سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:18 

 

اِسپين ۾ عربي حڪومت (خاندان بني اُميه)

The Umayyads in Spain

 

جڏهن اُموي اقبال جو آفتاب دمشق ۾ غروب ٿيڻ تي هو، تڏهن اِسپين ۾ عربن جي عجيب حالت هئي. هڪ طرف شامين، يمن وارن ۽ ٻين قبيلن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي، ته ٻئي طرف جنگجو بربرن سان سندن عداوت هئي. عبدالملڪ، جو هن وقت اُندلس جو اَمير هو، سو اندروني فسادن ۽ گهرو جهڳڙن جي ڪري گويه مصيبتن ۾ مبتلا هو. آخر شامين جي مدد سان هن بربر قبيلن کي شڪست فاش ڏئي، منجهانئن ڪيترن ئي کي قتل ڪرائي پهاڙي علائقن ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. پر اُهي بربر جن سڄي عمر آفريقا جي صحرا ۾ گذاري هئي، تن کي جبل جي سرد هوا موافق ڪانه پئي لڳي. هنن آخر عبدالملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو. هن حادثي جو اهو نتيجو نڪتو جو  قديم رهاڪن عربن ۽ نون آيلن شامين جون پاڻ ۾ گهڻي عرصي تائين خونريز جنگيون ملڪ جي طول ۽ عرض ۾ لڳنديون رهيون. جنهنڪري سڄو ملڪ تباهه ٿي ويو. آخر ماهه شوال سن 124هه ۾ جڏهن طلابه بن سلامه دمشق جي درٻار مان اسپين جو حاڪم ٿي آيو، تڏهن مس مس ڪجهه فسادن تي ڇنڊو پيو. جيئن ته مختلف عربي قبيلن کي جدا جدا اِسپين جي علائقن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي، جي جدا جدا هنڌن تي وڃي گهر ڪري ويٺا. پر فرقي بندئ جي اڃا به بازار گرم هئي. طوائف الملوڪي جي به بازار گرم هئي، هرڪو امير گويا خودمختيار هو. اها پر آشوب حالت تڏهن رفع ٿي جڏهن غازي عبدالرحمٰن اچي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ جهليون.

عبدالرحمٰن الداخل

جڏهن مشرق ۾ عباسي تحريڪ ابو مسلم جي سرڪردگي هيٺ زور ورتو ۽ مروان، جو بني اُميه خاندان جو پويون حاڪم هو. تنهن ابوالعباس سفاح جي هٿان سخت شڪست کاڌي ۽ قتل ٿي ويو. تڏهن سن 132هه مطابق سن 750ع ۾ خلافت اُموي جو آفتاب غروب ٿي ويو ۽ سفاح پهريون عباسي تاجدار هو، جنهن جي حڪم سان شاهي خاندان جا اُموي شهزادا قتل ٿيڻ لڳا. چؤطرف قتل عام جي بازار گرم ٿي ويئي. اُموي پنهنجي جان بچائي ڌارين ملڪن ڏانهن ڀڄڻ لڳا. هن معزول خاندان مان عبدالرحمٰن بن معاويه بن هشام بن عبدالملڪ اُهو شخص هو جنهن جا تمام عزيز ۽ اقارب سنگ دل عباسين جي جابرانه سلوڪ ڪري قتل ٿي ويا. عباسي سندن ڳولا ۾ هئا، انهن مظلومن مان عبدالرحمٰن به هڪڙو هو، جو پنهنجي جان بچائي ڀڳو. قسمت مڙس جي تيز هئي جو سلامتيءَ سان فرات نديءَ جي اچي ڪپ تي پهتو ۽ هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هڪڙي ڏينهن سندس هڪڙي سڪيلڌي پٽ جهوپڙيءَ جي در تي راند پئي ڪئي ۽ عبدالرحمٰن کيس ڏسي پئي خوش ٿيو. تڏهن اوچتو ڇوڪرو اندر ڊوڙي آيو. عبدالرحمٰن پنهنجي پٽ کي گهٻرايل ڏسي اڃا در کان ٻاهر مس نڪتو ته سفاح جون فوجون ڪارن جهنڊن سان پري کان اينديون ڏٺائين، مڙس البت پهريون گهٻرائجي ويو، ته هينئر ڇا ڪجي پر اقبال هو جو مٿس سايو ڪري بيٺو هو. تنهنڪري ٿورو ويچار ڪري هڪدم نينگر کي ڪڇ ۾ کڻي درياهه ڏانهن ڀڳو، سندس ڀاءُ جو ساڻس گڏ هو سو ته دشمنن هٿان مارجي ويو. باقي عبدالرحمٰن پٽ سميت درياهه ۾ کڻي ٽپو ڏنو، ساڻس گڏ هڪڙو غلام به هو، جنهن جو نالو بدر هو سوبه درياهه ۾ ترڻ لڳوð. هٿ هڻندا آقا ۽ غلام اچي سلامتيءَ سان منزل مقصود کي پهتا. ڇا رات ڇا ڏينهن منزلون ڪندا آفريقا جي سرزمين تي پهتا. هتي ڪي کين سندس خاندان جا ٻيا ماڻهو گڏيا جي به جان بچائي ڀڳا هئا. سندن حالت قابل رحم هئي پر اقبال ۽ بخت جي روشني عبدالرحمٰن کي تسلي پئي ڏني. انهيءَ ويچار ۾ هو ته هاڻ ڪيڏانهن هلجي، ڇاڪاڻ جو عباسين جا تازي گهوڙا اڃا به سندن پٺيان هئا.

عبدالرحمٰن جي عمر هن وقت ويهه ورهيه هئي، سندس دل شباب جي گوناگون اُميدن کان لبريز هئي. قدرت جو ڪمال چئبو جو مڙس ڏک به جواني ۾ ڏٺا، ۽ واقعي هي اُها عمر جي منزل آهي، جنهن ۾ هرڪو انسان مشڪلاتون سهي سگهي ٿو. جواني جي حوصلي ۾ سندس خيال بلندئ تي پرواز ڪري رهيو هو. پر وڏي ڳالهه جو قدرت کيس صورت ۽ سيرت ٻئي زيور ڏنا هئا. هو عقل جو اڪابر، ذهين، بلند قد وارو ۽ جسم ۾ مضبوط به هو. سندس دليري ۽ شاهي شڪل مٿئين دعويٰ جو ثبوت پئي ڏنو. ڪن عربي مورخن ائين لکيو آهي ته هو هڪ اک کان ڪاڻو ۽ جسم ۾ ضعيف هو، سا ڳالهه ڪوڙي آهي. ڇاڪاڻ جو وقت جي اڪابرن سندس شاهاڻي شڪل ۽ سيرت کي ڏسي اها پيشن گوئي ڪئي هئي، ته هو اقبال وارو آهي. باوجود ان جي ته وقت ۽ تقدير جو هن وقت ساڻس وير هو، ۽ آفتن سندس شاهي خاندان جو نشان به مٽائي ڇڏيو هو، ۽ ڪا ڪسر باقي ڪانه رهي هئي، پر مڙس بلند حوصلي وارو ۽ پختي ارادي وارو هو، تنهنڪري سندس همت ۽ مردانگئ ۾ تِر جو به فرق ڪونه هو. سندس اها مرضي هئي، ته اُتر آفريقا ۾ رهي عرب قبيلن سان ملي ڪري، ڪنهن سلطنت جو بنياد وجهجي. ڇاڪاڻ جو عباسي اِقتدار کان اڃا مغرب الاقصيٰ وارا ملڪ بعيد هئا پر پنج سال مڙس آفريقا جي ڪنارن تي مفلسيءَ جي حالت ۾ قسمت کي آزمائيندو رهيو، پر بربر قبيلا، جي هن وقت آزادئ جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا، تن تي سندس اقبال جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. غرض جڏهن عبدالرحمٰن ڏٺو ته هتي سندس دال نه ٿي ڳري سگهي، تڏهن اِسپين جي خالي ميدان کي پنهنجو جولانگاهه سمجهڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو هتي جو شيرازو بگڙجي چڪو هو. قبيلا اندروني فساد ۾ پاڻ ۾ برسر پيڪار هئا. عبدالرحمٰن  به شاهي خاندان جو وارث باقي وڃي رهيو هو. ڄاتائين ته جيڪڏهن ڪا دعويٰ به کڻي ڪبي ته ضرور وڃي ڪونه ڪو اثر ڪندي.

شکست و فتح نصیبوں سے ہے ولے اے میر

مقابلہ تو دلِ ناتوان نے خوب کیا

اِسپين جي مختلف قبيلن پاڻ ۾ اهو به انجام ڪري ڇڏيو هو، ته هرڪو قبيلو پنهنجي قبيلي جي مدد ڪندو. اهڙي عهدنامي کي نيڪ فال سمجهي عبدالرحمٰن پنهنجي غلام کي، جو ساڻس مصيبتن ۾ شريڪ هو ۽ پنهنجي نمڪ حلالي جو ثبوت ڏئي چڪو هو، پنهنجي طرفان بطور سفير جي اُندلس موڪليو. ته وڃي اُميه نسل وارن جي آزاد ڪيل قبيلن ۾ سندس درخواست پيش ڪري، بدر پيغام وٺي اِسپين پهتو. سندس قبيلي جي سردارن خوشيءَ سان پنهنجي شهزادي کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو. البت ڪجهه مخالفت به ڪيائون، پر بحث ڪرڻ کانپوءِ يمن وارا به شامين سان شريڪ ٿيا ۽ بدر ڪاميابي سان آفريقا موٽيو. جڏهن بدر جو جهاز آفريقا جي ڪناري کي ويجهو پهتو، تڏهن اُن وقت عبدالرحمٰن ڪناري تي نماز ويٺي پڙهي ۽ پنهنجي ايلچي کي پريان ايندو ڏسي، نيڪ شگون سمجهي کيس پڪاري چيائين ته ”اي ابو غالب التماس“ اسين آخر ڪامياب ٿياسون ۽ فتح اسانجي آهي. بدر سان گڏ ڪي امير به هئا جن جان نثارن رفيقن کي ڏسي عبدالرحمان خوش ٿيو. ماهه ربيع الثاني سن 138هه مطابق سن 755ع سيپٽمر مهيني ۾ ساڳئي جهاز تي سوار ٿي. اسپين جي ڪناري المنڪاب وٽ اچي لٿو. اسپين ۾ پهچڻ سان هيءَ خبر بجليءَ وانگر پکڙجي وئي. سندس اچڻ اسپين ۾ ساڳئ طرح هو جيئن اسڪاٽلينڊ ۾ 1745ع ۾ ينگپري ٿنڊر اچي اوچتو وارد ٿيو. اُهي اُموي امير جن تي بني اُميه بادشاهتن جا احسان ڪيل هئا، سي نذرانا کڻي وٽس ڊوڙندا آيا. اُموي اميرن جي اهڙي همدردي کي ڏسي شامي قبيلي جي سردارن به مدد ڏيڻ لاءِ ساڻس واعدو ڪيو. يوسف جو هن وقت اُندلس جو امير هو ۽ نالي طور عباسي اقتدار هيٺ هو، تنهن جڏهن اها روبڪار ڏٺي تڏهن فوجن کي هوشيار ڪرڻ لڳو. اُن وقت سياري جي موسم هئي (عشوؤن) يعنيٰ طوفان سان گڏ چؤطرف برسات جي موسم آئي تڏهن جنگ جو طبل وڳو. ٻنهي طرفن جا جهنڊا کڙا ٿيا. عبدالرحمٰن اڳتي وڌيو. اشبيله ۽ آرڪي ڊونيا ۾ وارد ٿيو. هتي جي رهاڪن سندس استقبال ڪيو. هتي ٿورو وقت رهي فوجن کي درست ڪري قرطبه ڏي وڌيو، وادئ الڪبير جي ڪپ تي عيدالاضحيٰ ڏينهن سن 141هه مطابق سن 756ع  ۾ مئي مهيني ۾ مسارا ۾ هڪ وڏي جنگ لڳي. جنهن ۾  يوسف سخت شڪست کاڌي، سندس گهڻو نقصان ٿيو. سندس وزير ۽ امير اچي پيش پيا، جن کي عبدالرحمٰن پناهه ڏني. يوسف جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو ۽ اُهو شخص جنهن ڪجهه وقت اڳ آفريقا جي رڻ پٽ ۾ راتيون ڪاٽيون هيون، سو وڏي تزڪ ۽ احتشام سان بطور هڪڙي فاتح جي قرطبه جي شهر ۾ وارد ٿيو. ۽ اُموي جهنڊو قرطبه جي برجن تي کڙو ٿيو. هن پنهنجي فوجن کي لٽ مار ڪرڻ کان روڪ ڪئي ۽ امير اُندلس جي حرم جي ماڻهن کي نهايت ئي عزت سان رکيائين. مطلب ته سندس ڪارنامن ۽ اشرافت کي ڏسي ننڍو وڏو سندس تعريف ڪرڻ لڳو. هن سڄي اسلامي اسپين تي قبضو ڪيو ۽ بني اُميه خاندان جو بنياد اهڙي طرح سان وڌائين جو اٽڪل ٽن سون ورهين تائين سندس پوين به حڪومت ڪئي.

عبدالرحمٰن جي آرام ۽ عيش جا ڏينهن اڃا پري هئا، ملڪ ۾ جدا جدا فرقا ۽ جدا جدا قومون هيون. هو شخصي حڪومت جي خلاف هئا. پر شهزادي فسادن جي ڪائي پرواهه نه ڪئي ۽ نهايت ئي دليريءَ سان پنهنجي قدم کي مضبوط ڪري ڇڏيائين. هو جنگي ڪارنامن ۾ ماهر هو. هر طرح سان چست ۽ چالاڪ هو. جيئن واردات ڏسندو هو. اهڙيءَ طرز  اختيار ڪندو هو. هو  خود مطلبي موقعي شناس ۽ مطلب پرست هو، غرض جيئن وقت ڏسندو هو. اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪندو هو، اسين اڳ ذڪر ڏيئي چڪا آهيون ته ابن الوقت هو!

سندس اها مراد هئي ته اسپين جي عربن جا مختلف قبيلا گڏجي هڪڙي مرڪزي حڪومت جي جهنڊي هيٺ اچن، ڇاڪاڻ جو کيس ٻن زبردست آفتن کي منهن ڏيڻو هو. هڪڙو عيسائين سان، جن جي شرارتن ڪري عرب پاڻ ۾ هميشه دست گريبان رهندا هئا. اهڙن عيسائي شريرن جو حامي فرانس جو بادشاهه هو، ٻيو خوف کيس عباسين مان هو. جنهن جي اقبال جو ستارو هن وقت آسمان تي پوري زور سان چمڪي رهيو هو. عبدالرحمٰن جي فتوحات جون خبرون بغداد جي درٻار تائين پهچي چڪيون هيون ۽ کانئس بدلي وٺڻ لاءِ ڪم زور ۽ شور سان چالو هو.

عباسي فوج جي اسپين تي ڪاهه

هن وقت بغداد جي تخت تي خليفو اَبو جعفر عبدالله (المنصور) هو، جو شڪي مزاج ۽ پڪي ارادي وارو ماڻهو هو. رومين سان هن جنگ جوٽي هئي ۽ سڄو آفريقا سندس قبضي هيٺ اچي چڪو هو. هن عبدالرحمٰن کان بدلي وٺڻ لاءِ پنهنجي آفريقا جي گورنر کي لکيو. اڃا عبدالرحمٰن کي اسپين ۾ ٿوروئي وقت گذريو هو، ته ابن مغيث جهازن جو دستو وٺي آفريقا کان هليو. هن ٻيڙن ۾ آفريقا جون فوجون هيون، جي بغداد جي خليفي جي حڪم سان اسپين تي حملي ڪرڻ لاءِ روانيون ڪيون ويون. عباسي فوجون  طوفان وانگر بيجا جي بندرگاهه تي لٿيون. اِسپين جا باغي امير، جي هن وقت عبدالرحمٰن کان ناخوش هئا، سي هن نئين معاملي ۾ حصو وٺڻ لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو عبدالرحمٰن پنهنجن فوجن سميت (ڪارمونه) جي قلعي ۾ دشمن جي گهيري ۾ اچي ويو. برابر ٻن مهينن تائين دشمنن سان مقابلو ڪندو رهيو پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو، سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو. پر اهڙن مشڪلاتن ۾ به تدبير ۽ پنهنجي حڪمت عملي تي قائم رهيو ۽ هر وقت دشمنن جي تاڪ ۾ لڳو رهيو. جڏهن ڏٺائين ته هينئر دشمن فتح جي نشي ۾ غافل آهن، تڏهن هڪدم  ست سو جانباز سپاهي پنهنجيءَ فوج مان چونڊي باهه ٻارائي سندن تلوارن جون مياڻيون  اُن ۾ ساڙي کين چيائين ته موت جو شڪار ٿيندا سون يا ته جيسين دشمنن کي مات نه ڪنداسون تيسين تلوارون مياڻن ۾ ڪين وجهنداسون، ائين چئي قلعي جي پٺئين دروازي کان نڪري بجليءَ وانگر اوچتو وڃي دشمنن مٿان ڪڙڪيو ۽ کين اهڙي چوٽ ڏنائين، جو عباسي لشڪر هار کائي ڀڳو ۽ فوج جا سمورا سردار سندس هٿان قيد ٿيا، جن جا سر وڍائي هر هڪ جو نالو ڪاغذ جي چٽڪين تي لکي سندن ڪنن ۾ لٽڪائي پوءِ سڀئي مئا هڪڙي وڏيءَ ڳوڻ ۾ وجهي سبرائي جوڙي. هڪڙي قاصد جي هٿان منصور جي خدمت ۾ ڏياري موڪليائين. خليفةالمسلمين منصور، جو هن وقت مڪي شريف ۾ درٻار لائي  ويٺو. تنهن جي روبرو قاصد فرمائش موجب مٿيون قيمتي تحفو وڃي پيش ڪيو. جڏهن خليفي ڳوڻ کولائي پنهنجي فوجي اميرن جا مٿا ڏٺا، تڏهن غضب آلوده ٿي ڪري پڪاري چيائين ته ”الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جو منهنجي ۽ عبدالرحمٰن جي وچ ۾ سمنڊ آهي“ جيتوڻيڪ هن موقعي تي اميرالمومنين قرطبه جي سلطان کي دلي نفرت ۽ حقارت سان ياد ڪيو، پر سندس ڪامراني ۽ بهادريءَ کي ڏسي تصوير حيرت بنجي پيو ۽ درٻارين ڏانهن مخاطب ٿي چيائين ته بيشڪ عبدالرحمٰن قريشي نسل جو شهباز آهي! مونکي سندس حسن تدبير جرات ۽ دانشمندي کي ڏسي حيرت ٿي اچي ۽ واقعي اهڙي خطرناڪ رستي تان لنگهڻ ۽ مخالف قبيلن جي باهمي حسد ۽ عداوت کان مستفيد ٿيڻ لاءِ موقعو ڳولڻ، کين پاڻ ۾ ويڙهائي ۽ پنهنجي جان بچائڻ ۽ وري رعايا کي رضامندئ سان مطيع ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون ڪيتري قدر نه حيرت انگيز آهن، تحقيق اهو عبدالرحمٰن جوئي اقبال هو نه ٻيو ڪو ڪري سگهي ها ۽ نه وري ڪندو.

عرب سردارن کي قبضي هيٺ آڻڻ

عباسين جي جرار لشڪر کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سندس ڪاميابئ لاءِ سڀئي رستا اسپين ۾ صاف ٿي پيا. اهل طليطله جيتوڻيڪ گهڻي عرصي کان سندس مخالف هئا، پر آخر پنهنجي حڪمت عملئ سان اُنهن کي صلح لاءِ رضامند ڪيائين. پر صلح به هن شرط سان فيصلو ٿيو، ته اُهي پنهنجا باغي سرڪردا سندس حوالي ڪندا. عبدالرحمٰن پهريائين اُنهن باغين کي قيد ۾ وڌو جتي کين طرح طرح جون تڪليفون ڏنائين ۽ پوءِ مارائي ڇڏيائين. تنهن کانپوءِ يمن وارن تي پنهنجون ڏوريون ڪسيائين. سندن وڏي سردار سان پهريون دوستي جو رستو رکيائين. جڏهن محبت ۽ دوستي جو راز ۽ نياز وڌڻ لڳو، تڏهن کيس پنهنجي حرم سراءِ ۾ گهرائڻ لڳو. آخر هڪڙي ڏينهن گفتگو  ڪندي پنهنجي نوڪرن کي، جي اِن ڪم لاءِ تيار بيٺل هئا، اِشارو ڏنائين جن هڪڙئ ڌڪ سان يمني سردار جو ڪم پورو  ڪري ڇڏيو. اُتر ۾ بربر قبيلا بغاوت ڪرڻ لاءِ اُٿيا. عبدالرحمٰن فوجون وٺي نڪتو. آخر اهڙي چال سان مقابلو ڪيائين، جو سندن سردارن هڪ ٻئي جون خوب ڏاڙهيون پٽي صاف ڪيون. آخر بادشاهه سان صلح ڪيائون. بادشاهه جي غير حاضرئ ۾ وري يمن وارن مٿو ڪڍيو. کانئن اها ڳالهه ئي وسري ويئي ته ڪو عبدالرحمٰن سندن غالب حريف هو. يمني سردارن جي فوجن ۾ اڪثر بربر سپاهي نوڪر هئا، جي بادشاهه سان ٿورو اڳ صلح ڪري چڪا هئا. جڏهن يمني سردار فوجون وٺي ميدان ۾ نڪتا. تڏهن عين موقعي تي سندن سپاهي ڦري ويا ۽ بادشاهه شهباز وانگر اچي مٿن ڪڙڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو اٽڪل سندن ٽيهه هزار جوان عبدالرحمان جي تلوار جو شڪار ٿي ويا. بادشاهه سندن لاشن کي هڪڙي هنڌ دفنائي سندن مٿان منارو جوڙائي ڇڏيو، جو ڪو وقت ٻين لاءِ عبرت گاهه هو.

عيسائين کي چوٽ

جڏهن ملڪ مان فسادن کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيائين ۽ اُهي عرب امير، جن جون تلوارون سندس تلوار خون آشام جي مقابلي ۾ نڪتل هيون، سي هن وقت سندس مطيع هئا ۽ ميدان بلڪل صاف ۽ پاڪ هو. پر ناظرين کي ياد رکڻ گهرجي، ته عبدالرحمٰن هن وقت هڪڙو زبردست فاتح هو، پر هو ماڻهن جون دليون فتح ڪري نه سگهيو. سلطنتون جيڪڏهن تلوار جي زور تي قائم ٿي سگهن ها، ته جيڪر مٽجي به نه وڃن ها. عبدالرحمٰن جهڙي بي رحم بادشاهه کان رعايا گهڻو بيزار هئي. ايتريقدر جو سندس قديم وفادار دوست، جن کيس گهڻن اُميدن سان آفريقا کان وٺي آندو، ۽ جن سندس قدمن کي پنهنجن اکين تي رکيو،  تن جڏهن سندس بي رحميءَ کي ڏٺو تڏهن کانئس ڪناره ڪشي ڪرڻ لڳا .سندس مائٽ، جن عباسي ظلمن جي خوف کان اچي سندس درٻار ۾ پناهه ورتي هئي، سي به سندن خلاف سازشن ۾ حصو وٺڻ لڳا، پر نتيجو ان کانسواءِ ٻيوڪي به ڪين نڪتو. جو اُنهن سڀني به سندس تلوار جو مزو چکيو! عبدالرحمٰن هن وقت هيڪلو هو، اُهي ماڻهو جن جون دليون کانئس زخمي هيون، ٻيو ڪجهه ڪري نه پئي سگهيا ته به کيس بددعائون ڏيڻ لڳا. عبدالرحمٰن جوبه ان ۾ ڏوهه ڪونه هو. ورهين جا ورهيه دشمنن ۽ فسادين سان وڙهندي منجهانئس انسانيت جون وصفون مٽجي چڪيون هيون. هو خونخوار جنگجو ٿي پيو هو. هو هن وقت قرطبه جو سلطان هو پر سندس اها حالت هئي جو قرطبه جي کلين بازارن مان لنگهي نه پيو سگهي. انڪري گويا سندس زندگي تلخ هئي، سندس دل ۾ هر وقت شڪ رهندو هو. تنهنڪري خيالات جي گوناگون سمنڊ ۾ غرق رهندو هو، وٽس چاليهه هزار آفريقي جانبازن ۽ جان نثارن جي فوج هر وقت تيار رهندي هئي. جڏهن ٻاهر نڪرندو هو ته 12 هزار سوار فوج ڍالن ۽ سونهري نيزن سان سندس سلامي وٺندي هئي. اُهي ڄڻ سندس باڊي گارڊ هئا(1).

اهڙئ تباهه ۽ بيڪسئ جي حالت ۾ هڪڙي ڏينهن هڪڙي کجور جي وڻ کي ڏسي، جو هن وانگر جلاوطن هو، هيٺون شعر چيائين. (عربن وانگر هو شاعري ۾ قدم رکندڙ هو) جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو“.

مون وانگر تون به پنهنجن عزيزن کان جدا آهين. تون ڌارئين ملڪ ۾ پيدا ٿئين مگر هاڻ پنهنجي وطن کان گهڻي فاصلي تي بيٺل آهين“

هو مطلق العنان حڪومت جو مختيار مطلق هو. عرب ۽ بربر هر وقت سندس اڳيان هٿ ٻڌيو بيهندا هئا. اهڙي مضبوط حڪومت جي زور تي هن هڪڙو اعلان شايع ڪيو، ته اِسپين جا سڀئي امير کيس پنهنجو بادشاهه تسليم ڪن پر ليون، ڪئٽالونيا ۽ نئوري جي اميرن فرانس جي بادشاهه پيپن PEPIN ۽ سندس پٽ کان مدد گهري. عيسائين جون اکيون قرطبه تي کتل هيون. سندن مراد به اها هئي، ته عرب پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿين ۽ فرانس جا بادشاهه وقت بوقت اڪثر عرب اميرن کي مدد ڏيئي. هڪ ٻئي خلاف فساد ڪرائيندا هئا. عرب اميرن جي مرضي هئي، ته شخصي حڪومت بدران طوائف الملوڪي جو سلسلو وري جاري رهي، پر عبدالرحمٰن وٽ ڪافي طاقت هئي. هن سندن ڪائي پرواهه ڪانه ڪئي. فروئيلا، FRUELLA جو الفنسو ALFONSO جو پٽ هو، تنهن ليوگو، اوپورٽو، سلامئنڪا زامور ۽ سيگوويا جا علائقا فتح ڪيا. سن 777ع ۾ سليمان بن يڪزان القلبي جنهن بادشاهه جي خلاف فساد ڪيو هو  تنهن کي عبدالرحمٰن شڪست ڏيئي پرنيس جبل پريان ڀڄائي ڪڍيو هو. تنهن فرانس جي بادشاهه کان مدد گهري، جو اهڙن موقعن لاءِ منتظر هو. هن هڪدم اسپين تي فوج ڏياري موڪلي، جا سرقسطه جي ديوارن تائين اچي پهتي. پر حسن انصارئ جي تلوار کان فرنگي شڪست کائي پسپا ٿيا. مروحه ۽ عشون سليمان  جي ٻن پٽن گهڻن ئي عيسائين کي ماري وڌو. عيسائي پرنيس جبل جي پريان تڙجي ويا. هن جنگ کانپوءِ فرانس جي بادشاهه سلطان سان عهدنامو ڪيو.

عبدالرحمٰن جي زندگيءَ جو پيالو هينئر اچي ڀرپور ٿيو هو. هن 33 ورهيه حڪومت ڪئي. سن 173هه مطابق سن 788ع ۾ وفات پاتائين. علامه ابن اثير لکي ٿو ته هو حليم طبع انسان هو، پر پنهنجي اقتدار کي قائم ڪرڻ لاءِ هن کي ظلم ڪرڻا پيا. هوشيار، شاعر، صبر ۽ استقلال وارو هو. دل جو سخي ۽ آزاد خيال انسان هو. حڪومت جي انتظام رکڻ ۾ منصور وانگر سياڻو هو. هن سن 156هه ۾ عباسي خليفن جي خطبي پڙهڻ کي بند ڪري ڇڏيو. هن قرطبه ۾ سهڻا باغ ۽ مسجد جوڙائي، مسجد جو ڪم سندس ڏينهن ۾ پورو ٿي نه سگهيو. قديم عرب مؤرخ ابن حيان وري سندس هن ريت تصوير ڏيکاري ٿو،  ته هو چست، چالاڪ ۽ زندهه دل انسان هو، عيش عشرت کان کيس نفرت هئي. امور سلطنت کي پاڻ سرانجام ڏيندو هو. بعض اهم معاملات وقت حڪومت جي تجربيڪار مدبرن کان صلاح به وٺندو هو. هو جانباز، دلاور ۽ ميدان ۾ صف شڪن هو. سندس غصو خوفناڪ هو، سندس هيبت ۽ جلال دوست ۽ دشمن لاءِ هڪ جهڙي هئي. جنازن سان گڏ وڃڻ کي عيب سمجهندو هو. جمعي جي ڏينهن مسجد ۾ پاڻ خطبو پڙهندو هو. بيمارن جي پاڻ وڃي سنڀال ڪندو هو. خوشئ جي محفلن ۾ شوق سان شريڪ ٿيندو هو. اميرالمومنين جو لقب بغداد جي خليفن کي مليل هو، پر غازي عبدالرحمٰن کي (صاحب اُندلس) جي لقب سان سڏيندا هئا.

عبدالرحمٰن پاڻ چوندو هو، ته عزت، طاقت ۽ خوشي اهي سڀ ڳالهيون زمين تي هر وقت مون لاءِ منتظر هيون. 33 سال حڪومت ڪيم، پر رڳو 14 ڏينهن آرام سان گذاريم ڇاڪاڻ جو دنيا جي هستي فاني آهي، هن تي اعتبار ڪرڻ وڏي چڪ آهي(1).

سندس سوٽ جو نالو عبدالملڪ هو، جو فوجن جو سپهه سالار هو، کيس هڪ پٽ قاسم نالي هو. هڪڙي ڀيري هن پنهنجي پٽ کي فوج ڏيئي دشمن جي مقابلي لاءِ موڪليو پر هو دشمن کي پاڻ کان مضبوط ڏسي پٺتي موٽيو. عبدالملڪ کي پٽ جي بزدلي تي سخت ڪاوڙ لڳي، کيس روبرو گهرائي چيائين ته ”تون مروان جي اولاد مان ٿي ڪري ڀاڄ کاڌي اٿئي“ ائين چئي نيزو هڻي کيس اُتي جو اُتي ماري وڌائين. پوءِ حڪم ڏنائين ته سندس لاش کي وڃي دفنايو. پوءِ پاڻ لشڪر وٺي وڃي دشمن تي ڪڙڪيو ۽ کين شڪست ڏنائين. سندس اهڙي ڪارنامي کي ڏسي گهڻن ئي اميرن اچي سندس آڻ مڃي.

هشام

173هه مطابق 788ع ۾ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ جانشين ٿيو. عبدالرحمٰن جي مرڻ کانپوءِ قوي اُميد هئي، ته فسادي جن کان ملڪ لبريز هو ضرور ڪونه ڪو فساد ڪندا، پر اهڙي ڪا واردات رونما نه ٿي ڇاڪاڻ جو عبدالرحمٰن جي تلوار خون آشام پنهنجي زندگي ۾ سندن حوصلا پست ڪري ڇڏيا هئا. جيڪڏهن ائين ٿئي به ها، ته سندس جانشين اخلاق حميده جو سر چشمو هو، تنهنڪري ڪنهن کي به جرئت نه ٿي جو مٿو کڻي سگهي. هشام جو هينئر قرطبه جي تخت تي ويٺو،  تنهن کي قدرت صفات حسنه کان اهڙو ته آراسته ڪري ڇڏيو هو جوسندس دل ۾ محبت ۽ عام جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هن انهن صفات کي رعايا جي مقابلي ۾ پنهنجي سرگرمئ سان استعمال ڪيو جو هر ڪو امير توڙي محتاج سندس ثناخوان هو. سندس عمر هن وقت 23 ورهيه هئي ۽ شباب جي منزل تي سندس قدم هو، پر بلڪل حليم طبع، سخي، مذهب تي پورو ۽ ڀاڳن ڀريو بادشاهه هو. علامه ابن اثير لکي ٿو، ته خليفي عمر بن عبدالعزيز رحه وانگر هن کي عام ماڻهو عمر بن عبدالعزيز ثاني جي لقب سان ڪوٺيندا هئا. عالمِ شباب ۾ ٿي ڪري سندس درٻار علمائن، صوفين ۽ شاعرن کان ڀرپور هئي ۽ سندن ئي سرپرستي هيٺ هن اها بزرگي حاصل ڪئي هئي. هو نهايت ئي ڪريم النفس، رحمدل ۽ عاجزن ۽ مسڪينن جو پشت پناهه هو. سلطنت جي پرانهن علائقن ۾ بدنظمين کي روڪڻ لاءِ هن ڪيترائي جاسوس مقرر ڪيا هئا ۽ پاڻ به اڪثر ويس بدلائي شهر جي ڳلين ۾ شب گردي ڪندو هو. ان لاءِ ته رعايا جي ڀلي لاءِ جوڳو انتظام رکي سگهي. هو بدمعاشن، چورن تي ڏنڊو وجهندو هو ۽ مٿئين عمل مان جيڪا کيس آمدني ٿيندي هئي، اُها غريبن ۽ خدا پرستن کي ورهائي ڏيندو هو. بيمارن کان ۽ غريبن کان سندن گهرن ۾ وڃي پنهنجي حال سارو حال دريافت ڪندو هو. سندن ڀر ۾ ويهي نرميءَ سان گفتگو  ڪندو هو ۽ سندن ڏکن ۽ تڪليفن جي حقيقت کي ڌيان سان ٻڌندو هو. بعض اوقات طوفان خيز راتين ۾ برسات ۽ برف پوڻ جي ڪا پرواهه نه ڪندو هو. بلڪه خدا پرستن، محتاجن ۽ بيمارن کي پاڻ وڃي کاڌو پهچائيندو ۽ کارائيندو هو ۽ صبح صادق نمودار ٿيڻ تائين بيمارن جي ويهي عيادت ڪندو هو. سخي مرد وري اهڙو هو جو هر وقت سندس خزاني جا در پٽيل هوندا هئا. ڏينهن جو نهايت ئي سادي پوشاڪ ۾ قرطبه جي کلين بازارن ۾ هيڪلي سر گهمندو هو. اهڙن وصفن هوندي هو انصاف جو پورو ۽ بي ريا هو. بدمعاش ۽ فسادين کي پوري پوري سزا ڏيندو هو. هو بزدل به ڪين هو، جنگ جي وقت فوج جي پاڻ ڪمان وٺندو هو. تنهن کان معلوم ٿو ٿئي ته منجهس عرب قبيلن جي تعليم ۽ تربيت جو پورو اثر ويٺل هو. البته سندس چاچن جي ساڻس عداوت هئي. جيئن اهي ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون، تنهنڪري محل سراءِ جي نگهباني لاءِ هر وقت هڪ هزار محافظين مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. هو اڪثر شڪار جو شوقين هو. قرطبه جي مشهور پل جا هن وقت تائين سندس يادگار آهي، سا هن وڏي خرچ سان تعمير ڪرائي. ماڻهن ائين ڄاتو ته بادشاهه پنهنجي سهوليت لاءِ ۽ شڪار تي وڃڻ لاءِ پنهنجي لنگهه لاءِ اها پل تيار ڪرائي آهي! جڏهن کيس اها خبر پئي تڏهن هن قسم کنيو ته مان ڪڏهن به اُن پل تان نه لنگهندس ۽ واقعي پنهنجي جيئري ڪڏهن اُن پل تان ڪين لنگهيو. پڻس جيڪو جامع مسجد جو ڪم ڇڏي ويو هو، تنهن کي پورو ڪرايائين ۽ جدا جدا شهرن ۾ محلات تعمير ڪرايائين. ماڻهو سندس حڪومت ۾ ڏاڍو خوش گذاريندا هئا. کيس (سليم الطبع ۽ منصف مزاج بادشاهه) ڪري سڏيندا هئا.

فرانس سان جنگ

هشام ۾ جيتوڻيڪ سڀ وصفون هيون ته به بعض امير کانئس ناراض هئا. خود سندس ڀائرن به ساڻس فساد ڪيا. متروح بن سليمان فرانس جي بادشاهه شارلمين کي اِسپين تي حملي ڪرڻ  لاءِ دعوت ڏني. هشام کين سيکت ڏيڻ لاءِ ايبرو تي ڪاهه ڪئي. سليمان جو پٽ جنگ ۾ قتل ٿي ويو، سر قسط ۽ بارسلونه جي رهاڪن اُموي اقتدار کي تسليم ڪيو. اِسپين ۾ هن وقت مسلمان هڪڙي طرف علم، هنر ۽ تهذيب کي ترقي ڏيڻ ۾ مصروف هئا، ته ٻئي طرف هتي جا عيسائي سندن خون جا پياسا هئا. هو مسلمانن کي اِسپين مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ڏاڍا فتنه انگيز اُپاءُ وٺڻ لڳا. عيسائين کي زور وٺائڻ لاءِ کين وقت بوقت يورپ کان مدد ملندي هئي، هوڏانهن مسلمان پاڻ ۾ دست به گريبان هئا. عيسائين کي جيسين ڪا ڪاري ضرب نه لڳندي هئي، تيسين باز نه ايندا هئا. هن وقت فرانس جو بادشاهه مسلمانن جو سخت دشمن هو، تنهنڪري سلطان هشام به کيس مات ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو. سلطان ٻه لشڪر تيار ڪيا. هڪڙو اُتر وارن عيسائي رهاڪن لاءِ ٻيو  فرانسيسي فوجن جي مقابلي لاءِ، شارليمين جي بري فوج جو مهندار ڪائونٽ ٽولائوس هو، جو مقابلي لاءِ نڪتو. اِسلامي لشڪر اربونه ۽ ٻيا علائقا فتح ڪري سيپٽيمينا  SEPTIMANIA جي مقام وٽ اُربينا ندئ جي ڪپ تي ڪائونٽ جي فوجن کي سخت شڪست ڏني. فرانسيسي فوجن کي مات ڪرڻ کانپوءِ اِسلام جي ٻنهين فوجن عيسائين جي قومن جي سردار برموڊا BERMUDA کي خونريز معرڪي ۾ شڪست ڏني، جنهن پوءِ صلح لاءِ درخواست ڪئي.

بغداد جي تخت تي هن وقت اَبو جعفر منصور هو، جنهن جي ظلم ۽ خود غرضانه حڪمت عملئ ڪري دين جي بزرگن ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون حضرت اِمام اعظم ابو حنيفه، سفيان ثوري ۽ امام مالڪ رحه جن خليفةالمسلمين سان صاف گوئي ڪئي ۽ ان ڪري خدا پرستن جيڪي تڪليفون ڏٺيون سي عالم آشڪار آهن. گهڻن ئي بزرگن سلطان قرطبه جي درٻار ۾ اچي پناهه ورتي. هشام کي اِمام مالڪ لاءِ ڏاڍي عزت هئي، رفته رفته سڄي اِسپين ۾ مالڪي فرقو پکڙجي ويو .

هشام علمائن ۽ حڪيمن  جي پنهنجي درٻار ۾ گهڻي عزت ڪئي. جابجا عربي مڪتب ملڪ جي طول ۽ عرض ۾ قائم ڪيائين. سندس سعيي سان تعليم مفت ملڻ لڳي. جنهنجو سمورو بارگران خزاني تي هو.

سن 180هه ۾ هن رحمدل بادشاهه وفات ڪئي ۽ مرڻ وقت پنهنجي پٽ شهزادي الحڪم کي گهرائي هيٺين ريت تاڪيد ڪيائين“.  سلطنت ۽ حڪومت الله تعاليٰ جي آهي، جڏهن گهري کسي وٺي ٿو ۽ جنهن کي گهري ڏئي ٿو. جڏهن الله تعاليٰ توکي اهڙي نعمت عطا ڪري، تڏهن شڪرانو ادا ڪر ۽ غريب توڙي امير کي هڪ جهڙو ڪري ڏس. ظلم کان باز اچ جو ظلم تباهئ جو ڪارڻ آهي. رعايا تي مهربان رهه ۽ حڪومت جا عهدا اهڙن ماڻهن جي سپرد ڪر جن ۾ اهڙا صفات هجن، جي رعايا سان ظلم نه ڪن، لشڪر سان جيڪي واعدا ڪرين تن کي پورو ڪر، رعايا ۾ سڀني کان پهريون ڪڙمين جي خبر وٺ، ڇاڪاڻ جو ڪڙمين جو فرقو محنتي ۽ جفاڪش ٿئي ٿو ۽ اسين جيڪي محلاتن ۾ ويٺا آرام سان وقت گذاريون ٿا ،تن لاءِ هو روزي پيدا ڪن ٿا. تنهنڪري سندن باغات ۽ هر هڪ پيداوار کي پائمال ۽ تباهي کان بچائڻ بادشاهن تي فرض آهي. اي فرزند جيڪڏهن تون منهنجن قولن تي عمل ڪندين ته رعايا به توکان خوش رهندي ۽ تنهنجو روءِ زمين جي نامور بادشاهن ۾ نالو شمار ٿيندو“.(1)

الحڪم

سن 180هه مطابق سن 796ع ۾ هشام جو پٽ الحڪم قرطبه جي تخت تي رونق افروز ٿيو. سندس عمر هن وقت 22 ورهيه هئي، هو نو عمر جوان هو. علامه ابن اثير لکي ٿو، ته هو سياڻو ۽ همت وارو  بادشاهه هو. اندلس ۾ جيڪي به بادشاهه ٿي گذريا، تن مان هي وڏي شان ۽ دٻدٻي وارو بادشاهه ٿي گذريو. هو رند المست هو، سندس زندگي زهد ۽ تقويٰ جي نقش و نگاهه کان آراسته ڪانه هئي بلڪ هو عياش، خرچائو، تماشبين، شڪار ۽ ناچ راڳ جو شوقين هو. عالمن ۽ فقيهن، جن کي سندس پيءُ عزت ڏيندو هو، تن جي محفل کان پري رهندو هو، پر ائين به چئي نه سگهبو ته هرڪو لامذهب هو. هشام رحمدل ۽ سخي هو. هن فقيهن کي حڪومت ۾ گهڻا عهدا ڏنا هئا، پر حڪم کين عهدن تان لاهي ڦٽو ڪيو. عرب، جن عيسائي زالن سان شاديون ڪيون هيون، اُنهن کي جيڪي اولاد ٿيندو هو، تن کي مولد ڪري سڏيندا هئا. اُهي اڪثر مسلمانن جي برخلاف هوندا هئا.

عيسائين سان جنگيون

جڏهن اُندلس ۾ نااتفاقي زور وٺڻ لڳي، تڏهن خليفي جي ٻن چاچن سليمان ۽ عبدالله، جن کي هشام معافي ڏني هئي، تن وري فساد کڙا ڪيا. سليمان بلنسيه تي قبضو ڪيو ۽ عبدالله ائگزاشيپل جي مقام وٽ فرانس جي بادشاهه شارليمن سان وڃي ملاقات ڪئي ۽ کانئس مدد گهريائين. آخر فرانسيسي فوجن جي مدد سان هن طليطله تي قبضو ڪري ورتو. ٻئي طرف شارليمن جي ٻن پٽن ليوس ۽ شارل اُتر اسپين تي ڪاهه ڪري تلوار آتش سان مخلوق خدا کي هلاڪ ڪيو. الفنسو جو جليقيه جو هڪ عيسائي امير هو، تنهن وري آراگان تي ڪاهي ڦرمار ڪئي. خليفي حڪم اهڙي طوفان بي تميزئ جي وقت جيڪا بهادري ڏيکاري، سا قابل تعريف آهي. هن هڪدم ڪجهه فوج وٺي طلطيله جي حفاظت لاءِ ڇڏي، جليقيه تي حملو ڪيو. الفنسو ۽ ٻين غدارن کي شڪست ڏيئي سندن علائقي کي تاراج ڪيائين. تنهن کانپوءِ فرانسيسي ڪفارن کي مات ڪرڻ لاءِ ايبرو تي ڪاهه ڪيائين. جت هو سندس تاب جهلي نه سگهيا ۽ پوئين پير جبل پرنيس کي لتاڙي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. موٽي طليطله تي ڪاهه ڪيائين. سليمان جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو ۽ عبدالله سندس آڏو پيش پئي معافي ورتي. هن فتوحات جي عيوض سندس لشڪر کيس (المظفر) جو لقب ڏنو. سلطان جڏهن طليطله ۾ فوجن سان مصروف هو تڏهن فرنگين وجهه وٺي باسلونه تي گهيرو ڪيو جو ڪئٽيلونيا جو تختگاهه ۽ مشهور هنڌ هو، هتان عيسائين نئوري ۽ اراگان تي به قبضو ڪري ورتو. سن 809ع ۾ اراگان وٽ فرانسيسي لشڪر شڪست کاڌي، پر دشمنن جي ڪاهن جو اثر قرطبه تي به خراب پيو جيئن ته هتي جي فسادين قرطبه ۾ ڦرلٽ ڪئي. اڃا سلطان تختگاهه ۾ اَمن اَمان مس آندو، ته شارلمين جي پٽ طارطوس تي حملو ڪيو. پر خليفي جي پٽ شهزادي عبدالرحمٰن فرنگين کي شڪست ڏيئي پسپا ڪري ڇڏن. اَهل طليطله اڪثر نومسلم هئا، دولت ۽ عزت جي لحاظ سان اسپين جي ٻين رهاڪن کان برک هئا. اِهڙي خام خيال سان هنن بادشاهه کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سن 181هه ۾ بادشاهه هن فساد کي مات ڪيو. تنهن کانپوءِ اَمروس بن يوسف کي، جو ٽلاويرا ۾ فوجن جو قائد ۽ نومسلم هو، تنهن کي طلطيله جو حاڪم مقرر ڪيائين. هن هتي هڪڙو قلعو تعمير ڪرايو. جڏهن هتي جا امير کيس گڏجڻ قلعي ۾  آيا، تڏهن سڀني کي وٺي قتل ڪرايائين، جو تاريخن ۾ يوم الخندق جي قتل سان مشهور آهي.

هن قتل عام جي ڪري قرطبه تي به چڱو اثر پيو ۽ ساندهه ستن ورهين تائين وري فساد نه ٿيو.

اَندروني فساد

متعصب مولوي سڳورا جن هشام جي ڏينهن ۾ مزا ڪيا هئا سي مجلسن ۾ ۽ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ خواهه مخواهه بادشاهه وقت جي هدايت لاءِ ڌڻئ کان دعائون گهرڻ لڳا، وري جڏهن اهڙين سندن شرارتن مان به ڪي ڪجهه ڪين ٿيو، تڏهن وري بادشاهه کي معزول ڪرڻ ۽ ٻئي ڪنهن شهزادي کي تخت تي وهارڻ لاءِ منصوبا ڳولڻ لڳا، ته من ڪنهن به صورت، ڪو سڻڀو ٽڪر ملي! نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي مولوي سڳورا قيد سلطاني ۾ چڪيون پيهڻ لڳا. پر اڃا به صبر ڪونه آين. سنه 806ع ۾ هنن فساد ڪرائي ڪيترائي خون ناحق ڪرايا. تازو جو طليطله ۾ قتل عام ٿيو. تنهنڪري البت قرطبه جي متعصب ملواين کي ستن سالن تائين بغاوت جي همٿ نه ٿي، سن 198هه مطابق سن 814ع ۾ هڪڙي ڀيري جڏهن بادشاهه جامع مسجد ۾ ويٺو هو تڏهن هڪڙي مولوي ساڻس اهڙئ طرح سان گفتگو ڪئي جو اک ڇنڀ ۾ قرطبه جي ملن جي پاڙي ۾ هلچل پئجي ويئي. بادشاهه ڪمال مروت سان خاموشي اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ جو آخر دين جا دوڪاندار هئا. پر ملن جو حوصلو وڌيو، هڪدم شاهي محلات تي حملو ڪيائون. دين جي دوڪاندارن جي هن حوصلي کي  ڏسي هزارن جي تعداد ۾ فسادي اچي گڏ ٿيا. تختگاهه  ۾  ٿرٿلو پئجي ويو. لاچار بادشاهه به هٿيار کنيا فسادين جا سرڪردا قتل ٿي ويا. اٽڪل سڄو ملن ۽ فقيهن جو ويڙهو قرطبه ۾ شاهي  لشڪر  هٿان سڙي ناس ٿي ويو. اٽڪل 15 هزار باغين  زالن ۽ ٻارن سميت اچي اسڪندريه ۾  دم پٽيائون جتان (ڪريٽ) جي ٻيٽ ۾ وڃي دم پٽيائون. باقي 8 هزار جبل الطارق کي لتاڙي وڃي فيض ۾ پناهه ورتائون. اِنهن فسادين ۾ اڪثر نومسلم مسلمان هئا، جن کي عرب جي حڪومت کان اسپين ۾ نفرت هئي ۽ جن کي هن وقت علمائن پنهنجو هٿيار کڻي ٺاهيو هيو. فسادين جي بانيڪارن مان جڏهن هڪڙو بزرگ قيد ٿي سلطان جي روبرو آيو ۽ بادشاهه کي سوال جي جواب ۾ چيائين، ته سلطان کان نفرت ڪرڻ عين اطاعت خدا آهي“ بادشاهه جواب ڏنو ته ”جو توکي مونکان نفرت ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي ٿو، اُهو مونکي توکان چشم پوشي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي ٿو، وڃ ۽ خدا جي سائي حمايت هيٺ زندگي بسر ڪر“.

بادشاهه جو خوف خدا کان ڪنبڻ ۽ لکين رپين جو محلات خيرات ۾ ڏيڻ

الحڪم 25 سالن تائين قرطبه تي حڪومت ڪئي. هو حڪمراني ڪرڻ جي لائق هو، رڳو طبيعت جو شوخ هو. ڪنهن کي مجال نه هئي جو سندس روبرو ڳالهائي سگهي. مگر تنهن هوندي به منجهس جراءت حق گوئي ۽ فياضي جا مثال موجود هئا. جن جو سمورو بيان اسپين جي وڏي تاريخ (اخبار اللاندلس) ۾ ڏنل آهي. في الحال سندس فياضئ جو هڪڙو مشهور مثال هيٺ ڏجي ٿو.

هڪڙي رنڻ ۽ مفلس زال جي جهوپڙي بادشاهه کي گهربل هئي! هن کانئس اُهو زمين جو ٽڪر خريد ڪرڻ گهريو ٿي. پر اُن زال ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آخر هو وقت جو بادشاهه هو ۽ سندس حڪم سان اُها جهوپڙي ڊهرائي وئي ۽ اُن هنڌ تي محلات ۽ باغيچو تيار ٿي ويو. هيءَ بيوهه سلطان جي خلاف شهر جي قاضي وٽ فرياد کڻي ويئي. قاضي سلطان جي شوخ طبع کان واقف هو، پر تنهن هوندي به بيوهه زال کي تسلي ڏنائين. ته تنهنجو انصاف پورو ڪندس. هڪڙي ڏينهن گڏهه ۽ هڪ خالي ٻورو کڻي محلات کان ٿيندو باغ ۾ پهتو. ۽ سلطان کان ٻوري جيتري مٽي کڻڻ لاءِ اجازت گهريائين. بادشاهه اجازت ڏنس. جڏهن قاضي مٽي سان ٻورو ڀريو، تڏهن هيڪلي سر ٻورو کڻي نه سگهيو ۽ بادشاهه کي کڻائڻ لاءِ عرض ڪيائين. بادشاهه قاضئ جي خوش مزاجي تي کلڻ لڳو ۽ ٻوري کڻائڻ ۾ مدد ڏنائينس پر ٻئي ٻورو کڻي نه سگهيا! تڏهن قاضي چيس ته ”اي خليفا تون جيڪڏهن دنيا ۾ مٽئ جو ٻورو کڻي نه ٿو سگهين تڏهن آخرت ۾ خدا وند تعاليٰ جي روبرو ڪهڙو جواب ڏيندين؟ جڏهن گدا، امير ۽ بادشاهه اُن سرڪار جي درٻار ۾ هڪڙي ئي قطار ۾ اچي بيهندا ۽ اُهو اهڙو  وقت هوندو جو هڪڙو مفلس فقير بي انصاف بادشاهه کان پنهنجن چڱن اعمالن جي ڪري لنگهي پار پوندو! تون هيڏي ساري زمين جو بار ڪيئن کڻي سگهندين؟ جڏهن هوءَ بيوهه مفلس زال توتي الله جي حضور ۾ فرياد ڪندي؟ جنهن جي زمين جو ٽڪر تو زبردستيءَ سان انصاف جي خلاف ٿورن ڏينهن جي زندگي ۽ عيش آرام لاءِ کسي مٿس هي محلات ۽ باغ بستان اڏايو آهي! بادشاهه قاضي جي هي تقرير ٻڌي خوف کان ڪنبڻ لڳو ۽ قاضي جي حق گوئي ۽ جراءت منديءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو پوءِ هڪدم اُن بيوهه عورت کي گهرائي پنهنجو  لکن رپين جو جڙيل محلات ۽ باغيچو سندس حوالي ڪيائين ۽ کانئس معافي گهريائين ۽ هوءَ مفلس عورت قاضي جي انصاف ڪري هڪڙي لحذي ۾ وڏي مالدار بنجي پئي!

ماهه ذوالحج سن 206هه مطابق سن 822ع ۾ خليفي الحڪم وفات ڪئي. هو علم پرور به هو.

عبدالرحمٰن ثاني

خليفي الحڪم جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شهزادو عبدالرحمٰن ثاني جي لقب سان اسپين جي تخت تي رونق افروز ٿيو. عربي تاريخ نويس لکن ٿا، ته سندس راڄ ۾ امن امان هو. ملڪ جي آمدني گهڻي هئي ۽ چؤطرف آسودگي ۽ خوشحاليءَ جو دور هو. سندس درٻار پُر رونق ۽ وڏي تجمل سان هئي. سندس حڪومت جي ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ شاعرئ جو چرچو لڳل هو. اسپين وارن کي شاعرئ سان ڏاڍو ذوق هو، جيئن  ته هر هڪ فرقي وارا شاعرئ کي پسند ڪندا هئا. خود خليفي جي درٻار ۾ عالمن، فاضلن ۽ شاعرن کي گهڻي عزت حاصل هئي. هر طرف امن امان جو دور هو. قرطبه جا نو مسلم شرارتي تباهه ٿي جلا وطن ٿي چڪا هئا ۽ معتصب ملن، جن جائز يا ناجائز طريقن سان مذهبي آڙ ۾ ملڪ ۾ فسادن جي باهه ڀڙڪائي، سي سبق پرائي چڪا هئا. سرحد تي به امن امان هو، جيئن ته مسلمانن جو جگري دشمن فرانس جو بادشاهه شارليمن سن 816ع ۾ مري ويو هو ۽ سندس پوين خليفي الحڪم سان نئون عهدنامو ڪيو هو. غرض مرحوم خليفي جي جانفشانين ڪري عبدالرحمٰن ثانيءَ کي امن امان جي سلطنت وراثت ۾ ملي. هن قرطبه کي رشڪ بغداد بنائي ڇڏيو ۽ هارون الرشيد اعظم وانگر هن قرطبه کي زندگي جو تفريح گاهه بنائي ڇڏيو. جابجا شاندار محلات، خوشنما باغ، عاليشان مساجد، عمارتون ۽ پليون تعمير ڪرايائين. سندس ذوق ۽ شوق جي ڪري جيڪا قرطبه زينت ۽ زيب حاصل ڪيو، سو اظهر من الشمس آهي. تنهن کانسواءِ تعليم يافته ۽ مهذب مسلمان شهنشاهن وانگر کيس شعر ۽ سخن سان پوري دلچسپي هئي. هو پاڻ به وقت جو پڪو شاعر هو. سندس تصانيف کان سڄي قرطبه کي دلچسپي هئي. هو مذاق ۾ شائسته ۽ سليم طبع بادشاهه هو.

درٻار ۽ شاعري

عبدالرحمٰن ثاني جي ڏينهن ۾ قرطبه مغرب ۾ بغداد جي هم پلئه هو. سندس درٻار ۾ سلطنت جو سمورو ڪاروبار چئن شخصن جي راءِ ۽ مصلحت تي منحصر هو. پهريون زرياب، جو فن موسيقي جو مشهور اُستاد هو يا وقت جو تانسين چئجيس ته به جڳائي. ٻيو علامه يحيٰ هو، جو وقت جو مشهور فقيهه هو. هي اُهو ساڳيو شخص هو جنهن اڳ علمائن کي سلطان جي برخلاف چوريو هو، پر هن وقت سندس عبدالرحمٰن ثاني جي مزاج ۾ ايتريقدر دخل هو جو سندس عزيز الوجود مشير هو. ٽين سلطان جي دلربا ملڪه طاروب نالي هئي ۽ چوٿون نصر نالي هڪڙو حبشي غلام هو يا خليفي هارون رشيد جو مسرور غلام چئجيس ته به جڳائي. مطلب ته هارون الرشيد جي زماني ۾ جيئن جعفر برمڪي، زبيده راڻي ۽ مسرور غلام کي جيتري قدر خليفةالمسلمين جي مزاج ۾ دخل هو تيئن مٿيان مشير وري عبدالرحمٰن ثاني جا هم رفيق هئا.

زرياب کي ڪشور ڪشائي مصلحتن سان ڪانه پئي هئي، پر سندس حوصلا عام تعلقات ۽ جسماني آرائشن تائين محدود هئا. هو ملڪ داري جي ڪمن ۾ پوڻ کان پري رهيو. هو اصل ايران جو رهاڪو هو ۽ بغداد جي مشهور ڳائڻي علامه اسحٰق جو شاگرد رشيد هو. هڪڙي ڏينهن بدقسمتيءَ سان جڏهن هارون الرشيد جي درٻار ۾ عيش ۽ نشاط جي محفل گرم هئي، تڏهن راڳ ۾ پنهنجي اُستاد کان به گوءِ کڻي ويو! حاسد اُستاد کي مٿس اهڙي ڪاوڙ آئي جو آخرڪار موقعو ڏسي خليفي کي سندس خلاف چوريائين جنهن سندس جلاوطنيءَ لاءِ حڪم ڏنو ۽ لاچار زرياب به اسپين ڏانهن رخ رکيو. ڇاڪاڻ جو عبدالرحمان ثاني شاعريءَ جو پورو پورو جوهري هو، زرياب کي به پنهنجي ڪمال تي پورو پورو ڀروسو هو، تنهنڪري قسمت آزمائڻ لاءِ اُندلس ۾ وارد ٿيو.

ان دنوں گرچہ دکن میں ہے بڑی قدر سخن

کون جائے ذوق پر دلی کی گلیاں چھوڑ کر

بغداد جي درٻار ۾ به شاعرن جو قدر ۽ قيمت گهٽ ڪانه هئي پر عبدالرحمٰن ثانئ جو اندازو آکاڙو به اهڙي رونق ۽ تجمل سان هو جو هيڪر جيڪو ويو سو اگهيو، مطلب ته پري پري جا راڳيندڙ ۽ شاعر هن وقت قرطبه جي درٻار ۾ موجود هئا. عبدالرحمٰن ثاني زندهه دل بادشاهه زرياب کي جيتري دل ۾ اُميد هئي، اُن کان وڌيڪ سلطان سندس درٻار پُر جلال ۾ قدر ڪيو. اچڻ شرط سلطان سندس مناسب پينشن مقرر ڪئي، تنهن کانسواءِ عقل ۽ شرب جو سمورو اسباب موجود  ڪري ڏنائينس. سلطان جي مروتن ڪري زرياب جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سلطان  کي شاعر جي لياقت ۽ دانائي گهڻي قدر پسند هئي ايتريقدر جو اڪثر سندس محفل ۾ وهندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ذوق ۽ شوق سان سندس گانو ٻڌندو هو. زرياب رڳو گويو نه هو، پر بعض اوقات بادشاهه کي اڳوڻي زماني جون دلچسپ آکاڻيون ۽ عجيب ۽ غريب حڪمت آميز حڪايتون ۽ افسانه ٻڌائيندو هو. گهڻي مطالعي جي ڪري سندس معلومات جو دائرو بلڪل وسيع پيماني تي هو ۽ بادشاهه به سندس آکاڻيون ٻڌي خوش ٿيندو هو. هزار کان به وڌيڪ راڳ ۽ راڳڻيون ته کيس ياد هيون، پر هر هڪ راڳ کي جدا جدا سُرن ۾ اهڙي آلاپ سان ادا ڪندو هو، جو جن جي متعلق سندس چوڻ هو ته مونکي جنات کان اهي سر حاصل آهن! تنبوري تي جيڪا پنجين تار لڳل آهي،تنهن جو رواج هن کان پيو. سندس راڳن جو سُر آلاپ ڪرڻ جو طريقو جدا نموني جو هو، جو ٻُڌڻ سان خودبخود ماڻهو بيخود ٿي ويندا هئا، جنهن هيڪر ٻڌو اُهو وري به ٻڌڻ لاءِ پريشان رهندو هو. آخر ايراني ٻچو هو، ايراني قديم زماني کان راڳ کان مشهور آهن. سندن روايتن موجب راڳ سندن وطن کان جاري ٿيو. آمدم به سر مطلب، ته زرياب قربطه جي درٻار ۾ شمع هو ۽ بزم سلطاني سندس هئڻ ڪري ئي روشن هئي! زرياب وٽ اُهي سامان سڀ موجود هئا جن جو ٿورو بيان هيٺ ڏبو؛

کام سب تقدیر پر ہیں ہی مگر تدبیر شرط،

کچھ سبب بھی چاہئے اس عالمِ اسباب میں۔

علامهّ سيد امير علي جهڙن ته هن شخص جي تعريف ڪئي آهي، پر اسٽينلي لينپول هن ڪلاڪار جي ڪمال جو بيان اُندلس جي تاريخ ۾ هن ريت ڏنو آهي ته ”سندس تعليم جي طرز به ٻين شعر موسيقي جي اُستادن کان نرالي هئي يعني شاگردن کي پنهنجي ڀرسان گوڏا ڀڃائي وهاريندو هو ۽ پهريائين وڏي آواز ڪڍڻ لاءِ کيس ڏاڍي زور سان راڳ ڳارائيندو هو، وري ڪمزور آواز ڪڍڻ لاءِ سندن پيٽ ۽ ڪمر تي رسو ٻڌائي ڇڏيندو هو! پر جيڪڏهن شاگرد جي آواز ۾ ڪا رنڊڪ ڏسندو هو، ته ڪاٺيءَ جا ٽڪر سندس وات ڦاڙي ٻنهي ڄاڙين ۾ رکندو هو، ته سندس وات فراخ ٿئي، پوءِ جيڪڏهن سندس آواز پسند ايندو هوس ته کيس اتاليقي ۾ وٺندو هو، نه ته موڪل ڏيئي ڇڏيندو هو.“ اِنهن سڀني ڳالهين کانسواءِ تهذيب ۽ شائستگيءَ جو پتلو هو، يا چئجي ته هر هڪ صحبت جي زيب هئڻ ڪري هو بينظير شخص هو. اهڙي لحاظ سان هو سُتت ئي ننڍي وڏي لاءِ هر دلعزيز بنجي پيو، سندس طرز عمل جي ڪري اسپين جي معاشرت تي به اثر پيو. اڳ اسپين ۾ ماڻهو وار رکائيندا هئا، پر هينئر سڀڪو زرياب جي وارن وانگر وار رکڻ لڳو. اُندلس ۾ گول ڪباب جو رواج به هن وڌو. هڪڙي قسم جون هن ڪي رڪابيون تيار ڪيون، جي گهڻي عرصي تائين ”قاب الزرياب“ جي نالي سان مشهور هيون. هن ٽامي جي چلمچين جي بدران شيشي جون چلمچيون ڪم آنديون، چمڙي جا بستر پوش ۽ چمڙي جا دسترخوان به هن تيار ڪرايا، تنهن کانسواءِ گهڻا ئي معاشرت جا اسباب هن کان تيار ٿيا. موسمي لباسن جي ڦير گهير جو به هن ئي رواج وڌو، اُنهن لباسن کي ماڻهو دلچسپي سان پهرڻ لڳا. غرض ته سندس اصول قديم يونان جي حڪيم (متنفرلريخ) جي اصولن تي هئا، خواهه هو  ڪنهن به نموني سان هلندو هو پر سڀئي تهذيب جا شائق سندس نقش قدم تي هلندا هئا ۽ اُها ڪهڙي سندس چال هئي جي ماڻهو پسند نه ڪندا هئا؟ خود بارگاهه سلطاني جا امير جڏهن شاهي دسترخوان تي ويهي لذيذ نوان طعام کائيندا هئا، تڏهن موشگافين ڪرڻ جي عيوض سندس تعريف ڪندا هئا، وڏي ڳالهه ته بادشاهي سايو مٿس هو.

اندروني فساد ۾ بيروني حملا

ملڪ ۾ امن امان هو. هرڪو آسودگي ۽ خوشحالي ۾ مست هو، پر هن اَمان ۽ اَمن کي ڏسي عيسائين جا حوصلا وري وڌڻ لڳا، هو دراصل نانگ هئا، جن کي مسلمانن کير پئي پياريو. هو ظاهري مسلمانن سان مهر ۽ محبت سان پيش ايندا هئا، کين مذهبي فرائض انجام ڏيڻ جي اسلامي دور بابرڪات ۾ ڪامل آزادي هئي ۽مسلمانن وانگر هنر ۽ واپار ۾ خوب هٿ رڱيندا هئا. وٽن دنيوي جاهه ۽جلال جا سمورا اسباب موجود هئا، هاڻي اهڙي حالت ۾ هو آزاد به هئا، آسودا به هئا، تڏهن پنهنجي قديم موروثي سلطنت کي وري حاصل ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو ڪو به فڪر دامنگير ڪين هو. مٿيون اصول کين دل ۾ سانڍيل هو، ڇاڪاڻ جو اسلامي آزاد سلطنت ۾ هو هر طرح سان مستفيد هئا. هو سلطنت جي اڪثر صيغن ۾ وڏن عهدن تي ممتاز هئا، نه رڳو اسپين ۾ پر خارجي عهدن تي به مقرر هئا، هو اسلامي مڪتبن ۾ تعليم پرائي هر حالت ۾ ڀڙ ٿي چڪا هئا، جڏهن متعصب ۽ ڪٺور پادرين پنهنجي هم مذهبن کي شريف ۽ مهذب مسلمانن سان زندگيءَ جي هر هڪ پهلو ۾ رلندو ملندو ڏٺو ۽ کين اسلامي جهنڊي هيٺ ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ڏٺو تڏهن ڪوڙا ڪوڙا مذهبي واعظ ڪري سندن دلين ۾ دشمنيءَ جو ٻج ڇٽڻ لڳا، خصوصاً قرطبه جي عيسائين ته اسلامي سلطنت کي پاڻ لاءِ وبال ڄاتو. هو مسلمانن کان بيزار ٿيڻ لڳا. مغربي مؤرخن ته اِن باري ۾ جيڪا نقطه چيني ڪئي آهي، سا سراسر عقل ۽ انصاف جي خلاف آهي، جيئن ته سندن چوڻ آهي ته اسپين مسلمانن تلوار جي زور سان فتح ڪيو، تنهنڪري عيسائين کي هنن لاءِ نفرت هئي! پر دراصل عيسائين جي زور وٺڻ جو سبب رڳو آزادي هئي جا هنن کي مسلمان فاتحن جي دور بابرڪات ۾ نصيب ٿي، تنهنڪري مغربي مؤرخن کي فقط ايترو چئجي ٿو:

فرد کا نام جنون رکھ دیا جنوں کان فرد

جو چاہے آپ کان حسن کرشمہ ساذ کرے۔

غرض عيسائي وري عيسائي سلطنت ڳولڻ لڳا. تارڪ الدنيا پادرين کين ذلت جي زندگيءَ کان جام شهادت نوش ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. جيئن هندوستان ۾ ڪي جوڳي تارڪ الدنيا ٿيڻ جي ثبوت ڏيڻ لاءِ هزارين ڍنگ اختيار ڪندا آهن، تيئن پادري به ڪرڻ لڳا. هن فرقي جو سرڪردو (يولوجيس) نامي هڪڙو قرطبائي بطريق (پريسٽ) هو. سندس نسل قرطبه جي قديم نسل مان هو، هن پنهنجي سڄي عمر عبادت، فاقه ڪشي ۽ نفس ڪشي ۾ گذاري هئي، هو اسلام جي خلاف عيسائين کي چورڻ پنهنجي زندگيءَ جو اعليٰ مقصد سمجهڻ لڳو. البرو نالي هڪڙو قرطبه جو نوجوان دولتمند عيسائي، ڪي راهب ۽ ڪي بازاري دڪاندار سندس همدرد ۽ رفيق هئا. يوليوجيس جي تحريڪ ڪري عيسائي زور وٺڻ لڳا، هو مسلمانن سان فضول مذهبي بحث ڪرڻ لڳا، ڪنهن ڪنهن وقت مسجدن ۾ داخل ٿي عبادت ڪندڙ مسلمانن جي سامهون پيغمبر صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي ذات پاڪ تي حملا ڪرڻ لڳا. (نعوذبالله) جڏهن مسلمان تنگ ٿيندا هئا، تڏهن اهڙن بدمعاشن لاءِ قاضين جي عدالت ۾ رجوع ڪندا هئا ۽ قاضي کين معافي گهرڻ لاءِ صلاح ڏيندا هئا، پر جڏهن هو صاف انڪار ڪندا هئا تڏهن لاچار کين موت جي سزا شريعت موجب ڏيڻ لڳا. اهو مذهبي تعصب ويو وڌندو. يولوجيس جي خاص عقيدتنمندن ۾ فلورا نالي هڪڙي مخلوط النسل پري جمال دوشيزه به شامل هئا. هوءَ ظاهري مسلمان سڏبي هئي پر سندس ماءُ کيس پوشيده طرح پنهنجي مذهب جي تعليم ۽ تربيت ڏني هئي، ايتريقدر جو جوش کان آخر هي حسينه يولوجيس جي جان نثار حامي بنجي پئي ۽ پرفيڪٽس نالي ٻيو هڪڙو پادري به سندن همراز بنجي پيو، رفته رفته فلورا عالم ملڪوتي ۾ شمار ٿيڻ لڳي، پرفيڪٽس عين عيدالفطر جي ڏينهن مسلمانن هٿان قتل ٿي ويو ۽ عيسائين سندس لاش کي وڏي ڌوم ڌام سان ڊائي گلشين جي ديول ۾ وڃي دفنايو. ٻيو هڪڙو عيسائي راهب اسحاق نالي هو، جنهن چيو ته جيڪو عيسائي مذهبي معاملي ۾ مرندو سو آسماني بادشاهت ۾ وڃي شامل ٿيندو، هن شهر جي قاضيءَ جي روبرو وڃي دين محمديءَ جي گلا ڪئي، جنهن جي عيوض هو مارجي ويو. ساڳئي وقت سلطان جي محافظ فوج جو هڪڙو سپاهي سانڪو نالي جو يولوجيس جو خاص مريد هو. پيغمبرِ خدا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ لڳو (نعوذبالله) ۽ قتل ٿي ويو. هوڏانهن سلطان عبدالرحمان به بزدل ڪين هو. سندس فوجي صيغو نهايتي اعليٰ پيماني تي هو، ايتريقدر جو يورپ وارن به سندس فوجي انتظام کان سبق ورتو. 837ع ۾ مريڊا MERIDA جي عيسائين فرانس جي بادشاهه ليوس جي چرچ تي فساد کڙو ڪيو، پر اسلامي لشڪر هٿان شڪست کاڌائون، تنهن کانپوءِ اَهل طليطله اسلامي حڪومت هيٺ رهڻ کان بيزاري ڏيکاري پر شڪست کاڌائون. قرطبه ۾ عيسائي راهب اسلام سان گستاخي ڪرڻ لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو سن 851ع ۾ ٻن مهينن جي عرصي ۾ يارهن راهب مارجي ويا.

جڏهن سلطنت جي طول ۽ عرض ۾ فسادن جي باهه جا شعلا بلند ٿيا، تڏهن لاچار خليفي اشبيله جي هڪڙي پنهنجي عيسائي درٻاريءَ کي، جنهن جو نالو گومز هو، ان ڪم تي مقرر ڪيو ته هو عيسائين کي مسلمانن سان رلي ملي هلڻ لاءِ وڃي هدايت ڪري، ته آئينده عيسائي، آقاء نامدار صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي شان ۾ گستاخي نه ڪن، پر گومز جي تحريڪ مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو، ۽ هو جتي ويو، اُتي پادرين سندس خلاف طرح طرح جون فتوائون ڏنيون، سندس بي عزتي ڪرڻ لڳا. نتيجي طور حڪومت به ڪٽر عيسائين تي سختيون ڪرڻ لڳي. فلورا جنهن جي مذهبي ناز و اَدا جو چرچو هن وقت سڄي يورپ ۾ هو، سا پنهنجي هڪڙي دمساز سهيلي مريم سان ڪيترا دفعا بڪواس ڪندي گرفتار ٿي، مطلب ته ڪيترائي عيسائي هن تحريڪ ۾ قتل ٿي ويا، ڪن جيل خانا آباد ڪيا ۽ اهو سلسلو اڃا جاري هو ته خليفي عبدالرحمان ثاني سن 852ع ۾ قيد حيات مان مخلصي حاصل ڪئي.

غازي محمد

عبدالرحمٰن ثاني کانپوءِ سندس شهزادو محمد قرطبه جي تخت تي ويٺو. عيسائي مؤرخن سندس گلا ڪئي آهي، پر امير علي صاحب لکي ٿو ته هو رحمدل، انصاف وارو ۽ جراءتمند بادشاهه ٿي گذريو. علامه  ابن اثير لکي ٿو، ته قرطبه جي بادشاهن مان هي پهريون بادشاهه هو جنهن اُندلس جي انتظام کي درست ڪيو ۽ قانونن جي جوڙجڪ ڪيائين. انهيءَ ڪري کيس وليد اول جي لقب سان سڏيندا هئا. علامه اسٽينلي لين پول تاريخ اُندلس ۾ فرمائي ٿو ته ”سلطان محمد بي رحم، تنگ نظر ۽ نالائق  هو.“ سندس نالائقي ۽ بي رحمي جو اهو سبب ڏنو اٿئين ته هن علمائن سڳورن جي خاطرداري ڪئي ۽ عيسائين مان جن اسلام جي باني سرور دوجهان صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪئي. تن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ازانسواءِ تنگ چشم انڪري ڪوٺيو اٿئين ته هن پنهنجي اهلڪارن جون پگهارون گهٽايون!

مغربي مؤرخن جو ته اهو هر وقت روز ازل کان پيشو آهي ته هو اِسلام جهڙي پاڪ مذهب کي بدنام ڪندا آهن ۽ اِسلام جي مايهء ناز تاجدارن جي خلاف بڪواس ڪندا اهن پر مونکي افسوس جناب منشي حامد علي صاحب صديقي سهارنپوري جي حال تي اچي ٿو ته منشي صاحب مٿين تاريخ اُندلس اُردو زبان ۾ ترجمو ڪئي آهي، پر لفظ به لفظ جيئن اول الذڪر پنهنجيءَ تاريخ ۾ ڏيکاريو آهي، تيئن هي صاحب پنهنجي قلم جي واڳ کي ويو آهي ورائيندو. اهڙي حال ۾ خاص ڪري مسلمانن مترجمن کي استدعا ٿي ڪجي ته مهرباني ڪري ڪنهن به تاريخ کي ترجمي ڪرڻ کان اڳ ضرور ساڳي نموني جا ڪتاب کولي ڏسن ته حقيقت اصل ۾ ڇا آهي ۽ پوءِ کين حق آهي ته جت ڪا چڪ ڏسن اُن تي راءِ زني ڪن نه ته رڳو لفظن جي ترجمي ڪرڻ سان سندن سمورو مضمون خام نظر ايندو.

ناکام رند نہ بن مفت میں بدنام نہ ہو

ظرف ہی جن کی نہیں عالی تو مئی آشام نہ ہو

اندروني فساد

اچو ته  عيسائي تحريڪ جو پردو کڻون ۽ فلورا جي مذهبي عشو ه گري تي ڪجهه روشني وجهون. سلطان غازي محمد جڏهن ڏٺو ته عيسائي ڪنهن به رمز سان باز نه ٿا اچن تڏهن هن لاچار مياڻ مان تلوار ڪڍي ڇاڪاڻ جو هن وقت سلطنت جا سڀ حيلا جي اڳ سندن تحريڪ کي روڪڻ لاءِ ڪيا ويا هئا، سي بيڪار ثابت ٿيا. هڪڙي لحظي ۾ سوين  ديولون ناس ٿي ويون ۽ بيشمار عيسائين جن جي دماغ ۾ لاطيني لٽريچر (علم ادب) جي بجاءِ عربي علم گهر ڪري ويٺو  هو تن مذهب اِسلام اختيار ڪيو، يولوجيس ۽ الويرو جهڙا متعصب به خاموش ٿي ويا. عيسائين جو ظاهري ته اهو حال هو پر اندروني اڃا  به منجهن مذهبي جوش قائم هو. هنن جون اکيون اسپين کان ٻاهر يورپ جي عيسائين ڏانهن کتل هيون ته ڪا دستگيري اچي ڪن. اهل طلطيله هتي جي بطريقيءَ لاءِ يولوجيس لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي. پر سلطان منظور نه ڪئي، اهڙي طرح طليطله ولايت جو عهدو گهڻي وقت تائين خالي رهيو. ساڳئي وقت فرانس کان ٻه عيسائي راهب آيا جن مارجي ويل قرطبه جي عيسائين جي هڏين کي ميڙي تبرڪات طور هڪڙي خوبصورت صندوق ۾ وجهي موٽي يورپ ڏانهن ويا ۽ سينٽ ڊسپرس جي ديول  ۾ وڃي رکيائون جتي يورپ جا عيسائي زيارت ڪرڻ اچڻ لڳا. اهڙن حيلن ۽ سازش ڪري سڄو يورپ اِسپين جي اسلامي سلطنت جي خلاف ٿي بيٺو.

ليون جي عيسائي امير اهل طليطله کي مدد ڏني، جن جي درخواست  کي سلطان رد ڪيو هو. هو فساد لاءِ اُٿيا، وٽن وڏي فوج گڏ ٿي، پر غازي محمد کين پنهنجي سر شڪست ڏني. عيسائين صلح لاءِ درخواست ڪئي، خليفي سندن درخواست کي منظور ڪيو ۽ ڪمال مروت سان مٿئين علائقي جو ڪجهه حصو کين مرحمت ڪيائين. ته ڀل هو پنهنجي مرضيءَ سان حڪومت ڪن، پر هن شرط سان ته هو ٻيهر فساد نه ڪندا. اڃا طليطله جا فساد مس بند ٿيا ته قرطبه ۾ يولوجيس وري حرڪت ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي قاضيءَ جي درٻار ۾ آندو ويو. جنهن کيس موت جي سزا ڏني. هن جاهل ۽ متعصب پادرئ جي موت تي سڄي اسپين جي عيسائين ۾ ماتم مچي ويو.


ð  موئرز اِن اِسپين اسٽينلي لين پول

(1)  گبن رومن ايمپائر     E.GIBBON

(1)  تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي.

(1)   تاريخ اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org