ڇپائيندڙ پاران
مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائي ڪنهن به تعارف جو
محتاج نه آهي، پاڻ پنهنجي دؤر جو نامور محقق ۽
تاريخ نويس ٿي گذريو آهي. تاريخ جهڙي اهم موضوع تي
سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ”جنت
السنڌ“، ”تاريخ سکر“ ۽ ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي پاڻ ملهايو آهي.
هيءُ ڪتاب ”تاريخ اسلام“ مولائي شيدائيءَ جو اسلام
جي تاريخ تي مشتمل اهم تحقيقي دستاويز آهي، جنهن ۾
پاڻ اسلام جي تاريخي پس منظر جو سربستو احوال چِٽي
نموني ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌ جي هِن عظيم تاريخدان
جو هيءُ تاريخي ڪتاب اڻڇپيل صورت ۾ سندس پونئيرن
وٽ محفوظ هو، جيڪو سندس ڏوهٽي محترم امير علي
بروهي ڇپائي لاءِ ڏياري موڪليو، جنهن کي بورڊ
طرفان پهريون ڀيرو شايع ڪيو پيو وڃي.
سنڌي
ادبي بورڊ شروع کان ئي ادب، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت
تي اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي
۽ ان کان علاوه اسلامي ادب جا به ڪيترائي معياري ۽
ناياب ڪتاب بورڊ طرفان شايع ٿي چڪا آهن. هاڻي هيءُ
مولائي شيدائيءَ جو ڪتاب ”تاريخ اسلام“ آءٌ
پنهنجي
ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس
ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آءٌ جناب مخدوم جميل
الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان
شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان
منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.
اُميد آهي ته، اسان جو هيءُ پورهيو تاريخ سان
دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.
17-
رمضان المبارڪ 1437هه
الهڏتو وگهيو
23-
جون 2016ع
سيڪريٽري
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
عربستان جي طبعي
صورت
عربستان
Arabia
جو ملڪ براعظم ايشيا جي ڏکڻ
اولهه ڪنڊ ۾ آهي. هن ملڪ جون حدون قدرتي طرح سان
واقع آهن. جيئن اُتر ۾ شام جو صحرا ۽ جبل طورسينا
اَٿس. اوڀر ۾ اِيراني نار ۽ بحرين جا ٻيٽ آهن جي
سچن موتين جي واپار ڪري مشهور آهن.
ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اولهه ۾ بحيره قلزم (ڳاڙهو
سمنڊ) اَٿس. هاڻي هن جي قدرتي حدن جو بيان ڏيڻ به
ضروري آهي. شام ۽ جبل طور سينا به مشهور آهن جتي
اڳ حضرت موسيٰ عليھ السلام بني اسرائيل (يهودين)
کي توريت جي تبليغ ۽ دعوت ڏني هئي. تنهن کان اڳ
حضرت نوح، حضرت ابراهيم، حضرت يعقوب، حضرت دائود ۽
حضرت سليمان عليھم السلام به ٿي گذريا. هن خطي جا
مشهور شهر دمشق ۽ ڪنعان به عجيب ۽ غريب روايتن جي
ڪري مشهور آهن. گئللي جي ڍنڍ به ساڳئي هنڌ تي آهي.
اوڀر ۾ ايراني نار جا ڪنارا به کجورن جي درختن جي
ميڙ ڪري گنجان آهن. وري ڪناري تي عربي ملاحن جي
ڪشتين جا ميڙ به چشمِ بصيرت کي عجيب ڪيفيت بخشين
ٿا. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي جو بحيره هند جي هڪڙي شاخ
آهي. تاريخي روايتن مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته هتي
جي صحرا نشينن ڪنهن سمي ۾ سرانديپ ۽ مالابار کان
به پري جاوا ۽ چين سان سمنڊ جي رستي واپار ڪيو هو.
بحيره قلزم هونئن ته جهازن جي آمد ورفت کان پُرخطر
آهي پر مسلمانن وٽ هن جي جيتري عزت آهي سو هرڪو
ڄاڻي ٿو ڇاڪاڻ جو سال بسال دنيا جي هر ڪنهن ڪنڊ
مان مسلمان هن تي سفر ڪري حجاز جي مقدس سرزمين جي
اچي زيارت ڪن ٿا.
عربستان هڪڙو وڏو اُپٻيٽ آهي جو 1400 ميل ڊگهو آهي
۽ اٽڪل 700 ميل ويڪرو آهي. شايد پکيڙ ۾ فرانس کان
ٻيڻو ٿيندو ۽ قدرتي طرح سان جدا جدا حصن ۾ ورهايل
آهي. هر ڪنهن ڀاڱي جي زمين جو قسم آبهوا جو نمونو
۽ ماڻهن جو چهرو جدا جدا آهي. اُتر ۾ ننڍيون
ننڍيون پهاڙيون آهن جنهن ۾ ڪنهن سمي ميڊيا لوڪن
پنهنجيء زندگيء جو عرصو بسر ڪيو هو. جن جي فنون
سازيء جا واقعا هن وقت محض تاريخ کي رونق وٺائين
ٿا. پهاڙين کان پوءِ حجاز جو علائقو اچي ٿو جو
پنهنجي ٻن مقدس هنڌن ڪري مشهور آهي. مدينو منوره
جو اڄ هن نالي سان سڏجي ٿو تنهن کي اڳ ۾ يثرب
سڏيندا هئا، ٻئي کي مڪو شريف سڏين ٿا جو پيغمبر
اِسلام حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ
وسلم خاتم المرسلين رسول عربي جي ڄمڻ جو هنڌ آهي.
هن علائقي جي جبلن جون قطارون اُتر ۾ طور سينا کان
هلي ڏکڻ ۾ بحيره هند جي موجن سان وڃي مٿو ٽڪرائين
ٿيون. ڏکڻ ۾ اولهندي ڪنڊ ۾ يمن جو علائقو آهي. هن
علائقي کي اڳ طهاما به سڏيندا هئا. يمن جي اوڀر ۾
حضرموت جو علائقو اچي ٿو جو عربي سمنڊ جو ڪنارو
آهي. اُڀرندي ڀاڱي کي عمان جو نالو مليل آهي، جو
ايراني کارئ جو هڪڙو حصو آهي. اُتر ۾ حجاز جي
پهاڙين کان اَلعشا جي صحرا تائين ويندي بحرين جي
ڪناري تائين وچواري علائقي کي نجد سڏين ٿا جنهن جو
تختگاهه رياض آهي، هئ ملڪ سمنڊ جي سطح کان گهڻو
بلندئ تي آهي. جابلو علائقو آهي ڪن ڪن هنڌن تي
کجورن جا جهڳٽا، پاڻئ جا چشما ۽ سبزگاهه جا ٻوڙا
نظر اچن ٿا. جي هن بيابان ۾ مثل باغِ اِرم جي آهن
ڇاڪاڻ جو صحرا جا ٿڪل ماندا قافلي وارا، جڏهن ڊگهئ
مسافرئ کان پوءِ جڏهن مٿين مرغ زارن وٽ منزل هڻندا
آهن تڏهن واقعي سندن مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ مٿيان
سبزگاهه آستان خضر کان گهٽ ڪين آهن. عمان جو
تختگاهه مسقط آهي جو وڏي واپار جو بندرگاه آهي.
عربستان ۾ نديون ڪينهن جن جي ذريعي مان جهازراني
ٿي سگهي پر اڪثرنيون آهن جي برسات جي موسم ۾ وهن
ٿيون ۽ اڪثر اُنهن تي ئي آبادي ٿئي ٿي. برسات به
ورلي پوندي آهي نه ته سڄو ملڪ غيرآباد ۽ خشڪ آهي
پر جن هنڌن تي پاڻي ملي ٿو اُتي جي رونق ئي وري
ڪجهه ٻئي نموني تي آهي. بقول شمس العلما مولانا
اِلطاف حسين صاحب حالي:
عرب جسکا چرچا ہی یہ کچھ وہ کیا تھا
زمانے سے پیوند جسکا جدا تھا |
|
جھان سے الگ اک جزیرہ نما تھا
نہ کشورستان نہ کشورکشا تھا |
تمدن کا اُسپر پڑا تھا نہ سایا
ترقی کا تھا وان قدم تک نہ آیا |
نہ آب و ہوا ایسی تھی روح پرور
نہ کچھ ایسے سامان تھے وان مَیسر |
|
کہ قابل ہی پیدا ہون خود جس سے جوہر
کنول جس سے کھل جائیں دل کے سراسر |
نہ سبزہ تھا صحرا میں پیدا نہ پانی
فقط آبِباران تھی زندگانی |
زمین سنگلاخ اور ہوا آتش افشان
پہاڑ اورئیلے سراب اور بیابان |
|
لوون کی لپٹ بادِ صرصر کے طوفان
کھجورون کے جھنڈ اور خارِ مغیلان |
نہ کھیتوں میں غلہ نہ جنگل میں کھیتی
عرب اور کل کائنات اُسکی یہ تھی |
يمن جي پهاڙي زمين به جبلائتي آهي جنهن کي جبل
اَليمن ڪري سڏين ٿا. هنن پهاڙين جا دامن ۽ پاسا
اڪثر شاداب آهن جن ۾ قهوري، کجور، ڀاڄين ۽ ميون جي
پيداوار ٿئي ٿي. هتي جي آبهوا به خوشگوار آهي بهار
۽ خزان جي موسمن ۾ ڪجهه قدر هوا گهمائتي ٿئي ٿي.
سياري ۾ هت پارو به پوندو آهي.
حجاز ته بلڪل غيرآباد علائقو آهي. جبلن ۽ ماٿرين
کانسواءِ ٻيو ڪي به ڪين اَٿس. هتي گرمي به ڏاڍي
آهي. خاص ڪري مڪي جي طرف، جو بحيره قلزم کان 50
ميلن جي فاصلي تي ٿيندو. هتي فقط ڪي خاردار ٻوٽا
ٿين ٿا جن تي چوپائي مال جو گذر ٿئي ٿو. مدينو
منوره، جو مڪي شريف جي اُتر ۾ اٽڪل 277 ميل ٿيندو،
ايترو گرم نه آهي. سندس پسگردائي ۾ سبزي جي پوک به
ٿيندي آهي. مديني جهڙي عمدي کجور ڪٿي به ڪين ٿئي
ٿي. مڪي جي اوڀر ۾ اٽڪل 100 ميل پري طائف جو ضلعو
آهي جو بلڪل آباد ۽ سبزه زار آهي. منجهس اناج
ميوات مثلاً صوف، انجير، اَنارن کان سواءِ اَنگور
به ڪثرت سان ملي سگهن ٿا. آبهوا پر فضا ۽ پاڻي به
لذيذ اَٿس
قديم رهاڪو ۽ سندن مذهب
عربستان جو ملڪ جدا جدا وقتن تي جدا جدا قسمن جي
ماڻهن پئي وسايو آهي. تاريخن جي ورق گردانئ مان
معلوم ٿو ٿئي ته جيڪا پهرين قوم هتي اچي آباد ٿي،
اُهي قلداني
Chaldaean
لوڪ هئا، جي پهريائين فرات ندئ
جي اُوڀرندي ڪناري تي آباد هئا ۽ پوءِ عربستان ۾
اچي رهڻ لڳا. اُهي گهڻو سڌريل هئا. اِئين ٿو معلوم
ٿئي ته سندن حڪومت مصر کان وٺي ويندي عراق عرب
تائين هئي. هنن وڏا وڏا محلات تعمير ڪرايا. کين
عبادتگاهون به هيون. اڃا تائين عدن جي ويجهو ڪي
سندن پاڻئ جا جڙيل تلاء موجود آهن، جي سندن يادگار
لاءِ ڪافي ثبوت ڏين ٿا. هن قوم جو زوال وري شيما
تيلي قبيلن ڪيو، جي فرات ندئ جي اڀرندي طرف کان
آيا هئا. هي ماڻهو گهڻو ڪري وادئ يمن ۽ حضرموت جي
پرڳڻن ۾ ديرو ڪري اچي ويٺا. اُهي ڪهتان جي قبيلي
مان هئا. سندن سردار يعرب نالي هو. هن خاندان جي
فرمانروائن کي صبايان
خاندان جي لقب سان سڏيندا هئا. هن خاندان جي سلسلي
جو پتو هن مان لڳي ٿو، ته يعرب جو پوٽو عبدالشمس
پاڻکي (صبا) سڏائيندو هو. هو جنگجو هئا ۽ سندن
بادشاهه ڏاڍا شجاع ۽ محل ساز هئا. سندن سلطنت يمن
۽ عربستان جي ٻين ڀاڱن تي هئي، جا عيسوي ستين صدئ
تائين قائم رهي. (ڏسو نوٽ)
عربستان جو نقشو حوبيه ڪالج
الاستانه
سڀ کان پوءِ جا قوم هتي اچي آباد ٿي، تنهن خاندان
کي اِسماعيلي سڏيندا هئا جنهن جو نسل حضرت
اِسماعيل عليھ السلام کان شروع ٿئي ٿو، جو حضرت
ابراهيم عليھ السلام جو پٽ هو. صابي لوڪ اوائل ۾
ستارن جي پرستش ڪندا هئا پوءِ رفته رفته هو بت
پرست بنجي پيا. سڀ ڪنهن ڪٽنب ۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ سندن
جدا جدا بت رکيل هوندا هئا. اُنهن بتن مٿان ڪڏهن
ڪڏهن جيئرن انسانن جون قربانيون ڏنيون وينديون
هيون، خاص ڪري ڇوڪرين جون. اهي اوائلي عرب ڇوڪريون
ناس ڪرڻ پسند ڪندا هئا، جو ڀائيندا هئا ته متان
جنگ ۾ دشمنن جي هٿان کڄي وڃن ۽ پوءِ کين گلا هيٺ
آڻين. وقت تي ڇوڪرين کي جيئرو زمين ۾ پوري ڇڏيندا
هئا. ڪي اوائلي عرب عيسائي ۽ يهودي به هئا ۽ ڪي
ٿورا آتش پرست به هئا. پر هي سڀ صابي مذهب جي
پوئلڳن وانگر جاهليت ۾ غرق هئا ۽ بڇڙين رسمن ۾
ڀرپور هئا.
ڪعبة الله شريف جو ٺهڻ ۽ مڪي جو بنياد پوڻ:
ڪعبة الله جي ٺهڻ بنسبت مختلف تاريخ نويسن جا جدا
جدا رايا آهن، پر اڪثر ائين روايت ڪن ٿا، ته جڏهن
حضرت آدم عليھ السلام ۽ بيبي حوا کي اَلله تعالى
عرفات جبل تي پاڻ ۾ ملايو. پوءِ آدم گهڻي ڏک وچان
آسمان ڏي هٿ کڻي الله کي ٻاڏايو، ته مونکي بهشت
واري عبادتگاهه جهڙي ڪا عبادتگاهه موڪل، ته ويهي
عبادت ڪريان. حضرت آدم عليھ السلام جو عرض الله وٽ
اگهيو ۽ هڪ ڪڪرن جو ٺهيل عبادت گاهه فرشتا آسمان
مان کڻي هيٺ لٿا. بهشت واري عبادتگاهه جو نالو بيت
المعمور هو. پوءِ حضرت آدم عليھ السلام عبادت جي
وقت هن بهشت مان آيل مڪان ڏي منهن ڪندو هو ۽ ڏهاڙي
هنجي چوڌاري ست ڀيرا فرشتن وانگر ڦيرا پائيندو هو.
حضرت آدم عليھ السلام جي هن فاني دنيا مان برقعو
مٽڻ بعد اهو ڪڪرن وارو مڪان آسمان ڏي کڄي ويو،
پوءِ حضرت آدم عليھ السلام جي پٽ حضرت شيث عليھ
السلام انهئ ساڳئي هنڌ اهڙو عبادتگاهه پٿرن جو
ٺاهيو. حضرت نوح عليھ السلام جي وقت جيڪو طوفان ۽
پاڻي چڙهيو. اهو عبادتگاهه پڻ ان طوفان جي زد ۾
اچي ويو.
گهڻي وقت پڄاڻان حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي
زال بيبي هاجره ۽ معصوم پٽ اِسماعيل عليھ السلام
کي اِنهئ اڳوڻي عبادت خاني وارئ زمين جي ويجهو
ڇڏي ويو. بيبي هاجره ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام
کي هن بيابان ۾ ڏاڍي اُڃ لڳي ۽ بيبي صاحبه پاڻي جي
ڳولا ۾ ”صفا ۽ مروه“ جي ننڍڙين ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙڻ
لڳي، خدا جي قدرت سان جتي حضرت اسماعيل عليھ
السلام پيو هو، اتي هن جي پيرن وٽ هڪڙو مٺي پاڻئ
جو چشمو وهي اُٿي هليو. چشمي مان ندي ٿي وڃي ها پر
بيبي صاحبه پاڻي کي حڪم ڪيو ته ”زمزم“ يعني بيهي
رهه. تڏهن پاڻي کوهه ٿي بيهي رهيو. اهڙي طرح سان
زمزم جي کوهه جو بنياد پيو. جلد ئي ڪيترائي ماڻهو
پاڻي ڏسي اُتي ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. بيبي هاجره ۽
حضرت اِسماعيل عليھ السلام به اُتي رهڻ لڳا. اِئين
مڪي جي شهر جو بنياد پيو. حضرت اِسماعيل عليھ
السلام جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن سندس شادي بنو جرهم جي
قبيلي مان ٿي. سندس سهري جو نالو عضاص هوجو شهر جو
حاڪم هو.
حضرت اسماعيل عليھ السلام کي ٻارهن پٽ ڄاوا جي
عربستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي رهيا ۽ اُنهن جي
اولاد مان سڄو عربستان آهستي آهستي ڀرجي ويو.
ڪنهن وقت حضرت اِبراهيم عليھ السلام کي الله تعالى
جو حڪم ٿيو، سو حضرت اِسماعيل عليھ السلام وٽ آيو
۽ پوءِ ٻنهي گڏجي اڳوڻي عبادتگاهه وارئ زمين تي هڪ
نئون عبادتگاهه بنايو. جنهن وقت حضرت ابراهيم عليھ
السلام ۽ اِسماعيل عليھ السلام انهئ عمارت جي ڪم ۾
مشغول هئا، اِنهئ وقت حضرت جبرئيل عليھ السلام هڪ
ٻيو پٿر بهشت مان اَلله جي فرمان موجب وٽن آندو.
اِنهئ پٿر کي حضرت اِبراهيم عليھ السلام ۽ حضرت
اِسماعيل عليھ السلام گهڻي ادب مان ورتو ۽ هنکي
اِنهئ عبادتگاهه جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ ۾ کوڙي ڇڏيو، جتي
هو اڃا لڳو پيو آهي. جڏهن اهو پهريان ڀت ۾ لڳو هو،
تڏهن بلڪل سفيد هو، پر گنهگار بندن جي چمين جي ڪري
آهستي آهستي ڪارو ٿي ويو ۽ مٿس ”حجرالاسود“جو نالو
پئجي ويو ۽ انهئ عبادتگاهه کي ڪعبة الله ڪوٺيو
ويو. ڪنهن به صورت ۾ هو زمين جي شي نه آهي، پر
آسمان مان آندل آهي.
عربستان جا سڀ ماڻهو خاص ڪري حضرت اِسماعيل عليھ
السلام جو اولاد اسلامي مذهب جي برپا ٿيڻ کان گهڻو
اڳي انهئ ”ڪعبة الله شريف“ ۽ زمزم جي کوهه کي ادب
جي نظر سان ڏسندا هئا. هو سڀ هر سال اُتي طواف ڪرڻ
۽ عبادت لاءِ ايندا هئا. پر رفته رفته جيئن عربن ۾
بت پرستي وڌندي وئي تيئن ”ڪعبة الله شريف“ به بتن
سان ڀرجي ويو. تان جو 360 بت ڪعبة الله ۾ موجود ٿي
ويا.
معاشرتي حالت
قديم زماني کان وٺي عربستان جي ماڻهن کي ٻن ڀاڱن ۾
ورهايو ويو آهي. هڪڙا اُهي جي شهرن ۾ رهن ٿا ۽ ٻيا
اُهي جي تنبن ۾ رهن ٿا. ڪي شهري ماڻهو کيتئ جو ڪم
ڪندا هئا ۽ ڪي واپار جو ڪم ڪندا هئا. هو اٺن ۽
سامونڊي جهازن جي وسيلي تجارت ڪندا هئا. هو بحري
فن مان به واقف هئا. آفريقا ۽ هندوستان مان مال
آڻيندا هئا ۽ پوءِ ساري دنيا ۾ موڪليندا هئا. يمن
۽ ايران کان جيڪو مال عرب ڏي ايندو هو، سو اڪثر
خشڪئ جي رستي اُٺن جي وسيلي ويندو هو. اُهي اُٺ
تنبن ۾ رهندڙ عرب موجود ڪري ڏيندا هئا، جن کي
”بدوي“سڏجي ٿو. شهري ماڻهو جي واپار ۽ کيتئ تي
گذاريندا هئا، سي ٻين ٻاهرين ماڻهن سان رغبت اچڻ
ڪري نرم طبيعت ۽ ماٺيڻي سڀاءُ جا ٿي پيا. تنهنڪري
پوريون قديم عادتون ۽ خصلتون تنبن وارن ماڻهن ۾
وڃي رهيون.
اُهي بدوي تعداد ۾ شهرين کان گهڻا هئا ۽ رولو
عادتن جي ڪري ملڪ کان پورئ طرح واقف هئا. پنهنجي
رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ۽ اُٺن جا وڳ وٺيو سبزي ۽
چراگاهن جي تلاش ۾ هو سڄي صحراجو گشت هڻندا هئا.
رات حضراَلموت ۾ رهيا ته صبح نمودار ٿيڻ کان اڳ
وڃي نجد ۾ خيما کوڙيندا هئا. کين فقط اُنهن صحرا
جي مرغ زارن جي تلاش جو فڪر دامنگير هوندو هو جنکي
انگريزئ ۾
Oasis
سڏين ٿا. جن خضرستانن جو اڳ بيان ڏنل آهي. اُهي
بدوي ڪنهن جي ماتحت ڪين رهندا هئا. ڇاڪاڻ جو
عربستان جو وچون علائقو حضرالموت کان وٺي ويندي
شام تائين هڪ رڻپٽ آهي. تنهن ڪري هتان جا خانهء
بدوش عرب ڪنهن جي ماتحت ڪين هئا. اُهي ڪيترن ڪٽنبن
قبيلن ۽ جماعتن ۾ ورهايل هوندا هئا ۽ سڀ ڪنهن جو
پريو مڙس يا شيخ جدا هوندو هو، جو پنهنجي تنبوءَ
جي ڀرسان پنهنجو نيزو حڪومت جي نشاني طور کوڙي
ڇڏيندو هو. گهڻو ڪري شيخ هڪڙي ئي ڪٽنب مان ٿيندا
هئا ۽ اُهو درجو پيڙهي به پيڙهي هليو ايندو هو، پر
ماڻهن جي راءِ تي به ڪجهه منحصر هوندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن هڪڙي شيخ کي لاهي ٻئي کي به اِنهئ جي جاءِ تي
مقرر ڪندا هئا. شيخ جي طاقت سندس چالاڪئ ۽
هوشياريءَ تي مدار رکندي هئي. سندس ڪم هوندو هو
لڙائي يا صلح جون ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ، پنهنجن
ماڻهن کي دشمن جي اڳيان وٺي وڃڻ، لشڪر جي جاءِ
مقرر ڪرڻ ۽ ڌارين کي ماني ٽڪي کارائڻ.
ننڍن ننڍن قبيلن جي هئڻ ڪري منجهن ٻڌي ڪانه هوندي
هئي ۽ هو سدائين پيا پاڻ ۾ وڙهندا هئا.
هو فطرتاً جنگجو هئا ۽ وير وٺڻ ته سندن ادنى طريقو
هو. جيڪڏهن ڪنهن جو مائٽ مارجي ويندو هو، ته پوءِ
هن جا سڀ مائٽ هن جي رت جو عيوضو ضرور وٺندا هئا،
نه ته سندن عزت ۾ گهٽتائي ٿيندي هئي. انهئ سبب ڪري
هو جنگ جي فن مان چڱي طرح واقف هوندا هئا ۽ هٿيار
پنهوار به چڱي طرح هلائي ڄاڻندا هئا. هو واپار ۽
کيتئ کي بلڪل گهٽ سمجهندا هئا. هو بت ۾ هلڪا هئا
پر چالاڪ ۽ محنتي هئا. سندن بت اهڙو مضبوط هوندو
هو، جو نڪا گرمي ۽ نڪا سردي جي پرواهه هوندي هين ۽
نڪو وري ٿڪ جو غرض هوندو هين. سندن خيال سندن بدن
وانگر تيز هئا. هو تڪڙا ۽ چيڙاڪ هئا، پر ڪاوڙ گهڻو
وقت ڪانه هلندي هين. هنن جي ٻولي عمدي هئي. کين
پهاڪا ۽ بيت بلڪل پسند ايندا هئا. باوجود ان جي ته
هو جنگجو ماڻهو هئا پر هٿ جا ڇوٽ ۽ پڪا مهمان نواز
هئا. فصيح ۽ بليغ زبان واري ماڻهوءَ کي چاهيندا
هئا. مطلب ته دشمن به هنن جي درتان خالي ڪين
موٽندو هو. مسافرن سان پويون گرهه به ونڊي کائيندا
هئا. پڻ اڄوڪي بدوي عربن ۾ به اڃا سوڌو گهڻيون
عادتون موجود آهن.
قديم زماني کان چين، توران ۽ هندوستان جو مال
ايران مان لنگهي عراق ۽ شام جي رستي مصر ۽ ايشيا
ڪوچڪ کان لنگهي قسطنطنيه ڏانهن ويندو هو. تنهنڪري
عربن کي هن واپار مان گهڻو فائدو ٿيندو هو. پر
سندن اها ترقي گهڻو رڪجي وئي، ڇاڪاڻ جو رومي جهازن
جي رستي واپار ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري عربستان جا ماڻهو
جن جو اڪثر گذران واپار تي هو، تن کي گهڻو نقصان
پهتو.
اِسلام کان اڳ عالم دنيا جي ڪهڙي حالت هئي؟
جيسين اسين رسول عربي محمد مصطفى عليھ الصلوٰت
والسلام جي زندگي، اخلاق عظيمه ۽ خصائل ڪريمه بيان
ڪريون، تنهن کان اڳ هي ظاهر ڪرڻو آهي، ته حضور
پُرنور جي تشريف آورئ کان اڳ خدا جي هن زمين تي
ڪهڙي اونداهي هئي ۽ قومن جي ڪهڙي ابتر حالت هئي؟
دنيا جي تاريخ شاهدي ڏيئي ٿي، ته عيسوي ڇهين صدئ
کان اڳ يعني اِسلام جي ظهور کان اڳ چوطرف تاريڪي
۽ مخلوق خدا سان بي اِنصافي هئي. اِسين هتي اُنهن
ملڪن جو بيان ڏيون ٿا جي پنهنجي روايتن موجب داعوى
ڪن ٿا ته اهو آريه نسل مان آهن ۽ قديم زماني کان
متمدن هئا.
(1) عظيم رومي شهنشاهيت:
The Great Roman Empire
جي اُها عظيم الشان شهنشاهيت ۽ اُهي رومي جن يورپي
مورخن جي راءِ موجب دنيا کي تهذيب ۽ علم جي دعوت
ڏني هئي. پر ياد رکڻ گهرجي ته سندن حڪومت جو نظام
ڌارين قومن لاءِ نسورو دوزخ هو. عيسوي ڇهين صدئ ۾
يورپ ۾ تاريڪي ۽ جهالت جي حڪمراني هئي. جتي ڪٿي
جدال ۽ قتال ۽ بي آرامي هئي، رومين خواهه عيسائين
جو عام عقيدو هڪڙي عظيم الشان بت ۾ هو، جنهنکي
(وڊن)
Widin
جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ رومين جي ديولن ۾ بت
پرستي ٿيندي هئي ۽ قديم يونانين وانگر اُهي بتن کي
خدا جا نائب ڪري مڃيندا هئا! رومي خود غرض ۽ عياش
هئا. سندن دارالسلطنت روم
Rome
عشرتڪده هو. جڏهن رومين
يونانين کي جيتيو ۽ ڪارٿيج کي تاراج ڪيائون، تڏهن
سندن خودغرضئ جو حد حساب ڪونه هو. هو پاڻ کي خدائي
فرشتا تصور ڪندا هئا. يهودي خواهه ڪاپٽ
COPTS
ته ايتريقدر کانئن تنگ هئا، جو جڏهن مسلمانن مصر
تي حملو ڪيو، تڏهن هنن اِسلامي حڪومت هيٺ رهڻ تي
لبيڪ پڪاريو. سندن پادري مذهبي پردي اندر قومن کي
پائمال ڪرڻ لڳا، جنهن جو سمورو بيان هت ڏيئي نه
ٿوسگهجي.
(2) اِيران (فارس)
PERSIA
جي ساساني شهنشاهيت: اُتي به دولت ۽ زالن تي جنگ
لڳل هئي اِنساني اخلاق جو گويا جنازو کڄي ويو هو!
آتش پرستي اَفضل عبادت سمجهي ويندي هئي.
(3) هندوستان
INDIA:
هندوستان کي هند و فخر سان ڀارت ورش يا ڀارت کنڊ
جي نالي سان ياد ڪن ٿا ۽ پاڻ کي دنيا جي اَفضل ۽
مهذب قومن کان به افضل سمجهن ٿا. اُتي برهمڻ پاڻ
کي سڀني ذاتين کان اَفضل سمجهندا هئا. اِنهئ عقيدي
جي پردي اندر هو ٻين ذاتين جي حقن جي اِنحرافي
ڪندا هئا. پاڻ تارڪ دنيا رهڻ جي بهاني سان حڪمراني
ڪمن ۾ بهرو وٺندا هئا. وڏا وڏا چڪر ورتي راجا جي
پوڄا پاٺ جي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا ۽ وڏا خرچ ڪندا
هئا. ”سوما ٻوٽي“ شراب پيئندا هئا. زالن کي جيئرو
ساڙڻ يعنى ستي هڪ پاڪ عقيدو سمجهڻ ۾ ايندو هو. ملڪ
۾ چؤطرف سنگ پرستي ديوتانوازي جو عام چرچو لڳل
هوندو هو. چندرمان چنڊ، سورج نارائڻ سج، جل ديوتا
نديون، اگني ديوتا باهه، اندر برسات ۽ نانگ مکيه
ديوتا ليکبا هئا. جن جي بتن اڳيان ماڻهو مٿا
ٽيڪيندا هئا ۽ قربانيون ڏيندا هئا. ايوڌيا جي بن
واسين ۽ ڪروڪشيتر جي سورمن ٻاهرينءَ دنيا تي ڪو
اَثر ڪونه وڌو. وادئ گنگا ۽ جمنا جا شاداب علائقا
محض بتخانا هئا. گوتم گيان به البته ايترو ڪيو جو
بت پرستي هماچل پربت کان لنگهي وڃي تبت ۽ چين ۾ به
گهر ڪيو، مطلب ته دنيا اڃا به اعلى مقصد کان بي
خبر هئي.
(4) چين
CHINA:
هن ملڪ ۾ وري بادشاهن جي پوڄا ٿيندي هئي. عام
ماڻهو بادشاهن کي وقت جو خدا ڪري مڃيندا هئا ۽
جڏهن هڪڙو بادشاهه مرندو هو ۽ سندس ڪو وارث تخت تي
ويهندو هو، ته ماڻهو يقين رکندا هئا، ته هينئر
خدائي سندس هٿ ۾ اچي ويئي آهي.
(5) مصر
EGYPT:
مصر جو به ساڳيو ئي حال هو. هتي نصرانيت ۽ يهوديت
جو جهڳڙو لڳل هو. يهودي تثليث جي خلاف رنگ ڇڙڪيندا
هئا ۽ هزارين مختلف فرقا پيدا ٿي چڪا هئا، جي هڪ
ٻئي سان عداوت ڪندا هئا. جن مان رومن ڪئٿولڪ وارن
جي ڪا پٽ عيسائي فرقي (مصر جا اصل باشندا) وارن
سان عداوت هئي. ملڪ جا حڪمران جنهن صورت ۾ رومي
هئا، تنهن صورت ۾ هنن غريبن تي طرح طرح جا ظلم
پرپا ڪندا هئا. هنن غريبن تي ايتريون ڳريون ڍلون
وڌيون هئائون جو سندن گذران ڏاڍو تنگئ سان ٿيندو
هو.
(6) عربستان
ARABIA:
هي علائقو ته خاص ڪري اونداهي جو مرڪز هو. هتي جا
رهاڪو عرب جاهل، ڪم عقل ۽ گمراهي جي ڪمن ۾ ڦاٿل
هئا. تمدني، معاشرتي ۽ اخلاقي اصولن ۾ گهڻو ڪمزور
هئا. چوري بادهء مستي، زناڪاري، وياج خوري ۽
قماربازيءَ جي جابجا ڌم لڳل هئي. هرڪو شخص آزاد
هو. کيس اختيار هو ته کڻي ڪهڙا به فعل ڪري.
خوبصورت نوعمر ڇوڪرين کي بازارن ۾ نچائيندا هئا ۽
اُنهن تي شعرخواني ٿيندي هئي. زناڪارئ کي فخر
سمجهندا هئا، چوري ۽ رهزنئ جي وسيلي سان مال ڪٺي
ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندا هئا. خاص ڪري زالن جي حالت
ته قابل رحم هئي. ڇاڪاڻ جو مڙسن کي اختيار هو ته
جيئن چاهين انهن سان ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري
خوبصورت ڪانه ڄمندي هئي ته ان کي جيئرو پوري
ڇڏيندا هئا. مذهب جي اها حالت هئي جو هر ڪنهن گهر
۾ جدا جدا بت رکيل هوندا هئا پر حبل، اساف، نائلا،
لات ۽ منات گهڻو مشهور معبود شمار ڪيا ويندا هئا ۽
سڀئي هنن جي پرستش ڪندا هئا. ان وقت عرب ۾ چار
مذهب هئا. (1) دهريه (2) بت پرست (3) يهوديت (4)
نصرانيت (5) مجوسي. دهريه ڪنهن به پيغمبر يا
آسماني ڪتاب کي ڪين مڃيندا هئا. هو سمجهندا هئا ته
دنيا هميشه کان آباد آهي ۽ آباد رهندي هلندي. اهي
دهريه ڪن خاص بتن جي پوڄا ڪندا هئا. يهودين وري
ڪعبي ۾ حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل
عليھ السلام جي نالن جا بت رکي ڇڏيا هئا. عيسائي
تثليث جا قائل هئا هنن وري ٽي بت رکياهئا. اهڙئ
طرح مجوسي يا گبر باهه جي پوڄا ڪندا هئا. اُنهن جو
چوڻ هو ته لباس گناهن سان ڀريل ٿين ٿا. غريبن جي
اها حالت هئي جو هڪڙي بت کي پوڄڻ ۾ جڏهن گهڻا
ڏينهن گذري ويندا هئن تڏهن وري نئون پٿر آڻي انهئ
جاءِ تي رکندا هئا.
هرهڪ شهر ۾ جدا جدا قبيلن جا جدا جدا بت ۽
عبادتگاهون هونديون هيون. مطلب ته اوڀرندي ۾ برهم
پترا ندئ کان مغرب ۾ بحر ظلمات تائين ۽ سپارٽا جي
پهاڙي محلاتن کان يا روم جي ستن ٽڪرين کان وٺي
ويندي مصر جي احرامن تائين سڄي دنيا اونداهي ۾ هئي
۽ بت پرستئ جوچرچو هو. اِنسانيت ۽ شرافت جوته نالو
نشان به ڪونه هو. خداوند تعالى جي وحدانيت جو نور
باطل جي تاريڪئ ۾ لڪل هو. جيئن مغرب ۾ روم
Rome
۽ مشرق ۾ ڪا شي (بنارس يا ورناسي) 2 مکيه بت خانا
هئا تيئن مڪو به وڏو بت خانو هو جنهن ۾ 360 بت
رکيل هئا. ڪڏهن ڪڏهن هنن بتن اڳيان ماڻهوءَ جي
قرباني به ڪندا هئا.
هاشمي خاندان
جنهن صورت ۾ ڪعبة الله کي حضرت اِسماعيل عليھ
السلام پنهنجي پيءُ حضرت اِبراهيم عليھ السلام سان
گڏجي ٺاهيو هو اِنهئ صورت ۾ ڪعبة الله جي سنڀال به
حضرت اِسماعيل عليھ السلام جي اولاد جي هٿ ۾ ڳچ
وقت رهي، وري جنهن صورت ۾ ڪعبة الله مذهبي پاڪ
جاءِ ڪري ليکجڻ ۾ آيو، تنهن صورت ۾ ڪعبة الله جا
سنڀاليندڙ زور ٿيڻ لڳا ۽ نيٺ وڃي شهر جا حاڪم ٿيا.
حضرت اِسماعيل عليھ السلام جي اولاد ڪجهه وقت چڱي
دٻدٻي سان مڪي جي حڪومت ۽ ڪعبة الله جي سنڀال ڪئي.
حضرت اِسماعيل عليھ السلام جو پٽ قيدار بلڪل مشهور
ماڻهو ٿي گذريو آهي ۽ هنجو يهودين جي پاڪ ڪتاب
توريت ۾ گهڻو ذڪر ڏنل آهي. هڪڙي دفعي عيسوي سن کان
ڪي صديون اڳ بابل جي طرف کان مڪي تي حملو ٿيو،
جنهن ۾ حضرت اسماعيل عليھ السلام جي اولاد کي سخت
صدمو ۽ نقصان رسيو ۽ سڀ ملڪي طاقت کانئن ڇڏائي وئي
۽ ڪعبة الله جي سنڀال به وڃي جرهم جي اولاد جي هٿ
۾ ٿي. جرهم جو اولاد ايترو زور وٺي ويا جو پاڻ کي
مڪي جو بادشاهه سڏائڻ لڳا. ٽين صدي عيسوي ۾ يمن جي
طرف کان ڪهتاني قوم وارن مڪي تي ڪاهيو ۽ بنو جرهم
کي شڪست ڏئي پاڻ مڪي جا مالڪ ٿي ويٺا. اِنهئ وچ ۾
حضرت اِسماعيل عليھ السلام جا پويان به آهستي
آهستي وري زور وٺندا ويا.پهرين صدي عيسوي ۾ يا
ٿورو اڳ عدنان نالي اسماعيلي نسل واري هڪ شخص
جرهمي قوم جي سردار جي ڌئ سان شادي ڪئي ۽ هنجي پٽ
معاد جو اولاد وري ساري حجاز نجد ۾ رفته رفته
پکڙجي ويو. عيسوي ٽين صدي ۾ معاد جي نسل مان هڪ
فهر نالي شخص پيدا ٿيو جيڪو قريش جي نالي سان
مشهور ٿيو. قريش هڪ وڏو واپاري هو ۽ سندس خاندان
سڀني کان افضل ليکجڻ لڳو. هي اُهو قريش هو جنهن جي
ڪٽنب مان پيغمبر آخر زمان صلي الله عليھ وآلھ
وسلم پيدا ٿيو. ٻه صديون کن مڪو ۽ ڪعبة الله
ڪهتاني قوم وارن جي هٿ ۾ رهيا. ڪهتانين جي پوئين
حاڪم جو نالو هوليل هو ۽ فهر جي اولاد مان قصي
نالي هڪ شخص هن جي ڌئ سان شادي ڪئي هئي جو سن 400
عيسوي ۾ ڄائو. هوليل جي مرڻ کان پوءِ قصي ڪهتانين
کي مڪي کان تڙي ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي شهر جو مالڪ ٿي
ويٺو ۽ سڄي حجاز جو مالڪ ٿي ويو. قصي جي حڪومت
اٽڪل سن 440 ڌاري شروع ٿي ۽ هن هڪدم حڪومت جو
انتظام سڌارڻ ۾ هٿ ڳنڍيو. گهڻي ادب سببان سڀني
قريشين جا گهر ڪعبة الله کان پري هوندا هئا پر قصي
سڀني کي ريجهي ريبي ڪعبة الله جي ڀرسان گهر
ٺهرايا. انهئ لاءِ ته متان ڪنهن وقت ڪنهن ٻئي ڪٽنب
جا ماڻهو نه ڪعبة الله ڦري وٺن. هن پنهنجن عزيزن
جي محلي چوگرد هڪ مضبوط قلعو ٻڌايو، ۽ سڀني لاءِ
هڪ عمدي محلات اڏائي. هن پنهنجي محلات کي
”دارالندوه“ يعني مجلس گاهه جو نالو ڏنو. هن ۾
سندس اولاد کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ۽ 40
ورهين جي ڄمار کان گهٽ واري کي اچڻ جي اجازت نه
ملندي هئي.
هن مڪان ۾ قصي حڪومت جو ڪاروبار هلائيندو هو ۽
لڙائي
جي وقت ۾ قريش کي جهنڊو، جنهنکي ”لوا“ سڏيندا هئا،
ڏيندو هو. اهو ”لوا“ هڪڙي اڇي ڪپڙي کي هڪڙي نيزي
جي پڇاڙيءَ سان ٻڌڻ سان ٺاهيندا هئا ۽ قصي جو وڌل
اهو رواج عربن جي سلطنت جي پڇاڙيءَ تائين هلندو
آيو. ٻيو رواج قصي هي وڌو، جو قريشن کي سمجهايائين
ته سال بسال جيڪي ماڻهو مڪي ۾ ڪعبة الله جي زيارت
لاءِ اچن ٿا، تن جي ماني ٽڪي جي بندوبست لاءِ سڀڪو
ڪجهه مقرر ٿيل رقم ڏئي. انهيء ڍل کي ”رفاده“ ڪري
سڏيندا هئا. اهي سڀ پئسا قصي زيارتي ماڻهن جي
مهمان نوازيءَ تي خرچ ڪندو هو. اهو رواج غريبن کي
کارائڻ جو اسلام جي برپا ٿئي کان پوءِ به هليو آيو
۽ سڀني خليفن ۽ سلطانن انهيء کي قائم رکيو. نه رڳو
ملڪ جو ڪاروباري ڪم، جنگي کاتي جو ڪم ۽ ڍلن وجهڻ
جو ڪم قصي جي هٿ ۾ هئا پر مڪي جي پاڻيءَ جو ڪم،
ڪعبة الله جون ڪنجيون ۽ بتن جي پوڄا جو ڪم به هن
جي هٿ ۾ هئا. اهڙيءَ طرح قصي سڀ ملڪي توڙي مذهبي
ڪم پنهنجي هٿ ۾ رکيا. قصي جي ايتري طاقت هئڻ سبب
سڀ قريشي زور وٺندا ويا ۽ حضرت اِسماعيل عليھ
السلام جي ٻئي اولاد کان مٿي چڙهي ويا. قصي وڏي
عمر ۾ سن 480ع ۾ وفات ڪئي.
قصي مرڻ کان ٿورو اڳ سڀ حڪومت جي واڳ پنهنجي وڏي
پٽ عبدالدار کي ڏئي ڇڏي هئي ۽ عبدالدار جي وفات
بعد سندس اولاد مان ڪي گادي نشين ٿيا. پر عيسوي
ڇهين صدئ جي شروعات ۾ جيڪو عبدالدار جي اولاد مان
گادئ تي ويٺو سو عمر جو ننڍو هو تنهنڪري پنهنجا حق
۽ واسطا سنڀالي ڪين سگهيو. قصي جو ٻيو پٽ
عبدالمناف جو سن 430ع ۾ ڄائو هو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ
سان ڪلهو هڻندو هو ۽ سندس پٽ به سندس وانگر زور
وارا ٿيا. هنن ۾ مشهور هيٺيان آهن. المطلب،
عبدالشمس، نوفل ۽ هاشم، انهن چئني ڀائرن ۾ هاشم،
جو سن 464ع ۾ ڄائو هو بلڪل قابل هو. هنن صلاح ڪئي
ته عبدالدار جي اولاد کان حڪومت جون واڳون کسيون.
اِنهيءَ ڪري قريش جا ٻه ڀاڱا ٿي پيا ڪي عبدالدار
جي اولاد سان رفيق ٿيا ۽ ڪي عبدالمناف جي اولاد
سان همراهه ٿيا. نيٺ ٻئي ڌريون لڙائي لاءِ سنڀريون
۽ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺيون. پر اوچتو صلح ٿي پيو ۽
ٺهراءُ ٿيو ته هاشم کي ٻارهين ماهين زيارتين جي
ماني کارائڻ ۽ پاڻي پيارڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ ڪعبة
الله ۽ مجلس گاهه جي سنڀال ۽ لڙائي وقت جهنڊي
چاڙهڻ جو حق عبدالدار جي اولاد جي هٿ ۾ رهن.
هاشم زيارتين جي سنڀال جو ڪم بلڪل چڱي طرح ڪيو. هو
پاڻ شاهوڪار ماڻهو هو ۽ هن جي وقت ۾ سڀني قريشن به
واپار مان چڱو ناڻو گڏ ڪيو هو. هن قريش کي سمجهايو
ته توهين سڀئي الله جا پاڙيسري آهيو ۽ هن جي گهر
جا سنڀاليندڙآهيون. هن جي گهر زيارت ڪرڻ لاءِ جيڪي
به ماڻهو اچن ٿا، سي هن جا مهمان آهن. اوهان کي
واجب آهي ته اوهين ٻين مهمانن کان وڌيڪ هنن جي
خاطري ڪريو، اوهين خاص انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيا
ويا آهيو. اَلله جي مهمانن کي عزت ڏيو ۽ کارايو.
هو ڏورانهن ڏورانهن شهرن مان پنهنجن ڏٻرن اُٺن تي
چڙهي ٿڪجي ٽُٽجي وار ميرا ڪري ۽ رستي جي مٽي ۽
پگهر ۾ ڀرجي اچن ٿا. اوهان تي فرض آهي ته هنن کي
دعوت ڏئي وٺي وڃو ۽ جهجهي ماني ۽ پاڻي موجود ڪري
ڏيو.“
هاشم پاڻ سخاوت جو مثال ٿي ٻين کي ڏيکاريو ۽ ٻيا
قريشي به پنهنجي طاقت آهر زيارتين جي خذمت ڪرڻ
لڳا، ڪعبة الله جي نزديڪ ۽ عرفات جي رستي تي پاڻي
وڏن مٽن ۾ گڏ ڪيو ويندو هو ۽ ماڻهن کي مفت پياريو
ويندو هو. جنهن ڏينهن زيارتي منيٰ ۽ عرفات ڏي
ويندا هئا. انهيءَ ڏينهن کان وٺي کاڌو به ورهايو
ويندو هو. ماڻهو پنجين ڇهين ڏينهن ڳوٺن ڏي موٽي
ويندا هئا. هاشم رڳو زيارتين کي ڪين کارائيندو هو
پر مڪي جي ماڻهن ۾ هن جي سخاوت چڱيءَ طرح پکڙيل
هئي. هڪ سال مڪي ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ماڻهو بک جي
وگهي سخت هلاڪ ٿيڻ لڳا. تنهن تي هاشم گهڻا اُٺ وٺي
شام ڏي ويو ۽ اتانهون پنهنجن پئسن سان اَناج خريد
ڪري آيو ۽ اَن پينهائي پچرائي ۽ گوشت رڌرائي ساري
شهر کي ڪو وقت مفت کارائيندو رهيو.
ڌارين ملڪن جي حاڪمن سان قريشين جو ڪاروبار به
عبدالمناف جي پٽن جي هٿ ۾ هو، رومين ۽ غسانين سان
هاشم پاڻ هڪ عهدنامو ڪيو، جنهن موجب قريشين کي شام
۾ واپار ڪرڻ ۽ سلامتيءَ سان اچڻ وڃڻ جي اجازت ملي.
سندس ڀاءُ عبدالشمس حبش جي بادشاه نجاشيءَ سان
عهدنامو ڪري حبش ۾ واپار جي اجازت ورتي. هاشم جي
ٻين ڀائرن نوفل ۽ اَلمطلب اِيران جي بادشاهه سان
عهدنامو ڪري عراق ۽ فارس ۾ واپار جي رخصت ورتي.
هنن ڏکڻ ۾ يمن سان به واپار جو لاڳاپو رکيو، سياري
۾ واپار جو قافلو يمن ۽ حبش ڏي ويندو هو ۽ اونهاري
۾ شام ۽ ايران طرف ويندو هو. هاشم جو شان ۽ تجمل
ڏسي سندس ڀاءُ عبداَلشمس جي پٽ اُميه کي رشڪ اچڻ
لڳو ۽ هن سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ لڳو. پر سڀني قريشين
هاشم کي وڌيڪ سمجهيو ۽ اُميه کي ملڪ نيڪالي ڏني جو
شام ڏي ويو ۽ اُتي وڃي ڏهه سال نيڪاليءَ جو مدو
گذاريائين. هاشمين ۽ بنو اميه جو اهو پهريون تڪرار
ٿيو.
هاشم جيتوڻيڪ عمر ۾ وڌندو ويو. تڏهن به سوداگري
لاءِ شام ڏي ويندو هو. هڪڙي دفعي جيئن هو
يثرب(مدينه) جي شهر مان واپار جي سانگي سان ٿي
لنگهيو، تيئن هڪ عورت سلمه بنت عمرو سان دل ڦاسي
ويس ۽ هن جو سڱ گهريائين، سلمه بنت عمرو کي هن جي
عزت ۽ آبروءَ جي خبر هئي ۽ هن سان پرڻجڻ قبول
ڪيائين، پر شرط وڌائين ته مان پنهنجي مال جي پاڻ
مالڪياڻي رهنديس ۽ جي سلوڪ نه رهيو ته جدا ٿينديس.
هاشم اهي شرط قبول ڪري هن سان پرڻيو، سلمه هاشم
سان گڏجي مڪي آئي ۽ اُتي سنه 497ع ۾ هڪ پٽ
ڄڻيائين، جنهن جو نالو شيبه رکيو ويو، پوءِ سلمه
شيبه سميت موٽي يثرب آئي.
هاشم سنه 510ع ۾ غزا جي شهر ۾ شام ملڪ ۾ مري ويو،
جتي هو سوداگريءَ جي ڪم سان ويو هو. هن جي مرڻ وقت
هن جا سڀ عهدا هن جي ڀاءُ اَلمطلب جي هٿ ۾ هئا، جي
هن چڱيءَ طرح هلايا. جڏهين هاشم جو پٽ شيبه وڏو
ٿيو. تڏهين اَلمطلب هن کي يثرب مان وٺي آيو. جڏهن
ملڪ جي ماڻهن هن کي ڏٺو. تڏهين ڀانئيائون ته
المطلب جو ٻانهون آهي، سو وٺي پڪاريائون ته ”ڏسو
عبدالمطلب“ يعني مطلب جو ٻانهون، تنهن تي اَلمطلب
ٻڌاين ته هو سندس ڀائٽيو هاشم جو پٽ آهي پر ڇوڪري
تي انهيءَ وقت کان وٺي عبدالمطلب جو نالو پئجي
ويو. عبدالمطلب کي اَلمطلب سڀ پيءُ واري ملڪيت
موٽائي ڏني، پر سندس چاچي نوفل هن کان طاقت جي زور
تي سڀ ڪجهه ڦري ورتو. عبدالمطلب جڏهن مڙس ٿيو تڏهن
سڀني قريشي عزيزن کي پنهنجيءَ ملڪيت نسبت دانهن
ڏنائين، پر هنن ڪا نه ٻُڌيس. تنهن تي هن پنهنجي
ماءُ جي مائٽن کي سمورو احوال يثرب لکي موڪليو.
جڏهن اهو احوال اتي رسيو، تڏهن 80 جوان گهوڙن تي
چڙهي مڪي آيا. عبدالمطلب هنن سان گڏيو، کين پنهنجي
گهر اچڻ لاءِ صلاح ڪئي، پر هنن انڪار ڪيو. هنن
نوفل کي ڪعبة الله ۾ وڃي ڳولي لڌو. نوفل هنن سان
سلام دعا ڪئي پر هنن جواب نه ڏنس ۽ سندن سردار
ترار ڪڍي چيس ته جي سڀ حق ۽ ملڪيت عبدالمطلب کي
موٽائي نه ڏيندين ته هيءَ تلوار تنهنجي پيٽ ۾
کوڙيندس. اِنهيءَ تي نوفل ڊڄي ويو ۽ عبدالمطلب کي
ملڪيت موٽائي ڏنائين.
|