ڪجهه ورهين بعد المطلب رضا ڪئي ۽ عبدالمطلب کي
زيارتين جي کارائڻ پيارڻ جو ڪم مليو، پرڳچ وقت
تائين هن کي ڪا به طاقت يا زور ڪونه هو. هن کي
همراهيءَ لاءِ فقط هڪ پٽ هو، تنهن ڪري هو ٻين
قريشن سان پڄي ڪين سگهندو هو. هن وقت جدا جدا کوهن
مان پاڻي گڏ ڪرڻ جو ڪم هن کي ڏکيو لڳو، تنهنڪري
ڪنهن ٻئي کوهه کوٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين. اوچتو هن جي
هٿان زمزم جو کوهه لڀي پيو. ماڻهن کان ته هن کوهه
جي ڳالهه به وسري وئي هئي ۽ کوهه به لَٽجي ويو هو
ڇو ته صديون لنگهي ويون هيون. عبدالمطلب ۽ سندس پٽ
گڏجي کوهه کوٽيو ۽ جيئن کوهه کوٽيندا ويا، تيئن ٻه
سونا هرڻ ۽ ڪي ترارون ۽ زرهيون لڌائون، جي اتي
ڪنهن جرهمي بادشاهه ٽي صديون اڳ پورايون هيون،
عبدالمطلب جي اهڙي خوش نصيبي
ڏسي قريشن کي ساڙ لڳو ۽ هنن هن کان اِنهيءَ مال جو
حصو گهريو ۽ چيائون ته کوهه به اِسماعيل عليھ
السلام جو آهي، تنهن ۾ اسان سڀني جو حصو آهي.
عبدالمطلب هنن سان پڄي ڪين سگهيو ۽ چيائين ته ڪعبة
الله وارو هبل خدا هن ڳالهه جو فيصلو ڪندو، نتيجو
اهو نڪتو جو هرڻ آيا ڪعبة الله جي پتيءَ ۾ ۽
تراريون ۽ زرهيون پيا عبدالمطلب جي ڀاڱي ۾ ۽
قريشين کي ڪجهه به ڪين مليو. قريشين صبر ڪيو ۽
کوهه تان دعويٰ ڦٽي ڪيائون. عبدالمطلب هرڻ ڀڃي
ڪعبه جي دروازي تي سونا پٽ هڻايا ۽ ترارون در تي
ٽنگي ڇڏيائين. زم زم مان پاڻي گهڻو نڪتو ۽
عبدالمطلب کي گهڻو فائدو ٿيو. ماڻهن مڪي جا سڀ
کوهه ڇڏيا ۽ زمزم ڏي ڀڄڻ لڳا. هن کوهه مان
عبدالمطلب زيارتين کي پاڻي پيارڻ لڳو ۽ ٿوري ئي
وقت ۾ کوهه به ڪعبة الله وانگر پاڪ ليکجڻ لڳو.
عبدالمطلب جي عزت آبرو وڌندي ويئي ۽ هن جو اولاد
به جهجهو ٿيندو ويو، جنهن ڪري هو زوروارو ٿيندو
ويو ۽ مرڻ وقت ته ڄڻ مڪي جو حاڪم هو.
جن ڏينهن ۾ عبدالمطلب اڪيلو ۽ هيڻو هو تن ڏينهن ۾
هن قسم کنيو هو ته جي هن کي ڏهه پٽ ڄاوا ته هڪ
قربان ڪندس. نيٺ هن کي ڏهه پٽ ٿيا. هڪ ڏينهن هو
سڀني کي ڪعبة الله ڏي وٺي ويو ۽ ڪڻا وڌائين ته ڪير
قربان ڪجي، جنهن ۾ سندس ننڍي پٽ جو نالو عبدالله
نڪتو، هن جي ننڍي پٽ سان ڏاڍي دل هوندي هئي،
تنهنڪري وري ڪڻا وڌائين ته ڏهه اُٺ عبدالله جي
بدران قبول پون پر قبول نه پيا ۽ نيٺ هڪ سو اٺن
قربان ڪرڻ تي ڪعبة الله وارا خدا راضي ٿيا.
عبدالمطلب سڀني اُٺن کي ”صفا ۽ مروه“ جي وچ ۾
قربان ڪري ساري مڪي جي شهر جي ماڻهن کي کارايو.
عبدالله، جو پيغمبر خدا محمد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جو پيءُ هو، سو سنه 545ع ۾ ڄائو هو.
عبدالمطلب جي آسودگي ۽ وڌندڙ ناموس تي اُميه جي
ڪٽنب کي حسد ٿيڻ لڳو ۽ اُميه جو پٽ حرب هن جي
مقابلي لاءِ بيٺو پر سڀني قريشين راءِ ڏني ته
عبدالمطلب وڌيڪ لائق ۽ عزت وارو آهي. اهڙيءَ طرح
هاشمين ۽ اُمين جو پراڻو تڪرار پيڙهي بپيڙهي هلندو
آيو. هن وقت عبداَلمطلب مڪي جي خزائي ڪٽنب وارن
سان هڪ عهدنامون ڪيو، جنهن موجب ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي
کي تڪليف وقت مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو. هي عهدنامون
لکيو ويو ۽ ڪعبة الله جي ديوارن تي ٽنگيو ويو.
معرڪه اصحاب الفيل
عبدالمطلب جي مرڻ کان 8 ورهيه اڳ سن 570 ۾ حبش جي
بادشاه پنهنجي يمن جي صوبيدار ابرهه کي مڪي تي
چاڙهي موڪليو. هن پنهنجي صوبي جي تختگاهه صنعه ۾
هڪ ديول ٺاهي هئي. اُن کي ساري عربستان جي پاڪ
جاءِ بنائڻ جو خيال هوس. جڏهن هو پنهنجيءَ ڪوشش ۾
ڪامياب ٿي نه سگهيو، تڏهن هن مڪي کي ڊاهڻ جو خيال
ڪيو. اَبرهه
ABRAHA
وڏي فوج مڪي ڏي وٺي روانو ٿيو، پاڻ هاٿيءَ تي سوار
هو. عربن لاءِ هي پهريون دفعو هو جو هنن هاٿي ڏٺو،
تنهنڪري عربي تاريخن ۾ هيءَ جنگ عام الفيل جي نالي
سان مشهور آهي.
The Year of Elephant.
ابرهه سولائي سان طائف جو شهر ورتو ۽ پوءِ مڪي تي
ڪاهيائين. هن مڪي جي ماڻهن کي چوائي موڪليو ته جي
خانھ ڪعبه کي ڊاهڻ ڏيندا ته اوهان کي وڌيڪ ڪين
ستائيندس. مڪي وارا هن حالت کي ڏسي ڏاڍيءَ
پريشانيءَ ۾ هئا. چون ٿا ته اوچتو آسمان مان بي
شمار اَبابيلن جي فوج اچي نڪتي جن پنهنجن چنهبن
سان ابرهه جي فوج تي پٿريون اڇلايون ۽ سخت طوفان
اچي کڙو ٿيو، تنهن کان سواءِ لشڪر ۾ اچي ماتا جي
بيماري پئي، جنهن ڪري هن کي پٺتي موٽڻو پيو.
جڏهن صنعه ۾ پهتو تڏهن مئو ۽ ڪعبة الله صحيح سلامت
بچي ويو.
ابرهه جي شڪست وقت عبدالمطلب جي عمر 70 ورهيه هئي،
تڏهن به هن نئين شاديءَ جو خيال ڪيو. هي پنهنجي
دور جي عزيز اهيب زهري جي ڌيءَ سان پرڻيو، جنهن
منجهان کيس مشهور پهلوان اَمير حمزهرضه
ڄائو. اِنهيءَ ساڳئي وقت هن پنهنجي ننڍي پٽ حضرت
عبدالله کي بيبي آمنه سان پرڻايو، جيڪا بنو زهره
جي سردار وهب بن زهره بن ڪلاب جي نياڻي هئي.
اُنهيءَ وقت جي رواج موجب حضرت عبدالله پنهنجي
ڪنوار جي گهر ٽي ڏينهن ساڻس ٽڪيو ۽ پوءِ شام جي
طرف غزا جي شهر واپار جي سانگي ويو. اتان موٽندي
يثرب ۾ بيمار ٿي پيو ۽ پنهنجي پيءُ جي مائٽن ۾
ترسي پيو. جڏهن حضرت عبدالمطلب کي پنهنجي پياري پٽ
جي بيماريءَ جو احوال مليو. تڏهين پنهنجي وڏي پٽ
الحارث کي هن جي سنڀال لاءِ يثرب موڪليائين. جڏهن
الحارث يثرب ۾ پهتو تڏهين حضرت عبدالله جي وفات جو
احوال مليس. اها دردناڪ خبر کڻي الحارث پوئتي
موٽيو ۽ حضرت عبدالمطلب ۽ سندس پٽن حضرت عبدالله
لاءِ ڏاڍو رنا ۽ غم ڪيو. عبدالله جي عمر وفات وقت
فقط 25 ورهيه کن هئي. حضرت عبدالله وفات وقت ڪل
ملڪيت 15 اُٺ، هڪ ڌڻ ٻڪرين جو ۽ هڪ ٻانهي ڇڏي. اها
ملڪيت ڪا گهڻي ڪانه هئي، پر ڪم خرچ سادن عربن لاءِ
سڀ ڪجهه هئي.
نحمدہ و نصلی علیٰ رسولہ الکریم
بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو پيدا ٿيڻ
۽ عالم طفلگيءَ جو زمانو
بيبي آمنهرضه يثرب ۾ بلڪل ممتاز بيبي
هئي کيس عبدالله جي وفات کان ڇهه مهينا پوءِ 29
آگسٽ سنه 570ع ۾ هڪ پٽ ڄائو. دنيا تاريڪيءَ ۾ هئي.
آخر منهنجي موليٰ جي رحمت جوش ۾ آئي ۽ نبي آخر
زمان صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن زمين تي ڏياري
موڪليائين.
عبداَلمطلب پنهنجي پوٽي کي هڪدم ڪعبة الله ڏي کڻي
ويو ۽ اُتي پنهنجي عزيزن جي روبرو پاڻ سڳورن جو
نالو حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
رکيائين. اهو معصوم ٻار وڏو پيغمبر ٿيو، سندس نالو
اڃا تائين پيو ساراهجي ۽ سدائين پيو ساراهبو.
اُنهن ڏينهن ۾ مڪي جي خانداني عورتن ۾ رواج هوندو،
ته ٻار پاڻ ڪونه نپائينديون هيون، پر ڀر وارن جبلن
تي رهندڙ بدوي ماڻهن جي عورتن جي حوالي ڪري
ڇڏينديون هيون، جيسين تائين اهي وڏا ٿين، ان وقت
تائين هنن جي نپائڻ جو خرچ پاڻ ڀرينديون هيون.
اِنهي رواج مان هي فائدو هو جو ٻار تندرست رهندا ۽
مضبوط ٿيندا هئا. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي به بيبي آمنهرضه هڪ بدوياڻي
عورت حليمه نالي جي سپرد ڪيو، جا بنو سعديه قبيلي
مان هئي. بيبي حليمه حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جي سنڀال چڱيءَ طرح ڪئي ۽ پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي ڪڏهن ڪڏهن بيبي
آمنه وٽ کڻي ايندي هئي، جا هن کي ڏسي خوش ٿيندي
هئي. حليمه جو فرمايل آهي ته پاڻ سڳورا ڪل ٻن
مهينن جا هئا ته هيڏانهن هوڏانهن سرڪڻ لڳا ۽ ٻارن
سان ويهڻ لڳا ۽ ٽن مهينن ۾ ديوار کي جهلي بيهڻ لڳا
۽ اٺن مهينن جا ٿيا ته ڳالهائڻ لڳا.
آخر پنجن سالن جي ڄمار ۾ حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن کي مائي حليمه بيبي آمنه جي
حوالي ڪري ويئي ۽ پوءِ هو ماءُ سان گذارڻ لڳا.
سنه 576ع ۾ بيبي آمنه يثرب ڏي پنهنجي مائٽن سان
ملڻ ۽ پنهنجي مڙس جي تربت ڏسڻ لاءِ سنبري ۽ پاڻ
سان حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي به
وٺي وئي. هن سفر ۾ بيبي آمنه کي فقط ٻه اُٺ سواري
جا ۽ هڪ ٻانهي بيبي اُم ايمن نالي هئي. بيبي آمنه
يثرب ۾ فقط هڪ مهينو رهي پر اُنهيءَ وقت جون سڀ
ڳالهيون پاڻ سڳورن کي وڏي هوندي تائين ياد رهيون.
47 ورهيه پوءِ جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن وري يثرب ۾ آيا تڏهين هو ڏيکاريندا
هئا ته هن هنڌ آءٌ هڪڙي ڇوڪري اُنيسه نالي سان
راند کيڏندو هوس. هن هنڌ آءٌ پکي اُڏائيندو هوس ۽
هن هنڌ منهنجي پيءُ جي قبر بيٺل هوندي هئي! بيبي
آمنه موٽ واري سفر ۾ جڏهين اڌ پنڌ تي آئي تڏهن
هڪڙي ڳوٺڙي مقام ابوا ۾ رضا ڪيائين. جيتوڻيڪ ام
ايمن ٻانهي عمر ۾ ننڍي هئي، تڏهين به حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي پوري خبرداريءَ سان
مڪي ڏي موٽائي وٺي آئي.
بيبي آمنه جي وفات بعد حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن کي سندس ڏاڏو حضرت عبدالمطلب سنڀالڻ
لڳو، پر ٻن ورهين پڄاڻان سنه 587ع ۾ حضرت
عبدالمطلب رضا ڪئي. عبدالمطلب جي مرڻ کان پوءِ
هاشم جي اولاد مان ڪو به زبردست ماڻهو ڪونه رهيو،
سندس وڏو پٽ الحارث اڳيئي وفات ڪري ويو هو ۽ باقي
زبيررضه، ابو طالبرضه،
ابولهب، عباسرضه۽ حمزهرضه
وڃي رهيا هئا. هتي اسين پيغمبر خدا صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جو شجرو ڏيون ٿا، عدنان، معد، نذار،
مضر، الياس، مدرکة، خزيمھ، کنانه، النضر، مالک،
فهر، غالب، لوي، کعب، مرة، کلاب.
عبدالمطلب پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون حضرت زبيررضه
جي هٿ ۾ ڏئي ويو، پر هو سنڀالي ڪين سگهيو ۽
اُنهن کي ابو طالب جي سپرد ڪيائين. ٿوري وقت کان
پوءِ ابوطالب مڪي جي زيارتين جي کارائڻ ۽ پيارڻ جو
ڪم پنهنجي ننڍي ڀاءُ حضرت عباسرضه جي
حوالي ڪيو جو شاهوڪار ماڻهو هو. حضرت عباسرضه
عبدالمطلب وانگر نالي وارو نه ٿي سگهيو، اهڙيءَ
طرح هاشم جي اولاد جو زور هن وقت صفا گهٽجي ويو ۽
سندس برخلاف ڌر بنو اُميه جو اولاد زور وٺندو ويو.
حضرت عبدالمطلب مرڻ وقت حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جي ٻانهن پنهنجي پٽ حضرت ابوطالب کي
ڏئي ويو هو، جنهن پاڻ سڳورن جي چڱيءَ طرح پرگهور ۽
پرورش ڪئي. سنه 582هه ۾ جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن 12 ورهين جا هئا تڏهن هو پنهنجي
چاچي ابو طالب سان گڏجي شام ڏي ويا جو واپار جي
سانگي ٿي ويو. انهيءَ سفر ۾ حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن گهڻو تجربو حاصل ڪيو. تنهن کان پوءِ
پنهنجي چاچي جون رڍون ۽ ٻڪريون چاريندا هئا. هي
اُهو پيشو هو جو اڳ ۾ حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽
حضرت عيسيٰ عليھ السلام پڻ اختيار ڪيو هو.
اڪيلائيءَ ڪري حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
ويچار ڪرڻ جو گهڻو موقعو مليو. جڏهن حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن 25 ورهين جي عمر جا ٿيا تڏهن
حضرت ابو طالب کيس صلاح ڏني ته واپار جي ڪم ۾ هٿ
وجهه. جيتوڻيڪ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي پئسن ڪمائڻ جو شوق ڪونه هو تڏهن به
چاچي جي صلاح قبول ڪيائين. حضرت ابوطالب وٽ واپار
جيترو پئسو ڪونه هو تنهنڪري حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن کي هڪڙي شاهوڪار عورت بيبي
خديجهرضه وٽ ڪاروبار ۾ مددگار طور شامل
ڪرايائين، جنهن پوءِ پنهنجي واپار لاءِ پاڻ سڳورن
کي شام ڏانهن موڪليو. اِنهي سوداگريءَ ۾ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم بيبي خديجهرضه
لاءِ چڱو نفعو آندو. اِنهي مسافريءَ ۾ بيبي خديجهرضه
جو غلام ميسره به حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن سان گڏ هو. هن کي حضرت مُحمّد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن جا سهڻا اخلاق (اسوه حسنه) عقل
۽ دُور انديشي بلڪل وڻيا هئا تنهن ڪري پنهنجي
مالڪياڻيءَ سان حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. اها تعريف ٻڌي ۽
ايمانداري ڏسي بيبي خديجهرضه حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي گهڻي عزت
سان ڏسڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي صورت ۽ سيرت کيس گهڻو پسند لڳي.
40 ورهين جي ڄمار ۽ نبوت جو اعلان
بيبي خديجه قريش نسل جي هئي.
هن جي پيءُ جو نالو خويلد هو. جو اسيده جو پٽ هو ۽
اسيده مشهور قصي جو پڙ پوٽو هو. اِنهي ڪري بيبي
خديجهرضه
نسل ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو
ثاني هئي. بيبي سڳوريءَ جو پهريون نڪاح هند بن
زراره سان ٿيو جتان سانئڻ کي ٽي ٻار يعني هڪ نياڻي
۽ ٻه پٽ ڄاوا، جنهن کان پوءِ هند بن زراره گذاري
ويو ۽ بيبي سڳوريءَ جو ٻيو نڪاح عتيق بن عائف
مخذومي سان ڪرايو ويو، هن گهر ۾ کيس هڪ نياڻي ڄائي
هن وقت هوءَ بيوهه هئي ۽ 40 ورهين جي ڄمار جي هئي.
هوءَ بلڪل پئسي واري عورت هئي جو اڳين مڙسن جي
ملڪيت هٿ آئي هيس ۽ پيءُ وٽان به چڱو ورثو مليل
هوس. هن پنهنجي واپار ۽ سوداگريءَ ڪري به پنهنجي
ملڪيت گهڻي وڌائي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ هن وقت جوان
ڪين هئي اڌ وهيءَ ۾ هئي، پر تڏهن به ڪيترن ئي وڏن
وڏن ماڻهن کيس شاديءَ لاءِ چوايو هو، پر هن
بيبيءَ سڀني سان ناڪاري ڪئي هئي. هن وقت هوءَ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي حسن ۽ عمدي
اخلاق ڪري هن تي بيحد موهت ٿي پئي ۽ حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي شاديءَ لاءِ چوائي
موڪليائين. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
انهيءَ وقت 25 ورهين جي جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هئا.
تڏهن به پاڻ سڳورن جو عياش ۽ فضول ڳالهين ڏي ذرو
به خيال ڪونه هو، تنهنڪري بيبي خديجه جي محبت ڏسي
شاديءَ لاءِ تيار ٿيا.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي بيبي
خديجه سان شادي ٻنهي ڌرين لاءِ چڱي ٿي ۽ ٻنهين جي
محبت سدائين قائم رهي. بيبي خديجة الڪبريٰرضه
شادي کان پوءِ 25 ورهيه حيات رهي، پر انهيءَ سموري
وقت ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ٻي
شادي ڪانه ڪئي. هن شاديءَ مان حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن کي ٻه پٽ حضرت قاسم ۽ حضرت عبداللهرضه
ڄاوا ۽ چار نياڻيون بيبي زينب، بيبي رقيه، بيبي
اُم ڪلثوم ۽ بيبي فاطمه الزهرا رضي الله عنهن
ڄايون، پٽ جلد فوت ٿي ويا، باقي نياڻيون وڏيون
ٿيون. شاديءَ کان پوءِ حضرت خديجهرضه
هميشه پنهنجي ملڪيت ۽ گهر جو ڪم ڪار سنڀاليندي هئي
۽ پاڻ سڳوراروزگار جي ڳڻتيءَ کان ڇٽي پيا ۽ سڀ وقت
الاهي ڳالهين ڏي توجهه ڪرڻ لڳا. سنه 605ع ۾ جڏهن
حضرت مُحمّد صه جن 35 ورهين جي عمر جا هئا، تڏهين
گهڻي مينهن پوڻ سبب ڪعبة الله جي عمارت کي سخت
نقصان رسيو ۽ ماڻهن کي انهيءَ کي وري ٺاهڻ جي
ضرورت ٿي. اِنهي وقت قريشن جا چار ڪٽنب زور وارا
هئا، تن هڪ هڪ ٻانهين عمارت جي ورهائي کنئي ۽ ڪم ۾
لڳي ويا. جڏهن ڀتيون چار فٽ کن مٿي ٿيون، تڏهن
سڀني جو اچي پاڻ ۾ تڪرار لڳو ته ڪير منجهانئن ”حجر
الاسود“ کي کڻي ڀت ۾ کوڙي رکي. نيٺ اهو ٺهراءُ ٿيو
ته جيڪو فلاڻي در کان هاڻي پهريان حرم ۾ ايندو
تنهن کي فيصلي لاءِ چونداسون ۽ انهيءَ جي حڪم جي
پيروي ڪنداسون. اِنهي ڳالهه تي ماڻهن کي ابو اميه
بن مغيره آندو جو سڀني قريشين ۾ پوڙهو هو.
اتفاق اهڙو ٿيو جو پهريون ماڻهو اندر ايندڙ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم ٿي
پيو. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي سچائي ۽ نيڪ نيتي ايتري مشهور هئي جو
پاڻ سڳورن کي عام طرح ”الامين“ ڪري ڪوٺيندا هئا.
جڏهن ماڻهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
کي اندر ايندو ڏٺو ته تڏهن سڀني خوش ٿي وٺي پڪاريو
ته ”هاذ الامين رضيناه“ يعني امين اچي ويو آهي ۽
اسين انهيءَ جي فيصلي تي راضي آهيون. حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن هنن
جي ڳالهه ٻڌي اهڙو فيصلو ڪيو جو سڀئي راضي ٿيا.
پاڻ سڳورن پنهنجي چادر پٽ ۾ وڇائي پنهنجي هٿ سان
”حجر الاسود“ کي کڻي انهيءَ تي رکيو ۽ پوءِ قريش
جي چئني قبيلن جي سردارن کي چيائين ته چادر چئني
ڪنڊن کان جهلي مٿي کڻون. جڏهن چادر ڀت جي سنوت تي
آئي تڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن پنهنجي هٿن مبارڪن سان ”حجر الاسود“
کي کڻي انهيءَ کي مقرر جاءِ تي ڀت ۾ کوڙي رکيو.
اِنهيءَ تدبير سان حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن انهيءَ ڏينهن
ماڻهن کي هڪ خوني جنگ کان بچائي ڇڏيو.
ڪعبة جي عمارت اڳئين کان ڪجهه ننڍي ڪري ٺاهي ويئي
۽ اتر اولهه طرف ڪجهه حصو ڇڏي ڏنو ويو ۽ عمارت جي
مٿان ڇت به وڌي وئي جا اڳي ڪانه هئي. اِنهي ڪعبة
الله جي ڇڏيل ٽڪر کي ”الحجر“ سڏيندا آهن.
ڪعبة الله جي نئين سر ٺهڻ کان پوءِ مڪي ۾ هڪ دفعي
سخت ڏڪار پيو ۽ ماڻهو هلاڪ ٿيڻ لڳا. حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
چاچي ابو طالب کي وڏو ڪٽنب هو، تنهن ڪري هو گهڻي
تڪليف هيٺ اچڻ لڳو. انهيءَ ڪري حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پنهنجي دولتمند
چاچي حضرت عباسرضه
وٽ ويو ۽ هن کي چيائين ته ابو طالب کي گهڻا ٻار
آهن. تنهنڪري هل ته هن وٽ هلون ۽ هڪڙو هڪڙو ٻار هن
کان وٺي اسين سنڀاليون. پوءِ هو ٻئي گڏجي ابو طالب
وٽ آيا ۽ هن کان ٻه پٽ ورتائون. حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن حضرت عليرضه
کي ورتو ۽ حضرت عباسرضه،
جعفررضه
جو ذمو کنيون، اِنهيءَ وقت حضرت عليرضه
جي عمر 5 يا 6 ورهيه مس هئي. پوءِ هو سدائين حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان گڏ
رهندو آيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هوندي هئي.
جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم 40
ورهين جي ڄمار کي ويجها ٿيا تڏهن اڳئين کان وڌيڪ
اڪيلائي ۾ گذارڻ لڳا. هو اڪثر ڪري پاڻي ۽ کجور ساڻ
کڻي ڪيترا ڏينهن لاڳيتو حرا جبل جي هڪ غار ۾ ويهي
عبادت ڪندا هئا. هي جبل مڪي شريف جي اُتر ۾ اٽڪل
ڏيڍ ڪوهه جي پنڌ تي آهي. هن جبل کي هن وقت جبل نور
ڪري سڏيندا آهن، اُنهيء جبل جي غار جي نويڪلائي ۾
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن خدا جي
گهڻي عبادت ڪندا هئا ۽ الله تعالى جي قدرت تي
ڳوڙهو ويچار ڪندا هئا. هن وقت پاڻ سڳورن کي رات جو
خواب به بلڪل گهڻا ايندا هئا ۽ ڏينهن جو اُهي
هميشه سچا نڪرندا هئا.
اهو حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نبوت جو
آغاز هو. برابر 6 مهينن تائين اهو حال رهيو جو
رات جو جيڪي ڏسندا هئا سو صبح جو سچ نڪرندا هئا..
هڪ ڏينهن جيئن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
غار ۾ عبادت ۾ مصروف هئا، تيئن حضرت جبرئيل عليھ
السلام غار اندر آيو ۽ حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي فرمايائين ته ”پڙهو“. حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ”ما انا بقاري“ يعنى مان
پڙهيل ڪين آهيان، پوءِ حضرت جبرئيل اَمين عليھ
السلام 3 ڀيرا حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
ڇاتئ سان لڳائي زور ڏنو ۽ ٽئين ڀيري حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ته ڇا پڙهان وحي فرمايو:
بِسْمِ
اللهِ
الرَّحمٰنِ
الرَّحِيْمِ-
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ
Ǻۚ خَلَقَ
الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ
Ąۚ اِقْرَاْ
وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ
Ǽۙ هنن
آيتن جو هي ترجمو آهي. شروع ڪريان ٿو الله جي نالي
سان جو نهايت ئي ٻاجهارو آهي- پڙهڻ شروع ڪر پنهنجي
پروردگار جي نالي سان جنهن خلقيو (ساري ڪائنات کي)
(1) پيدا ڪيائين انسان کي رت جي ڄميل دڳ منجهان
(2) پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار وڏي عزت وارو آهي (3)
پوءِ حضرت جبرئيل عليھ السلام حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن کي وضو ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ سيکاري ۽
پهرين نماز گڏجي پڙهيائون. حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جڏهن غار کان ٻاهر نڪتا تڏهن سڀ کان
پهريون جبل نور جنهن جي غار ۾ پاڻ سڳورا عبادت
ڪندا هئا تنهن مان آواز آيو ”السلام عليڪ يا رسول
الله“ مطلب ته سلام آهي توتي اي الله جا مبارڪ
رسول“. مطلب ته گهر تائين وڻ ٽڻ پٿرن کان سلام جا
آواز ”السلام عليک يا نبي الله، السلام عليک يا
رسول الله“ جا بلند ٿيڻ لڳا. واپس سلامتيءَ سان
گهر پهتا. اڄ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو
آواز عجيب انداز سان هو. بيبي حضرت خديجه رضي الله
عنها ڊوڙي در کوليو ۽ حضور صه جن جي پيشاني مبارڪ
تي عجب طرح جو انوار برڪات ڏٺائين ۽ تعظيم سان
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي مسند تي
وهاريائين ۽ عرض ڪيائين ته اڄ سائين جن جي صورت
نرالي، آواز نرالو ۽ خوشبو نرالي آهي ۽ اڄ چهري
مبارڪ جو نور زياده آهي. اڄ تن مبارڪ مان اهڙي تيز
خوشبو اچي رهي آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن نه آئي
هئي. اڄ واقعات کان مطلع فرمايو. غرض جا ڪيفيت
حضور پُرنور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان ٿي
گذري هئي سو سڀ ڪجهه هڪڙئ نگاهه وجهڻ سان حضرت
خديجهرضه
جي قلب ۾ نقش ٿي ويئي. آخر حضرت خديجه رضي الله
عنها، حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي ساڻ وٺي
پنهنجي سؤٽ ورقه بن نوفل وٽ ويئي. جنهن جي عمر سو
سال کان وڌيڪ هئي ۽ هو توريت خواهه انجيل جو وڏو
ڄاڻو هو. تنهن سان وحي جي نازل ٿيڻ متعلق سمورو
بيان ڪيائين. ورقه حضرت جبرئيل عليھ السلام جو
نالو ٻڌي اُٿي بيٺو ۽ حيرت زده ٿي چوڻ لڳو ته اُها
پاڪ ذات هنن ناپاڪ بت پرستن جي گهرن ۾ ڪيئن نازل
ٿي سگهي ٿي! پر في الواقع جيڪڏهن هن زمين تي حضرت
جبرئيل عليھ السلام جو اچڻ ٿيو آهي ته وڏي خوش
نصيبي آهي. ورقه وڌيڪ فرمايو ته هائو. اڳين آسماني
ڪتابن ۾ آهي ته، ضرور هڪڙو نبي يتيم پيدا ٿيندو
جنهن جو مددگار خود رب العالمين ٿيندو. سبحان
الله. هڪڙي قريش جي عورت مٿس پنهنجو سمورو مال
قربان ڪندي. اي خديجه! اُهي علامتون تومان نمودار
آهن. بيبي حضرت خديجهرضه
پڇيو ته ڪاٻي به علامت ٻڌايو- فرمايائين ته هائو
جهنگ جا وڻ ٽڻ، پٿر بلڪ جانور به نبي آخر زمان تي
ڪلمو پڙهندا. ڪاش مان ان وقت زندهه هجان ها جڏهن
توهان جي قوم توهان کي ڪڍي ڇڏيندي. پاڻ سڳورن
فرمايو ته ڇا اهي مون کي ڪڍي ڇڏيندا. ورقه چيو ته
ها جڏهن به ڪو ماڻهو اهڙو نياپو کڻي آيو آهي جهڙو
توهان آندو آهي ته ان سان وير وڌو ويو آهي، جيڪڏهن
مون اوهان جو دور ڏٺو ته اوهان جي وڏي مدد ڪندس،
ان کان پوءِ ورقه جلدئي گذاري ويو.
چون ٿا ته جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن تي وحي نازل ٿيو تڏهن ڪعبي جا سڀئي بت
منهن ڀر اونڌو ٿي ڪِري پيا. نجومي غيب جون خبرون
ڏيئي نه سگهيا ۽ ايران جي شاهه جي محلات ۾ زلزلو
پئجي ويو ۽ خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيا. شاهه فارس کي
خوف لڳو ۽ سڀني حڪيمن ۽ نجومين کي گهرائي سبب
پڇيائين پر جواب ڏيئي نه سگهيا. آخر خواب ۾ پنهنجي
ملڪ ۽ دولت لٽجڻ جا آثار ڏٺائين.
حبش ڏي هجرت
اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو شرف پهريون حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پياري وفادار بيبي
خديجه الڪبرى رضي الله عنها کي مليو. بيبي خديجه
رضي الله عنها کانپوءِ اِسلام ۾ حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جو دوست ابوبڪر صديق رضي الله
عنھ مسلمان ٿيو. حضرت ابوبڪر رضي الله عنه پاڻ
سڳورن کان ٻه سال عمر ۾ ننڍو هو ۽ سندن پاڙيسري
هو. هو بلڪل دولتمند ۽ وڏو واپاري ماڻهو هو ۽ بلڪل
سمجهو، هوشيار ۽ عقلمند هو.
حضرت ابوبڪررضه
جهڙي انسان جو اسلام ۾ داخل ٿيڻ پيغمبر خدا صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي سچائي کي چڱيءَطرح ثابت
ڪري ٿو. حضرت ابوبڪر رضي الله عنھ جي ڪوشش سان
پوءِ ٻيا به ڪيترائي ترت مسلمان ٿيا جيئن ته حضرت
عثمان بن عفان، حضرت زبير بن عوام، حضرت
عبدالرحمـٰــن بن عوف، حضرت طلحه بن عبيدالله،
حضرت سعد بن ابي وقاص، حضرت ابوعبيده بن جراح،
حضرت عامر بن فهيره رضي الله عنهم. ان کان علاوه
ڪي عورتون به اسلام ۾ داخل ٿي ويون، جيئن حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي چاچي جي زال
اُم الفضل، اسماء بنت عميس، اسماء بنت ابوبڪر،
فاطمھ بنت خطاب رضي الله عنهن ۽ ٻيون. اِنهي
کانسواءِ هڪڙو غلام حبشي بلال رضي الله عنه پڻ
مسلمان ٿيو.اِسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ حضرت بلال رضي
الله عنه تي سندس مالڪ سخت تڪليفون آنديون پر هن
دين اِسلام نه ڇڏيو ۽ آخر حضرت ابوبڪر رضي الله
عنھ هن کي خريد ڪري آزاد ڪيو. اهو بلال حبشي رضي
الله عنه وڏي عزت وارو ٿيو ۽ پيغمبر خدا صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جو مؤذن ٿيو.
نبوت ملڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن ماڻهن کي مخفي طرح سان
اِسلام جي دعوت ڏيندا هئا. الله تعاليٰ پنهنجي
رسول مقبول صلي الله عليھ وسلم تي جيڪي ڪم رکيا،
اُهي هي هئا ته مخلوق خدا کي بڇڙن ڪمن کان خبردار
ڪرڻ ۽ سندن ڪمن جي نتيجي کان ڊيڄارڻ، ماڻهن جي
اعتقادن ۽ اعمالن کي پاڪ رستي تي آڻڻ، ماڻهن کي
پاڪيزگي، صفائي ۽ پاڪدامني سيکارڻ، خدائي تعليم
مفت ڏيڻ ۽ ماڻهن کان عيوضي ملڻ جي اُميد نه رکڻ،
مٿئين ڪم ۾ جيڪا تڪليف اچي سا سر تي تسليم ڪرڻ.
هي اُهو وقت هو جو نه رڳو عربستان ۾ پر سڄي دنيا ۾
انسانيت ڪانه رهي هئي، تنهن ڪري خدا پنهنجي هڪڙي
نائب آقا دوجهان محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
کي دنيا جي رهنمائي لاءِ موڪليو ۽ حقيقت ۾ اِسلام
اُهو سيلاب هو جنهن مخلوق خدا جي ڪنن تائين
آزاديءَ ۽ امن امان جو پيغام پهچايو، ورنه اسلام
کان اڳ جيڪي به ذي اقتدار قومون مثلاً عبراني،
نصراني، يوناني، ساساني، رومي، قلداني، هندو يا جن
جو حال اسين سلسله وار اڳ ڏئي چئي چڪا آهيون. سي
پستيءَ ۾ تمام هيٺ ڪِري چڪيون هيون، مطلب ته اُهي
عربستان جا ئي اڻ پڙهيل عرب هئا جن دنيا کي تاريڪي
مان ڪڍي روشني ۾ آندو. نصراني اُنهن کان علم ۽ فن
سکيا، هندستان جي رهواسين هنن کان وحدانيت جو
اخلاق سکيو. مطلب بطحا مان جيڪي رحمت جا ڪڪر اُٿيا
تن دنيا کي ابر رحمت سان سيراب ڪري ڇڏيو. بقول
مولانا الطاف حسين حالي رحه:
گھٹا اک پھاڑوں سے بطحا کی اُٹھی |
|
پڑی چار سو یک بیک دھوم جسکی، |
کڑک اور دمک دور دور اُسکی پھنچی |
|
جو ٹیگس پہ گرجی تو گنگا پہ برسی |
رہی اُس سے محروم آبی نہ خاکی،
ہری ہوگئی ساری کھیتی خدا کی۔ |
ٽن سالن جي لڪل تبليغ کان پوءِ حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن کليو کلايو خدا پاڪ کان
مليل ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن کي اسلام ۾ آڻڻ لڳا، سندن
پاڪ تعليم جو مرڪز هڪ گهر هو جو حضرت ارقمرضه
جو هو ۽ صفا جي ٽڪريءَ تي هو. انهيءَ وقت يعني سنه
613ع کان وٺي هي گهر ”اسلام جو گهر“ سڏجڻ لڳو.
جيڪو پويون ماڻهو هن گهر ۾ مسلمان ٿيو، سو حضرت
عمر بن خطاب رضي الله عنھ هو. هي اُهو اِسلام جو
پهلوان هو جنهن جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن بي خوف ٿي هر
هنڌ اسلام نسبت وعظ ڪرڻ لڳا ۽ دين جي دعوت ڏيڻ
لڳا، جيئن وقت ويو گذرندو، تيئن عام قريشن جو ضد ۽
عداوت مسلمانن سان وڌندو ويو. هو پيغمبر خدا جي
پوئلڳن کي بلڪل ستائڻ لڳا. ۽ انهن تان هو چٿرون
ڪندا هئا پر پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن کي تڪليف ڏئي ڪين سگهندا هئا، ڇو ته سندس چاچا
حضرت ابوطالبرضه
۽ حضرت عباسرضه
بيٺل ۽ پڄندي وارا مڙس هئا. آخر دشمني ايتريقدر
وڌي وئي، جو حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
مسلمانن کي رخصت ڏني ته اوهان مان ڀلي ڪي وڃي حبش
۾ رهن.
سن 615ع ۾ پيغمبر خدا جي نبوت جي پنجين سال ستين
مهيني ۾ 11 مرد ۽ 4 عورتون رات جي وقت مڪي شريف
مان نڪري سندس بندرگاهه شعيبه مان جهاز تي چڙهي
حبش روانا ٿيا. هن ننڍڙي قافلي جو ساربان پاڻ
سڳورن جي نياڻيءَ بيبي رقيه
رضه
جو خاوند حضرت عثمان بن عفانرضه
هو. خود پيغمبر خدا جو چوڻ آهي ته حضرت لوط عليھ
السلام کان پوءِ حضرت عثمانرضه
پهريون شخص هو جنهن راهه خدا ۾ هجرت ڪئي. هن کان
پوءِ ٻيا به مسلمان 83 مرد 18 عورتون مڪي شريف مان
نڪري حبش ڏي ويا.
حبش جي عيسائي بادشاهه نجاشي هنن کي گهڻو قرب ڏنو
۽ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ڏنو. مسلمانن جي پٺيان مڪي
شريف جا ڪي قريشي ڪافر به حبش ڏي ويا ۽ اتي جي
بادشاهه نجاشيءَ کي عرض ڪيائون ته هنن کي ملڪ مان
ڪڍي ڇڏ. مسلمانن جي طرفان پيغمبر خدا جي سؤٽ حضرت
جعفررضه
نجاشيءَ جي درٻار ۾ تقرير ڪئي ته ”اي بادشاهه اسين
جهالت ۾ غرق هئاسون ۽ بتن جي پوڄا ڪندا هئاسون.
اسين مردار کائيندا هئاسون ۽ اسان ۾ ڪو به انسانيت
۽ ايمانداريءَ جو نشان ڪونه هو. انهيءَ حالت ۾ خدا
تعاليٰ اسان ڏي هڪڙو نبي سڳورو موڪليو، جنهن
سچائي، ديانتداري، تقويٰ ۽ پاڪيزگيءَ ۽ توحيد جي
اسان کي دعوت ڏني. هن اسان کي حڪم ڏنو ته رحم
ڪريو، نماز پڙهو، صدقا ڏيو ۽ روزا رکو. پر اسان جي
ماڻهن جي اسان تي ان ڪري ڪاوڙ آهي ته اسين وحده لا
شريڪ جي عبادت ڇڏي، ڪاٺي ۽ پٿرن جي مورتن جي پوڄا
ڪريون. بادشاهه هي تقرير ٻڌي حضرت جعفر طياررضه
کي چيو ته مون کي پنهنجي پيغمبر جي ڪتاب مان ڪجهه
ٻڌاءِ.“ تنهن تي هن بادشاهه کي قرآن پاڪ جي سورة
مريم پڙهي ٻڌائي، مٿس اهڙو اثر ٿيو جو روئي
ڏنائين. چيائين ته ”حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وسلم جن اهو ئي رسول آهي، جنهن جي خبر حضرت يسوع
مسيح ڏني هئي. الله جا شڪرانا آهن، جو مون کي
انهيءَ پاڪ رسول جو زمانو ڏيکاريو اٿس، پوءِ مڪي
جي ڪفارن کي تڙائي ڪڍيائين.
سڄي ملڪ جي عداوت ڏسي حضرت ابو طالب، حضرت صلي
الله عليھ وآلھ وسلم کي گهرايو ۽ سندس خيال مبارڪ
معلوم ڪيائين، پر پيغمبر خدا ڪفارن جون ڳالهيون
مڃڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ ابو طالب سندن استقامت کي
ڏسي هن کي چيو ته منهنجا ڀائٽيا خيال نه ڪر مان
تنهنجي هر حال ۾ مدد ڪندس، توکي جيئن وڻي تيئن ڪر.
اِنهيءَ وچ ۾ نبوت جي ڇهين سال پيغمبر خدا جو چاچو
حضرت امير حمزه ۽ عمر بن خطاب رضي الله عنهما
اسلام ۾ داخل ٿيا، سندن اسلام ۾ اچڻ ڪري مخالفين
ابوجهل ۽ ٻين کي طاقت نه ٿي جو مقابلو ڪري سگهن،
ڇاڪاڻ جو مٿيان ٻئي عرب جا وڏا پهلوان هئا. اهو
حال ڏسي قريشي ڪفارن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم سندس قبيلي وارن ۽ ٻين مسلمانن سان قطع
تعلقات ڪيو، جو ٽن سالن تائين هليو، پر هن مان
طرفين کي ڪو فائدو ڪونه پهتو. قطع تعلقات سڀني
هاشمين کي سخت تڪليف هيٺ آندو.
معراج ۽ هجرت
سن 619ع ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
وفادار بيبي حضرت خديجة الڪبريٰرضه
65 ورهين جي عمر ۾ انتقال ڪيو. مشڪلاتن پٺيان
مشڪلاتون درپيش ٿينديون ويون. ساڳئي سال پاڻ سڳورن
جو چاچو ابوطالب فوت ٿي ويو. هن ننڍڙي هوندي کان
وٺي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي نپايو هو ۽
سدائين ڪافرن جي ظلم کان پاڻ سڳورن کي پئي بچايو
هو، سندن وفات ڪري پيغمبر خدا کي وڏو صدمو رسيو،
ڇاڪاڻ جو هينئر هو اڪيلا ٿي پيا ۽ الله تعاليٰ
کانسواءِ ٻيو مددگار ڪونه رهين.
مڪي جي ماڻهن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
سخت تڪليفون ڏنيون هيون، تنهنڪري مڪي ۾ اسلام جي
زور وٺڻ جو ترت ڪو امڪان ڪونه هو. تنهنڪري حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ڪنهن ٻئي شهر ۾ اسلام
جي تبليغ ڪرڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ خيال سان سن
620ع ۾ پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
پنهنجي وفادار غلام حضرت زيد بن حارثرضه
سان گڏجي طائف جي سرسبز هنڌ تي پهتا. هتي جي ٽن
سردارن عبد يا ليل، مسعود ۽ حبيب کي اسلام جي دعوت
ڏني ۽ اسلام نسبت ماڻهن کي واعظ ٻُڌايا. پر ڪو چڱو
نتيجو ڪونه نڪتو ۽ اُٽلندو پيغمبر خدا کي گهڻي
تڪليف ڏني. ڏهاڪو ڏينهن طائف ۾ رهڻ کان پوءِ پاڻ
سڳورا موٽي مڪي ۾ آيا. موٽڻ بعد حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم هڪ عورت حضرت سودهرضه
نالي سان شادي ڪئي، جنهن جي عمر هن وقت 51 سال هئي
۽ پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي عمر هن
وقت 50 سال هئي. بيبي سوده
رضه
اوائل ۾ مسلمان ٿي هئي، سندس پهريون مڙس سڪران بن
عمرو به مسلمان ٿيو هو ۽ ٻئي حبش ڏي هجرت ڪري ويا
هئا. هن وقت سڪران وفات ڪري ويو هو ۽ بيبي سوده
نهايت ئي مسڪين حال ۾ هئي، تنهنڪري کيس سنڀالڻ جي
خيال سان حضور آقاء دوجهان صلي الله عليھ وآلھ
وسلم هن سان نڪاح ڪيو. بيبي سوده 72 ورهين جي
ڄمار ۾ سن 19هه ۾ وفات ڪئي. اِنهيءَ شاديءَ کان
پوءِ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
پنهنجي وفادار دوست حضرت ابوبڪررضه
جي نياڻي بيبي حضرت عائشھرضه
سان منڱيا، جا اُن وقت 9 ورهين جي عمر جي هئي،
اٽڪل 3 سال پوءِ پاڻ سڳورا بيبي حضرت عائشھرضه
سان پرڻيا. بيبي عائشھرضه
پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ازواج
مطهرات مان هڪڙي ئي هئي جا ڪنواري هئي. باقي
سموريون ازواج مطهرات بيواهه هيون، جن سان پاڻ
سڳورن نڪاح ڪيو هو. هيءَ بيبي سندن خذمت ۾ فقط 9
ورهيه رهي جو پوءِ پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن وفات ڪئي ۽ حضرت عائشھرضه
63 ورهين جي عمر ۾ تاريخ 17 رمضان المبارڪ سن 57هه
۾ وفات ڪئي.
620ع سڄو ئي سال پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم
لاءِ تڪليف ۽ مونجهاري جو هو. هن سال مارچ مهيني ۾
جڏهن ٻارهين مهيني زيارتن جي وقت منيٰ ۾ يثرب جي
ڪن ماڻهن سان ملاقات ٿي، اهي خزرج قبيلي جا ماڻهو
هئا جن مان پاڻ سڳورن جي وڏي ڏاڏي هاشم شادي ڪئي
هئي. هو مسلمان ٿيا. اُنهن وڃي اِسلام کي يثرب ۾
خوب پکيڙيو. سنه 621ع ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن جڏهن هنن سان عقبه ۾ گڏيا تڏهن سندن
تعداد 12 هو. اسلام يثرب ۾ ايتريقدر وڌيو هو جو
اتان جي مسلمانن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي نياپو موڪليو ته ڪو قابل ماڻهو اسان ڏي
اسلام پکيڙڻ لاءِ موڪليو وڃي. تڏهن حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پنهنجي هڪڙي نوجوان
پوئلڳ مصعب بن عميررضه
کي يثرب روانو ڪيو جو اُتي اسعد بن زراررضه
جي گهر ۾ ٽڪيو ۽ اسلام وڌائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو.
يثرب ۾ عيسائي ۽ يهودي به چڱي تعداد ۾ رهندا هئا.
اُهي يهودي عيسوي سن کان به ڪي اڳي جا آيل هئا.
بادشاه نيبو چڊ نيزر بابل واري سنه 586 عيسوي کان
اڳ بيت المقدس ۾ ڦر ڪئي هئي. اُن وقت اتان جا گهڻا
يهودي يثرب ڏي ڀڄي آيا هئا. وري عيسوي سن کان 63
سال اڳ ۾ رومي جرنيل پامپئي بيت المقدس تي ڪاهيو
هو، انهيءَ وقت به ڪي يهودي يثرب ڏي آيا هئا. سن
70ع ۾ رومي حاڪم ٽٽس ۽ سن 136ع ۾ رومي شهنشاهه
هيڊرئن بيت المقدس کي سخت نقصان پهچايو هو، انهن
وقت جي ظلمن کان گهڻن يهودين يثرب ۾ اچي پناهه
ورتي هئي. جڏهن يثرب جا ڪافر کين ستائيندا هئا،
تڏهن هو سدائين کين چوندا هئا ته ”هڪڙو پيغمبر جلد
پيدا ٿيڻو آهي، اهو ئي سبب هو جو يثرب وارن يهودين
کان اڳ ايمان آندو. يثرب ۾ بنو خزرج ۽ بنو اوس عرب
جا ٻه قبيلا هئا پر اُهي پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا ۽
سندن زور ڀڳل هو.
معراج بابت مختلف رايا آهن پر اڪثر تاريخ نويسن جي
راءِ آهي ته نبوت جي ڏهين سال 27 رجب المرجب هڪڙي
اونداهيءَ رات جو حضرت جبرائيل عليھ السلام، هڪڙو
قدرتي گهوڙو براق نالي آندو، جنهن تي حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم سوار ٿي، بيت المقدس ۽
اقصيٰ مسجد واري زمين تي آيا، جتي پاڻ سڳورن اڳين
زمانن جي سڀني نبين ۽ پيغمبرن سڳورن کي نماز
پڙهائي، جي کين اُتي ملڻ آيا هئا. پوءِ پاڻ سڳورا
ڌرتي ڇڏي عرش تي چڙهي ويا ۽ سڀني آسمانن جو سير
فرمايائون. اتي پاڻ سڳورا دوزخ ۽ بهشت گهميا ۽
سڀني ملائڪن ۽ نبين سان گڏيا، تنهن کان پوءِ
خداوند تعاليٰ سان ملاقات ڪيائون، ٻئي ڏينهن صبح
جو حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پنهنجن
ماڻهن سان معراج جو ذڪر ڪيو، جنهن تي سڀني کي عجب
لڳو، پر حضرت ابوبڪررضه
سڀني کي معراج جي سچائيءَ جو يقين ڏياريو. تنهنڪري
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کين ”صديق“ يعني
سچار جو لقب ڏنو.
سن 622ع ۾ مڪي جي ڪفارن حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کان وير وٺڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ پاڻ سڳورن
جي گهر تي گهيري ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر حضور صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن کي الله پاڪ جي طرفان سندن
منصوبي جي خبر پئجي وئي سو پنهنجيءَ بستري تي حضرت
علي ڪرم الله وجهھ کي سمهاري خدا جي قدرت سان
ڪافرن جي گهيري هوندي به نڪري ويا ۽ حضرت ابوبڪر
صديقرضه
سان گڏجي مڪي کان ٻاهر واري جبل ثور جي چوٽيءَ
واري غار ۾ قيام ڪيائون. صبح جو ڪافرن حضرت عليرضه
کي ستل ڏسي پاڻ سڳورن جي تلاش ۾ يثرب جارستا ڳولڻ
لڳا ۽ جبل ثور جي چوٽيءَ وارو غار به ڳولي لڌائون
پر خدا جي قدرت سان ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄار
اُڻي ڇڏيو ۽ ڪبوترن اچي آنا لاٿا، جن آثارن کي ڏسي
ڪفار موٽي ويا. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن ٽي ڏينهن غار ۾ هئا. کين حضرت ابوبڪررضه
جو پٽ حضرت عبداللهرضه
پنهنجي ڀيڻ بيبي اسماء کان کاڌو ٺهرائي آڻي
پهچائيندو هو ۽ عامر بن فهيرهرضه
کين کير پهچائي ويندو هو. آخر چوٿين ڏينهن عبدالله
بن اريقطرضه
۽ عامر ٻه تکا اُٺ ڪاهي آيا، پوءِ اُٺن تي چڙهي
يثرب جو رُخ رکيائون. اِنهيءَ هجرت جي تاريخ 16
جولاءِ سن 622ع آهي. اهو واقعو حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن جي 53 ورهين جي عمر ۾ ٿيو
۽ اڄ ڏينهن تائين مسلمان پنهنجو سن اُن ڏينهن کان
وٺي شمار ڪن ٿا.
اٺن ڏينهن جي منزل کان پوءِ مهاجرين مديني
پهتا. يثرب جا ماڻهو نهايت ئي محبت سان پيغمبر
محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي گڏيا. پاڻ سڳورن
کين انصار ڪري سڏيو ۽ يثرب جي ماڻهن يثرب جو نالو
مدنية النبي رکيو، جو اڃا تائين ان نالي سان سڏجي
ٿو. حضرت عليرضه
به اچي ساڻن مديني ۾ گڏيو ۽ حضرت محمد صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن حضرت عبدالله بن ابي بڪررضه
کي مڪي ڏياري موڪليو جو ٻارن ٻچن کي وٺي آيو.
يثرب ۾ پيغمبر خدا ۽ سندس پوئلڳ مسجد ٺاهڻ ۾ لڳا،
اُها مسجد بلڪل سادي مٽيءَ جي هئي ۽ سندس ڇت کجيءَ
جي ٽارين ۽ پنن جي هئي، اِنهي ۾ حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم ۽ سندن اصحاب سڳورا پنهنجو
گهڻو وقت گذاريندا هئا، هينئر ته مسجد نبوي کي هڪ
عاليشان عمارت آهي.
اُن وقت عربستان ۾ ڪنهن به شهر ۾ قانون ڪونه هو،
چئني طرفن کان (جزيرة العرب) ۾ بي قاعدگي ۽ فساد
پيل هئا، حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
هڪڙو اعلان مديني ۾ جاري ڪيو، جنهن ڪري فساد بند
ٿيا ۽ هن اعلان موجب سڀني کي حق ڏنا ويا. خاص ڪري
يهودي جي گهڻي تعداد ۾ شهر ۽ شهر جي ٻاهران رهندا
هئا، تن سان صلح ٿيو، جنهن مطابق هنن مسلمانن کي
مديني جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڌارين ڪاهه ڪندڙن خلاف
وڙهڻ جو انجام ڪيو. مڪي شريف جو واپار اڪثر شام
سان هلندڙ هو، اٽڪل ساليانو اڍائي لک دينارن جو
مال نيڪال ٿي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو، پر
هينئر مديني ۾ پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو
زور ڏسي خوف کائڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو شام ڏي وڃڻ وارو
رستو مديني جي نزديڪ هو.
بدر جي جنگ
مڪي شريف جا ڪافر يهودين سان دوستيءَ جو رستو رکڻ
لڳا ۽ پڻ خزرج قبيلي جي سردار عبدالله بن ابي
منافق کي کڻي پنهنجو طرفدار ڪيائون. حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي مڪي جي ڪفارن جي
لُچائيءَ جي خبر پئجي وئي، لاچار مسلمانن کي
پنهنجي بچاءَ ۾ تلوار ڪم آڻڻ جي رخصت ڏنائون. هن
کان اڳ کين دين جي بچاءَ لاءِ صبر ڪرڻو پوندو هو،
پر هينئر مسلمانن جي جان ۽ بچاءَ جو به بار مٿن
هو. سن 624ع ۾ مڪي جي ڪافرن جو هڪڙو وڏو قافلو شام
جي طرف کان ابو سفيان (جنهن اڃان تائين اسلام قبول
نه ڪيو هو) جي هٿ هيٺ پئي آيو. کيس خوف هو، ته
متان اَهل مدينه ڦرلٽ نه ڪن، سو هن مڪي وارن کي
مدد لاءِ چوائي موڪليو. هن خبر پهچڻ سان هڪ سؤ
گهوڙي سوار ۽ ست سؤ اوٺي سوار هٿيار پنهوار کڻي
ابو جهل جي هٿ هيٺ نڪتا. ڪفارن جو تعداد 1000 هو.
ابو جهل جي عمر 70 ورهيه هئي، پر چالاڪ ۽ ڦڙت هو.
جڏهن پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڏٺو ته ڪفار
بيگناهه حملو ٿا ڪن تڏهن لشڪر گڏ ڪيائون، ڪُل 313
مسلمان گڏ ٿيا، جن مان 82 مهاجر هئا ۽ ٻيا انصار
هئا. لشڪر سان فقط 2 گهوڙا ۽ 70 اُٺ هئا. بدر جو
ميدان وارياسو هو، چؤطرف جبل هوس. اسلامي لشڪر
هڪڙي پاڻيءَ جي چشمي وٽ لٿل هو. رات جو مينهن
وسيو، جنهن ڪافرن واري زمين کي گپ ڪري ڇڏيو. صبح
جو بدر جي ميدان تي خونريز جنگ لڳي، ڪافر پٺتي ڀڄڻ
لڳا. مسلمانن جي فتح ٿي. 70 ڪافر جنگ ۾ مارجي ويا
۽ 70 قيد ٿيا، مسلمانن مان 14 اصحاب سڳورا شهيد
ٿيا. ابو جهل به جهنم داخل ٿيو. جنگ جي مالدار
قيدين کان پئسا وٺي کين آزاد ڪيائون، ٻن ڪٽن کي
قتل ڪيائون، باقي سڀني کي آزاد ڪيائون. جنگ ختم
ٿيڻ کان پوءِ 115 اُٺ، 14 گهوڙا ۽ ڪيترا ڪپڙا ۽
ٻيو اسباب مسلمانن کي هٿ آيو، جو سڀني ۾ ورهايو
ويو ۽ سڀن جو پنجون حصو قومي ڪمن لاءِ حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن وٽ رکيو ويو. جنگ جي
قيدين ۾ ٻه بلڪل مشهور هئا، هڪڙو هو حضرت عباسرضه
، پاڻ سڳورن جن جو چاچو ۽ ٻيو هو ابوالعاص جيڪو
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
نياڻيءَ بيبي زينبرضه
جو مڙس هو. حضرت عباسرضه
کي پئسن ملڻ تي آزاد ڪيو ويو ۽ ابوالعاص کي بيبي
زينبرضه
کي موٽائي ڏيڻ تي ڇڏيو ويو.
اسلامي تاريخن ۾ بدر جي جنگ بلڪل مشهور آهي، ڇاڪاڻ
جو هن جنگ کان پوءِ هر ڪو مسلمانن کي عزت سان ڏسڻ
لڳو ۽ اسلام جو پايو مضبوط ٿيو، ٿوري لشڪر سان
هيڏي ڪفارن جي ڪٽڪ تي فتح پائڻ ڪري هر ڪنهن کي
يقين ٿي ويو ته حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن برابر خدا جا پيغمبر آهن. مديني، مڪي ۽
عربستان جي ٻين شهرن جا ماڻهو حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم ۾ وڌيڪ ايمان رکڻ لڳا.
اُحد جي جنگ
بدر جي شڪست ڪري ڪافرن کي گهڻو نقصان ۽ تڪليف پهتي
هئي. هو مسلمانن کان وير وٺڻ واسطي تياري ۾ لڳي
ويا هئا. ابو سفيان جي قافلي وارو سامان، جنهن جي
ڪري بدر جي جنگ لڳي هئي، وڪيو ويو ۽ اهو سڄو جنگي
اسباب تي خرچ ڪيو ويو. ابو سفيان مڪي جي سردار
گهڻو لشڪر گڏ ڪيو ۽ اٽڪل ٽي هزار ماڻهو موجود ٿيس،
هن ٻاهرين رفيقن کان به مدد گهري. انهن ٽن هزارن
مان ست سؤ ڄڻن کي مضبوط زرهون چڙهيل هيون ۽ ٻه سؤ
ڄڻا گهوڙي سوار هئا ۽ ٻين سڀني کي اُٺ هئا. لشڪر
جا مهندار ابو سفيان، حضرت خالد بن وليدرضه
۽ اڪرمه بن ابوجهل (جي ٽئي اڃان مسلمان نه ٿيا
هئا) هئا. اُهو لشڪر جنوري سن 625ع ۾ مڪي کان
مديني طرف روانو ٿيو ۽ اُحد جي جبل وٽ اچي ڪٺو
ٿيو. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي چاچي
عباسرضه
ڳجهيءَ طرح مديني ڏي خبر موڪلي، جيتوڻيڪ هو اڃا
مسلمان ڪين ٿيو هو، تڏهن به هو پيغمبر خدا جو خير
خواهه هو.
مديني کي مضبوط قلعو هو، پر مسلمان جوان مردن جي
صلاح ٿي، ته نڪري ٻاهر وڙهجي. حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن وٽ ڪل هزار کن ماڻهو مس
هئا. گڏيل راءِ کانپوءِ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن پنهنجو ننڍڙو لشڪر وٺي شهر ٻاهران ٽن
چئن ميلن جي فاصلي تي جبل تي کڙو ڪيو. لڙائي لڳڻ
کان اڳ عبدالله بن ابي منافقن جو سردار ٺڳي ڪري
مشڪل وقت ۾ پنهنجا ٽي سؤ ماڻهو لشڪر مان ڪڍي ويو.
نتيجي طور اسلامي لشڪر ۾ رڳا ست سؤ ماڻهو بچيا، پر
هو اِرادي جا پختا هئا. پيغمبر خدا پاڻ قابل جرنيل
هئا، پاڻ سڳورن پنهنجو جهنڊو حضرت مصعب بن عميررضه
کي ڏنو. جنگ جي شروعات ۾ ته ڪافرن شڪست کاڌي پر
حضرت خالد بن وليد اسلام جي لشڪر جي پٺ وٺي گهيرو
ڪيو، نتيجو اهو نڪتو جو مسلمان چئني طرفن کان
وڪوڙجي ويا. حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت علي رضي
الله عنهم ۽ ٻيا اصحابي سڳورا زخمي ٿي پيا. خود
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو اڳيون
ڏند مبارڪ به شهيد ٿيو. هڪڙي ڪافر حضرت معصبرضه
کي شهيد ڪري ڇڏيو، سندس مهانڊا پيغمبر خدا صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جهڙا هئا، سو ڪافرن وٺي
خوشيءَ مان رڙيون ڪيون. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم زخمي ٿيا هئا ۽ گهڻو رت پئي وهين، سو
حضرت علي ڪرم الله وجهھ ڪجهه پاڻي کڻي آيو ۽ اچي
سندس منهن مبارڪ ڌوتائون، انهيءَ وچ ۾ رات پئجي
ويئي ۽ جنگ بند ٿي ويئي. ابو سفيان جي زال هند
حضرت امير حمزهرضه
جي لاشي جو پيٽ ڦاڙي هن جو هينئون ڪڍيو ۽ انهيءَ
کي ڪچو چٻاڙيائين. انهيءَ وقت اسلام کي ڪنهن تمام
وڏي نقصان کان، خاص اَلله جي ڀلائيءَ بچايو، نه ته
مديني شريف ۾ هن وقت ڪوبه لشڪر موجود نه هو،
جيڪڏهن ڪفار حملو ڪن ها. هن جنگ ۾ مسلمانن جا 70
شهيد ٿيا هئا، جن مان 4 مهاجر هئا ۽ 65 انصار ۽ هڪ
يهودي (جو مسلمان ٿيو هو) هئا، ڪفارن جا 22 ماڻهو
مئا.
احد جي هار سبب اسلام کي وقتي نقصان پهتو ۽ شهر
وارا يهودي ۽ منافق سچن مسلمانن جي ايمان ۾ خلل
وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. احد جي هار سچن مسلمانن ۽
منافقن جي پرک لاءِ ٿي.
احد جي جنگ ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن جا گهڻا دوست ۽ ڪي عزيز شهيد ٿيا هئا ۽ انهن
جون زالون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي پيا هئا، تنهنڪري
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي انهن
جي سنڀال جو بندوبست ڪرڻو پيو ۽ عرب رواج موجب
شهيد ٿيلن جي زالن جون وري ٻين سان شاديون
ڪرايائون ۽ پاڻ سڳورن به بيبي زينب بنت خزيمهرضه
سان نڪاح ڪيو. بيبي زينبرضه
جو پهريون نڪاح پاڻ سڳورن جي پڦاٽ عبدالله بن جحش
سان ٿيو هو، جيڪو غزوه اُحد ۾ شهيد ٿيو هو، ان کان
پوءِ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن هن بيبي
سڳوريءَ سان نڪاح ڪيو.
احد جي هار ڪري هينئر ڪافر عربستان جي قومن کي
مسلمانن جي خلاف چرچ ڏيڻ لڳا. اڃا ٻه مهينا مس
گذريا ته حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي
خبر ملي ته وچ عربستان ۾ رهندڙ بني اسد قبيلي وارا
ماڻهو مديني تي اوچتي ڪاهه ڪرڻ جي سنبت ۾ آهن.
انهيءَ ڪري پاڻ سڳورن حضرت ابو سلمهرضه
جي هٿ هيٺ ڏيڍ سؤ ماڻهن جو لشڪر اوڏانهن روانو
ڪيو. حضرت ابو سلمهرضه
اوچتو وڃي بني اسد وارن جي مٿان ڪڙڪيو، جنهن تي هو
پنهنجو مال ۽ اُٺ ڇڏي ڀڄي ويا. حضرت ابو سلمهرضه
يارهين ڏينهن فاتح ٿي بني اسد وارن جي اُٺن، مال ۽
ٽن ماڻهن سميت اچي مديني ۾ نڪتو. اسلام جي خلاف
ٻيو منصوبو عرنه جي ڳوٺ وٽ باغين تيار ڪيو، جيڪو
عرفات جي ويجهو آهي، پر حضرت عبدالله بن انيسرضه
اُن منصوبي جي اڳواڻ سفيان بن خالد کي جلد ختم ڪري
آيو. اهي واقعا اپريل سنه 625 ۾ ٿيا.
مديني ۾ بني نضير قبيلي جا يهودي شهر کان ٻه ٽي
ميل ٻاهر زهره جي قلعي ۾ رهندا هئا. حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي مسلمانن خلاف سندن
سازشي منصوبي جي خبر پئجي وئي، حڪم ڪيائون ته اهي
يهودي مدينه مان لڏي وڃن، اهو حڪم بلڪل قياس وٽان
هو، جو هو پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي
نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ هئا. هنن ملڪ ڇڏڻ کان
انڪار ڪيو ۽ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
سان جنگ شروع ڪيائون، جنهن ۾ جيتجي ويا ۽ وڃڻ لاءِ
تيار ٿيا ۽ پنهنجو سامان ڇهن سون اُٺن تي کڻي ڪي
شام جي طرف ويا ۽ ڪي خيبر لڏي ويا. جنهن ڪري
مسلمانن کي گهڻو فائدو ٿيو، سندن زمين به هٿ آين ۽
آئينده فساد جي خوف کان به ڇُٽي پيا. هي واقعو احد
جي جنگ کان پوءِ ستت پيش آيو.
جون سن 626ع ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم بيبي زينب بنت جحشرضه سان شادي
ڪئي. بيبي زينبرضه جي ماءُ اميمه پاڻ
سڳورن جي پڦي هئي، تنهنڪري بيبي زينبرضه
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي سڳي پڦاٽ
هئي. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
غلاميءَ جي خراب رواج جي بلڪل برخلاف هئا ۽ سڀني
انسانن کي آزاد ۽ هڪجهڙو سمجهندا هئا. اهو ئي سبب
هو جو پنهنجي پڦاٽِ جي شادي پنهنجي غلام زيد بن
حارثرضه سان ڪرائي هئائون. مگر ڪجهه
وقت گذرڻ بعد حضرت زيد بن حارثرضه ۽
بيبي زينبرضه جو پاڻ ۾ ٺاهه نه رهيو.
جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
خبر پئي تڏهن زيد بن حارثرضه کي گهڻو
سمجهايائون، پر ٿوري عرصي بعد هن بيبي زينبرضه
سان نه ٺهي سگهڻ جي ڪري کيس طلاق ڏيئي ڇڏي. بيبي
سڳوريءَ جا مائٽ گهڻو رنج ٿيا. انهيءَ ڪري گهڻي
خيال بعد حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
پاڻ بيبي زينبرضه سان نڪاح ڪيو. شاديءَ
ڪرڻ وقت بيبي زينبرضه جي عمر 36 ورهيه
هئي. هي اُهو وقت هو جو مسلمانن کي الله تعاليٰ
وٽان حڪم آيو ته پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جي زالن کي مائرون ڪري مڃيو، تنهنڪري هن وقت کان
وٺي پاڻ سڳورن جي زالن کي ”امهات المؤمنين“ جو
لقب مليو يعني مؤمنن جون مائرون. هن وقت پردي نسبت
به ڪجهه رواج پوڻ لڳو.
غزوه خندق
فيبروري سن 627ع ۾ مڪي جي ڪافرن وري مدينه تي
ڪاهيو. هن دفعي گهڻو ڪري عربستان جون سڀ غير
مسلمان قومون هنن سان شامل هيون. اها گڏيل ڪاهه
يهودين جي تحريڪ سان ٿي هئي. ڪافرن جو لشڪر ڏهه
هزار کن هو ۽ انهن جو جرنيل اڳئين وانگر ابوسفيان
هو. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
شهر جي بچاءَ جو گهڻو خيال هو. ان حوالي سان پاڻ
سڳورن جن حضرت سلمان فارسيرضه جي اها
صلاح پسند ڪئي ته شهر جي چوگرد ٻاهران هڪڙي اونهي
کڏ کڻجي ۽ انهيءَ جي اندران بيهي دشمن سان تيرن ۽
پٿرن سان وڙهجي. اها ڳالهه نئين هئي ۽ اڳي عربستان
۾ ڪڏهن اهڙي جنگ ڪانه ٿي هئي، پر اها صلاح سڀني کي
وڻي. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پاڻ
ماڻهن سان گڏجي اُها خندق کوٽي، ڇهن ڏينهن اندر
تيار ڪئي. پوءِ پاڻ سڳورن پنهنجو ٽن هزارن جو لشڪر
شهر مان ڪڍي شهر ۽ خندق جي وچ ۾ بيهاريو. بنو
قريظه وارن يهودين ڏٺو، ته ڪافر گهڻا آهن، سو
سمجهيائون ته ضرور هنن جي فتح ٿيندي، تنهنڪري هڪدم
حي ابن اخطب بنو نضير جو سردار ۽ ڪافر ڳالهين ۾
ٺهي ويا ۽ يهودين مسلمانن سان ڪيل معاهدو ٽوڙي
ڇڏيو، ڪافرن جو لشڪر گهڻو هو، پر هڪ قبيلي يا هڪ
ڳوٺ جو نه هو، تنهنڪري پاڻ ۾ ٻَڌي ڪانه هين. اٽڪل
ويهارو ڏينهن ڪافر مديني کي گهيرو ڪيو ويٺا هئا پر
ڪي ڪين ورين. انهيءَ وچ ۾ سندن کاڌي جو سامان کُٽي
ويو ۽ گهوڙن، اُٺن جو گاهه به کپي ويو. وري هڪڙيءَ
رات جو سخت مينهن پوڻ ۽ واچوڙو لڳڻ ڪري سندن تنبو
اُڏامي ويا ۽ ڪفار گهڻوئي مالِ غنيمت ڇڏي ڀڄي ويا.
غزوه خندق کان پوءِ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن بنو قريظه وارن جي خلاف جنگ جو اعلان فرمايو،
ڇو جو انهن بدڪردار يهودين مسلمانن سان ڪيل معاهدو
ٽوڙي ڪفارن جي مدد ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح يهودي
پنهنجي قلعن ۾ وڃي لِڪا ۽ يهودين جي قلعي تي
مسلمانن 25 ڏينهن تائين گهيرو ڪيو، آخر يهودين جو
کاڌو کپي ويو ۽ جنگ کان بس ڪيائون. چوائي
موڪليائون، ته اسين پيش پونداسون. حضرت صلي الله
عليھ وآلھ وسلم هنن جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ هو قلعي
مان نڪري اچي پيش پيا. فيصلي موجب 700 يهودين کي
قتل ڪيو ويو ۽ انهن جي عورتن ۽ ٻارن کي غلام بنايو
ويو. هي فيصلو يهودين پاران مقرر ڪيل منصف طرفان
ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح مدينو فتني انگيزي کان
ڇُٽي پيو.
هن وقت حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن نه رڳو
مسلمانن جا پيغمبر هئا پر مديني جا بادشاهه پڻ
هئا. پر تنهن هوندي به پنهنجي اصل واري سادي هلت
چلت کان تر جيترو به ڪين ڦريا هئا. هڪڙي ڏينهن
سندن خذمتگار حضرت عبداللهرضه عرض ڪين
ته اڳتي موڪل ڏيو ته اوهان لاءِ هنڌ نرم ٺاهجي
ڇاڪاڻ جو اُن ڏينهن سندن بدن مبارڪ تي کجي جي پنن
جا نشان بيٺا هئا. پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن فرمايو، ته نه، حياتيءَ جي مزن سان منهنجو
ڪهڙو واسطو آهي؟ دنيا ۽ منهنجي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو
آهي؟ منهنجي ليکي دنيا هڪڙي وڻ جي مثال آهي ۽
ماڻهو هڪڙو مسافر آهي، جو هن جي ڇانوَ هيٺ ويهي
هليو ٿو وڃي.
سن 627 ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
بيبي اُم حبيبه سان نڪاح ڪيو. هيءَ بيبي حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي سخت دشمن
ابوسفيان جي ڌيءَ هئي. هن اُم المؤمنين جو پهريون
نڪاح حضرت عبدالله بن جحشرضه سان ٿيو
هو ۽ هو ٻئي مسلمان ٿي حبش ڏي هجرت ڪري ويا هئا.
هينئر حضرت عبداللهرضه وفات ڪري ويو هو
۽ اُم حبيبه مديني آئي هئي. پيغمبر خدا صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن سان شاديءَ وقت سندس عمر 36
ورهيه هئي.
مڪي سان حديبيه جو عهدنامو ڪرڻ
مديني ۾ مسلمانن جو تعداد اٽڪل ڏيڍ هزار هو، جڏهن
زيارتن جي مد آئي، تڏهن سڀني ماڻهن مڪي هلڻ لاءِ
خواهش ڏيکاري. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن مڪي ڏانهن هلڻ لاءِ حڪم ڏنو، اٽڪل ڏيڍ
هزار مسلمان هلڻ لاءِ تيار ٿيا. سڀني احرام ڍڪيو،
وٽن هٿيار تلوار ۽ تير ڪمان هو. 70 اُٺ خيرات ڪرڻ
لاءِ پاڻ سان نيائون، پر ڪفارن شهر ۾ اچڻ لاءِ
موڪل ڪانه ڏني. نيٺ ڪافرن هڪڙو عهدنامو حضرت صلي
الله عليھ وآلھ وسلم سان ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته:
”ڏهه سال لڙائي مهمل ڪئي ويندي، انهيءَ وچ ۾ جنهن
کي حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن سان
شامل ٿيڻو هجي، سو ڀلي اُئين ڪري ۽ جنهن کي قريشين
سان ملڻو هجي سو ڀلي ائين ڪري. هن سال مسلمان بنا
عمري ڪرڻ جي مديني منوره ڏانهن واپس موٽي وڃن ۽
ورندي سال مسلمان ڀلي مڪي ۾ اچن ۽ ٽي ڏينهن اچي
رهن ۽ انهيءَ وچ ۾ قريشي شهر مان هليا ويندا. پر
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم ۽ سندس
اصحابي سڳورا جنگي هٿيار پاڻ سان نه آڻيندا، سواءِ
تلوار جي.“
انهيءَ عهدنامي تي ٻئي ڌريون راضي ٿيون، پوءِ
مسلمان خير خيرات ۽ قرباني ڪري پوئتي موٽي ويا.
خيبر جي جنگ
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مڪي کان
موٽڻ بعد مديني ۾ اچي رهيا، پر دشمنن جي منصوبن
پاڻ سڳورن کي آرام ڪرڻ نه ڏنو. يهودي ۽ ٻيا گهڻا
اسلام جا دشمن خيبر جي طرف اسلام کي نقصان پهچائڻ
لاءِ صلاحون پچائي رهيا هئا. تنهنڪري انهن جو زور
ڀڃڻ ضروري هو. انهيءَ ڪري ماهه آگسٽ سن 628ع ۾
چوڏهن سؤ مسلمان مديني مان سنڀري خيبر جي طرف
هليا. انهن مان هڪ سو گهوڙي سوار هئا ۽ انهن جي
اڳواڻي حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم پاڻ
ڪرڻ فرمائي.
خيبر مديني کان اٽڪل 100 ميل کن اتر اوڀر ۾ واقع
هو. خيبر ۾ مضبوط قلعا هئا. مسلمانن قلعن تي گهيرو
ڪيو پر قلعن فتح ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش آين. نيٺ هڪڙي
ڏينهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم پنهنجو
جهنڊو حضرت علي ڪرم الله وجهه کي هٿ ۾ ڏنو ۽
فرمايائون ته ”هي اهو ماڻهو آهي جنهن کي الله ۽
الله جي رسول سان محبت آهي ۽ جنهن سان الله ۽ الله
جو رسول پيار ڪن ٿا. هن کي ڪو به خوف ڪونهي ۽ هي
ڪڏهن به دشمن کي پٺي ڏيئي نه موٽندو“ پوءِ حضرت
علي ڪرم الله وجهه جهنڊو وٺي ماڻهن جي اڳ ۾ ٿي
دشمنن تي حملو ڪيو ۽ اسلامي لشڪر ٿوري وقت ۾ قلعو
فتح ڪيو. خيبر جي فتح مان مسلمانن کي وڏو فائدو
ٿيو ۽ جهجهو غنيمت جو مال هٿ آين. جنگ جي قيدين ۾
ڪجهه عورتون به شامل هيون. اُنهن مان هڪڙي بيبي
صفيه بنت حيرضه به هئي جا بنو نضير
قبيلي جي سردار جي ڌيءَ هئي. حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن هن بيبيءَ سان نڪاح ڪيو. هن وقت ام
المومنين بيبي صفيهرضه جي عمر 17 ورهيه
هئي. خيبر ۾ هڪڙي ڏينهن هڪڙي يهودياڻي عورت زينب
نالي هڪڙو گهٽو پچائي، حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم وٽ کڻي آئي. حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن هڪڙو ذرو ران جو کڻي وات ۾ وڌو، پر اُن ۾
زهر پيل هو. پر پاڻ سڳورن کي زهر ۽ سازش جي خبر
پئجي وئي ۽ پنهنجي اصحابن سڳورن کي به کائڻ کان
منع ڪيائون. خيبر کان موٽندي سيپٽمبر سن 628ع ۾
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن وادي
الڪرا جي قلعي تي گهيرو ڪيو ۽ ٻن ڏينهن جي جنگ
بعد هن کي هٿ ڪيو. هتي به مسلمانن کي گهڻو غنيم جو
مال هٿ آيو. هن معرڪي کان پوءِ خيبر جي يهودين کي
زمين موٽي ملي پر کين پيدائش جو اڌ معاهدي موجب
مسلمانن کي به ڏيڻو پوندو هو.
پيغمبر خدا جو ڌارين بادشاهن ڏي ايلچي روانا ڪرڻ
ائين نه آهي ته جناب فخرِ ڪائنات محمد مصطفيٰ صلي
الله عليھ وآلھ وسلم رڳو عربستان جي عرب قبيلن کي
دين جي دعوت ڏني، پر اِنهي خدائي پيغام کي، جو مٿن
نازل ٿيو هو، ان وقت جي وڏن وڏن شهنشاهن جي ڪنن
تائين پهچايو. اُنهن مان جن اِنڪار ڪيو، سو دنيا
ڏٺو ته اُهي هن عرب جي سيلاب ۾ ڪيئن لڙهي ويا ۽
وري سندن نالو نشان هميشه لاءِ صفحه هستيءَ تان
مٽجي ويو. اُهي شهنشاهتون جن جي جبروت ۽ جلال جو
ڏوئنڪو دنيا ۾ پئي وڳو، اِيران جي ساساني شهنشاهيت
با اقبال هئي. هنن قلاديا، بابل، روم
Constanti N Pole
جي بادشاهتن کي ماري مات ڪيو هو ۽ سرزمين عرب جو
به وڏو حصو ساساني اقبال اڳيان جهڪندڙ هو. عربستان
جي اُتر ۾ رومي شهنشاهت برسرِ اقتدار هئي. رومي
شهنشاهت جو مغربي حصو جنهن جو تختگاهه رومة الکبرى
هو تنهن جو زوال سن 476ع ۾ ٿيو. هن وقت جا قوم
اٽليءَ ۾ طاقتور هئي سا هئي گاٿ قوم جنهن جو
بادشاه ٿياڊارڪ نالي هو. گاٿ لوڪن فقط مغربي رومن
شهنشاهت فتح ڪئي ان ڪري ڏاکڻئو فرانس ۽ اسپين به
سندن قبضي ۾ هو. وانڊل قوم جا قديم اسپين جي رهاڪو
هئي، تنهن اسپين مان ڀاڄ کائڻ کان پوءِ سڄي اُتر
آفريقا جي ڪناري تي قبضو ڪيو هو. شمالي يورپ ۾
فرئنڪ، گيلٽڪ، برگنڊئنس، فنس، وينڊس، ليچس ۽
ميئگيرس قومون عيسوي ڇهين صديءَ ۾ يورپ ۾ پاڻ ۾
جنگ ۾ مشغول هيون. باقي مشرقي رومي شهنشاهيت جيڪا
ٻئي نالي سان بازنطيني شهنشاهت
Byzantine Empire
جي نالي سان مشهور هئي سا رومة الکبرى جي زوال
يعني سن 476ع کان پوءِ تقريباً هڪ هزار ورهين
تائين قائم رهي ۽ قسطنطنيھ ان جو گاديءَ جو هنڌ
هو.
سمورو ايشيا ڪوچڪ، آرمينيا جو
اڌ، قفقاز جو وڏو حصو شام، مصر ۽ بحيره قلزم جو
آفريقا ۽ ايشيا وارو ڪنارو ويندي حجاز تائين ۽ سڄو
اتر آفريقا (جنهن ۾ برقا، ڪارٿيج ۽ سيوطا شامل
هئا) بازنطيني شهنشاهت هيٺ هو. عربستان جا ڪيترائي
قبيلا ٻئي طرف ايران ۽ رومي سلطنت جي حڪومت هيٺ
هئا. جيتوڻيڪ کين اندروني ڪجهه آزادي هئي، پيغمبر
خدا هڪڙو ايلچي ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز ڏي
موڪليو ۽ ٻيو وري بازنطيني شهنشاهه هرقل ڏي روانو
ڪيائون. تنهن کان سواءِ مصر ۽ يمن جي حاڪمن، جي
رومي ۽ ساساني شهنشاهتن جي ماتحت هئا، ڏي به دين
جي دعوت موڪلي وئي.
ايرانين ۽ رومين جون لڙايون صدين کان وٺي پاڻ ۾
هلنديون آيون هيون ۽ هن وقت به خسرو ۽ هرقل پاڻ ۾
پئي لڙيا. جنهن وقت پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جو خط بادشاهه خسرو پرويز کي مليو، تڏهن هن
مغرور ۽ بداخلاق بادشاهه خط کي وٺندي ئي بنا پڙهڻ
جي ڦاڙي ڦٽو ڪيو. جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم کي اها خبر ملي تڏهن فرمايائون ته ”الله
انهيءَ جي بادشاهيءَ کي به ائين ٽڪرا ٽڪرا ڪندو.“
ٿيو به ائين ٿوري عرصي ۾ ايراني سلطنت ناس ٿي
ويئي.
وري جڏهن فخر ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو
خط هرقل رومي شهنشاهه کي مليو تڏهن ادب سان خط کي
وٺي پنهنجي سيرانديءَ جي وهاڻي تي رکيائين ۽ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ايلچيءَ جي چڱي
طرح مرحبا ڪيائين. ڪجهه ڏينهن پڄاڻان هرقل گهڻيون
ئي سوکڙيون ڏئي پاڻ سڳورن جي ايلچيءَ کي رخصت ڏني.
خسرو پرويز جي يمن واري حاڪم کي حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جي نبوت جي اعلان ۽ ٻين
ڳالهين جي اڳيئي خبر هئي سو گهڻي خوشيءَ سان اسلام
۾ داخل ٿي ويو ۽ پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ
وسلم ڏي گهڻا تحفا روانا ڪيائين.
مصر جي حاڪم ايلچيءَ جي گهڻي خاطري ڪئي پر اسلام ۾
داخل ٿيڻ لاءِ خيال ڪرڻ جو وقت گهريائين. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ هن ڪيتريون عمديون سوکڙيون ڏيئي
ايلچي کي رخصت ڪيو. مصر جي حاڪم جي سوکڙين ۾ ٻه
ڀينرون ماريه ۽ شيرين به هيون.
اهي ٻئي عورتون قبطي نسل جون هيون ۽ سندن مذهب
عيسائي هو. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن حضرت ماريهرضه سان نڪاح ڪيو ۽ شيرين
کي هڪڙي اصحاب حضرت حسنرضه جي حوالي
ڪيائون. ڪجهه وقت بعد آنحضرت عليھ الصلواة و
السلام جن کي بيبي ماريهرضه مان هڪڙو
پٽ ڄائو جنهن جو نالو ابراهيم رکيائون پر اهو
ننڍڙي هوندي گذاري ڪري ويو.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو مڪي ڏي
وڃڻ
فيبروري سن 629ع ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
مڪي ڏانهن عبادت لاءِ سنبريا. ساڻن گڏ اٽڪل ٻه
هزار ماڻهو هليا ۽ سڀ ڪنهن کي اڳئين سال جي
عهدنامي موجب فقط هڪڙي تلوار ساڻ هئي. قريشي
عهدنامي موجب شهر مان نڪري ويا. حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن اصحابن سڳورن سميت
ڪعبةالله شريف ڏي ويا. ستن ورهين جي وڇوڙي بعد
مسلمان زيارتگاهه کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا ۽ خداوند
تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندائون. حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم ڪعبةالله شريف ۾ اندر گهڙي ويا ڳچ وقت
تائين انهيءَ ۾ ويهي عبادت ڪيائون. بلال حبشيرضه
ڪعبةالله شريف تي چڙهي ٻانگ ڏني ۽ پوءِ نماز پڙهي
وئي. جيئن مسلمانن پئي ڪعبةالله شريف جي اڳيان
نمازون پڙهيون تيئن ڪافرن پئي ابو قيس جبل تان هنن
کي ڏٺو.
”عمره“ جي عبادتن بعد حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم ميمونه بنت الحارثرضه پنهنجي چاچي
عباسرضه جي سالي ۽ مشهور پهلوان خالد
بن وليدرضه جي ماسيءَ سان شادي ڪيائون.
ٽي ڏينهن مڪي ۾ رهي انجام موجب مسلمان هليا ويا.
جڏهن هو مديني پهتا تڏهن ٿوري وقت بعد حضرت خالد
بن وليدرضه جنهن احد جي جنگ ۾ مسلمانن
کي ڏاڍو نقصان پهچايو هو سو اتي آيو ۽ اچي مسلمان
ٿيو ۽ پوءِ اهڙو ته نالو اسلامي لڙاين ۾ ڪڍيائين
جو کيس ”سيف الله“ يعني الله جي تلوار جو لقب
مليو. کانئن پوءِ ٻيا به ڪي معتبر قريشي اچي
مسلمان ٿيا. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جي هن مسافريءَ کي ”عمرت القضا“ ڪري سڏيندا آهن ۽
هن کان پوءِ اسلام جو زور بلڪل وڌي ويو ۽ مڪي جي
قريشين جي طاقت گهڻي گهٽ ٿي وئي.
موته جي جنگ
دين جي دعوتن موڪلڻ وقت حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن پنهنجو هڪڙو ايلچي موته جي عيسائي
حاڪم شرحبيل بن عمرو غساني ڏي به موڪليو هو. موته
جو ڳوٺ شام جي طرف بيت المقدس کان اٽڪل ٽن ڏينهن
جي پنڌ تي هو. اهو شرحبيل هرقل بادشاهه جو زيردست
هو. هن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي
سفير حضرت حارث بن عميرازديرضه کي شهيد
ڪري ڇڏيو هو. حضرت حارثرضه جي شهيد ٿيڻ
سبب آئينده جي لاءِ ايلچي موڪلڻ ۾ به خطرو پيدا ٿي
پيو هو، انهيءَ ڪري شرحبيل کان عيوضو وٺڻ مسلمانن
کي بلڪل ضرور هو.
سن 629ع ۾ مدينه جي ٻاهران الجرف وٽ ٽن هزارن جو
لشڪر گڏ ٿيو. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن پنهنجو جهنڊو حضرت زيد بن حارثرضه
کي ڏنو ۽ لشڪر ڏانهن مخاطب ٿي فرمايائون ته جتي
حضرت حارث بن عميررضه کي شهيد ڪيو ويو
آهي اتي وڃو ۽ اتانهون جي ماڻهن کي دين جي دعوت
ڏيو جي قبول نه ڪن ته هنن سان جنگ ڪريو، پاڻ وڌيڪ
فرمايائون ته لشڪر جو مهندار حضرت زيد بن حارثرضه
آهي جي اهو شهيد ٿي وڃي ته پوءِ حضرت جعفر طياررضه
لشڪر جي اڳواڻي ڪري جي اهو به شهيد ٿي وڃي ته پوءِ
حضرت عبدالله بن ابي رواحهرضه لشڪر جو
اڳواڻ ٿئي پر جي اهو به شهيد ٿي وڃي ته پوءِ توهان
پنهنجو مهندار پاڻ چونڊجو پوءِ دعا ڪري لشڪر کي
رخصت ڏنائون.
جڏهن شرحبيل کي مسلمانن جي اچڻ جي خبر پئي تڏهين
هن ڀروارن عيسائي قبيلن لخم، جذام، بهرا بلي ۽ قيس
جا ماڻهو گڏ ڪيا. انهئ وقت رومي شهنشاهه به هڪڙي
نزديڪ هنڌ موآب نالي ڳوٺ ۾ هڪ لک لشڪر سان لٿو پيو
هو. جڏهن مسلمانن کي شرحبيل جي وڏي لشڪر جي خبر
پئي تڏهن خوف کان ڳڻتيون کائڻ لڳا پر حضرت عبدالله
بن ابي رواحه پڪاري چين ته ”ڊڄو ڇو ٿا؟ اسانجي
طاقت لشڪر جي تعداد تي بيٺل ڪانهي پر الله جي مدد
تي آهي“ هلو اڳتي. سڀني چيو ته رواحه جو پٽ سچ ٿو
ڳالهائي هلو اڳتي. عيسائين جي بيشمار لشڪر مسلمانن
جي ننڍڙي لشڪر کي ڏٺو، تڏهين هڪدم ڪاهي آيا ۽ هن
کي ويڙهي ويا. حضرت زيد بن حارثرضه
وڙهندي شهيد ٿيو، هن کانپوءِ حضرت جعفر طيارهرضه
جهنڊو کنيو ۽ 50 زخم جهلي 33 ورهين جي عمر ۾ شهيد
ٿيو، کانئس پوءِ حضرت عبداللهرضه جهنڊو
کنيو پر اُهو به جنت ۾ داخل ٿيو. اتي مسلمان
گهٻرائجي ويا پر جلد حضرت خالد بن وليدرضه
کي مهندار چونڊيائون. حضرت خالد سيف اللهرضه
جنگ جي فن ۾ بلڪل قابل هو، تنهن مسلمانن جي لشڪر
کي جلد سنڀالي ورتو ۽ ٻن ڏينهن جي جنگ بعد عيسائين
جي وڏي لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيائين. هن جنگ ۾ حضرت خالدرضه
9 تلوارون وڙهندي ڀڳيون ۽ اهڙي بهادري سان وڙهڻ
ڪري هن کي جناب سرورِ ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ
وسلم وٽان سيف الله يعني الله جي تلوار جو خطاب
مليو.
حضرت خالدرضه نه رڳو دشمنن کي ماري
ڀڄايو پر غنيمت جو مال به ڦري هٿ آندائين. موته جي
جنگ کان پوءِ ڪيترا شام جي ڀروارا عربي قبيلا حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن وٽ اچي پيش پيا
۽ ساڻن هر وقت مدد ڪرڻ جو انجام ڪري ويا. اهڙيءَ
طرح روز بروز اِسلام جو شان عربستان ۾ بلند ٿين
لڳو.
مڪي جي فتح
حديبيه جي عهدنامي ڪري اٽڪل ٻن سالن تائين مڪي جي
ڪافرن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪو جهيڙو يا جنگ ڪانه ٿي.
پر ڪافرن کي دل ۾ دغا هئي تنهنڪري بنو بڪر قبيلي
وارا جي قريشن جا رفيق هئا سي بنو خزاعه وارن سان
جنگ ڪرڻ لڳا. سندن پاڻ ۾ قديم جهيڙو هو. بنو خزاعه
وارن جا 40 جوان ڀلن گهوڙن تي چڙهي مديني حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم وٽ دانهي ويا ۽
پنهنجي ڏکن سورن جو سمورو حال وٽن پيش ڪيائون.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي عهدنامي
جي عزت بچائڻي هئي، تنهن کانسواءِ مظلوم ڌر جي مدد
ڪرڻ ته سندن دل کي وڻندڙ ڳالهه هئي سو کين مدد ڏيڻ
جو انجام ڪيائون. مڪي وارن کي اچي خوف ورتو. هنن
ابو سفيان کي مڪي پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم
ڏي ٺاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر هن جي مديني ڏانهن
سفر جو ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو، ڇاڪاڻ جو ڪافرن حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وسلم جن جي ڳالهين کي مڃڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري مڪي جي فتح ناگزير ٿي
وئي. پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي جن جن
قبيلن مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو هو تن سڀني کي
گهرايائون. جڏهن سڀ تيار ٿي ويا تڏهن ظاهر ڪيائون
ته مڪي تي ڪاهڻو آهي.
جنوري 630ع ۾ مسلمانن جو وڏو لشڪرڏهن هزارن ماڻهن
جو مديني مان مڪي طرف هليو. هفتي کن ۾ اچي مڪي
پهتا. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي
چاچي حضرت عباسرضه کي جڏهن خبر پهتي،
تڏهن اچي مسلمان ٿيو ۽ پاڻ کي مهاجرن ۾ ڳڻائي
ڇڏيائين. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
مسلمانن کي فرمايو ته جبلن تي گهڻيون باهيون
ٻاريو. انهي لاءِ ته مڪي جا ماڻهو باهيون ڏسي
سمجهن ته مسلمانن جو لشڪر وڏو آهي تنهن ڪري پاڻهي
پيش پون. ڪافر برابر باهيون ڏسي ڊنا. انهن
ابوسفيان کي مسلمانن جي لشڪر جاچڻ لاءِ ڏياري
موڪليو. پر ابوسفيان اُتي وڃي نڪتو جتي حضرت عمررضه
لٿو پيو هو، جنهن هڪدم کڻي پڪڙيس ۽ حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن وٽ آندائينس. حضرت
عباسرضه ، ابوسفيان کي گهڻو سمجهايو،
جنهن ڪري هو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو. اِهو وقت
پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم لاءِ وڏي خوشي
جو هو جو پنهنجي وڏي دشمن کي اسلام ۾ داخل ٿيندو
ڏٺائين. اهڙيءَ طرح مڪو شريف بنا ڪنهن جنگ جي پاڻ
سڳورن فتح ڪيو.
جڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڪعبة
الله وٽ پهتو تڏهين گهڻي ادب سان ڪعبة الله جو
طواف ڪيائون ۽ مقام ابراهيم وٽ نماز پڙهيائون.
ڪعبة الله شريف جي ڪنجين رکڻ واري عثمان بن طلحه
کي گهرائي ڪعبة الله شريف جو در کوليو ويو ۽ بتن
کي ڪڍرائي ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون. ڪنجيون
موٽائي عثمان بن طلحھ کي ڏنائون. حضرت عباسرضه
پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي زم زم جو پاڻي
پياريو. زيارتن کي زمزم جي پاڻي پيارڻ جو ڪم حضرت
عباسرضه جي حوالي ڪيائون.
هن
کانپوءِ ڪعبة الله شريف ۾ نماز پڙهي ويئي ۽ شهر ۾
پڙهو گهمايو ويو ته ”جنهنجو خدا تي ۽ قيامت جي
ڏينهن تي اعتبار هجي سو ڪوبه گهر ۾ سڄو بت نه رکي
پر ڀڃي ڇڏي يا ڪڍي ڦٽو ڪري.“ جڏهن حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم ڪعبة الله مان ڪم ڪار لاهي
تنبو ۾ وڃي آرامي ٿيا ته اُتي حضرت ابوبڪررضه
پنهنجي پوڙهي پيءُ حضرت ابو قحافهرضه
کي وٺي آيو حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
اُٿي کيس ڀاڪر پائي گڏيا ۽ کيس پاڻ سان گڏ
وهاريائون. پاڻ سڳورن کيس قرب سان چيو ته مسلمان
ٿيءُ هو خوشيءَ سان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو. حضرت
رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ڪمال
مروت ۽ رحم کي ڏسي سڀ خوشيءَ سان مسلمان ٿيا.
هن کان اٽڪل ٻه هفتا پوءِ پاڻ سڳورن مڪي جي ملڪي
ڳالهين تي خيال ڏنو ۽ ننڍا ننڍا لشڪر چوڌاري
موڪليائون ته ڀروارا بت ڊاهي اچن ۽ ماڻهن کي
مسلمان ڪري اچن. اهڙيءَ طرح سان لات، منات العزا ۽
ٻيا سڀئي بت ناس ٿي ويا. مڪي جي فتح ڪري حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ۽ اسلام مذهب
جي عزت عربستان ۾ گهڻو وڌي وئي ڇو ته مڪو شريف بت
پرستي جو گهر هو ۽ مڪي جا ماڻهو سخت ڪافر هئا پر
هينئر مڪي جي فتح ٿيڻ ڪري عربستان جي ٻين سڀني غير
مسلمانن سمجهيو ته حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جو مذهب سچو آهي جو مڪي جي ڪوڙن معبودن تي
غالب پيو آهي. هن کانپوءِ مسلماني دين سولائي سان
وڌندو ويو.
حنين جي جنگ ۽ طائف جو گهيرو
مڪي جي حد سان اڀرندي طرف هوازن ۽ ثقيف قبيلا
رهندا هئا اُنهن جو وڏو شهر طائف هو. هو بلڪل
آسودا ماڻهو هئا ۽ سندن ملڪ نهايت آباد هو. هنن
اوائل ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
سان ناروا سلوڪ ڪيو هو، جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن اتي دين پکيڙڻ ويا هئا. سندن
لشڪر طائف جي اُتر طرف اوطاس نالي ۾ گڏ ٿيندا ويا.
سندن تعداد چار هزار هو سندن مهندار مالڪ بن عوف
هو، جو هوازن وارن جو پرئو مڙس هو. هو وادئ حنين ۾
اچي گڏ ٿيا ۽ حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ترسيا.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي اڃا
مڪي م گهڻو ڪم ڪرڻو هو، پر هينئر بنو هوازن وارن
جي شورش جي خبر ٻڌي وڌيڪ ڪين ٽڪيا، هنن مڪي وارن
کي ديني تعليم سيکارڻ جو ڪم مديني جي هڪڙي جوان
پڙهيل مڙس معاذ بن جبل کي سونپيو ۽ ملڪي ڪم جون
واڳون هڪڙي جوان سمجهو قريشي عطاب کي سونپيائون،
جو عبدالشمس جي اولاد مان هو. اهو بندوبست ڪري 10
هزار اڳوڻو لشڪر ۽ 2 هزار مڪي وارن جو لشڪر، جو گڏ
ٿيو هو، ساڻ ڪري اچي حنين کي سڻائا ٿيا. ماهه
فيبروري سن 630ع جو زمانو هو. ٿوري وقت ۾ ڪافرن کي
ڀڄائي ڇڏيائون. هو پنهنجا ڌڻ، زالون، وڳ ۽ ٻار ڇڏي
ڀڄي ويا. هن جنگ ۾ مسلمانن کي 24 هزار اُٺ، 40
هزار ٻڪريون ۽ رڍون 40 هزار تولا چانديءَ جا ۽ 6
هزار زالون غنيمت ۾ هٿ آيون. پاڻ سڳورا سمورو مال
۽ زالون، ٻار الجرانه جي ماٿريءَ ۾ موڪلي اُنهن جي
سنڀال لاءِ ڪجهه لشڪر ويهاري، پاڻ دشمنن جي پٺيان
اڳتي وڌيا جي طائف جي قلعي ۾ پناهه وٺي ويٺا هئا.
ٻن هفتن جي گهيري کانپوءِ پاڻ موٽي الجرانه روانا
ٿيا ڇاڪاڻ جو ماڻهو خيال ڏيکارڻ لڳا ته مال جي
ورهاست ڪئي وڃي.
الجرانه ۾ قيد ٿيل عورتن ۾ بيبي حليمه جي ڌيءُ
شيمه بنت الحارث ملي، جنهن جي پيغمبر خداؐ گهڻي
خاطري ڪئي ۽ هنکي گهڻو مال ۽ تحفا ڏيئي سندس ڳوٺ
روانو ڪيائين. حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جي مائي شيمه تي هيتري رحم جي نظر ڏسي، هوازن
قبيلي وارن کي به اُميد ٿي ۽ اُنهن جا پرئا مڙس گڏ
ٿي وٽن رحم گهرڻ آيا.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم زالون ۽ سندن
ٻار کين موٽائي ڏنا. سندن بي حد رحم ڏسي مالڪ بن
عوف مسلمان ٿيو ۽ طائف طرف دين وڌائڻ ۾ مشغول ٿي
رهيو. پاڻ سڳورا مارچ سن 630ع ۾ مديني ڏانهن
موٽيا.
شام تي چڙهائي
پوئين سال ۾ موته جي شڪست اچڻ ڪري رومي شهنشاهه جي
گهڻي گهٽتائي ٿي هئي، تنهن هن سال مسلمانن کان
عيوضي وٺڻ لاءِ تياري ڪئي. هن پنهنجي سلطنت ۾
ماڻهو لڙائي لاءِ گڏ ڪرايا. عربستان جي عيسائي
لخم، جذاب، عامله ۽ غسان قبيلن هرقل جو طرف ورتو.
هرقل جي مرضي هئي ته عربستان تي حملو ڪري مدينو
فتح ڪجي.
حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم چوڌاري
مسلمانن ڏي جنگ جي تياري لاءِ چوائي موڪليو.
مسلمانن هن جنگ لاءِ دل کولي مال اسباب خرچ ڪيو ۽
پڻ هر قسم جي جاني قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. ٿوري
وقت ۾ 30 هزار ماڻهو گڏ ٿيا جن مان 10 هزار گهوڙي
سوار هئا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
حضرت علي ڪرم الله وجهه کي مديني منوره ۾ اسلامي
حڪومت جي سارسنڀال لاءِ مقرر ڪيو. ماه سيپٽمبر سن
630ع ۾ پاڻ سڳورا شام طرف وڌيا. ڏهن ڏينهن پڄاڻان
اچي تبوڪ ۾ پهتا جو دمشق کان ويجهو هو. رومي
شهنشاهه حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
جي دليري ڏسي لشڪر موٽائي ويو. هتي آرام لاءِ حضرت
مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن مهينو ٽڪي پيا
۽ آس پاس وارن حاڪمن ۽ قبيلن کي دين جي دعوت
ڏنائون، جن مان ڪي خوشيءَ سان مسلمان ٿيا ۽ ڪن ڍل
ڏيڻ قبول ڪئي. ڊسمبر سن 630ع ۾ پاڻ سڳورا موٽي
مديني منوره آيا. مسلمانن پاڻ سان شام مان گهڻو
غنيمت جو مال آندو.
طائف جي ڪافرن جو پيش پوڻ
جڏهن پاڻ سڳورا تبوڪ کان موٽي آيا تڏهن طائف وارن
ڪافرن هن ڏي پنهنجا سردار موڪليا. طائف جي ماڻهن
مسلمان ٿيڻ قبوليو. آخر حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن سندن ڳالهيون قبول ڪري ابوسفيان ۽
اَلمغيره کي هنن سان گڏ طائف روانو ڪيو. انهيءَ
لاءِ ته بتن کي ڊاهين ۽ انهن کي دين سيکارين
اهڙيءَ طرح طائف جا ماڻهو مسلمان ٿيا.
حجت الوداع
سن 632ع حضرت مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم
پنهنجو حج تي وڃڻ جو ارادو عام طرح سان ظاهر ڪيو.
هن وقت عربستان جو مذهب اسلام ٿي چڪو هو ۽ رسالت
پنهنجو ڪم پورو ڪري چڪي هئي. اُمت کي حق جون سڀئي
نعمتون ملي چڪيون هيون. تڏهن فخر آدم رسول مقبول
صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڄاتو ته سندس انتقال جو
وقت اچي ويجهو ٿيو آهي. انهيءَ ڪري حضرت مُحمّد
صلي الله عليھ وآلھ وسلم هن سال جي حج تي حاضر ٿي
عام ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لازم سمجهي، جڏهن چؤطرف
مسلمان اچي گڏ ٿيا تڏهن حضرت مُحمّد صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن 25 ذوالقعد مطابق 23 فيبروري سن 632ع
۾ مديني منوره کان روانا ٿيا. 8 ذوالحج، 10هه جو
عرفات جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا. سڄو ئي ميدان ماڻهن
سان ڀريل هو، اُتي هيٺيون خطبه آغاز فرمايائون:-
”ماڻهو، منهنجي لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو، ڇو جو آءٌ
چئي نه ٿو سگهان ته اسين ٻئي حج جي موقعي تي پاڻ ۾
گڏ هونداسين.“
”اوهان کي هڪ ٻئي جي جان ۽ مال سدائين ائين پاڪ
سمجهڻ گهرجن جيئن اوهين هن ڏينهن ۽ مهيني کي پاڪ
سمجهو ٿا“
”اوهان کي نيٺ خدا تعاليٰ جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي
۽ هو اوهان کان اوهانجي اعمالن جو حساب وٺندو“
خبردار متان مونکان پوءِ گمراهه ٿي وڃو ۽ هڪ ٻئي
جو سر ڪپيو“.
”جهالت جي وقت جي سڀني ڳالهين کي آءٌ پيرن هيٺ خاڪ
ڪري ڇڏيان ٿو“.
”جهالت جي وقت جي جهيڙن ۽ خونن کي آءٌ ميٽي ڇڏيان
ٿو.“
”جهالت جي وقت جي وياجن کي آءٌ بند ڪري ڇڏيان ٿو.“
”پنهنجن زالن نسبت خدا کان ڊڄو. خدا جي ذمي تي
اوهان هنن کي پنهنجون زالون ڪيون آهن ۽ خدا جي
ڪلام سان هنن جي بدن کي اوهان پنهنجي لاءِ حلال
ڪيو آهي. اوهان کي پنهنجن زالن تي حق آهن ۽ زالن
جا اوهان تي حق آهن. زالن کي محبت ڏيو ۽ اُنهن تي
رحم ڪريو.“
”مان اوهان وٽ اها شيءِ ڇڏي وڃان ٿو جنهنکي جيڪڏهن
اوهين چڱيءَ طرح وٺي ويهندا ته ڪڏهن گمراهه ڪين
ٿيندا. اها شيءِ آهي قرآن مجيد.“
”توهان وٽ جيڪڏهن غلام آهن تنکي اهڙو کاڌو ڏيو
جهڙو پاڻ کائو ۽ انهن کي اهڙا ڪپڙا ڏيو جهڙا پاڻ
پهريو.جيڪڏهن هو گناهه ۽ غلطي ڪن ۽ اوهين هنن کي
معافي ڏئي نه سگهو ته هنن کي پاڻ کان موڪل ڏئي
ڇڏيو ڇو ته هو خدا جا بندا آهن ۽ هنن تي سختي نه
ڪرڻ گهرجي.“
”ماڻهو توهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن کي
دل سان هنڊايو. ياد رکو ته سڀ مسلمان هڪ ٻئي جا
ڀائر آهن. اوهين سڀ هڪجهڙا آهيو ۽ هڪ برادريءَ جا
آهيو. هڪڙي جي شيءِ ٻئي کي حرام آهي جيسين تائين
اهو هنکي خوشي سان ڏئي. بي انصافي کان سدائين پري
رهو.“
”جيڪي حاضر آهيو سي هيءَ ڳالهه انهن کي ٻڌايو جيڪي
غير حاضر آهن. شايد اُهي هنن کي پاڻ ٻڌندڙن کان
وڌيڪ ياد رکندا.“
مٿيان لفظ خطبي جا مختصر آهن. حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم ٽي ڏينهن منيٰ ۾ رهي ٽي ڏينهن
مڪي ۾ رهيا، ڪعبه الله شريف جو طواف ڪيائون ۽ آب
زم زم پيتائون ۽ ٽي ڏينهن پڄاڻان موٽي مدينه ڏي
آيا ۽ ٻيا ماڻهو سڀئي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن
روانا ٿيا.
پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي علالت ۽
وفات
حجته الوداع جي مشهور خطبي ۾ حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن ارشادات ۾ فرمايو ته آئون دنيا ڇڏڻ
وارو آهيان. تڏهن اصحاب سڳورن کي هڪ قسم جي بيچيني
۽ تشويش ٿيڻ لڳي. خود حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن کي به اهو خيال پڪو ٿي چڪو هو ته هاڻ خالق
اڪبر وٽ وڃڻ جو وقت ويجهو آهي. هڪ دفعي احد ڏانهن
ويا ۽ اتي نماز وڃي پڙهيائون. جنگ احد جي شهيدن
لاءِ دعا گهريائون، جنت البقيع ۾ آڌيءَ رات جو ويا
۽ سڀني قبرن وارن لاءِ دعا گهريائون.
هڪ ڏينهن سڀني مسلمانن کي گڏ ڪري ارشاد فرمايائون:
”مرحبا، اي مسلمانو! الله توهان کي پنهنجي پناهه ۾
رکي، توهان کي خوشحالي نصيب ڪري، پنهنجي رحمت سان
نوازي، آئون توهان کي پرهيزگاريءَ جي وصيت ڪريان
ٿو ۽ توهان کي الله جي حوالي ڪريان ٿو، ڏسو غرور ۽
تڪبر اختيار نه ڪجو. الله تعاليٰ فرمايو آهي: هي
آخرت جو گهر اسين ان کي ڏيندا آهيون جيڪو زمين ۾
برتري ۽ فساد جو ارادو نٿو رکي. آخرڪار ڪاميابي
پرهيزگارن لاءِ آهي ۽ آخر ۾ فرمايائون: سلام هجي
توهان سڀني تي ۽ انهن سڀني تي جن اسلام قبول ڪيو
آهي ۽ انهن سڀني واقعن مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو ته
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن الوداعي تقرير
ڪري رهيا آهن. 29 صفر سومر جي ڏينه حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن هڪ جنازي مان شرڪت ڪري واپس
آيا، ته کين مٿي جي سور جي شڪايت ٿي پئي، گهر پهچڻ
تي کين سخت بخار ٿي پيو، پر ان بيماري جي باوجود
مسجد نبوي ۾ برابر ايندا رهيا ۽ نماز پڙهائيندا
رهيا.
ان موقعي تي کين اطلاع مليو ته شام وارا مسلمانن
تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا. حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن ترت ان جو تدارڪ ڪيو ۽ پنهنجي بيماري جي
پرواهه نه ڪندي ترت هڪ لشڪر تيار ڪيائون ۽ ان تي
حضرت اسامه بن زيد کي آفيسر مقرر ڪيائون. حضرت
ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر رضي الله عنهما کي به ان
جي ماتحت ڪيائون ۽ ان آخري وقت ۾ به پاڻ امت کي هي
سبق عملي تعليم ڏيئي ٻڌايو ته ڪهڙو به وقت هجي پر
جهاد کان غافل رهڻ نه کپي، ۽ اسلام ۾ مساوات تي
ايڏو زور آهي جو هڪ غلام زادي جي ماتحت قريش جا
باعزت شخص به ڪري سگهن ٿا. ان لشڪر مديني کان ٻاهر
پڙاءُ وڌو. پر حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي
طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ويئي. ان ڪري لشڪر
محاذ ڏانهن روانو ٿيو. حضور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن سندن حرم مبارڪ کي هڪ هنڌ جمع ڪيو. سڀني
هن ڳالهه کي پسند ڪيو ته پاڻ ڪريم جن بيماري جي
حالت ۾ بيبي عائشهرضه جي گهر ۾ قيام
ڪن.
بيبي عائشهرضه سندن تيمارداري ڪندي
رهي، پاڻ بخار جي حالت ۾ مسجد ۾ ايندا هئا پر
زياده گفتگو ڪري نه سگهندا هئا. ڪمزوري ۽ نقاهت جي
ڪري نماز نه پڙهائي سگهيا، تڏهن حضرت ابوبڪر صديقرضه
جن نماز پڙهائڻ شروع ڪئي. ڪجهه افاقو ٿيو، تڏهن
نصيحت ڪرڻ شروع ڪيائون ته ڪوبه مشرڪ عرب ۾ رهڻ نه
گهرجي. منهنجي وفات کانپوءِ منهنجي ۽ منهنجي قبر
جي پوڄا نه ڪجو، سفيرن جو هميشه احترام ڪجو. جيئن
آئون ڪندو هوس، هڪ ڏينهن نماز کان پوءِ فرمايائون:
اي انسانو! جيڪڏهن مون ڪنهن سان ڪا زيادتي ڪئي هجي
ته آئون قصاص يعني بدلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اهو
مون کان پنهنجو بدلو وٺي سگهي ٿو. هڪ شخص ٽن درهمن
جو مطالبو ڪيو. حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن
فوراً ان کي اُهي ادا ڪيا. هڪ ڏينهن اڳئين نماز
کان پوءِ کين ڪجهه سون مليو. پاڻ حضرت عباسرضه
۽ حضرت عليرضه جي سهاري ۾ مسجد ڏانهن
ويا. ان وقت جماعت ٿي رهي هئي ۽ حضرت ابوبڪررضه
جن نماز پڙهائي رهيا هئا، حضرت ابوبڪررضه
سندن آواز ٻڌي پوئتي هٽيو، پر حضور صلي الله عليھ
وآلھ وسلم جن کين روڪيو (اشاري سان) ۽ انهن جي
پاسي ۾ ويهي نماز پڙهيائون. هڪ وقت حضور صلي الله
عليھ وآلھ وسلم جن سندن حجري مان ليئو پائي ڏٺو ته
مسلمان مسجد ۾ نماز پڙهي رهيا هئا. تنهن تي حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن بيبي عائشهرضه
کي فرمايو: اي عائشه! جيڪڏهن مسلمان اهڙي طرح
هميشه خدا کي ياد ڪندا رهن ته مسلمان ڪڏهن به خوار
نه ٿيندا. سومر جي ڏينهن سندن طبيعت ظاهر ۾ ٺيڪ
هئي. انهيءَ ڏينهن حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن بيبي فاطمهرضه کي سيده النساءِ ۽
خير النساءِ (سڀني عورتن جي سردار) مڃڻ جي بشارت
ڏني. حضرت حسن ۽ حسين رضي الله عنهما کي گهرائي
ٻنهي کي چميون ڏنائون ۽ انهن جي عزت ۽ احترام جي
وصيت ڪيائون. ماڻهن کي خيال ٿيو ته سندن طبيعت اڳي
جي مقابلي ۾ ٺيڪ آهي. حضرت ابوبڪر صديقرضه
جن به پنهنجي اهل ۾ مقام سخ ۾ هليا ويا. ٻيا ماڻهو
به پنهنجي پنهنجي ڪاروبار تي هليا ويا، پر حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو ضعف وڌندو ويو.
بيبي عائشهرضه جن کين سهارو ڏنو. سندن
نظر هڪ ڏندڻ (مسواڪ) تي پيئي. بيبي عائشهرضه
کي اشارو ڪيائون جن کين اهو کڻي ڏنو. انهن سان وات
کي صاف ڪيائون ۽ آخر ۾ وصيت ڪيائون. نمازن ۽ غلامن
جو پورو خيال رکو. پوءِ ڪلمو شريف پڙهي هٿ کي مٿي
کڻي زبان قدسي سان فرمايائون: ”الله سڀني کان وڏو
رفيق آهي“ ۽ 12 ربيع الاول سنه 11هه جو سومر جي
ڏينهن مطابق 8 جون سنه 632ع ۾ سندن روح مبارڪ خاڪي
جسم کي ڇڏي عالم بالا ڏانهن پرواز ڪيو. سندن عمر
مبارڪ قمري حساب سان 63 سال هئي. اِنالله و اِنا
اِليھ راجعون.
اللهم صل عليٰ سيدنا محمد و عليٰ آل محمد و بارڪ
وسلم
حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي وفات جي خبر
ٻڌي سڀني ماڻهن جي دلين تي غم ۽ ڏک جا جبل ڇائنجي
ويا. حضرت عمررضه جي حالت ڏک ۽ غم جي
ڪري تمام خراب ٿي ويئي. چوڻ شروع ڪيائين ته جيڪو
چوندو ته محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم هن دنيا
مان لاڏاڻو ڪري ويو ته آئون ان جو سر قلم ڪري
ڇڏيندس.
حضرت ابوبڪررضه جن حجري ۾ ويا ۽ حضور
صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پيشاني تي چمي ڏيئي
چوڻ لڳو: اهو حق آهي، ته توهان پنهنجو حق ادا ڪيو
آهي. منهنجا ماءُ پيءُ توهان تان قربان ٿي وڃن.
جيڪو موت توهان لاءِ لکيل هو، توهان اهو چکيو.
ٻاهر اچي پاڻ حضرت عمررضه کي روڪيائون
۽ قرآن شريف جي آيت تلاوت ڪيائون. حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم جن کان پهرين به ڪيترائي
پيغمبر ٿي گذريا آهن. ڀلا جيڪڏهن اهي فوت ٿي وڃن
يا ماريا وڃن ته ڇا توهان ابتي پيرين ڦري ويندا.
(144-12) ان کان پوءِ وري هي لفظ چيائون، اي
انسانو! توهان مان جيڪي محمد صلي الله عليھ وآلھ
وسلم جن جي عبادت ڪندا هئا ته حضرت مُحمّد صلي
الله عليھ وآلھ وسلم انهن لاءِ وفات ڪري ويا آهن،
پر جيڪي خدا جي عبادت ڪندا هئا، انهن کي ياد رکڻ
گهرجي ته خدا هميشه کان آهي ۽ هميشه رهندو، ان کي
فنا نه آهي. انهن لفظن ماڻهن ۾ ڪجهه تسلي پيدا ڪئي
۽ انهن کي احساس ٿيو ته خدا جي مرضي ۾ ڪنهن کي به
دخل ڪونهي. سڄي امت ان حادثي جي ڪري غم ۾ ٻڏل هئي.
مسلمانن لاءِ اهو صدمو ايڏو هو جو برداشت ڪرڻ مشڪل
هو.
ڪفن دفن
حضرت علي ڪرم الله وجهه جن کين غسل ڏنو، ڪفن جي
لاءِ سوٽي ڪپڙا استعمال ڪيا ويا. حضرت ابوبڪررضه
جن چيو ته نبي جتي وفات ڪندو آهي اتي ئي دفن ٿيندو
آهي. تنهنڪري حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي
بيبي عائشهرضه جي حجري ۾ دفن ڪيو ويو.
جنهن جڳهه تي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم وفات
ڪئي هئي. اهائي جاءِ سندن ابدي آرام گاهه بڻي.
واري واري تي وڃي ٿي ماڻهن جنازي نماز پڙهي ۽ رسول
الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي زيارت کان مشرف
ٿيا. اڱاري جي ڏينهن ۽ ابن هشام جي روايت موجب
اربع جي ڏينهن جسم اطهر کي غسل ڏيئي حضرت عليرضه
، فضلرضه بن عباسرضه ،
اسامهرضه ، بن زيدرضه ،
عبدالرحمان بن عوفرضه ، جن قبر ۾ لاٿو.
اهڙيءَ طرح اهو وجود اقدس 63 سال پنج ڏينهن هن
دنيا ۾ گذاري خاڪ جي اندر پنهان ٿي ويو جنهن جي
فيض ۽ ڪرم سان دنيا قيامت تائين منور رهندي.
|