سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:19 

نارمن قزاقن جي ڪاهه

قرطبه جا عيسائين جڏهن سلطان محمد جي تلوار خون آشام جو مقابلو ڪري نه سگهيا، تڏهن هنن ڌارين عيسائين کي مدد لاءِ لکيو. فرينچ سندن مدد لاءِ تيار ٿيا. پر خليفي ملڪ جي سرحدن تي فوجون وهاري ڇڏيون هيون. جنهنڪري عيسائي بيروني امداد کان محروم رهجي ويا، پر ساڳئي وقت نارمن قزاقن جون فوجون اسپين جي ڪناري تي اچي لٿيون، جن پرووينس PROVENCE جي علائقي کي ڦري تاراج ڪري ڇڏيو. سلطان اِسلامي ٻيڙي کي سندن مقابلي ۾ ڏياري موڪليو، جنهن جي وسيلي سان هو اسپين مان تڙجي ويا ۽ سندن گهڻائي جهاز مسلمانن ٻوڙي ڇڏيا.

نارمن جي تڙجي وڃڻ کانپوءِ خليفي جي فوجن ليون، جليقيه ۽ نئوري جي عيسائين جي گوشمالي ڪئي. اِسلامي افواج نئوري جي پايهء تخت پامپيلونيا  کي سر ڪيو ۽ چئن سالن کانپوءِ ليون جي امير به سواءِ ڪنهن شرط جي صلح لاءِ درخواست ڪئي. جڏهن اِسلامي فوجون جدا جدا هنڌن تي دشمنن سان برسر پيڪار هيون، تڏهن جدا جدا هنڌن تي پوري ملڪ اندر فساد رونما ٿيا. جيئن ته اراگان جي بنو قاصي قبيلي مان هڪڙو نومسلم موسيٰ سرقسطه، ٽيوڊيلا ۽ الهسڪا جو پاڻ کي امير ڪوٺائڻ لڳو، وري ابن مروان نالي هڪڙي فسادي ليون جي امير الفنسو ثالث جي مدد سان سن 884ع ۾ فساد جي جهنڊي کي کڙو ڪيو. اڃا مٿيان فساد مس مس بند ٿيا ته بابسٽرو ۾ فساد کڙو ٿيو. رونڊا ۽ ملاگا جي جابلو قبيلن فساد ڪيا. عمر بن حفضون نالي هڪ همراهه جابلو قبيلا وٺي خودمختيارئ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف فرانسيسي به وجهه ڏسي سرحد ٽپي پيا. سلطان محمد هن وقت ضعيف العمر هو کيس جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ مشڪل ڪم هو، پر اسپين جي مسلمانن کي اهڙي تگ ودو جي زماني ۾ فسادن کي روڪڻ لاءِ آفرين هجي. خليفي پنهنجي پٽ شهزادي المنذر کي فوجون ڏيئي روانو ڪيو. هن سرقسطه، روتا ۽ ڪارٿيجنا تي قبضو ڪري هتي جي فسادين جي باني عبدالوحيد روتيءَ کي، جو پنهنجي وقت جو پهلوان هو، گرفتار ڪيو. موسيٰ جي پٽ اسمٰعيل، جنهن اراگان تي قبضو ڪيو هو، تنهن آڻ مڃي. سن 281هه ۾ المنذر مروان سان مقابلو ڪري کيس شڪست ڏني. موسيٰ جو پوٽو محمد ۽ عمر بن حفضون خوف کان جبلن ڏانهن ڀڄي ويا. سن 886ع ۾  عمر مقابلو ڪيو، پر الهاما وٽ شڪست کائي اچي پيش پيو.

اُندلس جي علمائن ۾ اختلاف

خليفي محمد جي ڏينهن ۾ قرطبه جي عالمن جا پاڻ ۾ اختلاف کلي ويا. حافظ عبدالرحمٰن بن باقي بن مجالد، جو پنهنجي وقت جو لاثاني عالم هو ۽ اِمام هو، سندس خلاف سلطان کي شڪايت پهتي، ته ماڻهن کي آيات ۽ احاديث جي خلاف تعليم ڏيئي رهيو آهي. سلطان حافظ سڳوري کي روبرو درٻار ۾ گهرايو ۽ ٻيا به علماء اچي گڏ ٿيا ۽ بحث هليو، بادشاهه پاڻ وقت جو عالم به هو، هن حافط جي شرعي ڪتابن کي ٻڌو ۽ جاچي ڏٺائين، جي آيات قراني ۽ احاديث جي مطابق صحيح هئا. پوءِ بادشاهه فتويٰ صادر ڪئي ته حافظ سڳوري جي واعظ ۽ سندس درس ۾ دست اندازي ڪرڻ محض ناانصافي آهي. خليفي جو جواب ٻڌي ٻيا علماء خاموش رهجي ويا. ۽ پنهنجي سازش ۾ ناڪام رهيا.

سلطان محمد جو عبرت ناڪ موت

اسپين ۾ جيڪي نامور اِسلام جا شهنشاهه ٿي گذريا تن مان سلطان محمد به نامور بادشاهه ٿي گذريو. سندس موت جو واقعو به عجيب آهي. چون ٿا، ته هڪڙي ڀيري بادشاهه پنهنجي درٻارين ۽ اميرن سان شاهي محلات جي باغيچي ۾ سير ڪري رهيو هو، ته سندس هڪڙي امير چيو ته ”زندگيءَ جو مزو فقط بادشاهن لاءِ آهي ۽ خوشي ۽ عيش عشرت به هنن لاءِ ئي آهي، خوشنما باغن ۽ عمدن محلاتن ۾  رهڻ به اُنهن لاءِ ئي آهي، پر افسوس موت اهڙي زبردست چيز آهي جا عيش عشرت ۽ سڄي ڪارخاني کي درهم برهم ڪري ڇڏي ٿي، وڏا وڏا طاقتور شهنشاهه هنجي اڳيان معمولي غلام آهن ۽ لاچار ۽ بيوس ٿيو پون“

بادشاهه حقيقت ٻڌي جواب ڏنو ته ”واقعي اهل نظر جي نگاهن ۾ بادشاهه گلاب جي گل جيان آهن. مگر گلن سان گڏ ڪنڊا به ٿين ٿا! اهڙئ صورت ۾ موت اهڙي شيء آهي جا سڄي قصي کي پورو ڪري ڇڏي ٿو. پس جيڪڏهن موت نه هجي ها ته ڪيئن اِسپين جو بادشاهه ٿيان هان؟ جيڪڏهن مان هميشه لاءِ زندگي ساڻ وٺي اچان ها ته جيڪر ٻين کي به تخت نه ملي ها“ شام جو وقت هو محفل برخاست ٿي، بادشاهه هميشه وانگر پنهنجي خواب گاهه ۾ وڃي ستو. صبح ٿيڻ سان خادمن ڏٺو ته هميشه جي ننڊ ۾ ستل آهي!

المنذر

سلطان محمد جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شهزادو المنذر اُندلس جي تخت تي ويٺو. هو پيءُ وانگر هوشيار ۽ بهادر هو، پر افسوس جو سندس عمر ٿوري هئي، نه ته اِسپين جي فسادن جي پاڙ پٽي ڇڏي ها. هن آڪيڊو فتح ڪيو ۽ بابسٽرو تي گهيرو ڪيائين، جتي باغي عمر بن حفصون لڪل هو. علامه امير علي صاحب لکي ٿو ته جڏهن عمر عهدنامو ڀڳو تڏهن هن بابسٽرو تي وري حملو ڪيو. پر جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿيو. پر علامه اسٽينلي ليني پولي لکي ٿو ته هي دانشمند فرمانروا پنهنجي حاسد ڀاءُ شهزادي عبدالله جي اشاري تي سن 888ع ۾ خفيه طور قتل ٿي ويو. ڪن مؤرخن جو رايو آهي ته بيمارئ جي حالت ۾ شاهي حڪيم کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. ڪجهه به هجي بادشاهه جي موت ۾ حاسد عبدالله جو ضرور هٿ هو. سندس ڏينهن ۾ ماڻهو دولتمند ۽ آسودا هئا. هن  ٻه ورهيه حڪومت ڪئي.

عبدالله

المنذر کان پوءِ ماهه صفر سن 275هه مطابق جولاءِ سن 888ع ۾ شهزادو عبدالله قرطبه جي تخت تي ويٺو. عبدالله جي رحمدلي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، گويا قدرت رحمدلي کيس وراثت ۾ ڏني هئي، پر عنان حڪومت وٺڻ سان طول عرض سلطنت ۾ فسادن جي باهه ڀڙڪي، جنهن جا شعلا قرطبه جي ديوارن تائين اچي پهتا. علامهّ اَبن اثير هن ڳالهه جي تصديق ڏني آهي.

اسپين جي اندروني حالت

 

اسٽينلي لين پول لکي ٿو ته سلطان عبدالله جي ظالمانه پاليسي جي ڪري رعيت کائنس ڦري ويئي، ۽ کيس معزول ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. پر حقيقت هن ريت آهي، ته سلطان محمد جي زماني کان ملڪ ۾ فساد کڙا ٿيا. اُهو قديم ۽ نو مسلم عيسائين جو مذهبي جوش هو. هن تحريڪ جو سرڪردو يولوجيس هو. باوجود ان جي ته سوين عيسائي موت جي گهاٽ چڙهيا، پر فسادين کي هن تحريڪ مان گهڻو فائدو پهتو. تنهن کان پوءِ المنذر به فسادن کي مات ڪرڻ ۾ رُڌل رهيو ۽ عبدالله کي به اڃا 3 ورهيه مس حڪومت ڪندي گذريا، ته بدامني جي وري بازار گرم ٿي. اميرن مان جي بربر هئا، خواهه قديم عربن جي اولاد مان هئا، تن بادشاهه کي ڪمزور ڏسي اهڙيءَ فرصت کي غنيمت ڄاتو ۽ هو خودسري ڏيکارڻ لڳا. اُهي عرب سردار جي هن وقت سلطنت جا خاص رڪن هئا، سي دراصل انهن اُلوالعزم عربن جو اولاد هئا، جن جي تلوارن جي نوڪن سان طارق بن زياد اسپين فتح ڪيو هو ۽ ڪجهه عرصو بعد فرانس جي ميدانن ۾ يورپ به سندن تلوارن جو مزو چکيو هو. مگر هن وقت به ٻين قومن جي مقابلي ۾ سندن تعداد ٿورو هو. پر افسوس جو هن وقت قرطبه جي درٻار کان اُنهن به منهن موڙي پنهنجي ڏيڍ سر جي جدا مسجد جوڙي هئي. خاص ڪري سندن اشاري تي اشبيله جي امير به خليفي کان رخ ڦيري خودمختياري اختيار ڪئي. جدا جدا شهرن ۾ جيڪڏهن عربن بادشاهه جي خلاف ظاهري سرڪشي اختيار نه ڪئي، پر تنهن هوندي به رڳو نالي طور اسلام جي بادشاهه جي اطاعت ڪرڻ لڳا. لوڪا ۽ سرقسطه جا امير کڻي خودمختيار نه به هئا، پر خراج ڏيڻ بند ڪيائون.! آمدم برسرِ مطلب ته سلطان جي سلطنت رڳو قربطه جي ديوارن تائين محدود هئي، ۽ ٻاهر شاهي فرمان کي ٻُڌڻ وارو ئي ڪونه هو! بربر جيتوڻيڪ عربن کان تعداد ۾ زيادهه هئا، پر جڏهن هنن خود بادشاهه کي ئي بدظني ڪندي ڏٺو تڏهن هو پنهنجي قديم نٺرپڻي تي نروار رهي ڪري اسٽري، مئجورا بلڪ ڏاکڻئي پرتگال جي صوبن ۾ پکڙجي مختلف قبيلن ۾ خودمختيار حڪومتون ٺاهي حڪومتون ڪرڻ لڳا! خاص ڪري اُندلس جي بعض مشهور شهرن مثلاً جين JEAN، بيجا BEJA، الغرو Algrave،  مرشيا ۽ ٻين علائقن جي اميرن به سرڪشي اختيار ڪئي!

خير اهي خرابيون هجن ها ته به چڱو، پر بربر قبيلي مان موسيٰ جو هڪ خونخوار قزاق، بدذات ڪميڻو جو پنهنجي پيءَ وانگر پنهنجي سفاڪي ۽ غارتگيري ڪرڻ ۾ عديم المثال هو، تنهن مردود ته ملڪ ۾ اهڙي عالمگير وبا مچائي ڏني هئي جو جيڏانهن ويندو رهيو اُتي شهرن کي ساڙي ۽ رهاڪن کي ڦري چٽ ڪيائين. مطلب ته  ملڪ ۾ جو باقي آرام ۽ آسودگي هئي، سا به هينئر فنا ٿيڻ لڳي! اهڙن حالتن ۾ ناظرين چئي سگهندا ته نو مسلم ۽ عيسائين جي ڪهڙي پوزيشن هوندي.

نتیجہ جب کہ ہوا عمل بد کا حال بد اپنا

تو پھر ناحق کسی سے کچھ شکایت ہو تو کیونکر ہو؟

سچ ڪري پڇو ته مون کي لکندي شرم ٿو اچي، ته اسپين جي شاندار حڪومت جا مسلمانن فقط ستن هزارن جوانن جي فوج سان طارق اعظم رحه جي قيادت هيٺ فتح ڪئي ۽ سن 710ع کان سن 1506ع تائين اٽڪل 8 سؤ سالن تائين اتي حڪمراني ڪيائون ۽ اهڙي شان شوڪت سان جو هن سرزمين کان تهذيب ۽ تمّدن جا چشما جاري ٿيا ۽هن مرڪز کان يورپ علمي روشني حاصل ڪئي! مٿين عظيم الشان حڪومت محض انڪري مسلمانن جي قبضي مان نڪري ويئي جو هتي فساد جي باهه جا شعلا ڀڙڪي اُٿيا، باهمي اختلافات جو طوفان برپا ٿيو ۽ باهمي جنگ جي ڪري مسلمانن جو چمن برباد ٿيو، سندن اهڙين ڪمزورين کان اهل يورپ فائدو وٺي مٿن حملا ڪيا ۽ آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتائون.

هينئر بربادين جو حال لکجي ٿو. اسپين جا نو مسلم، جن تي اسلامي تهذيب جو رنگ ويو ڏينهون ڏينهن چڙهندو، هو بربرن وانگر جاهل ڪين هئا، مگر هينئر جو قديم مسلمانن پنهنجي استادن کي سلطان جي مخالف ڏٺائون ۽ خود اُندلس جي صوبي جي رهاڪن کي سرڪشي ڪندي ڏٺائون، تڏهن هو به فسادين سان گڏجي جسم ۽ جان بنجي پيا. انهن نو مسلمن مان وڌيڪ طاقتور (ابن حفصون) نالي مسيحي هو، جيڪو الويرا جي صوبي جي رهاڪن کي ڀڙڪائي ڪري مٿن پنهنجي سرداري جو سڪو ڄمائي ويٺو ۽ بابسٽرو جي مضبوط قلعي کي پنهنجو مرڪز ٺاهي، پنهنجا حڪم هلائڻ لڳو. سلطان مٿس حملن پٺيان حملا ڪيا پر ابن حفضون جي عيارانه چالاڪين اڳيان سندس سڀ تدبيرون بيڪار ثابت ٿيون. مرشيا ۾ به هڪڙي نو مسلم شهزادي پنهنجي مدبرانه ۽ دانشمندي اخلاق سان حڪومت پيدا ڪئي ۽ پنهنجي آبائي وطن کي آزاد ڪرائڻ جي شوق سان پنجن هزارن جي جانباز فوج تيار ڪيائين. طليطله (ٽوليڊو) وارن کي به ساڳيءَ طرح آزاديءَ جو شوق دامنگير ٿيو، مطلب ته اُتر اسپين جا اُهي خودمختيار امير پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ رُڌل رهيا. مسلمانن جي اهڙي غفلت کي هنن غنيمت ڄاتو. اُندلس جي به ساڳي حالت هئي، سڄو صوبو جدا جدا ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو. مطلب ته هن وقت ڪو طاقتور غنيم اسپين تي جيڪڏهن ڪاهه ڪري ته مسلمانن جي حڪومت جو جيڪر هينئر ئي فيصلو ٿي وڃي ها، پر اڃا به وقت ۽ تقدير کين مهلت لاءِ ڪي گهڙيون ڏنيون. سندن قسمت جو جهاز بدنصيبي جي رداب ۾ مبتلا هو ۽ طوفان جي موجن ڪري ٻڏڻ تي هو ۽ وقت چئي رهيو هو ته این فتنہ قیامت می شود آہستہ آہستہ! جيتوڻيڪ فسادن ۽ بدعلمين جي ڪري ملڪ تي تاريڪي ڇانيل هئي پر ڪنهن ڪنهن هنڌ اميد جا ڪرڻا به پي نظر آيا. مرشيا جي روشن دماغ ۽ ڪريم النفس گورنر جو اسين بيان ڏيئي چڪا آهيون، کيس سلطان لاءِ عزت هئي. اشبيله جو گورنر ابراهيم بن حجاج جو اصل گاٿ شهزادي ساره جي خاندان مان هو.]شهزادي ساره جنهن خليفي هشام  جي درٻار ۾ وڃي پناهه ورتي هئي، خليفي کيس گهڻي آڌر ڀاءُ سان پناهه ڏني هئي ۽ سندس چاچن کان سندس سموري جائداد کيس وٺي ڏني هئائين، کيس هڪڙي عرب سردار سان پرڻائي ڇڏيو هئائين. سندس مڙس اِشبيله جو امير هو ۽ هو پنهنجي مڙس سان وري اچي اسپين ۾ رهڻ لڳي هئي.[ ابن حجاج، جنهن هن وقت سرڪشي ڪئي هئي، تنهن کي بادشاهه چئجي ته به جُڳائي، وٽس وڏن جي گهڻي دولت جمع هئي، ظاهري بادشاهه کي به سندس دوستيءَ جو دم ڀرڻو پيو. وقت جا ڌاريا بادشاهه به ابن حجاج کي عزت ڏيندا هئا. قزلونا پنهنجي تختگاهه کي رشڪ قرطبه بنائي ڇڏيو هئائين. سندس ملڪ ۾ امن امان ۽ هنر ترقي جي معراج تي پهتل هئا. مصر مان سندس خدمت ۾ ريشمي ڪپڙا ايندا هئا. مديني منوره مان فاضل ۽ وڏا وڏا عالم بغداد جا مشهور موسيقار سندس درٻار ۾ اچڻ لڳا. ”القمر“ نالي هڪڙي مشهور راڳيندڙ عورت هئي جا پنهنجي شيرين ڪلامي، دلڪش تقريرن شعر ۽ مذاق جي ڪري سندس درٻار جي زينت هئي. القمر ابن حجاج جي هن ريت تعريف ڪئي آهي، ته مون سڄي مغربي دنيا گهمي ڏٺي پر ابراهيم جهڙو شريف مزاج بادشاهه مون ڪٿي ڪونه ڏٺو. قرطبه جا شاعر به هن جي درٻار ۾ رهندا هئا. چون ٿا ته ڪن شاعرن سندس تعريف ۾ ڪي بيت درٻار ۾ پڙهي ٻُڌايا. پر ابراهيم پنهنجي تعريف ٻُڌڻ جي بجاءِ شاعرن ڏانهن مخاطب ٿي ڪري چوڻ لڳو ته ”توهان اهي بيت انڪري ٺاهيا آهن، ته مان ٻُڌي خوش ٿيا پر توهان جي اها غلطي آهي.“

قرطبه جي حالت

قرطبه جو شهر جو هن وقت عظيم الشان اسلامي سلطنت جو تختگاهه هو، پر فسادن جي ڪري سندس حيثيت هڪڙي سرحدي شهر وانگر هئي ۽ طوفان جون موجون سندس ديوارن سان پئي اچي لڳيون. ڦورو رات جو اچي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ مظلومن جي فرياد جا آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا هئا. غريب ڪڙمين جي زالن ۽ ٻارن کي ڌاڙيل بطور غلامن جي کڻي ويندا هئا. سلطان جي ڪمزوري ۽ بدامنيءَ جي ڪري رعايا هڪڙي طرف نالان هئي ته فوج ٻئي طرف کان شڪايتمند هئي، ڇاڪاڻ جو اميرن سرڪشي اختيار ڪري ڍلون ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون هيون، جنهنڪري شاهي خزانو خالي ٿي ويو هو ۽ فوجن کي گهڻي عرصي کان پگهارون ڪونه مليون هيون. سلطان جيڪي قرض کنيو هو، سو انهن عرب سردارن جي نذر نياز ۾ خرچ ٿيو، جي سلطان کي سبز باغ ڏيکاريندا هئا. قرطبه جون اُهي پُررؤنق بازاريون جن ۾ واپار جو چرچو سرگرميءَ سان هلندڙ هو، هينئر هتي خاموشي ڇانيل هئي! واپارين مال گهرائڻ بند ڪيا، باقي جي حڪومت کي ڪمزور ڏٺائون ته جيڪي وٽن مال هو سو به کڻي لڪائي ڇڏيائون، جنهنڪري شيون مهانگيون ٿي ويون. وڏا وڏا واپاري جن جو واپار پرانهن ڏيساورن سان هلندڙ هو، سي هن وقت مايوسي ۽ نااُميديءَ جي حالت ۾ پريشان حال هئا. متعصب ديندار ملان، جي دين جا دڪاندار هئا، تن مخلوق خدا جي تباهي کي عذاب الاهي ۽ پنهنجي پيشين گوين سان هر وقت ماڻهن کي ڊيڄارڻ لڳا. ابن حفصون جنهن جي پٺيان نصارن جو لشڪر هو، تنهن کي دين جي پيشوائن وري جلال الاهي جو چهبڪ تصور ڪيو، اهو هو لکيل قرطبه جي قسمت ۾ اهو هو دين جي پيشوائن جو شيوو.

جھاں ہو نفس سا رہزن جھاں شیطان ہو دشمن،

وہاں طاعت ہو کیونکہ اور عبادت ہو کیونکر ہو؟

قرطبه جي حالت ڪهڙي هئي، گويا شام غربت ڇانيل هئي ۽ اُهو شهر جنهن کي رشڪ بغداد سڏيندا هئا، سو بيدادي جي ڪري شهر خموشان هو! مرشيا ۽ اشبيله جا امير، جي قرطبه جي سلاطينن کي ڍل ڀريندڙ هئا،  تن جي درٻارن هن وقت قرطبه جي رؤنق ورتي هئي. اشبيله جي درٻار ”باب بنات النعش“ جو ٿورو ذڪر ڏيئي چڪا آهيون، جن جي ديوارن تي سون ۽ چانديءَ جون چادرون چڙهيل هيون ۽ سندس ڪشادن ايوانن تي زري ۽ زربفت جا پردا ٽنگيل رهندا هئا.

سلطان عبدالله جي بيداري

جڏهن دارالخلافت جي اچي حالت نازڪ ٿي ۽ چؤطرف شام غربت جي ڪري بدنصيب رهاڪن تي تاريڪي ڇانئجي ويئي ۽ اميرن جي واعدي خلافي خليفي عبدالله تي عيان ٿي، تڏهن اهڙي حالت ۾ سلطان پنهنجي آبائي تلوار خون آشام کي وري سنڀالي ورتو، جا هن وقت سندس غفلت ڪري زنگ آلوده ٿي چڪي هئي. هڪدم محلات جي ديوارن کان ٻاهر نڪتو ۽ قرطبه جي گذشته سلاطينن وانگر فوجن جي نمائش ورتائين. سندس يڪايڪ سرگرمين کي ڏسي نااُميد، بدنصيب رهاڪن کي وري اميد جي جهلڪ نظر اچڻ لڳي، هن پنهنجي مايوس رعيت کي شريڪ حال ٿي هر طرح سان تسلي ڏني. اُهو شخص جو محل سراءِ کان ڪڏهن ٻاهر به نه نڪتو، سو اهڙي مرداني ٺاٺ سان ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو، جو سندس مردانگيءَ کان مرشيا ۽ اشبيله جي درٻارين ۾ زلزلو پئجي ويو، پر ڌاڙيلن جا به ڪن کڙا ٿيا. نصارن جون اُميدون سڀ پائمال ٿي ويون. سلطان جا سپاهي ۽ فوجي امير، جي عرب سردارن ۽ نصارن جي شورش کان دل شڪسته ٿي چڪا هئا سي سلطان جي ڪامياب حڪمت عملين کي ڏسي خواب غفلت کان بيدار ٿيا. خليفو فوجون وٺي ميدان ۾ نڪتو. سڀ کان پهريون ابن حفضون کي ڇٽيءَ جي کير جو مزو چکايائين. هن فتح کان پوءِ ابن حجاج ۽ بنو قصي قبيلي جي سردارن سلطاني جهنڊي هيٺ اچي سلامي ورتي ۽ ابن حجاج جو پٽ قرطبه جي درٻار ۾ وفاداري جي عيوض رهڻ لڳو. بيشمار فسادي سلطاني فوجن هٿان قيد ٿي ويا، ۽ مختلف صوبن جا امير نذرانن سان اچي درٻار ۾ پيش ٿيا ۽ اطاعت جو دم ڀرڻ لڳا. غريب بيڪس رعيت کي هر طرح سان خوش ڪيائين. اسين اڳ ذڪر ڏيئي چڪا آهيون، ته بادشاهه عبدالله نهايت ئي رحمدل بادشاهه هو، جيئن ته هن يڪدم سڀني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، ته ڀل سندس احسان جو بار گران سندن مٿان هميشه لاءِ رهي جيڪي به جائدادون ضبط ڪيون هئائون، سي کين موٽائي ڏني، شريف شيخ سليمان بن الباغه هڪڙي ڀيري بغاوت ڪئي، پر بادشاهه ڪمال مروت سان کيس معافي ڏنائين. سن 900ع ۾ ساڳئي شريف سليمان خليفي جي خلاف ڪيترائي مضمون شايع ڪرايا، جن ۾ بادشاهه کي خچر ۽ سندس وزارت کي خچربان ڪري ڪوٺيائين، پر خليفي کيس درٻار ۾ گهرائي، اُهي مضمون جيڪي هن باغي شريف شايع ڪرايا هئا تن جي پڙهڻ لاءِ حڪم ڏنائين. سليمان شعر پڙهڻ لڳو، بادشاهه کيس هر هڪ شعر لاءِ هزار هزار رپيا بطور انعام ڏنا، چيائينس ته ”مان خچر جي لائق به نه آهيان، پر تو مون کي خچر جي برابر ڪيو اها تنهنجي عنايت سمجهان ٿو“ سليمان اهي لفظ سندس واتان ٻڌي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ روئڻ لڳو، پوءِ سلطان جي پيرن تي ڪري معافي ورتائين. ماهه ربيع الاول سن 300هه مطابق آڪٽوبر سن 912ع ۾ هن بادشاهه 24 ورهيه حڪومت ڪري 68 ورهين جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان رخصت ڪيو. هن سمورو وقت ملڪ جي فسادن ڪري بي آراميءَ ۾ گذاريو ۽ مرڻ کان اڳ دولت اُميه کي زوال کان بچائي ويو ۽ رعيت سان به احسان ڪري ويو.

عربن جون بيٺڪون

سن 889ع جو اُهو زمانو هو، جڏهن عربن آفريقا ۽ اسپين جي ڀاڱن ۾ به پنهنجون بيٺڪون وڌيون، تنهن کان سواءِ يورپ ۾ فرانس جي ڏاکڻئي ڀاڱي ۾ به سندن بيٺڪون هيون، مثلاً فريجس، مارسيلز،  غرنابل، نائيس ۾ سندن بيٺڪون هيون. ڏاکڻئي فرانس کانسواءِ سندن ڪي قبيلا سئٽزرلينڊ ويا جتي ڪانٽنس ڍنڍ وٽ به ڪي بيٺڪون وڌائون، جتي گهڻو وقت حڪومت ڪيائون، علامه سيد امير علي صاحب پنهنجي تاريخ ۾ سندن ذڪر ڏنو آهي.

عبدالرحمٰن ثالث الناصر

جڏهن ڪنهن قوم جي بدنصيبي ڪري جهاز اچي گرداب ۾ ڦاسندو آهي، تڏهن ڪانه ڪا عظيم الشان هستي اُن خسته حال قوم مان پيدا ٿيندي آهي، جا خضر جي صورت ۾ نمودار ٿي قوم کي طوفان کان بچائيندي آهي، ۽ ملڪ ۾ وري اَمن امان جو دور ايندو آهي ۽ پنهنجي خداداد ڪوششن سان سلطنت کي وري بخت ۽ اقبال جي صراط تي آڻي پهچائيندي آهي. تاريخ اهڙن مثالن جو ثبوت ڏئي ٿي. مرحوم سلطان عبدالله کي پنهنجي دولت هئي، پر مسلمانن کي وري هيڪر پنهنجو بخت آزمائڻ ۽ ڪامل عروج ڏسڻو هو اُهو بخت جو ستارو شهزادو عبدالرحمٰن ثالث هو، جو اُندلس جي تاريخ ۾ (خليفه اعظم) جي نالي سان مشهور آهي، جو هن وقت قرطبه جي شهرهء آفاق تخت تي رونق افروز ٿيو. عبدالرحمٰن مرحوم سلطان جو پوٽو هو سندس پيءُ جو نالو محمد هو، جنهن کي خليفي عبدالله ڪنهن ڏوهه ۾ مارائي ڇڏيو هو. شهزادو عبدالرحمٰن اُن وقت 8 مهينن جو هو، سندس ڏاڏي کيس گهڻي مروت سان پالي وڏو ڪيو ڇاڪاڻ جو کانئس پوءِ قرطبه جي تخت جو واحد وارث هو. تخت تي ويهڻ مهل سندس عمر 22 ورهيه هئي. سندس چاچا ۽ ٻيا ويجها مائٽ، جن کي تخت تي ويهڻ لاءِ دلين ۾ اُميدون هيون، کيس نو عمر سمجهي طرح طرح جون تڪليفون ڏيڻ لڳا. درٻارين ۽ وزيرن به ڄاتو ته ناتجربيڪار نوجوان شهزادو عنان حڪومت سنڀالي نه سگهندو، پر شڪر آهي جو مخالفت جا آثار نمودارنه ٿيا. شگون نيڪ ثابت ٿيو، هونهار شهزادي ۾ شاهي اقبال ۽ حسن انتظام رکڻ جون جيڪي وصفون چئجن، سي موجود هيون. سندس هلڻ چلڻ واجب التسليم هو. مطلب ته سڀني خوبين جو مجموعو هو ۽ سندس مست خوشبوءَ کان درٻار معطر ٿي. سندس صورت ۽ سيرت ننڍي وڏي جي دل ۾ مقبول عام ٿي ويئي.

جنهن اقبال 14 ورهين جي ڄمار ۾ اڪبر اعظم تي سايو ڪيو هو، اُن هما جو سايو عبدالرحمٰن تي به هو. ايتريقدر جو اڃا سندس اقبال جو ستارو طلوع ڪين ٿيو هو، پر سندس سيرت ۽ جمال کي ڏسي سڀ کان پهريون رعيت سندس حڪم مڃڻ لاءِ بيتاب هئي، هيڏانهن نو عمر بادشاهه به پنهنجن اِرادن کي ڪين لڪايو، کيس چڱي طرح خبر هئي ته سندس ڏاڏي جي نرمي ڪري فسادين مٿا کنيان ۽ اميرن سرڪشي اختيار ڪئي ۽ وري جڏهن هن پنهنجي حڪمت عملئ کي بدلايو، ته سوين سندس تلوار جي ڪري موت جي گهاٽ چڙهيا. اِنڪري  تخت تي ويهڻ شرط هن نصارن، بربرن ۽ عربن لاءِ هڪڙو اعلان پڌرو ڪيو ته  ته ”حڪومت جي حد اندر جيڪو به فساد ڪندو، تنهن کان بدلو وٺبو ۽ خودسر اميرن کي به گهرائي چيائين ته ”اطاعت جي دائري ۾ داخل ٿي وڃن، جيڪو سرڪشي ڪندو تنهن سان تلوار فيصلو ڪندي“.

فسادين کي مات ڪرڻ

بادشاهه جي مٿئين اعلان جي ڪري ۽ سندس دليرانه تجويزن گهڻن تي اثر ڪيو. ڪيترن خوشيءَ سان اطاعت منظور ڪئي. پر ڪي اهرا به فسادي هئا، جن ورهين کان مال ڦري جاوا ڪيا هئا. جيئن ابن حفضون جهڙا نانگ، سي ڀلا رڳو اعلان تي ڪيئن اطاعت منظور ڪن ها. جن فسادين جا گهوڙا انگورستان ۾ پليا هئا. اسپين ۾ جابجا باغ هئا، اُهي باغ پنهنجي پيداواريءَ ۽ خوشحالي جي ڪري دنيا ۾ مشهور هئا پر هن وقت فسادن جي ڪري لٽ مار جي ڪري ويران ٿي ويا. اهڙي ويرانيءَ کي آباديءَ جي صورت ۾ آڻڻ جو ذمو  عبدالرحمٰن جي تلوار کنيو هو. ماهه اپريل سن 913ع ۾ فسادين ۽ باغين کي سيکت ڏيڻ لاءِ نوجوان بادشاهه فوجن جي اڳيان ميدان ۾ ٽپي پيو، فوجون سندس اهڙي دليري ۽ بخت سڪندرئ کي ڏسي مٿس قربان ٿيڻ لڳيون. سپاهي پنهنجي نوجوان مهندار کي ڏسي ازحد عزت ڏيڻ لڳا. 3 مهينن جي ساندهه ويڙهه کانپوءِ جين ۽ الويرا جي اميرن کي زير ڪيائين، سندن سمورا قلعا فوجن جي قبضي هيٺ آندائين.

طوئف الملوڪي

غازي عبدالرحمٰن ثالث سمورو بادشاهي اقتدار پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ چاهيو. هو اُنهن عرب سردارن کي سندن قديم عهدن تان لاهڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو، ڇاڪاڻ جو جڏهن ملڪ ۾ بغاوت ٿيندي هئي ۽ اسپين جا عيسائي قرطبه جي سلاطين جي خلاف فسادن جو جهنڊو بلند ڪندا هئا، تڏهن مٿيان امير اهڙن موقعن تي پنهنجي خودختياريء جو اعلان ڪندا هئا. جيئن اسين اڳين فسادن تي بيان ڏيئي چڪا آهيون. سندن قديم صحرائي وحشت وقت بوقت خانه جنگين جي صورت ۾ نمودار ٿيندي هئي. سندن نااتفاقي ۽ تعصب جي ئي ڪري اسپين مان اسلامي سلطنت مٽجي ويئي ۽ اُنهن عربن پنهنجي ناعاقبت انديشي جو نتيجو پنهنجي اکين سان ڏٺو. غازي عبدالرحمـٰــن اهڙن ناعاقبت انديش اميرن جي عهدن تي پنهنجي مملوڪن کي مقرر ڪيو، جن نه فقط قرطبه جي سلطان جي دسترخوان تي پرورش ورتي هئي، پر سلطان جي فوج ۾ به سندس چونڊ جوان ڀرتي ٿيل هئا. جي باڊي گارڊ جو ڪم به ڏيندا هئا. بلڪه قرطبه جي جهنڊي هيٺ پنهنجون جانيون به قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت شمشير تيار رکندا هئا. اُهي مملوڪ (غلام) اڪثر سلاف SLAVS قومن مان هئا. منجهانئن گهڻا جرمن، فرئنڪ، اطالين، نارويجن ۽ رشين هئا. منجهن مختلف نسلن ۽ قومن جا غلام شامل هئا. اُنهن ڏينهن ۾ ٻانهن جو واپار سڄي دنيا ۾ هلندڙ هو. يورپ ۾ خاص ڪري فرانس جي اُترئين ڀاڱي ۾ ورڊون VERDUN جي شهر ۾ خاص ڪري ٻانهن جي منڊي Market هئي. وينس، جنيوا ۽ يونان جا برده فروش مٿين قومن جي ننڍن ٻارن کي خريد ڪري آڻي اِسپين جي بازارين ۾ وڪڻندا هئا. قرطبه جا سلاطين کانئن غلام خريد ڪندا هئا. اُنهن کي اِسلامي تعليم ڏئي مسلمان ڪندا هئا. اُهي زرخريد غلام هئا، ۽ پنهنجي آقا جا سچا وفادار ۽ فرمانبردار هئا. اڪثر اِسلام جي سلاطين وٽ اهڙا زرخريد غلام رهندا هئا، جي پنهنجي وفاداري ۽ فرمانبرداري جي ڪري وڃي وڏن عهدن کي پهتا هئا. مثال طور غازي اعظم سلطان صلاح الدين ايوبي فاتح بيت المقدس ۽ مصر جي سلاطين وٽ اڪثر اهڙا زرخريد غلام هئا، جي فوجن ۾ ڀرتي هئا ۽ پنهنجي خدمتن جي ڪري وڃي تخت ۽ تاج جا مالڪ ٿيا. (اُهي مملوڪ هئا، جن پنهنجي عزت ۽ نامورئ جي ڪري پنهنجن آقائن کان سلاطين ويانا تائين يورپ جا ملڪ فتح ڪيا هئا.

اهو مذهب اسلام ئي هو جنهن ٻانهن کي آزدي ڏياري. قرطبه ۾ جيڪي زرخريد غلام مسلمان خريد ڪندا هئا، سي محل سرائن ۽ حرم سرائن ۾ گهڻي مروت ۽ پيار سان پلجي وڏا ٿيندا هئا. هو عربي علم ۾ ماهر ۽ تهذيب ۾ شائسته هئا. سلطان کين وڏيون جاگيرون ڏنيون. هو فقط ڪن خاص شرطن جا پابند هئا. ٻيون گهڻيون کين رعايتون مليل هيون. اُهي گويا (بئرن) هئا.

نوٽ:- يورپ ۾ اهڙن جاگيردارن کي (بئرن) ڪري سڏيندا هئا. اُنهن وٽ فوجون به موجود رهنديون هيون، جي ضرورت وقت بادشاهه جي مدد ڪندا هئا. عبدالرحمٰن الناصر وٽ اهڙيون مضبوط فوجون هيون، جن تي کيس گهڻو ڀروسو هو. پر تاريخ شاهد آهي ته جيسين قرطبه جا سلاطين طاقتور هئا. تيسين اهي امير به سندن فرمانبردار هئا، پر جڏهن سندن عظمت جو آفتاب غروب ٿيڻ لڳو، تڏهن اُنهن به جدا جدا رياستون ٺاهي خودمختياري اختيار ڪئي. ساڳيءَ طرح جڏهن مصر جا سلاطين ڪم طاقت ٿيا، تڏهن مملوڪن سندن تخت ۽ تاج تي قبضو ڪري ورتو. ۽ سلاطين آل عثمان وٽ به جيسين (ينگ چري) فوجون فرمانبردار هيون. تيسين ته سندن يورپ ۾ ڏونڪو وڄڻ لڳو. پر جڏهن سلطنت تنزل هيٺ اچڻ لڳي.تڏهن مٿين فوجن به بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. ايتريقدر جو سلطان غازي محمود خان ثاني جي ڏينهن ۾ جڏهن ينگ چري فوجن قسطنطيه ۾ فساد کڙو ڪيو. تڏهن سلطان جي حڪم سان جنرل ابراهيم پاشا جي هٿان جمله 76000 ينگ چري سپاهي توپن جي گولن جو شڪار ٿي ويا!!

اَلناصر جو جهاد

اِسپين ۾ اسلام جي نامور تاجدارن جيڪو اَمن امان ڪيو، تنهن جو اهو نتيجو نڪتو جو عيسائين نمڪ حرامي اختيار ڪئي ۽ مٿئين امن امان جي دور کي غنيمت  ڄاڻي آزادي لاءِ خواب ڏسڻ لڳا جنهنڪري ملڪ جي طول ۽ عرض ۾ فسادن جي باهه پکڙجي ويئي. پر هينئر اولو العزم سلطان عبدالرحمٰن ثالث قرطبه جي تخت تي هو، جنهن اسلام جي گلشن مان فسادن جي ڪنڊن کي ڪڍڻ جو پڪو ارادو ڪيو. اُهي جابلو سرڪش، جن سندس اعلان جي ڪا پرواهه نه ڪئي، تن کي سندس مهيب تلوار سان مقابلو ڪرڻ ڏکيو لڳو، ۽ سيرانويدا Seirra Nevada جي هولناڪ معرڪي ۾ جابلو فسادين شڪست کاڌي. اَمير ابن حجاج خوشيءَ سان اچي پيش پيو. سن 913ع ۾ بادشاهه جي جوان مردي کي ڏسي نه رڳو عرب امير اچي پيش پيا، پر عيسائين به پناهه گهري، خود عيسائي مؤرخ لکن ٿا ته جن جن عيسائي اميرن هن سلطان جي آڻ مڃي تن کي هن ڪمال مروت سان معافي ڏيئي سندن عزت کي برقرار رکيو. بابسٽرو ۽ سرانيا جا علائقا، جن تي مشهور سرڪش عمر ابن حفضون جو اقتدار ويٺل هو، سو سن 917ع ۾ مري چڪو هو، پر تنهن هوندي به فسادين جي ٽولين کي مات ڪرڻ ۾ خليفي کي برابر ڏهه ورهيه لڳي ويا. آخر سن 928ع ۾ بابسٽرو جي قلعي کي فتح ڪري مسمار ڪري ڇڏيائين.

جڏهن اُتر اولهندي وارا قلعا فتح ٿيا، تڏهن هن اُتر اوڀرندي ڏي رخ رکيو، پر جنگ کان اڳ هڪ علمائن جو وفد ليون جي عيسائي حاڪم ڏي صلح لاءِ ڏياري موڪليائين. پر هن معقول جواب نه ڏنو ٻن ورهين جي ساندهه ويڙهه کانپوءِ سواءِ شرطن جي اهَل طليطله آڻ مڃي ۽ فسادن جي بانيڪارن کي جوڳي سيکت ڏيئي ملڪ ۾ اَمن اَمان آندائين. سن 932ع ۾ ملڪ تي پورو قبضو ڪيائين.

غازي عبدالرحمٰن الناصر فسادين کي مات ڪري ملڪ ۾ اَمن امان آندو پر اڃا به سندس دشمن ٻن طرفن کان هئا. هڪڙا اُتر ۾ جابلو عيسائي قبيلا، جي ماکين جي مکين وانگر غازن ۾ وڃي لڪندا هئا. ٻيا آفريقا جا فاطمي خليفا، جي اُندلس کي فتح ڪرڻ جي اِرادي سان اُتر اِسپين ۾ بيٺڪون جوڙي گهر ڪري ويٺا هئا، تن هينئر آفريقا ڏانهن هجرت ڪئي. هن هجرت جي هل چل کي ڏسي گئلاشيا جي عيسائي ڪفارن مسلمانن جو قتل عام شروع ڪري ڏنو. هو جابلو غارن کان نڪري بربرن ۽ عربن مٿان ڪڙڪيا، جي ويجهن علائقن ۾ آباد هئا. لاچار اهڙي شام غربت ۾ مسلمانن به هٿيار سنڀالي ورتا. پر نتيجو اهو نڪتو جو گهڻي خونريزيءَ کانپوءِ مسلمانن کي پسپا ٿيڻو پيو. البنٽريا جي والي الفنسو کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪري اهل گئلاشيا وارن کي به پاڻ سان گڏي مسلمانن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ ڪامياب به ٿيا. نوبت ايتريقدر اچي پهتي جو براگا، پورٽو، اسٽورگا، ليون، زيمورا، ليڊسما، سالا مانڪا، سلذانا، سيگوريا، اويلا، اوسما، ميرنڊا ۽ ٻيا شهر مسلمانن هٿان نڪري ويا. سرحدي قلعا امبرا، ڪوريا، تلاويرا، ٽوليڊو ۽ وادي الڪسريٰ تائين هٽجي ويا. مطلب ته ڪا فتوحات عيسائين ڪانه ڪئي، پر ايترو چئبو ته ڪئٽاليون ۽ آسٽرياز جا علائقا آلفنسو جي قيادت هيٺ هنن وري قبضي هيٺ آندا. سندن اها مرضي ڪانه هئي ته ڪو مسلمانن سان زياده جنگ کي جاري رکجي، ڇاڪاڻ جو وٽن ايترو خزانو ڪين هو جو قلعن کي وري تعمير ڪري مضبوط ٿي ويهن، پر سندن خواهش هئي ته نوان فتح ڪيل علائقا قبضي هيٺ رکي حدون قائم ڪري پوءِ پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيون. نوين صدي ۾ هنن ليون کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو ۽ زئمورا ۽ اسٽيون ڊي گورماز، اوسما ۽ سيما ڪانس جي قلعن کي تعمير ڪري اسلامي علائقن تي حملا ڪرڻ لڳا. هو آزاد مسلمانن کي تنگ ڪرڻ لڳا. هنن مٿن طرح طرح جا ناروا ظلم برپا ڪري ڏنا. جيڪي قيد ڪيائون تن کي غلام بڻايائون. هن هيبت کان گهڻائي مسلمان گهر ڇڏي اچي اُندلس ۾ پناهه وٺڻ لڳا. عيسائين جي اصلي دلي مراد اها هئي ته قرطبه جي دولت کي لٽجي ۽ اُندلس مان اِسلامي سلطنت جو تڏو کڻجي!

جيتوڻيڪ مسلمان اسپين جا سچا فاتح هئا، هنن سڄو اُپٻيٽ پنهنجي تلوار جي زور سان پنهنجي قبضي هيٺ آندو. پر هنن ڪڏهن به عيسائين تي اهڙا ظلم نه ڪيا. جهڙا هينئر عيسائي ساڻن ڪرڻ لڳا. نوعمر خليفي سڀ ڪجهه اکين سان ويٺي ڏٺو. کيس سلطنت کي بچائڻ کان وڌيڪ اسلامي تمدن جو خيال هو، جنهن گلشن کي هينئر عيسائي برباد ڪري رهيا هئا. آخر نصارن جي ناروا ڪرتوتن سندس جوش غيرت ۾ حرڪت ڪئي. جيتوڻيڪ هنن سان وڙهڻ جي سندس مرضي ڪانه هئي. پر هينئر جو هو موت کي هٿن سان سڏي رهيا هئا. تڏهن خليفةالمسلمين پنهنجي تلوار خون آشام کي مياڻ مان ڪڍي عيسائين کي سيکت ڏيڻ جو پورو ۽ پڪو ارادو ڪيو.

اَلناصر جي تلوار برق انداز جا ڪارناما

سن 914ع ۾ ليون وارن پنهنجي امير آرڊونو ثاني جي هٿ هيٺ مريڊا جي علائقي تي ڪاهي شهر جي قلعي کي ڀڃي ڦرلٽ ڪري قتل عام ڪيو. مردن کي قتل ڪري زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪيائون. تنهن کانپوءِ ڊوروDOURO ندئ کي لتاڙي ڪاهه ڪندا هليا. قرطبه کانئن پري ڪين هو فقط سرامورنيا جي بلند قامت پهاڙين جي چوٽين سندس مينارن کي کانئن لڪايو هو. سلطان بزدل ڪين هو، پر هن وقت فاطمي خليفن سان جنگ ۾ رڌل هو. هوڏانهن آرڊونو سان ٻيو هڪڙو عيسائي نئوري جو اَمير سانڪو به اسلامي دولت جي لٽ مار ۾ هن وقت شامل هو. جڏهن عيسائين جي گهوڙن جي ٽاپن جو آواز قرطبه وارن ٻڌو تڏهن سلطان پنهنجي سپهه سالارن مان احمد بن ابو عبدا جي هٿ هيٺ هڪڙي فوج نصارن جي مقابلي ۾ ڏياري موڪلي. احمد عيسائين جي فوجن کي وڃي روڪيو. پر سن 917ع ۾ سئن اسٽي وان جي قلعي ديوارن هيٺان هولناڪ معرڪي ۾ اسلامي فوج سخت شڪست کاڌي. جنرل غازي احمد عين جنگ جي ميدان تي جڏهن ڏٺو ته اِسلامي فوج مقابلو ڪري نه ٿي سگهي، تڏهن مسلمان مجاهدن کي ڀڄڻ کان روڪيائين ۽ پاڻ شمشيرکڻي دشمنن جي صفن ۾ گهڙيو ۽ وڙهندي جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿيو.  مسلمانن کي هن معرڪي ۾ سخت نقصان رسيو. جاهل ۽ بزدل آرڊونو پنهنجي ناقدر شناسي ۽ سفاحت جو پورو ثبوت ڏنو، غازي احمد جي شڪست جي خبر سلطان کي پهتي. تڏهن سن 305هه مطابق جولاءِ سن 918ع ۾ هڪڙي فوج حاجب بدر جي سرڪردگئ هيٺ عيسائين جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليائين. هن جيتوڻيڪ عيسائين کي شڪست ڏني. پر هو جابلو علائقن ۾ خندقون هڻي اڳي کان مضبوط ٿي ويٺا. آخر خليفي مسيحن کي شديد تر شڪست ڏيڻ جو ارادو ڪيو. سن 308هه مطابق سن 920ع ۾ پاڻ فوجون وٺي ميدان جنگ ۾ نڪتو ۽ پهرين يلغار ۾ آرڊونو کي شڪست ڏيئي اوسما، سئن اسيٽوان جا قلعا دشمنن کان فتح ڪري ڪجهه فوج آرڊونو جي مقابلي لاءِ ڇڏي سانڪو جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ (وادي القصب) جي ميدان ۾ کيس شڪست فاش ڏنائين. سانڪوءَ آرڊونو کي مدد لاءِ لکيو، طرفين جي فوجن جو تصادم ٿيو. اِسلامي افواج قاهر هٿان وادي القصب جي ميدان ۾ عيسائين سخت شڪست کاڌي، سلطان الناصر غازي عبدالرحمٰن ثالث قلعن پٺيان قلعا ويو مسمار ڪندو، شهرن تي ويو قبضو ڪندو. سانڪو ڀاڄ کائي ڀڳو. 24 سيپٽمبر سن 920ع ۾ سلطان مظفر ۽ منصور قرطبه آيو. سن 921ع ۾ آرڊنو ۽ سانڪو، جن کي سلطان شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. تن وري دم پٽي نين فوجن سان ناجيرا ۽ وگويئرا تي نئين سر ڪاهه ڪئي. هنن گهڻن ئي مسلمانن کي شهيد ڪيو، جن ۾ ڪي نامور به هئا. 10 جولاءِ سن 924ع ۾ خليفي نئوري تي ڪاهه ڪئي. عيسائي اسلامي لشڪر جي پهچڻ کان اڳ پنهنجا قلعا خالي ڪري ڀڳا. اقبال مند غازي عبدالرحمٰن سانڪوءَ جي تختگاهه پامپلونيا ۾ فاتحانه طور داخل ٿيو ۽ دشمنن جي قلعن کي ڀڃائي پٽ ڪري ڇڏيائين. سندن عاليشان محلاتن کي به ناس ڪرايائين. سن 925ع ۾ آرڊونو به مئو، سندس پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار اچي جاڳيو، سندن باهمي خانه جنگين جي ڪري سلطان گهڻو فائدو ورتو.

سلطان جو نئون لقب

هن وقت تائين قرطبه جي سلاطين کي اَمير، سلطان يا ”ابن الخلفاء جي لقبن سان سڏيندا هئا. جيتوڻيڪ اُندلس جا بادشاهه خلافت بني اُميه جا سچا وارث هئا. پر خليفةالمسلمين سڏائڻ جو حق عباسي خليفن کي هو، ڇاڪاڻ جو مڪه معظمه ۽ مدينھ منوره عباسي سلطنت ۾ شامل هئا، تنهنڪري قرطبه جا سلاطين به عباسي خليفن کي اميرالمومنين ڪري تسليم ڪندا هئا. پر هينئر اُهو وقت گذري چڪو هو. بغداد جي خليفن جو سمورو انتظام سندن وزارت جي هٿ هيٺ هو ۽ هو نالي طور خليفا سڏبا هئا. حجاز تي هن وقت فاطمي خليفن جو اقتدار هو، جن جي نالي تي مصر ۾ خطبو پڙهبو هو. اهي سموريون خبرون اُندلس تائين پهچي چڪيون هيون. سن 318هه مطابق 16 جنوري سن 929ع ۾ قرطبه جي مسلمانن امير عبدالرحمٰن ثالث کي (اَميرالمومنين) ۽ خليفي جو لقب ڏنو ۽ خليفو پاڻ کي ”عبدالرحمٰن ثالث الناصرلدين الله“ جو نئون لقب ورتو. هن خليفي سمورو وقت اِسلام جي دشمنن کي مات ڪرڻ ۾ گذاريو تنهنڪري في الحقيقت دين اسلام جو سچو ”الناصرلدين الله“ هو.

عيسائين کي مات ڪرڻ

آرڊونو جي مرڻ کانپوءِ اسين اڳ چئي چڪا آهيون، ته سندس پٽن جو ڪو وقت پاڻ ۾ تڪرار هو. پر سن 931ع ۾ جڏهن راميرو ثاني Rumero-II تخت نشين ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀاءُ الفنسو جون اکيون ڪڍائي پنهنجي ٻين مائٽن کي مارائي ليون جي تخت تي ويٺو، ۽ پنهنجن وڏن وانگر مسلمانن تي ڪاهون ڪرڻ لڳو. هن سرقسطه جي عرب گورنر سان سازش ڪئي. نئوري جو حاڪم سانڪو مري چڪو هو. سندس جاءِ تي گارشيا GARCIA گادي نشين ٿيو. سن 937ع ۾ جڏهن راميرو نئوري تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سندس هئبت ۽ جلال کان گارشيا جي ماءُ شهزادي ٿيوڊا THEUDA جنهن کي مسلمانن لاءِ ازحد نفرت هئي. تنهن به نذرانه پيش ڪري راميرو جي اطاعت کي تسليم ڪيو. تنهن کان سواءِ مسلمانن جي خلاف کيس جنگ ۾ مدد به ڏيڻ لڳي. خليفي ڪئسٽائيل ۽ آلوا جا قلعا مسمار ڪري گئلاشيا کي تاراج ڪري ڪئسٽائيل جي تخت گاهه برغاس BURGOS کي ناس ڪري ڇڏيو. سرقسطه جي عرب امير محمد بن هشام جنهن خليفي جي خلاف عيسائين کي مدد ڏني هئي. تنهن شڪست کاڌي ۽ اچي پيش پيو. خليفي کيس معافي ڏئي وري اُتي جو حاڪم مقرر ڪيو. ٿيوڊا به اچي پيش پئي. راميرو جبلن ڏانهن ڀڄي ويو. ليون ۽ ڪئٽالونيا جا علائقا، جي اڳ فرانس جي قبضي ۾ هئا، سي هينئر قرطبه جي سلطنت هيٺ اچي ويا.

سنتة الخندق

راميرو ٻيهر عيسائين کي گڏ ڪري جنگ لاءِ نڪتو، هن دفعي اميرالمومنين فوجن جي ڪمان پنهنجي هڪڙي سلاف مملوڪ ناجد جي سپرد ڪئي. خليفي جون فوجون جڏهن زئمورا جي قلعي وٽ پهتيون تڏهن ڏٺائون ته قلعي جي چؤطرف هڪ وڏي پاڻ‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍ي جي کاهي کوٽيل هئي. جا پاڻئ سان تار هئي. فوجن کي کاهي ٽپڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات پيش ٿي. ڇاڪاڻ جو پاڻي اونهو هو تنهن کانسواءِ عيسائي قلعي جي ديوارن مٿان اِسلامي لشڪر تي تيراندازي ڪرڻ لڳا. سن 939ع ۾ وڏي گهمسان جي جنگ تڏهن لڳي. جڏهن اسلامي افواج قلعي تي گهيرو ڪيو. اِسلامي لشڪر جڏهن ڏٺو ته عيسائين سان پڄي نه ٿا سگهون، تڏهن هنن سڀني وٺي کاهئ ۾ ٽپو ڏنو. جنهنڪري گهڻائي مجاهد شهيد ٿيا (علامه لينپول تاريخ THE MOORS IN SPAIN ۾ لکي ٿو ته هن جنگ ۾ اٽڪل 50 پنجاهه هزار سپاهي شهيد ٿيا ۽ خود سلطان پنجاه سوارن جي مدد سان ميدان مان جان ڀڄائي نڪتو. منشي حامد علي صاحب مترجم هن جنگ کي پنهنجي ترجمي ۾ ”سنةالهندجه“ جي نالي سان سڏيو آهي. چون ٿا ته هيء جنگ ايتريقدر خوفناڪ هئي، جو جيڪڏهن مسلمان هارائين ها ته يڪايڪ اِسپين جي تاريخ ۾ وڏو ڦيرو پئجي وڃي ها. پر مسلمان مجاهد جي بچي پار پهتا تن قلعي جي ديوارن کي وڃي ڀڳو. سلافي جرنيل پنهنجي نمڪ حلالئ جو پورو ثبوت ڏنو. خليفي ٻيو لشڪر مدد لاءِ روانو ڪيو. سنه 940ع ۾ سلطان جي سپهه سالار احمد نالي راميرو کي سخت نقصان سان شڪست ڏني، پر هئ جنگ عيسائين سان ورهين تائين هلي. آخر سن 955ع ۾ آرڊونو ثالث راميرا جي پٽ سلطان سان صلح ڪيو، جنهن موجب گلاشيا جي نصارن آئينده فساد نه ڪرڻ يا ڌارين عيسائين سان ناتي نه ڳنڍڻ لاءِ انجام ڏنو. هن عهدنامي موجب خليفةالمسلمين عيسائين کي به رعايتون ڏنيون. جيئن ته ليون ۽ نئوري کي خودمختياري ڏني. هن شرط سان ته آئينده مٿيون رياستون قرطبه کي ڍل ڀرينديون.

نوٽ:- (قرطبه جي سلطنت جون حدون هن وقت ايبرو ندي تائين وڌيون ۽ طارطوس کان بحيره روم تائين هوڏانهن وري افراغا ۽ ليريڊا تائين وسيع هيون مٿيان قلعا بحر اوقيانوس تي هئا).

(سلطنت قرطبه جو آخري نطارو سن 955ع)

 

 

 

(سلطنت قرطبه جو نظارو 955ع)

مغرب الاقصيٰ جو گهڻو ڀاڱو آفريقا جي فاطمي خليفن جي هٿ هيٺ هو. سن 977ع ۾ سلطان آفريقا جي بربر رياستن کي فاطمي خليفن خلاف مدد ڏني هئي. پر مصر جي خليفي المعز کيس آفريقا مان تڙي ڪڍيو. فقط سيوطا CEUTA جو ٽڪر سندس هٿ ۾ باقي رهجي ويو. خليفي عبدالرحمـٰــن کي آفريقا تي قبضي ڪرڻ جو پورو خيال هو پر اسپين ۾ عيسائين جي اندروني فسادن کيس ايتري فرصت ڪانه ڏني جو آفريقا تي فوج ڪشي ڪري سگهي.

آرڊونو ثالث جنهن خليفي سان اڳ عهدنامو ڪيو هو سو مري ويو. سندس گادئ تي مسانڪو جَليقيه ۽ ليون جو حاڪم ٿيو. هن اڳوڻن عهدنامن جي انحرافي ڪئي. خليفي جنهن هن وقت هڪڙو شاهي لشڪر آفريقا جي فتوحات لاءِ تيار ڪيو هو، سو هينئر سانڪوءَ جي مقابلي لاءِ روانو ڪيائين. طليطله جي حاڪم احمد ليون ۽ جليقيه جي متحد فوجن کي شڪست ڏني. هن شڪست کانپوءِ سن 957ع ۾ سانڪوءَ کي قستاليه جي هڪڙي سردار لوڌي ڪڍيو ۽ پنهنجي ڏاڏي ٿيوڊا وٽ اچي پناهه ورتائين. سانڪوءَ پنهنجي ڏاڏئ سميت ڀڄي اچي قرطبه ۾ خليفي وٽ پناهه ورتي. سندس ڏاڏئ جي چوڻ تي خليفي هڪڙي عرب فوج سندس مدد لاءِ رواني ڪئي. سن 989ع ۾ سانڪوءَ ٻيهر پنهنجي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. ليون، قستاليه، جليقيه ۽ نئوري جون عيسائي رياستون قرطبه جي سلطنت هيٺ اچي ويون.

دشمن سان فياضي

سانڪو ڪوڙهه جي مرض ۾ گرفتار هو. اُنهن ڏينهن ۾ قرطبه جا جراح ۽ طبيب پنهنجي قابليت جي ڪري طول عرض دنيا ۾ مشهور هئا. جڏهن سانڪو قرطبه آيو، تڏهن پنهنجي مرض جي علاج ڪرائڻ لاءِ اميرالمومنين کي عرض ڪيائين، جنهن پنهنجي يهودي حڪيم هندالئ کي علاج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سانڪوءَ سان گهڻي عزت ۽ مروت سان پيش آيو. ستت ئي سانڪوءَ کي بيمارئ کان آزادي ملي ۽ هو چڱو ڀلو ٿيو. اها هئي اسلام جي شهنشاهن جي مروت جو ڏکئ وقت ۾ دشمنن سان به مهربان هئا. تاريخ ۾ اهڙا مثال بيشمار آهن.

اسلامي سلطنت جي عظمت

جڏهن فتوحات جو عرصو پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال ماهه رمضان سن 350هه مطابق آڪٽوبر سن 961ع ناصر عبدالرحمٰن ثالث 73 ورهين جي ڄمار ۾ 50 سال اسپين تي حڪومت ڪري لحد ۾ وڃي آرامي ٿيو. پنجاهه سال قرطبه جي تخت تي رهي هن اولوالعزم بادشاهه جيڪي انقلاب پيدا ڪيو، سو سندس ئي اقبال ۽ استقلال جو ثمر هو. 21 سالن جو هو جڏهن قرطبه جي تخت تي ويٺو، اُن وقت ملڪ جي ڪهڙي حالت هئي. سو هرڪو پڙهيل سمجهي ٿو. دولت اُندلس جو جهاز واقعي گرداب ۾ هو، ڏکڻ کان فاطمي خليفا اُندلس تي جهٽ هڻڻ لاءِ منتظر هئا. اِسپين ۾ مسيحي فرمانروا پنهنجي آبائي وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فسادن لاءِ تيار هئا. تنهن کانسواءِ هزارن جي تعداد ۾ نومسلم سردارن جا ڏند تکا هئا. سندن خودمختيار روش جي ڪري بدعملي ۽ ڦرمار جي بازار گرم هئي. مظلومن جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪو  ڪونه  هو، اهڙي پرآشوب حالت ۾ اهو عبدالرحمٰن ثالث هو، جو مرڻ تائين اُندلس جي اسلامي سلطنت جي بنيادن کي وري نئين سِر مضبوط ڪري ويو. هنن سڀني فرقن جي زور کي گهٽائي فقط قرطبه جي سلطان جي اقتدار کي رعايا مٿان مضبوط ڪيو. پنهنجي خارجي ۽ اندروني دشمنن جي نظر ۾ قرطبه جي عظمت ۽ شان شوڪت جو سڪو ڄمايائين. آفريقي بادشاهن جي مقابلي ۾ هن سيوطا جي قلعي ۾ زبردست ڇانوڻي قائم ڪئي. تاڪه بري خواهه بحري رستا فاطمي فوجن لاءِ روڪجي وڃن. اُتر ۾ نئوري، ليون ۽ قستاليه جي عيسائي اميرن جي طاقت ۽ سندن وڌندڙ ترقين کي پنهنجي تلوار جي زور سان ٻنجو ڏئي ڇڏيائين. مٿان قرطبه جي باجبروت درٻار جو ايترو سڪو وهاري ڇڏيائين، جو هو پنهنجا گهرو فيصلا بذات خود قرطبه جي درٻار ۾ اچي فيصلو ڪرائڻ لڳا. اُندلس جي پر رونق سلطنت، جا ساندهه بربادين جي ڪري پنهنجي عظمت وڃائي چڪي هئي، تنهن کي نئين سر رونق وٺايائين. ملڪ ۾ وري آسودگئ جو دور آيو ۽ ايتري دولت گڏ ٿي، جو اهڙو اوج وري ڪڏهن به هن سر زمين کي نصيب نه ٿيو. رعايا جي سک لاءِ شهرن ۾ پوليس جو بندوبست رکيائين. مسافر سلامتئ سان مسافري ڪرڻ لڳا. ستت ئي اقبالمند خليفي جي خدمتن جي ڪري اُندلس جي واپار ۾ ترقي ٿيڻ لڳي ۽ طول عرض ڪشور ۾ بازارين ۾ شيون سستيون وڪامجڻ لڳيون. غريب کان وٺي امير تائين هرڪو آسودو ۽ خوش حال هو. زراعت ايتريقدر زور ورتو. جو چؤطرف شهرن جي باغ بستان ۽ ساوڪ کان اسپين جو عجيب دلڪشا ڏيک هو. اسپين اِنساني فطرت ۽ دستڪاري جي زيورن کان آراسته هو، الميرا، بلنسيه، قرطبه ۽ اشبيله ۾ وڏا وڏا ڪارخانا هئا. غازي عبدالرحمٰن ثالث اهڙا قانون جاري ڪيا، جن کي هر ڪو عزت سان ڏسڻ لڳو دوست خواهه دشمن هرڪو پنهنجي حال ۾ مست، مطلب ته اِسپين پنهنجي آسودگي، هنر ۽ دولت جي ڪري دنيا ۾ هڪ بي بها مڻيو هو. پس عدنان جي فرزندن مان جي صدين تائين اُندلس جي دولت جا مالڪ رهيا، تن مان عبدالرحمٰن ثالث آل عدنان جو اُهو  چشم و چراغ هو جنهن جي عظمت ۽ شان جو ڏوئنڪو دنيا ۾ پئي وڳو.

هڪ حديث جي اشاري موجب ”ته حڪمت مومنن جي هڪ وڃايل شئي آهي، پس جت به ڏسو اُن لاءِ توهين مستحق آهيو“ مٿئين پيغام موجب عرب جي صحرا نشينن جيڪي براعظم يا صحرا يا درياهه لتاڙيا اُنهن زمين جي ٽڪرن مان اسپين اُها سر زمين هئي. جنهن اِسلامي تمدن جي ڪري روشني ورتي ۽ ايتريقدر مالا مال ٿي، جو سندس عظمت جو نشان ٻين ملڪن کان گهڻو بلند هو. علامه ڊوزي لکي ٿو، ته خليفي وٽ بري فوجن کانسواءِ بحري فوج به هئي ۽ اٽليءَ جي شهنشاهن جا سفير هن وقت قرطبه جي درٻار ۾ رهندا هئا. پر هن باجبروت درٻار جو دٻدٻو براعظم يورپ ۽ آفريقا کانسواءِ ايشيا ۾ به هو. هن حيرت انگيز انقلاب جو سبب فقط هڪ ڪرشمي ساز شخص عبدالرحمٰن هو، جنهن جي شخصيت ۽ قدم کان اسپين جي دولت جو ستارو پورئ روشنئ سان آسمان تي چمڪڻ لڳو. ائين نه آهي ته غازي عبدالرحمٰن هڪڙو شهنشاهه هو، جنهن جي حد کان زياده تعريف هتي ڪجي ٿي، پر اسلام جي تاريخ اهڙي شاندار آهي، جو منجهس هزارين اهڙا بي بها گوهر موجود آهن، جن جي گرم بازاري اڄ به دنيا ۾ قائم آهي. هر هڪ مؤرخ جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿو ته اُنهن مايهء ناز هستين جي تعريف ڪري ٿو.

جو ذات تجھ میں فضل خدا سے ہے جلوہ گر

میں کیا کہوں گا وہ تو ہے عالم میں مشتھر

پس اهڙي قول مطابق اوالعزم، ثابت قدم ۽ قوي دل شخص جي صفات کي لڪائڻ پنهنجي ضمير جو گهات ڪرڻ آهي. مثال طور عبدالرحمٰن وانگر ڪو سليم الطبع ۽ روشن دماغ فرمانروا  دنيا ۾ ڪو ورلي ٿيو. درٻار جي زينت هو ۽ ميدان رزم گاهه ۾ صلاح الدين وانگر شيردل هو ۽ دين خدا جو حامي هو. علم ادب جو شوقين، عالمن جو شوقين، عالمن ۽ فاضلن جو سرپرست ۽ اُنهن سان اڪثر مذهبي بحث ۽ مباحثي ۾ وقت  گذاريندو هو. اسپين جي اسلامي تاريخن ۾ سندس ڪامل عدل گيرئ جا مثال ڏنل آهن ۽ اڪثر روايتن کان معلوم ٿو ٿئي، ته هو بي ريا منصف هو. علامه سيد امير علي صاحب پنهنجي تاريخ ۾ ڏيکاري ٿو ته هي اُهو منصف مزاج شهنشاهه هو جنهن رعايا جي فائدي لاءِ پنهنجي پياري پٽ کي قربان ڪيو! قصو هن ريت آهي ته

”اميرالمومنين عبدالرحمٰن الناصر کي ٻه پٽ الحڪم ۽ عبدالله نالي هئا.ٻئي علم ۽ ادب جي آسمان تي چمڪندڙ ستارا هئا. خليفي شهزادي الحڪم کي پنهنجو وليعهد مقرر ڪيو هو. عبدالدار نالي هڪڙو شخص، جنهن کي خليفةالمسلمين سان ڪجهه ناسازي هئي، تنهن سازش ڪري شهزادي عبدالله کي چوريو. هنن جي خاص راءِ هئي ته شهزادي الحڪم کي قتل ڪجي! پر سلطان کي سازش جي خبر پئجي وئي، سندس هڪڙي فوجي سردار ٻنهين کي قيد ڪري قرطبه ۾ آندو. عبدالدار ته واٽ تي خودڪشي ڪري مئو. باقي شهزادي عبدالله لاءِ قاضين موت جي فتويٰ ڏني! شهزادي الحڪم کي ڀاءُ سان ڏاڍي محبت هئي. هو زار زار روئندو درٻار ۾ بادشاهه جي پيرن تي ڪري معافي گهرڻ لڳو. پر انصاف پرست بادشاهه پٽ ڏانهن مخاطب ٿي ڪري فرمايو ته ”بيشڪ هو منهنجو پٽ آهي، سندس مئي کانپوءِ مان به سڄي عمر سندس غم ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو رهندس، پر جي ائين نه ته قرطبه جي سلطنت ناس ٿي ويندي. جيئن ته مونکان پوءِ توهين ٻئي پاڻ ۾ تخت لاءِ وڙهندؤ جنهن جي ڪري غريب رعايا تباهه ٿي ويندي! ۽ گهڻيون مائرون پنهنجن ٻارن لاءِ روئنديون ۽ ڪيتريون ئي زالون بيوهه ٿي وينديون ۽ ڪيترائي ٻار يتيم ٿي پوندا. توهان جي تڪرار لڳڻ جي ڪري ملڪ ۾ قحط سالي ۽ دائمي بدامني پئجي ويندي. ۽ مٿين ڳالهين ڪري جو هزارين زالون رنڻ ٿين ۽ ٻار يتيم ٿين تنهن کان بهتر ائين آهي ته فساد جي اُٿاريندڙ جو هينئر ئي خاتمو ڪري ڇڏجي. مان پنهنجي جوان پٽ جي موت ڪري سڄي عمر غمگين رهندس“. ائين چئي کيس قتل ڪرايائين ۽ شاهي قبرستان ۾ دفن ڪرائي ڇڏيائينس. هي واقعو سن 949ع ۾ ٿيو. چون ٿا ته پٽ جي قتل ٿيڻ کانپوءِ بادشاهه جي اندر ۾ ويو غم وڌندو، ايتريقدر جو وري ڪڏهن به خوشئ جا آثار سندس منهن تي نظر نه آيا. آخر مٿئين غم ۾ ئي وفات ڪيائين.“

الحڪم ثاني

فاتح ۽ ناصر عبدالرحمٰن جي وفات کانپوءِ شهزادو الحڪم ثاني قرطبه جي تخت تي ويٺو. پيءُ جي جيئري ملڪي انتظام ۾ حصو وٺندو هو. سندس انصاف ۽ سياڻپ جي هاڪ سندس پيءُ جي جيئري ملڪ ۾ پئجي ويئي هئي.

عيسائين جا فساد ۽ سندن مات ٿيڻ

سانڪو، ٿيوڊا ۽ قستاليه جي نئين اَمير فرڊينند جيڪي به عهدناما خليفي مرحوم سان ڪيا هئا، سي هينئر وساري ڦٽا ڪيائين. سندن نظر ۾ وقت جو بادشاهه ڇوڪرو هو. سن 962ع ۾ سندن گوشمالي لاءِ خليفو  پاڻ فوجون وٺي نڪتو ۽ باغين کي مات ڪيائين. هنن ايماندار ٿي رهڻ لاءِ قسم کنيو. ساڳي سال ۾ آرڊونو جي مرڻ کانپوءِ عيسائين ۾ وري بدامني اچي پئي. خليفي يحيٰ بن محمد سرقسطه جي حاڪم کي فوجون ڏيئي مٿن روانو ڪيو. هن قستاليه ۽ جليقيه جي عيسائين کي مات ڪري نئوري تي طوفان وانگر حملو ڪيو ۽ ڪالانو جو مشهور مقام فتح ڪيائين. خليفي هتي جي قلعي کي تعمير ڪرايو ۽ جليقيه ۽ قستاليه ۾ فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيائين. سن 966ع ۾ بي اعتبار سانڪوءَ وري خليفي کي صلح لاءِ درخواست ڪئي. ٻين عيسائي اميرن به سندس سفارش ڪئي. بلاڪش جي ڪائونٽ جي ماءُ شهزادي ليوزرق خليفي جي درٻار ۾ روبرو عرض ڪرڻ آئي. خليفي سندس گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيو، کيس سوکڙيون به ڏنائين. سندس عرضداشت به منظور ڪيائين. آخر سڀني وفادار ٿي رهڻ لاءِ عهدنامو ڪيو. بادشاهه کي به فرصت ملي.

مراڪش جو قرطبه سان لاڳو ٿيڻ

سن 362هه مطابق سن 972ع ۾ الحڪم ثانئ سڄو مغرب الاقصيٰ فتح ڪيو ۽ پيءَ جي رهيل ڪم کي سر انجامي ڏنائين. سندس سپهه سالار غالب مٿيون ملڪ فاطمي خليفن کان فتح ڪيو. بربر قبيلن مان زناتا، مغرراوا ۽ مڪناسا وارا فاطمي خليفن کي ڇڏي قرطبه جي حڪومت هيٺ رهڻ لڳا. قرطبه جي خليفي جو خطبو آفريقا ۾ پڙهجڻ هيٺ آيو. مراڪش جو سڄو علائقو سلطنت اسپين سان لاڳو ٿي ويو. ريف ۾ سندن جاءِ تي ادريسي خاندان جا امير اچي رهڻ لڳا.

سلطان جي علم پروري ۽ فياضي

سلطان الحڪم ثاني ڪتابن جو ڪيڙو هو. جيتوڻيڪ ڪتابي ڪينئان پنهنجي هنڌ تي پورا هوندا آهن ۽ نامور بادشاهه ٿيڻ جون منجهن خاصيتون ڪين ٿينديون آهن. پر الحڪم جيتوڻيڪ سڄو وقت ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ ۾ گزاريندو هو، پر ميدان رزمگاهه ۾ به حصو ورتائين. علامه ابن خلدون لکي ٿو ته هو علم ۽ حڪمت جو ڏاڍو شوقين هو. سندس ڪتب خاني ۾ بيشمار علمي خزانن جو ذخيرو موجود هو. هر وقت علمائن جي محفل ۾ گذاريندو هو. محلاتن ٺهرائڻ جوبه شوقين هو. 4 لک بيش بها ڪتاب هن جي ڪتبخاني ۾ موجود هئا. هڪ عهديدارن جو عملوته رڳو سندس ڪتب خاني لاءِ مقرر هو. هن ڪتابن جي ڳولا لاءِ مشرقي دنيا جي وڏن وڏن شهرن ۾ پنهنجا معتبر ماڻهو روانا ڪيا هئا. تنهن کان سواءِ هن مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سندس قاهره، دمشق ۽ بغداد جا سفير هميشه ناياب ڪتابن جي ڳولا ڪندا هئا. هو پنهنجي وقت جو مشهور عالم به هو، ڇاڪاڻ جو هن چئن لکن ڪتابن جي ورق گرداني ڪري جيڪي حاشيا لکيا، تن کي کانئس پوءِ وارا عالم گهڻي عزت سان پڙهڻ لڳا. سندس ڏينهن ۾ اسپين واپار جي لحاظ سان دنيا ۾ وڏي مارڪيٽ هو. هن پنهنجي خرچ سان جدا جدا ملڪن ڏانهن ڪاريگر روانا ڪيا، تاڪه ڌارين ملڪن جا هنر سکي قرطبه جي ڪارخانن کي اچي زور وٺائين. ابوالفرج اصفهاني، جو وقت جو وڏو ڪاتب هو تنهن کي خليفي گهڻي عزت ڏني. جڏهن هو قرطبه ڇڏي موٽي وڃي عراق رهڻ لڳو، تڏهن هڪ هزار دينار سندس خرچ لاءِ اوڏانهن به روانا ڪيائين. اسپين جي مڪتبن ۾ هر هڪ فرقي ۽ هر هڪ مذهب ۽ ملت جا شاگرد علم پرائيندا هئا.

منجهانئن گهڻن کي شاهي خزاني مان وظيفا ملندا هئا. فلاسافرن کي مڪمل آزادي هئي. هي اُهو زمانو هو، جڏهن اسپين جا سڀ رهاڪو تعليم يافته هئا. هوڏانهن يورپ ۾ پادري به لکي پڙهي ڪين سگهندا هئا. رڳو قرطبه ۾ 27 مڪتب اهڙا هئا، جن ۾ يتيمن ۽ غريبن جي اولادن کي شاهي خرچ سان تعليم ملندي هئي. سڄئ دنيا ۾ هن وقت  قرطبه جو شاهي ڪتب خانو دنيا ۾ افضل هو. 2 صفرالمظفر سن 366هه مطابق آڪٽوبر سن 976ع ۾ هن علم پرور شهنشاهه فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. بني اُميه خاندان ۾ وري هن جهڙو بادشاهه ڪو ورلي ٿيو.

قرطبه تي هڪ نگاهه

عيسوي سن کان 500 ورهيه اڳ اسپين جي مشرقي ڪناري تي يونانين اچي بيٺڪون وڌيون، تنهن کان اڳي ڏاکڻئي  اولهندي ڪناري تي فونيشن قوم آباد هئي جن شام کان نڪري اُتر آفريقا ۽ اسپين ۾ اچي بيٺڪون وڌيون هيون. اِسپين جا قديم رهاڪو جي اُتر ۽ اولهندي ڪنارن تي آباد هئا تن کي (بسڪس) BASKS سڏيندا هئا. تنهن کانپوءِ هن سرزمين تي ڪيلٽ KELTS قومون اچي آباد ٿيون. جڏهن ڪارٿيج جي پاران مشهور جرنيل هنيبال اِسپين، جي رستي کان رومةالکبريٰ تي ڪاهه ڪئي ۽ رومين قيصر جولس سيزر کان شڪست کاڌائين. اتر اِسپين جو پرنيس جبل کان شروع ٿي ايبرو نديءَ تائين هو ۽ ٻيو ڏاکڻئو ڀاڱو جنهن کي (بيٽيڪا) BAETICA سڏيندا هئا. قادز ۾ اڃان به فونيشن قوم جون بيٺڪون هيون ۽ رومين جي عهد ۾ مئلاگا مشهور بيٽيڪا جو بندرگاهه هو. عيسوي سن کان 152 ورهيه اڳ رومين قرطبه کي پنهنجو تختگاهه جوڙيو. ڏاکڻئو ڀاڱو جنهن کي بيٽيڪا سڏيندا هئا. تنهن کي عربن اُندلس جو نالو ڏنو. رومين کان پوءِ وزيگاٿ قوم اسپين ۾ آئي جن رومين کي جيتي پنهنجي حڪومت جو پايو وڌو.

اُندلس جو ملڪ سڄي براعظم يورپ ۾ زرخيز ۽ پنهنجن پيداوارين جي ڪري قديم زماني کان مشهور آهي. هتي ڪمند، ڪپهه، ڪيوڙن، انجير، کجور، ڏاڙهن، ليمن، زيتون، نارنگين ۽ ڊاک جي پوک ٿئي ٿي. سڄي يورپ ۾ اُندلس ئي اهڙو ملڪ آهي، جتي جي آب و هوا اهڙي موافق آهي جو سڄو ملڪ سرسبز ۽ شاداب آهي. اهو ئي سبب هو جو اڪثر قومن هتي جي دولت جي هاڪ ٻڌي هن اُپٻيٽ تي ڪاهون ڪيون. گهرو جانورن مان خچر، گهوڙا، گڏه ۽ رڍون هتي گهڻي تعداد ۾ آهن، تنهن کان سواءِ پاري، لوهه، شيهي ۽ چاندئ جي کاڻين کان هيءَ سي زمين بيحد مالا مال آهي.

مدينةالخلفا قرطبه جو اسپين ۾ اِسلامي دور بابرڪات ۾ تخت گاهه هو سو جبل سيرا مورينا جي دامن ۾ وادئ الڪبير جي ڪپ تي هڪڙي سرسبز ميدان تي ٻڌل هو. اِسلامي دور ۾ هن شهر جيڪا دنيا ۾ ناموري ۽ شهرت حاصل ڪئي، سا تاريخن ۾ اظهر من الشمس آهي. عربي مؤرخ لکن ٿا ته قرطبه اُندلس ۾ عروس البلاد هو، ۽ دنيا جون جيڪي دلفريب خوبصورتيون چئجن، سي هن ۾ موجود هيون. اسلام جا نامور سلاطين، جي هتي ٿي گذريا، تن هن شهر کي دنيا جو تاج زرين جوڙيو. هن سرزمين مان علم جا مايهء ناز اديب، فاضل، حڪمت جا صاحب ۽ نازڪ خيال شاعر پيدا ٿيا، جي دنيا جي نامور شاعرن، حڪيمن جي بي بها مالها ۾ پويل آهن. هنن حجازي تهذيب ۽ صنعت ڪاري سان جيڪا هن شهر کي رونق وٺائي تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته خليفه عبدالرحمٰن ثالث جي عهدمهد ۾ هي شهر اسلام جو مايهء ناز مرڪز هو. هن وقت يورپ جي اها حالت هئي جو چؤطرف مغربي لوڪ جهوپڙين ۾ رهندا هئا. البته سندن راهبن مان ڪي ٿورا پڙهيل هئا. قسطنطنيه ۽ رومةالڪبريٰ جي عيسائين جا مغرب ۽ مشرق ۾ ٻه مکيه تخت گاهه هئا. اُتي علم ۽ حڪمت جا ڪي ٿورا ذرا چمڪي رهيا هئا. اهڙي زماني ۾ مدينةالخلفا قرطبه جي عظمت جو پورو ثبوت ملي سگهي ٿو. ٻيو هڪڙو عربي مؤرخ ابوالحسن بن حريق قرطبه جو بيان ڏيندي خامهء فرسائي ڪري ٿو ته ”قرطبه قديم زماني کان اڳوڻن شهنشاهن جو تختگاهه هو، سندس ڊٺل محلاتن ۽ قلعن جا نشان اڃا به قرطبه ۾ موجود آهن. هتي جا رهاڪو داناءَ عقل ۽ شرب پسند ڪندڙ آهن. هن شهر ۾ اسلام جي دور بابرڪات ۾ هر فن جا ڪامل، جميع علوم جا ماهر، امراء، اڪابر ۽ نامور بهادر موجود آهن، دنيا جي پرانهن پرانهن ملڪن جا علم جا طالب، هيئت ، قانون، طبيعات هر شاخ علم جي تحصيل ڪرڻ لاءِ گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. مطلب ته قرطبه نامور بهادرن جو مڪان، عالمن سڳورن جو مخزن ۽ علم جي طالبن لاءِ سرچشمو هو. دنيا جا دولت مند هت موجود هئا. علوم جي اربابن ۽ فنون جي ڪاملن جو هر وقت دنگل رهندو هو. مطلب ته جيڪڏهن اسپين جسم هو ته اُندلس جي سرزمين سندس جان هئي!

هي شهر 24 ميلن جي ڪشادگي ۾ وسيع هو، خليفي اعظم عبدالرحمٰن ثالث جي ڏينهن ۾ عين شباب جي منزل تي پهتل هو، وادئ الڪبير جي ٻنهي ڪپن تي خوشنما سنگ مرمر جا محلات نظر ايندا هئا. شهر جي هر هڪ ڪنڊ ۾ مساجد، باغات هئا، دنيا ۾ مشهور هئا. اڄ به اسپين پنهنجي باغات جي ڪري يورپ ۾ عجيب سيرگاهه آهي. سلاطين اسلام ڌارين ملڪن کان گل ۽ ٻوٽا گهرائي هنيا، جن لڳائڻ جو ڍنگ اُنهن صحرا نشينن کي ئي ياد هو. وري آب پاشي جي ڪمن ۾ جيڪا ڪماليت عربن کي حاصل هئي، سا اسپين وارن کي ڪڏهن خبر به ڪانه هئي! قرطبه جي شهر کي نئين سر تعمير ڪرائڻ جو ڪم غازي عبدالرحمٰن الداخل شروع ڪيو ۽ شهر کي جبل کان پاڻي پهچائڻ جو بندوبست ڪرايائين. عربن جيتوڻيڪ صحرا ۾ عمر گذاري هئي، پر سڀني خصوصيتن کان اڳ پهريون هو چشمن ۽ باغات جا ڏاڍا شوقين هئا. سن 940ع ۾ عبدالرحمٰن ثالث پاڻي جي بندوبست کي نئين سر مضبوط ڪيو. شهر ۾ جيڪو هن تلاءُ سڄو سنگ مرمر جو جوڙايو هو. تنهن ۾ جبل تان پاڻي اچي گڏ ٿيندو هو، تلاءُ جي وچ۾ هڪڙو وڏو شينهن جو بت جڙيل هو جنهن جي وات مان پاڻي ڪرندو هو. مٿس سون جو ڪم ٿيل هو. عبدالرحمٰن اول هڪ عاليشان باغ (روصفا) نالي جوڙايو هو. هاڻوڪي يورپ لاءِ گويا زراعتي علميت جو نمونو هو. منجهس دنيا جي هر علائقي جا گل ۽ ٻُوٽا رکيل هئا. جيتوڻيڪ اِسپين جي آب ۽ هوا بعض گلن ۽ ٻوٽن لاءِ مخالف هئي، مگر سلطاني باغبانن پنهنجي ڪسب ۽ ڪاريگرئ جو لڳائڻ ۾ ڪمال ثبوت ڏنو. پهريون کجور جا درخت به هتي عربن آندا، جا سندن وطن مالوف جي يادگيري هئي تنهن کانسواءِ ڏاڙهن جي وڻن جون چڪيون دمشق کان گهرائي هتي لڳرايائون، نه ته اڳ اسپين ۾ اَنار جا وڻ ڪين هئا. شاهي محلات ۽ محل سراءِ بابت به مؤرخن جا عجيب ۽ غريب بيان ڏنل آهن. محلات جا دروازا سرنگ نما رستن جي ذريعي جڙيل هئا، جي باغن جي صحن ۾ اچي پورا ٿيندا هئا. اُنهن رستن تي بيش بها قيمتي قالينون وڇايل هيون ۽ محل سراءِ جي دروازن تي به جدا جدا نالا رکيل هوندا هئا. مثلاً قصرالازهار، قصرالعاشقين، قصرالسرور، قصرالتاج ۽ هڪڙي دروازي جو نالو بني اُميه وارن جي يادگار لاءِ قصر دمشق هو، جنهن جون ڇتيون سنگ مرمر ۽ فرشن تي عمدو پچڪارئ جو ڪم اُڪريل هو. بلڪل شاندار ۽ خوشنما دروازو هو. هڪڙي عربي شاعر قصرالدمشق جو بيان ڏيندي تعريف ڪري ٿو ته ”روءِ زمين تي جيڪي به شاهي ايوان آهن، سي قصر دمشق سان برابري ڪري نه ٿا سگهن، سندس باغات تي جيڪڏهن نظر وجهندؤ ته گلزارِ ارم جو جلوو نظر ايندو، هڪڙي پاسي هفت رنگي گل پنهنجي لباس ۾ نظر اچن ٿا، ته ٻئي طرف ڦوهارن مان عطر ڪري رهيو آهي، هڪڙي طرف خيابانن ۾ لذيذ ۽ خوشنما ميوا شاخن تي لُڏي رهيا آهن، ته ٻئي طرف مٺي پاڻئ جا صاف چشما وهي رهيا آهن. جيڪڏهن آسمان ڏي مٿي ڏسندؤ ته آفتاب جي بدران اَبربهاري صحن چمن مٿان پنهنجي تر دامن سان شاميانو ڪري بيٺو آهي. وري جيڪڏهن فلڪ بوس، عاليشان عمارتن جي گنبذن ۽ مينارن ڏي نظر ڦيرائيندؤ ته عجيب ۽ دلفريب منظر نظر ايندو.هتي جون راتيون پُرفضا ۽ شام دماغن کي معطر ڪري ٿي! جيڪڏهن صبح پنهنجي نوراني چهري سان مٿس نقاب عنبرين وجهي ٿو، ته رات وري پنهنجي مسڪ فام زلفن سان مٿس برقعو ڍڪي ٿي.“

قرطبه ۾ عجيب ۽ غريب باغ ۽ بستان هئا، جن تي نالا به جدا جدا رکيل هئا، اڪثر دمشق جي باغن جو نمونو هئا. گرمي جي موسم ۾ عجيب ۽ پر ڪيف سرور گهمڻ سان نصيب ٿيندو هو. (وادئ الڪبير) جي درياهه مٿان سترهن پيل پاون جي هڪڙي شاندار پل عوام جي لنگهڻ لاءِ جڙيل هئي جا مسلمانن جي انجنيئري ۽ هنرمندئ جي صداقت هئي. سندس عاليشان محرابن تي ڪاريگرئ جو ڪمال رکيل هو. سڄي شهر ۾ عظيم الشان جايون جڙيل هيون، جن کان قرطبه جي رونق معمور هئي. اُنهن قيمتي عمارتن مان 15 هزار کان وڌيڪ ته رڳو حڪومت جي نوڪرن جون جايون هيون ۽ اٽڪل هڪ عمارت مان 15 هزار کان وڌيڪ عوام  جون جايون هيون. تنهن کانسواءِ ست سؤ مسجدون، نو سؤ حمام هئا. هي اُهو وقت هو جڏهن يورپ ۾ غسل ڪرڻ جي پادرين روڪ وڌي هئي. سندن چوڻ هو ته غسل ڪرڻ بي دينن جو طريقو آهي!

اها هئي ترقي ۽ ڪارناما خيرالامم جا، جنهن لاءِ قرآن شريف جي سورة آل عمران ۾ هن ريت اِشارو آهي، ”(مسلمانو!) توهان آهيو! سڀني کان بهتر امت، جيڪا پيدا ڪئي ويئي آهي ماڻهن لاءِ (انهيءَ ڪري جو) توهان حڪم ٿا ڪريو چڱن ڪمن جو ۽ منع ٿا ڪريو بڇڙن ڪمن کان ۽ ايمان ٿا آڻيو خدا تعاليٰ تي...“ جنهن دين هُدا جي معرفت اسان کي سڄي دنيا جي حڪومت عطا ٿي. يورپ وارا پنهنجي ناپاڪئ کي باعث فخر سمجهندا هئا. اُن زماني جي هڪڙي پاڪ  عورت عيسائڻ فخر سان لکي ٿي، ته سٺ سالن جي عمر ۾ مون ڪڏهن به پنهنجي جسم تي پاڻئ جو ڇنڊو ڪين وڌو، رڳو  جڏهن ديول ۾ ڪڏهن ويندي هيس ته پنهنجي هٿن جي آڱرين جي چوٽين کي سو پاڻئ سان ڌوئيندي هيس(1). جڏهن فلپ ثاني اِسپين جي تخت تي ويٺو، تڏهن مسلمانن جي جڙيلن حمامن کي زندهه يادگار سمجهي مسمار ڪرائي ڇڏيائين.

قرطبه جي سڀني عمارتن مان شاهي جامع مسجد صنعت ۽ رفعت جي لحاظ سان پهرين نمبر عمارت هئي. جنهنجو بنياد عبدالرحمٰن اول پنهنجي مبارڪ هٿن سان وڌو، مٿس بيشمار خزانو لڳو.

هن جامع مسجد جو بنياد سن 784ع ۾ پيو. پر عبدالرحمٰن اول جي زماني ۾ سندس ڪم پورو ٿي نه سگهيو، آخر هشام (اول) سندس ڪم پورو ڪرايو. ناربون جي صوبي مان سن 793ع ۾  جيڪو غنيمت جو مال خليفي کي هٿ لڳو، سو مسجد تي هڻائي ڪم پورو ڪرايائين. مٿين سلاطين کان پوءِ جيڪي به سلاطين قرطبه جي پُر جلال تخت تي رونق اَفروز ٿيا، تن ڪجهه نه ڪجهه مسجد ۾ اضافو ڪيو. مٿئين مسجد مسلمانن جي ابتدائي ڪمالات جو مثالي ثبوت ٿي. هن مسجد شريف ۾ 1293 طلائي ستون آهن جن مٿان ڇت بيٺل آهي. سندس فرش چاندئ جو هو. ديوارن تي خوشنما پچڪارئ جو ڪم ڪيل هو. سندس ستونن تي سون ۽ نيلم جي گلڪاري ڪيل آهي مسجد جو منبر، جنهن تي خطيب بيهي خطبوپڙهندو هو،  سو عاج جي 36 هزار ٽڪرن سان جڙيل هو . سندن ميخون سون جون هيون. مسجد جي صحن ۾ چار سنگ مرمر جا ڪشادا حوض هئا، جن مان هر هڪ پاڻي سان ڀريل هوندو هو، جو جبل کان نلن جي وسيلي ايندو هو. مسجد جي مغربي پاسي کان حجرا ۽ ڪمرا جڙيل هئا، جن ۾ غريب الوطن مسافر ۽ مسڪين اچي رهندا هئا، جن جي سرڪاري خرچ سان اعليٰ پيماني تي مهمان نوازي ٿيندي هئي. گاٿ ديولن جي پتلن جي گهنڊن کي پگهاري اُنهن مان هڪ سؤ وڏيون بتيون جوڙائي مسجد ۾ لڳايون ويون. ٽي سؤ ماڻهو ته رڳو اِن  ڪم لاءِ مقرر هئا، ته عنبر جي موم بتين کي ۾ ٻاريندا هئا. جيتوڻيڪ  هن وقت زماني جي گردش هن عاليشان عبادتگاهه کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پر اڃا به سندس شان ۽ شوڪت کي ڏسي سياح حيران ٿيو وڃن. مسجد جي ديوارن تي سنگ مرمر، زبرجد ۽ سماق جا جيڪي گل نڪتل آهن، اڃا محفوظ آهن. ديوارن جا چمڪدار شيشا جي آبدار هيرن جيان روشن آهن، جن کي بازنطيني ڪاريگرن اچي جوڙيو هو، سندس بديع المثال صناعي پاڪيزگي کي ڏسڻ سان ائين معلوم ٿو ٿئي، ڄڻ هينئر ڪاريگر ڪم ڪري اُٿيا آهن. مبارڪ هو اُهو وقت ۽ اُن وقت جا بادشاهه، جن مخلوق خدا جي عبادت گاهه تي ايترو خرچ ڪيو. قرطبه کان چئن ميلن جي مفاصلي تي خليفي الناصر الدين (مدينةالزهرا) هڪ عاليشان محلات پنهنجي پياري بيبي شهزادي زهره لاءِ سندس فرمائش موجب سندس نالي تي تيار ڪرايو. جيئن مغل شهنشاهه شاهجهان پنهنجي پياري راڻي ممتاز محل جي يادگيرئ لاءِ آگره ۾ تاج محل جوڙايو، تيئن مدينة الزهرا به اسپين جو تاج محل آهي ۽ جيئن مشرق ۾ تاج محل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، تيئن مدينةالزهرا به مغرب ۾ پنهنجي عجيب ۽ غريب افسانن جي ڪري مشهور هئي. خليفي الناصر شل خدا جو مٿس سايو هجي پنهنجئ پياري راڻي جي چوڻ موجب قرطبه جي ويجهي جبل العروس جي دامن ۾ مٿيون نئون شهر جوڙايو. جنهن جو ڪم خليفي جي وفات تائين جاري رهيو. چون ٿا ته 25 سالن تائين حڪومت جي آمدنئ جو چوٿون حصو هن نئين شهر تي لڳايو ويو. کانئس پوءِ به سندس اولاد 15 ورهين تائين مٿس دولت خرچ ڪئي. مٿس ڏهه هزار ڪاريگر ۽ مزدور روزانو ڪم ڪندا هئا. سرن جي عيوض روزانو 6 هزار پٿر جون سرون گهڙي تيار ڪندا هئا. ٽي هزار جانور ته رڳو مصالحي جي کڻڻ ۽ پهچائڻ ۾ روزانه بار برداريءَ جي ڪم تي لڳل هئا. محلات ۾ رڳو 4 هزار ستون کڙا ڪيا ويا. جن لاءِ پٿر قسطنطنيه، روم، ڪارٿيج ۽ سفاڪس جي بادشاهن بطور تحفي جي سلطان جي خدمت ۾ روانا ڪيا، باقي پٿر ٽريگونا ۽ الميريا جي سنگ مرمر جي کاڻين مان آندو ويو. محلات جا 15 هزار دروازا هئا، جن تي فولاد ۽ پتل جا چمڪندڙ غلاف چڙهيل هئا. خاص ڪمري جي ڇت سونهري هئي. محلات جي دامن ۾ جيڪو پاڻئ جو چشمو هو، سو خاص پٿر جو اُڪريل هو. اُن حوض جي ڪنارن تي طرح طرح جانورن جا بت جڙيل هئا. جن تي سچا موتي جڙيل هئا. اُنهن جانورن جي واتن مان حوض جو پاڻي ڪرندو هو. چون ٿا ته يونان جي بادشاهه بطور هديه جي مٿيون عديم المثال حوض سلطان جي خدمت ۾ موڪليو هو. حوض جي وچ ۾ وري هڪڙو ٻيو ننڍو حوض هو جو پاڻيءَ جي بدران پاري سان ڀريل رهندو هو. اُن حوض تي عام ۽ آبنوس جي ڪاٺيءَ جو ڪم ٿيل هو. سندس گلڪارئ تي بيش بها پٿر اُڪريل هئا. جڏهن آفتاب جي روشنئ جا ڪرڻا پاري جي حوض تي پوندا هئا، تڏهن هر طرف گويا وڄ جا چمڪاٽ نظر ايندا هئا. درٻارين کي مجال نه ٿيندي هئي، جو هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيري سگهن! عرب مؤرخ لکن ٿا ته مدينةالزهرا جا عجائبات قدرتي هئا. شاهي محلات جي چؤطرف شاهي اهلڪارن جا محلات هئا. جتي هر وقت مصلح سپاهين، نوجوان خادمن ۽ هر قوم ۽ ملت جي غلامن جو ازدهام لڳل رهندو هو، جي هن شهر جي بازارين ۾ زربفت، ڪيمخواب ۽ ريشمي قبائون ڍڪي گهمندا هئا. شاهي درٻار ۾ علمائن سڳورن، فاضلن، اديبن ۽ شاعرن جو هر وقت هجوم  لڳل رهندو هو. محل سراءِ جي نوڪرن جو تعداد 13750 هو، تنهن کانسواءِ زناني حرم سراءِ ۾ مختلف نسلن مان 6314 عورتون خدمت گذاريءَ لاءِ مامور هيون. نوعمر ۽ خواجه سرائن جو تعداد 6300 هو، جي اڪثر سلاف نسل مان هئا. شاهي دسترخوان جي خرچ لاءِ 16 سؤ مڻ مڇيون پاليل هيون، تن جي خوراڪ لاءِ روزانو 12 هزار مانيون ۽ ٻيو اٽو تلاء ۾ پوندو هو! اڄ به جيڪڏهن ڪو سياح مٿين محلاتن کي ڏسندو ته هو تصديق ڏيندو ته اسلامي دنيا ۾ هن جهڙو ٻيو ڪو اهڙو محلات ڪو ورلي هوندو. اڪثر جيڪي به سفير، مسافر، سياح يا اَميرزادا هن شهر کي ڏسن ٿا، سي سندس تعريف ڪن ٿا.

ماهه ربيع الاول  سن 338هه مطابق سن 949ع ۾ جڏهن قصر الزهره ۾ درٻار لڳي ۽ غازي عبدالرحمٰن الناصر پنهنجي اميرن ۽ وزيرن سان اچي تخت تي رونق افروز ٿيو، اُن ڏينهن معزول شاهه ليون سانڪو به بطور شاهي مهمان جي درٻار ۾ حاضر هو ۽ درٻار ۾ پوري رونق هئي، تڏهن ان وقت قسطنطينن بن ليو بازنطيني شهنشاهه جو سفير به اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي بادشاهه جي طرفان خط، جو سونهري اکرن ۾ يوناني زبان ۾ لکيل هو خليفي وٽ پيش ڪيو ۽ پوءِ يوناني سفير تقرير شروع ڪئي پر درٻار جي شان ۽ تجمل ۽ درٻارين جي عظمت ۽ سلطان الغازي جي هيبت ايتريقدر مٿس غالب ٿي ويئي جو اڃا تقرير پوري به ڪانه ڪئي هئائين، ته بيهوش ٿي ڪري پيو، سندس ٻئي هڪڙي رفيق اهو حال ڏسي تقرير کي جاري ڪيو پر اهو به هيبت ۽ جلال کان بيهوش ٿي ڪري پيو! اهو هو قرطبه جي اسلامي درٻار جو نظارو، جنهن جي تاب کان يوناني سفير بيهوش ٿيو. خليفة المسلمين کي قصر الزهره جي آرائش جو ايتريقدر خيال هو جو ٽي هفتا ساندهه جمعي جي نماز تي به مسجد ۾ ڪين آيو، جنهن تي علمائن ناراضگي ڏيکاري ۽ بادشاهه توبه پڙهي آئينده باقاعده نماز ادا ڪرڻ لڳو.

جيئن قرطبه پنهنجي باغات ۽ عمارتن جي ڪري خوبصورتي ۾ بي مثال هو تئين علوم، فنون جو به دنيا ۾ مرڪز هو، هتي جي مختلف ڪاليجن جي پروفيسرن پنهنجي علمي ڪماليت کان کيس يورپ جو مرڪز ٺاهي ڏنو هو. علم جا شيدائي هن علمي ڪوثر جي جام پيئڻ لاءِ پرانهن ولايتن کان پنڌ ڪري هستي جي ساقين هٿان اچي مخمور ٿيندا هئا. خاص ڪري (مدينة الخفا) جي حڪيمن علم طب ۾ هتي نالو پيدا ڪيو. شيخ ابو القاسم زهراوي، جو مغرب ۾ ابوالقاس جي نالي سان مشهور آهي، تنهن ڪتاب التصريف لکيو، جنهن ۾ زخم جو جلائڻ، اوزارن جي وسيلي آپريشن ڪرڻ جا قاعدا، رحم ۽ معده جي مرضن ۽ پٿري ڪڍڻ جو آپريشن، اکين جي بيماري ۾ آپريشن ڪرڻ جا قاعدا، ڀڳل هڏي جي جوڙڻ جا اصول خاص طرح صفائي سان بيان ڪيا آهن. اهو ناز جوڳو حڪيم اڪثر جراحي آلات جو موجد آهي. سندس ڪتاب مختلف پورپي زبانن ۾ ترجمو ٿيو. ڪاليجن ۽ شفاخانن ۾ طبي عجائب خانا به موجود هئا، جن ۾ جڙي ٻوٽي ڏيکارڻ جي غرض سان باغات به لڳايا ويا هئا، جي ميلن ۾ وسيع هوندا هئا، عبدالرحمٰن اول جي زماني کان ئي قرطبه ۾ موجود هئا. ابن ظهر کانئس پوءِ هن فن جو اُستاد ڪامل ٿي گذريو. ابن بيطار جو علم نباتات جو ان زماني ۾ استاد هو، جنهن مشرقي دنيا ۾ پري پري جهنگن، جبلن ۽ بيابانن ۾ ٻوٽيون ڳولي، سندن خاصيتن کي ڳولي ڪڍيو، آخر ٻوٽين جي خاصيتن جي باري ۾ اچي ڪتاب لکيائين، جو سندس يادگار هو. ابوالروس به هن زماني جو مشهور فلاسافر هو. جنهن قديم يوناني فلسفي کي عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو. علم هيئت، جاگرافي، ڪيميا، علم طبعيات مطلب هر هڪ علم جي شاخ جي هتي جي ڪاليجن ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. سخن ۽ شاعري جي لحاظ سان اسلامي اسپين جي شهرت هئي. خليفي کان وٺي ويندي ملاح تائين هر ڪو شاعري جو مادو رکندو هو.نوٽ

صنعت ۽ دست ڪاري ۾ اندلس هن وقت ممتاز هو. قرطبه جون عمارتون سندن ڪاريگري جو پورو ثبوت آهن. ريشمي ڪارخانن جي ڪري اندلس دنيا ۾ واپار جو مرڪز هو. رڳو قرطبه ۾ هڪ لک ٽيهه هزار ڪوري ريشم اُڻندا هئا. بلنسيه ۽ الميريا ريشمي ۽ غاليچن جي ڪارخانن کان مشهور هو. ميورقه ٻيٽ ۾ مٽي جي برتنن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيندو هو، هتان جا برتن اهڙي نموني سان ٺاهيندا هئا، جو خبر به پئجي نه سگهندي هئي، ته ڪو هو مٽي جا آهن يا سون جا. اڄ ڪلهه اٽلي ۾ به اهڙا مٽي جا برتن جڙندا آهن. جن کي ”ميورقه“ جي نالي سان سڏيندا آهن. شيشي، پتل ۽ لوهه جا ڪارخانا الميريا ۾ هئا جتي عمدو سامان جڙندو هو، وري عاج جي ڪم ۾ ته هتي جي ڪاريگرن پنهنجي نازڪ مزاجي ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو. بربر به پنهنجي هنرن ۾ ماهر هئا. هو پاڻ کي يونان، فارس ۽ مصر جي استادن جا شاگرد سڏائيندا هئا. جواهر نگاري جي فن ۾ به اندلس جا ڪاريگر ماهر هئا. اڃا تائين جيرونا جي ديول ۾ هڪڙي ننڍي صندوق موجود آهي. جنهن تي جواهر نگاري ۽ آبدار موتين جو ڪم ڪيل آهي، جا خليفي الحڪم ثاني جي يادگار آهي. جنهن تي اميرالمومينن جي حق ۾ دعاء خير لکيل آهي. مسيحي عبادت خاني ۾ هي هڪ عجيب نظارو آهي. تلوار جي قبضن تي نقاش ڪاري ڪرڻ ۾ مسلمان نهايت ئي باريڪ ڪم ڪندا هئا. خليفي ابو عبدالله غرناطه جي آخري تاجدار جي تلوار تي جيڪو ڪم ڪيل آهي تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته مسلمان هن فن جا استاد ڪامل هئا. ڌاتن جي نقاش ڪاري رڳو تلوارن تي ڪين ڪندا هئا پر ڪنجيون به نهايت ئي نفيس جوڙيندا هئا. پتل جي نقاش ڪاري بابت جو ڪم قرطبه جي مسجد جي شمعدانن تي ڪيل آهي. سو قابل تعريف آهي سلطان محمد ثالث غرناطه جي جامع مسجد لاءِ جيڪي بتيون جوڙايون سي قابل ديد آهن. برتنن تي ۽ زربفت جي ڪپڙي تي جيڪو نقاش ڪاري جو ڪم ٿيندو هو، سو قاهره ۽ دمشق کان سواءِ ٻيو ڪٿي به ڪين ٿي سگهندو هو. اڪثر ڪپڙن ۽ برتنن تي ”لافاتح الا الله“ کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين نظر ايندو هو. ان زماني جا برتن اڄ به اسپين جي ديولن ۾ رکيل آهن. طليطله جون تلوارون دنيا ۾ مشهور هيون. باوجود ان جي ته فولاد ۽ لوهه جو ڪم اڳ به اسپين ۾ ٿيندو هو. پر قرطبه جي سلاطين جي حمايت ۾ هنرن خاص ترقي ڪئي. الميريا، اشبيله، مرشيا ۽ غرناطه جنگي هٿيارن جي ڪارخانن کان مشهور هئا. مطلب ته عربن جي زير حڪومت ۾ اسپين، علوم، فنون، صنعت ۽ حرفت، تهذيب ۽ شائستگيء جي ڪري دنيا ۾ مايهء ناز هو.

قرطبه جي مڪتبن ۾ هر هڪ مذهب ۽ ملت واري کي تعليم ڏني ويندي هئي. يورپ جي قول موجب ته طبعي فلسفي جو مؤجد حڪيم ڊارون هو، پر حڪيم ابن مسڪويه به ارتقاء طبعي تي ڪتاب لکيا، الخوارزمي جي تصانيف مان معلوم ٿو ٿئي ته عرب دماغ هن فلسفي کان نا آشنا ڪين هو. جلال الدين رومي به پنهنجي اشعارن ۾ اشارو ڏنو آهي ته ٻارهين صدي عيسوي ۾ هن مسئلي اسلامي درسگاهن ۾ ڪافي فروغ حاصل ڪيو. ارتقا جي مسلمان حامين هن کي حيوانات تائين رڳو محدود ڪين رکيو، پر انهن حيوانات کانسواءِ جمادات ۽ عالم بالا جو بيان ڏنو آهي. ابن الصائخ قرطبه جي ڪاليجن ۾ هن جي بنياد کي استوار ڪيو. اسلام جي اصول مساوات ۽ حريت اشتراڪيت جي آئيني صورت يعنيٰ جمهوريت ۾ ڪهڙو حصو ورتو، تنهنجو اهو جواب نڪري ٿو ته يورپ جي سوسائٽي به هن شمع جي روشني کان رستو حاصل ڪيو. اسان کي موسيولبري جا الفاظ ياد آهن، ته جڏهن هندوستان ۽ يونان جي ماڻهن علم ۽ ادب جي خزانن جي حفاظت تان هٿ کنيو ۽ جڏهن تهذيب ۽ تمدن جي شهنشاهت تي جهالت قبضو ڪيو ۽ دنيا مان ترقي جي اميد غائب ٿي ويئي، تڏهن عرب جا بدوي اُٿيا، هنن جبل ۽ بيابان لتاڙيا ۽ امن جي پيغام کي دنيا ۾ آندو، سندن مٿان تمدن ۽ علم ۽ ادب جي شهزادي گوهر نثار ڪيا، سندن ئي برڪت سان مذهب، علم ۽ سوسائٽي رونق ورتي ۽ دنيا فرعونيت ۽ نمروديت جي زنجيرن کان آزاد ٿي. دنيا جي هر گوشي جا عالم جيڪڏهن حقيقت جي عينڪ اکين مٿان هڻي واقعات تي غور ڪري ڏسندا ته معلوم ڪري سگهندا ته مسلمانن کي دنيا جي تاريخ ۾ ڪهڙي پوزيشن حاصل آهي.

اڄ اسين ليوي، سائسرو، هوريس، ورجل ۽ ٽرنيس کي ڏسي عربن جي قابليت کي وساري ڇڏيون ٿا. پر اهي آفريقا ۽ اسپين جا ئي مسلمان هئا، جن يورپ کي وحشت ۽ جهالت کان نجات ڏياري، سڀ مؤرخ بالاتفاق شاهد آهن، ته عيسوي نوين صدي ۾ اسپين ۾ هر فن ۽ علم جي تعليم ڏني ويندي هئي.نوٽ

اسپين وارن لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو سواءِ ان جي ته پنهنجي فاتحن جي ادب کي اختيار ڪن. ٿوري عرصي ۾ اُهي عربي ڪتابن کي نهايت ئي سرگرميءَ سان پڙهي قابل ٿيا ايتريقدر جو پنهنجي لاطينيءَ زبان کي بالائي طاق رکي ڇڏيائون. پر گهڻن ئي عيسائين ته پنهنجو مذهب به کڻي ڦٽو ڪيو، هن خوف کان الويرو قرطبي ۽ جان سوائيلي اها تدبير سوچي ڪڍي ته ڪئٿولڪ شرح کي عربي زبان ۾ شايع ڪجي جنهن جو هي نتيجو نڪتو جو اسپين جي ديولن ۾ مذهبي احڪام عربي زبان ۾ تيار ٿيا مٿئين شرعي احڪام جو مجموعو هن وقت به اسڪوريل جي ڪتبخاني جي قلمي نسخن ۾ اڃا تائين موجود رکيل آهي. جيتوڻيڪ عربن ۽ اسپين جي هن علمي تعلق جي ڪري بعض حالتن ۾ سندن مذهب کي نقصان پهتو پر سراسري نظر وجهي ڏسبي ته سڄي قوم لاءِ مٿيون نسخو مفيد به ثابت ٿيو. اُن زماني ۾ جڏهن يورپ جهالت ۾ اونهي کڏ ۾ ڪريل هو تڏهن اسپين جي عيسائين کي اهو فخر حاصل هو، ته اُتي ڪئي ممتاز رياضيدان موجود هئا. مثلاً اوسانا جو بطريق ايٽن، برسلونه ۾ هيئت جو ماهر هو، ٻيو به هڪڙو جوزف نالي عيسائي نجوم ۾ ماهر هو. اسپين ۾ علم جي شمع کي روشن ڏسي فرانسيسي، اٽالين، انگريز ۽ جرمن صحيح علوم سکڻ لاءِ اسپين ۾ آيا. يورپ جو پهريون فلاسافر جو هن اپٻيٽ ۾ علم سکڻ لاءِ آيو اهو جربرٽ هو. سلوسٽر ثاني جو پوپ جي درجي کي وڃي پهتو سو علم جي شوق ۾ جدا جدا ملڪ گهميو، گهڻيون مصيبتون ڏٺائين، مگر اسپين اهو ملڪ هو جتي گوهر مقصود هٿ آيس، ۽ قرطبه جي مڪتب ۾ هن جيڪا خداداد قابليت حاصل ڪئي. تنهن جو هي نتيجو نڪتو، جو وطن موٽي هن ٻه مڪتب جاري ڪيا هڪڙو اٽلي جي مقام بوبيو  ۾ ٻيو فرانس جي ريمس شهر ۾  هي پهريون شخص هو، جنهن مغربي يورپ کي عربن جو علم سيکاريو، جربرٽ جو هن ٻنهين مڪتبن ۾ فلاسافي جي تعليم ڏيندو هو. چرٽرس جو بطريق فلبرٽ به جربرٽ جو شاگرد هو. جڏهن پنهنجي شاگرد شهنشاهه آٽو ثالث جي رسوخ سان پاپائيت جا نسخا گڏ ڪيا. يورپ وارا ايتريقدر جاهل هئا، جو هنن کي ڪائي به خبر ڪانه پي پئي هو، ائين سمجهندا هئا، ته سندس فرشتن سان تعلق آهي.

يورپ جي عيسائين کي عربي زبان سکڻي پوندي هئي، ان لاءِ ته عربي ڪتاب سمجهي سگهن ۽ سندن ٻين زبانن  ۾ ترجما ڪري سگهن. مطلب ته اسلامي پرچم جنهن جي هيٺان ڪوثر جو درياهه پي وهيو تنهن مٿان يورپ جا عيسائي ماڪوڙين وانگر اچي جمع ٿيا. جيئن ته جرمني مان هرمن قنطري، انگلنڊ مان ابي لارڊ ۽ راجر بيڪن، اطاليه کان ڪمپانو، ڊيوڊ مارلي آٽو، فريزنگ، پولينڊ کان ولاٽيو، جيراڊ آف ڪريمونا، ليونار ڊي پائنزا، پلاٽواف ٽوولي ۽ ٻيا علماءَ ۽ مايهء ناز اديب جن جي علمي، ادبي، سياسي، معاشرتي ۽ اخلاقي تجربن ڪري جيڪي به وقت بوقت مٿين ملڪن ۾ انقلاب پيا، تن سڀني قرطبه جي رحمت جي چشمي کان فيض پاتو، يورپ جا نامور مؤرخ ايڊورڊ گبن، هينري لوئيس، ڊاڪٽر هيلي، موسيو سم لٽو، اليگزينڊر هلمٽ وغيره وغيره مسلمانن جي احسان جو اعتراف ڪن ٿا ۽ تسليم ڪن ٿا ته اسان جي فضل ۽ ڪمال جو سرچشمو عربستان جا عرب هئا.نوٽ

اَهل يورپ، جي اڄ علم تاريخ، اقليدس، الجبرا، ڪيمسٽري، طب، جيولاجي ۽ ٻين علوم ۽ فنون ۾ سڄي دنيا ۾ شهره آفاق آهن، سا سڀ مسلمانن جي دولت آهي. جنهن کان اڄ هو مالا مال آهن ۽ هو اقرار ڪن ٿا ته اسان جا اُستاد عرب هئا. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي جو عربن جا اهي تاريخي ڪتاب اڄ مسلمانن وٽ ڪين آهن. پر انگلينڊ جرمني، فرانس ۽ اٽليءَ جي ڪتب خانن ۾ سندن دفتر موجود آهن. ابن رشد، ابن بطوطه، ابن العاشر محريطي، مسعودي، طبري، حمزه ۽ اصفهاني جا علمي گوهر مسلمانن وٽ ڪين آهن. مگر مٿيان سڀ بي بها نسخا يورپ جي ڪتبخانن ۾ جابجا موجود آهن. مختلف علوم تي مسلمانن جا لکيل ڪتاب اهڙا بي بها آهن، جن جي عزت ۽ قدر يورپ وارا ئي ڪن ٿا. مسلمان انهن ڪتابن کان بلڪل غير واقف هئا. پر مٿين ڪتابن مان اڪثر لنڊن، بيروت، قسطنطينه ۽  مصر ۾ ڇپجن ٿا. جن مان ڪي نسخا هتي به پهچن ٿا. اڄ اسين جيڪي به يورپ جون نيون ايجادون ڏسون ٿا ته حيرت جي مڪان ۾ تصوير عبرت بڻجي پؤن ٿا. پر دراصل اها اسلام جي برڪت ۽ دولت آهي جنهن کان يورپ مالا مال آهي.


(1)  موئرس اِن اِسپين علامه اسيٽنلي لين پول.

نوٽ  جڏهن علوم ۽ فنون جي آفتاب جون نوراني شعاعون اسپين مان يورپ تي ڪرڻ لڳيون، تڏهن سڀ کان پهريون علوم ۽ فنون جا مڪتب اٽليءَ ۾ پوڻ شروع ٿيا. عيسوي نوين صدي ۾ سلرنو جي مڪتب جو بنياد پيو ۽ يارهين صدي ۾ هن مڪتب گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ڏهين صدي ۾ پولونو جي مڪتب جو افتتاح ٿيو.1206ع ۾ قانون، طب جي باري ۾ ڊگريون به ملڻ لڳيون. 1253ع پيرس ۾ هڪڙو مڪتب سارين نالي قائم ٿيو، جتي طب، قانون ۽ فلڪيات جي تعليم ملڻ لڳي، چوڏهين صدي تائين فرانس ۾ 40 يونيورسٽيون قائم ٿي ويون. سلامنڪا جو ڪاليج 1243ع ۾ قائم ٿيو ۽ 500 ورهين تائين اسپين وارن لاءِ باعث فخر رهيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي جو ٻارهين صدي جي شروع ۾ افتتاح ٿيو. 1233ع ڪيمبرج يونيورسٽي قائم ٿي. ويانا ۽ برلن يونيورسٽين جي قائم ٿيڻ جي پوري خبر ڪانهي، پر گمان آهي ته تيرهين ۽ چوڏهين صدين ۾ سندن بنياد پيو هوندو.

نوٽ  جڏهن عربن علم ۽ حڪمت ۾ ناموري حاصل ڪئ،ي تڏهن ان زماني ۾ يورپ ۾ علم و حڪمت جادوگري سمجهي ويندي هئي. قيصر قسطنطينن جي حڪم سان سندس سلطنت ۾ جيڪي ڪتب خانا هئا، سي برباد ڪيا ويا. وري جڏهن پوپ گريگوري اعظم Gregory اقتدار حاصل ڪيو، تڏهن علم حڪمت جي ڪم کي روم Rome ۾ بند ڪرائي ڇڏيائين. پر مشهور پلاٽائين ڪتب خانو The Palatine Library جنهن جو بنياد قيصر آگسطوس Augutus  وڌو هو، تنهن کي  ساڙائي ڇڏيائين، آخر اها عربن جي ئي تعليم هئي، جو يورپ ۾ آزادي جي لهر پيدا ٿي ليوٿر Luther هن تحريڪ جو باني هو. مٿين ڦيرڦار ۽ مذهبي جنگ يورپ ۾ هڪ صدي تائين جاري رهي، آخر پاپائيت جي اقتدار جو خاتمو ٿيو. هن مذهبي تحريڪ ۾ گهڻيون سياسي ڦيرڦارون به ٿيون ۽ جمهوريت جو آغاز شروع ٿيو، هن تحريڪ جي باب کي يورپ جي تاريخ ۾ رفارميشن (The reformation) سڏين ٿا. دي اسپرٽ آف اسلام، مصنف: سيد امير علي 

نوٽ  1190ع ۾ گرالڊا Giralda (اشبيله) ۾ پهريون گهمرو جابر بن آفيهآ ستارن جي گردش کي جاچڻ لاءِ بيت التجارب هڪ وڏو مينار کڙو ڪيو، جڏهن عرب اسپين مان تڙجي ويا، تڏهن عيسائين مٿئين مناري کي گهنٽا گهر جوڙيو، ڇاڪاڻ جو هنن کي اها خبر  ئي نه هئي ته عربن ڇا لاءِ ايڏو منارو جوڙيو! دي اسپرٽ آف اسلام، مصنف: علامه سيد امير علي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org