عرصو بلڪل ٿورو هو.
بني اُميه جا پويان حاڪم شرير هئا، تن مٿئين بغض ۽
ڪيني کي ويتر پکيڙيو. تان جو اسپين کان وٺي ويندي
فرغانه تائين اِها باهه پکڙجي ويئي. عربن کي به
مٿئين عداوت جي خبر تڏهن پئي جڏهن کين ڌارين سان
مقابلو ڪرڻو پيو. هن بغض ۽ نفاق جو اِهو نتيجو
نڪتو جو مغربي يورپ تان سندن قدم کڄي ويو ۽ سندن
وسيع سلطنت ڀڄي پرزا پرزا ٿي پئي!
بني اُميه وارن شام مان وڏن وڏن اصحابن سڳورن کي
لوڌي ڪڍيو. سندن اهڙي روش ڪري سڀ کان اڳ صحراءِ
عرب جي عربن سندن خلاف عراق تي حملو ڪيو پر شڪست
کائي موٽيا.
عربن جو قسطنطنيه تي پهريون حملو
شهر قيصر قسطنطنيه ۽ شهر ڪسريٰ يعنيٰ مدائن جنهن
جي فتح ٿيڻ لاءِ سرور ڪائنات رسول الله صلي الله
عليھ وسلم اڳ پيشن گوئي ڪئي هئي، تن مان مدائن ته
مسلمانن فتح ڪيو پر قسطنطنيه اڃا رهيل هو. سنه
48هه مطابق 20 فيبروري سن 668ع ۾ امير معاويه عربن
جي فوج قسطنطنيه تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ رواني ڪئي.
پر هن مهم جي متعلق مورخن جا جدا جدا رايا آهن. ڪي
چون ٿا ته سن 50هه ۾ عربن بازنطيني تختگاه تي ڪاهه
ڪئي. ڪي لکن ٿا ته سن 52هه مطابق 8 جنوري سن 682ع
۾ عربن ڪاهه ڪئي. هن اسلام جي ڪاهه ۾ مشهور اصحابي
حضرت اَبو ايوب انصاريرضه
به شامل هو، جو بدر ۽ اُحد جي معرڪن ۾ به شامل هو.
مسلمانن قسطنطنيه کان ستن ميلن جي فاصلي تي وڃي
خيما کوڙيا. عربن ۽ رومين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، ست
سو اٺ ورهيه پوءِ جڏهن سلطان غازي محمد ثاني فاتح
رحه
قسطنطنيه سر ڪيو تڏهن قلعي جي ديوار هيٺان جناب
حضرت ابو ايوب انصاري
رضه
جي تربت جوڙايائين جو کيس خواب ۾ اشارو ٿيو.
مغرب اَقصيٰ جو فتح ٿيڻ
امير معاويه تخت تي ويهڻ شرط ٻاهرين ملڪن کي فتح
ڪرڻ جو خيال ڪيو. جيئن ته قسطنطنيه تي ڪاهه ڪرڻ
کانپوءِ آفريقا فتح ڪرڻ جو پورو ارادو ڪيائون.
اُنهن ڏينهن ۾ عرب مصر ولايت کانسواءِ باقي آفريقا
جي اولهندي وارن ملڪن کي مغرب اقصيٰ سڏيندا هئا.
مغرب اقصيٰ آفريقا جو اُهو ڀاڱو آهي جو لبيا کان
شروع ٿي ويندي بحر اوقيانوس تائين پورو ٿئي ٿو.
آفريقا جو صحرااعظم به هن ۾ اچي وڃي ٿو.منجهس
برقا، فيضان، طرابلس، قيروان، الجزائر ۽ مراڪش جا
علائقا اچي وڃن ٿا.
هن وقت سوڊان ۽ لبيا جي ميدانن ۾ جيڪي قومون
رهنديون هيون سي به سامي نسل جي هڪڙي شاخ ۾ شمار
هيون جي به عربن وانگر خودمختياريءَ لاءِ شائق ۽
جنگجو هيون.
آفريقا تي عربن فاروق اعظم جي ڏينهن ۾ پهريون حملو
ڪيو ۽ مصر فتح ڪيائون. وري ذوالنورين جي ڏينهن ۾
عربن برقا فتح ڪيو. اُن زماني ۾ آفريقا جو اُتر
وارو سڄو ملڪ رومين جي هٿ هيٺ هو. جن گريگوريس جي
هٿ هيٺ مسلمانن جو ڪارٿيج جي ميدانن وٽ مقابلو
ڪيو، پر شڪست کاڌائون. عربن کي ڪجهه وقت تائين
خراج ڀريندا رهيا. پر آخر عربن کين لوڌي ڪڍيو. فقط
ذولاه ۽ برقا ۾ ڪجهه رومي فوج باقي رهيل هئي. هنن
اُتر آفريقا وارا ملڪ ڪوشش ڪري وري هٿ ڪيا، پر
سندن حڪومت جو انتظام ايتريقدر خراب هو جو اُتي جي
رهاڪن کانئن تنگ ٿي ٻيهر عربن کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
ڪانڍ ڏني.
رومي لوڪ جنگجو هئا، ملاح به هئا، هنرمند ۽ مذهب
پرست به هئا، پر مشرق مان جيڪا عربن صحرا نشينن جي
نئين قوم پيدا ٿي هئي، تن وٽ مٿيان ساز ۽ سامان
موجود هئا. وڏي ڳالهه ته سندن مساوات کي ڏسي
ڌاريون قومون خوشئ سان سندن قبضي ۾ اچي ويون. هو
جتي ويا اُتي مظفر ۽ منصور ٿيا.
دمشق، جو هن وقت اسلامي خلافت جو مرڪز هو، اُتي
جڏهن امير معاويه کي آفريقا جي بي آرامي جي خبر
پهتي، تڏهن هن پنهنجي سپهه سالار عقبه بن نافع کي
لشڪر ڏيئي آفريقا تي ڏياري موڪليو. جنهن رومي
سپاهه کي شڪست ڏيئي وڃايل ملڪ وري هٿ ڪيا. سن 50هه
مطابق 675ع ۾ غازي عقبه تيونس جي ڏکڻ ۾ (قيروان)
Kairowan،
جنهن کي خيروان به سڏين ٿا، جي نالي شهر جوڙايو.
جو اسلامي فوجن جو مرڪز هو. اِنهيءَ مراد سان ته
بربرن جو خشڪئ جي رستي ۽ رومين جو سامونڊي رستن
کان آسانئ سان مقابلو ڪري سگهجي. هتي اڳ وڏا وڏا
جهنگ هئا، جن ۾ جهنگلي جانور رهندا هئا. پر عرب
فاتح اُنهن جهنگن کي وڍائي مٿئين مشهور شهر جو
بنياد وڌو جو اڄ ڏينهن سوڌو بربري ڏيهه ۾ وڏي
واپار جو مرڪز آهي جتي صحرا اعظم جا قافلا اچي
سهڙندا آهن.
عربن جي آفريقا تي ڪاهه سن 50هه مطابق سن 675ع
جيئن فونيشن لوڪن اُتر آفريقا ۾ ڪارٿيج جو بنياد
وڌو، تيئن عربن فسطاط ۽ قيروان جا بنياد وڌا. جيئن
يونانين اٿينس ۽ سُپارٽا جا شهر ٻڌي گهر ڪري ويٺا،
تيئن عربن عراق ۾ بصره ۽ ڪوفيٰ جا شهر ٻڌي بيٺڪون
وڌيون. اهڙيءَ طرح عربن به مهذب لوڪن جيان پنهنجئ
ڪمال تهذيب جو دنيا اڳيان ثبوت ڏنو. تيونس ۾ شڪست
کائڻ کانپوءِ رومين مراڪش
Morocco
۾ فوجون گڏ ڪيون ۽ بربرن جي مدد سان برقا تي ڪاهه
ڪيائون. سن 55هه ۾ وڏي خونريز جنگ کانپوءِ غازي
عقبه رومين جي گڏيل فوجن کي شڪست ڏني ۽ اُهي
اولهندي ڏي منهن ڪري ڀڳا ۽ وڃي بحيره اوقيانوس
Atlantic Ocean
۾ ٽپي پيا، پر غازي عقبه به
سندن پٺيان سمنڊ ۾ ٽپي پيو. جڏهن سندس گهوڙو ٻڏڻ
لڳو، تڏهن ٻئي هٿ آسمان ڏي کڻي زور سان پڪاريائين
”اي الله اڳتي زمين نظر نه ٿي اچي، نه ته مان جيڪر
اُتي به وڃي تنهنجي پاڪ نالي کي بلند ڪيان ها!“
محفلِ
کون و مکان میں سحر و شام پھرے
کوہ میں دشت میں لیکر ترا پیغام پھرے |
|
مئی توحید کو لیکر صفتِ جام پھرے
اور معلوم ہے تجھکو کبھی ناکام پھرے |
دشت تو دشت ہیں دریا بھی نہ چھوڑے ہم
نے
بحر ظلمات میں دوڑا دیئے گہوڑے ہم نے |
بس رہے تھے یہیں سلجوق بھی تورانی بھی
اس معمودے میں آباد تھے یونانی بھی |
|
اَہل چین چین میں ایران میں ساسانی
بھی
اس دنیا میں یہودی بھی تھے نصرانی بھی |
پر ترے نام پہ تلوار اُٹھائی کس نے؟
بات جو بگڑی ہوئی تھی وہ بنائی کس نے؟ |
تھے ہمیں ایک ترے معرکہ آراؤن میں
دین
اذانیں
کبھی یورپ کے کلیاؤں میں |
|
خشکیوں میں کبھی لڑتے کبھی دریائوں
میں
کبھی اَفریقہ کے تپتے ہوئے صحراؤں میں |
نقش توحید کا ہر دلپہ بٹھایا ہم نے
زیر خنجربھی یہ پیغام سنایا ہم نے |
--------
حضرت عقبه رومين، يونانين ۽ بربرن کي شڪست ڏيئي
ملڪ ۾ اَمن اَمان جاري ڪيو ۽ سنه 46هه تائين
آفريقا تي بادشاهي ڪيائين. سندس شهادت کانپوءِ
بربرن 2 دفعا قيروان تي حملا ڪيا، جي هن وقت اطلس
جبل جي گهاٽين ۾ لڪل هئا. عربن جيڪي به اُتر
آفريقا ۾ رومن يا بربرن سان جنگيون ڪيون، سي دنيا
جي تاريخن ۾ عالم آشڪار آهن. بربر لوڪ پنهنجئ وحشت
جي ڪري مشهور آهن. سندن پيشوئي جنگ هو، پر غازي
عقبه، اُهو شخص هو، جنهن پنهنجي تلوار مياڻ مان
ڪڍي قسم کنيو هو ته يا مرندس يا فتح ڪندس.
آخر هي مرد مسلمان بربرن سان وڙهندي شهيد ٿيو.
ساڻس گڏ ٻيا به گهڻا مسلمان شهيد ٿيا. ڪي ٿورا وڃي
بچيا، جيڪي موٽي مصر آيا ۽ قيروان تي دشمنن ٻيهر
قبضو ڪري ورتو. اولهندي ۾ عربن آفريقا فتح ڪيو،
اُڀرندو افغانستان به ساڳئي عرصي ۾ فتح ٿيو.
رومين ڪيترائي ڀيرا شام فتح ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون،
پر عربن ڪئپاڊوشيا جو علائقو فتح ڪري سندن بحري
لشڪر کي شڪست ڏيئي، يونان جا ٻيٽ فتح ڪيا، جي عرب
شهنشاهيت سان لاڳو ٿي ويا.
مسئله خلافت ۽ حضرت امير معاويه رضه جو
انتقال
بصره جي حاڪم مغيره جي چوڻ تي حضرت اَمير معاويه
پنهنجي پٽ يزيد کي خلافت نشين ڪيو. عراق ۽ خراسان
جي حاڪم سندس اعلان جي تائيد ڪئي. تنهن کانسواءِ
اَهل عراقين يزيد کي مدد ڏيڻ لاءِ قسم کنيون ۽
شامي ته اڳيئي سندن ماتحت هئا. جڏهن امير معاويه
ڏٺو، ته عراقي ۽ شامي سندس مددگار آهن، تڏهن سنه
51هه ۾ مديني ۽ مڪي ويو. اِن لاءِ ته حجاز جي
ماڻهن کي اطلاع ڏيان، پر هتي ڪامياب ٿي نه سگهيو.
ڇاڪاڻ جو حجاز جي چئن مدبرن حضرت اِمام حسين بن
علي، حضرت عبدالله بن عمر، حضرت عبدالرحمٰن بن
ابوبڪر ۽ حضرت عبدالله بن زبير رضي الله عنهم اهڙي
تائيد ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو. اِنهن اصحابن
سڳورن مان حضرت عبدالله بن زبيررضه
۽ ٻين اصحابن کي يزيد جي کوٽن اعمالن جي ناپاڪ
اِرادن جي پوري طرح سان خبر هئي.
ماهه رجب المرجب سن 65هه مطابق سن 685ع ۾ حضرت
اَمير معاويه انتقال ڪيو. انالله و انا اليھ
راجعون. هو قد ۾ ڊگهو ۽ خوبصورت هو. جيتوڻيڪ پڪو
زاهد هو، پر کيس جيئن وڻندو هو تيئن ڪندو هو. سندس
روزنامي بابت لکيل آهي، ته صبح جو نماز پڙهندو هو.
تنهن کانپوءِ ملڪ جي صوبن جا خط پڙهندو هو. ٻيا
امير اُمراء سندس روبرو وهندا هئا. ٻن پهرن جو
مسجد ۾ ويندو هو ۽ نماز کان فارغ ٿي وزيرن سان
گڏبو هو. سندس حڪومت جي دور ۾ ماڻهو آسودا هوندا
هئا. هو ماڻهن جا فرياد ٻڌندو هو. ماني کائي ٿورو
آرام وٺندو هو. وري شام جو نماز کان فارغ ٿي وزيرن
سان گڏبو هو.
يزيد بن امير معاويه:
اَمير معاويه جي مرڻ کانپوءِ 1 شعبان معظم سن 61هه
مطابق اپريل سن 680ع ۾ يزيد پيءُ جي اعلان مطابق
دمشق جي تخت تي ويٺو.
يزيد ظالم ۽ بي انصاف هو. هن وٽ جيڪي به همراهه
هئا، سي بدذات ۽ عيش پرست هئا. هو کليءَ درٻار ۾
شراب پيئندو هو. سندس روش کي ڏسي عام طرح سان
ماڻهو دمشق جي ڳلين ۾ شراب پيئندا هئا.
يزيد جي شرارت ۽ ڪربلا جو واقعو
حضرت اِمام حسين بن علي رضي الله عنھ مدينة
المنوره ۾ هن وقت ممتاز ترين شخص هو. اُتي جا
ماڻهو کين گهڻي عزت ڏيندا هئا. آل رسول الله صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي اهڙي عزت ڏسي يزيد سڙندو
هو. هن وليد بن عقبه مديني جي حاڪم کي خط لکيو، ته
حضرت اِمام حسين بن علي، حضرت عبدالله بن عمر،
حضرت عبدالرحمٰن بن ابوبڪر ۽ حضرت عبدالله بن زبير
رضوان الله تعاليٰ اجمعين کي تاڪيد ڪر ته منهنجي
بيعت وٺڻ لاءِ تيار رهن. وليد حڪم موجب مٿين سڳورن
کي گهرائي کين يزيد جو پيغام ٻڌايو. تنهن تي سڀني
جواب ڏنو ته هڪڙي فاسق ۽ بدڪار جي بيعت وٺڻ لاءِ
اسين تيار ڪين آهيون.
ان صورتحال ۾ اهَل ڪوفي ۽ عراق جي ماڻهن حضرت
اِمام حسينرضه
ڏانهن لکي موڪليو ته ”اسين يزيد جي ظلم کان گهڻو
تنگ آهيون، اچي اسانکي آزاد ڪرايو ”اِها دراصل
عراق وارن جي سراسر ٺڳي هئي.
اِمام سڳوري جا رفيق به ساڻن گڏ وڃڻ لاءِ تيار
ٿيا. اُنهن مان ڪن اصحابن سڳورن کي ڪوفي جي ماڻهن
جي بدنيتيءَ جي خبر هئي. تنهنڪري اِمام سڳورن سان
وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. آخر اِمام حسينرضه
ڪوفي ڏانهن راهي ٿيا. ساڻن گڏ سندن ٻه شهزادا ۽ ڪي
ويجها عزيز، حرم پاڪ ۽ ٻيا اصحاب ساڻ هئا. جڏهن
قافلو عرب جي صحرا کي لتاڙي ڪوفي جي حد کي پهتو،
تڏهن هنن ڪوفي وارن مان ڪوبه ايندو ڪونه ڏٺو. نه
ته ڪوفي وارن انجام ڪيو هو ته اسين فوجون استقبال
لاءِ روانيون ڪنداسون. هتي اِمام سڳوري کي شڪ
جاڳيو ته متان بني اُميه وارا فوج وڙهڻ لاءِ نه
رواني ڪن. تنهنڪري الله تعاليٰ جي ذات بابرڪت تي
توڪل رکي ڪربلا جي ميدان ۾، جو فرات ندئ جي
اولهندي ڪناري تي آهي. اُتي ڇانوڻي هڻي ويٺا. سندن
دليون پاڪ هيون، پر ڪوفي وارا سراسر دغاباز نڪتا.
سڀ کان اڳ عبيدالله بن زياد، جو ڪاسائي جي لقب سان
مشهور هو ۽ يزيد جي پاران ڪوفي جو حاڪم هو. تنهن
اِمام سڳوري جي مقابلي لاءِ هڪڙي فوج رواني ڪئي.
هن فوج اِمام سڳوري کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين گهيرو
ڪيو پر ڪنهن به لشڪر کي مجال نه هئي جو حسين بن
علي جي تلوار جو مقابلو ڪري سگهي. آخر جڏهن فوج
مقابلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي تڏهن عبيدالله
فرات جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو . جنهن ڪري قافلي
وارن جي حالت نازڪ ٿيڻ لڳي. جناب سيد الشهداء حسينرضه
دشمنن کي چيو ته مونکي سلامتيءَ سان مدينة المنوره
وڃڻ ڏيو يا ته مونکي باعزت يزيد وٽ دمشق وڃڻ جي
اجازت ڏيو، يا مونکي اجازت ڏيو ته سرحد تي وڃي
ڪفارن خلاف جهاد ڪريان. پر يزيد جي فوج جي سپهه
سالار نهايت ئي مغرورئ سان جواب ڏنو ته ”توهين هن
وقت قيدي آهيو، توهان سان ڪابه مروت ڪانه ڪبي،
بلڪه توهانکي قيد ڪري يزيد ڏي وٺي هلبو. توهانجو
انصاف به يزيد جي درٻار ۾ ٿيندو.“ اِمام سڳوري چين
ته توهان جو منهنجي جماعت سان ڪو تعلق ڪونهي،
جيڪڏهن توهانکي منهنجي سر جي ضرورت آهي، ته مان
حاضر آهيان پر افسوس جو انهن انڪار ڪيو. پوءِ
اِمام سڳوري پنهنجي جماعت ڏي مخاطب ٿي ڪري چيو ته
”توهين مديني منوره ڏانهن هليا وڃو“، پر هنن مديني
وڃڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ يزيد جي لشڪر
ڪربلا جي جنگ جي شروعات ڪئي، ان جنگ ۾ حضرت امام
حسينرضه
پنهنجي اڪثر ساٿين ۽ ويجهن عزيزن سميت شهيد ٿي
ويا. اهل بيت جي مرد ماڻهن مان صرف حضرت علي بن
حسينرضه
(امام زين العابدين) زندهه رهيا. اهل بيت جي حرم
پاڪ کي عبيدالله دمشق ڏانهن روانو ڪيو جتان يزيد
کين واپس مديني ڏياري موڪليو.
يزيدي فوجن جي مديني منوره تي ڪاهه
ڪربلا جي خون ناحق ۽ قتل عام جي ڪري سڄي اِسلامي
دنيا ۾ اچي بي آرامي پئي. خاص ڪري ايران ۾ بني
اُميه وارن جي خلاف هڪ زبردست تحريڪ زور ورتو.
اِيران وارن حضرت عباسرضه
جي پوئلڳن کي مدد جو انجام ڪيو. مدينة المنوره ۾
جڏهن ڪربلا جي حادثي جي خبر پهتي، تڏهن اُتي جي
بزرگن ۽ ٻين اصحابن سڳورن هڪڙو وفد دمشق ڏانهن
روانو ڪيو. يزيد بن معاويه پنهنجي هڪڙي سپهه سالار
کي مديني جي ماڻهن ڏي صلاح ۽ مصلحت لاءِ ڏياري
موڪليو، پر مديني وارن سندس سپهه سالار کي ڀڄائي
ڪڍيو ۽ يزيد کي دمشق جي تخت تان لاهڻ لاءِ اعلان
ڪيائون. جڏهن يزيد کي اهڙي اعلان جي خبر پهتي تڏهن
تپي باهه ٿي ويو. پنهنجي هڪڙي سپه سالار مسلم بن
عقبه کي، جنهن کي عرب اڄ ڏينهن تائين (خونخوار) جي
نالي سان لکن ٿا، وڏي فوج شامين جي ڏيئي مديني
منوره تي چاڙهي موڪليو. اهلِ مدينھ، جي رسول الله
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جا ۽ اهل بيت جا سچا
جانثار هئا، تن به انصارن ۽ مهاجرن جي فوج گڏ ڪئي.
ساڻن ٻيا به ڪيترائي مسلمان شامل ٿيا. جن جون
دليون ڪربلا جي خون ناحق ڪري زخمي ٿيون هيون. يزيد
جي فوجن حاراه
Harrah
جي مقام وٽ مقابلو ڪيو. ٻنهين طرفن کان بهادرن
جوهر ڏيکاريا. پر آخر اهل بيت جا پروانه هڪ ٻئي
پٺيان عشق رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۾ شهيد ٿي
ويا.
ڪربلا کان پوءِ هي ٻيو معرڪو اسلام لاءِ نقصان ڪار
ثابت ٿيو. شامين مديني منوره ۾ قتل عام جو حڪم
ڏنو. جيئن ڪنهن زماني ۾ اُتر جي قومن رومي
شهنشاهيت جي پايهء تخت روم
کي
ناس ڪيو، جو عيسائيت جو مرڪز هو. تيئن مديني
منوره، جتي پيغمر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم
عربن کي اسلام جي پاڪ تعليم ڏني هئي ۽ اِسلام جي
خلافت جو ڪو وقت مرڪز ۽ تختگاهه هو، تنهن تي به
روم وانگر اُتر مان حملو ٿيو ۽ ڪيترائي اصحاب
سڳورا شهيد ٿي ويا. بنو اُميه وارن مديني جي
ڪيترين ئي خانقاهن ۽ درگاهن کي به سنگ مرمر ۽
جواهرات جي لالچ تي هڻي مسمار ڪري ڇڏيو. گهڻا ئي
بزرگ مدينة النبي مان هجرت ڪري لڏي ويا ۽ ڏورانهن
ملڪن ۾ رهڻ لڳا. پر اُتي به اُنهن اعلان ظاهر ڪيو
ته اسين يزيد جا غلام آهيون! تڏهن مس مس وڃي سندن
جان بچي ۽ مديني ۾ جنکي پناهه ملي. تن به ساڳيا
اعلان ڪيا، ۽ جن وري انڪار ڪيو، تن کي جلادن گهٽا
ڏيئي ماري ڇڏيو. جناب پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي اولاد مان فقط اِمام (علي ثاني) زين
العابدين ۽ حضرت عباس جو پوٽو باقي وڃي بچيا.
اڳين خليفن سڳورن جي ڏينهن ۾ جيڪي مڪتب، شفاخانا،
محلات يا آرامگاهون عام ۽ خاص جي ڀلي لاءِ جڙيل
هيون، تن کي هڪدم برباد ڪري ڇڏيائون. عربستان گويا
اِسلام جي خواب کان بيدار ٿي وري ٻيهر جهالت جي
تاريخيءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي ڪِريو!! پر عباسي خليفن،
جن پوءِ بغداد تي شهنشاهي ڪئي، تنهن خاندان جي ٻئي
خليفي منصور پنهنجي عهدِ حڪومت ۾ مديني منوره جي
ڊٺلن نشانن کي ٻيهر رونق وٺائي، بزرگن جو ثواب
کٽيائين.
ڪربلا جي واقعي کان پوءِ مڪي ۾ عبدالله بن زبير
پنهنجيءَ خلافت جو اعلان ڪيو، پر مديني جي لٽڻ
کانپوءِ يزيد جي فوجن مڪي شريف تي ڪاهه ڪري گهيرو
ڪيو. ڪعبة الله شريف ۽ ٻين گهڻن جاين کي گهڻو
نقصان پهچايائون. اِن وچ ۾ شامي فوجن کي يزيد جي
مرڻ جي خبر پهتي ۽ اُهي واپس دمشق ڏانهن موٽيون.
ماهه ربيع الاول سن 64هه مطابق نومبر سن 683ع ۾
يزيد گناهن جو ٽوڪرو مٿي تي کڻي هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ملڪ عدم ڏانهن راهي ٿيو.
معاويه ثاني بن يزيد
يزيد بن معاويه جي مئي پڄاڻان سندن پٽ معاويه ثاني
جي لقب سان دمشق جي تخت تي ويٺو، پر هو پيءُ وانگر
چالاڪ بدمعاش ڪين هو. پر بلڪل ماٺيڻي سڀاءُ جو هو.
کيس ستت ئي زهر ڏيئي مارائي ڇڏيائون. سندس مرڻ کان
پوءِ گويا ابوسفيان جي پيڙهي جو خاتمو ٿي ويو.
ابوسفيان جي خاندان کي حربي به سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ
جو هو حرب جو پٽ هو. يزيد جي مرڻ کان پوءِ مڪي
شريف ۾ عبدالله بن زبير پنهنجيءَ خلافت جو اعلان
ڪيو هو. حجاز، عراق ۽ خراسان جا ماڻهو، جي يزيد
کان گهڻو تنگ هئا، تن کيس خليفو تسليم ڪيو. پر
جيڪڏهن هو يڪدم شام تي حملو ڪري ها، ته جيڪر بني
اُميه وارن جو خاتمو ٿي وڃي ها، پر بني اُميه وارن
ايتري ۾ پنهنجن فوجن کي درست ڪري ڇڏيو.
مروان بن اَلحڪم
معاويه ثاني جي مرڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ خالد تخت جو
وارث هو. پر عمر ۾ ننڍو هو، تنهن ڪري بني اُميه
وارن کيس تسليم نه ڪيو. سندن اِها راءِ ٿي ته جنهن
کي جماعت چونڊي سو بادشاهه ليکبو. اِها منجهن قديم
رسم هئي. مروان جو سڀني ۾ وڏي عمر جو هو ۽ حضرت
معاويه (اول) جو سؤٽ هو، تنهن تخت تي وهڻ لاءِ
گهڻي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن وري عبدالله بن زبير عراق،
خراسان ۽ مصر جا علائقا پنهنجي سلطنت سان لاڳو ڪري
ڇڏيا. عبيدالله بن زياد جو هن وقت بصره ۾ حاڪم هو،
سو وري دمشق جي تخت هٿ ڪرڻ جي لالچ تي وڃي مروان
سان گڏيو ۽ ظاهري طور هن کي مدد ڏيڻ لاءِ دلاسا به
ڏنائين. پر بدقسمتيءَ سان بني اُميه وارا سندس
چالاڪيءَ کان واقف ٿي ويا. مروان وري خالد بن يزيد
کي تخت وٺي ڏيڻ لاءِ کانئس مدد وٺندو رهيو. آخر
فتحمند ٿيو. هن تلوار جي زور سان تخت هٿ ڪيو.
زحاق، جو معدر قوم جو رئيس هو، جنهن عبدالله کي
مصر فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي، تنهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ
شام جي حميرين مروان کي ڇيڙيو. ستت ئي دمشق جي
ڀرسان مارج راهت جي جنگ ۾ زحاق شڪست کاڌي. اهڙيءَ
طرح سڄو شام هن وقت مروان جي هٿ هيٺ اچي ويو. معدر
قوم جي شڪست کائڻ ڪري مصر به مروان جي ماتحت ٿي
ويو. جڏهن مروان زور ورتو، تڏهن هن حضرت عبدالله
بن زبيررضه
کي پنهنجي حڪومت تان دست بردار ٿيڻ لاءِ زور رکيو
۽ پنهنجن ٻن پٽن عبدالملڪ ۽ عبدالعزيز کي پنهنجي
مرڻ پڄاڻان تخت لاءِ وارث مقرر ڪيائين.
معدر ۽ حيمرين جو وري نئي سر اچي پاڻ ۾ فساد
جاڳيو. ٻئي طرف عراق جا گهڻا ماڻهو حضرت اِمام
حسينرضه
جي بيگناهه شهيد ٿيڻ جي بدلي وٺڻ لاءِ شامين سان
جنگ ڪرڻ لاءِ حضرت سليمان جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. جو
پيغمبر پاڪ جو هڪ اصحابي هو. عراقين شام تي حملو
ڪيو، پر مروان جي لشڪر هٿان شڪست کاڌائون. حضرت
سليمان سان ڪي باقي اصحاب وڃي رهيا، جي ڪوفي ۾
مختيار جي سرڪردگيءَ هيٺ وري ٻيهر حملي لاءِ
تياريون ڪرڻ لڳا.
سن 65هه ۾ يزيد جي زال مروان کي قتل ڪري ڇڏيو،
جنهن سان هن شادي ڪئي هئي. اهل سنت جماعت وارن
مروان جي خلافت کي تسليم ڪين ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو شام
کانسواءِ ٻي اِسلامي دنيا عبدالله بن زبيرؓ جي
خلافت کي تسليم ڪيو هو.
عبدالملڪ بن مروان
عبدالملڪ سن 65هه مطابق سن 684ع ۾ دمشق جي تخت تي
ويٺو. پر ان وچ ۾ مختار پاڻ کي عراق جو حاڪم سڏائڻ
لڳو. سندس مقابلي لاءِ عبدالملڪ عبيدالله کي لشڪر
ڏيئي روانو ڪيو پر عبيدالله هن ڀيري شڪست کاڌي ۽
پاڻ به قتل ٿي ويو. سندس سر وڍي مختار جي روبرو
آندائون. هن پنهنجي ڪئي جو ڪيتو لوڙيو. مصعب، جو
عبدالله بن زبير
رضهجو
ڀاءُ هو ۽ هن وقت عراق جو حاڪم هو، ان جو مختار جي
لشڪر سان مقابلو ٿيو، هن جنگ ۾ مختار ۽ سندس ٻيا
رفيق مصعب جي هٿان مارجي ويا. عبدالملڪ عراقين کي
لالچ ڏيئي عبدالله بن زبيررضه
جي خلاف ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو. ٻئي طرف وري خارجين
صحرا مان نڪري پنهنجي خودمختياريءَ لاءِ قلاديا ۽
فارستان تي حملا ڪيا. جنهن ڪري مصعب جي طاقت ويئي
ڪمزور ٿيندي.
هن زماني بابت ذڪر ڪندي عرب مؤرخ لکن ٿا، ته سن
71هه جي حج جي موقعي تي جڏهن مسلمان اچي گڏ ٿيا،
تڏهن عرفات جبل وٽ 4 نشان هئا (1) جهنڊو عبدالله
بن زبير جي خلافت جو هو (2) جهنڊو عبدالملڪ بن
مروان جي خلافت جو هو (3) جهنڊو جناب اِمام محمد
حنيف بن علي جو هو (4) عراق جي خارجي فسادي رئيس
جو هو. هر هڪ جهنڊي هيٺان سندن مريد به موجود هئا،
پر حج جي ڪري هو هڪ ٻئي کي ڪجهه چئي نه ٿي سگهيا.
(نوٽ حضرت عليرضه
بيبي فاطمه الزهرا جي وفات کان پوءِ حنفيه خاندان
مان هڪ بيبيءَ سان نڪاح ڪيو هو. ان مان کين هڪ
فرزند حضرت مُحمّد حنيف تولد ٿيو. جو ڪربلا واري
معرڪي ۾ غير حاضر هو. بغداد جا خليفا پنهنجو لقب
سندس نالي تي ڇڪين ٿا.)
حجاج بن يوسف جو عراق فتح ڪرڻ
شام ۾ عامر بن سعيد البته خليفي عبدالملڪ جي خلاف
فساد ڪيو، پر خليفي کيس محلات ۾ پنهنجن هٿن سان
گهرائي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن خليفي ڏٺو ته هينئر
سندس خلاف ٻيو ڪوبه فساد ڪرڻ وارو ڪونه رهيو آهي،
تڏهن هن وري عراق جي حاڪم مصعب ۾ اکيون وڌيون.
عراقين به خليفي جي مدد ڪئي. هن ڪوفي تي ڪاهه ڪئي.
معصب پنهنجي پٽ يحيٰ ۽ سپهه سالار ابراهيم بن
العشطرا سميت جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي ويو ۽ عراق
شام جي حڪومت سان لاڳو ٿي ويو.
حجاج بن يوسف ثقفي، جو خليفي جي پاران سپھ سالار
هو. سو وڏو ظالم هو ۽ ظلم جي ڪري تاريخن ۾ مشهور
آهي. سن 72هه مطابق سن 691ع ۾ حجاج بن يوسف وڏئ
فوج سان حجاز تي ڪاهه ڪئي. مڪي معظمه کي هڻي
پائمال ڪري ڇڏيائين. عبدالله بن زبير گهڻي وقت
تائين شامي فوجن جو مقابلو ڪيو. پر آخر مڪو شريف
گهيري ۾ اچي ويو. دشمنن شهر جا رستا بند ڪري ڇڏيا،
جنهن ڪري اچي ڏڪر پيو ۽ گهڻائي ماڻهو بک جي وگهي
مري ويا. ڪي وري شامين سان وڃي گڏيا. عبدالله بن
زبيررضه
وٽ فقط ڪي ٿورا ماڻهو وڃي رهيا هئا، تنهنڪري هو
صلاح مصلحت لاءِ جناب ابوبڪر صديق جي نياڻي بيبي
اسماء (جا سندس ماءُ هئي) وٽ ويو ته اُميه فوج سان
وڙهجي يا صلح ڪجي؟
عبدالله جي سوال جي جواب ۾ هن عمر رسيده بيبيءَ
ورندي ڏنس ته ”جي تون ڀائين ته مان سچ تي وڙهان ٿو
ته اُٿي جنگ ڪر، پر جي ڀائين ٿو ته مان ڪوڙو
آهيان، ته وڃي پيش پؤ.“ عبدالله اِهو ٻڌي تلوار هٿ
۾ کڻي نڪتو. هن گهڻي استقلال سان دشمنن جو مقابلو
ڪيو ۽ شامين کي اڪثر هنڌن تي شڪستون ڏنائين، پر
آخر ماهه جمادي الثاني سن 73هه مطابق آڪٽوبر سن
692ع ۾ جنگ جي ميدان ۾ شهادت جو جام نوش فرمائي
شهيد ٿيو. شامين سندس جنازو موٽائي ڏيڻ کان انڪار
ڪيو. سندس سِرُ۽ ٻين جا سرَ وڍي مديني منوره جي
بازارين مان گهمائي دمشق ڏانهن روانو ڪيائون.
عبدالله بن زبير بهادر ۽ انصاف پرست حاڪم هو. پئسي
جي معاملي ۾ ايترو سخت هو، جو پنهنجي لشڪر کي
هٿيار ۽ خرچ به پورو ڪين ڏيندو هو. حرمين شريفن
جو پورو محافظ هو.
ابن زبير جي شهادت کانپوءِ عبدالملڪ خودمختيار
خليفو بنجي ويو. مهلب بن سفرا، جو هن وقت فارستان
جو حاڪم هو تنهن ۽ خراسان جي حاڪم به سندس هٿ هيٺ
رهڻ لاءِ قسم کنيا.
خارجي جي هن وقت ڏاکڻئي ايران ۽ قلاديا ۾ زور
وارا هئا، تن سان به خليفي ڪيترائي ڀيرا جنگيون
ڏنيون، جنهن ڪري وقت بوقت سندس ڪيترائي سردار
مارجي ويا، پر پوءِ خارجين کي مهلب پنهنجئ تلوار
جي زور سان عربستان جي اندروني ڀاڱن ڏانهن تڙي
ڪڍيو. آخر اُهي الحسا جي بيابانن ۾ وڃي گهر ڪري
ويٺا. هن خليفي جي ڏينهن ۾ مغرب ۾ عربن ٻيهر رومين
کي وڏي شڪست ڏني ۽ مشرقي ممالڪ مان ڪابل ۽ پنجاب
جا علائقا هڪڙي هندو شهزادي رتبيل کان فتح ڪيائون
۽ اُتر آفريقا جو سڄو ڪنارو مسلمانن وري هٿ ڪيو.
آفريقا ۾
جنگيون ۽ فتوحات
سن 69هه مطابق سن 693ع ۾ خليفي عبدالملڪ، برقا جي
حاڪم زهير کي، جو حضرت عقبهرضه
جو سپهه سالار هو ۽ هن وقت بربرن سان جنگ ۾ مشغول
هو، تنهن ڏانهن لشڪر موڪلي سندس حوصلي افزائي ڪئي.
نئين فوجن جي اچڻ سان ئي بربرن جي سردار ڪوسيلا جي
متحد فوجن اسلامي فوجن هٿان شڪستون کاڌيون، ۽ سڄي
علائقي تي مسلمانن جو قبضو ٿي ويو. زهير برقا ۾
ٿوري فوج ڇڏي اڳتي وڌيو هو. پٺيان رومين جي وڏي
فوج اچي ڪڙڪي. زهير فوجن سوڌو وڙهندي شهيد ٿي ويو.
اُتر آفريقا ٽيون ڀيرو رومين جي هٿ ۾ اچي ويو.
خليفي کي جڏهن مٿئين حادثي جي خبر پيئي، تڏهن سن
698ع ۾ ٽين فوج حسن بن نعمان جي سرڪردگئ هيٺ
آفريقا تي چڙهائي موڪليائين.جنهن وڏي تزڪ ۽ حسام
سان قيروان فتح ڪيو. رومين ۽ بربرن جي گڏيل فوج
ڪارٿيج جي ميدان ۾ مسلمانن کان شڪست کاڌي. هن شڪست
کان پوءِ برقا کان وٺي بحر اوقيانوس تائين سڄو
آفريقا جو اُتريون ڀاڱو مسلمانن جي هٿ هيٺ اچي
ويو.
بربرن جي شهزادي ڪاهنا نالي هئي، جنهن اَطلس جبلن
جي گهاٽين ۾ بربرن جي قبيلن کي گڏ ڪري عربن جي
مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو. هن مقابلي ۾ عرب برقا
تائين لوڌجي ويا. 50 سالن تائين ڪاهنا آفريقا تي
راڄ ڪيو. خليفي چوٿين فوج حسن بن نعمان جي مدد
لاءِ ڏياري موڪلي. حسن وري برقا جي ديوارن مان
طوفان وانگر نڪتو ۽ دشمنن جي صفن کي چيري بربرن کي
سخت شڪستون ڏنائين. بربرن جي راڻيءَ کي جڏهن عربن
جي حملي جي خبر پهتي تڏهن پنهنجي تختگاهه شهر کي
ناس ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائين. بربرن جي تختگاهه ۾ وڏا
وڏا محلات سيرگاهون ۽ باغ هئا، جي هنن پنهنجن هٿن
سان ناس ڪيا. جيڪو قيمتي مال اسباب هٿ لڳن سو کڻي
اطلس جبل ۾ وڃي لڪا. پر حسن به سندن پٺيان هو. آخر
جبل جي دامن ۾ وڏي خونريز جنگ لڳي. جتي ڪاهنا جنگ
جي ميدان ۾ وڙهندي قتل ٿي. بربرن صلح لاءِ درخواست
ڪئي عرب مهندار کانئن 25000 سوار فوجن جي گهُر
ڪئي. رفته رفته بربرن دين اِسلام اختيار ڪيو ۽
اِسلامي فوجن ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
خارجي جن کي خليفي وچ عربستان ڏانهن لوڌي ڪڍيو هو،
سي هاڻي لڏي اچي آفريقا جي نين آبادين ۾ رهڻ لڳا.
هو بربرن وانگر شوخ طبع نٺر هئا. جنهن ڪري سڄي
آفريقا ۾ شورش پڻ شروع ٿي.
ٿيوڪريٽا ۽ سپارٽا جي يونانين اِهو وجهه ڏسي،
خارجين سان شامل ٿي، فساد کي زور وٺائڻ شروع ڪري
ڏنو ۽ بربر به پنهنجن پراڻن رفيقن ۽ صلاح ڪارن
سان گڏجي فساد ڪرڻ لڳا.
حجاج بن يوسف هن وقت خليفي جي پاران حجاز ۽ عراق،
خراسان ۽ ڪرمان جو حاڪم هو. هن جي ڏينهن ۾ عربن
ڪابل ۽ فرغانه فتح ڪيا هئا. مصر تي هن وقت خليفي
جو ڀاءُ عبدالعزيز حڪمراني ڪندو هو. ڪردستان جو
حاڪم حشام بن اِبن اِسمٰعيل هو.
حجاج سخت ظالم هو سندن ظلم کان ماڻهو گهڻو تنگ
هئا. عبدالرحمٰن نالي هڪڙي سردار سندس خلاف فساد
ڪيو، پر شڪست کاڌائين. هن مدينة المنوره جي ماڻهن
سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي. پر جيڪي اصحاب سڳورا هن
وقت موجود هئا، تن سان به بدسلوڪي ڪيائين. خواجه
حسن بصريرضه
کي به قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئائين.
خواجه حسن بصريرضه
۽ حبيب اَعجمي اُن وقت جا ولي هئا. حجاج جي ظلم جي
ڪري فقط عراق ۾ 150000 قيدي هئا!!
اُهي فقط ڪوڙين نعمتن جي ڪري قيد هئا. سندس مرڻ
کانپوءِ سندس قيدخاني ۾ 50000 قيدي موجود هئا!
سن 703هه ۾ خراسان جي حاڪم مهلب وفات ڪئي. سو سخي
۽ هردل عزيز حاڪم هو سندس عهدي تي سندس پٽ يزيد
حاڪم ٿيو.
سن 86هه مطابق سن 705ع ۾ عبدالملڪ 63 ورهين جي
ڄمار ۾ وفات ڪئي. هو پنهنجي نالي جي شعرن کي ٻڌي
گهڻو خوش ٿيندو هو. هو ظالم به هو. ننڍي هوندي کان
پڻس کيس علم ۽ قرآن شريف پڙهڻ ۾ گهڻي محنت ڪرائي
هئي. پر چون ٿا ته جڏهن تخت تي ويٺو، تڏهن قرآن
شريف کي هڪڙي پاسي ويڙهي رکي چيائين ته ”هي وقت
آهي اڄ کان پوءِ توکي وري ڪڏهن به نه پڙهندس!“
هنکي ظلم ڪرڻ سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. اِهو ئي
سبب هو جو هن حجاج کي ظلم ڪرڻ جي آزادي ڏني هئي.
سندس ڏينهن ۾ دفترن جو ڪم فارسي يا يوناني زبانن ۾
ٿيندو هو. پر آخر ۾ عربي زبان ۾ ٿيڻ لڳو. مُئي کان
اڳ هن پنهنجي پٽ وليد لاءِ تخت تي ويهڻ لاءِ گهڻي
ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ عبدالعزيز گهڻي
مخالفت ڪئي، پر سندس مرڻ کانپوءِ وليد آسانئ سان
تخت تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ پهريون سڪو سن 86هه
مطابق سن 695ع ۾ عربستان ۾ جاري ٿيو، نه ته هن کان
اڳ دمشق جي سلطنت اندر رومي ۽ ايراني سڪا هلندا
هئا، پر هن خليفي جي ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو درهمن ۽
دينارن جي صورت ۾ سڪو چالو ٿيو
ڪي مؤرخ وري لکن ٿا ته عرب سلطنت ۾ پهريون ضرب
خانو واسط جي شهر ۾ سن 88هه ۾ پيو.
اَلوليد بن عبدالملڪ
وليد پيءُ جي مرڻ کانپوءِ دمشق جي تخت تي ويٺو.
حجاج بن يوسف، جو هن وقت مشرقي صوبن جو حاڪم هو،
تنهن يزيد بن مهلب کي خراسان جي حڪومت تان لاهي
قتيبه نالي هڪڙي معدر قوم جي رئيس کي سندس عهدي تي
مقرر ڪيو، جو سندس خيال موجب هوشيار ۽ لائق هو، پر
دراصل يزيد بن مهلب جي مقابلي ۾ بلڪل گهٽ هو.
وسط ايشيا ۽ هندوستان تي اِسلام جو حملو
وسط ايشيا جنهن کي عرب ماوراءالنهر يعنيٰ سير ۽
آمو درياهن جي وچوارو ملڪ سڏين ٿا. اُتي جي رهاڪن
سان عربن گهڻو اڳ عهدنامو ڪيو هو. هن عهدنامي موجب
هو عربن جي ماتحت رهندا هئا ۽ سندن جدا جدا شهرن ۾
عربن جا سردار رهندا هئا، جنکي عامل سڏيندا هئا.
اُهي عامل اُنهن شهرن جي رهندڙن مسلمانن جي حقوق
جي نظرداري ڪندا هئا. هتي جا رهاڪو يزيد بن مهلب
جي ڏينهن ۾ گهڻو آسودا گذاريندا هئا، پر جڏهن حجاج
بن يوسف ثقفيءَ يزيد کي سندس عهدي تان لاهي ڇڏيو.
تڏهن اُنهن سندس باري ۾ سدائين احتجاج کي بلند
ڪيو. هنن عرب عاملن کي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن مان تڙي
ڪڍيو ۽ اُتي جي مسلمانن جو قتل عام شروع ڪيائون.
پر قتيبه جي زير سرڪردگيءَ هيٺ عربن سڄو ترڪستان
جو ملڪ ويندي ڪاشغر تائين فتح ڪيو. هن وقت عرب
شهشاهيت جون حدون مشرق ۾ چين جي ديوار سان وڃي
لاڳو ٿيون هيون.
خلافت
فاروقيءَ جي عهد مبارڪ ۾ عربن پهريون ڀيرو هڪڙو
لشڪر خشڪيءَ جي رستي کان ۽ جهازن جي رستي عمان ۽
ايراني نار جي بحرين ٻيٺ ڏي عثمان ثقفيءَ ۽ مغيره
جي هٿ هيٺ اُتان هندوستان جي اُلهندي علائقي سنڌ
جي ديبل بندر تي اچي لاٿو.
اُن وقت سنڌ
جو راجا چچ
هو، جو اصل ذات جو برهمڻ هو. جو سنڌ جي راجپوت
راجا راءِ سهاسيءَ جي راڻي سونهن ديويءَ جي حسن
نياز سان وڃي سنڌ جي تخت تي ويٺو هو ۽ هن وقت 35
ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪري چڪو هو. جڏهن عربي فوجون
ديبل بندر تي اچي لٿيون، تڏهن اُتي جي راجا عربن
تي ڪاهه ڪئي. مغيره شهيد ٿيو. باقي عثمان مڪران ۽
ڪرمان ڏي موٽي وڃڻ لاءِ تياري ڪئي. انهئ وچ ۾ حضرت
فاروق اعظمرضه
وفات ڪئي. حضرت ذوالنورين جي ڏينهن ۾ هڪڙو لشڪر
عبدالله جي هٿ هيٺ مڪران ڏي موڪليو ويو، ته هند ۽
سنڌ جي ملڪن جي ساري خبر وٺي موڪلي. عبدالله
هيٺيون خط خليفةالمسلمين ڏي لکي موڪليو ته ”سنڌ جو
پاڻي خراب، زمين ٽڪرائتي، مٽي خراب ۽ ميوو ڪڙو
آهي“.وڌيڪ لکيائين ته هتي جا ماڻهو ٺڳ ۽ دغاباز
آهن. ٿورو لشڪر مارجي ويندو ۽ گهڻو بک جي وگهي مري
ويندو“.مٿئين احوال کي ڏسي خليفي هندوستان تي ڪاهه
جو خيال ڇڏي ڏنو. خلافت حيدري جي زماني ۾ سن 660ع
۾ هڪڙو لشڪر صاغر جي هٿ هيٺ ڪيڪانان جبلن تائين
ڪاهي آيو. مڪران وٽ دشمن جا 20 هزار ماڻهواچي مٿن
پيا. عرب پنڌرهن سؤ ماڻهو مس هئا سي الله اڪبر جا
نعرا هڻندا قلعي تي آيا ۽ دشمنن کي پڄائي ڪڍيائون.
اڃا هو مڪران ۾ موٽي آيا ته حضرت علي ڪرم الله
وجهه جي شهادت جي خبر پهتن.
سن 664ع ۾ حضرت امير معاويه، پنهنجي عهدِ خلافت ۾
چار هزار ماڻهو عبدالله جي هٿ هيٺ ڪيڪانان ڏي
موڪليا ۽ ٻيو لشڪر اَرمائيل، عمان ۽ اَردبيل فتح
ڪرڻ لاءِ موڪليو. عبدالله کي ڪيڪانان جي ماڻهن
ڀڄائي ڪڍيو، جو پاڻ مارجي ويو ۽ سندس لشڪر اچي
مڪران پهتو. اُتي ٻيو لشڪر عربن جو، اَحنف جي هٿ
هيٺ، اُنهن جي مدد لاءِ مڪران ۾ آيو. ٻن ورهين
کانپوءِ وري راشد سپهه سالار ٿي آيو. هن ڪيڪانان
جي ماڻهن کي ماري مڃايو. هڪ ورهيه کن کان پوءِ
سيستان جي رستي هو ڀرج ۾ آيو، جتي هڪ لڙائيءَ ۾
مارجي ويو. سندس جاءِ تي سنان موڪليو ويو. جو پڻ
ٻڌيا جي معرڪي ۾ مري ويو. تنهن کانپوءِ حڪم خليفي
جو نائب ٿي آيو.
حجاج بن يوسف جي ظلم کان گهڻا علافي عرب عراق مان
لڏي اچي سنڌ جي راجا وٽ نوڪر بيٺا هئا. اُن وقت
سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر هو، جو چچ جو ٻيو پٽ هو.
سندس تختگاهه اَلور شهر هو، جو هاڻي ڦٽي ويو آهي.
اڃا تائين روهڙيءَ جي ڀرسان مٿئين شهر جا ڦٽل نشان
آهن. علافي عربن راجا ڏاهر جي فوج ۾ گهڻي همٿ
ڏيکاري هئي ۽ راجا به کين گهڻا انعام ڏنا هئا.
سن 705هه ۾ خليفي عبدالملڪ ڪي شام جا سوداگر جهازن
۾ چاڙهي هندوستان ڏي موڪليا، ته اُتي ڪو عمدو مال
۽ ڪي ٻانهيون خريد ڪري وٺي اچن. جڏهن اُهي سوداگر
خريداري ڪري موٽ ۾ ديبل بندر تي آيا، تڏهن هڪ چورن
جي ٽولي، هنن تي ڪاهه ڪري، هنن کي ڦري هلي ويئي.
ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته سرانديپ جي راجا موتي ۽ ڪي
تحفي جهڙيون شيون ۽ ڪي حبشي ٻانهيون اٺن غورابن ۾
سمنڊ جي رستي خليفةالمسلمين لاءِ موڪليون هيون.
اُنهن سان ڪي مسلمان عورتون به حج ڪرڻ لاءِ ٿي
ويون، پر ديبل بندر تي چورن اچي ڦر ڪئي. مال به هٿ
ڪيائون ۽ ماڻهو به قيد ڪيائون. اها خبر جڏهن صوبي
عراق جي حاڪم حجاج کي پئي، ته راجا ڏاهر ڏي وڪيل
جي هٿان چوائي موڪليائين، ته قيدي به آزاد ڪر ۽
چورن کي به سزا ڏي. نه ته توسان وڙهڻو ٿيندو. راجا
ڏاهر جواب ڏنو ته اُهي چور زور وارا ماڻهو آهن.
تنهنڪري آءٌ جوابدار ٿي نه ٿو سگهان. حجاج جواب
ٻڌي خليفي سان گهڻي لکپڙهه ڪري سنڌ ۽ هند تي ڪاهه
ڪرڻ جي موڪل ورتي ۽ اُن موجب هو لشڪر جي تياري ڪرڻ
لڳو.
|