تغلق خاندان
“The House of Tughlak”
غياث الدين تغلق
غياث الدين تغلق جو پيءُ سلطان غياث الدين بلبن وٽ
غلام هو جو ترڪي نسل مان هو. سندس ماءُ پنجاب جي
جاٽ قوم مان هئي. سن 1321هه مطابق سن 1321ع ۾ جڏهن
ملڪ خسرو نمڪ حرامي ڪري، پنهنجي آقا سلطان قطب
الدين خلجي کي شهيد ڪري، پاڻ ناصرالدين جي لقب سان
دهلئ جو مالڪ بنجي ويٺو. تڏهن غياث الدين کيس ماري
وڌو. پس جڏهن خلجي خاندان مان ڪوبه شهزادو باقي نه
بچيو هو، تنهن صورت ۾ سلطنت جي اهلڪارن هن کي تخت
حوالي ڪيو. تاريخ مان ظاهر آهي، ته سلطان غياث
الدين به پنهنجي وقت جو مشهور سلطان ٿي گذريو.
جڏهن ملڪ خسرو جي هٿان بيشمار شهزادا ۽ امير مارجي
ويا، تڏهن غياث الدين خلجي سلطنت جي والين مان
پهريون نئون والي هو، جنهن هن جي خلاف جنگ جو
اعلان ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو، سندس ڪاميابي ۽ همت کي
ڏسي خاص توڙي عام هن لاءِ تخت تي ويهڻ لاءِ راءِ
ڏني. تخت تي ويهڻ کانپوءِ هن امان امن جو پورو
بندوبست رکيو، مغلن جي ڪاهه کي روڪڻ لاءِ سرحد تي
مضبوط فوج ويهاريائين.
بيدر ۽ ورنگال جي فتح، دکن تي ڪاهون
سن 1323ع مطابق سن 723هه ۾ هن پنهنجي پٽ شهزادي
جونا خان کي دکن جي مشهور قلعي ورنگال کي فتح ڪرڻ
لاءِ موڪليو. هن ورنگال ۽ تليگانه تي ڪاهون ڪيون،
پر هن دفعي مٿئين مهم ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ
جو ڪنهن دشمن بادشاهه جي مرڻ جي ڪوڙي خبر اچي
شهزادي کي ڏني. هن خبر جي ڪري گهڻن ئي اميرن لشڪر
ڇڏي دهلي ڏانهن رخ رکيو. شهزادو پاڻ به ديوگري جي
رستي کان دهلي ڏي موٽيو. واٽ تي هندن سندس لشڪر جي
گهڻي حصي کي ماري وڌو. فقط ٽن هزار فوجن سان دهلي
پهتو. هن ٻيو ڀيرو دکن تي ڪاهه ڪئي. هن ڀيري دکن
جي مشهور قلعي بيدر کي ورنگال سميت فتح ڪري پنهنجي
جهنڊي هيٺ آندائين. ورنگال جو راجا قيد ٿي دهلي جي
درٻار ۾ پيش ٿيو. جنهن کي سلطان ڪمال مروت سان
سندس ملڪ کيس موٽائي ڏيئي آزاد ڪيو.
ڊاڪا ۽ ترهوت جي راجائن کي شڪست سلطان جو دغا سان
مارجڻ
بنگال جي نواب بغراخان مٿو کنيون. سلطان لشڪر وٺي
بنگال ڏانهن اُسريو. بغرا خان آڻ مڃي. موٽندي ڊاڪا
جي راجا کي به ٻه هٿ ڏيکاري شڪست ڏنائين. ترهوت جي
راجا به قسمت آزمائي، پر پهرين چوٽ سان شڪست
کاڌائين. تنهن کانپوءِ فتح ۽ نصرت جا شادمانه
وڄائيندو سلطان دهلئ ڏانهن موٽيو. پر شهزادي جوڻا
خان جي دل ۾ دغا هئي، هن پيءُ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ
هڪ عاليشان ڪاٺ جو دروازو جوڙايو، جيئن سلطان در
مان لنگهيو، ته اهو مٿس ڪري پيو ۽ مري ويو. انالله
وانا اليھ راجعون. مٿيون واقعو 725هه مطابق سن
1325ع ۾ ٿيو.
سلطان محمد تغلق
شهزادو جوڻا خان هينئر پيءُ کي ماري محمد جي لقب
سان دهلئ جي تخت تي ويٺو. بقول شيخ ابن بطوطا ته
مٿئين دروازي ۾ ڪا اهڙي حرڪت رکيل هئي جو ملاقات
وقت ڪري پيو ۽ سلطان بيخبرئ ۾ مارجي ويو. سلطان جي
ننڍي پٽ هن ڳالهه تي گهڻو اعتراض آندو، پر امرائن
جوڻا خان جو طرف ورتو ۽ تخت تي ويهاريائونس. هن
سلطان دهلي جي ويجهو (تغلق آباد) جو شهر ٻڌرايو.
جنهن جا ڦٽل نشان اڃا تائين موجود آهن. تخت تي
ويهڻ ۽ تاجپوشي ملهائڻ وقت هن پنهنجي دوستن ڏي
گهڻيون سوکڙيون روانيون ڪيون ۽ شروعات ۾ علمائن
سڳورن جي گهڻي عزت ڪيائين. تخت تي ويهڻ سان سخا جا
در پٽي ڇڏيائين. جابجا مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ
شفاخانا تعمير ڪرائي نيڪ نامي حاصل ڪيائين. عربي ۽
فارسي ۾ پاڻ ماهر هو. سندس صورتخطي قابل تعريف
هئي. علم رياضي حڪمت ۽ يوناني طب ۾ ماهر هو.
غريبن کي وڃي پاڻ دوا درمل ڪندو هو. شراب کان کيس
سخت نفرت هئي. سڄي عمر مذهبي ڳالهين ۾ گذاريائين.
جنگ جي وقت اهڙي همت ۽ پامردئ سان وڙهندو هو جو
دشمنن کان به خراج تحسين وصول ڪندو هو. پر انهن
وصفن هوندي به ڪنهن مهل وري اهڙا ڪم ڪندو هو جو ڪو
چريو به ورلي ڪندو.
چين ۽ ايران فتح ڪرڻ جا وهم
اڳيان دهلئ جا سلاطين مغلن سان وڙهندا هئا، پر هن
اُٽلندو کين ڀيري ڀيري سان خزانا ڏئي پٺتي موٽايو.
جنهنڪري اڪثر ملڪ تي سندن ڪاهون ٿينديون رهيون.
ايران فتح ڪرڻ جي ارادي سان وڏو لشڪر تيار ڪيائين.
جنهن ۾ 3 لک سپاهي هئا، پر کين پگهار ڏئي نه
سگهيو. جنهنڪري سپاهين ملڪ ۾ ڦر ڪئي. وري چين جي
دولت جي هاڪ ٻڌي هڪڙو ٻيو لشڪر چين تي چاڙهي
موڪليائين، پر سپاهين هماليه جبلن جي تنگ گهاٽين ۽
سخت برساتن پوڻ ۽ خوراڪ نه ملڻ ڪري پٺتي ڀاڄ کاڌي.
مٿين ڪاهن لاءِ سلطان جو فوجن تي گهڻو خزانو لڳو
پر ڪو فائدو ڪين پهتو.
ڪاغذن جو سڪو هلائڻ ۽ تختگاهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ
جڏهن سلطان جو خزانو کٽو تڏهن وري ڪاغذن جا سڪا
هلائڻ لڳو.ڇاڪاڻ جو ٻڌو هئائين ته چين ولايت ۾
مٿيون سڪو جاري هو. پر ماڻهن اهڙن سڪن کي وٺڻ کان
انڪار ڪيو. واپار بند ٿيو. پوءِ وري ڪڙمين تي
ڳريون ڍلون وجهڻ لڳو، جي ٻنيون ڇڏي جهنگن ۾ وڃي
لِڪا، اُتان ڦرمار ڪرڻ لڳا. منجهانئن ڪيترائي
سلطان جي هٿان مارجي ويا. قنوج ۾ قتل عام
ڪرايائين. ملڪ ۾ اچي ڏڪر منهن ڪڍيو. رعايا اچي تنگ
ٿيڻ لڳي ۽ کيس (خوني سلطان) جي لقب سان سڏڻ لڳا.
هن دهلئ کان ڦيرائي، دولت آباد جو دکن ۾ هو،
پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيائين. دهلئ جي ماڻهن کي زور
سان لڏي هلڻ لاءِ حڪم ڏنائين. لاچار ماڻهن ٽپڙ
ٻڌا. هڪ پنڌ پري ٻيو ڏڪر جو زمانو، تنهنڪري
ڪيترائي رستي جي تڪليفن جي ڪري موت جو شڪار ٿي
ويا. ٻه دفعا ماڻهن کي اهڙيون تڪليفون ڏنائين. پاڻ
کي (عادل شاهه) جي نالي سان سڏائڻ لڳو ۽ تغلق آباد
جو نالو ڦيرائي (عادل آباد) رکيائين. جت قصر هزار
ستون محلات جوڙيائين.
حضرت شيخ شهاب الدينرحه حق گو
حضرت شيخ شهاب الدين رحه، جو اُن وقت
دهلي ۾ نامور بزرگ هو، تنهن تي زور رکيائين ته
منهنجي حق ۾ عادل شاهه سڏائڻ لاءِ ماڻهن کي فتوى
ڏي ۽ خطبي ۾ عادل چوڻ لاءِ مٿس زور وڌائين، پر هن
ڪامل درويش سندس ظلم ۽ سختين جي ڪائي پرواهه ڪانه
ڪئي ۽ کيس صاف صاف چئي ڏنائين ته تون ظالم آهين سو
ڪنهن به طرح سان عادل ٿي نه ٿو سگهين. چون ٿا ته
سلطان بادشاهه بزرگ کي ”حق گو“ جي لقب سان سڏين
ٿا. سندس مزار مبارڪ به دهلئ جي قلعي جي ديوار
هيٺان آهي. عالمن فاضلن جي عزت به ڪندو هو، پر
سندس طبيعت ۾ جو ضديت جو مادو ڀريل هو، سو ڪيترن
ئي مشائخن سان وقت بوقت حرڪتون به ڪندو هو. مثلاً
ڪن کان حقو ڀرائيندو هو، ڪي سندس جتيون صاف ڪندا
هئا، اهڙئ ريت هر هڪ سندس جدا جدا خدمتن تي مامور
هو. ڪي ته بي عزتي جي خوف کان ڪي سندس ظلمن جي خوف
کان انڪار ڪري ڪين سگهندا هئا. وڏي ڳالهه ته ڪي
زرپرستي جي ڪري کانئس خوش به هئا، ڇاڪاڻ جو کين
وقت بوقت انعام اڪرام به ڏيندو هو. حضرت شيخ
نصيرالدين رحه جي چراغ دهلويءَ جي لقب
سان مشهور آهن، تنهن کي پوشاڪ پارائڻ تي مقرر ڪيو
هئائين. هن بزرگ پهريائين انڪار ڪيو پر پوءِ خواجه
حق گو جن جو قصو ياد آيس سلطان جي خدمت قبول
ڪيائين. تڏهن مس مس قيد مان آزاد ٿيو. قاضي ڪمال
الدين جو سندس ڏينهن ۾ (صدر جهان) جي لقب سان
مشهور هو. هڪڙي دفعي ڪنهن سندس دشمن سلطان کي اها
خبر ڏني ته قاضي جو پٽ توهانکي ظالم ٿو ڪوٺي،
سلطان يڪدم صدر جهان کي گهرائي لوهه جي پڃري ۾ بند
ڪيو، آخر پوءِ مارائي ڇڏيائينس.
حضرت برهان الدين اولياء جو سلطان جي ملاقات کان
انڪار ڪرڻ
حضرت برهان الدين اولياءرحه هڪ تارڪ
الدنيا بزرگ هو، جو ڪيميا جي تلاش ۾ مرشد ڳولڻ
لڳو. اِن ارادي سان گهمندو گهمندو دهلئ پهتو. جتي
سلطان المشائخ خواجه نظام الدين اولياء رحه
جي بزرگئ جو چرچو ٻڌي وٽس مهمان ٿيو. هڪڙي ڏينهن
خلاصگئ ۾ سلطان المشائخ درويش کي سڏي فرمايو ته
مٽئ جو ڦوڙ استنجا ڪرڻ لاءِ کڻي اچ، جو اُن جي
ضرورت اٿم. فقير جنهن به مٽي جي ڦوڙ کي کڻي آندو
کڻي ڏسن ته سون ٿي پيو آهي. ٻيو آندائين ته اُهو
به سون ٿي پيو، تڏهن سلطان المشائخ فرمايو ته
”برهان جا شئ استنجا جي ڪم به نه ٿي اچي تنهن شئ
جي خواهش رکڻ به بي سود آهي“! فقير جي دل تي ايترو
اثر پيو جو ڪيميا جي خواهش ڇڏيائين ۽ سندن مريد
ٿيو. سلطان محمد تغلق خواجه برهان الدين رحه
جي هاڪ ٻڌي، زبردستي سان سندس ملاقات ڪرڻ لاءِ
آيو، پر درويش سندس دل کي ڦيري ڇڏيو. جيئن ته پاڻ
سلطان گهوڙي جون واڳون موٽائي هليو ويو.
شيخ ابن بطوطا
مشهور عربي سياح ابن بطوطا اندلسي هو، جنهن سڄي
ايشيا جو سيرڪيو هو، سو 1341ع ۾ سلطان جي درٻار ۾
آيو. هن سلطان جي باري ۾ گهڻيون عجيب غريب ڳالهيون
ڪيون آهن. هو لکي ٿو ته ملڪ ۾ جابجا شاهي رستا
جڙيل هئا، پر مسافري ڪرڻ مان جوکو هو. دهلئ، جو هن
وقت هندوستان ۾ اسلام جو تختگاهه هو، تنهن بابت
لکي ٿو ته دنيا ۾ افضل شهر ۽ حيرت جو مڪان هو، پر
افسوس جو سلطان جي اونڌن خيالن ڪري منجهس آدمشماري
بلڪل ٿوري هئي. شهر ۾ جابجا عاليشان مساجدجڙيل
هيون. شيخ صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته
”مونسان گڏ ٻيا به ڪي ملاح هئا، جڏهن بارگاهه
سلطاني ۾ داخل ٿياسون، تڏهن اسانجي گهڻي عزت ڪئي
وئي. اسان منجهان هر هڪ کي جدا جدا خلعتون مرحمت
ڪيون ويون. مونکي رهڻ لاءِ جدا محلات ڏنو ويو ۽ 2
هزار دينار ته رڳو مونکي ڪپڙن جي ڌورائڻ جي خرچ
لاءِ سرڪار مان ملندا هئا.. پهريون جڏهن مونکي
سطان سان ملاقات جو شرف نصيب ٿيو تڏهن بادشاهه
منهنجو هٿ ورتو. پوءِ به اڪثر مون تي مهرباني جي
نظر هوندي هيس. پوءِ ٿوري وقت کانپوءِ مونکي وڏي
قاضي جي عهدي تي مقرر ڪيائين. پر افسوس جو مان
هندوستاني زبان ڪين ڄاڻيندو هوس. تنهنڪري مونکي
مٿئين عهدي تان لاٿو ويو ۽ معقول وظيفو مون لاءِ
مقرر ٿيو. هڪڙي دفعي هڪڙو عربي قصيدو سندس درٻار ۾
لکي موڪليو، جنهن ۾ سندس واعدا ياد ڏياريا، جنهن
کي پڙهي 55 هزار دينار مرحمت فرمايائين“.
شيخ اَبن بطوطا ڪجهه وقت سلطان جي طرفان چين جي
خاقان جي درٻار ۾ دهلئ جي درٻار جو سفير ٿي رهيو،
پر ستت ئي ابن بطوطا ۽ ٻين ڪيترن ئي علمائن ۽
سياحن جي جان هندوستان ۾ خطري ۾ اچي پئي. ڇاڪاڻ جو
دهلئ جي ڀرسان هڪ ڪامل درويش رهندو هو جنهن وٽ
گهڻا ماڻهو سندس درويشي صحبت جي ڪري ويندا هئا، پر
سلطان کي جو اچي پور پيو تنهن درويش کي مارائي وڌو
۽ اُهي شخص جي درويش جي صحبت ۾ رهندا هئا تن کي به
کڻي قيد ڪيائين، جن ۾ شيخ موصوف به هو، پر سلطان
شيخ کي معافي ڏني ۽ سندس جان بچي.
ملڪ ۾ فساد
هن سلطان دولت آباد ۾ جبل تي هڪڙو مضبوط قلعو ٽڪر
چيرائي جوڙايو، جو بلڪل مضبوط هو. هن وقت خلافت
مصر جي خليفن جي نالي تي هئي ۽ سلطان محمد تغلق به
نالي طور مصر جي عباسي خليفن کي خليفةالمسلمين
تسليم ڪيو هو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ مصري خليفي جي نالي
تي سڪو هلائڻ لڳو، سندس ظلمن ۽ بدنظمي جي ڪري
چؤطرف فسادن جي باهه اُٿڻ لڳي. بنگال جي مسلمانن
فساد ڪيو، جن کي سلطان روڪي نه سگهيو. هو ورنگال
جي رستي فسادن کي بند ڪرائڻ لاءِ نڪتو، پر واٽ تي
سندس لشڪر مارجي ويو، سندس هڪڙو ڏند به ڀڄي پيو.
جنهن کي گهڻي ماتم ڪرڻ کانپوءِ دفنائي مٿس قبو
اڏرايائين. ڪرناٽڪ۽ تيليگانه جي راجائن به گڏجي
فساد ڪيا.منجهانئن ڪرناٽڪ جي راجا (بيجانگر) ۾ هڪ
نئين هندو حڪومت جو بنياد وڌو، سندس پويان هن
حڪومت ايتريقدر زور ورتو جو سندس پويان عيسوي
سورهين صدئ تائين مسلمانن سان وڙهندا رهيا.
تيليگانه جي راجا به ورنگال تي قبضو ڪري ورتو ۽
اُتان مسلمانن کي تڙي ڪڍيائين. دکن ۽ گجرات جا ملڪ
جي اڳوڻن سلاطين فتح ڪري مرڪزي حڪومت هيٺ آندا
هئا، اُتي فسادين مغل اميرن جي مدد سان اسمٰعيل
خان نالي هڪڙي افغان کي پنهنجو بادشاهه مقرر ڪيو.
سلطان پاڻ دکن تي ڪاهي ويو هو. هن دکن جي هڪڙي
امير سلطان حسن گنگوءَ کي مدد ڏني. جنهن پوءِ دکن
۾ بهمني سلطنت جو بنياد وڌو. سلطان سندس مقابلي
لاءِ پنهنجي ناٺي اِمادالملڪ کي دکن ڏانهن روانو
ڪيو پر هن شڪست کاڌي ۽ مارجي ويو. تنهن کان پوءِ
فسادين گجرات جي حاڪم کي چوريو ۽ ستتئي مالواه به
فسادن جو مرڪز بڻجي پيو. سلطان جڏهن گجرات تي ڪاهه
ڪئي تڏهن فسادين ٺٽي جي ڄام وٽ وڃي پناهه ورتي،
سلطان ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، پر ڪنهن اوچتي بيمارئ جي
وگهي 31 محرم الحرام سن 752هه مطابق سن 1351ع ۾
وفات پاتائين. اِنالله واِنا اليھ راجعون. سندس
حڪومت جو زمانو فسادن جو مرڪز هو سندس سڄي عمر
فسادين کي مات ڪندي گذري.
سلطان فيروز شاهه
سلطان محمد تغلق جي وفات کانپوءِ سندس ڀائيٽو
فيروزالدين فيروز شاهه جي لقب سان دهلئ جي تخت تي
رونق افروز ٿيو. ٽئين سال هن بنگال تي ڪاهه ڪئي،
پر برساتن جي پوڻ سبب روڪجي ويو، اُتي جي حاڪم
سندس آڻ مڃي.
سنڌ جي ڄام کي شڪست
جڏهن سلطان گجرات فتح ڪيو، تڏهن سنڌ تي به ڪاهه
ڪيائين. هن وقت سنڌ تي سمن جي حڪومت هئي. سما، جن
سومرن کان پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندن سردارڄام
اُنڙ پٽ بابينه هو. ڪي چون ٿا ته سندن تختگاهه اڳ
سماننگر هو، جو هاڻوڪي سيوهڻ جي جاءِ تي جڙيل هو.
پر سندن تخت گاه ساموئي هو جو ٺٽي جي اُتر اولهندي
۾ مڪلي ٽڪرئ جي هيٺان هو، پوءِ ٺٽو سندن تختگاهه
ٿيو، جنهن گهڻي رونق ورتي. هن قوم جا حاڪم ڄام
سڏبا هئا، سندن اصلي نسب سامبا کان شروع ٿئي ٿو،
جو غازي محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ ديول جو حاڪم هو.
هو ٻڌ ڌرم جا پيرو هئا، پر پوءِ دين اسلام اختيار
ڪيائون. سلطان فيروز شاهه گجرات فتح ڪرڻ کانپوءِ
سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ڄام بابينو، جو هن وقت ٺٽي جو
حاڪم هوساڻس وڙهيو، پر پوءِ قيد ٿي ويو هو، دهلي
ڏي آيو. ڪن ڏينهن ڏينهن کانپوءِ ڄام سلطان کي اهڙو
خوش ڪيو، جو هن کيس آزاد ڪري سنڌ روانو ڪيو. جتي
يارهن ورهيه راڄ ڪري وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ ڄام
تماچي 13 ورهيه امن امان سان حڪومت ڪئي، کانئس
سندس پٽ صلاح الدين گادي تي ويٺو. هو زبردست حاڪم
هو، فسادين کي مات ڪيائين. يارهن ورهيه راڄ ڪري
وفات ڪيائين. ان کانپوءِ ڄام نظام الدين، ڄام
عاليشر، ڄام ڪرن، ڄام فتح خان، ڄام تغلق شاهه، ڄام
سڪندر، ڄام رائدان ۽ ڄام سنجر حڪومت ڪئي، پر سندن
ڏينهن ۾ ڪا اهڙي مشهور ڳالهه ڪانه ٿي.
سلطان فيروز شاهه جي حڪومت جو دور
سن 1335ع ۾ سلطان جو پٽ نصيرالدين ۽ سندس ڀائٽيا
تخت لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، ڇاڪاڻ جو سلطان هن
وقت پيرسن هو، سندس عمر 87 ورهيه هئي. حڪومت جو
ڪاروبار شهزادي نصيرالدين جي حوالي هو، پر هو
حڪومت هلائڻ جي لائق نه هو، کيس سندس سوٽن ڀڄائي
ڪڍيو. هن سلطان جي ڏينهن ۾ تغلقي حڪومت ڪو واڌارو
نه ڪيو، پر ملڪ ۾ جابجا امن امان هو.سمورو ڪاروبار
قانونن موجب هلڻ لڳو عيسائي جو دور گهڻو گهٽجي ويو
۽ سلطان جي انصاف کان هرڪو ننڍو وڏو خوش هو. تغلق
خاندان جي تاجدارن مان هي اُهو قانون دان سلطان
هو، جنهن جو نالو اڃا سوڌو تاريخن ۾ پيو ڳائجي. 3
رمضان المبارڪ سن 790هه مطابق 23 آڪٽوبر 1388ع ۾
وفات ڪيائين. اناللهِ وانا اليھ راجعون.
سلطان فيروز شاهه جي وفات کانپوءِ غياث الدين تغلق
تخت تي ويٺو، پر هن رڳو 5 مهينا حڪومت ڪئي ۽
پنهنجي اميرن هٿان مارجي ويو. کانئس پوءِ سندس
پوٽو ابوبڪر تغلق دهلئ جي تخت تي ويٺو، پر شهزادو
نصيرالدين، جو هن وقت جمنا ندئ جي جبلن ۾ لڪل هو،
تنهن دهلئ تي ڪاه ڪئي. ابوبڪر شهيد ٿي ويو ۽
نصيرالدين ميوات جي هندو امير راءِ سرور جي مدد
سان تخت هٿ ڪيو. سندس ڏينهن ۾ گجرات جي حاڪم مظفر
شاهه فساد ڪيو. ساڳئي وقت ۾ راٺوڙ راجپوت راجائن
جمنا ندئ پريان فساد ڪيا. نصيرالدين جي وفات
کانپوءِ سندس پٽ همايون تخت تي ويٺو پر 24 ڏينهن
حڪومت ڪري گذاري ويو، کانئس پوءِ سندس ڀاءُ شهزادو
محمود تخت تي ويٺو.
سلطان محمود تغلق
سلطان محمود، جوهن وقت دهلئ جي تخت تي هو سو عمر ۾
ننڍو هو. تنهنڪري حڪومت جون واڳون مظفر شاهه گجرات
جي والئ جي هٿ ۾ هيون. خانديش، مالوه ۽ سنڌ جي
حاڪمن وري خودمختياري اختيار ڪئي. 1490ع ۾ جن
ڏينهن ۾ ڄام نظام الدين سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن مغلن
مرزا شاهه بيگ ارغون جي هٿ هيٺ قنڌار مان چانڊڪي
پرڳڻي تي ڪاهه ڪئي، پر ڄام جي سپهه سالار دريا خان
مغلن کي تڙي ڪڍيو. ڄام نظام الدين جي مرڻ کانپوءِ
جڏهن ڄام فيروز سنڌ جي گادئ تي ويٺو تڏهن عيش ۾
لڳي ويو ۽ ملڪ جو حال خراب ٿيڻ لڳو. اهو حال ڏسي
صلاح الدين نالي هڪڙي شاهي خاندان جي شهزادي مظفر
شاهه کان مدد گهري. هن ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، پر درياهه
خان هٿان شڪست کاڌائين. ڄام فيروز جو آرام سان
حڪومت ڪرڻ لڳو، تنهن بدگماني سبب دريا خان جي زور
کي ڀڃڻ لاءِ شاهه بيگ ارغون کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
لکيو، جيڪو مغلن جي وڏي لشڪر سان 1508ع ۾ ٺٽي تي
ڪاهي آيو، هن ڀيري دريا خان شڪست کائي شهيد ٿي
ويو. سنڌ مغلن جي هٿ اچي ويئي. ٺٽي کان لڪئ جي
جبلن تائين ملڪ شاهه بيگ ڄام فيروز جي حوالي ڪيو.
اَمير تيمور جي ڪاهه
سن 1398ع ۾ سلطان امير تيمور جي پٽ شهزادي پير
محمد اُچ ۽ ملتان جا پرڳڻا فتح ڪيا. سلطان تيمور
مغلن جي وڏي لشڪر سان دهلئ تي ڪاهه ڪئي. سندس
ڇانوڻئ ۾ هڪ لک قيدي هئا. مغلن ڦرلٽ ۽ قتل عام
مچائي ڏنو. سلطان محمود تغلق امير جي مقابلي لاءِ
نڪتو، پر شڪست کائي گجرات ۾ وڃي لِڪو. 5 ڏينهن
تائين مغلن دهلئ ۾ لٽ مار ڪئي. تنهن کانپوءِ ميرٺ
۽ هردوار کي لٽي 1399ع ۾ امير موٽي سمرقند ڏانهن
ويو. مغلن جي ڪاهه ڪري سڄو ملڪ تاراج ٿي ويو ۽ وڏي
ڏڪر منهن ڪڍيو. سلطان محمود موٽي دهلي آيو، پر
دهلي هن وقت بلڪل ناس ٿي ويئي هئي. خود سلطان کي
جونپور جي نواب کان ڪجهه وظيفو ملندو هو، جنهن تي
گذر ڪندو هو. هو 20 سال حڪومت ڪري مري ويو کانئس
پوءِ تغلق خاندان جو خاتمو ٿيو.
سيّد ۽ لوڌي خاندان
“The House of Syeds & Lodhi”
خضر خان
جڏهن اسلامي سلطنت کي هندوستان ۾
ڪامل 400 سال گذريا تڏهن حالتن گهڻو ڦيرو کاڌو.
دهلئ ۾ ترڪن ۽ افغانن جو دور ختم ٿيو ۽ اهل مساوات
جي حڪومت جو دور شروع ٿيو. امير تيمور صاحبِ دهلئ
جي حڪومت جون واڳون سلطان محمود تغلق جي ڪمزور هٿن
مان کسي خضر خان سيد جي دست مبارڪ جي حوالي ڪيون ۽
اَمير تيمور کان 36 سال پوءِ هندوستان ۾ ڪو
بادشاهه ڪونه هو. خضر خان، جو هن وقت پنجاب جو
حاڪم هو ۽ سيد گهراڻي مان هو، سو پاڻکي تيمور اعظم
جي طرفان هندوستان جو حاڪم سڏائڻ لڳو. بعض مؤرخن
جو چوڻ آهي، ته مٿيون خاندان سيد ڪين هو، پر هن
خاندان جي بزرگن جي چال چلت مان جي دهلئ جي ويجهو
رهندا هئا، ائين پئي معلوم ٿيو ته سندن حيثيت
مذهبي پيشوائن وانگر هئي، ۽ سندن روايتون مشهور
هيون. سيد خضر خان هن مقدس امانت جو گويا واقعي
عارضي مالڪ هو، ڇاڪاڻ جو سوا سوء ورهين
کانپوءِ سلطان ابراهيم خان لوڌيءَ کي سلطان
ظهيرالدين بابر پاڻي پٽ جي جنگ ۾ جيتي پنهنجي ڏاڏي
جي سلطنت کسي ورتي.
جڏهن سيد سلطان خضر خان دهلئ جي تخت تي جلوه افروز
ٿيو تڏهن هندوستان جي طول ۽ عرض ڪشور ۾ اٽڪل 24
رياستون قائم هيون گويا طوائف الملوڪي پنهنجئ ڪمال
انتها کي پهتل هئي. اُهي رياستون هڪ ٻئي سان برسر
جنگ هيون مطلب ته هندوستان جهڙي عظيم الشان ڏيهه ۾
انڌا ڌنڌ متل هئي. ننڍا ننڍا حاڪم هڪ ٻي جي خون جا
پياسا هئا. دارالسلطنت دهلي بلڪل ويران ٿي ويئي
هئي. بقول ملا عبدالقادر بدايوني مصنف تاريخ
(منتخب التاريخ) ته ”ٻن مهينن تائين ڪو پکي به شهر
مٿان اُڏامندو نظر ڪين آيو! اها هئي ملڪ جي حالت
سلطان تيمور جي ڪاه کان پوءِ:
سيد علاءُالدين عالم شاهه
مٿئين پُر شور فضا ۽ غبار آلوده مطلع هيٺ جڏهن هر
هڪ امير پنهنجي علائقي جو مطلق العنان بادشاهه هو
۽ سادات خاندان جي حاڪمرانن هڪ ٻئي پٺيان 36 سالن
تائين نالي طور دهلئ تي بادشاهي ڪئي. هو ظاهري طور
هن متبرڪ تخت ۽ تاج جا امين ٿي رهيا پر مؤرخن جو
قول آهي ته منجهن حڪمراني ڪرڻ جي اهليت اصل ڪانه
هئي. 1450ع ۾ هن خاندان جو سيد علاؤالدين عالم
شاهه آخري چشم و چراغ هو، تنهن پنجاب جي حاڪم
پنهنجي صوبي بهلول خان لوڌي سندس فوجي خدمات ۽ نمڪ
حلالئ جي ڪري برضا ۽ رغبت هندوستان جو تخت ۽ تاج
سپرد ڪري پاڻ باقي زندگئ جا ڏينهن گوشئه عافيت ۽
عبادت الهى ۾ گذاريا. پر تنهن هوندي به جڏهن سيد
پنهنجي جاگير بدايون ۾ وڃي ويٺو تڏهن بهلول خان
هڪڙو خط سندن خدمت ۾ هن ريت پيش ڪيو.
”ته فدوي پنهنجو سڪو ملڪ تي جاري ڪيو آهي، پر حضور
جو نالو خطبي ۾ ضرور پڙهبو“
جڏهن سيد بادشاهه کي مٿيون خط پهتو تڏهن بقول
مولوي غلام حسين صاحب مصنف تاريخ سيرة المتاخرين
هن ريت جواب ڏنو ته:
”تنهنڪري تون منهنجي ڀاءُ جيان آهين، سلطنت توکي
مبارڪ ٿئي“ (سيرةالمتاخرين جلد اول)
مٿيون خط گويا هڪڙو عهدنامون هو، حڪومت جون واڳون
سادات خاندان جي هٿان نڪري بهلول خاندان جي بانئ
جي هٿ چڙهي ويون.
بهلول خان لوڌي
سن 855هه ۾ بهلول خان لوڌي دهلئ جي تخت تي ويٺو.
بهلول خان جا وڏا دراصل واپاري هئا. رفته رفته هو
دولت مند ٿيا، جيئن ته سندس ڏاڏو ملتان جو حاڪم
هو. سلطان فيروز شاهه تغلق کي افغانن مان خوف هو،
تنهنڪري هن پنهنجئ حڪومت ۾ گهڻن پٺاڻن کي صوبا ڏنا
هئا. بهلول خان به افغان هو، سندس پئ ۽ ڏاڏا سيدين
جي ڏينهن ۾ دهلئ جي فوجن جا مهندار هئا. سندس چاچن
مان اسماعيل خان زبردست امير هو. وٽس 12 هزار
افغانن جي جرار فوج هئي. سيدن کي جڏهن منجهانئس
خوف جاڳيو تڏهن سندن اڻبڻت جي ڪري ملڪ ۾ فساد پيو.
بهلول خان پهريون سرهند ۽ پوءِ پنجاب تي قبضو ڪيو.
آخر علاءُ الدين جي وزير حسام خان جي مدد سان دهلئ
تي قبضو ڪري ورتائين. ڏهن سالن جي جنگين کانپوءِ
جونپور فتح ڪيائين.
سلطان شيخ سماء الدين جي محفل ۾
هڪڙي ڀيري سلطان بهلول شاهه شيخ الشيوخ حضرت سماء
الدين جي خدمت ۾ ويا. حضرت جن جي عادت هئي جو اڪثر
بادشاهن کي نصيحت ڪندو هو. هن ڀيري به سلطان کي
فرمايائون ته
”ٽي شخص دنيا ۾ الله تعالى جي نعمتن کان محروم رهن
ٿا. هڪڙا اُهي جي پير مرد اڇن وارن سان آهن، پر
سندن دليون ڪاريون ٿين ٿيون. اُهي ڄاڻن ٿا ته سندن
ٽنگون قبر ۾ لڙڪن ٿيون، پر تنهن هوندي به بُرا ڪم
ڪن ٿا. ٻيا اُهي جوان مرد جي ٻڍاپي کي عبادت ڄاڻي
جوانئ جو عرصو گناهن ۾ گذارين ٿا، پر اُهي نه ٿا
ڄاڻين جو موت جو فرشتو هر وقت سر تي بيٺو آهي،
ٽيان اُهي بادشاهه جي زور ۽ زر جي مغرورئ ۾ رعيت
تي بيگناهه ظلم ڪن ٿا، اُهي ڄڻ عاقبت کان بي پرواه
آهن“
هن سلطان جي اُوڌ (الله آباد) اُڀرندي ۾، بهار کان
پنجاب تائين اولهندي ۾ سلطنت هئي. تاريخ نويس سندس
متعلق هن ريت لکن ٿا ته ”هن سلطان چڱي طرح حڪومت
هلائي. هو خوبصورت جوان هو. ٻاهرئين ٺاٺ ۽ دٻدٻي
کان هن کي سخت نفرت هئي. سن 1450ع کان سن 1488ع
تائين 38 ورهيه حڪومت ڪيائين. کانئس پوءِ تخت ۽
تاج لاءِ اچي سندس پٽن ۾ جنگ لڳي. سڀني شهزادن مان
شهزادو سڪندر گوءِ کڻي ويو.
سڪندر خان لوڌي
تخت هٿ ڪرڻ کانپوءِ هن سلطان پنهنجي مائٽن سان
نرمي ڪئي. هن جونپور جي پريان سڄو بهار جو علائقو
فتح ڪيو. اي مارسيڊان صاحب پنهنجئ تاريخ ۾ لکي ٿو،
ته هن سلطان هندن سان ظلم ڪيا، سندن مندر
ڊهرايائين وغيره وغيره. اها ڳالهه سراسر غلط آهي.
هن سلطان ننڍي هوندي هڪڙي ڀيري ٿانيسر جي بت خاني
۽ اُتي جي تلاء کي ڊهرائڻ لاءِ وقت جي علمائن کان
صلاح پڇي هئي، پر علمائن جواب ڏنس ته ڌارين جي
عبادتخانن کي ڊهرائڻ اسلام ۾ منع آهي. اهو جواب
ٻڌي سلطان دل تان اهڙو خيال لاهي ڇڏيو. پر تاريخ
فرشته جي ورق گردانئ مان معلوم ٿو ٿئي ته هو عادل،
رحم دل ۽ رعيت پرور سلطان هو ۽ هندن سان بيحد
مروتون ڪيو هئائين. اسين اڳتي هلي انشاءالله چڱي
ريت قلعي کولينداسون. هندوستان ۾ جيڪي به نامور
سلاطين ٿي گذريا تن مان هي هڪڙو املهه هيرو هو.
علمائن جو دوست ۽ درويشن جو قدردان هو. هن دهلئ
مان ڦيرائي آگره کي تختگاهه ڪيو، جو ڌرتي ڌڏڻ ڪري
ناس ٿي ويو. سن 1517ع ۾ آگري ۾ انتقال ڪيائين.
سندس وفات تي حضرت شيخ جمالي هڪڙو دردناڪ مرثيو
لکيو جو پوءِ ماڻهو پڙهي روئندا هئا.
ابراهيم خان لوڌي
سڪندر خان سلطان کانپوءِ سندس ٽيون پٽ ابراهيم خان
تخت تي ويٺو. سندس ننڍو ڀاءُ جلال شاهه، جو هن وقت
جونپور جو والي هو، تنهن جي ساڻس جنگ ٿي. جلال
شاهه گوندوانه ڏانهن ڀڄي ويو، پر اُتي جي حاڪم
هٿان قتل ٿي ويو. هن سلطان ۾ پئ يا ڏاڏي وانگر ڪو
گڻ ڪونه هو، پر پنهنجي قوم سان به ڦٽائڻ لڳو.
افغان، جي پنهنجي پاڇي کان به نفرت ڪندا هئا. تن
سان خودسري ۽ مغرورئ سان هلت ڪرڻ لڳو. هو نهايتي
ڪٺور پڻ سان پيءُ جي اميرن سان پير کڻڻ لڳو. پاڻ
حڪومت جون واڳون پنهنجي ڪن اميرن کي سپرد ڪري عيش
۽ آرام ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳو. هن سيد وزيراعظم ميان
ڀوري خان کي مارائي ڇڏيو. اعظم همايون نالي ٻئي
هڪڙي امير کي مارائي وڌائين. پهريائين کيس آگري جي
قلعي ۾ بند رکيو هئائين. ماڻڪپور جي نواب اسلام
خان ۽ دريا خان هاڻي بهار جي حاڪم خودمختياري
اختيار ڪئي. وري جڏهن درياهه خان وفات ڪئي. تڏهن
سندس پٽ بهار خان سنبل تائين علائقو کسي پنهنجي
قبضي هيٺ آندو. ستت ئي سندس حڪومت ۾ چؤطرف فساد
کڙا ٿيا. آخر پنجاب جي حاڪم دولت خان لوڌي ڪابل جي
بادشاهه بابر کي دهلئ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني.
افغان اميرن جي اها خام خيالي چئبي جو سندن خيال
هو ته شايد بابر به امير تيمور وانگر دهلي لٽي
موٽي ويندو، پر بابر دهلي فتح ڪري مغليه شهنشاهت
جي بنياد کي مضبوط ڪيو.
بابر دولت خان جي دعوت کي گهڻي خوشي سان قبول ڪيو،
ڇاڪاڻ جو هو هندوستان جي دولت کي پنهنجي ڏاڏي جي
ميراث سمجهندو هو. پر اڃا به ڪي اهڙا افغان امير
موجود هئا، جن بابر کي ڌاريو سمجهي پاڻ ۾ ايڪو
ڪيو. هنن نه رڳو بابر سان وڙهڻ جو خيال ڪيو پر
دولت خان کي پنجاب مان لوڌي ڪڍڻ جا اِرادا ڪيا.
منجهانئن اڪثر سلطان جا مائٽ هئا. بابر جلد پنجاب
تي ڪاهه ڪئي. لاهور وٽ جنگ لڳي. افغانن شڪست کاڌي
۽ شهر کي به گهڻو نقصان پهتو. تنهن کانپوءِ دهلئ
ڏي وڌيو پر واٽ تي سرهند جي مقام وٽ دولت خان ساڻس
فساد ڪيو. سندس پٽن مان دلاور خان اچي بابر سان
گڏيو. جنهن کي (خان خانان) جو لقب ڏنائين. دولت
خان، جو هن وقت وٽس قيد ۾ هو تنهن کي آزاد ڪري
ڪابل ڏانهن موٽيو، موٽندي مهل هن اُنهن اميرن کي
پنجاب جا علائقا ڏنا، جن ۾ کيس اعتبار هو، مثلاً
علاءُ الدين جو سلطان ابراهيم خان جو چاچو هو،
تنهن کي ديبل پور جو حاڪم مقررڪيائين، جنهن ڏاڍئ
مشڪل سان ابراهيم جي قيد مان ڀڄي اچي بابر وٽ
پناهه ورتي هئي. بابر هن وقت ڪابل ان ڪري موٽيو هو
جو اُزبڪن بلخ تي ڪاهه ڪئي هئي. پر تنهن هوندي به
علاءُ الدين جي هٿ هيٺ چاليهه هزار فوج ڏيئي دهلئ
تي چاڙهي موڪليائين، پر هن ابراهيم خان هٿان شڪست
کاڌي.
بابر جو پاڻي پٽ جي جنگ ۾ ابراهيم کي شڪست ڏيڻ
بابر قيافه شناس هو، هن نادر موقعه کي هٿان وڃائڻ
نه ڏنو کيس افغان اميرن جي اڻبڻت جي پوري خبر هئي.
جڏهن اُزبڪن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو، تڏهن يڪدم
لشڪر وٺي لاهور تي ڪاهي آيو. سڀ کان پهريون دولت
خان کي سيکت ڏنائين، جو اڃا سوڌو سرڪشي ڪندو هو.
دولت خان قلعو ڇڏي ڀڄي ويو. سندس پٽ غازي خان جو
به ساڳيو حال ٿيو. بابر کي سندس محلات مان گهڻا
قيمتي ڪتاب هٿ لڳا. پوءِ لڌياني مان ٿيندو دهلئ تي
ڪاهي ويو. ٻئي طرف ابراهيم خان به هڪ لک جرار
افغانن جي فوج وٺي پاڻي پٽ جي ميدان ۾ سندس مقابلي
لاءِ نڪتو، سندس فوج سان گڏ هڪ هزار مست هاٿي به
هئا. ٻئي طرف بابر وٽ رڳو ٻارهن هزار مغلن جي فوج
هئي. جن ۾ اڪثر سمرقند جا امير هئا، جي دوستئ جي
لحاظ سان پنهنجي آقا سان ڏک سک ۾ شريڪ هئا ۽ گهڻا
ڏک ڏسي چڪا هئا، هنن سڄي عمر اُزبڪن سان وچ ايشيا
جي ميدانن ۽ پهاڙي گهاٽين ۾ جنگين ڪرڻ ۾ گذاريو
هو. تن مرڻ يا مارڻ جي ارادي سان هن وقت هندوستان
۾ پير پاتو هو. سندن تيموري همت اڳيان هندوستان جي
ناز جي پليل افغانن جي مجال نه هئي، جو تاب جهلي
سگهن. هڪ سندن اميرن جي پاڻ ۾ نااتفاقي ٻيو وري
بادشاهه جي سخت مزاجي سندن قومي محبت ۾ ته اڳيئي
رخنو وجهي ڇڏيو هو، پر تنهن هوندي سلطنت جو مسئلو
اڳيان درپيش هو. تلوار جو جواب تلوار سان ڏيڻ
خاطرخواهه سينو سهائي جنگ جي ميدان ۾ مغلن کي ٻه
هٿ ڏيکارڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا هئا. هوڏانهن بابر جي
قليل التعداد فوج ۾ اُهي سپاهي موجود هئا جي
تيموري ناموس کي هيڪر وري زنده ڪرڻ لاءِ جان جي
خطري کان وڌيڪ کين عزت جو خطرو هو. بابر پنهنجي
توپن کي چمڙي جي رسن سان ٻڌي فوج اڳيان بيهاري ڪي
خندقون کڻائي پنهنجي فوج جي هر طرح سان حفاظت ڪئي.
ٻئي طرف افغاني فوجن به توپن جي مار کي روڪڻ لاءِ
ڪي مٽئ جا قلعا تيار ڪيا. سلطان ابراهيم کي پنهنجي
فوجن جي تعداد تي فخر هو، هن سپاهين کي کلئي ميدان
۾ مغلن تي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. افغانن
سرِميداني ڏيکارڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر مغلن
جي تير اندازن ايتريقدر سرگرمي ڏيکاري جو پل اندر
لاشن جا ڍير لڳي ويا. آقي باقي توپن جي ڌڌڪار ۽
دونهين جي انڌوڪار کان اچي هاٿين ۾ ٽاهه پيو.
افغاني لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سلطان ابراهيم خان جنگ
جي ميدان ۾ مارجي ويو. انالله وانا اليھ راجعون.
هندوستان هندو راجائن مان گواليار جي هندو راجا
سلطان کي مدد ڏني هئي. پاڻ به جنگ جي ميدان ۾ قتل
ٿي ويو. ڪل چاليهه هزار هندوستاني لشڪر مغلن هٿان
مارجي ويو. 21 اپريل 526ع مطابق 933هه ۾ بابر دهلي
فتح ڪئي. سلطان محمود غزني ۽ سلطان شهاب الدين
غوريءَ کان پوءِ بابر ٽيون نمبر فاتح ليکجي ٿو. جو
مغل شهنشاهت جو باني هو، سندس پوين وڏي شان ۽
دٻدٻي سان هندوستان جي تخت دهلئ تي شهنشاهي ڪئي.
سندن حڪومت جو دور هندوستان جي اقبالمندئ جو دور
هو. سندن عهد مهد ۾ جيڪا آسودگي هن مايهء ناز ملڪ
کي نصيب ٿي، سا وري مشڪل هن ملڪ کي وري نصيب ٿي.
ترڪي ۽ افغان سلاطين تي هڪ نگاهه
اُهي رحمت جا ڪڪر، جن بطحا جي پهاڙن تان اُٿي ڪري
بغداد، قاهره، قرطبه، غرناهه ۽ بخارا کي سرسبز
ڪيو. اُنهن رحمت جي بادلن کي قدرت لاڙي بخارا کان
هندوستان مٿان آندو. منجهانئن ڪي استنبول تي وسيا،
پر ابر رحمت جا چند قطرا، جي دهلئ مٿان برسيا،
اُنهن جو احوال اڳتي هن ريت آهي.
عباسي
سلطنت جو اقبال گهٽجڻ تي هو ۽ بغداد جي عظيم الشان
سلطنت ڇڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي هئي. هر هڪ ملڪ جي
حاڪمن خودمختياري اختيار ڪئي هئي. رڳو نالي طور
خليفةالمسلمين کي مڃيندا هئا. اسلام جي زندگي بخش
تعليم گهڻن ئي مرده قومن ۾ جان بخشي ۽ ڪروڙين وحشي
انسانن کي مهذب بڻايو ۽ غلام ملڪن کي آزاد ڪيو.
اسلام دينا ۾ هڪ انقلابي قوت پاڻ سان آندي، جنهن
جو اثر هر هڪ ملڪ ۽ قوم تي پيو. انهئ مختصر تمهيد
سان اسان اسلامي سلطنتن جي مختصر تاريخ لکڻ شروع
ڪئي آهي ۽ هت اُنهن مسلمان گهراڻن جو ذڪر ڏيون ٿا
جن مغلن کان اڳ هندوستان جي وسيع ملڪ تي شهنشاهي
ڪئي.
اسلام جن جن قومن کان حڪومتون کسيون وري اُنهن کي
موٽائي ڏنيون ۽ اسلامي تعليم ۽ مساوات جو ڪمال
ثبوت پيش ڪيائون. يزد جرد جي اولاد کي ايران جي
ڦريل دولت موٽائي ڏنائون ۽ اُهي آتش پرست ساساني
هينئر اسلام جي دائري ۾ مهر ۽ ماهه جيان دنيا
اڳيان روشن ٿيا. بخارا جا سماني تاجدار ڪير هئا؟
غزنئ جا تاجدار ڪير هئا؟ يزد جرد جي اولاد مان نه
هئا ته ٻيو ڪير هئا؟ سلطان محمود غزني هندوستان تي
بيشمار ڪاهون ڪيون ۽ ڀيري ڀيري سان پنجاب، راجستان
۽ گجرات جي راجپوت راجائن جي طاقت کي پائمال ڪري
ڇڏيو. تنهن کان اڳ سندس وڏن پنجاب جي راجائن کي
پنهنجي تلوار خون آشام سان مات ڪري ڇڏيو هو. هاڻي
سوال آهي ته ايتري فتوحات هوندي هنن ڇونه هندوستان
۾ اسلامي سلطنت جو بنياد وڌو؟ تنهن جو جواب هن ريت
آهي ته سن 365هه ۾ سماني بادشاهه منصور بن نوح جي
وفات کانپوءِ جڏهن سندس فرزند امير سعيد ابوالقاسم
(نوح بن منصور) بخارا جي تخت تي ويٺو تڏهن وسط
ايشيا ۾ يوجرس قوم نمودار ٿي، طبرستان، ايران ۽
خراسان جي حاڪمن خودمختياري اختيار ڪئي. خراسان ۾
سخت خونريز معرڪا ٿيڻ لڳا ۽ غزنيء جا سماني
تاجدار، جي بخارا جي خاندان جا دراصل غلام هئا، تن
کي به پنهنجي آقائن کي مدد ڏيڻي پئي. خود سلطان
عازي ناصرالدوله ناصرالدين سبڪتگين جنهن تازو
خودمختياري اختيار ڪئي هئي. اهڙي حالت هوندي به هو
بخارا جي تخت ۽ تاج جو وفادار هو. هن خراسان جي
خونريز جنگين ۾ سماني بادشاهن کي مدد ڏني، ٻئي طرف
هندوستان جي راجائن سان به جنگيون جوٽيون، پر کيس
ايتري فرصت ڪانه هئي جو هندوستان ۾ به حڪومت ڪري
سگهي. ڏسو صفحو (395) کانئس پوءِ جڏهن سيف الدوله
سلطان غازي محمود غزنئ جي تخت تي ويٺو تن ڏينهن ۾
ته خراسان اڳي کان به وڌيڪ فسادن جو مرڪز هو، پر
سلطان کي هندوستان کان وڌيڪ پنهنجي سلطنت کي
برقرار رکڻ جو فڪر دامنگير هو. اهڙئ صورت ۾ هن
پنجاب ۽ ملتان جي علائقن تي قناعت ڪئي، باقي ٻيو
سمورو هندوستان هن لاءِ ڄڻ شڪار گاه هو. ڀيري ڀيري
سان شڪار ڪري پنهنجي تختگاه ڏانهن موٽي ويندو هو.
خراسان جي فسادن جو ثبوت هن مان ڪافي ملي سگهي ٿو،
جو غزنئ جي باجبروت سلطنت جنهن کي سلطان ناصرالدين
يا سلطان محمود پنهنجي خون سان مضبوط ڪيو هو. اُها
سلطنت سلطان محمود غزنوي جي وفات پڄاڻان ستت نابود
ٿي ويئي ۽ سلطان جا پويان به غوري سلاطين جي تلوار
جو تاب جهلي نه سگهيا ۽ اچي پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ
لڳا. غور خاندان به ستت مٽجي ويو. پر هن خاندان جي
نامور سلطان غازي شهاب الدين رحه هڪ ٻن
جنگين کانپوءِ جڏهن راجپوتن جي گڏيل طاقت کي هڻي
نابود ڪري وڌو. جيڪڏهن گهري ها ته پاڻ به هندوستان
تي راڄ ڪري سگهي ها، پر کيس پنهنجي آبائي وطن لاءِ
ايتري محبت هئي جو خونريز جنگين ڪرڻ کانپوءِ جڏهن
هفت اقليم جي تخت دهلئ تي قبضو ڪيائين تڏهن ڪمال
مروت سان پنهنجي هڪڙي نمڪ حلال غلام کي سموري دولت
ڏيئي ويو. اهڙئ طرح هندوستان ۾ اسلامي سلطنت جو
مستقل بنياد پيو. اُهو اِندر پرستا جو شهر، جو اڳ
چڪر ورتي سيناني راجائن جو تختگاهه هو، هينئر الله
تعالى جي فضل ڪرم سان اسلام جي جهنڊي هيٺ اچي ويو
۽ اُن غلام خاندان جيڪا فتح ۽ ڪامراني سان مٿين
امانت کي هٿ ڪرڻ کانپوءِ مٿئين تخت دهليءَ تي ويهي
جيڪا جهان باني ڪئي، سي سندن ڪارناما تواريخن ۾
اظهر من الشمس آهن.
سلطان قطب الدين ايبڪ غلام گهراڻي جو پهريون
شهنشاهه هو، سندس فيض ۽ سخا جو دسترخوان ايتريقدر
وسيع هو، جو رعايا کيس (لک بخش سخي قطب) ڪري
سڏيندا هئا. هي اُهو بادشاهه هو جنهن خدا جي راهه
۾ بيشمار ناڻو ۽ جاگيرون خيرات ڪيون. اسلام جي
سلاطين کي عمارتسازئ سان جيڪا دلچسپي هئي سا ڪا
ڳجهي ڪانه آهي. دهلئ جي ڀرسان قطب مينار
جوڙايائين، جو سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس قرآن شريف
اُڪريل آهي. صديون لنگهي ويون. دهلي زبون ٿي وري
آباد ٿي، پر قطب صاحب جي لاٺ اڃا موجود آهي.
کانئس پوءِ جڏهن سلطان شمس الدين التمش تخت تي
ويٺو تڏهن سندس ڏينهن ۾ اسلامي سلطنت جون حدون
بنگال ۽ سنڌ تائين وڌي ويون. 6 ورهيه سانده مالوه
۽ گجرات جي راجپوت راجائن سان کيس جنگين ۾ لڳي
ويا. هندوستان جي هندن کي مجال نه هئي جو ترڪن جي
قدم کي هندوستان مان اُکاڙي سگهن هو، جيئن پوءِ
تيئن ويا مسلمانن هٿان شڪستون کائيندا. جيتوڻيڪ
هندوستان جا غلام بادشاهه خودمختيار هئا، پر تنهن
هوندي کين خلافت اسلاميه لاءِ عزت هئي ۽ بغداد ۽
پوءِ مصر جي عباسي خليفي کي خليفة المسلمين ڪري
ليکيندا هئا. اهڙئ سعادتمندي جي عيوض سلطان شمس
الدين کي بغداد جي بارگاهه خلافت مان خطاب مليل
هو. هن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته وقت بوقت هندوستان
جا عربستان سان ڪهڙا تعلقات هئا!
اسلام ۾ زالن جي عزت ڪيتري قدر آهي؟ تنهن جو مثال
هندوستان جي اُن اولوالعزم راڻيء جي باب ۾ پڙهي
ڏسو، جا هن خاندان جي نور نظر دختر نيڪ اختر هئي ۽
اسلام جي پهرين راڻي هئي. جنهن دهليءَ جهڙي مشهور
تختگاهه تي ويهي مردن وانگر راڄ ڪيو. خداوند تعالى
هن شهزادئ کي دل ۽ دماغ مڙساڻو عطا ڪيو هو. سندس
جاهه ۽ جلالت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ کلي تلوار هٿ ۾
جهلي جڏهن تخت تي نزول جلال فرمائيندي هئي تڏهن
اُمرائن کي مجال نه ٿيندي هئي جو ساڻس روبرو بيهي
گفتگو ڪري سگهن. واقعي رضيه بيگم بانو سلطان
سڏائڻ جي لائق هئي. هو کلئي ميدان ۾ تيراندازي ۽
نيزي بازي ڪندي هئي. پاڻ سلطان التمش جو چوڻ هو ته
مونکي ويهن پٽن کان به سرس آهي!
وري سلطان ناصرالدين محمود رحه جي خدا
ترسي ڏي به غور ڪري ڏسو، جو لکين رپيا بلڪ ڪروڙين
بيت المال ۾ موجود آهن، ته به هٿ نه ٿو لائي ۽
پنهنجي ٻانهن جي ڪمائي سان پنهنجو قوت گذران ڪري
ٿو. سلف صالحين جي هڪڙي سچي تصوير هو. ڇا دهلئ جو
سلطان ۽ ڇا سندس درويش مزاجي! سندس راڻي جڏهن کيس
عرض ٿي ڪري ته ”مونکي رڌڻ پچائڻ لاءِ هڪڙي ٻانهي
رکي ڏيو. تڏهن درويش مزاج شهنشاهه پنهنجي پياري
راڻئ کي هن ريت دلاسو ڏئي ٿو ته
”اي راڻي مان جيتوڻيڪ حڪومت جو والي آهيان، پر
سلطنت جي خزاني سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي، ڇاڪاڻ
جو اُهو رعايا جو مال آهي ۽ رعيت جي ڀلي لاءِ خرچ
ڪرڻ لاءِ آهي. منهنجي جيڪا آمدني آهي سا تو کان
ڳجهي ڪي آهي. مان بلڪل غريب ماڻهو آهيان ۽ ايتري
دولت ڪانه اٿم جو تو لاءِ ٻانهي رکي سگهان، دنيا ۾
تڪليف جا ڏينهن ٿورا آهن، جن کي صبر سان برداشت
ڪر. خداوند تعالى توکي هن تڪليف جو اجر عظيم
بخشيندو.
مبارڪ هو اُهو وقت ۽ مبارڪ هئا اُهي اسلام جا
سلاطين، جي اسلام جي سچي تصوير هئا. سندس سادگئ جو
چرچو طول ۽ عرض ڪشور ۾ پيل هو. رعايا پنهنجي رعيت
پرور سلطان کي (درويش بادشاهه) جي نالي سان ڪري
سڏيندا هئا.
سلطان غياث الدين بلبن ڪير هو؟ غلامن جو به غلام
هو. پنهنجي خداداد قابليت ۽ وفادارئ جي ڪري پهريون
وزارت جي قلمدان جو مالڪ ٿيو. پوءِ آخر تخت ۽ تاج
جو مالڪ وڃي ٿيو. جيئن روم جي سلطان علاءُ الدين
سلجوقي اسلام جي جدا جدا ملڪن جي شهزادن ۽ اميرن
کي، جن مغلن جي خوف کان ڀڄي اچي پناهه ورتي هئي ۽
انهن کي پناهه ڏني هئائين ۽ فياض سلطان سندن هر
طرح سان حوصلهء افزائي ڪئي هئي. تيئن مشرق ۾ سلطان
بلبن به پنهنجي فياضي ۽ نيڪ نامي جي ڪري گهڻي
ناموري حاصل ڪئي. سندس ڏينهن ۾ وسط ايشيا بلڪه
عراق کان گهڻن شهزادن اچي وٽس پناهه ورتي. جن کي
پناه ڏيئي هنن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا هئائين. سندس
پٽ شهزادي خضر خان کي جيڪا علمائن سڳورن لاءِ محبت
۽ عزت هئي، سي افسانا اڄ به تاريخن کي رونق وٺائين
ٿا. هي اُهو اسلام جو هندوستان ۾ پهريون بادشاهه
هو، جنهن کي فوجي نقل ۽ حرڪت لاءِ بحري ٻيڙو موجود
هو
. هندوستان جي واپار جي حالت تي اُن وقت جا ٻه
مشهور سياح اَبوالفدا دمشقي ۽ مارڪوپولو هن ريت
روشني وجهن ٿا: ”سن 1283ع ۾ مالابار ۽ ڪاري منڊل
ڪناري تي ڪپهه جا ڪارخانا هئا، ڪاري منڊل ڪناري تي
موتي نڪرندا هئا. عربستان کان جيڪي جهاز ايندا
هئا، تن ۾ گهوڙا هئا ۽ عرب جا واپاري مصالح ۽ ٻين
شين جو واپار ڪندا هئا. کنڀات جي بندر تان ڪپهه،
نير، چمڙو خريد ڪندا هئا. عدن جي بندر تي مون
هندوستان جا جهاز مال سان ڀريل ڏٺا. اڳتي هلي لکن
ٿا ته ڪاري منڊل ڪناري کان زنگبار تائين پهچڻ ۾
هندوستاني غراب رڳو ويهه ڏينهن وٺندا هئا، پر
موٽندي کين سمنڊ جي وير ڪري 3 مهينا لڳندا هئا“
هن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته عيسوي 13 صدئ ۾
هندوستان جي مالي حالت ڪهڙي هئي. سلطنت جي نظام
مطابق عام طرح اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ايشيا ۾ حڪومت
جو نظام هميشه شخصي رهيو آهي. تنهنڪري اسانجي
زماني جا ڪي فهميده صاحب ۽ سنجيده بزرگ به اها
دعوى ڪن ٿا ته هندوستان ۾ رعيتي راڄ ۽ ڪائونسلي
حڪومت جو قدم يورپي قومن جي معرفت موجوده زماني ۾
آيو، ان حقيقت تان پردي لاهڻ جو اهو موقعو ڪونهي
ته درحقيقت رعيتي راڄ ۽ مجلس شورى جو ٻيو نالو
اسلام آهي. تاريخ جا ورق ڦيرائي ڏسجن ته هندوستان
جي سلاطين جي زماني ۾ به رعيتي راڄ هو. سلطان
علاالدين جو زمانو ڏسو“.
هندوستان جي قسمت کي پنهنجي پيداواري خوبين جي ڪري
شروعات کان وٺي ٻاهرين حملي آورن سان تعلق رهيو
آهي ۽ تنهنڪري هتي جي هر هڪ حڪومت جو فرض رهيو آهي
ته اُها هندوستان کي اهڙن حمله آورن کان بچائي.
علاالدين جي زماني ۾ مغلن جي حملي جو انديشو پيدا
ٿيو هو، جنهن اٽڪل هڪ صدئ کان وٺي هندوستان کي
پنهنجي حملن جو نشان بڻائي رکيو هو. تنهن سبب ڪري
سلطان لکن جي تعداد ۾ فوج جي ڀرتي ڪئي هئي. مغلن
کي روڪڻ کانسواءِ هن وقت اسلام جو سيلاب راجپوتانا
کانسواءِ دکن جي پرين ڪپ تائين وڃي پهتو هو. نون
هٿ ڪيل علائقن جي بندوبست ۽ حفاظت واسطي به فوج جي
ضرورت هئي.
سلطان وڏئ فوج جي خرچ، قحط ۽ مالذاري جي مسئلي کي
حل ڪرڻ لاءِ اهو سوال وزيرن جي مجلس ۾ پيش ڪيو،
طول ۽ طويل گفتگو ۽ بحث مباحثه کانپوءِ وزيرن جي
ڪائونسل متفق راءِ ٿي هيٺيان ٺهراء پاس ڪيا.
(1)
اناج جو نرخ هر فصل جي حالت جي مدنظر خود سرڪار
مقرر ڪري ۽ نه اناج جا واپاري.
(2)
سلطاني اناج جا ڀنڊار ڀرپور ڪيا وڃن، ته قحط سالي
جي زماني ۾ رعيت کي ساڳي مقرر نرخ تي اناج ملي
سگهي.
(3)
اَن جي وڪري جون بازاريون قائم ڪيون وڃن، جن ۾ هر
قسم جو ان وڪيو وڃي، بازار جي اندر شحته (ڪمشنر
تجارت) مقرر ڪيو وڃي، جو اعتبار جوڳو هجي ۽ جنهنکي
اختيار ڏنو وڃي ته نرخن جي قانون جي نگراني ۽
اُنجي متعلق مقدمن جو فيصلو ڪري.
(4)
تجارت جو بالا عملدار پنهنجي رجسٽر ۾ ان جي
واپارين جا نالا درج ڪري.
(5)
بازارين ۾ روزنامچه نويس مقرر ڪيا وڃن، جي ان جي
نرخ وغيرهه جي رپورٽ روزمره سلطاني حضور ۾
پهچائين.
(6)
تختگاهه دهلي کان سؤسؤ ڪوهن تائين گنگا ۽ جمنه جي
دوآبه ۾ شرح لگان اراضي ان معيار سان مقرر ڪئي وڃي
جو ڪوبه زميندار ڏهن مڻن کان زياده ان پنهنجو
ذخيرو نه رکي سگهي پر ٽئڪس ايتريقدر زيادهه نه هجي
جو ڪڙمي ان قدر ان مان به وڪري ڪرڻ تي مجبور ٿي
وڃن.
(7)
خشڪ سالي جي زماني ۾ ڪوبه شخص ضرورت کان وڌيڪ هڪڙو
ڪڻو به خريد نه ڪري، سرڪاري عملدارن جو فرض آهي ته
زميندارن ۽ ان جي واپارين کي مدد ڏين ۽ سهوليت
پيدا ڪن.
اهڙي طرح ڀاڄي، ميون، گوشت، مڇي، پان، طعام،
مٺائين وغيره خوردني اشياء کان وٺي سوٽي ڌاڳي
تائين سرڪاري نرخ مقرر ڪيو ويو. مٿئين ٺهرائن ۾
حڪمن جي تعميل ۽ عمل درآمد جي واسطي هڪ قابل
عملدار ملڪ قبول الف خاني نالي تجارتي ڪمشنر مقرر
ڪيو ويو. اهو شخص فاضل، آزمودگار، هوشيار ۽ علم
حساب ۾ خوب ماهر هو. سلطان ان خدمت جي عيوض ۾ کيس
هڪ زرخيز جاگير عطا ڪئي.ان لاءِ ته رشوت جو انديشو
نه رهي.
سلطان علاالدين جي زماني ۾ پوليس جو پورو بندوبست
هو ۽ سلطان جا خفيه رپورٽ نويس به بازارين ۾ گشت
ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڪوڙيون رپورٽون پيش ڪندو هو،
ته کيس عبرت جهڙي سزا ملندي هئي. خشڪ سالي جي
زماني ۾ واپارين کي سرڪاري زخيري مان
ان ملندو هو، ڪپڙي جي وڪري واسطي سلطان هڪ وڏو
مارڪيٽ جوڙايو هو. ان نموني جون مارڪيٽون بازارون
اڄ تائين هندوستان جي ڪن شهرن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون.
پر اهو انتظام غير سرڪاري آهي. هڪڙي ڀيري فياض
سلطان ڪپڙي جي واپارين کي 20 لک رپيا نقد پيشگي
ڏنا ته اُهي ٻين ملڪن مان هندوستان واسطي ڪپڙو
خريد ڪري آڻي. ڪپڙي جا سڀ واپاري ملتاني هندو هئا
۽ عدل سرائي جا سڀ عهديدار ۽ منشي به هندو هئا.
افسوس اڄ هندوستان جي فرزندن اهي سڀ ڳالهيون وساري
ڇڏيون آهن!
میری آنکھوں میں آبیٹھو اگر ہے شوق نظارہ
تو پھرو وسعت ذرا معلوم ہو الفت کے میدان کی
ٻانهن ۽ ٻانهين جي قيمتن مقرر ڪرڻ جو خاص اثر
نڪتو، برده فروشي جي ڪمر ٽٽي پيئي. غلامن جي قيمت
گهٽجڻ ڪري غلامن جو هندوستان ۾ اچڻ بند ٿي ويو.
اِهو اُن زماني جو ذڪر آهي جڏهن يورپ اِن تجارت ۾
ايشيا کان ڪنهن طرح پٺتي نه هو. بلڪه ايشيا سان
مٽومٽ هو.
سلطان علاالدين غازي جي مٿين انتظامن جا نتيجا
اُميد کان وڌيڪ مفيد نڪتا. لڳو لڳ خشڪ محلي ۾ ٻه
ٽي سؤ گدام هر وقت موجود رهندا هئا. وچين درجي جا
ماڻهو ۽ غريب رعايا به فارغ البال ۽ خوش حال نظر
اچڻ لڳا. فسادين جي هٿ ۾ بدامني جا، جي سبب هئاسي
نابود ٿي ويا. آمدم برسرِ مطلب ته سڀني طرفن امن
امان ۽ خوش حالي جي گرم بازار ٿي ويئي. فوجي نتيجا
تمام عمدا نڪتا، جنگي ضرورتون بلڪل ٿوري خوش خرچ
سان پوريون ٿي ويون ٿي. ٿورن ئي ڏينهن جي اندر پنج
لک فوج ڀرتي ٿي ويئي. مغلن جيئن وسط ايشيا، ايران
يا عراق ۾ ظلم ڪيا، تهڙئ طرح هندوستان جي سرحد پار
سندن قدمن روڪجي ويا. پنجاب جي والي (غازي بيگ)
غياث الدين تغلق پنجاب کان اڳتي وڌي انهن علائقن
تي حملو ڪيو جي مغلن جي هٿ هيٺ هئا. ان کان اڳ
هميشه مغلن جون ڪاهون هٽايون وينديون هيون. هندي
فوجن کي اها قوت اٽڪل 25 سالن کان پوءِ حاصل ٿي
سگهي. اِهو به ياد رکڻ گهرجي ته اها ساري فوج
مسلمانن جي هئي، جنهن مان اُن وقت جي مسلمانن جي
حالت تي ڪنهن حد تائين روشني پئجي سگهي ٿي.
هندوستان جا سياسي تعلقات اُن زماني ۾ ڪهڙي پايهء
تي بيروني حڪومتن سان هئا؟ سا حقيقت ابن بطوطا جي
زبانئ مان ظاهر ٿي سگهي ٿي. جڏهن هو سلطان محمد
تغلق جي زماني ۾ دهلي جي اسلامي سلطنت طرفان خاقان
چين جي درٻار ۾ سفير هو. دارالسلطنت دهلئ جو جڏهن
مٿيون سياح ذڪر ڏي ٿو تڏهن چئي ٿو ته دنيا جي طبقي
تي دهلي حيرت جو مڪان هو، پنهنجي عاليشان محلاتن ۽
مساجد جي ڪري افضل هو، پر افسوس جو سندس آدمشماري
سندس لحاظ موجب ٿوري هئي سو ته سلطان جي ڪرتوتن جي
ڪري جو هن دولت آباد کي ڦيري تختگاهه جوڙيو هو.
جنهن جو اثر دهلئ تي پوڻ لازمي هو. پر اهڙي نقصان
۽ بدامنئ جو ستت فيروز شاهه تغلق اچي خاتمو ڪيو.
جيئن ته هن نامور اسلام جي شهنشاهه جي عهد بابرڪات
۾ هندوستان جيڪا ترقي ڪئي تنهن لاءِ هٿ جي ڪنڱڻ کي
آرسئ جي ضرورت ڪانهي. هن اشوڪا وانگر بت کڙا ڪيا
نه وري ڪا سڀا گڏ ڪيائين، پر مخلوق خدا لاءِ جيڪي
به کانئس پڄي سگهيو ڪيائين. ملڪ ۾ صلح سانت
آندائين، سلطنت جو ڪاروبار قانون جي مطابق هلڻ
لڳو. رعيت جنهن اڳ ڏک سٺا هئا، تنهن سان ڪامل
مروتون ڪيائين جيئن ته ڪيتريون ئي ڍلون کانئن معاف
ڪيائين. آمدنئ جو وڏو حصو زراعتي ڪمن تي خرچ
ڪيائين ۽ هندوستان، جو پنهنجي قدرتي پيداوارين جي
ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. اُن دولت کان کيس مالا مال
ڪري ڇڏيائين. جيئن ته طول ۽ عرض ڪشور ۾ 50 نهرون
کوٽائي جمنا مان هڪ وڏي نهر کوٽارايائين، جا حصار،
ڪرنال، حانسئ مان ٿيندي وري ستلج ندئ سان وڃي ملي
ٿي. ايتري خرچ کان سواءِ 40 مساجد، 30 مڪتب، 100
قاقلي سرائون، 100 شفاخانا، 100 حمام ۽ 150 پليون
تعمير ڪرايائين. تعميرات کانسواءِ هن سلطان پنهنجي
خرچ سان 36 شاهي ڪارخانا فقط هندوستان جي هنرن کي
زور وٺائڻ لاءِ تيار ڪرايا، جن تي 50 لک رپيا ته
ساليانو خرچ هو ۽ اُن زماني جو رپيو هاڻوڪي
انگريزي رپئي کان 25 حصا وڌيڪ هو! اُن زماني جي
هڪڙي عرب جاگرافي دان شهاب الدين ابوالعباس دمشقي
جيڪو بيان ڏنو سو ڪارخانن متعلق هن ريت آهي“
هر هڪ ڪارخانو قلعي اندر هو، جن ڪارخانن ۾
رنگاسازي، چمڙي، ڪپڙي اُڻڻ، ريشم اُڻڻ جو ڪم ٿيندو
هو. خواجه ابوالحسن ڪارخانن مٿان بالا عملدار هو.
جنهن کي بارگاهه سلطاني مان جيڪي حڪم ملندو هو.
اُهو ڪم هڪدم ڪارخانن ۾ ڪرائيندو هو. اُهي ڪارخانا
سلطنت جي طرفان جاري ٿيل هئا. محض ان نڪته نگاهه
سان ته عام غريب لوڪ بيروزگارنه رهن. تنهن
کانسواءِ 400 ڪاريگر فقط درٻار شاهي لاءِ ڪپڙو
تيار ڪندا هئا. جن تي عراق، مصر، چين جي ريشمن جو
ڪم ٿيندو هو. اُهو ڪپڙو شاهي خلعتن تي ڪم ايندو
هو. ڇاڪاڻ جو ساليانو 20،000 خلعتون بارگاهه
سلطاني مان ماڻهن کي مرحمت ڪيون وينديون هيون.
اهڙيون خاص خلعتون اهڙن شخصن کي عطا ڪيون وينديون
هيون، جي سلطاني نڪته نگاهه سان اهڙئ عزت جي لائق
هوندا هئا. وري 500 بيش بها جوڙا سونن سروپن سان
شاهه بانو واسطي جڙندا هئا. جا شاهي حرم ۾ اميرن
جي زالن کي ڪن خاص موقعن تي بطور امداد ڏيندي هئي“.
فرانسيسي ڊاڪٽر برنير
Dr Burnier
به ان ڳالهه تي شاهدي ڏئي ٿو جنهن عيسوي 17 صدئ جي
وچ ۾ مٿيان ڪارخانا قائم ڏٺا. اڳتي هلي هن ريت
روشني وجهي ٿو“.
ڪارخانن ۾ سؤن جي تعداد ۾ ڪاريگر اُڻت، رنگسازي،
لوهارڪي ۽ موچڪي ڪم تي مقرر هئا، جن تي وقتي طرح
نگراني هئي ڪمال ته اهو هو جو بارتي ململ تي جيڪا
سونهري گلڪاريءَ جو ڪم ٿيندو هو، اُهو عبرت جهڙو
هو وغيره.“
فرانسيسي سياح برنير جيتوڻيڪ مغلن جي زماني ۾ آيو،
پر سلطان فيروز شاهه جا جڙيل ڪارخانا اُن وقت به
قائم ڏٺائين. هن سلطان وٽ بحري ٻيڙو به هو، جيئن
ته فيروز شاهي تاريخ مان اسان کي خبر پئجي سگهي
ٿي، ته سن 1372ع ۾ جڏهن سلطان سنڌ جي سمي حاڪم جي
خلاف ٺٽي تي ڪاهه ڪئي تڏهن وٽس 5000 پنج هزار ٻيڙا
هئا جن تي 90،000 سوار فوج ۽ 480 هاٿي سوار هئا.
اُهو ٻيڙو سنڌو ندئ جي رستي ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٺٽي
پهتو. بنگال جو واپار چين سان بحري رستي ڳنڍيل هو.
ماهائون
Mahuan
چيني مسلمان سياح لکي ٿو ته 15 صدئ ۾ ڪاليڪٽ
هندوستان جو مشهور واپار جو مرڪز هو. هو اڳتي هلي
لکي ٿو ته:
1408ع ۾ سلطان غياث الدين اعظم شاهه بنگال جي نواب
جڏهن چين جي خاقان ڏي سفارت موڪلي، تڏهن اُهي
جهازن رستي ويا، جن سان گڏ بيش بها گهوڙا هئا وري
1412ع ۾ خاقان به پنهنجو وفد موڪليو هو، پر نواب
وفات ڪئي هئي. سلطان جي پٽ شهزادي سيف الدين حمزه،
جيڪو خط خاقان ڏي موڪليو، سو سون جي ورق تي لکيل
هو. 1415ع ۾ چين حڪومت جي طرفان شهزادو ٽسي چائو
Tsi-Chao
جڏهن بنگال پهتو تڏهن نواب سندس مرحبا ڪئي.
سن
۱۴۴۲ع
۾ جڏهن عبدالرزاق هندوستان جو سير ڪيو تڏهن لکي ٿو
ته ڪاليڪٽ عاليشان بندرگاه هو. سندس واپار عربستان
جي بندرگاهن مان خاص مڪهء معظمه سان هلندڙ هو. 15
صدئ ۾ جڏهن نڪولو ڪونٽي
Nicolo Conti
هندوستان جو سير ڪيو تڏهن لکي ٿو ته ڏکڻ هندوستان
۾ مون هڪڙي واپارئ جا چاليهه جهاز ڏٺا، جن مان هر
هڪ ۾ 15،000 اشرفين جو مال ڀريل هو.
اِنهن سڀني ڳالهين مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته دور
وسط ۾ هندوستان جي اسلام جي جهنڊي هيٺ ڪهڙي حالت
هئي.
لوڌي خاندان جي سلاطين ٿوري وقت تائين دهلئ تي
حڪومت ڪئي، پر ان عرصي ۾ جيڪا هنن ناموري حاصل
ڪئي، تنهن لاءِ جيڪي محمد قاسم فرشته تاريخ ۾ ڏنو
آهي سو ڪافي آهي. سلطان بهلول خان لوڌي جيڪي
ڪارناما ڪيا، تن مان سندس همت ۽ استقلال جو بي
نظير مثال ثبوت ٿئي ٿو جيئن ته دهلئ جي سلطنت کي
گهڻو زور وٺايائين. هو سلطنت کي خدائي ڏات سمجهي
بطور امانت جي هلائيندا هئا. 26 ورهين جي ساندهه
ويڙهه کانپوءِ سلطان حسين جونپور جي والئ کان
قنوج، ڀرائچ، بهار ۽ ڪٽرا جا علائقا فتح ڪري دهلئ
سان لاڳو ڪيا. مٿين علائقن جو ڪاروبار پنهنجي پٽ
شهزادي باربڪ شاهه جي حوالي ڪري پاڻ سلطنت جي
ڪاروبار هلائڻ ۾ مشغول رهيو ۽ سلطان امير تيمور جي
ڪاهه کان جيڪو ملڪ کي صدمو رسيو تن زخمن جو
پوريءَ طرح سان علاج ڪيائين، هو نهايت ئي شجاع،
عاقل، مردم شناس ۽ حليم طبع حاڪم هو. شريعت جو
پورو پابندهو. ظاهري خواه باطني مٿين زيورن کان
آراسته هو. جهڙو هو عادل اهڙو دل جو سخي هو. افغان
اميرن توڙي ٻين رئيسن سان برادارانه طريقي سان
هليو. هو تخت تي ڪين ويهندو هو، پر پنهنجي اميرن ۽
وزيرن سان هيٺ فرش تي ويهي درٻار ڪندو هو. سندس
قدرداني کي ڏسي هر وقت علمائن سڳورن ۽ درويشن جو
سندس درٻار ۾ هجوم لڳل هوندو هو، ڪنهن کي خبر ڪانه
پوندي هئي ته بادشاهه ڪير آهي ۽ گدا ڪهڙو آهي!
بقول ابوالقاسم ته جڏهن سير سفر تي ڪيڏانهن نڪرندو
هو ته علمائن ۽ مشائخن جي ساڻس جماعت گڏ هوندي
هئي. کين علم جي لحاظ سان مالا مال ڪري ڇڏيندو هو.
هي اُهو بادشاهه هو جنهن جي حسن انتظام جي صدقي
هندوستان جي ڦٽل محفل وري رونق ورتي. خوشحالي ۽
آسودگئ سان گڏ علم ۽ ادب جي محفلن وري نئين سر
رونق ورتي. بقول ايليٽ ته تخت تي ويهڻ شرط اسلامي
قانون جو پورئ طرح سان مطالعو ڪري طرزِ حڪومت
اسلامي قانونن مطابق هلائڻ لڳو ۽ ڪوبه ڪم مجلس
شورى جي خلاف ڪين ڪيائين.
اهي هئا سندس اوصاف حميده جن جي ڪري رعايا جي دلين
۾ بادشاهه لاءِ محبت جاڳي. آخر سندس ضعيفي جي ڪري
حياتئ جو قافلو منزل مقصود کي اچي پهتو. 29 سال اٺ
مهينا حڪومت ڪري 894هه مطابق 1489ع ۾ امير تيمور
جي ڪاهه کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ تلاوري جي ڳوٺ ۾
فاني جهان کان ملڪ بقا ڏانهن راهي ٿيو. اِنالله
واِنا اِليھ راجعون.
مسلما مؤرخن سندس تعريف هن ريت ڪئي آهي.
هو سادگي پسند، دلير ۽ فياض هو. سندس تدبر ۽ وسيع
الاخلاقي جي ڪرئ سندس ٿوري اشاري تي سر ڦريا افغان
سندس جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا ۽ ٿوري عرصي ۾ بلا
جدوجهد جي وسيع علائقي جو مالڪ بڻجي پيو، نه رڳو
ايترو پر سندس درخشان اقبال اڳيان سيد حاڪم
علاالدين جي حيثيت محض هڪڙي وظيفي خوار جيان هئي.
سندس اقتدار کي ڏسي پنهنجي وڏن جي موروثي جاگير تي
قابض رهيو.“ سچ چيو اٿن
این سعادت بزور بازو نیست- تانہ بخشد خدائے بخشدہ
(نظام شاهه) اسڪندر خان لودي جڏهن تخت تي ويٺو
تڏهن سڪندري خزاني جا در کڻي پٽي ڇڏيائين. امير
توڙي غريب کي مالا مال ڪري ڇڏيائين. ايتريقدر جو
شيلي افغانن به اچي سندس رقاب کي چمي پنهنجو
بادشاهه تسليم ڪيس. سندس عهد حڪومت لوڌي خاندان جي
اوج جو زمانو هو. هي سلطان پنهنجي وقت جو بهترين
مدبر اعلى سياست دان ۽ زبردست سپاهي هو. جيتوڻيڪ
سندس گهڻو وقت گواليار، بهار ۽ ترهت جي علائقن کي
زيرنگين ڪرڻ ۾ گذريو، پر مٿين جنگين هوندي به
رعايا پروري ۽ خدا جي مخلوق جي بهبودي لاءِ گهڻائي
ڪم ڪيائين. سندس ڏينهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان بلڪل
سستي اگهه تي وڪامندو هو ۽ پاڻ هر جزوي ڪم تي نظر
رکندو هو. جا ڳالهه مرضيءَ جي خلاف ڏسندو هو.
اُنجو يڪدم تدارڪ ڪندو هو. ملڪن جي واقعات ۽ اجناس
جو روزنامچو پاڻ جاچيندو هو.
بهار فتح ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اُتي ڏڪر منهن ڪڍيو
تڏهن امن پرور سلطان سڄي قلمرو ۾ اَن تان محصول
معاف ڪيو. مطلب ته رفاه عام لاءِ جيڪي به ڪم
ڪيائين تن جي نه حد هئي نه شمار هو. شاهانِ سلف
وانگر درويشن مٿان هي سلطان پروانو هو. جڏهن ڪنهن
درويش جي تعريف ٻڌندو هو تڏهن اوڏانهين ڊوڙندو هو.
کانئس برڪت وٺي مالا مال ٿي موٽندو هو. سندس سايهء
همايون هيٺ غريب ۽ فقير معاش جي فڪر کان آسودا
هئا. جڏهن بهار ۾ حضرت (شيخ شرف منيري) رحه
جي زيارت ڪرڻ ويو تڏهن اُتي جي فقرا ۽ مسڪينن کي
انعام اڪرام ڏيئي مالا مال ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڀيري
بيانه وٽ 4 مهينن تائين سير ۽ شڪار ۾ مشغول رهيو.
ان وچ ۾ اڪثر مشائخن سان ملاقاتون ڪيائين. جن مان
سيد نعمت الله ۽ حضرت شيخ حسيني قابل ذڪر آهن. جن
جي ڪرامت جو ان زماني ۾ چرچو لڳل هو. حضرت شيخ
بهاالدين جو دهلئ جي ڀرسان عبادت الهى ۾ مشغول
رهندو هو، تنهن سان سلطان جو خاص عقيدو هو ۽ اهو
گمان غالب آهي ته مٿئين بزرگ جي دعا جي برڪت سان
کيس تخت نصيب ٿيو.
سال ۾ ٻه دفعا سلطنت جي فقرا ۽ غريبن جي فهرست
تيار ڪندو هو ۽ هر هڪ کي حسب حال ڇهن مهينن جو
خرچ موڪليندو هو ۽ سردئ جي موسم ۾ کين گرم ڪپڙا
به مرحمت ڪندو هو. هر هڪ جمعي ڏينهن شهر جي فقيرن
کي رپيو رپيو خيرات ڪندو هو ۽ هندو رعيت کي ڪچو
طعام ڏيندو هو، وري جڏهن ڪو ملڪ فتح ڪندو هو، ته
خاص طرح سان خيرات ڪندو هو سندس سلطنت ۾ جيڪي به
مسجدون هيون تن جو خرچ سلطان پاڻ ڀريندو هو.
جيتوڻيڪ هي سلطان سمورو وقت شمشير بڪف رهيو تڏهن
به تعميرات سان خاص دلچسپي هيس. رفاهِ عام لاءِ
مسجدون ۽ عمارتون تعمير ڪرائيندو هو. 915هه ۾ جڏهن
شڪار جي سانگي آگري کان دولتپور ويو تڏهن منزل
بمنزل عمارتون تعمير ڪرايائين. آگري جو شهر، جنهن
اڳتي هلي هندوستان جي تاريخ ۾ خاص امتيازي درجو
حاصل ڪيو، سو به سلطان بهلول خان لوڌي جي ڏينهن ۾
سربلند ٿيڻ لڳو، پر دراصل سلطان سڪندر لوڌي جي
هٿان تڪميل کي پهتو. هت پهريون اگروال قوم آباد
هئي. تنهنڪري اگر دره جو مٿس نالو پيو. جيتوڻيڪ
سلطان مٿس (بادل ڳڙه) نالو رکيو ۽ اڪبر اعظم کيس
اڪبرآباد ڪوٺيو، پر عوام جي زبان تي سندس نالو
آگرو ئي رهيو. مطلب ته دهلئ جي بجاءِ آگري کي
تختگاهه جوڙيائين ۽ دهلي، جا فيروزآباد جي نالي
سان مشهور هئي، اُتي جا سڀ علماء ڪرام علم ۽ قلم
جا صاحب بادل ڳڙهه آگري ۾ اچي لڏي ويٺا. آگره جي
ويجهو اسڪندره جو شهر جتي اڪبر بادشاهه جو مقبرو
آهي، سوبه سلطان جو يادگار شهر آهي جو 1495ع ۾
تعمير ٿيو. منجهس ڳاڙهي پٿر جي عمارت جا (ٻارهن
دري) جي نالي سان سڏجي ٿي، سا هن سلطان جوڙائي.
پنهنجي پيءُ جي نعش کي ڪڍائي دهلئ ۾ دفن ڪرايائين،
مٿس ڳاڙهي پٿر جو وڏو عاليشان مقبرو تعمير
ڪرايائين. سندس ڀرسان پاڻ لاءِ به مقبرو
جوڙايائين. جن تي راجپوتي ۽ افغاني ڪاريگرئ جو ڪم
ٿيل آهي ۽ لاثاني آهن
نوٽ:-
دهلئ ۾ سلطان الاولياء خواجه نطام الدين صاحب کان
جيڪا سڙڪ صفدر جنگ جي مقبري ڏانهن وڃي ٿي اُن جي
اڌ ميل فاصلي تي 3 قبا هن سلطان جا جڙيل آهن.
بقول سيد حسن برني عليگ ته قطب مينار جي پهرين
منزل تي سندس نالو اُڪريل آهي ۽ مينار جي مرمت 909
هه ۾ فتح خان بن خواص خان اُن وقت جي انجنيئر کان
تعمير ڪرائي، شاهان سلف جي يادگار کي قائم رکڻ جو
جس کٽيائين.
سندس زماني ۾ 3 صفرالمظفر 911هه مطابق 1505ع ۾ سڄي
هندوستان ۽ ايران ۾ اهڙو ته زلزلو پيو جو حشر جو
نمونو هو، جبل به ڌڏڻ لڳا. چون ٿا ته اهڙو زلزلو
اڳ هندوستان ۾ ڪڏهن ڪين پيو. آگري ۾ جيڪي به جديد
عمارتون محڪمه عاليه تعمير ڪرايون هيون، سي سڀ ڪري
پيون.
سلطان سڪندر لوڌي علم ۽ فضل جي لحاظ سان مربي هو.
پاڻ فارسي ۾ شاعر هو، سندس تخلص (گلرخ) هو، سندس
عهد فرخنده ۾ علم گهڻو زور ورتو. پنهنجئ فوج جي
آفيسرن لاءِ تعليم ضروري مقرر ڪيائين، جن جن تربيت
حاصل ڪئي، تن کي ذاتي خرچ لاءِ جاگيرون عطا
فرمايائين.
زماني قديم جديد جا شاعر اڪثر بادشاهن ۽ اُمرائن
جي خوشامد ۾ وڏا وڏا قصيدا لکندا هئا. سندن ظلمن
کي انصاف جي صورت ۾ ۽ سندن زنگ آلوده تلوار کي
هفت ڪشور فاتح سان نسبت ڏيندا آهن، غرض ڪوڙ جي
طوفان ۽ دروغ بانين جي ڄار پکيڙڻ سان هنن انعام
اڪرام حاصل ڪيا. پرحا مدبن فضل الله هن وقت جو
اُهو شاعر هو، جنهنجي ڏسڻ لاءِ سلطان پريشان هو،
خود سندس شان ۾ قصيدا لکيائين. شيخ حامد جو تخلص
شيخ جمالي هو. هو دهلئ جو رهاڪو هو ۽ ڪمبوهه قوم
مان هو. مشهور سياح به هو جيئن ته هندوستان
کانسواءِ يمن، مصر، بغداد، بيت المقدس، روم،
عربستان، آذربائيجان، گيلان، مازندان خراسان مطلب
ته سڄي اسلامي دنيا جو سير ڪيو هئائين. سندس مشهور
ڪتاب (مهرو ماهه) بلڪل سٺو ڪتاب هو جنهن لاءِ
سلطان گهڻي عاجزئ سان کانئس گهُر ڪئي.
پڙهندڙ
شايد
ائين سمجهندا، ته مٿئين پُر اشتياق خط رواني ڪرڻ
سان ڪو درويش سلطان وٽ آيو هوندو، پر نه درويش
جواب ڏنو، ته مان بادشاهن جي محفل ۾ اچي نه ٿو
سگهان جو مان معمولي طبيعت جو فقير آهيان، باقي
حسب اِرشاد ڪتاب سلطان جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. پر
سلطان کي درويش جي ملاقات جو شوق هو، سو حضرت
سماءُ الدين کي، جو سندس ناٺي به هو، مريد به هو،
وٽس روانو ڪيائين. لاچار شيخ جن قدم رنج فرمايو.
بادشاهه کي شوق ايتريقدر هو، جو ٽن ڪوهن جي مفاصلي
تي وڃي، سندس استقبال ڪيائين. شيخ صاحب سلطان
همايون جي زماني تائين زندهه هو، سن 942هه ۾ دهلي
۾ وفات پاتائين. شاعر هئڻ کانسواءِ صوفي باڪمال به
هئا، سفر جي دوران ۾ ايران جي شاعر مولانا جامي
رحه سان ملاقات ڪئي هئائين.
سلطان جي عهد حڪومت ۾ پهريون گهمرو هندن فارسي علم
پرايو ۽ کين سرڪاري دفترن ۾ حسب لياقت عهدا ڏنا
ويا، جنهن تي ٻين هندن اُنهن سان قطع تعلقات رکيو،
سلطان پنهنجي هندو رعايا کي اسڪندرآباد ۾ رهڻ لاءِ
حڪم ڏنو، جتي کين جاگيرون به مرحمت ڪيائين. هن مان
معلوم ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ هندن ۽ مسلمانن جا پاڻ
۾ گهرا تعلقات هئا، هو اڳ فارسي زبان سکڻ کي پاپ
سمجهندا هئا. پر هن فياض سلطان جي عهد ۾ اسلامي
علم ۽ ادب سکي ڀڙ ٿيا. هن کان وڌيڪ ڪهڙو دليل ڏجي.
سلطان هندن کي علم تحصيل ڪرڻ تي مائل ڪيو، کين نه
فقط حڪومت ۾ حصا ڏنائين، پر اسڪندرآباد ۾ جاگيرون
ڏنائين، سندن اولاد لاءِ به رعايا پرور سلطان
وظيفا مقرر ڪيا. البته فتح مالوه کانپوءِ نرور جو
بت خانو مسمار ڪرائي اتي مساجد ۽ مڪتب تعمير
ڪرايائين. بقول فرشته اهو ئي شايد سبب هوندو جو
هندو مؤرخ هن سلطان کي سخت متعصب سڏين ٿا، سا تعجب
جي ڳالهه آهي. بعض ديني مباحث کي، جنهن ۾ مختلف
مذاهب جا عالم ۽ فاضل شريڪ ٿيندا هئا، سلطان
دلچسپي سان ٻڌندو هو. سندس ڏينهن ۾ هڪڙي هندو پنڊت
(يوڌن) نالي هن ڳالهه جي دعوى ڪئي ته ”هندن ۽
مسلمانن جو مذهب هڪڙو ئي آهي. پر جيڪڏهن ڪو ثابت
ڪندو ته اسلام هندو ڌرم کان بهتر آهي ته مان
مسلمان ٿيندس“.
شيخ اعظم همايون بن خواجه بايزيد لکنوي (بنگال) جي
حاڪم اهڙي دعوى تي عاجز ٿي مٿئين پنڊت کي سلطان جي
درٻار ۾ ڏياري موڪليو. سلطان سندس علم ۽ فضل جي
هاڪ ٻڌي سندس دعوى جي لحاظ موجب پنهنجي سلطنت جي
سڀني علماء ۽ اڪابرن کي بذريعه فرمان شاهي گڏ ٿيڻ
لاءِ حڪم ڏنو. سنبل جي شهر ۾ هڪ وڏي محفل برپا ٿي
جت هيٺيان صوفياء ڪرام ۽ علماء گڏ ٿيا.
ميان
عبدالله شيخ خواجه
طلنبه کان
ميان عبدالله بن الله داد
سيد
محمد بن سعيد خان
ملا قطب الدين دهلي ۽ سرهند کان
سيد
امان سيد برهان
سيد حسن قنوج کان
مٿين علماء اڪابرن کانسواءِ مولانا صدرالدين
قنوجي، ميان عبدالرحمٰن سيڪروي، ميان عزيزالله
سنبلي، شيخ طاهر ڪابلي به هن معرڪته آلار مباحثه ۾
موجود هئا. پر افسوس جو پنڊت صاحب سوالن جو پورو
جواب ڏئي نه سگهيو ۽ نه وري واعده موجب ڌرم
ڇڏيائين. آخر علمائن جي فتوى مطابق کيس قتل جي سزا
ڏني ويئي.
علامه عبدالله تاريخ دائودي ۾ سلطان جي علمي ذوق
جو نقشو هن ريت ڏيکاري ٿو:
مغرب جي نماز کانپوءِ 17 بزرگانِ دين جي محفل
ديوان خاص ۾ منعقد ٿيندي هئي، جتي ساڻن مختلف ديني
مسئلن ۽ سياسي امورتي سلطان گفتگو ڪندو هو. پوءِ
بقول ايليٽ ته دسترخوان تي گڏجي ساڻن طعام تناول
فرمائيندو هو“
سندس حڪم سان بعض مخصوص ڪتابن جو ترجمو ٿيڻ شروع
ٿيو ۽ شاهي حڪم سان (مهاويدڪ) طب جو ڪتاب سنسڪرت
کان فارسئ ۾ ترجمو ڪيو ويو. سندس نالو (طبِ
سڪندري) رکيو ويو. بقول عبدالله دائودي ته
هندوستان ۾ هي ڪتاب علم طب بابت گويا سنگِ بنياد
هو ۽ اڃا تائين مٿس عمل ڪيو وڃي ٿو. ميان ڀورو، جو
ترجمن ڪرڻ جي ڪم تي مامور هو سو وڏو عالم هو، ڪجهه
وقت سلطان حسين جي درٻار جو قاضي به رهيو.
هندوستان ۽ ايران کان ڪتاب گهرايا ويا، خاص ڪري طب
جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو ويو. سلطان جي درٻار ۾ عرب،
فارس ۽ بخارا کان عالم سندس سخا جو چرچو ٻڌي اچي
گڏ ٿيا هئا. هنن آگره ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي.
دريا دل بادشاهه کين جاگيرون عنايت ڪري خوش رکيو
هو. مطلب ته اهل قلم ۽ اهل هنر وارن جي هر طرح سان
قدرداني ڪئي ويئي. علم ۽ فضل جو طول ۽ عرض ڪشور ۾
گهر گهر ۾ چرچو لڳي ويو. سندس اميرن مان
اميرالامراء سيد علي حسين به پنهنجي سخا جي ڪري
مشهور هو. سلطان رات جو ويس بدلائي ملڪ جي چڪاس
رکندو هو. آخر 6 سال حڪومت ڪري 1517ع ۾ داعي اجل
کي لبيڪ چئي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
فرهنگ سڪندري ۾ سندس حڪومت 48 سال 5 مهينا لکيل
آهي.
سلطان ابراهيم سندس فرزند کانئس پوءِ ڏاڍي ڌام ڌوم
سان پنهنجي جوڙايل جواهر نگار تخت تي 15 ذي الحج
923هه ۾ ويٺو. غريبن کي توڙي اميرن کي خيراتون
ڏيئي مالا مال ڪري ڇڏيائين. دل جو ايتري سخت هو جو
اُمرائن کي مجال نه ٿيندي هئي جو سندس اڳيان اک
کڻي سگهن. پنهنجي پيءُ جي اميرن مان گهڻن کي
مارائي ڇڏيائين. آخر سندس ئي مائٽ کائنس ڪڪ ٿي پيا
۽ اميرن مغل سلطان بابر کي اچڻ لاءِ دعوت ڏني ۽
لوڌي خاندان جي پڄاڻي ٿي.
هندوستان ۾ جڏهن اسلامي سلطنت جو بنياد پيو ۽
مسلمان بادشاهن هڪڙي طرف فتوحات جي ڪم کي جاري
رکيو ته ٻئي طرف وڏا وڏا بزرگ به اسلامي دنيا کان
هجرت ڪري اچي هندوستان ۾ رهڻ لڳا، جن جي فيض برڪت
سان اسلام گهڻو زور ورتو. مثلاً: حضرت خواجه معين
الدين چشتي اجمير ۾، خواجه نظام الدين اولياء، شيخ
شهاب الدين، شيخ نصيرالدين، چراغ دهلوي وغيره دهلئ
۾، حضرت بابا فريد گنج پاڪپتن شريف، حضرت جهانيان
جهان گشت اُچ شريف، حضرت شيخ بهاالدين ذڪريا
ملتاني، شيخ عثمان مروندي قلندر شهباز سيوهڻ ۾،
شاهه عبداللطيف ڀٽ شريف ۾ ٻيا گهڻا بزرگ سڳورا
هندوستان ۾ آيا. جن جي فيض ۽ برڪت جي محفلن کان
مخلوق خدا گهڻو فيض پاتو. اڳ هندوستان جي بت خانن
مان ناقوس جي صدا ٻڌڻ ۾ ايندي هئي هينئر بحر عرفان
جو درياهه چؤطرف لهرون هڻڻ لڳو ۽ بادهء معرفت کان
دليون سرشار ٿيڻ لڳيون ۽ جابجا حق جا نعرا بلند
ٿيڻ لڳا. اڳ هندوستان بت خانو هو، هينئر
دارالاسلام بنجي پيو.
خاندان تيموريه
“The House of Timur”
سلطان ظهيرالدين
فردوس مڪاني سلطان بابر جو نالو ظهيرالدين هو، کيس
مغل بابر جي لقب سان سڏيندا هئا. جنهن جي معنى آهي
شينهن، واقع هو به شينهن، مغلن جا جيڪي به شهنشاهه
ٿي گذريا تن منجهه بهادرئ جا گڻ هئا. مثلاً امير
تيمور اهڙو بهادر هو جو ڊگهي ڪمان جي رسئ کي ڪن ۾
وجهي ڇڪيندو هو
تهڙئ طرح سلطان بابر مرزا به ٻه ماڻهو ڀاڪر ۾ کڻي
قلعي جي ديوار جي چؤطرف ڊوڙندو هو. سلطان بابر
امير تيمور جي پيڙهئ مان هو ۽ هي اُهو نامور فاتح
هو جنهن هندوستان جهڙي عظيم الشان سلطنت کي مٺ ڀر
مغلن جي همت سان فتح ڪري هتي اهڙي شهنشاهت جو
بنياد وڌو جو اهڙي باجبروت، دولتمند ۽ طاقتور
شهنشاهت دنيا ۾ ڪا ورلي ٿي هوندي. هن خاندان جي
شهنشاهن جيڪا شان ۽ دٻدٻي سان سلطنت ڪئي سندن
بينظير ڪارنامان جي ڪري سندن عهد مهد تاريخن لاءِ
مايهء ناز ۽ شاندار باب آهي جنهن کي پڙهي انسان کي
حيرت وٺيو وڃي! اهي ساڳيا مغل (تاتاري) هئا، جن
اسلام اختيار ڪرڻ کان اڳ دنيا کي خون جو جامو
پهرايو، وري جڏهن سندن اولاد دين اسلام اختيار ڪيو
تڏهن هنن ڇاڇا ڪيو؟ اهڙي بينظير مثال کي اُهي رند
پروڙي سگهندا، جي تاريخ جي علم مان واقف هوندا.
باقي غير مسلم تاريخ نويسن جيڪڏهن مٿن نڪته چيني
ڪئي آهي، تنهن لاءِ فقط هيترو چوڻ ڪافي آهي.
تاريخ جي پڙهندڙن کي گهرجي ته جيڪڏهن هو هن خاندان
جي حالات مان واقف ٿيڻ گهرن ٿا، ته مهرباني ڪري
رڳو ايلفسٽن،، ايليٽ يا مارسيڊان جي هندوستان جي
تاريخن تي قناعت نه ڪن، پر ڪم از ڪم اُنهن مصنفن
جي ڪمن تي به ٿورو غور ڪري ڏسن، جن هن گلستان ۾
ويهي گل چونڊيا ۽ سندن محنت مان ئي مغرب وارن ڦل
پاتو، اُهي تاريخون هن ريت آهن“.
(1) |
يادگار بابر |
از |
عبدالرحيم خان خانان |
(2) |
تزک جهانگيري |
= |
متمدد خان |
(3) |
ايضاً |
= |
مولانا شبلي نعماني |
(4) |
آئين اڪبري |
= |
علامه ابوالفضل |
(5) |
درٻار اڪبري |
= |
مولانا محمد حسين (آزاد) |
(6) |
منتخب التاريخ |
= |
ملا عبدالقادر بدايوني |
(7) |
طبقات اڪبري |
= |
مرزا نظام الدين احمد |
(8) |
شاهه جهان نامه |
= |
ملا عبدالحميد لاهوري |
(9) |
عالمگيرنامه |
= |
محمد ڪاظم |
(10) |
سيرة المتاخرين |
= |
مولوي غلام حسين صاحب |
(11) |
منتخب اللباب |
= |
خفي خان |
(12) |
تاريخ داؤدي |
= |
عبدالله |
(13) |
حيات اؤرنگزيب |
= |
مولانا شبلي نعماني |
(14) |
ايضاً |
= |
جادوناٿ سرڪار |
(15) |
تاريخ آگره |
= |
خان بهادر عبداللطيف صاحب |
آمدم برسرِ مطلب ته سلطان بابر امير تيمور جي
پيڙهي مان هو، هو مثلاً بابر ولد عمر شيخ مرزا ولد
ابو سعيد ولد سلطان محمد مرزا ولد امير تيمور ڪره
ارض مٿان مثل هڪ معمولي غلاف جي آهي جو خداوند
تعالى جي هڪڙي معمولي ٺوڪر سان چڪناچور آهي. حجازي
تهذيب جنهن قرطبه کان وٺي ديوار چين تائين مرده
قومن ۾ حقيقت ۽ معرفت جو روح ڦوڪيو هو، سا آسمان
جي هڪڙئ چماٽ سان مليا ميٽ ٿي ويئي. پر اُهو هڪڙي
هولناڪ طوفان جي مثل هو جو آيو ۽ هليو ويو. اُن
طوفان جي مٽجڻ کان پوءِ وري هڪڙو رحمت جو ڪڪر
ساڳئي آسمان تي نظر آيو. جنهن جي باران رحمت جي
وسڻ ڪري بغداد جي ڦٽل محفل وري سمرقند ۾ نئي ساز ۽
سامان سان برپا ٿيڻ لڳي، ايتريقدر جو بقول ڪلاوجو
ته ”پئرس ولايت جا ڪاريگر ڄڻ هتي جي ڪاريگرن
اڳيان، جن هتي جا محلات ويهن ورهين جي عرصي ۾ تيار
ڪيا، ڄڻ ٻوڙا ۽ گونگا هئا. هو صاحب لکي ٿو ته
سمرقند ڪارٿيج خواهه بابل کان وڌيڪ حيرت جو مڪان
هو. ڪيڪاؤس ۽ جمشيد جون درٻاريون سمرقند جي
باجبروت تخت اڳيان هيچ هيون. بغداد کانپوءِ بخارا
شرف حاصل ڪيو. نيشاپور، هرات، مرو ۽ شيراز ۾ علمي
محفلون برپا ٿيون. شاهه مظفر، مراريد، گل محمد،
خواجه احمد يزدي، علامه رشيد الدين ۽ واصف جهڙا
مايهء ناز گوهر هتي جي خاڪ پاڪ مان پيدا ٿيا، جن
توران کي چار چنڊ هنيان. مطلب ته جنهن تهذيب جي وڻ
جو بنياد جناب سرور ڪائنات صلي الله عليھ وآلھ
وسلم مڪي شريف ۾ رکيو هو. اُن وڻ جو ڦل مسلمانن
خراسان ۾ اچي لڻيو. سيد علي همداني، خواجه
بهاالدين نقشبند اُهي بزرگ هئا، جن جي فيض ۽ برڪت
سان مخلوق خدا فيض پاتو. لطف الله نيشاپوري، ڪمال
الدين خوجندي، احمد ڪرماني جزيري، جامي، سوهيلي،
معين الدين، حضرت بخاري، نجم الدين الڪبرى، حسين
ڪبرى، محمد صالح، هلالي، علي شير، حضرت عبيدالله
احرار، سيد برڪي خوارزمي، مولانا فصيح الدين
ابوالغفار، شريف الدين، عبدالرزاق، ميرقند، هيبت
الله، شمس الدين شيرازي رحه به ساڳيءَ
خاڪ پاڪ جا فرزند هئا ۽ اُهي شاعر، صوفي باڪمال ۽
قلم جا صاحب هئا، سي سڀ مٿين مغل سلاطين جي عهدمهد
۾ پيدا ٿيا.
بابر جو سمرقند مان ڀڄڻ
7 شعبان المعظم سن 807هه ۾ جڏهن امير تيمور جي
مولانا هيبت الله جنازي نماز پڙهي تڏهن تيموري
شهزادن ۾ اچي ڳالهه ٻولهه هلي ته سمرقند جي هفت
اقليم جي شهنشاهت جو ڪير وارث ٿئي؟ وري خزانن جي
به ڪمي ڪانه هئي. شام، عراق، ايران.مصر، روم ۽
هندوستان جي دولت ڪنهن کي ڏجي؟ ننڍن شهزادن جي اچي
پاڻ ۾ جنگ لڳي، پهريون بادشاهتون ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ورهايائون، پوءِ دولت ورهائي کنيائون. پوءِ اچي
تخت ۽ تاج لاءِ هڪ ٻئي سان وڙهيا. هرڪو ائين پيو
چئي، ته تخت منهنجي ڏاڏي جو آهي. فرغانه جي حڪومت
مٿئين ورهاڱي ۾ بابر جي پيءُ عمر شيخ مرزا کي ملي،
پر اڃا بابر 12 ورهين جو مس هو ته سندس پيءُ
انتقال ڪيو. ڀائرن ۾ نااتفاقي هڪڙي طرف، ملڪ جي
طول ۽ عرض ۾ فساد ٻئي طرف، ڏاڏي سائين جي تخت
لاءِ حب ٽئين طرف. ٻارهن ورهين جي ڇوڪري کي مٿيون
سڀ ڳالهيون هڪڙي وقت اچي ياد پيون. پر ڇوڪر ڄمندي
ڄام هو ۽ 1499ع ميدان مان گوءِ کڻي ويو ۽ فرغانه
جي دولت تلوار جي زور سان فتح ڪيائين. اَهل سمرقند
وارا جي ساندهه فسادن ۽ ويڙهن کان اچي بيزار ٿيا
هئا سندن اهائي مرضي هئي، ته ڪو اهڙو اولوالعزم
شهزادو هجي جو رعايا کي پنهنجي ضل همايون هيٺ
پناهه ۾ رکي سگهي. آخر سمرقند به هٿ ڪيائين، پر
ڏاڏي سائين جو تخت ماڻڻ چرچو نه هو، ڇاڪاڻ جو
توران جي سرزمين هئي، قديم زماني کان وٺي، هتي
اعلى کان اعلى ناميارا پهلوان پيدا ٿيا. هتي جي
صحرا مان خان اعظم شيباني خان اُزبڪن جي سردار مٿو
کنيو، ۽ ستت ئي پنهنجي تلوار جي زور سان سڄي
ترڪستان کي جهڪائي ڇڏيائين، ڇا اُزبڪن، ڇا برلاس!
مطلب ته سڀني کي سندس آڻ مڃڻي پئي. بابر جهڙي
ڳاڙهي وات ڇوڪرن جي سندس اڳيان مجال نه ٿي جو هن
صحرا جي ريڍار سان مقابلو ڪري سگهن! شيباني خان
ريڍار هو، سڄي عمر پشمي خيمن هيٺيان گذاري هئائين.
ويتر جو محل محلات ماڙيون بنگلا ڏٺائين. سو پنهنجي
ماڻهن کي چتايائين، ته يارو سڄي عمر بيابانن ۾
ڪاٽي اٿو. رڍن جا چچڙ چونڊيندي گزاري اٿو. هاڻي
مٿئين ڌنڌي کي ڦٽي ڪريو، اچو ته ڪجهه وقت محلاتن ۾
رهي، ميون جو مزو به چکي ڏسون. آخر اُزبڪن جي
اُڙدن هڪڙئ رات سمرقند ۾ اهڙو ته اچي سوڙهو
ڪيائونس جو مٽن ۽ مائٽن بلڪه آبائي وطن کي خدا
حافظ چئي ڪن ٿورن رفيقن سان راتو رات جان بچائي
ڀڳو مڙس عين جواني جي ڦوهه ۾ هو، يعني 23 ورهين جو
هو جڏهن آبائي وطن کي ڇڏڻو پيس. پاڻ لکي ٿو ته مان
پنهنجي قسمت تي هر وقت روئندو هئس، ڀلا ڇو نه
روئي؟ ڏاڏو هفت اقليم جو شهنشاهه ۽ پوٽو غارن ۾
لِڪندو وتي! وري زماني جي انقلاب ڏي به ڏسو! جو
ڌاريا ته سندس دشمن پر سڳا پنهنجا عزيز به سندس
خون جا دشمن!
یکساں
کبھی کسی کی نہ گذری زمانے میں
یادش بخیر بیٹھے تھے کل آشیانی میں
جڏهن مايوسي جي عالم ۾ بيتاب ٿيندو هو تڏهن شعر
چوندو هو. سندس خوش مزاجي ۽ مدبرئ جو اهڙو ته چرچو
هو جو جيڪي يار هن وقت وٽس موجود هئا، سي گويا
سندس خوش مزاج طبيعت تي شيدائي هئا. ايتريقدر جو
ڏک ۽ سک ۾ ساڻس ڀائيوار هئا. پاڻ لکي ٿو ته 23
ورهين جي عرصي ۾ فقط هڪڙو ڀيرو پيٽ ڀري ماني کاڌم
۽ هڪڙي رات آرام سان سمرقند ۾ ننڊ ڪيم. بلخ ۽
هندوڪش جي جبلن جي گهاٽين ۾ فقر ۽ فاقن سان گذر
ڪرڻ لڳو. سندس پاڙي ۾ ايران تي صفوي خاندان وارن
جي حڪومت هئي. شاهه اسمٰعيل غازي، جو هن وقت
اصفهان جي تخت تي هو، سو سندس دوست هو. شيباني خان
جڏهن سڄي ماوراءِ النهرکي پنهنجي جهنڊي هيٺيان
آندو تڏهن قديم توران ۽ ايران جي دشمني جي روايتن
کي تازو ڪيائين. هن ايران تي ڪاهون ڪيون، پر شاهه
اسمٰعيل صفوي هٿان شهيد ٿي ويو. تنهن کانپوءِ ٻن
سالن تائين صفوي شاهن جي مدد سان اُزبڪن سان
جنگيون ڏنائين، هيڪر وري هن استقلال جي صاحب
پنهنجي ڏاڏي جو تختگاهه سمرقند فتح ڪيو، پر آخر
اُزبڪن هٿان هميشه لاءِ تڙجي ويو. شاهه بيگ مرزا
ارغون، جو سندس خاندان جو پراڻو نمڪ حلال سردار
هو، تنهن پنهنجي آقا کي اهڙي تگ ۽ دو جي حالت ۾
ڏسي قنڌار جو علائقو سندس سپرد ڪري پاڻ قسمت
آزمائڻ لاءِ سنڌ ڏي رخ رکيائين. ڇاڪاڻ جو اُتي سمن
جي حڪومت پرئين ڀر کي وڃي پهتي هئي. ڏسو صفحو 435.
دهلي ۽ آگره قبضو
بابر غمگين هو، ڏاڏي جي تخت هٿ ڪرڻ ۾ 36 ورهيه
جنگين ۾ لڳي ويس، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. بدخشان
جو رڳو علائقو ڏاڏي جي ميراث مان سندس هٿ هيٺ هو.
ڪابل ۽ قنڌار تي جيڪا هن بادشاهي ڪئي هتي به کيس
آرام ميسر ڪونه ٿيو. هڪ طرف اُزبڪن جو خوف ٻيو
افغانستان ڌاريو ملڪ جتي جا رهاڪو قدرتي طور ويڙهو
آهن، مطلب ته هتي به بادشاهه هو، پر سچو آرام نصيب
ڪونه هوس، پر مڙس همت وارو هو، سختين ۽ نرمين جي
ڪائي پرواهه ڪانه ڪندو هو، زماني جي نشيب و فراز
کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس ڪمال ۽ صبر نصيب هو.
واقعي دنيا ۾ تڪليف کانسواءِ ڪو ڪم ٿي نه ٿو سگهي
موتي درياهن جي تري مان نڪرن ٿا، موت ۾ حيات، خزان
۾ بهار، رنج ۾ خوشي، جامِ عشرت ڪنهن کي نصيب ڪونه
ٿيو. زندگئ جوڪوبه درجو خارِمصيبت کان بي خبر
ڪينهين ڪين. ڪاميابي جي راهه ناڪاميابي ۾ آهي،
رسائي گم گشتگي ۾، جنهن رستو نه مليو، سو آخر وڃي
منزلِ مقصود کي پهتو. مصيبت وقت دل هارڻ ڄڻ هڪڙي
نئين مصيبت کي مٿي تي کڻڻو آهي. پنهنجي ڪاميابئ
لاءِ هرڪو چاهي ٿو، پر دراصل هو اهڙيءَ قسمت جي
لائق آهن يا نه اهڙو سوال ڪو پاڻ کان پڇي نه ٿو
سگهي! پر بابر جو مقصود به ساڳيو هو جهڙو سندس
ڏاڏي جو. ڇاڪاڻ جو امير تيمور جو هيتري فتوحات
ڪئي. سو محض ان ارادي سان ته سندس نالو دنيا ۾
قائم رهي، ساڳي طرح سلطان ظهيرالدين بابر به چوندو
هو ته ”مان دولت جو بکيو ڪين آهيان جو اُن لاءِ
وڙهان پر مان چاهيان ٿو ته مرڻ کانپوءِ نالو ڇڏي
وڃان“.
جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا تن نانگن ڪهڙو ننگ
گنگا ۽ گرنا جو تن سامين ڇڏيو سنگ
نڪي واهن سنڱيون نڪي چورن چنگ
روحل لڳو رنگ تن لاهوتين لقاء جو!
ابراهيم لوڌي دهلئ جي تخت تي هو، سندس پيءُ ۽ ڏاڏي
آسپاس جي علائقي جي حاڪمن کي ماري ملڪ ۾ اَمن
اَمان آندو هو. ملڪ کي اَمن ۽ اَمان ۾ ڇڏي ويا
هئا. خود هندن کي به مرڪزي حڪومت سان محبت هئي،
ڇاڪاڻ جو سلطان سڪندر لوڌي جي فياض نگاهه هندن کي
حڪومت جي سرشتي هيٺ آندو هو. اِبراهيم خان عيش ۽
عشرت سان حڪومت ڪرڻ لڳو پر افغان اميرن سان
ڦٽايائين. پنجاب جي حاڪم دولت خان بابر کي
هندوستان تي ڪاه ڪرڻ لاءِ ڪانڍ ڏني. بابر 12 هزار
پنهنجي جان نثار فوجن سان سلطان ابراهيم جي هڪ لک
سپاهه کي جيتي. 1526ع مطابق 933هه ۾ پاڻي پٽ جي
جنگ ۾ جيتي دهلي ۽ آگره تي قبضو ڪيو. کيس ايترو
خزانو هٿ لڳو، جنهن جي نه حد هئي نه حساب. مڙس هو
هٿ ڇوٽ! خزانن جا در پٽي ڇڏيائين. رڳو شهزادي
همايون مرزا کي سترلک دام مرحمت ڪيائين. جن جي
قيمت
20,000
هزار پائونڊ هئي. هر هڪ فوجي عملدار ۽ اميرن کي
ڇهن کان ڏهه لکن تائين عنايت ڪيائين. نه فقط ايترو
پر فراشن ۽ واپارين کي به سوکڙيون مرحمت ڪيائين.
خاص ڪري ڪابل جي امير توڙي غريبن زالن ۽ محتاجن کي
فتح جي جشن جي يادگار ۾ مالا مال ڪري ڇڏيائين. اها
هئي فياضي پهرئين تيموري مغل فاتح جي. همايون جڏهن
آگره فتح ڪيو، هتي جي قلعي ۾ گواليار جي راجا
وڪرماجيت جا ٻار ٻچا رهندا هئا، جن کي پنهنجي شاهي
حفاظت ۾ ورتائين. جڏهن ابراهيم بابر سان پاڻي پٽ
جي ميدان ۾ مقابلو ڪيو، تڏهن راجا به هن جنگ ۾
مارجي ويو. شهزادي همايون راجا جي قبيلي سان ڪمال
مروت سان هلت ۽ حفاظت ڪئي، جنهن جي عيوض راڻئ
شهزادي کي جيڪي جواهر بطور نذراني جي پيش ڪيا تن ۾
مشهور (ڪوهِ نور) هيرو به هو، هن هيري بابت
شهنشاهه لکي ٿو ته ”ايترو قيمتي هو جو سڄئ دنيا جي
روزاني خرچ جي اڌ جيتري سندس قيمت آهي، تور ۾ 8
مثقال يعنى 320 رتيون هو
شهزاديءَ شهنشاهه اڳيان آڻي هيرو رکيو پر فياض
سلطان پٽ کي موٽائي ڏنو. شهنشاهه اورنگزيب هڪڙي
فرنگي واپاري ٽئورنر
TAVERNIER
کي به ڏيکاريو هو، جنهن سندس قيمت 880،000 پاؤنڊ
ڪٿي هئي.
فردوس مڪاني بابر دل جو ازحد سخي هو. دهلئ جا
خزانا جيتوڻيڪ هيرن ۽ جواهرن سان ڀرپور هئا. پر هن
مرد خدا خدا جي راهه ۾ لٽائي ڇڏيا. تان جو ماڻهو
کيس (قلندرئ) جي لقب سان سڏڻ لڳا.
بابر جي حڪومت هن وقت سنڌو درياهه کان وٺي بهار ۽
گواليار جي سبز ميدانن کان وٺي هماليه جبل جي دامن
تائين هئي. پر بابر کي هن فتوحات مان ڪابه خوشي
ڪانه نصيب ٿي، ڇاڪاڻ جو هندوستان جي دولت کي
پنهنجي ڏاڏي جي ميراث ڪري سمجهندو هو. راجپوتانا ۽
دوآبي ۾ راجپوت ۽ پٺاڻ جدا جدا هنڌن ۾ نين جنگين
لاءِ تياريون ڪرڻ ۾ هئا. بابر کي اِنهن مشڪلاتن کي
منهن ڏيڻ لاءِ اڃا جنگ ڪرڻي هئي، پر سندس لشڪر جي
اميرن جا ڏند هندوستان جي گرمئ جي ڪري کٽا ٿي پيا.
سندن ارادو هو ته موٽي وڃي ڪابل جي پهاڙين جي
باريڪ هير کائجي. بابر قافيه شناس هو سندن رمز سهي
ڪري ويو، ڇاڪاڻ جو سفر ۽ ڏک ۾ ساڻن همراه هو.
اميرن کي سڏائي چوڻ لڳو ته :
”اسانجو پٺتي موٽڻ نه ٿو جڳائي. هندوستان جي عظيم
الشان سلطنت بفضل خدا هن وقت توهانجي پيرن جي
هيٺان اچي چڪي آهي. اهڙي فتوحات جي ڪم کي غير مڪمل
حالت ۾ ڇڏي پٺتي موٽڻ کي مان مناسب نه ٿو ڄاڻان.
بلڪه ايترو چوندس ته جن رفيقن کي مون لاءِ محبت
هوندي، سي سختين گرمين ۾ مونسان گڏ رهندا“.
بابر جي مٿين لفظن اميرن جي دلين تي ايترو ته اثر
ڪيو جو مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ پٺتي وڃڻ وساري ساڻس
ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا.دوآبي جي افغانن سرڪشي ڪئي.
همايون، جو جوان مرد هو، تلوار کڻي نڪتو. سنبل ۽
جونپور جا علائقا غازي پور سميت فتح ڪري موٽيو ۽
ڪلپي وٽ پيءُ جي به مدد ڪيائين. هن مهم کان پوءِ
سلطان جي اميرن مان خواجه ڪلان غزني جي امير ڪابل
ڏي روانو ٿيو، پوءِ ڳراٽي وجهي خوشي سان وڃڻ لاءِ
موڪل ڏنائينس ۽ سنڌونديءَ جا پريان علائقا کيس
بطور جاگير جي عطا ڪيائين.
ڪانواهه جو هولناڪ معرڪو راجپوتن کي شڪست
هندوستان ۾ جيڪي به مسلمان بادشاهه ٿيا تن سان
هندن اڪثر چوٽون کاڌيون، سلطان بابر کي پنهنجي
سلطنت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهڻوئي ڪجهه
ڪرڻو هو. سندس افغانن کان وڌيڪ ڳرو دشمن چتوڙ جو
راجا راڻا سنگا هو، جنهن جي جهنڊي هيٺ هن وقت 120
راجپوت هندو سورما سردار اچي گڏ ٿيا، وٽن 80 هزار
تيرانداز ۽ نيزيباز جرار راجپوت فوج هئي تنهن
کانسواءِ 500 مست هاٿين جو ٽلو هو. هو سڄي
راجستان ۾ زبردست راجا هو. سلطان ابراهيم جي شڪست
کانپوءِ ڪيترن ئي افغان اميرن وٽس اچي پناهه ورتي
هئي، جن مان شهزادو محمود مرحوم سلطان جو ڀاءُ به
هو، جنهن وٽ 10 هزار جرار افغان فوج هئي، جا هن
وقت چتوڙ جي جهنڊي هيٺ هئي. راجپوت جن کي غازي
علاالدين جي تلوار هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو، تن هينئر
افغان جي طاقت کي گهٽيل سمجهي ۽ دهلئ جي اسلامي
سلطنت ۾ انقلاب ڏسي کين خيال جاڳيو ته افغان هينئر
نابود ٿي چڪا آهن ۽ بابر هندوستان ۾ بي يارمددگار
۽ ڌاريو آهي، تنهن کي تڙي هيڪر وري راجپوت چڪر
ورتين جي نالي کي بلند ڪجي. پر سندن خواب جو شگون
بد نڪتو، ڇاڪاڻ جو بابر وٽ هڪ نرالو هٿيار هو جنهن
جي اڳيان نه تلوار جي مجال هئي نه تيرن جي، نه
هاٿين جي، راڻا سنگا مغرور هو، مغلن جي بهادرئ کان
بيخبر هو، آگري کان 50 ميلن جي مفاصلي تي اچي
ڇانوڻي هڻي ويٺو. هوڏانهن بابر به ڪانواهه جي
ميدان ۾ آڻي خيما کوڙيا. 13 جمادي الثاني سن 933هه
مطابق 16 مارچ سن 1527ع ۾ بابر پنهنجي فوج کي سڏي
منبر تي چڙهي هن ريت پڪاريو:
”هن فاني دنيا ۾ جيڪو آيو سو ضرور هڪڙي ڏينهن هي
دنيا ڇڏي. سندس ڏکن ۽ عذابن کان آزاد ٿيندو. باقي
ان ڌڻي پاڪ جو نالو رهندو، جنهن هي دنيا خلقي آهي،
پس بي عزتي جي جيئڻ کان شهادت جو پيالو پي ڪري مرڻ
بهتر آهي. خدا پاڪ اسان کي صبر ۽ همت عطا ڪندو.
اسين جيڪڏهن جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿينداسون، ته فڪر
ڪينهي، وري جي جيئرا رهياسون ته هنجي راهه ۾
سوڀارا ۽ سرخرو ٿينداسون. مان سندس پاڪ نالي تي
قسم کڻان ٿو ته جيڪڏهن روح اسانجي خاڪي جسم مان
پرواز نه ڪري تيسين جنگ جي ميدان مان پٺتي ڪين
موٽنداسون“.
اها هئي تقرير جنهن فوجن جي دلين تي اثر ڪيو ۽ هو
ڪثيرالتعداد تي غالب اچي ويا. سندس لشڪر سندس
روبرو اچي قسم کنيو. هڪڙي ڪابل جي نجومي شهنشاهه
کي چيو، ته تنهنجي لشڪر مٿان مريخ تاري جو سايو
آهي، تنهنڪري تنهنجي هار ٿيندي پر بابر ڪا پرواهه
نه ڪئي ۽ ٿورو اڳتي وڌي آسمان ڏي مُنهن ڪري
پڪاريائين ته:
”جيڪڏهن خداوند تعاليٰ مون کي هن جنگ ۾ سوڀ ڏيندو،
ته مان اڳتي هرگز شراب ڪونه پيئندس. ائين چئي
زرنگار پيالن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري، الله جي راهه
۾ خيرات ڪيائين ۽ ارغوني شراب جا جيڪي به ديڳ ڀريل
هئا، سي زمين تي هارائي ڦٽا ڪيائين.“
راجپوتن کي پنهنجيءَ بهادريءَ تي ڪامل ڀروسو هو،
ڇاڪاڻ جو وٽن بيشمار فوج هئي. بابر وٽ جيتوڻيڪ
قليل التعداد فوج هئي، پر وٽس اُهي اهلڪار هئا، جن
ورهين کان ڪري اُزبڪن ۽ اَفغانن سان ترڪستان جي
ميدانن ۽ هندوڪش جبلن جي گهاٽين ۾ جنگيون جوٽي جنگ
جي مختلف فنون کان مهارت حاصل ڪئي هئي. سلطان
پنهنجي فوج ظفر موج کي ڪانواهه جي ميدان ۾ بيهاري
سندن انتظام کي مضبوط ڪرڻ لڳو. فوجن اڳيان توپن کي
بيهاري چمڙيءَ جي رستن سان ٻڌي پنهنجي ٻن توپچين
مصطفى ۽ اُستاد علي قلي جي حوالي ڪري فوجن جي
بچاءَ لاءِ خندقون به کوٽايائين. مير آتش مصطفى هڪ
پراڻو توپچي هو، جنهن ڪجهه وقت ترڪن جي عثماني
لشڪر ۾ به نوڪري ڪئي هئي ۽ نشان بازي ڪرڻ مان پورو
واقف هو. بابر وٽ بهادري ۽ استقلال ٻه وڏا هٿيار
هئا، پر وڏي ڳالهه ته وٽس آتش فشان توپون به هيون
۽ اهي توپون ئي هيون جن جي وسيلي هن پاڻي پٽ جي
جنگ ۾ ابراهيم جي هڪ لک فوجن کي شڪست ڏني هئي! مغل
توپ سازيءَ جو هنر چينين کان سکيا هئا ۽ اهي مغل
پهريان هئا، جن هندوستان ۾ توپن جو رواج آندو، نه
ته اڳ هندوستان وارن ڪڏهن اهو هٿيار ڪين ڏٺو هو.
صبح صادق جنگ جو طبل وڳو. راجپوتن سخت شدت سان
حملو ڪيو، پر مير آتش اُستاد علي قلي جي توپن جي
انڌوڪار کان لاش جا ڍير لڳي ويا دونهين جي ڪارنهن
۾ خبر نه پئي ته ڇا ٿيو ۽ ڇا گذري رهيو آهي. اچي
دوبدو جنگ لڳي فتح ۽ شڪست جي خبر پئجي نه سگهي، پر
ڪجهه عرصي گذرڻ بعد راجپوت سورما ميدان ڇڏي ڀڄڻ
لڳا، ڪيترائي سندن بهادر مغلن جي تلوار جو شڪار ٿي
ويا. راڻا سنگا زخمي ٿي مارجي ويو. راجپوتن ترڪن
هٿان اهڙي ته چوٽ کاڌي جو وري ڪڏهن به مغلن سان
منهن نه پيا. سلطان ميوات جا علائقا فتح ڪيا ۽ فتح
جي يادگيريءَ ۾ سيڪريءَ کي فتح پور نالو ڏنائين،
جو اڄ به مٿين نالي سان مشهور آهي. سلطان جلال
الدين محمد اڪبر اعظم سندس پوٽي هن شهر کي ڪجهه
وقت پنهنجو تختگاهه جوڙيو هو.
چانديريءَ جو گهيرو افغان اميرن جو پيش پوڻ
فتح پور سيڪريءَ جي معرڪي ۾ سلطان راجپوتن ۽
افغانن جي زور کي هڻي ڀڃي ڇڏيو، پر اڃا به مرڪزي
سلطنت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بابر کي جنگيون
ڪرڻيون پيون. چانديري، بنديل کنڊ ۽ مالواه جي حد
تي هو. هتي جي راجا مدن راءِ کي گجرات ۽ مالوه جي
راجائن جي مدد هئي. ٻئي طرف محمود خان هڪ لک افغان
فوج سان بنارس وٽ ويٺل هو. راجپوت پنهنجي زالن ۽
ٻارن کي ماري جنگ جي ميدان ۾ سندرا ٻڌي نڪتا. پر
سلطان برجستائي سان راجا سنگا جي پٽ کان رئٿنمبور
جو قلعو فتح ڪري ٻئي طرف محمود جي فوجن کي چوٽ
ڏيئي بهار جو علائقو فتح ڪري اوڌ ڏانهن موٽيو، پر
ان وچ ۾ بابر جي طاقت جي افغانن کي خبر پئجي ويئي،
سُتت ئي لوڌي ۽ لوهاڻي سردارن جي پاڻ ۾ اچي ڦوٽ
پئي، الله آباد وٽ جنگ لڳي، جتي گهڻن ئي افغان
اميرن اچي آڻ مڃي.
هن وقت اُتر هندوستان سلطان ظهير الدين بابر جي
قبضي هيٺ اچي چڪو هو، پر جدا جدا هنڌن تي افغان
اميرن جي حڪومت هئي جي نالي طور قلمرو دهليءَ سان
لاڳو هئا. هن وقت مغليه سلطنت جي اُپت سالياني
2,600000
پائونڊ هئي. سلطان پنهنجي پوين ڏينهن ۾ اڪثر بيمار
گذاريندو هو. شهزادو همايون مرزا، جو هن وقت
بدخشان جو حاڪم هو. سو پيءُ کي گڏجڻ لاءِ دهلي
آيو. ٻئي پيءُ پٽ هڪ ٻئي سان محبت سان گڏيا. پر
شهزادو اوچتو اچي بيمار ٿيو. ايتريقدر جو حڪيمن به
فتوى ڏني ته بيماري لاعلاج آهي. سلطان کي پٽ سان
گهڻي محبت هئي، هو پٽ تان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار
هو. چون ٿا ته شهزادو همايون، جو هن وقت مرڻينگ هو
۽ بستري تي ڪريل هو. تنهن جي کٽ جي چؤطرف بابر ست
گهمرا ڦيرائي پوءِ ڪجهه وقت الله تعاليٰ جي درگاهه
مان دعا گهريا، پوءِ اُٿي وڏي واڪي سان چوڻ لڳو ته
”همايون جي بيماري مون پاڻ تي ورتي“ خدا جي قدرت
ڏسو جو همايون ويو ڏينهون ڏينهن چاڪ ٿيندو ۽ سلطان
ويو بيمار پوندو. وزيراعظم خليفي نظام الدين جي
اها مرضي ٿي ته بادشاهه جو ناٺي (مهدي خواجه) تخت
تي ويهي، پرڪن رازدارن شهزادي همايون کي خبر ڏني،
جنهن سموريون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيون.
26 ڊسمبر سن 1530ع مطابق سن 937 ۾ سلطان وفات پاتي
اِنالله و اِنا اِليھ راجعون. کيس آگره پسند هو،
جتي چار باغ نالي هڪڙو باغ تيار ڪرايو هئائين.
سندس جنازو سندس وصيت موجب ڪابل جي هڪڙي پهاڙيءَ
تي دفنايائون. اڃا تائين گهڻا ماڻهو سندس زيارت
ڪرڻ وڃن ٿا. مقبري جي اڳيان سنگ مرمر جي هڪ عجيب
مسجد به جڙيل آهي. هندوستان ۾ جيڪي به طاقتور
ناميارا شهنشاهه ٿي گذريا، تن مان شهنشاهه بابر به
تعريف جوڳو بادشاهه ٿي گذريو، جنهن هندوستان ۾
مغليه سلطنت جو سنگ بنياد وڌو. هو فياض ۽ رحمدل
انسان هو. پنهنجي دوستن تي هر وقت مهربان رهندو
هو. هو ڊگهي قد وارو برجستو جوان هو. هندوستان ۾
رڳو 4 ورهيه راڄ مس ڪيائين ته موت جو سڏ ٿيس، 48
ورهين جي عمر ۾ وفات پاتائين،سواري ۽ شڪار جو ڏاڍو
شوقين هو. بيماريءَ جي حالت ۾ ٻن ڏينهن ۾ 160 ميل
سفر ڪيو هئائين. هو ترڪي ۽ فارسي زبانن ۾ شعر به
چوندو هو. جڏهن ڪابل جي وادين ۾ دوستن سان گڏجي
سير ۽ شڪار ڪندو هو.
شراب پيئندو هو پر فتح پور سيڪريءَ جي جنگ ۾ پيڻ
کان قسم کنيائين. هڪڙي دفعي جڏهن ڪنهن دوست
ترڪستان مان ڪي گدرا وٽس موڪليا تڏهن کائڻ وقت
سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. ڪنهن اَمير سندس
پڇيس، جواب ڏنائين ته هي منهنجي اَباڻي ڏيهه جي
سوکڙي آهي.
ايتري کيس وطن لاءِ اندر ۾ حُب هئي. پاڻ لکي ٿو ته
هندوستان هڪڙو ڪشادو ڏيهه آهي، جو سون ۽ روپي سان
ڀرپور آهي، پر افسوس جو منجهس نه ترڪستان وانگر
ميوا آهن ۽ نه وري آبهوا موافق آهي، فردوس مڪاني
کي مرڻ تائين سمرقند جا مرغ زار ۽ باغ ياد هوندا
هئا!
سلطان نصيرالدين
شهنشاهه بابر کي 4 پٽ هئا. (1) همايون مرزا (2)
ڪامران (3) هندال (4) مرزا عسڪري، جن مان ڪامران
پيءُ جي جيئري ڪابل جو والي هو. پيءُ جي مرڻ
کانپوءِ پنجاب کي ڪابل سان ڳنڍي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
باقي ٻيا هندوستان جي جدا جدا ڀاڱن تي حڪومت ڪندا
هئا. 937هه ۾ همايون نصيرالدين جي لقب سان تخت تي
ويٺو. فوجي ڪمن ۾ ماهر هو، ڇاڪاڻ جو ننڍي عمر کان
بدخشان جي صوبي جو حاڪم هو، جتي اُزبڪن ۽ افغانن
سان چوٽون کائي پختو ٿيو هو پر وڏي ڳالهه جو پيءُ
وانگر ازحد رحمدل ۽ صاف نيت رکندڙ هو. سندس اها ئي
مرضي هئي، ڀائرن سان نه ڦٽايان، پر افسوس جو ڀائر
ساڻس دشمني جا پير کڻڻ لڳا. نتيجو اهو نڪتو جو
فردوس مڪاني بابر جنهن پنهنجي بازن جي زور سان
هندوستان ۾ عظيم الشان سلطنت جو پايو وڌو، سا
سلطان همايون جي هٿان ڀائرن جي نااتفاقي ڪري نڪري
وئي ۽ پيءُ جي سلطنت کي وري هٿ ڪرڻ ۾ هن اولوالعزم
شهنشاهه کي جيڪي ڏاکڙا سهڻا پيا تن جو ذڪر اڳتي
هلي ڏبو.
اڳ دهلئ جي فوجن ۾ فرغانه ۽ افغانستان کان فوجون
ڀرتي ٿينديون هيون، اُهي فوجون زبردست هيون ترڪن ۽
پٺاڻن جي اڳيان راجپوتن يا هندوستان جي رهندڙ
افغانن جي مجال نه هئي جو ميدان ۾ دم هڻي سگهن.
اهو ئي سبب هو جو هڪ ٻئي پٺيان فردوس مڪاني بابر
پاڻي پت ۽ سيڪرئ (فتح پور) جي ميدانن ۾ مٿين قومن
جا قدم اُکاڙي ڦٽا ڪيا. پر هينئر مرزا ڪامران جي
ڪوتاهه انديشي جي ڪري افغانستان جو پرڳڻو به ڇڄي
ڌار ٿي ويو. اهي ترڪ سپاهي، جي فردوس مڪاني بابر
سان گڏ ترڪستان کان هندوستان ۾ آيا هئا، سي هينئر
مري کپي ويا هئا. ممڪن آهي ته اُنهن جانثار سپاهين
جو ڪو اولاد اڃا موجود هو! هتان جي سردارن محظ ان
غلط فهمي ڪري کيس حملي جي دعوت ڏني ته هو امير
تيمور وانگر هندوستان تي ڪاهي ڦري لٽي موٽي هليو
ويندو، انهئ ارادي سان ئي هنن کيس اچڻ جي دعوت ڏني
هئي، پر هنن ڏٺو ته مغل شهنشاهه ڦرلٽ ڪرڻ يا موٽي
وڃڻ جي بدران اُٽلندو پنهنجيءَ سلطنت جي بنياد جو
پايو وجهي ويو ۽ مغل هندوستان ۾ گهر ڪري ويهي رهيا
پس اِهو پهاڪو ته مشهور آهي ته ”مغلن اڳيان فارسي
هلي نه ٿي سگهي.“
ساڳيو حال افغانن جو هو، هنن کي مغلن سان عداوت
هئي. هو پنهنجي وڃايل سلطنت کي وري هٿ ڪرڻ لاءِ
هرطرح ڪوشان هئا، فقط منجهن جيڪڏهن خامي هئي، ته
رڳو اها هئي جو سندن اميرن جي پاڻ ۾ ناسازي هئي.
ڏکڻ ۾ راجپوتن جي جوش کي ٽارڻ لاءِ اڃا به هڪ ٻن
جنگين ڪرڻ جي ضرورت درپيش هئي. پر فردوس مڪاني
بابر ۽ جنت آشياني همايون اُهي دنيا جا اُهي نامور
شهنشاهه ٿي گذريا جن جي استقلال ۽ همت کي ڏسي حيرت
وٺيو وڃي. هنن مڙسن کي هزارين تڪليفون وقت بوقت
پيش پيون، پر هنن صبر اختيار ڪري اهڙن تڪليفن جي
ڪا پرواهه نه ڪئي ۽ مرندي گهڙئ تائين همت مردانگئ
کي پنهنجي هٿان ڪين ڇڏيائون. (بس جو پنهنجي مدد
پاڻ ڪري ٿو الله به اهڙن جي مدد ڪري ٿو) واري مثال
کي زندهه ڪري ڏيکاريائون. هي دنيا جي انقلابن کي
منهن ڏيئي پنهنجي مقصد ۾ آخر وڃي ڪامياب ٿيا ۽ فتح
۽ ڪامراني پاڻمرادو اچي سندن قدم چميا. فردوس
مڪاني بابر ورهين کان سمرقند جي دولت کي هٿ ڪرڻ
لاءِ جانفشاني ڪئي پرشڪستن پٺيان شڪستون کاڌائين.
ايتريقدر جو سندس دوست ۽ خويش به کانئس بيزار ٿي
ويا. پر مڙس جي همت به ڏسو ڪڏهن حوصلو نه
هاريائين، الله تعالى به هن لاءِ رحمت جا در پٽي
ڇڏيا. سندس اڳيون تڪليفون محض خواب جيان هيون
ڇاڪاڻ جو هن ٿوري عرصي ۾ هندوستان جي اُها اڻ کٽ
دولت هٿ ڪئي جنهن اڳيان سمرقند جي دولت به هيچ
هئي! هئ هڪ وڏي تقوى هئي، اُها تقوى هئي، جنهن جو
ثبوت هن کان اڳ مسلمانن قادسيه ۽ يرموڪ جي معرڪن ۾
ڏنو هو، جڏهن قليل التعداد صحرا نشين پنهنجي
پيغمبر پاڪ جو سچو پيغام وٺي عرب جي ريگستان مان
اُٿيا هئا ۽ قيصر ۽ ڪسرى جي دولتن جا ڦري وارث ٿي
پيا هئا.
همايون جي گجرات تي ڪاهه
گجرات جو والي بهادر شاهه واقعي بهادر هو. دهلي جي
افغان سلطنت ڇڄڻ کانپوءِ هن گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي
هئي. مالواه تي قبضي ڪرڻ کانسواءِ خانديش برار ۽
احمدنگر جي رياستن به سندس آڻ مڃي هئي. سندس فوجي
انتظام به قابل تعريف هو جيئن ته پورچوگيزن سان
دوستي رکي ڪجهه توپخانو به هٿ ڪيو هئائين، تنهن
کانسواءِ سندس فوجن کي اُنهن کان فوجي تعليم ڏنل
هئي. سندس ڏؤنڪو دهلئ کان دکن تائين پئي وڳو. خاص
ڪري راجپوت راجائون به کانئس ڪنبدا هئا ميواڙ جي
راجا سان هن وقت به جنگ جوٽي هئائين. سندس خاص
ارادو اهو هو ته دهلئ ۽ گجرات جي شاهراهه تي جيڪي
به صوبا آهن، تن کي مات ڪري دهلي فتح ڪجي. پرقضا
سان سندس پَلو اچي همايون سان پيو. ڪاهه جو سبب هن
ريت هو همايون جي هڪڙي سؤٽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر جڏهن همايون کي خبر پئجي ويئي تڏهن هو وڃي
گجرات ۾ لِڪو. ٻيو سلطان ابراهيم لوڌي جي چاچي
علاالدين لوڌي، جو هن وقت تائين مغل تاج سان
وفادار هو، سو ڪا سازش ڪري گجرات ڀڄي ويو. همايون
گجرات تي ڪاهه ڪئي. بهادر شاهه جو توپخانو مغل
توپخاني سان پڄي ڪين سگهيو. هار کائي لشڪر سان ۽
سامان سميت ميدان ۾ ڇڏي وڃي، کنڀات ۾ لِڪو. چمپا
نير جو قلعو گجرات ۾ مشهور هو مضبوط به هو، هتي
بهادر شاهه جو خزانو پوريل هو. همايون ٽن سون جان
بازن جي مدد سان قلعي جي ديوار ۾ فولاد جو ميخون
هڻي پاڻ قلعي تي چڙهي اندر ٽپي پيو ۽ قلعو فتح
ڪيائين. بهادر شاهه جو خزانو، قلعي اندر پاڻي جي
حوض هو، تنهن جي هيٺان پوريل هو، جنهن جي ڪنهن کي
به خبر ڪانه هئي. زبان شيري ملڪ گيري جو پهاڪو
مشهور آهي. همايون قلعي جي چوبدارن سان اهڙئ مروت
سان پيش آيو جو هو سڀ سندس مطيع ٿي ويا ۽ سمورو
راز کڻي سليائونس، چون ٿا ته شهنشاهه کي هن قلعي
ما بيشمار سون ۽ رپيو هٿ لڳو. بهادر شاهه جو جيڪو
ڪمربند هٿ لڳس، تنهن ۾ ايترا ته جواهر لڳل هئا، جو
ڏسي چيائين ته ”بهادر شاهه سمنڊ جو بادشاهه هو“.
شيرشاهه سورئ جو دهلي فتح ڪرڻ
افغاني سلطنت جو خاتمو ٿي چڪو هو، پر مختلف هنڌن
تي جدا جدا افغان امير موجود هئا، جي ظاهري مغل
اقتدار هيٺ هئا، پر اندروني سندن اها ڪوشش هئي، ته
دهلئ مان مغلن کي تڙي ڪڍجي. پر اسين اڳ چئي چڪا
آهيون، ته سندن پاڻ ۾ نااتفاقي هئي، سو ڪامياب ٿي
نه پئي سگهيا. تازو سلطان ابراهيم لوڌي جي ڀاءُ
راجپوتن سان ناتو ڳنڍيو هو. پر بابر جي تلوار جو
مقابلو ڪري نه سگهيو. هن وقت جنهن شخص افغانن کي
پنهنجي تدبير سان هڪڙي مرڪز تي آڻي بيهاريو، اُهو
شيرخان نالي افغان هو، سندس اصل نالو فريد خان هو،
سندس ڏاڏو ابراهيم خان سلطان بهلول خان لوڌي جي
زماني ۾ گهوڙن جي سوداگري ڪندو هو. هو اصل
افغانستان جو رهاڪو هو، پاڻ کي غور خاندان مان
سڏائيندو هو، ابراهيم خان سلطان سڪندر لوڌي جي
زماني ۾ جونپور جي حاڪم جمال خان وٽ وڃي نوڪر
بيٺو، جنهن 5 سؤ سوارن جو سردار مقرر ڪيس. ابراهيم
خان پوءِ سندس پٽ حسن خان پيءُ جي منصبئ جو مالڪ
ٿيو، کيس جونپور جي والي سهسرام ۽ ٽانڊا جا ٻه
علائقا بطور جاگير جي مرحمت ڪيا، هت کيس ٻه پٽ شير
خان ۽ نظام خان ڄاوا. شير خان جڏهن عين شباب جي
عالم ۾ هو تڏهن پيءُ کان ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي
وڃي جمال خان جي خدمت ۾ بيٺو. هتي ڪمال ذوق ۽ شوق
سان علم رياضي، طبعيات ۽ شاعرئ جو چڱو اڀياس
ڪيائين. پيءُ پٽ جي لياقت کي ڏسي کيس پرچائي گهر
وٺي آيو ۽ جاگير جو ڪم سندس حوالي ڪيائين. شير خان
جاگير جو چڱو انتظام رکيو، جا پيءُ جي مرڻ کانپوءِ
کيس وراثت ۾ ملي. هتان آخر ڀاءُ کي وٺي سڪندر خان
لوڌي وٽ دهلئ ۾ ٻئي وڃي فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿيا.
جڏهن بابر ابراهيم کي شڪست ڏئي هندوستان کٽيو تڏهن
محمد شاهه لوهاڻي وٽ نوڪر بيٺو. 1526ع ۾ جڏهن محمد
شاهه بهار ۽ جونپور تي ڪاه ڪئي تڏهن شيرخان پنهنجئ
بهادرئ جو ڪمال ثبوت ڏنو. لوڌي خاندان مان رڳو
بهار جو حاڪم سلطان محمود خودمختيار هو، شيرخان
سندس خدمت ۾ رهي پنهنجئ لياقت جو چڱو ثبوت ڏنو.
هڪڙي ڀيري شڪارگاهه ۾ مردانگئ سان تلوار جي هڪڙي
ڌڪ سان شينهن ماري وڌائين. اُن ڏينهن کان سلطان
کيس شير خان جي نالي سان سڏڻ لڳو. آخر ڪنهن ٿوريءَ
ڳالهه تان سلطان کي منجهس شڪ پيو. شير خان سندس
نوڪري ڇڏي شهنشاهه بابر جي هڪڙي امير جنيد برلاس
سان دوستي ڳنڍيا. ۽ شهنشاهه جي طرفان محمد شاهه
لوهاڻي تي حملا ڪيائين. سن 1529ع ۾ جڏهن سلطان
محمود بابر هٿان شڪست کاڌي تڏهن جن افغان سردارن
مغل شهنشاهه جي اقتدار کي تسليم ڪيو تن سان گڏ شير
خان به هو. بابر مٿس گهڻو مهربان هو. ڇاڪاڻ جو
چانديرئ جي گهيري ۾ هن ڏاڍي بهادري ڏيکاري هئي ۽
امير جنيد برلاس جي معرفت شهنشاهه بابر جي درٻار ۾
شرف باريابي نصيب ٿيس. هتي مغلن جي رنگ ۽ ڍنگ کي
تاڙي ويو. سندس اولوالعزمي جوش ۾ هاڻي جهان باني
ڪرڻ جا خيال سندس دل ۾ پيدا ٿيا. اڪثر دوستن کي
چوندو هو ته ”مغل سڀ عيش عشرت ۾ غرق رهن ٿا.
”جيڪڏهن منهنجي قوم مونسان مددگار رهي ته مان مغلن
کي هندوستان مان ائين ٻاهر ڪڍندس جيئن کير مان مک
ڪڍي ڦٽي ڪجي“.
هڪڙي ڏينهن جڏهن شيرخان جنيد برلاس سان گڏ شاهي
دعوت ۾ شريڪ هو، تڏهن بابر جو قافيه شناس هو، تنهن
سندس رمز سهي ڪري ورتي ته هي شخص وڏي اقبال جو
مالڪ آهي، جهٽ کڻي قيد ڪيائينس پر امير جنيد
بادشاهه کي چيو ته ماڻهو کِلندا ته مغل شهنشاهه
ڊڄي ڪري هڪڙي افغان کي دعوت جي موقعي تي کڻي قيد
ڪيو آهي. بابر ماٺ ۾ رهيو، شير خان سندن ترڪي زبان
سمجهي نه سگهيو پر ڳالهه جو مطلب سهي ڪري ورتائين.
ماٺ ماٺ ۾ درٻار مان نڪري ويو.
بابر جي وفات کانپوءِ سن 945هه ۾ سڄي بنگال ۽
پاٽنا جي علائقن جو خودمختيار حاڪم ٿي ويٺو. جڏهن
همايون تخت تي ويٺو تڏهن ڀائرن جي اڻبڻت ۽ جنگيون
ڏسي وري مغل اُمرائن جي عيش طلبي کي ڏسي وقت هٿان
نه وڃايائين. جڏهن همايون بهادر شاهه سان گجرات جي
جنگ ۾ رڌل هو تڏهن هڪڙي طرف کان ته مغل سلطنت جي
حدن تي ڪاهه ڪرڻ لڳو، ٻئي طرف پنهنجي افغان قوم جي
رڳن ۾ ترقي ۽ همت جو روح ڦوڪيندو رهيو. آخر هنن کي
اهڙا حوصلا ۽ ارادا ڏيکاري کڻي جري ڪيائين، جو
جاڏي کڻي رخ ڦيريندو هو ته پُؤن ٻارهن!
بنگال جي سازشن جي جڏهن همايون کي خبر پهتي تڏهن
توبخاني سميت گنگا لنگهي پاٽنا پهتو، پر برساتي
موسم هئڻ ڪري شهنشاهه کي پٺتي موٽڻو پيو. شير خان
سندس پٺيان پيو، قنوج ۽ چنار فتح ڪري همايون کي
آڻي اهڙو ته سوڙهو ڪيائين جو همايون سر بچائڻ لاءِ
درياهه ۾ ٽپو ڏنو، قسمت سندس تيز هئي جو محمد نالي
هڪڙي ماشڪيءَ کيس سنيهه ڏني، جنهن جي وسيلي تري
گنگا جي پريان آگره ۾ اچي دم پٽيائين. پرشير خان
سندس پيڇو ڪين ڇڏيو، اچي آگره به فتح ڪيائين.
شهزادو هندال جو ڀاءُ جو غير حاضريءَ ۾ دهليءَ جي
تخت تي هو، تنهن همايون جي خلاف فساد ڪيو. ڪامران
۽ مرزا عسڪري جي ڪابل کان فوجون وٺي نڪتا هئا، تن
جي مرضي هئي ته دهليءَ تي قبضو ڪجي. ان وچ ۾ شير
خان موٽي بنگال ڏانهن ويو. همايون ٽي هزار سوار
فوج ڪامران کان وٺي گنگا لتاڙي مقابلي لاءِ نڪتو.
پر هن ڀيري به جي جان نثار سپاهين جا هٿ نه پهچن
ها ته جيڪر ٻڏي مري ها. هن شڪست کان پوءِ شاهي
خزانا دهليءَ ۾ آگره مان ڦيرائي همايون لاهور کڻي
ويو، پر ڪامران سڀ ڪجهه شير خان جي حوالي ڪري پاڻ
ڪابل ڏانهن ڀڄي ويو. همايون ڪن ٿورن رفيقن سان جان
ڀڄائي ڀڳو.
|