خاندان سور
The House of Surides
شير شاهه
سن 947هه ۾ شير خان پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي خونريز
معرڪن کان پوءِ پنهنجي تلوار خون آشام جي زور سان
سڄي هندوستان جو مالڪ بڻجي ويٺو. راجپوتن وجهه ڏسي
وري مٿو کنيون. مالواه جو راجا ڪوڙو ۽ مغرور هو.
وٽس 50،000 راجپوتن جي فوج هئي. شير خان جو هينئر
شير شاهه هو. تنهن 80 هزار افغاني فوج سان راجا جو
مقابلو ڪيو ۽ راءِ سين جي قلعي تي قبضو ڪيائين، هن
فتح کان پوءِ ميواڙ جي راڻي به آڻ مڃي.
جڏهن فتوحات کان واندو ٿيو تڏهن آئين جهان باني
ڏانهن رجوع ٿيو. افسوس جو موت هن اولوالعزم
شهنشاهه کي گهڻي مهلت ڪانه ڏني، ته به 5 سالن جي
عرصي ۾ سلطنت جا اهڙا نادر اصول ٻڌائين ۽ فلاح
عامه لاءِ اهڙا بينظير ڪم ڪيائين جو ڪو بادشاهه
پنجاهه سالن جي عرصي ۾ به مشڪل اهڙا ڪم ڪري سگهي.
هي جيڪي يادگارون پاڻ لاءِ ڇڏي ويو، تن کان اڄ
تائين سندس نالو پيو ڳائجي. پندرهن سال مڙس کي
حڪومت هٿ ڪرڻ ۾ لڳا فقط 5 سال بهار ڏٺائين.
هو پنهنجي وقت جو وڏو منصف مزاج بادشاهه ٿي گذريو.
پاڻ چوندو هو ته
]انصاف[
سلطنت جو بنياد آهي، تنهنڪري جابجا عدالت خانا ۽
ڪچهريون قائم ڪيائين، وري پاڻ عدالت جو اهڙو دلداه
هو جو جڏهن ڪو فريادي سندس درٻار ۾ ايندو هو، ته
سڀ ڪم ڦٽا ڪري پهريون سندس فيصلي ڏي ڌيان ڏيندو
هو، پوءِ جوابدار جيڪڏهن سندس اميرن مان هجي يا
خود مائٽن مان هجيس، ته به جوڳي سزا ڏيڻ کانسواءِ
ڪين ڇڏيندو هوس، هو پاڻ چوندو هو ته:
”بادشاهن جي ظلم ۽ غفلت ۽ سلطنت جي ارڪان جي رشوت
ستانيءَ مون کي بادشاهه بڻايو.“
شيرشاهي ميزان عدالت جا ڪارناما
هڪڙي ڀيري جي ڳالهه ٿا ڪن ته سلطان جو پٽ شهزادو
عادل خان هاٿي تي سوار ٿي آگري جي ڳليءَ مان پئي
لنگهيو، ته هڪڙي گهر جي دالان ۾ هڪڙي هندو عورت
غسل ڪري رهي هئي، شهزادي جي نظر مٿس پئي. هن هڪڙو
پان جو ٻيڙو ڏانهس اڇلايو. عورت باعصمت هئي، تنهن
مڙس سان ڳالهه ڪئي. هندوءَ پهريائين عدالت ۾
درخواست پيش ڪئي پر شهزادي جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ
جي ڪنهن کي مجال نه ٿي. آخر هندو بادشاهه سان
روبرو وڃي ڳالهه ڪئي. بادشاهه فتويٰ ڏني ته عادل
خان جي زال اُگهاڙو ٿي غسل ڪري ۽ هندو هاٿيءَ تي
سوار ٿي مٿس پان جو ٻيڙو اُڇلائي، اهلڪارن معافيءَ
لاءِ گهڻو ئي زور ڀريو پر بادشاهه جواب ڏنو ته
”منهنجي نظر ۾ فرزند ۽ رعيت برابر آهن، پر جي هندو
معافي ڏئي ته مون کي ڪو اعتراض ڪونهي“ آخر اميرن ۽
وزيرن هندوءَ کي منٿون ڪيون، تڏهن هن معافي ڏني ۽
مس مس شهزادي جي جان بچي.
***
راءِ سين جي قلعي تي به هن ڪري حملو ڪيو هئائين،
جو هتي جي راجپوت راجا ڀئياپورن مل مسلمانن سان
ڏاڍا ظلم ڪيا، جيئن ته بلگرامي سادات جي ڪيترن
مدبرن کي مارائي سندن ڌيئرن ۽ ننهرن کي بازاري
عورتن وانگر کلين ڳلين ۾ ناچ ڪرايائين. غازي
شيرشاهه کي جڏهن مٿئين حادثي جي خبر پئي تڏهن
ڪافرن کي گوشمالي ڪڍڻ لاءِ 950هه ۾ قلعي تي حملو
ڪيائين پر پورن مل بيش بها جواهر ۽ نقد زر شهنشاهه
اڳيان پيش ڪيا. مسلمانن کي اها ڳالهه نه وڻي، پر
ڪنهن غريب کي مجال نه هئي جو پورن مل جي متعلق
شهنشاهه سان گفتگو ڪري سگهي. شهنشاهه جڏهن
چنديريءَ ۾ آيو تڏهن اڪثر خاندانن جون معزز
مستورات سندس رستو روڪي بيٺيون ۽ کيس چوڻ لڳيون ته
اي شير شاهه! توکي خبر آهي ته هن سفاڪ متعصب اسان
سان ڪهڙا ڪلور ڪيا آهن؟ هن اسان جي مڙسن کي
بيگناهه مارايو ۽ اسان جي عزيزن کي مارايائين ۽
اسان کي بازاري عورتن وانگر سرِ بازار ڳلين ۾ ناچ
ڪرايائين، اسان جي ڪنوارين ڇوڪرين سان بي حرمتي ۽
حياسوز حرڪتون ڪيائين، اسان جو سمورو اسباب
لُٽيائين، محض ان لاءِ ته اسين مسلمان هئاسون!
پوءِ تو جهڙو بادشاهه دينداري جي عيوض جيڪڏهن اسان
جي ننگ ۽ ناموس کي ڪن ٿورن جواهرن تي وڪڻي ڇڏيندو
ته سڀاڻي خداوند تعاليٰ جي درٻار ۾ ڪهڙو منهن کڻي
بيهندين؟ ياد رک قيامت جي ڏينهن اسين تنهنجو دامن
جهلينديون سين! اهي لفظ ٻڌي شهنشاهه جو جگر ڪنبڻ
لڳو، سندس اکين مان لڙڪ ڪري پيا، بادشاهه فرمايو
ته مان اُن سان واعدو ڪري ويٺو آهيان، پر سيد رفيع
الدين ۽ ٻين علمائن کي گهُرائي صلاح پڇيائين، جن
راجا جي قتل لاءِ فتويٰ ڏني. بادشاهه کيس گهرائي
سندس سر وڍرائي ڇڏيو.
***
چورن ۽ رهزنن جي موجود ڪرڻ لاءِ هر هڪ شهر يا ڳوٺ
جو مقدّم جوابدار هوندو هو، جي چوري جو مال ملي نه
سگهي، ته مقدم کي قيمت ڀري ڏيڻي پوندي هئي. سندس
قانون اسلامي هئا، جي ڪو قتل ٿيندو ته به پرڳڻي جي
عامل کي ان لاءِ جواب ڏيڻو پوندو هو.
زراعت جي افزائش ۽ حفاظت لاءِ کيس گهڻو خيال رهندو
هو، سندس حڪم موجب هر سال زرعي پيمايش ٿيندي هئي ۽
ان موجب مالگزاري وصول ڪئي ويندي هئي.
ملڪ جدا جدا پرڳڻن ۾ ورهايل هو. هر هڪ پرڳڻي مٿان
هڪڙو قانون گر مقرر هوندو هو ۽ زراعتي حساب ڪتاب
رکڻ لاءِ هو جوابدار رهندو هو. سندس هٿ هيٺ هڪڙو
امير، هڪڙو شقدار، هڪڙو خزاني وارو فارسي ۽ هندي
محّرر هوندا هئا. هر هڪ سرڪار جي مٿان صدر الصدور
مقرر هو. سال يا ٻن کان پوءِ اُنهن جي بدلي ٿيندي
رهندي هئي. سندس قول هو ته ”رعيت بيگناهه ٿيندي
آهي، هو پنهنجي غالب قوم جي اطاعت ڪندي آهي“
سوداگرن ۽ مسافرن لاءِ هر ڪنهن نموني جا سهنج هئا،
جيڪي سوداگر هندوستان ۾ لاوارث مرندا هئا، تن جو
مال ڳولي ڦولي سندس وارثن کي سرڪار ڏياريندي هئي.
رڳو واپارين کان هڪڙو ڀيرو سرحد تي محصول وٺندا
هئا، وري سندن ڪو نالو به ڪين وٺندو هو. ڪنهن به
سرڪاري نوڪر کي مجال نه هئي جو ڪا رشوت وٺي سگهي،
بادشاهه ۽ سندس اُمرا به بازار جي خرچ تي مال خريد
ڪندا هئا.
هندوستان ۾ سلطان علاء الدين جاگيرن جي رواج کي
موقوف ڪري فوج کي نوڪر رکيو. سلطان فيروز شاهه
تغلق جاگيرون موٽائي ڏنيون. شير شاهه جاگيرن کي
موقوف ڪري پگهارون مقرر ڪيون. هو پنهنجي سپاهين کي
پيار ڪندو هو. هو به کيس پيار ڪندا هئا. سرحدن تي
سندس ڇانوڻيون هيون. رهتاس ڳڙهه، بهره کنڊ، شير
ڳڙهه ۽ ٻين هنڌن تي مضبوط قلعا تعمير ڪرايائين.
چوندو هو ته جي زندگي وفا ڪئي ته هر هڪ سرڪار ۾
جدا جدا قلعا تعمير ڪندس. سخي وري اهڙو هو جو رفاه
عام ۽ خيرات ڏيڻ جو کيس هر وقت فڪر هوندو هو. سندس
لنگر خاني ۾ صبح ۽ شام مسڪينن ۽ غريبن کي کاڌو
ملندو هو. مشائخن، علمائن ۽ شاگردن لاءِ وظيفا
مقرر ڪيا هئائين، سندس دسترخوان خدائي دسترخوان
هو، يعني جيڪي گهري سو وٺي.
مسافرن ۽ واپارين جي آرام لاءِ چار شاهي رستا
تعمير ڪرايائين، هڪڙو پنجاب جي قلعي رهتاس کان وٺي
بنگال تائين، جو چئن مهينن جو پنڌ هو. ٻيو آگري
کان جوڌپور ۽ چتور تائين. ٽيون آگري کان بهرانپور
دکن تائين، ڇوٿون لاهور کان ملتان تائين. رستن جي
ٻنهي طرفن کان سائيدار ميوات جا وڻ رکايائين. هر
ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي کوهه، حمام، مندر ۽ مساجد
جڙيل هئا، جتي هندن جي مهمان نوازيءَ لاءِ برهمڻ
مقرر هئا. هتي ڊاڪ رساني جو ڪم به مقرر هو، وڏي
ڳالهه ته هر هڪ شاهراهه جي منزل گاهه تي مسافرن جي
گهوڙن لاءِ چارو ۽ محتاجن کي ماني مفت ملندي هئي.
اتي نقار خاني ۾ جڏهن نوبت وڄندي هئي تڏهن لنگر
خاني مان سڀني کي کاڌو ملندو هو.
دهليءَ ۾ جمنا جي ڪناري تي هڪڙو نئون شهر تعمير
ڪرايائين، جتي ٻه قلعا به هئا، هڪڙو شير شاهه
منڊل، جو تيار ٿيڻ تي هو، جڏهن شهنشاهه شهيد ٿيو.
اڄ اُن شهر جو نشان به ملي نه ٿو سگهي. البته دهلي
جي پراڻي قلعي ۾ (جهان نما) عمارت، هڪڙي مسجد ۽
حضرت خواجه بختيار ڪاڪي رحه جي چؤديوار
هن شهنشاهه جا يادگار آهن.
سڪي کي سڌاريائين. اڳ روپئي کي ٽنڪو سڏيندا هئا،
پر هن بادشاهه جي ڏينهن ۾ رپيو سڏڻ لڳا، جو اڃا
تائين پيو سڏجي. اڳين بادشاهن جي سڪن کان سندس سڪا
خوبصورت آهن. اڪثر مؤرخ سندس ثنا خوان آهن، هو همٿ
وارو ۽ سياڻو بادشاهه ٿي گذريو. سندس حڪومت جو
نظام جمهوريت تي بيٺل هو. شهنشاهه اڪبر اعظم جي
سلطنت ۽ قانون جي ايتري هاڪ ٻڌجي ٿي، تن جو سنگ
بنياد دراصل شيرشاهه غازيءَ وڌو.
سن 952هه ۾ جڏهن ڪالنجر جي قلعي تي گهيرو ڪيائين،
تڏهن اوچتو هڪڙو بارود جو گولو سندس اڳيان اچي
ڦاٽو. هن حادثي جي ڪري سندس گهڻا امير مارجي ويا.
پاڻ به دونهين ۾ لوهانٽجي ويو ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو.
پر تنهن هوندي به پنهنجي ماڻهن کي همٿائيندو رهيو.
هوڏانهن سندس حال اهو هو جو سندس سڙيل بت تي صندل
۽ گلاب ڇڙڪيندا پئي رهيا، ته ٻئي طرف جيڪو وٽس
ايندو هو، تنهن کان قلعي جي فتح ٿيڻ بابت گفتگو
ڪندو هو. آخر موت جي تپش گهڻو هلاڪ ڪيس، پر جڏهن
قلعي جي فتح ٿيڻ جي خوشخبري ٻُڌائين تڏهن الحمدلله
چيائين. پوءِ سندس روح جي پکي قفس عنصري مان پرواز
ڪيو. اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. جڏهن آئينه ۾
منهن ڏسندو هو تڏهن چوندو هو افسوس! شام جي وقت
مون کي بادشاهي ملي! سندس مقبرو سهسرام ۾ آهي، جو
پٺاڻ بادشاهن جي زماني جي عمارتسازيءَ جي فن جو
يادگار آهي.
سليم شاهه
شير شاهه جي مرڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ عادل خان
تخت تي ويٺو. پر ضعيف الطبع هو، تنهنڪري اُمرائن
گڏجي سندس ننڍي پٽ جلال خان کي تخت تي ويهاريو، جو
پيءُ وانگر بهادر هو. هن سليم شاهه جو لقب ورتو ۽
وڏي ڀاءُ لاءِ وظيفو مقرر ڪيائين. عدلي خان نالي
هڪڙي فساد ڪيو، گهڻن ئي اميرن سندس طرفداري ڪئي پر
آخر هو بهار ڏانهن ڀڄي ويو. سن 960هه مطابق سن
1553 ۾ 9 ورهيه راڄ ڪري وفات ڪيائين. اِنالله و
اِنا اِليھ راجعون. هو رعيت پرور ۽ شرعي قانونن جو
سخت پابند هو.
محمد عادل شاهه
سلطان سليم شاهه کي هڪڙو 12 ورهين جو پٽ هو، جنهن
کي سندس مامي محمد خان مارائي ڇڏيو ۽ پاڻ محمد
عادل شاهه جي لقب سان تخت تي ويٺو. هو دراصل عادل
ڪين هو پر عياش نٺر ۽ ڪم ذاتن جو دوست هو. هن
حڪومت جون واڳون هيمون نالي هندوَ جي حوالي ڪيون،
جو شڪل ۾ بي ڊول هو. پهريائين بقالگريءَ جو ڪم
ڪندو هو، پر پوءِ بادشاهه جي راز عنايت ڪري هيمون
سلطان جي نالي سڏجڻ لڳو. هو اهڙو ته بدن ۾ ڏٻرو هو
جو گهوڙي تي مشڪل سواري ڪري سگهندو هو، پر دل جو
اهڙو بهادر هو جو اٽڪل 22 جنگيون بادشاهه لاءِ
کٽيون هئائين. عادل شاهه عياش هو، هن سمورا خزانا
لُٽائي ڇڏيا، پوءِ اميرن جون جاگيرون ضبط ڪرڻ لڳو.
اميرن گڏجي چنار ۾ فساد ڪيو. ابراهيم سور نالي
هڪڙي امير دهلي ۽ آگري تي قبصو ڪيو ۽ سڪندر
بادشاهه پنجاب ۾ فساد ڪيو. مطلب ته شير شاهه جا
پويان ڪم طاقت ۽ عياش هئا. سندن پاڻ ۾ نااتفاقي
هئي، مغلن کي وري هندوستان تي قبضي ڪرڻ جو وجهه
مليو.
همايون جو ايران جي شاهه جي مدد سان وري دهلي فتح
ڪرڻ
سلطان همايون ڀائرن جي ناعاقبت انديشي ۽ دشمني جي
ڪري دربدر غيبي مدد جي ڳولا ۾ ڦيريون پائي رهيو
هو. هو هندوستان ۾ هن وقت بي سهارو هو، پر سندس
سفر ۽ سياحت اهڙن واقعن سان لبريز هئي، جو جن کي
پڙهي دل کي راحت ۽ فرحت نصيب ٿئي ٿي. همايون، جڏهن
شير شاهه جي تلوار خون آشام جو دم جهلي نه سگهيو،
تڏهن فڪر ۽ فاقي جي حالت ۾ هڪڙي ڀيري جڏهن سندس
والده ماجده پٽ جي ضيافت ڪئي، تڏهن تيموري خاندان
جي مدبرن کانسواءِ عام ۽ خاص به شاهي دسترخوان تي
موجود هئا، جن جي هن خاندان سان همدردي هئي. هن
شاهي ضيافت جي موقعي تي شهنشاهه جي نظر هڪڙي
سيّدزادي تي وڃي پئي، جنهن جو نالو حميده بيگم هو.
جا هڪ مشهور سيد بزرگ شيخ احمد جام جي اولاد مان
هئي. شهنشاهه ايتريقدر پريشاني ۾ اچي پيو جو تخت ۽
تاج وڃڻ جو فڪر به دل تان لهي ويس. ڇاڪاڻ جو بيبي
جي خداداد حسن ۽ جمال تي هزار دلين سان عاشق ٿي
پيو. پر مرزا هندال ۽ ٻين رشتيدارن جي مرضي نه
هئي، ته ڪو همايون مٿين بيبي سان شادي ڪري، ڇاڪاڻ
جو شيخ احمد جام رحه جي اولاد کي
تيموري خاندان جي شهزادن جي اتاليقيءَ جو رتبو هو
۽ واقعي هن خاندان جا سادات قلم ۽ ڪرامات جا صاحب
هئا، اهڙين حالتن ۾ رشتيداريءَ لاءِ گهر ڪرڻ
تيموري خاندان جي مدبرن لاءِ ڏاڍو مشڪل ڪم هو، پر
شاباس ۽ مرحبا هجي، حضرت عشق کي! همايون جي درد
فرقت جو اندازو به ته ڪري ڏسو جو حضرت عشق سندس
شادي ڪرائي ڇڏي ۽ محبت جي قاضي نڪاح پڙهي ڇڏيو!
همايون ڪڏهن پنجاب ڪڏهن ريگستان ڪڏهن سنڌ ۾ قسمت
آزمائي رهيو هو. هن سرگرداني جي حالت ۾ به حميده
بيگم کي پاڻ کان جدا نه رکيائين ۽ بيبي سڳوري به
مڙس سان رنج ۽ راحت ۾ شريڪ هئي. جڏهن جوڌپور جي
سفر تي تيار ٿيا، تڏهن اڪبر به ماءُ جي پيٽ ۾ رنج
۽ راحت ۾ ساڻس شريڪ هو، جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن زال
کي عمرڪوٽ ۾ ڇڏي پاڻ جنگ تي نڪتو. ايامِ ولادت
ويجهي هئي، جيئن ته هڪڙي ڏينهن اقبال جو ستارو
طلوع ٿيو، هڪڙي نوڪر همايون کي وڃي خبر ڏني. ترڪن
۾ رسم آهي ته جڏهن ڪو کين اهڙي خوشخبري آڻي
پهچائيندو آهي، تڏهن قاصد کي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي خوش
ڪندا آهن. جي سفيد پوش هوندو ٻيو ڪجهه نه هوندس،
ته چوغو لاهي ڏيندو. پر همايون کي جڏهن خبر پهتي
تڏهن وٽس ڪجهه به نه هو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين،
آخر ياد پيس ته ڪمر ۾ هڪ مشڪ نافه جو ٽڪر آهي، سو
ڪڍي ذرو ذرو ڪري رفيقن کي ورهائي ڏنائين، ته شگون
خالي نه وڃي، تقدير اُن وقت به پئي چيو ته دل ننڍي
نه ڪجو . هن ڇوڪري جو اقبال مشڪ وانگر پکڙندو،
949هه ۾ شهزادو جلال الدين تولد ٿيو. همايون علم
هيئت ۽ نجوم ۾ ماهر هو. تنهن ذائچو ڏسي چيو، ته
ڪيترن ئي ڳالهين ۾ امير تيمور کان به وڌيڪ آهي.
چون ٿا ته شهنشاهه کي علم هيئت ۾ ايتري مهارت هئي،
جو ڪيترائي ڀيرا اميرن ڏٺو ته پنهنجي تنبوءَ جي
ڪمري جا دربند ڪري، تاڙيون وڄائيندو ۽ ڪڏهن پِٽڻ
لڳندو هو، ته ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ کان ڦيريون پائڻ
لڳندو هو. چيائين، ته سندس طالع برج اَسد ۾ آهي.
مير فتح الله شيرازي جو اُن زماني جو ارسطو هو،
تنهن به فتويٰ ڏني، ته همايون صحيح آهي.
نوٽ: ترڪستان ايران ۽ خراسان ۾ اهڙا ماڻهو اڪثر
لڀندا جي ڄاڻن ڪجهه به نه مگر دعويٰ اهڙي ڪندا، ته
هو غيب مان واقف آهن. سندن ڳالهين ٻُڌڻ سان حيرت
وٺيو وڃي! مگر بقول مولوي محمد حسين صاحب آزاد ته
”بااقبال ۽ نيڪ نيت انسانن ۾ بعضي اهڙا ته ڪي گڻ
هوندا آهن، جو عام ماڻهن ۾ ٿي نه ٿا سگهن.“
صفويّ ۽ تيموري خاندان جاتعلقات
جن ڏينهن ۾ تيموري خاندان جا شهنشاهه دهليءَ ۾
حڪومت ڪندا هئا، انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ اصفهان جي
تخت تي صفويّ خاندان جا درويش شهنشاهه حڪومت ڪندا
هئا. هن خاندان جو باني شاهه صفيّ رضهّ هو. پاڻ
صحيح النسب سيد، عابد، زاهد ۽ پرهيزگار هو ملڪ
آذربائيجان جي شهر اَردبيل ۾ صبر ۽ قناعت سان گوشي
نشيءَ ۾ زندگيءَ جي ساعت بسر ڪندو هو. ۽ برڪات جي
ڪري سندس اعتقاد ماڻهن جي دلين ۾ موجود رهندو هو.
سندس نيّت جي برڪت ڪري خاص ۽ عام کانسواءِ اعتقاد
ايتري بلنديءَ جي پايهء تي بيٺل هو، جو فقط وقت جا
حڪام نه پر شهنشاهه به کين پنهنجون نياڻيون پيش
ڪري بطور نذراني جي انهيءَ ۾ پنهنجي سعادتمندي
سمجهندا هئا. شاهه صفيّ کانپوءِ سندس فرزند شيخ
صدرالدين سجاده نشين ٿيو جو خدا جي بندن کي فيض
پهچائيندو رهيو. جڏهن امير تيمور سلطان بايزيد
يلدرم کي اُنقره جي ميدان ۾ جيتي روم فتح ڪري فوجن
سميت اَردبيل پهتو، تڏهن هن خاندان جا بزرگ اوصاف
اڳيئي ٻُڌي چڪا هئا. امير سادات ۽ فقرا سان صدق دل
سان اعتقا رکندو هو. انهيءَ خيال سان شيخ جن جي
خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيو ۽ دعا پنڻ لڳو ۽ هدايت لاءِ
زور ڀريائين. تڏهن صفويهّ بزرگ چيس ته ”تو وٽ
هزارين مخلوق خدا قيد آهي، جن روحن کي خداوند
تعاليٰ آزادي ڏني تن کي تنهنجي بندي خاني ۾
غلاميءَ جي طوق ۾ گرفتار ڏسي مون کي خوف ٿو لڳي،
ته خدا جا بندا تنهنجا بندا ڪيئن ٿيندا؟ هنن کي
جلد آزاد ڪر.“
امير تيمور دل و جان سان کڻي قيدين کي آزاد ڪيو،
جن ۾ ڪي غريب هئا ۽ ڪي امير هئا جي هن وقت جنگي
ڦير ڦار ڪري قيد هئا. اُهي اڪثر استجلو، تڪلو،
رستق، رُملو، ذوالقدر، افشار، قاچار، دغلو وغيره
وغيره قبيلن مان هئا. مطلب ته شيخ جي فرمان موجب
اُهي سڀ امير تيمور جي ترنگ مان آزاد ٿيا ۽ شيخ جا
احسانمند ٿيا ۽ سندس عقيدت جو تير دلين ۾ چڀي وين.
وقت جي ايران جي بادشاهه کي شيخ منجهان اچي خوف
جاڳيو، جيئن ته شيخ صدرالدين کان پوءِ شيخ جنيد
مسندِ هدايت تي ويٺو، جو شاهي حڪم موجب قلمر و
ايران مان هجرت ڪري حلب ولايت ڏانهن ويو، اُتي جي
حاڪم ازن حسن پنهنجيءَ ڀيڻ کي شيخ جي حرم ۾ داخل
ڪري هن خاندان جي حوصلي افزائي ڪئي، جنهن مان
سلطان حيدر پيدا ٿيو. جڏهن معرفت جو سلسلو سلطنت ۾
داخل ٿيڻ لڳو، تڏهن پنهنجي مريد کي ڳاڙهي ٽوپي
پائڻ لاءِ فرمائش ڪيائون، جنهن کي ٻارهن ڪنگرا
هئا، جي ٻارهن امامن ڏانهن اشارو ڪن پيا. اُها
ٽوپي سرخ بنات جي هئي اهڙيءَ طرح سان مريدن کي
(قزلباش) سڏڻ لڳا، جنهن جي معنى آهي ”ڳاڙهيءَ
ٽوپيءَ وارا“.
صفويّ بزرگن وٽ اَهل عقيدت جو هجوم ڏسي وقت جي
سلاطين کي منجهائن خوف جاڳيو، جنهنڪري هو ويچارا
عقيدت جي پردي اندر تڪليفون سهندا رهيا، ايتريقدر
جو ڪيترن ئي پيڙهين کان پوءِ شاهه اسماعيل، جو
ترڪن جي خونريز قبيلي جو مرشد هو. سندس مريد پاڻ
کي مرشد جي خدائي فوج سمجهندا هئا، ايتريقدر جان
نثاري ۽جلوه گري ٿيڻ لڳي، جو آخر ننهيال جي طرف
کان شاهه اسماعيل سلطنت جي تلوار کڻي دولت جي
سامونڊيءَ تي سوار ٿيو ۽ قدرتي اقبال تاج ڪياني
سندس مٿي تي رکي کڻي تخت جمشيد تي ويهاريانس.
قزلباشن سندس ۽ سندس اولاد لاءِ تمام گهڻي جان
فدائي ڪئي. هي اُهو زمانو هو، جڏهن شيباني محمد
خان جي اقبال توران ۾ اُزبڪن جي سلطنت جو بنياد
وڌو ۽ اُزبڪن جي قومي دلاوريءَ جي ڪري آل تيمور جي
ڇهن پيڙهين جو بنياد ترڪستان مان اُکڙجي ويو! بابر
به پنهنجي خانداني نمڪ خورن جي نمڪ حراميءَ جي ڪري
وطن کي خيرباد چئي ڪابل جي پهاڙين ۾ دم کڻڻ لڳو.
شيباني خان به سمجهيو ته جيسين تيموري سلطنت جو
حقدار ڪابل ۾ موجود آهي، ۽ صفويّ سلطنت ايران ۾
زور وٺي ويئي ته پوءِ ”خدا حافظ“. صفويّ شيعا هئا
۽ توراني سني. اهڙي طرح سان اُزبڪن کي قومي ۽
مذهبي جوش جاڳيو ۽ شيباني محمد خان به شمشير بڪف
نڪتو. شاهه اسماعيل اُزبڪ تاجدار کي گهڻو ئي
سمجهايو، پر شيباني خان جهڙي تجريبڪار، جنهن
چغطائين کي مات ڪري ڏٺو هو، سو نه مُڙيو. آخر
طرفين جي جنگ لڳي ۽ خراسان جي پاڪ سرزمين لاله زار
بنجي ويئي. هزارن جي تعداد ۾ اُزبڪ ترڪ قزلباشين
هٿان گجرن ۽ مورين وانگر ڪپجي پيا ۽ گهڻا ئي قيد
ٿيا. اُنهن قيدين سان بابر جي ڀيڻ خانزاد بيگم به
هئي. جنهن سان شيباني محمد خان شادي ڪئي هئي پر
پوءِ طلاق ڏني هئائينس ۽ هن وقت سيد هادي نالي
هڪڙي شخص وٽ هئي. شاهه اسماعيل کي جڏهن مٿين
معاملي جي خبر پئي تڏهن شهزاديءَ جي گهڻي عزت
ڪيائين، بابر، جو هن وقت ڪابل ۾ هو، تنهن ڏي ايلچي
جي هٿان ڏياري موڪليائين. صفويّ شهنشاهه بابر کي
آبائي وطن کي هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو رهيو. بابر
سمرقند هيڪر ٻيهر فتح ڪيو پر 918هه ۾ اهڙي حالت
اچي نمودار ٿي، جو رڳو جان بچائي وري ڪابل ڀڄي آيو
۽ هندوستان ۾ اهڙي زبردست سلطنت جو بنياد وڌائين
جو 1857ع ۾ غدر اچي هن خاندان جو صفحهء هستيءَ تان
نالو مِٽائي ڇڏيو.
شاهه
طهماسپ صفويّ ۽ سلطان نصيرالدين
تيموريه ۽ صفويهّ خاندانن جو پاڻ ۾ وڏن کان وٺي
دوستيءَ ۽ عقيدت جو رستو هو.
سلطان نصيرالدين همايون جڏهن ڀائرن جي بي مروتي
ڪري راجپوتانا ۽ سنڌ ۾ قسمت جون گهڙيون آزمائي
رهيو هو، تڏهن محمد بيرم خان جي صلاح ۽ مرضيءَ سان
ايران ڏي رخ رکيائين، ڇاڪاڻ جو پاڻ شهنشاهه هو ۽
شهنشاهن جو قدر شهنشاهه ڪندا آهن. همايون هڪڙو بي
بها جواهر هو، جو اچي شاهه طهماسپ جي دامن تي ڪريو
۽ واقعي شاهه به پورو جوهري هو، جنهن سلطان جي
پوري طرح سان مهمان نوازي ۽ قدر ڪيو.
همايون دشت ۽ جبل لتاڙيندو، جڏهن ايران جي سرحد تي
پهتو، تڏهن تهماسپ مصاحبان باوفا ۽ پنهنجي خاص
اُمرائن کي درٻار مان موڪليو ۽ وڏن شهرن ۾ جيڪي به
اُمراءُ حڪومت ڪندا هئا تن کي حڪم ڏنائين ته نهايت
ئي احترام ۽ اعزاز پرسيءَ جي ساز ۽ سامانن سان
استقبال ڪريو ۽ فوجن کي حڪم ڏنائين ته نهايت ئي
احترام سان سلاميءَ جا حق بجاءِ آڻيو. همايون هن
وقت شهريار بي شهر ۽ بادشاهه بي ساز ۽ سامان هو،
پر جتي جتي هي شاهه بي سپاهه پهتو، اُتي سندس
نوڪرن جي اميرن کان وڌيڪ عزت ٿيڻ لڳي ۽ سندس اميرن
جي بادشاهن کان وڌيڪ عظمت ۽ خاطرداري ٿيڻ لڳي، وري
جا تعظيم ۽ تڪريم بادشاهه جي ٿي تنهن کان تاريخ جا
ورق رنگين آهن ۽ قلم کي مجال نه آهي جو شاهي
ضيافتن جي داستان کي ڪن ٿورن لفظن ۾ رقم ڪري سگهي!
آمدم برسرِ مطلب ته جنهن جنهن مقام وٽ همايون جي
سواري وارد ٿي، اُتي جا حاڪم سپاهه سميت زرق ۽ برق
جي پوشاڪن سان اچي همايون جو رقاب چميائون ۽
نذرانا پيش ڪري لغام کي چُميائون. جڏهن بادشاهه
کين اشارو ڪندو هو تڏهن سوار ٿيندا هئا، نه ته
پيادل رقاب سان گڏ هلندا هئا. ڪوهن ۾ مخمل ۽ زربفت
جا زرين فرش وڇائجي ويا ۽ جنهن محل ۾ همايون لهندو
هو اُتي ايتري آرائش ۽ تڪلف جو سامان موجود هو
گويا جشن جمشيدي جو سچو نظارو لڳندو هو. وري جڏهن
سواري اڳتي هلندي هئي ته اُمراءُ ۽ نوڪر تيموري
شهزادي تان زر ۽ گوهر جا طشت ڀري قربان ڪندا هلندا
هئا. شاهه طهماسپ صفويّ اڳ حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، ته
خبردار جيترو خرچ لڳي شاهي خزاني مان خرچ ڪريو، پر
جيئن مهمان جي دل رنج نه ٿئي. تاريخ جا راوي هن
ريت روايت ڪن ٿا ته هرات ۾ شاهه جو پٽ فرمان روا
هو. هن شاهي باغ ۾ جشن سلطاني جي محفل برپا ڪرائي،
جتي موسيقي جا ماهر جادوگري ڪري رهيا هئا.
ايران جي خاڪ جهڙي گل انگيز آهي، اُهڙيءَ طرح سان
دانش
خيز ۽ نُڪته ريز آهي. شاهي مهمان نوازيءَ جو حق
تزڪ ۽ احترم سان پي هليو. ٻئي طرف اهو به خوف هو،
ته امير تيمور جي پنجين پيڙهيءَ مان پوٽو ايران جي
سرزمين تي موجود هو، چرچو نه هو، متان ڪو فساد
قلمرو ايران ۾ نه پئي! هڪڙي طرف شاهي مهمان نوازي
۽ جشن جا سامان هئا، ته ٻئي طرف گويا همايون سياسي
قيدي به هو! اهڙيءَ حالت ۾ شهنشاهه بي سپاهه هڪڙو
خط لکي شاهه عالي جاهه جي خدمت ۾ محمد بيرم خان جي
هٿ ڏياري موڪليو، جيڪو حسن جي رسائي ۽ دانائيءَ جي
جوهر سان جواب وٺي موٽيو. شاهه ايران ايتريقدر خوش
ٿيو.
همايون محبت ڀريو جواب ڏسي خوش ٿيو ۽ شاهه
عاليجاهه جي لشڪر گاهه ڏانهن روانو ٿيو. ملاقات جي
ڪيفيت کي ادا ڪرڻ هت محال آهي، ڇاڪاڻ جو شهزادن ۽
اُمرائن جيڪي طلسمات انگيز محفلون شاهه جي سپاهه
لاءِ برپا ڪيون، اُنهن شاهي محفلن جو بيان ڪرڻ هتي
دشوار آهي، جيئن ته شهنشاهه پاڻ مهمان ۽ شاهه پاڻ
ميزبان! قابل تعريف بيان هن ريت آهي ته هڪڙي ڏينهن
ٻئي شهنشاهه گڏ شاهي مسند تي ويٺل هئا، پر همايون
جو دامن مسند کان هيٺ لڙڪي رهيو هو، نديم ڪوڪلتاش،
جو همايون جو هڪڙو امير هو، سو اهو تاب سهي نه
سگهيو ته ڪو سندس آقا جو دامن مسند کان هيٺ لڙڪي،
سو پنهنجي ترڪش جو زرين غلام ڪمر مان ڦاڙي تنهن کي
خنجر سان چيري پنهنجي بادشاهه جي دامن جي هيٺان
وڇايائين. امير جي وفا جو اهڙو جوش طهماسپ کي پسند
آيو ۽ همايون کان پڇيائين ته اهڙا باوفا جان نثار
تنهنجي خدمت ۾ آهن! پوءِ ههڙي نوبت کي ڪيئن پهتين؟
همايون جواب ڏنو ته جي هنن جي راءِ تي عمل ڪيان ها
ته دهلي جو تخت هٿان نه وڃيم ها، پر ڀائر جن کي
بازن جي قوت ڄاتم، سي ڦري نانگ ٿي پيا! مطلب ته
شاهه مطلب کي سمجهي ويو، وڌيڪ شهنشاهه کي اها
هدايت ڪيائين، ته ”جي ڪريم ڪارساز هن ڀيري ڪرم ڪري
۽ توهن هندوستان پهچين، ته تنهنجو پهريون فرض اهو
آهي، ته اُتي جي رهاڪن سان اتحاد ۽ مصلحت سان پير
کڻجان، اهو لحاظ رکجان“ بس ائين چئي حڪم ڏنائين،
دسترخوان وڇائجي ويا، ميزباني جو باريڪ لحاظ اهو
رکيل هو، جو سام مرزا شاهه جي ڀاءُ چلمچيءَ سان
شاهه ۽ همايون جا هٿ ڌوئاريا. شاهه همايون کي
اشاري سان چيو، ته ڀائرن کي هن ريت رکجي! جڏهن
فارغ ٿيا تڏهن بهرام مرزا شاهه جي ٻئي ڀاءُ اشارو
ڪري چيو ته هي اُنهيءَ بادشاهه جو پٽ آهي، جو
قزلباشن جي فوج اُزبڪن کان مارائي اچي ڪابل جي
پهاڙين ۾ لڪو هو. اهڙو اشارو فردوس مڪاني بابر
ڏانهن هو. همايون شاهي محفل ۾ اهڙا لفظ ٻڌي البت
گهٻرائجي ويو، پر شاهه جي ڀيڻ سفارش ڪئي.
همايون جي واتان مٿيان دُرِ بي بها ٻڌي شاهه ايران
ڏاڍو خوش ٿيو. جيتوڻيڪ شاهه جي ڀائرن البت نڪته
ريزي ڪئي پر همايون گوءِ کڻي ويو، تنهن کانسواءِ
قصو هن ريت ختم ٿيو جو خود شاهه جي ڀيڻ به مهمان
جي حوصله افزائي ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي، پوءِ ته ورهن
تائين عيش ۽ شڪار جون محفلون گرم رهيون. شاهه
ڪجڪلاهه ڏهه هزار جانباز ايراني فوج قزلباشن جي کي
تيار رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. بداغ خان افشار پنهنجي
هڪڙي سپهه سالار کي سندن واڳون سپرد ڪري کيس هن
ريت چيو ته ”يامرجانءِ يا مارجانءِ پر پٺتي ڪين
موٽجانءِ“. همايون ايران جي سير ۽ سياحت تي نڪتو،
اَردبيل پهچي شاهه صفويّ جي مزار مبارڪ تي فاتح
پڙهي اُتان تبريز ٿيندو مشهد مقدس پهتو، جتي
قزلباشن جي فوج تيار بيٺل ڏٺائين.
همايون جو اسڪندر شاهه سوريءَ کان دهلي فتح ڪرڻ
اسين اڳ چئي چڪا آهيون ته سور خاندان مان عادل
شاهه دهلي جي تخت تي هو، پر حڪومت جون واڳون سندس
وزير هيمو بقال جي هٿ هيٺ هيون، جو نيچپائي سان
حڪومت ڪرڻ لڳو، سُتت ئي ملڪ ۾ فساد پيا، ابراهيم
شاهه دهليءَ ۽ آگري تي قبضو ڪيو پر ٿوري ئي وقت ۾
اسڪندر شاهه تخت ۽تاج جو مالڪ بنجي پيو.
همايون جي ڪاهه جون خبرون ڪابل ۽ دهلي جي ديوارن
تائين پهچي ويون هيون، 25 سال اڳ جيئن فردوس مڪاني
بابر ڪابل ۽ قنڌار فتح ڪيو، تيئن جنت آشياني
همايون سن 1545ع ۾ عسڪري مرزا کان قنڌار فتح ڪيو.
سن 1547ع ۾ ڪامران کان ڪابل فتح ڪيائين. شهزادو
اڪبر جو هن وقت 12 ورهين جو هو سو پيءُ سان
هندوستان جي ڪاهه تي گڏ هو. 5 يا 8 سال ته همايون
کي ڀائرن سان چوٽون کائيندي گذريا. ڪامران بکر جي
قلعي ۾ اچي پناهه ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا حسن
ارغون پنهنجي ڌيءَ چوچڪ بيگم جي ساڻس شادي ڪرائي،
آخر هن همايون کان معافي گهري، جنهن سندس اکيون
ڪڍرائي کيس مڪي شرف ڏياري موڪليو. هندال جنگ جي
ميدان ۾ مارجي ويو. عسڪري به مڪي شريف ڏانهن زيارت
ڪرڻ جي ارادي سان روانو ٿيو، پر واٽ تي گذاري ويو.
سن 1555ع ۾ همايون 15 هزار جانباز فوجن جي مدد سان
هندوستان تي ڪاهه ڪئي، سڪندر شاهه سور اَسي هزار
دلاور پٺاڻن جي فوج سان سندس مقابلي لاءِ سرهند وٽ
سد سڪندري ٿي بيٺو پر بيرم خان جي سرپرستي هيٺ
افغانن شڪست کاڌي. سڪندر شاهه هماليه جبل جي ترائي
وارن ڳوٺن ۾ وڃي لڪو، همايون شهزادي اڪبر کي سندس
پٺيان روانو ڪيو. فتح ۽ نصرت همايون جا اچي پير
چميا دهلي ۽ آگرو فتح ڪيائين. پنهنجي وفادار
اُمرائن کي سرڪش افغانن جي مقابلي ۾ جدا جدا
علائقن تي چاڙهي موڪليائين. همايون آرام سان دهلي
۾ وقت گذارڻ لڳو. اڃا کيس 6 مهينا مس گذريا ته
اوچتو هڪڙي شام جو ڪتب خاني جي ڏاڪڻ تان، جا سنگ
مرمر جي هئي، سندس پير ترڪي پيو. اهڙو ڪاري زخم
لڳس جو هڪدم وڃي جنت داخل ٿيو. سندس عمر هن وقت 49
ورهيه هئي. شهزادو اڪبر جو هن وقت غير حاضر هو،
تنهنڪري خوف هو ته متان ڪو فساد نه جاڳي، تنهنڪري
شڪيبي شاعر کي جو درٻار جو شاعر هو ۽ سندس شڪل
همايون جهڙي هئي تنهن کي شهنشاهه جو ويس پهرائي
کڻي تخت تي ويهاريائون، ڪنهن ڪين ڄاتو ته ڪير آهي.
ايتري ۾ قاصد به وڃي اڪبر وٽ پهتو، جنهن اچي واڳون
سنڀاليون.
جلال الدين محمد اڪبر اعظم
امير تيمور هندوستان تي ڪاهه ڪئي. سندس ڪاهه ڄڻ هڪ
طوفان هو، جو هندوستان تي آيو ۽ هليو ويو. فردوس
مڪاني بابر جو سندس چوٿين پيڙهيءَ مان پوٽو هو،
سوا سو ورهيه پوءِ هندوستان ۾ آيو. هن سلطنت جي
بنياد کي مس وڌو، ته وڃي فردوس داخل ٿيو. همايون
سندس پٽ بنياد کي کوٽي سلطنت جي عاليشان عمارت کي
برپا ڪرڻ لاءِ اڃاڪي ٿوريون سرون مس وڌيون ته شير
شاهه جي اقبال کيس دم پٽڻ نه ڏنو. پوئين عمر ۾
ڏاکڙن ڪڍڻ کان پوءِ هن وري هندوستان فتح ڪيو، پر
سندس عمر ساڻس وفا نه ڪئي. سن 963هه ۾ سندس
بااقبال فرزند ارجمند جلال الدين محمداڪبر تخت تي
ويٺو، تيرهن ورهين جي ڇوڪري جي ڇا مجال هئي جو
سلطنت جي مختلف ڪاروبارن کي سنواري سگهي پر خدا جي
قدرت ڏسو جو محفل تيموري جي هن روشن مڻئي مغليه
سلطنت جي بنياد کي انتهائي بلنديءَ تائين پهچائي
ڏنو ۽ وري بنياد کي ايتري اُستوار ڪيائين جو وري
پشتن تائين ڪا جنبش ڪين کاڌائين. هو لکي پڙهي ڪين
ڄاڻيندو هو پر پنهنجي حسن تدبير ۽ نيڪناميءَ جا
ايترا ته داستان لکي ويو جو صبح ۽ شام گردش ايام
سندس يادگارن کي گهي گهي مٽائي رهيو آهي، پر سندس
يادگارون ايتري گسجڻ ڪري نت نئين سر چمڪاٽ ڏيئي
رهيون آهن. اگر هن بااقبال شهنشاهه جا پويان
جانشين به سندس جڙيل رستي تي هلن ها، ته هندوستان
جا رنگارنگ فرقا محبت جي درياهه جي هڪڙي گهاٽ تان
جيڪر پاڻي پيئن ها، پر افسوس 1857ع جو زمانو
ڪالهوڪو خواب هو، جڏهن دهليءَ جي اسلامي محفل ڦٽي
برباد ٿي ويئي! شاهه ڀٽائي عبداللطيف رحه
ان باري ۾ خوب چيو آهي:
اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳي ذات،
آديسي اُٿي ويا، وهاڻيءَ پرڀات،
ساريندي سناسين کي رُنم ساري رات،
تن جن جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا!
هن باجبروت شهنشاهه جي فتوحات جو دائرو جيتوڻيڪ
هندوستان جي حدن تائين محدود هو پر گهڻا اهڙا ڪم
ڪيا هئائين، جن کي سرانجام ڏيڻ سندس جرئت ۽ همت جو
ئي ڪم هو. اڪثر چغتائي مؤرخن اهڙن واقعن کي پيشن
گوئي ۽ ڪرامت جي رنگ ۾ لباس چاڙهيو آهي. واقعي
اُهي مؤرخ به سندن نمڪ خوار هئا، وري مشرق جي انشا
پردازن به اُنهن واقعاتن کي طرح طرح رنگن ۾ ظاهر
ڪيو آهي پر بقول شمس العلما مولوي محمد حسين صاحب
آزاد، ته ”بااقبال ۽ نيڪ نيت انسانن ۾ بعض ڪي اهڙا
گُڻ ٿيندا آهن، جي عام ماڻهن ۾ ٿي نه ٿا سگهن“ عرش
آشياني اڪبر اعظم، جو هن تيرهن ورهين جي عمر ۾
دهلي جي تخت تي ويٺو، سو ڪهڙي قابليت جو صاحب هو؟
سو هن مان معلوم ٿي سگهندو ته ننڍي عمر ۾ باز باشا
اُڏائي شڪار ۾ وقت گذاريو هئائين، نه وٽس ڪا علم
جي دولت هئي، سندس اهلڪار سرمست مغل هئا جن کي
پنهنجيءَ تلوار جو غرور هو، ٻيو هندوستان سراسر
بيگانو ملڪ! رڳو دهلي ۽ آگره سندس قبضي ۾ هئا،
فتوحات جو سمورو ڪم رهيل هو. اهڙن پيچيده حالتن ۾
ملڪ جي سياسي، خارجي، اندروني معاشرتي ۽ مذهبي
معاملات جي وٽس دوربيني هئي، جو سڪندر اعظم جي
نالي کي مِٽائي ڇڏيائين. نوشيروان جي انصاف جي وٽس
بي بها دولت، هارون الرشيد اعظم جي صحيح تصوير،
اقبالمندي، بهادري، ڪرامت، حسن محبت، انصاف جي
ڪسوٽي ۽ روشن ضميريءَ جا گڻ جي ڪنهن کي ڏسڻا هجن
ته هن انسانيت ڪبرى جي صحيح تصوير ۽ امير تيمور
ثاني جي داستان اڪبر نامي کي پڙهي ڏسي! ۽ پوءِ پاڻ
انصاف ڪري ڏسي ته گورگاني محفل ۽ چغتائي خون ۾ يا
ته امير تيمور ٿي گذريو يا ته کائنس پوءِ روشن
ستارو اڪبر اعظم سندس اولاد مان ٿي گذريو، جنهن جو
اڄ به نالو صفحهء هستيءَ تان مٽجڻ جو ڪينهين، خواه
زمانو ڪيترائي حيلا کڻي ڪري!
سرشار کردیا جنہیں ساقی کی آنکھ نے،
ہو خاک آرزو انھیں جامِ شراب کی۔
جلوس تاجپوشي
جڏهن همائي همايون جي روح عالم قدس ڏانهن پرواز
ڪيو، تڏهن سلطنت جي صلاحڪارن مان محمد بيرم خان
(خان خانان) اُمراء کي جمع ڪري جلسو ڪيو ۽ بموجب
اتفاق 2 ربيع الثاني سن 963هه مطابق سن 1556ع ۾
نماز کان پوءِ تيموري تاج اڪبر اقبال جي رنگ ۾
جلوه گر ٿيو. بموجب آئين چنگيزي ۽ تيموري جشن جون
رسمون شاهاڻي طور سان ادا ٿيون. بهار گل وسايا،
آسمان تارا قربان ڪيا، اقبال مٿي تي سايو ڪيو.
خلعتون ۽ جاگيرون ورهايون ويون ۽ فرمان جاري ٿيا.
اتاليقي ۽ سپهه سالاري جي منصب جو وڪيل مطلق خان
خانان هو. واقعي عزت جي لائق هو! ڇاڪاڻ جو خانداني
رفيق هو ۽ سفر ايران ۾ همايون تي سندس سايو هو ۽
سندس ئي حڪمت عمليءَ سان ايران جي شاهه جي مدد سان
هن هندوستان جي وڃايل دولت وري هٿ ڪئي هئي. ڪنهن
به امير کي مجال نه هئي جو سرڪشي جو دم هڻي سگهي
شاهه ابوالمعالي جي البت نيت ڪجهه بگڙي، پر خان
خانان جنهن جي دستر خوان تي ٽيهه هزار بهادر پلاءَ
جون ٿالهيون چٽن، تنهن جي اڳيان ڪنهن جي مجال هئي،
جو مٿو کڻي سگهي؟ ٻئي طرف شهنشاهه جيتوڻيڪ عمر جو
ننڍو هو پر اقبال اڪبري ۽ سندس نيّت جي جوهر
افشاني ڏي ته غور ڪري، ڏسو جو جلسي تيموري جي
پهرئين ڏينهن سوداگريءَ جي سڀ مال اسباب تان محصول
بند ڪري ڇڏيائين. جيتوڻيڪ اڃا حڪومت جون واڳون
بيرم خان جي هٿ ۾ هيون. اهلڪارن ننڍي شهنشاهه کي
سمجهايو، ته هي هندوستان ملڪ آهي، مٿيون محصول به
هڪ ولايت جي خرچ جي برابر آهي، پر دريا دل شهنشاهه
پرواهه نه ڪئي چيائين ته ”رعيت جي ڳنڍ ڪپي شاهي
توٻرا ڀرجن اهڙي خزاني تي حيف آهي.“
هيمون بقال
هيموءَ جي اصل ۽ نسل جو بيان سندس ترقي سميت اڳ
ڏيئي چڪا آهيون، ايترو سمجهڻ گهرجي ته افغاني
اقبال جو جڏهن ستارو گردش ۾ هو، تڏهن سندس ترقي
پرواز ڪرڻ لڳي. افغان امير ۽ سردار جيڪي بادشاهيءَ
جا دعويدار هئا، سي سڀ پاڻ ۾ لڙي کپي ويا. ٺهيل
ٺڪيل فوج ۽ خزانا سندس قبضي ۾ اچي ويا پوءِ خيالات
۽ نسل ڦيلائڻ لڳو. ساڳي وقت همايون به وفات ڪئي.
هيمونءَ جي دماغ ۾ جو اُميد آنا ڏنا هئا تن جي ٻچن
ڦٽي پر ڪيا. سمجهيائين ته 14 ورهين جو ڇوڪرو ۽
اُهو به سڪندر سور سان جلندر جي پريان پهاڙين ۾
ويڙهه ۾ مشغول آهي، سو خيال ڪيائين ته بابر ۽
همايون جي ڏينهن ۾ تو هتي وقت گذاريو، سو هن ڇوڪري
جي ڇا مجال جو مقابلو ڪري سگهندو. غرض ميدان خالي
ڏسي اڳتي وڌيو. آگري تي ڌڪ هنيائين، سڪندر خان
اڪبر جي صوبيدار جي همت به ڏسو جو قلعو حوالي ڪري
اُٿي ڀڳو ۽ هزارن جي تعداد ۾ مغل قيد ٿي ويا ۽
ڪيترائي مارجي ويا! هيمونءَ جا حوصلا وڌيا آگرو هٿ
ڪيائين يڪدم دهليءَ ڏي رخ رکيائين، مگر طوفان
وانگر. ڇاڪاڻ جو وٽس 50 هزار پٺاڻن جي جرار فوج
هئي، تنهن کانسواءِ ميواتي راجپوت هڪ هزار هاٿي 51
قلعه شڪن توپون، سو درياهه وانگر چغتائي صوبن کي
لتاڙيندو دهليءَ تي ڪاهي آيو. تردي بيگ ۽ ملان پير
محمد دهليءَ جا سپهه سالار هئا، اوچتي آفت جو
مقابلو ڪيائون، دهليءَ کان ستن ميلن جي فاصلي تي
تغلق آباد وٽ جنگ لڳي، ملان پير محمد پيرن کي
سوريندو ميدان ۾ آيو. هيمونءَ وٽ به تجربيڪار
افغان هئا، جنگ کٽيائين، آخر دهليءَ جو تخت هو، جو
آيو سو شهنشاهه ٿيو. هڪدم جشن لاءِ حڪم ڏنائين ۽
گهڙي پل ۾ وڪرما جيت جو لقب ورتائين، بادشاهه ۽
خان خانان سڪندر سور سان هماليه جي دامن ۾ جنگ ۾
رڌل هئا، تنهنڪري هيمونءَ کي به دهليءَ جي تخت تي
آرام نه آيو، فوجون وٺي پاڻي پٽ ڏانهن وڌيو. اڪبر
کي خبر پئي، خان خانان لشڪر کي حوصلا ڏياري قرباني
جي عيد جلندر ۾ پڙهي. مبارڪباد وٺي اڳتي وڌيا.
هيمونءَ جو سڪو به سڀني جي دلين تي ويٺل هو، ڇاڪاڻ
جو ملان پير محمد جهڙن ڪهنه مشقن جي بقال اڳيان
دال ڳري نه سگهي پر اڪبر جي جان نثارن ڏي به غور
ڪري ڏسو، جو شهنشاهه اڃا دهليءَ کان 5 ڪوهن جي
مفاصلي تي هو، ته قاصد آڻي رڪاب کي چُمي عرض ڪيو
ته قبلا فتح اسان جي آهي. علي قلي خان ۽ خان زمان
خان جي ملان پير محمد وانگر شاهي ديڳ جي کرچڻ هئا
فقط 10 هزار اڪبري جان نثار وٺي اڳيئي هيمونءَ جو
ڪم لاهي بيٺا هئا اڃا قاصد ڳالهه ختم ئي ڪانه ڪئي
هئي ته هيمون مجروح ۽ بدحال ٿي سامهون آڻي
بيهاريائونس. شيخ گدائي ڪنڀو جو خانداني مسند تي
صدرالصدور جي عهدي تي هو، تنهن شهنشاهه کي عرض ڪيو
ته تلوار هڻي ڪم پورو ڪري ڇڏيوس پر عرش آشياني رحم
جي فرشتي وراڻي ڏني ته ”هو پاڻ مري ٿو مُئي کي ڇا
مارجي!“
وڪرما جيت ثاني پاڻ ته مجروح ٿي ڪريو پر سندس زال
جا احوال ٻُڌو! جو خزاني جا هاٿي ڀريل وٺي اڳتي
هشيارپور جي جهنگن ڏانهن ڀڳي، حسين خان ۽ پير محمد
ملان سندس پٺيان لنڊا گهوڙا ڇڏيا، آخر ڪراڙيءَ کي
آڻي قابو ڪيائون، ڪجهه ته دولت رستي ۾ ڀڄندي ڪري ۽
ڪجهه غازي مردن جي هٿ چڙهي، اُها به ايتري هئي جو
ڍالون به ورهائي کنيائون. جنهن رستي کان راڻي
لنگهي هئي سون جون اشرفيون ۽ روپيا رستي تي ڪرندا
ويا، جو ورهين تائين مسافرن پئي لڌيون، خدا ڄاڻي
ڪهڙن حيلن سان اها دولت گڏ ٿي هئي جو مٿين طريقي
برباد ٿي.
بيرم خاني دور جو خاتمو
عرش آشياني اڪبر جو چئن سالن تائين اهو حال هو جو
شطرنج جي ڳوٽ وانگر تخت تي ويٺل هو. خان خانان
مختيارڪل هو، جهڙي چال چاهي هلي پي سگهيو. کيس
ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه هئي. اڪبر به نيزي
بازي چوگان بازي ۽ باز باشن اُڏائڻ ۾ وقت گذاريندو
هو. جاگيرون انعام ڏيڻ انعامن جي موقوفي ۽ بحالي
مطلب ته سمورو سلطنت جو ڪاروبار خانِ خانان جي هٿ
۾ هو. سندس مٽ مائٽ نوڪر چاڪر زرخيز جاگيرن جا
مالڪ هئا ۽ پوشاڪن ۾ به بوقلمون هئا. ٻئي طرف
بادشاهي نمڪ حلال، جي شهنشاهه جي پيءُ ۽ ڏاڏي جي
عهد کان خدمتن جا دعويدار هئا، سندن جاگيرون
ويران، پاڻ پريشان ڏاڍيءَ شڪست حال ۾ هئا، بلڪ خود
شهنشاهه به پنهنجي شوقن وٺڻ لاءِ خزاني لاءِ تنگ
هو. تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن تنگ ٿيندو هو، پر 15 يا 16
ورهين جي ڇوڪري جي ڇا مجال جو اهڙي ڪنهن مشفق
اڳيان دم ڀري سگهي، جنهنجي اتاليقي هيٺان هن ورهين
جا ورهيه گذاريا هئا. ماڻهو اڪثر اچي شڪايتون ڪندا
هئا. بادشاهه ٻڌندو هو، پر ماٺ ڪندو هو. اڪثر ڪي
امير ۽ ڪي خان خانان جا مائٽ به سندس خلاف هئا پر
ان ۾ به راز هو، ته بادشاهه اختياريون وٺي ته پوءِ
جوان بادشاهه کي ريبي جاگيرن جامالڪ بنجي
پونداسون. پر اهڙن اميرن کي اها ڳالهه نصيب نه ٿي،
جيئن ته غيب جي پردي مان اڪبر اهي لياقتون وٺي
نڪتو هو جو هزارن مان ڪنهن به بادشاهه کي نصيب نه
ٿيون. سن 968هه ۾ شهنشاهه سموريون اختياريون
پنهنجي قبضي ۾ رکيون ۽ اهڙو وقت هن لاءِ سخت نازڪ
هو، جيئن ته:
(1)
بادشاهه بي علم ۽ ناتجربيڪار، 17 ورهين جو نو عمر
جوان هو. ننڍي هوندي عمر اُنهن چاچن وٽ گذاري
هئائين، جي سندس پيءُ جا دشمن هئا، وري اڃا هوش
آيس ته سمورو وقت باز باشن اُڏائڻ، ڪتن ڀڄائڻ ۽
هاٿي ويڙهائڻ ۾ گذاريائين.
(2)
اڃا ڇوڪرو هو، ته بادشاهه ٿيو، حڪومت جو ڪم (خان
بابا) جي هٿ ۾ هو، پاڻ شڪار کيڏڻ ۽ مست هاٿين
ويڙهائڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو، رڳو مفت جو بادشاهه پئي
سڏيو.
(3)
اڃا سمورو ملڪ فتح به نه ٿيو هو جو پورب ۾ پٺاڻ
زور آزمائي ڪري رهيا هئا، هر هڪ هندوستان جو راجا
وڪرماجيت ۽ راجا ڀوڄ بنجي پيو هو، وري سلطنت جو
بارِگران سندس
مٿي تي رکيو ويو، جو هن هٿن سان کنيو.
(4)
بيرم
خان وڏو منتظم،
جنهن جي لياقت سان همايون وري تخت هٿ ڪيو. جنهن جي
دستر خوان تي ٽيهه هزار پهلوان اُزبڪ ٻوڙ ۽ پلاءَ
کائن! اهڙي امير جو يڪدم درٻار مان نڪري وڃڻ ڪو
آسان ڪم نه هو، خصوصاً اهڙي حالت ۾ جڏهن ملڪ چؤطرف
باغين سان ڀرپور هو.
(5)
سڀ کان وڌيڪ اها مشڪلات هئي، جو ڪاروباري امير ۽
سلطنت جا صلاح ڪار اُهي سرمست مغل ۽ اُزبڪ سردار
هئا، جن همايون کي سندس ڀائرن کان جدا ڪرائي دربدر
ڦيرايو وري جو بيرم خان به لادعوى ٿي پيو، ته هرڪو
بددماغي جي نشي ۾ سرشار ٿي پيو. مثال لاءِ جڏهن
بادشاهه شاهه ابوالمعالي کي درٻار ۾ گهرايو، ته
اچڻ کان انڪار ڪيائين، چيائين ته ”جي درٻار ۾ آيس
ته ڪٿي ويهاريندؤ؟ ۽ ٻيا امير مونکي ڪهڙي عزت
ڏيندا؟ غرض هر هڪ امير خودمختيار هو مگر آفرين
برهمتِ مردانه تو جو ڪنهن مشڪل کي خيال ۾ به نه
آندائين.
پهريون سخاوت جي ذريعي سان وڏن وڏن ڊنگن کي
ڪيرائي وڌائين، جي سخا سان به نه ڪريا تن کي تيغ
اڪبرئ جو ميدان ۾ مزو چکايائين
سندس نيڪ نيتي هر هڪ ارادي کي پورو پئي ڪيو. وري
اقبال اڪبرئ جي سايهء ڏي به غور زور ڪري ڏسو جو
فتح ۽ ظفر سندس قدم چميا جتي جتي سندس لشڪر ويو
اتي اهڙي کڙڪي ۽ ڌڌڪار سان يلغارون ڏنائين جو ڪنهن
محل سپاهي ۽ پراڻا سپهه سالار سندس مردانگي جي
جوهر کي ڏسي وات ڦاڙي رهجي ويا. شهنشاهه حڪومت جون
واڳون هٿ ڪري خان بابا کي صلاح ڏنائين ته مڪي شريف
وڃي زيارت جو شرف حاصل ڪريو. خان بابا حج ڪرڻ جي
ارادي سان گجرات ڏانهن روانو ٿيو پر ڪن شازشين جي
صلاح سان غلطي ڪري فساد کڙو ڪيائين پر سندس باغي
رفيق شڪست کائي ڀڳا فياض شهنشاهه پنهنجي امير کي
معافي ڏني هو ٻئي ڀيري حج ڪرڻ لاءِ اُسريو پر واٽ
تي هڪڙي سندس افغان دشمن ماري وڌيس اِنالله و اِنا
اليھ راجعون.
]
فتوحات اڪبري[
فتح گجرات
مالوه ۾ شيرشاهه جي طرفان شجاول خان حڪمراني ڪندو
هو. سندس وفات کانپوءِ مسند تي بايزيد خان (باز
بهادر) جي لقب سان جلوه گر ٿيو. هوڏانهن اقبال
اڪبرئ جو شهباز به ملڪ گيرئ جي حوص ۾ پرواز ڪري
رهيو هو. ماهم بيگم جنهن جو اڪبر ننڍي هوندي کير
پيتو هو. تنهن جي پٽ اڌم خان کي لشڪر ڏيئي مالواه
تي چاڙهي موڪليائين.اڪبري لشڪر فتحياب ٿيو، ناز ۽
نعمت جو پليل باز بهادر ائين ڀڳو جيئن آنڌارئ
اڳيان ڪانو ڀڄندو آهي! پراڻي سلطنت هئي دولت
بيقياس جواهر ۽ خزانن مان ڪوٺا ڀريل هئا. توشا
خانا عجيب ۽ لطيف شين سان ڀريل هئا. هاٿين جو ته
اندازو به نه هو. باز بهادر عيش جو بندو هو، ناچ ۽
راڳ ۽ رات ڏينهن رنگ رلين ۾ گذاريندو هو. سندس
درٻار ۾ ناچو ۽ ڪلاونت نوڪر هئا، هزارين لونڊيون
حرم سراءِ ۾ داخل هيون. بيقياس دولت جو هٿ آئي، ته
اڌم خان جوبه مٿو ڦري ويو. ٿورا هاٿي ۽ عرضداشت
بادشاهه ڏي روانا ڪري جاگيرون ۽ علائقا پنهنجي سر
اُمرائن کي ورهائي، پاڻ موجون لٽڻ لڳو. پير محمد
خان گهڻو ئي سمجهايس، پر هوش نه آيس. باز بهادر
عيش پرست هو، سندس حرم سرا ۽ درٻار راجا اندر جو
آکاڙو هو. روپ متي هڪڙي درٻار جي پريزاد هئي جنهن
جي حسن جو عالم ۾ چرچو هو. حسن ۽ جمال جي هيءَ
ديوي حاضر ڪلامي ۽ خوش الحاني ۾ فقط بينظير هئي.
پربدر منير به هئي. باز بهادر ۽ ديوئ جي پاڻ ۾
ايتريقدر محبت هئي، جو ٻنهين جهانن کان بي نياز
هئا! روپ متي جي محبوبن ۽ خوبين کي ڏسي اڌم خان ته
سندس عشق ۾ کينهوڙو ٿي پيو. روپمتي کي سهيلين گهڻو
سمجهايو، ته اڌم خان خوشرو بهادر جوان آهي ۽
شهنشاهه اڪبري جي دائي جو پٽ آهي وغيره وغيره پر
عورت وضع دار هئي، گهڻن ئي مڙسن جون اکيون ڏٺيون
هئائين، دل نه ڀڙايس. آخر اڌم خان کي ملاقات لاءِ
چوائي مُڪائين. هار سينگار ڪري عطر عنبير مکي ڇپر
کٽ تي ليٽي پئي. هوڏانهن واعدي جو پابند اڌم خان
به مڇ کي مروڙ ڏيندو خوش ٿي آيو، ته قبول پيو
آهيان. جان کٽ تي ويهي ڏٺائين، ته روپ متي نه چري
ٿي نه پري ٿي باريڪ نقاب منهن تي ويڙهي ستي پئي
آهي. اُٿلائي پٿلائي ڏٺائين ته تعجب جي درياهه ۾
غرق ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو روپ متي سندس اچڻ کان اڳ
وفا جو زهر قاتل پي پنهنجو ڪم پاڻ پورو ڪري ڇڏيو
هو.
اڪبر جي ڪن تي جڏهن فسانهء عشق جي راز ۽ نياز جي
ڳالهه پهتي، تڏهن بجلئ وانگر آگره کان روانو ٿيو ۽
هڪ هفتي اندر اقبال جي سامونڊئ تي چڙهي اچي حاضر
ٿيو. نمڪ حلالن رڪاب بوسي ڪئي، سڀني کان حال وٺي
خوش ٿيو. اڌم خان به آيو حيلا بهانا ڪيائين، پر
قبول نه پيا. ملڪ جو بندوبست ڪري آگره موٽيو، ٿورن
ئي ڏينهن ۾ اڌم خان کي واپس گهرائي ناصرالملڪ
ملان پير محمد کي مالوه جي حڪومت مرحمت ڪيائين.
ڪاٺياواڙ ۽ سورت تي ڪاهه
چنگيزي ۽ تيموري همت ۽ بابري فتوحات جاڳڻ هن
شهنشاهه ۾ هئا.
سندس مُئي کانپوءِ اهي وصفون ڪنهن به بادشاهه جي
دماغ ۾ نه هيون، سندس پويان ڄڻ دوڪاندار بقال هئا،
جي رڳو گادئ تي ويهي ڄاڻندا هئا. سبب رڳو هندوستان
جي آرام طلب خاڪ ۽ بزدل پاڻي، خزاني جي گهڻائي هو،
هتي جو سندن اولاد پيدا ٿيو، سو هڪ نئين مخلوق هو،
جنهن کي اها خبر به نه هئي ته سندن وڏا ڪير هئا؟
نتيجو اهو نڪتو جو جيڪي فتح ڪيائون، سو ته در ڪنار
پر جيڪي هٿ ۾ هيٺ هو، سو به وڃائي ڇڏيائون!
سن 1572ع ۾ جڏهن سورت جي فسادن کي روڪڻ لاءِ نڪتو
تڏهن اهڙي تيزي سان حملو ڪيائين جو جڏهن مهندري
ندئ جي ڪپ تي پهتو تڏهن وٽس رڳو چاليهه سوار هئا.
راجا مان سنگهه سندس پٺيان هو. ٻنهين اهڙي ته
تلوار هلائي جو دشمنن جا حوصلا خطا ٿي ويا.
شهنشاهه فتح ۽ نصرت سان بڙودي پهتو، هن مهم ۾
کنڀات، احمد آباد ۽ سورت جو مشهور قلعو فتح
ڪيائين. هتي ڪي توپون هٿ ڪيائين، جن تي ترڪي جي
سلطان سليمان خان اعظم جو نالواُڪريل هو. سن 1591ع
۾ جڏهن ڪاٺياواڙ جي مشهور قلعي جهونا ڳڙهه تي قبضو
ڪيائين. تڏهن اُتي قلعي ۾ به هڪڙي وڏي توپ سلطان
جي هٿ آيس، شايد ڪنهن زماني ۾ ترڪي جي ٻيڙي
پورچوگيزن سان هندوستان جي ڪناري تي بحري جنگيون
ڪيون هيون
جئپور جي راجا بهاري مل جي آڻ مڃڻ
سن 1562ع ۾ جئپور جي والي راجا بهاري مل نئين
شهنشاهه جي اچي اطاعت جو شرف حاصل ڪيو. شهنشاهه
راجا کي گهڻي آڌر ڀاءُ سان گڏيو. سندس پٽ راجا
ڀڳوانداس کي فوج ۾ منصبي جو درجو عنايت ڪيائين.
تنهن کانسواءِ سندس ڀائٽي مان سنگهه کي به وڏو
عهدوڏنائين. مغل شهنشاهه جي دريا دلي ۽ فياضي کي
ڏسي پنهنجي ڌئ جوڌا ٻائي جو سنڱ شهنشاهه کي
ڏنائين. شهنشاهه کي اڳ ٻه زالون هيون جي سندس
سوئٽيون هيون. جن جا نالا رڪيه ۽ سليمه هئا. راڻي
جوڌاٻائي کي به حرم ۾ شاهي حقوق هئا، کيس مريم
زماني جي نالي سان سڏيندا هئا. شهنشاهه پنهنجي
سُهري کي پنج هزاري منصبي جو عهدو عطا ڪيو. شهزادو
سليم، جو پوءِ جهانگير جي لقب سان دهلئ جي تخت تي
ويٺو، سو هن راجپوت راڻئ جي تن مان هو.
چتوڙ ۽ مارواڙ تي ڪاهه
دانشمند کي خبر هئي ته قليل التعداد مسلمان
هندوستان جهڙي عظيم الشان سلطنت تي هيڪلي سر حڪومت
ڪري ڪين سگهندا، تنهنڪري راجپوتن کي پنهنجي ٻانهن
ٻيلي ڪرڻ لاءِ هن هڪڙي طرف ته کين تيموري تلوار جا
جوهر ميدانن ۾ ڏيکاريا، ته ٻئي طرف فياضي ۽ سخا
سان سندن دلين تي قبضو ڪري ورتائين. ميواڙ جو راڻو
اُدي سنگهه جنهن جي پيءُ راجا سنگا فردوس مڪاني
بابر کي فتح پور (سيڪرئ) جي ميدان ۾ ٻه هٿ ڏيکاريا
هئا، سو هن وقت راجپوتن ۾ بلڪل بهادر سورمو هو،
سندس قلعو چتوڙ بلڪل هڪڙي جبلائتي هنڌ تي هو، بقول
ملا احمد ته دنيا جي مشهور قلعن مان هو. ڪجهه وقت
ٿيو ته اُديسنگهه سرڪشي اختيار ڪئي هئي. مالواه جي
جنگ ۾ جڏهن اڪبري فوج باز بهادر کي ڀڄايو هو ته هن
کيس پناهه ڏني هئي. وٽس مضبوط لشڪر ۽ هاٿين جو
دستو هو. سن 1567ع ۾ جڏهن شهنشاهه قلعي تي ڪاهه
ڪئي تڏهن اُدي سنگهه اراولي ٽڪرين ڏانهن ڀڄي ويو ۽
قلعي جي ڪمان هڪڙي بهادر راجپوت سردار جئه مل کي
ڏيئي ويو، جنهن وٽ قلعي جي بچاءَ لاءِ 8000
راجپوتن جو لشڪر هو. شهنشاهه وٽ فقط چار هزار فوج
هئي. جڏهن شهنشاهه ڏٺو ته قلعي تي پهچڻ ڏکيو ڪم
آهي، ڇاڪاڻ جو قلعي تي چڙهي وڃڻ لاءِ هڪڙي واٽ جبل
مان ٽڪيل هئي. تڏهن بقول ملا احمد ته شهنشاهه 5
هزار ڪاريگرن کي فوجن جي بچاء لاءِ ڇڪڙن ٺاهڻ جو
حڪم ڏنو، جن جي حفاظت ۾ ويهي قلعي تي ڪاهيندو ويو.
مٿان راجپوتن به پٿرن وسائڻ سان طوفان ٻاري ڏنو.
جئه مل جو قلعو جي برج تي چڙهي پنهنجي سپاهين کي
همٿائي رهيو، هو سو سندس بندوق جي پهرئين ڌڪ جو
شڪار ٿي ويو. راجپوتن پوءِ (جوهر) رسم ادا ڪئي،
پنهنجن زالن ۽ ٻارن کي باه ۾ ساڙي مقابلو ڪندي
مارجي ويا. طبقات اڪبري جو مصنف لکي ٿو ته هن ڪاهه
۾ 8000 راجپوت مارجي ويا ۽ بيشمار قيد ٿيا. هن جنگ
کان پوءِ رئٿنمبور ۽ ڪالنجر جا قلعا به شهنشاهه
فتح ڪيا. اُدي سنگهه آڻ ڪانه مڃي، هو راجپوتانا جي
برپٽ ڏانهن ڀڄي ويو. سندس پٽ راڻي پرتاپ سنگهه
نئون تختگاهه اُديپور جوڙيو، جتي اڄ به سندن پويان
حڪومت ڪن ٿا. کين فخر آهي ته هنن مغلن کي ڌيئرن جا
سنڱ ڪين ڏنا.
سن 1572ع ۾ شهنشاهه گجرات فتح ڪيو، جوڌپور جي راجا
به آڻ مڃي، بيڪانير جي راجا پنهنجي ڌئ جو سنڱ ڏنو.
سن 1579ع ۾ بهار، اُڙيسا ۽ بنگال، اُڙيسا ۽ بنگال
جا پرڳڻا فتح ٿيا. سن 994هه ۾ ڪشمير تنهن کانپوءِ
باجوڙ، سوات، تيراه، بنير ۽ قنڌار به دهلئ سان
لاڳو ٿي ويا. خان خانان جي پٽ مرزا عبدالرحيم خان
خانان سنڌ فتح ڪئي. دکن هندوستان ۾ باقي علائقو
هو، جتي مسلمانن جون رياستون هيون.
احمد نگر تي ڪاهه:
سن 1576ع ۾ احمد ننگر جي تخت لاءِ شهزادي برهان ۽
مرتضى نظام جو پاڻ ۾ جهڳڙو شروع ٿيو. برهان اڪبر
کان مدد گهري. شهنشاهه شهزادي مراد کي مالواه مان
فوجون ڏيئي روانو ڪيو. پر راڻي چاند سلطانه جا
هندوستان جي تاريخ ۾ چاند بيبي جي نالي سان مشهور
آهي ۽ مٿين شهزادن جي ڀيڻ هئي، سا پاڻ زره ڍڪي جنگ
جي ميدان ۾ نڪتي. بيجاپور جي سردارن به کيس مدد
ڏني. شهزادي مراد کي شڪست ڏنائين. جنهن کيس صلح
لاءِ درخواست ڪئي. سن 1004هه مطابق سن 1596ع ۾
طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. چاند سلطانه نظام شاهي
خاندان جي نور نظر هئي. سندس ڪارناما هندوستان جي
تاريخ ۾ روشن آهن. سن 1599ع ۾ شهنشاهه پاڻ فوجون
وٺي احمدنگر تي ڪاه ڪئي. دولت آباد ۽ برهانپور فتح
ڪيائين. چاند سلطانه شهيد ٿي شهزادو بهادر شاهه
مغلن هٿان قيد ٿيو. شهنشاهه شهزادي دانيال کي
گولڪنڊه ۽ بيجاپور جو والي مقرر ڪري آگري موٽيو ۽
سن 1637ع ۾ نظام شاهي خاندان جو خاتمو ٿيو.
فتح پور سيڪرئ ۾ علم ۽ معرفت جون محفلون برپا
اقبال سڪندرئ جا ڪارنامان چئي چڪا آهيون، مطلب ته
يا هادي يا معين جا، جڏهن شهنشاهه نعرا هڻي
ڪيڏانهن نڪرندو هو، ته ميدان صاف ٿي پوندو هو ۽
لڙائي ڦري فتح جي صورت ۾ نمودار ٿي پوندي هئي.
ويهن ورهين جي عمر ۾ عجيب دور هو، جيڪي به فتوحات
ڪيائين خدائي ڏات هئي. سڀ تدبيرون تقدير مطابق ٿيڻ
لڳيون، جيڏانهن اِرادو ڪندو هو اوڏانهن اقبال اڳ
سندس قدم چمندو هو. يعنى ڇهن ورهين جي قليل عرصي ۾
وڏا وڏا ملڪ فتح ٿي ويا ۽ سلطنت جون حدون ويون
وسيع ٿينديون. آخر شهنشاهه جڏهن ملڪي فتوحات جي
معاملي کي سرانجامئ سان پورو ڪيو تڏهن سندس دل تي
پروردگار جي عظمت جو سايه به پوندو هو. شهنشاهه اڻ
پڙهيل هو، پر خدا شناسي، معرفت، شريعت۽ طريقت لاءِ
کيس ازحد ذوق شوق هو.آخر علم ۽ معرفت جا درياهه
فتح پور سيڪري جي سنگ ريز زمين مان اُٿي وهي هليا.
اهڙو شرف فتح پور جي سر زمين کي ڇو نصيب ٿيو؟ تنهن
جو ذڪر علامھ بدايوني تاريخ (طبقات اڪبري) ۾ هن
ريت موقع سازي ڪئي آهي.
حضرت شيخ سليم چشتي فتحپوري
شهنشاهه کي اولاد ٿيندو هو، پر ننڍئ عمر ۾ مري
ويندو هو، تنهنڪري اڪثر اُداس رهندو هو. سندس اِها
هر وقت بارگاهه الاهيءَ ۾ التجا هئي، ته ڪو فرزند
عطا ڪري جو هيڏي وڏي سلطنت کي سنڀالي. جلوس اڪبري
جي چوڏهين ورهيه جڏهن عام ۽ خاص درٻار اڪبري ۾
حاضر هئا ۽ سخا جو درياهه موجون هڻي رهيو هو، تڏهن
حڪيم الملڪ شيخ محمد بخاري ادب جا هٿ ٻڌي حضرت
خواجه سليم چستي رحه جي زيارت ۽ ملاقات
ڪرڻ لاءِ شهنشاهه کي عرض ڪيو ۽ ٻين اُمرائن به شيخ
جي تائيد ڪئي. شيخ سليم چستي رحه جنهن
جي ڪرامت ۽ بزرگئ جو هن وقت طول ۽ عرض ڪشور ۾ نالو
هو سو خود شهنشاهه جي اُمرائن کي به فقير جي
ڪرامتن جي خبر هئي. سندن شجرو هن ريت آهي ته شيخ
موصوف حضرت شيخ بابا فريد گنج جي اولاد مان هئا.
علامه ابوالفضل اڪبر نامي ۾ ڏيکاري ٿو، ته ”سلطان
بابا شڪرگنج جو ڏاڏو فرخ شاهه ڪابل جو بادشاهه هو.
جڏهن تاتارين چنگيز جي هٿ هيٺ ڪابل تي حملو ڪيو.
تڏهن قاضي شعيب جو مٿئين خاندان جو ناليوار بزرگ
هو، سو پهرين لاهور ۾ آيو ۽ قصور ۾ سڪونت اختيار
ڪيائين. سلطان بهرام، جو اُن وقت ملتان جو حاڪم
هو، تنهن هن بزرگ جي گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ هو ملتان
۾ وڃي رهيو. سندس اولاد مان شيخ جمال الدين کي شيخ
فريدالدين بابا شڪر گنج فرزند ڄائو، جو پوءِ خواجه
سلطان الهند معين الدين چستي اجمير رحه
جي خليفي خواجه قطب الدين رحه جو وڃي
دهلئ م مريد ٿيو. خواجه قطب الدين رحه
مرڻ مهل پنهنجو خرقو بابا فريد گنج رحه
کي سپرد ڪيو. حضرت بابا فريد شڪرگنج پاڪ پتن شريف
۾ رهڻ لڳا. 5 محرم الحرام 668هه مطابق 1269ع ۾
رحلت فرمايائون انالله وانا اليھ راجعون. حضرت شيخ
سليم چستي رحه وڏي ڪرامت جا صاحب هئا.
جملهء 24 ڀيرا حج ڪيو هئائون هڪڙي ڀيري 15 سال مڪي
شريف ۾ وڃي رهيا هئا ۽ اسلامي دنيا جي سياحت ڪرڻ
کانسواءِ سڄي هندوستان جو سير به ڪيو هئائون. هن
وقت فتح پور جي ويجهو جهنگلي ٽڪرين ۾ اچي گوشي
نشيني اختيار ڪئي هئائون. فتح پور هڪڙو جبلائتو
سڃو هنڌ آهي، جت پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي به ملي نه پئي
سگهيو، پر قادر جي قدرت ڏسو جو دورِ اڪبرئ ۾ گويا
وِنڊسر
Windsor
هو.
عرش آشياني اڪبر جڏهن مٿئين بزرگ جي تعريف ٻڌي
تڏهن شوق عقيدت کان بيتاب ٿيڻ لڳو، هڪدم ملاقات
لاءِ اُسريو ۽ خدمت اقدس ۾ وڃي نياز حاصل ڪيائين.
فقير شهنشاهه کي پنهنجي جهوپڙئ ۾ پيرين پيادو ڏسي
دعا ڪئي. سندس دعا بااثر مجتبى ٿي، جيئن راجپوت
راڻي مريم زماني جي تن مان کيس فرزند ارجمند تولد
ٿيو. جنهن جو نالو بزرگ جي يادگيرئ لاءِ سليم
رکيائين جنهن پوءِ (جهانگير)جي لقب سان کانئس پوءِ
تاج اڪبري پاتو. جڏهن شهزادو ڄائو، تڏهن خوشئ لاءِ
جشن ملهايو ويو. سلطنت ۾ جيڪي به قيدي باندي هئا،
سي آزاد ڪيا ويا. حسن عقيدت جي جوش ڏانهن به غور
ڪري ڏسو، جو آگري کان اجمير شريف 140 ڪوهن جي
مفاصلي تي آهي، پر شهنشاهه پاڻ پيرين پيادو اڪثر
زيارت ڪرڻ ويندو هو ۽ لکين روپيا خيرات ۾ عام
لٽائيندو هو.
خود جهانگير لکي ٿو ته ”شهنشاهه مونکي هر وقت
مٿئين بزرگ جي يادگار لاءِ شيخ بابا جي نالي سان
سڏيندو هو، جشن اڪبري جي 16 سال 1571ع ۾ شهنشاهه
فتح پور سيڪري کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو 15 سالن
جي اندر هتي جي پهاڙين کي ڪاٽي عاليشان فلڪ بوس
محلات جڙي ويا، وري جڏهن شهنشاهه ڪنهن جنگ تي
نڪرندو هو ته شاهي خاندان جون راڻيون، شهزادا ۽
شهزادين کي هتي ڇڏي ويندو هو.
مٿئين حقيقت مان معلوم ٿو ٿئي، ته ڪيئن نه فتحپور
جي سنگ ريز زمين رشڪ گلستان بنجي پئي ۽ ڪيئن نه
پاڻئ جو هت بندوبست رکيو ويو. هڪڙي ڀيري جڏهن
شهنشاهه 9 نو مهينا فتح پور کان ٻاهر پنجاب ڏانهن
ويو هو ۽ موٽي هت آيو، تڏهن شاهي سوارئ جي استقبال
لاءِ ناچو هاٿي ۽ فوجون سلامي لاءِ ويون، شاهي
نوبت خاني مان دماما وڄڻ لڳا.
عبادتخانو
علامهّ
بدايواني تاريخ طبقات ۾ فتح پور جي درٻار ديوان
خاص ۽ عبادتخاني جو عجيب ذڪر ڏنو آهي. مٿيون عبادت
خانو 1574ع ۾ تيار ٿيو. هئ اُها عبادتگاهه هئي
جتان علم ۽ معرفت جا درياهه وهي هليا. هت بادشاهه
سلامت بقول علامه ابوالفضل نهايت ئي تاب ۽ ادب سان
اچي محفل ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مذهبي ڳالهيون غور ۽
فڪر سان ٻڌندو هو.هت هر ڪنهن مذهب ۽ ملت جي
علمائن، مشائخن ۽ درويشن کي بحث ۽ مباحثه ڪرڻ جي
اجازت هئي. هڪڙي طرف درويش گدائي پوشاڪ ۾ ويهندا
هئا، ته ٻئي طرف امير، وزير ۽ شاهي اهلڪار زربفت
جي چوغن سان جلوه گر ٿيندا هئا. ڪنهن ڪنهن وقت ته
سڄيون راتيون محفل ۾ گذرنديون هيون. شهنشاهه جي
طرفان ابوالفضل، قاضي حڪيم الملڪ، مخدوم الملڪ،
حڪيم ابوالفتح ۽ ملا محمد يزدي مشهور اهل قلم ۽
علماء هئا، جي سوال ۽ جواب ڪندا هئا. خاص ڪري حڪيم
حمام جا گفتا ته قابل ذڪر هئا. شهنشاهه پاڻ سان
خزانن جا ڍير آڻيندو هو ۽ اُهي هر هڪ ملڪ ۽ ملت جي
بزرگن ۾ ورهائي صبح جو هٿين خالي اُٿي نڪرندو هو.
خاص ڪري جمعي جي رات ته عجيب ڪيفيت طاري رهندي
هئي.شهنشاهه پنهنجي حجري ۾ سڄي رات نهايتي عاجزي ۽
نيازمندئ سان مراقبي ۾ سر جهڪائي ويهندو هو. وري
جڏهن قوال معرفت جا نغما ڳائيندا هئا، ته رپيا ۽
اشرفيون مينهن وانگر مٿن وسائيندو هو. محلات جي
ڀرسان فياض شهنشاهه انوپ تلاءُ تعمير ڪرايو، جو
رپين ۽ اشرفين سان لبريز هوندو هو. ماڻهو پاڻي
وانگر گهاٽن تان دولت ڀري کڻي ويندا هئا.
هن عبادتگاهه جي محلات ۾ ڪئي ايوان هئا، جمعي جي
رات جو جڏهن شهنشاهه ايندو هو، ته آرائش ۽ زيبائش
جو عالم حيرت انگيز هو. گلدستن جو جهالرون لڳي
وينديون هيون. عطر ڇڙڪبو هو. گلن جي برسات پوندي
هئي. ڪافوري شمعون ٻرنديون هيون وري سخاوت جو اهو
عالم هو جو رپين ۽ اشرفين جون ٿيلهيون ڀرپور موجود
رهنديون هيون. رڳو اهو آواز هن انسانيت جي پتلي جي
واتان نڪرندو هو ته ”ڏيو ۽ حساب نه پڇو!“ نه فقط
ايترو پر جڏهن ڪنهن مهم مان غنيمت ۾ ڪي ڪتاب هٿ
لڳندا هئا، ته اُهي به علمائن کي ورهائي ڏيندو هو.
مغل شهنشاهه اگرچه ترڪستان جو ترڪ هو پڪو مسلمان
هو. مسلمانن سان پنج وقت نماز باجماعت پڙهندو هو.
هٿن سان مسجدن ۾ جهاڙو ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آذان
به ڏيندو هو، شرعي احڪام دل جي ڪنن سان ادب سان
ٻڌندو هو ۽ صدق دل سان جابجا آڻيندو هو. علمائن
سڳورن جي ازحد عزت ڪندو هو ۽ سندن گهر به ويندو
هو. پر هندوستان ۾ اچي هن هندن سان جيڪا نيت پيدا
ڪئي سا هڪ ڪيميائي صنعت جي برابر هئي، جا ڪتابن ۾
لکڻ جي قابل آهي. اُها حڪمت عملي شاهه طهماسپ صفوي
جي وصعيت هئي جا هن همايون کي ڪئي هئي. پر جنت
آشياني همايون جا ڏينهن ٿورا هئا، پر عرش آشياني
اڪبر جلال الدين محمد هن تدبير کي عمل ۾ آندو، پر
خوب آندائين. جڏهن سندس درٻار زيبائش ۽ رونق ورتي
تڏهن هزارين مها راجائون، راجا، ٺاڪر، پنڊت سندس
درٻار ۾ اچي حاضر ٿيا. شهنشاهه پاڻ اخلاق جو پتلو
هو هن سندن گهڻي عزت ۽ ساڻن محبت پيدا ڪئي. سخا جي
تلوار ته اهڙي تکي هئي جو جيڪو آيو سو شهيد ٿيو
بقول حضرت مفتون همايوني رحه
ڪي گهائل تنهنجي گهور سندا ڪي مائل تنهنجي مخمور
سندا
ڪي سائل تنهنجي در سندا سلطان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه
رڳو!
سڀني کي اُميدون هيون، درٻار اڪبري اندر جو آکاڙو
هو، راجائون جواهر نگار لباسن ۾ ڄڻ پريون هيون.
نوبت ايتريقدر اچي پهتي جو محڪوم ۽ غير قوم جو فرق
اصل ويندو رهيو. سپھ داري ۽ ملڪداري جا جليل القدر
عهدا ترڪن جي برابر هندن کي به ملندا رهيا درٻار ۾
ايتريقدر جو سندن ريت ۽ رسم به عقل جي فرشتي پسند
ڪئي. جيئن ته ترڪي چوغو لاهي جامون ۽ پڳڙي ٻڌڻ
لڳو. تخت جي عيوض سنگها سن تي ويهڻ لڳو ۽ هاٿئ جي
سواري ڪرڻ لڳو، شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تان پاڻي
پيئڻ لڳا.
نوروز جو جشن جيئن قديم ايران ۽ توران ۾ رواج ۾
هو، پر هينئر هندڪي نموني سان ٿيڻ لڳو. بادشاهه
پاڻ کي تورائڻ لڳو. دان ٿيڻ لڳا. برهمڻ هؤن ڪرڻ
لڳا. دسهڙي ۽ ٻين ڏڻن تي برهمڻ اچي تلڪ هڻندا هئا
۽ جواهر نگار داستانا هٿن ۾ ٻڌندا هئا. انعام
وٺندا هئا. بصر، ٿوم ۽ ڳئون جو گوشت حرام ۽ ٻيون
شيون حلال ٿيڻ لڳيون. گووا کان پادري آيا. آتش
پرستن جا مهنت بمبئي کان آيا، جن باهه جي دامن هيٺ
وحدت جا رنگ ڏيکاريا. ڪنهن رمز شناس محفل ۾ اُٿي
چيو ته تبت جا لاما
LAMA
جي ٻن سون سالن تائين جيئرا رهندا آهن، سو انڪري
جو دم گهُٽندا آهن. بادشاهه به اهڙي نيم تي هلڻ
لڳو. حرم ۾ ٿورو وقت رهندو هو. ٿورو کائيندو هو،
بلڪ گوشت کائڻ اصل ڇڏي ڏنائين. ڪيترن ئي ڏينهن
تائين ته ڪوس به بند رهيا. ڏينهن ۾ چار دفعا سج جي
پوڄا ڪرڻ لڳو.روزانو 1001 سج جي نالن جو سنسڪرت ۾
وظيفو ڪندو هو. وظيفي کان واندو ٿي جهروڪي مان
منهن ٻاهر ڪڍندو هو، ته ماڻهو سندس درشن ڪندا هئا،
اهڙن هندن کي درشني سڏيندا هئا. بابر کي سندس ترڪن
ترڪستان مان تڙي ڪڍيو، پر پوٽي هندوستان ۾ اچي
ايتري محبت پيدا ڪئي، جو غير قوم ۽ غير مذهب وارا
کيس ايتري محبت ڏيڻ لڳا. 1583هه ۾ فتح پور ۾
مسلمانن کي خيرات ڏيڻ لاءِ خيرپور نالي ڀنڊارو
کوليو ويو. هندن لاءِ ڌرمپور جوڳين ۽ سناسين لاءِ
جوڳي پور کليو. جت هزارن جي تعداد ۾ هندوستان کان
ڀانت ڀانت جا بيراڳي، سناسي، باوا ۽ ناگور ۽
گرنارجا کيڏاري هن لاهوت لامڪان ۾ اچي گڏ ٿيا! رات
جو شهنشاهه سندن محفلن ۾ ويندو هو ۽ کانئن يوڳ
اڀياس، حڪمت ۽ ڪيمياوي اصولن تي گفتگو ڪندو هو، ٻه
برهمڻ واسو خوتم ۽ ديوي شهنشاهه کي هندو ڌرم جا
اصول سيکاريندا هئا. سندس محلات ۾ وشنو، مهاديو،
ڪرشن ۽ رام جون مورتون رکيل هيون!
بلند دروازو
فتح پور سيڪري آگري کان 23 ميلن جي مفاصلي تي هو.
اڳ ويران ڳوٺ هو، پر پوءِ وڏي عروج کي پهتو. جڏهن
شهنشاهه خانديش فتح ڪيو تڏهن هتي فتح جي يادگار
لاءِ شيخ سليم جي خانقاهه جي ڏکڻ ۾ هڪڙئ پهاڙئ تي
مٿيون دروازو جوڙايائين، جو دنيا جي وڏن دروازن
مان ليکجي ٿو. مٿي چڙهڻ لاءِ منجهس 120 ڏاڪا آهن.
دروازي تي چڙهڻ سان آگري جو تاج محل ۽ ڀرتپور جا
قلعا نظر اچن ٿا، سڄو ڳاڙهي پٿر جو آهي.
|