سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:29 

مير محمد هاشم جي اتاليقي هيٺ تعليم وٺڻ

احڪام عالمگيري جو مصنف ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن شهزادو ڏهن سالن جو هو، تڏهن سندس تعليم لاءِ شهنشاهه فردوس آشياني پنهنجي وزير سعدالله خان کي مقرر ڪيو، تنهن کانپوءِ مير محمد هاشم گيلاني جي اتاليقي هيٺ رهيو. جنهن 12 ورهين تائين مڪي ۽ مديني منوره ۾ تعليم ورتي هئي ۽ هن وقت حڪيم علي گيلاني کان حڪمت سکڻ جي ارادي سان هندوستان ۾ آيو هو. حڪيم علي احمد آباد ۾ هڪ وڏو مڪتب اچي کوليو هو ۽ درٻار سلطاني مان کيس منصبي جو عهدو به عطا ٿيو هو. شهزادو بلڪل ذهين هو ٿوريئي عرصي ۾ عربي، فارسي، قرآن حديث ۽ فقهه ۾ تعليم وٺي ڀڙ ٿيو. تنهن کانسواءِ هندي، اُردو ۽ ترڪي زبانون به سکيو. عربي ته اهڙي صاف لکندو هو جو سندس لکيل قرآن شريف جا ڪي نسخا مڪي ۽ مدينھ منوره روانا ڪيا ويا. هڪڙو نسخو دهلي ۾ خواجه نطام الدين اولياء رحه جي درگاهه شريف تي رکيو ويو. جڏهن تخت تي ويٺو تڏهن به لکڻ جو ڪم ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ جو سندس ڪتاب بي بها هئا جن کي وڪڻي پنهنجو گذران ڪندو هو. ڪنهن به مضمون لکڻ وقت پهاڪا ضرور ڏيندو هو. پر اُهي سڀ اخلاقي هئا، شعر ۽ سخن لاءِ به کيس ذوق هو، ننڍي هوندي شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي رحه جا ڪتاب پڙهيا هئائين. ملا شاهه شاعر سان شاعري نسبت سندس تعلق هو، پر فقھ حديث قرآن ۽ حڪمت ڏانهن سندس طبيعت گهڻو مائل رهندي هئي. تنهن کانسواءِ امام غزالي، شيخ شرف يحى منيري، شيخ ضياء الدين قطب محي شيرازي ۽ ٻين اهڙن اِمامن، مشائخن جي جڙيل ڪتابن سان کيس گهڻي محبت هئي. هو قرآن شريف جو حافظ هو ۽ علمائن ۽ درويشن سان دوستي هيس. سندن محفل ۾ گذاريندو هو. سندس خيال هميشه توحيد باري، حقيقت ۽ معرفت ڏانهن مائل رهندي هئي. ايام منصبداريءَ ۾ جڏهن دکن جي منصبداريءَ تي ممتاز هو تڏهن اڪثر اُتي جي علمائن سڳورن جي محفل پسند ڪندو هو. نقش ڪاري کان کيس نفرت هئي. سندس ديني تعليم جوئي سبب هو جو درٻار ۾ راڳ بند ڪرائي ڇڏيو هئائين.

بهادرئ جا جوهر

اڪثر مغل شهنشاهه صبح جو هميشه هاٿين جي لڙائي جهروڪي ۾ ويهي ڏسندا هئا. 28 مئي 1633ع ۾ جڏهن محمد اورنگزيب اڃا 14 ورهين جو مس هو جڏهن شهنشاهه جا ٻه هاٿي سڌا ڪر ۽ سندر مورت آگره جي قلعي جي هيٺان ويڙهائڻ لاءِ ڇڏيا ويا. شهزادو اورنگزيب به ميدان جي ڀر ۾ بيٺل هو، دوران جنگ ۾ سڌاڪر بد حواسي جي حالت ۾ شهزادي مٿان ڪاهه ڪئي، پر شهزادي 14 ورهين جي ڇوڪري جي پامردي به ڏسو جو گهوڙي کي مضبوط جهلي مست هاٿيءَ کي اهڙو ته مٿي وارو نيزو هنيائين جو وائڙو ٿي ويو. اِها روبڪار ڏسي تماش بينن ۾ اچي ڀاڄ پئي. بدحواسي جي عالم ۾ هڪ ٻي کي ڪيرائيندا لتاڙيندا ميدان مان اُٿي ڀڳا. چؤطرف غوفا پئجي ويو. اميرن ۽ نوابن اهڙي خوفناڪ حملي وقت هاٿيءَ کي ڊيڄارڻ لاءِ آتش بازي ٻارڻ جو حڪم ڏنو. پر مست هاٿي ڪين مڙيو. سونڍ سان شهزادي جي گهوڙي کي ڪيرائي وڌو پر آفرين برهمت مردانه توڪ شهزادي ٽپ ڏيئي تلوار آبدار مياڻ مان ڪڍي هاٿيءَ جي سونڊ ڪپي ورتي. شهزادي محمد شجاع ڊوڙي هاٿي کي مٿي وارو نيزو هنيون پر ڪري پيو. مرزا راجا جئسنگهه ميدان ۾ گهوڙي کي جولان ڏيئي هاٿي کي ٻئي طرف کان نيزو هنيون. خود شهنشاهه گهٻرائجي پنهنجي برق انداز سپاهين کي ميدان ۾ وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر انهئ وچ ۾ سندر صورت هاٿي اچي ويڙهه شروع ڪئي ۽ سڌا ڪر ميدان مان ڀڄي ويو. شهنشاهه ڊوڙي اچي پنهنجي پياري پٽ کي ڇاتيءَ سان لاتو. چؤطرف مرحبا آفرين مبارڪ ۽ سلامت جا نعرا بلند ٿي ويا. هن موقعي تي شهنشاهه شهزادي کي (بهادر) جو خطاب ڏنو. تنهن کانسواءِ گهڻو انعام به ڏنائينس. وري جڏهن شهنشاهه شهزادي جي کلئ محفل ۾ بهادرئ جي تعريف ڪئي. تڏهن بقول حميدالدين ته شهزادي هن ريت وراڻي ڏني :

”جيڪڏهن مان مران ها ته مون لاءِ شرم جي ڳالهه ڪين هئي، ڇاڪاڻ جو موت جي پردي کان شهنشاهه به بچي نه ٿا  سگهن، پر شرم جي ڳالهه منهنجي ڀائرن لاءِ آهي، جي منهنجي ڀر ۾ بيٺل هئا پر ڪوبه مدد لاءِ ڪين آيو“ احڪام عالمگير.

هن واقعي کانپوءِ ٽئين ڏينهن جڏهن شهزادي جي 15 سالگرهه جو موقعو آيو تڏهن فردوس آشياني شهزادي کي سون ۾ تورائي اهو سون خيرات ۾ ڏنو. 15000 اشرفيون سڌاڪر هاٿي ۽ ٻن لکن جون بيش بها سوغاتون پٽ کي مرحمت فرمايون. هن موقعي تي درٻار جي شاعر بيدل خان شيدائي گيلاني جيڪو شهزادي جي بهادرئ تي قصيدو محفل ۾ پڙهي ٻڌايو. تنهن قصيدي لاءِ فردوس آشياني شاعر کي 5000 روپيا عطا ڪيا. بادشاهه شهزادن جي سلامتيءَ لاءِ بارگاهِه الاهيءَ مان سر بسجود ٿي ڪري شڪرانو ادا ڪيو ۽ دعا گهريائين. پوءِ 5000 روپيا خيرات لاءِ محتاجن کي ورهائڻ لاءِ ڏنائين.تنهن کانسواءِ لک ڀاون جو پرڳڻو شهزادي کي بطور جاگير جي عنايت فرمايائين. 13 ڊسمبر 1634ع ۾  جڏهن شهزادو اڃا سورهن ورهين جو مس هو تڏهن سندس بهادرئ جي لحاظ سان کيس ڏهن هزارن جي سوار فوج ۽ 4000 پيادل سپاهه جي منصبي تي مقرر ڪري دکن جي صوبيداري مرحمت ڪيائينس. تنهن کانسواءِ سندس فوجي تربيت لاءِ گهڻنئي درٻار جي پراڻن عملدارن کي مقرر ڪيائين تاڪه شهزادو بلند اقبال سندن سرپرستيءَ هيٺ فوجي ڪمن کان ماهر ٿئي. 1635ع ۾ جڏهن بنديل کنڊ جي راجا جهوجهر سنگهه نافرماني اختيار ڪري فساد ڪيو تڏهن سندس گوشمالئ لاءِ درٻار سلطانيءَ مان شهزادي محمد اورنگزيب لاءِ فرمان جاري ٿيو. هن مهم ۾ خان دوران، سيد خان جهان، عبدالله خان ۽ بهادر فيروز جنگ جهڙا باوقار فوجي عملدار شهزادي جي هم رقاب هئا. جڏهن بنديل کنڊ فتح ٿيو تڏهن شهزادي جي نالي تي شاهي نوبت وڳي. تنهن کانسواءِ دکن ۾ بيجاپور، گولڪنڊه جي جنگين ۾ جڏهن شهنشاهه دکن تي ڪاهه ڪئي تڏهن شهزادو پيءُ سان همراه هو ۽ پيءُ کي هر طرح سان مدد ڏيئي حڪومت کان خراج تحسين وصول ڪيائين. سندس بهادرئ جي ڪارنامن کي ڏسي شهنشاهه وقت بوقت کيس عهدا عنايت ڪيا، جيئن ته 1627ع ۾ پندرهن هزاري منصبيءَ تي ممتاز ٿيو. اهي هئا ڪارناما غازي محي الدين محمد اورنگزيب ثالث جي ايام طفلگيءَ جا.

شادي خانهء آبادي

مغل شهنشاهن آل تيمورُ ۽ ايران جي صفّوي تاجدارن جو پاڻ ۾ ناتو هلندو ٿو اچي. اسين بارها ان باري ۾ هر ڪنهن موقعي تي بيان ڏيندا ٿا اچون. گهڻا صفوي شهزادا مغل شهنشاهن جي درٻار ۾ عهدن تي ممتاز هئا. مثلاً مرزا مظفر حسين(1) عرش آشياني محمد اڪبر اعظم وٽ وڏي عهدي تي ممتاز هو، سندس ننڍو ڀاءُ مرزا رستم به وڏي منصبدارئ تي ممتاز هو. شاهجهان مرزا مظفر حسين جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ مرزا رستم جون ٻه نياڻيون شهزادي پرويز ۽ محمد شاه شجاع سان پرڻيل هيون. مرزا رستم جو پٽ جو شاهنواز خان جي لقب سان وڏي عهدي جو مالڪ هو تنهن جي نياڻي شهزادي دلرس بانو سان 1627ع ۾ شهزادي محمد اورنگزيب جي شادي ٿي ۽ ٻي نياڻيءَ جو نڪاح شهزادي مراد بخش سان ٿيو. 15 اپريل 1637ع ۾ جڏهن شهزادو محمد اورنگزيب آگري ۾ وارد ٿيو. تڏهن ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادئ جي رسم ادا ڪئي ويئي. فردوس آشياني شاهجهان  پنهنجي هٿن سان جواهر نگار سهرو شهزادي جي مٿي سان ٻڌو. جڏهن گهوٽ جي سواري ساهري گهر پهتي تڏهن قاضي خوش الحان نڪاح پڙهيو ۽ 4 لک روپيا حق مهر ٻڌو ويو. شادي جي جشن ملهائڻ لاءِ آگري ۾ درٻار لڳي. شهنشاهه نوابن رئيسن کي هن موقعي تي شاهي بيش بها خلعتون ۽ انعام اڪرام ڏنا. شهزادي دلرس بانو کي شاهي حرم ۾ (رابعه دوراني) جو لقب هو، هن راڻي اورنگزيب آباد دکن ۾ وفات ڪئي. جتي سندس مقبرو آهي. جن جو بيان اڳتي هلي مغلن جي باب ۾ ڏبو. هن راڻيءَ مان شهنشاه اورنگزيب کي 5 ٻار ڄاوا. (1) شهزادي زيب النساء (2) زينت النساءجا پوءِ بادشاهه بيگم جي لقب سان مشهور ٿي. (3) شهزادو محمد اعظم (4) شهزادو محمد اڪبر. سندس ٻي راڻي نعت النساء راجؤري ڪشمير جي راجا جي ڏهٽي هئي، جا نواب ٻائي جي لقب سان هئي، هن راڻي مان 3 ٻار ڄاوا، شهزادو محمد سلطان، محمد معظم، عالم شاهه جو پوءِ بهادر شاهه جي لقب سان پيءُ کانپوءِ تخت جو ڌڻي ٿيو. راڻي اؤرنگ آبادي محل مان هڪڙي نياڻي مهرالنساء نالي ڄائي، جا پنهنجي سوٽ سان پرڻائي ويئي. راڻي اڌيپور محل مان شهزادو ڪام بخش ڄائو جو دکن جي ويڙهه ۾ شهيد ٿيو.

راڻي نعمت النساء (نواب ٻائي) ڪشمير رياست جي راجا راجو راجؤري رياست جي والي جي ڏهٽي هئي. راجپوت نسل مان هئي. چون ٿا ته هڪڙو جيلاني سيد شاهه مير نالي، جو اصل حضرت غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان هو، سير ۽ سياحت جي ارادي سان جڏهن ڪشمير ۾ آيو تڏهن هتي جي پهاڙين ۾ گوشي نشيني اختيار ڪيائين. سندن ڪرامت کي ڏسي راجا کيس پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ ڏنو. سيد شهزاديءَ کي دين اسلام ۾ آڻي ساڻس شادي ڪئي، کيس هڪڙو پٽ۽ هڪڙي نياڻي ڄائي. سيد صاحب جڏهن هڪڙي ڀيري حج تي ويو ته وري نه موٽيو. راجا پنهنجي ڌئ ۽ سندس ٻارن کي پنهنجي محلات ۾ آندو ۽ ڳالهه لڪائي رکيائين. آخر جڏهن شاهجهان جي ڪن تي ڳالهه پهتي تڏهن راجا کان پنهنجي پٽ لاءِ سنڱ گهريائين. آخر راجا جي ڏهٽيءَ سان شهزادي جي شادي ٿي، هن راڻيءَ مان کيس محمد بهادر شاهه پٽ ڄائو. مٿين راڻي سيد زادي هئي، تنهنڪري شهزادي کي به محمد بهادر شاهه جي نالي سان سڏڻ لڳا.

تخت نشيني

پهرين ذي القعد 1068هه مطابق 21- جولاءِ 1658ع ۾ محي الدين اورنگزيب عالمگير هندوستان جي تخت تي رونق افروز ٿيو. پر جلوس عالمگيري جو جلسو 1069هه 24 رمضان المبارڪ شان ۽ دٻدٻي سان ٿيو ۽ شاهي فرمان موجب ماه رمضان شريف کان سال ڳاڻاٽي ۾ اچڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو هيءَ اُها ساعت سعيد هئي جڏهن چنبل ندئ کي لتاڙي  دارا جي فوجن کي شڪست ڏني هئائين.

حرم جي شهزادن ۽ شهزادين سان مروتون ۽ سندن شاديون

شهزادي زيب النساء (نواب بيگم) ۽ شهزادي زينت النساء ٻنهين شهزادين شادي ڪانه ڪئي. شهزادي
زينت النساء پنهنجي خرچ سان دهليءَ ۾ (ڪماري مسجد) تعمير ڪرائي، جڏهن شهنشاهه دکن جي ويڙهه ۾ رڌل  هو تڏهن پاڪدامن شهزاديءَ پيءُ جي گهڻي خدمت ڪئي. سندس نياڻن مان مهرالنساء ۽ زبدةالنساء جون شاديون ٿي چڪيون هيون. شهزادي بدرالنساء عين شباب جي عمر ۾ شادئ کان اڳ وفات ڪئي. شهزادي جهان آرا بيگم جا دارا جي طرفدار هئي ۽ شاهجهان سان کيس بيحد محبت هئي. هن شهزادئ ڀائرن جي ويڙهه کي ٽارڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر بيوس هئي، پاڪدامن شهزادئ پيءُ کي اورنگزيب جي باري ۾ گهڻو ئي سمجهايو هو، پر شاهجهان صاف انڪار ڪيو آخر شهزادئ جي اخلاقي مدد سان شاهجهان اورنگزيب کي معافي ڏني. 1666ع ۾ جڏهن فردوس آشياني وفات ڪئي تڏهن محمد اورنگزيب آگري ۾ آيو ۽ ڀيڻ جي سلامي ورتائين.کيس ڪمال برادرانه محبت سان گڏيو ۽ جشن عالمگيري جي موقعي تي 14 لک روپيا شهزادئ لاءِ وظيفو مقرر ڪيائين ۽ شاهي حرم ۾ (صاحبةالزماني) جي لقب سان سڏجڻ لڳي. ستت ئي سندس وظيفي ۾ اضافو ڪيائين جيئن ته 14 لکن مان وڌائي 17 لک ڪيائين. پنهنجي فرمانبردار اهلڪارن مان علي وردي خان کي سندس ملڪيت سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيائين. غازي عالمگير پنهنجي دور حڪومت ۾ اڪثر ڀيڻ سان ملاقاتون ڪندو هو ۽ ساڻس ڪمال مروت سان پيش ايندو هو. 1629ع ۾ دانشمند خان کي سندس خدمت لاءِ خاص طور مقرر ڪيائين. شاهي حرم ۾ شهزادن ۽ شهزادين جي پرداخت جو سمورو ڪم هن شهزاديءَ جي سپرد هو. دارا جي نياڻي شهزادي جهان زيب بانو جي پرورش به سندس سپرد هئي، جنهن جي شادي 1629ع ۾ شهزادي محمد اعظم سان وڏي دٻدٻي سان ٿي. اهڙي طرح شهزادي سليمان شڪوه جي نياڻي سليمه بانو جي پرورش شهزادي گوهر آرا بيگم ڪندي هئي، تنهن جي شادي شهزادي محمد اڪبر سان ٿي. 1681ع ۾ شهزادي جهان آرا، جا هن وقت بادشاهه بيگم جي لقب سان مختيار ڪل هئي، وفات ڪئي انالله وانا اليھ راجعون. سندس وفات کانپوءِ غازي عالمگير ٽي ڏينهن غم ۾ رهيو.

شهزادي روشن آرا بيگم، جا شهنشاهه جي ٻي ڀيڻ هئي. تنهن کي محلات جو ڪم سپرد ڪيائين. 5 لک روپيا سندس وظيفو مقرر ڪيائين. 1671ع ۾ 56 ورهين جي عمر ۾ هن شهزادي وفات پاتي. پنهنجي ٽئين ڀيڻ شهزادي گوهر آرا بيگم جي وظيفي ۾ هڪ لک روپين جو اضافو ڪيائين. تنهن کانسواءِ ڀائرن جي اولاد سان به ڪمال مروتون ڪيائين. بقول خفي خان 1659ع ۾ محمد شجاع جي شهزادي گلرخ بانو جي شادي پنهنجي پٽ محمد سلطان سان ڪرايائين. پنهنجون ٻه نياڻيون مهرالنساء ۽ زبدةالنساء پنهنجن ڀائٽين مراد ۽ دارا جي پٽن ايزد بخش ۽ سپهر شڪوه سان 1672ع ۾ شادي ڪرايائين. شهزادي اڪبر جي ٻن نياڻين جو نڪاح 1665ع ۾ شاهه عالم جي ٻن پٽن سان ڪرايائين. شهزادي محمد اعظم کي شاهي خلعت 12000 پيادن ۽ 7000 سوارن جي منصبي تي سرفراز ڪيائين. راجائن نوابن ۽ رئيسن کي جدا جدا لياقت آهر عهدا مرحمت ڪيائين. نامدار خان کي جواهر نگار واڳن سان گهوڙو ۽ شاهي خلعت عنايت ڪيائين. شاهي خزانو دهلئ کان گهرائي آگري جي شاهي قلعي ۾ رکيائين جو 400 بيل گاڏين ۾ کڄي آيو. مطلب ته تاج پوشي جي موقعن تي جيئن مغل شهنشاهه اڳوڻا رعايا ۽ شاهي خاندان سان مروتون ڪندا هئا. تن جي مقابلي ۾ غازي محي الدين ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي جيتوڻيڪ کيس شاهي دٻدٻي رکڻ کان نفرت هئي.

وزارت ۽ شاهي عهديدار ۽ حڪومت جي صيغن جو انتطام

فردوس آشياني شاهجهان جي زماني ۾ 1656ع ۾ مير جملو وزارت جي قلمدان تي مقرر هو. جڏهن محمد اورنگزيب دکن ۾ بيجاپور سان جنگين ۾ مشغول هو، تڏهن مير جملو سندس هم رقاب هو. سندس پٽ محمد ايمن خان ديواني عهدي تي ممتاز هو، جڏهن فردوس آشياني بيمار ٿيو، تڏهن محمد دارا وزارت جو عهدو جعفر خان جي سپرد ڪيو ۽ حڪومت جون ديواني اختياريون ديوان رگهناٿ راءِ جي سپرد هيون، جو پوءِ (راءِ رايان) جي لقب سان ممتاز ٿيو. پر جڏهن محي الدين عالمگير اول تخت تي ويٺو تڏهن راءِ صاحب جي حسن خدمات کي ڏسي 1658ع ۾ کيس راجا جو لقب مرحمت ڪيائين. ديوان رگهناٿ راءِ. معمولي محرر هو، پر پوءِ وڏي عهدي تي وڃي رسيو. 1663ع ۾ جڏهن ديوان اعظم مئو تڏهن ديواني اختياريون الملڪ طوني فاضل خان ايراني جي سپرد ڪيون ويون. جو اهل قلم ۽ شاعر به هو، پر پيرسني سبب دولت اعظمى جو ڪم سنڀالي نه سگهيو ۽ ديواني وزارت جو عهدو مير جعفر جي سپرد ڪيو ويو. جنهن اعتمادالدوله جي نياڻي سان شادي ڪئي هئي. شاهي خاندان مان هو، شاهجهان جو مٿس راز هو دور عالمگيري ۾ مالوه جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. ائين نه آهي ته ڪو شاهي خاندان مان هو تنهنڪري ايڏو وڏي عهدي تي مقرر ڪيو ويو پر هو حليم طبع ۽ خوش اخلاق حاڪم هو. غازي اورنگزيب جي به هن سان محبت هئي. جڏهن شاهي دعوتن جو موقعو ايندو هو تڏهن کيس ڪوٺائيندو هو. هو بيروني ممالڪ ۾ دهلئ جي درٻار پاران سفارت جي ڪمن تي به ممتاز رهيو. 1670ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ محمد ابراهيم جو جيتوڻيڪ شاهي خاندان سان ناتو هو پر هو بلڪل نو عمر هو، شهنشاهه جي مرضي هئي ته وزارت اعظمى جو قلمدان محمد امين خان جي حوالي ڪجي پر هو طبع جو شوخ هو. تنهنڪري 8 آڪٽوبر 1686ع ۾ وزارت جو عهدوو آخر آزاد خان کي سپرد ڪيو ويو، کيس شاهي خلعت به ڏني ويئي. محبت خان جو هن وقت وزارت جي ممتاز عهدي جي لائق ڪين آهي. پر تنهن هوندي به 31 ورهين تائين وزارت جي عهدي کي سنڀالي ويٺو. 1786ع ۾ 94 ورهين جي عمر ۾ مئو، سندس چال چلت شاهاڻي هئي.

عبدالوهاب، جو شيخ محمد طاهر پٽي جو فرزند هو ۽ سنت جماعت جو پابند هو، سو قاضي القضات جي عهدي تي ممتاز ڪيو ويو، کيس درٻار ۾ گهڻي عزت هئي اورنگزيب کي مٿس اعتبار هو. سندس صلاح مشوره سان سلطنت جو ڪاروبار هلندو هو. کانئس وڏا وڏا نواب ۽ باوقار امير رئيس ڪنبندا هئا، ڇاڪان جو شيخ صاحب شريعت جو  صاحب هو. مغل نواب ۽ امير جي شريعت کان بي خبر هئا ۽ اڪثر ناچ ۽ گانن ۽ شراب خوريءَ ۾ وقت گذاريندا هئا، پر شهنشاهه جو پاڻ شريعت جو سخت پابند ۽ زاهد خشڪ مزاج هو، ويتر سلطنت جو ڪاروبار جو هينئر شريعت مطابق هلڻ لڳو تنهنڪري سڀني کي خوف هو. وڏا وڏا امير ۽ نواب شيخ کي بيش بها سوغاتون نذراني طور پيش ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو 16 سالن جي عرصي ۾ 33 لک رپيا شيخ ميڙي ورتائين. وري جڏهن شيخ جو وڏو پٽ شيخ الاسلام جي عهدي تي مقرر ٿيو تڏهن هو وري اهڙو ديندار هو جو ڪنهن هڪڙي ڪاري ڪوڏي به ڪانه ورتائين سندس پيءُ جيڪو به خزانو گڏ ڪيو هو سو خدا جي واٽ ۾ محتاجن ۽ فقيرن کي ورهائي ڏنائين. شيخ الاسلام جي منصف مزاجي ڏي به ذرا غور ڪري ڏسو، ته جڏهن شهنشاهه بيجاپور ۽ گولڪنڊه تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ کيس فتوى صادر ڪرڻ لاءِ چيو، تڏهن صاف انڪار ڪيائين. ڇاڪاڻ جو مٿيون سلطنتون به اسلامي هيون ۽ جڏهن خلد مڪاني مٿس زور رکيو تڏهن لاپرواهيءَ سان عهدو ڦٽو ڪري مڪي معظمه ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن موٽي پنهنجي ڳوٺ پاٽن آيو تڏهن بادشاه وري کيس عهدي ڏيڻ لاءِ آڇ ڪئي ۽ پاڻ پنهنجي سر خط لکيائين، پر سن 1698ع ۾ شيخ وفات ڪيائين. مٿئين عهدي تي آخر شيخ عبدالوهاب جو نياڻو شيخ ابو سعيد 1683ع ۾ مٿئين عهدي تي ممتاز هو پر هو قابل اعتبار ڪين هو. 1685ع ۾ عهدي تان لاٿو ويو.کانئس پوءِ قضات جو عهدو ملا حيدر فارسيءَ کي ڏنو ويو جو شهزادي عظيم الشان جو اتاليق به هو. ملا وجيھ سمرقند جو شاهجهان جي ڏينهن ۾ مفتي اعظم هو، سو به وڏي منصبي تي ممتاز هو ۽ صاحبِ قلم هو، کيس 1250 رپيا ماهوار ملندو هو. ڪنهن سبب ڪري عهدي تان لاٿو ويو. 1686ع ۾ کيس وري منصبي عطا ڪئي ويئي. پر ستت مئو.

جنهن صورت ۾ تخت ۽ تاج لاءِ ملڪ ۾ جنگ لڳي اُتر هندوستان ۾ سکن جي شورش ۽ دکن ۾ مرهٽن سان جنگ لڳل هئي، تنهن صورت ۾ ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو زور هو شهنشاهه شاهي رستن جي سنڀال لاءِ ۽ واپار جي ترقيءَ لاءِ ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ چڱو پاڻ پتوڙيو. واپار جي سنڀال ۽ حفاظت جي عيوض واپارين کي مال جو ڏهون حصو سرڪار کي بطور محصول جي ادا ڪرڻو پيو. هر هڪ شهر ۾ رستن جي سنڀالي ۽ سلامتي لاءِ راهدار مقرر هئا. دهلي، آگرو ۽ برهانپور مکيه مرڪز هئا. جن تي سرڪاري 25 لک رپيا ساليانو خرچ هو. هر هڪ تعلقي جو جاگيردار رستن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ذميوار هو. ٿوري عرصي کانپوءِ اهڙا محصول رعايا تان لاٿا ويا ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ سمورو ڪم جاگيردارن تي رکيو ويو.  انتظامن جي ڪري ستت ان جو اگهه گهٽجي ويو، هرڪو سکيو ستابو ٿي ويو. البته 1660ع ۾ برسات گهٽ پوڻ ڪري ان مهانگو ٿيو. سرڪاري عملدارن تي رشوت وٺڻ لاءِ سخت منع هئي. اهڙي بد رسم کي روڪڻ لاءِ شهنشاهه جي طرفان سخت نگراني هئي. عهد عالمگيري جو دور ۽ حڪومت جو نظام سلطان فيروز شاه، شير شاه سوري ۽ اڪبر اعظم جي هم پلئه هو. سن 1666ع ۾ طول عرض ڪشور ۾ تماڪ تان محصول لاٿو ويو.

خلد مڪاني غازي محي الدين عالمگير پنهنجي وقت جو زبردست شهنشاهه، تيز فهم، حق پرست مصنف مزاج، علوم جو شائق، مظلومن لاءِ سايهء عاطفت، زبردست فاتح ۽ مجتهد مطلب ته اُهي وصفون جي هڪڙي بادشاهه لاءِ ضروري هجن، خدا وند تعالى هن کي عطا ڪيون هيون. هو اسلام جي سچي تصوير هو. هو پاڪدامن ۽ شريعت جو صاحب هو، جيئن ته جلوس عالمگيري جي ٻئي سال 1659ع ۾ عوام لاءِ فرمان پڌرو ڪيائين. ته عالمگيري عهد ۾ حڪومت جو سلسلو مطابق شريعت محمدي هلندو، تنهنڪري هرڪو پنهنجون بدعادتون ڦٽي ڪري. اِهو قاعدو عوام ۽ خواص لاءِ واقعي ڏکيو هو ڇاڪاڻ جو عرش آشياني اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ هرڪو ڄاڻي ٿو ته شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي گهاٽ تان پاڻي پيئندا هئا. ساڳي طرح ٻين شهنشاهن جي ڏينهن ۾ حال هو. مسلمان اميرن جي محلاتن ۾ شراب جا دور هلندا هئا. هو عيش عشرت ۾ وقت گذاريندا هئا. لامذهبيت جي ڪري مذهب ـ ڌرم ۾ ڪو امتياز ڪين هو. پر هينئر جو اهڙو حڪم جاري ٿيو. سو مسلمانن ۽ هندن کي ڏکيو نظر اچڻ لڳو. غير مسلم تاريخ نويسن کي جيڪڏهن ڪو تعصب آهي ته رڳو مٿئين ئي فرمان جي ڪري پر اسين هيٺ خاص فرمانن جو ذڪر ڏيون ٿا جي اورنگزيب جي عهد ۾ صادر ٿيا“(1)

(1)               اڳ مغل شهنشاهن جي سڪن تي ڪملو شريف اڪريل هو، پر اورنگزيب اها رسم بند ڪرائي، ڇاڪاڻ جو سڪن تي ڪلمو اُڪرائڻ مذهبي نڪته نگاهه سان سراسر بي عزتي جو باعث هو، جيئن ته دوڪانن، ضرب خانن ۽ سرڪاري خزانن ۾ اڪثر سڪا پيرن هيٺان لتاڙجڻ ۾ اچن ٿا.

(2)              اڳ مغل شهنشاهه سال جو پهريون ڏينهن قديم فارس جي ساساني تاجدارن آتش پرستن وانگر (نؤروز) جو ڏينهن ڪري ليکيندا هئا. اهڙن موقعن تي شاهي درٻار ۾ جلسا ڪندا هئا. رعايا لاءِ اُهو ڏينهن گويا پاڪ ڏينهن هوندو هو، پر اسلامي نڪته نگاهه سان اهو سراسر خلاف هو، تنهنڪري خلد مڪاني شهر رمضان المبارڪ جي تاريخ جلسن ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو پڻ رعايا لاءِ به درٻار عالمگيري کان حڪم صادر ٿيو ته آئينده ڪوبه ماڻهو نؤروزي ڏينهن جشن نه ملهائي.

(3)              طول ۽ عرض ڪشور ۾ محتسب مقرر ڪيا ويا، ان لاءِ ته رعايا جي معاشرتي حالتن کي جاچي ڏسن. اِن لاءِ ته غير شرعي قبيح رسمون ماڻهو ڦٽيون ڪن، ڇاڪاڻ جو هندستان ۾ هن وقت ڪيئي فرقا هئا، جيئن ايرانين جي اچڻ ڪري تشيعت گهڻو زور ورتو هو. شراب پيئڻ، ڀنگ پيئڻ، آفيم کائڻ ۽ ٻين نشيدار شين جي واپرائڻ جو گهڻو زور هو، تنهن کانسواءِ قمار بازي واپار ۾ سٽي بازي جي گرم بازاري هئي. ان لاءِ عوام کي هدايت ڪئي وئي ته هو بد رسمون ڇڏي سادگي ۽ اسلامي زندگي اختيار ڪن روزي ۽ نماز جي پابندي لاءِ هر طرح سرڪاري طرح پرداخت ٿيڻ لڳي. ملا وجيه توراني، جو هڪ هزار جي منصبيءَ تي ممتاز هو، سو محض ان ڪري ته احڪام جي صحيح طرح پيروي ٿي.

(4)              1659ع ۾ هر هڪ پرڳڻي جي صوبيدار لاءِ شاهي فرمان صادر ٿيو ته ڪنهن به پرڳڻي ۾ ڀنگ پوکي نه وڃي. اُنهن اَميرن لاءِ فرمان ۾ اها به هدايت هئي ته زرعي پيشي وارن جي چڪاس رکن تاڪ شاهي فرمان جي اِنحرافي نه ٿي.

(5)              گذشته سلاطين جي زماني جون جيڪي به مسجدون زبون ٿي ويون هيون سي شاهي فرمان موجب سرڪاري خرچ سان وري نئين سر تعمير ڪرايون ويون. منجهن امام، خطيب شاهي پگهارن سان مقرر ڪيا ويا. تنهن کانسواءِ طالب علمن کي سندن تعليم آهر شاهي خزاني مان روزانو وظيفا ملڻ لڳو. اهڙو قاعدو سلاطين فيروز شاهه تغلق ۽ بهلول خان لوڌي جي عهد مهد ۾ به چالو هو، جو اورنگزيب نئين سر عمل هيٺ آندو. جلوس عالمگيري جي نائين سال رڳو دهليءَ جي مساجد تي، جن جو تعداد 600 هو، هڪ لک رپيا ساليانو خرچ هو.

(6)              جلوس عالمگيري جي يارهين سال درٻار جي شاعرن کي برخواست ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو خلد مڪاني ظاهر ڪيو، ته مون کي ايتري فرست ميسر ڪينهي جو ناچ ۽ راڳ ويهي ٻُڌان فقط شاهي قلعي جي در تي نوبت وڄڻ لاءِ حڪم صادر ٿيو.

(7)              اڳ سال بسال مغل شهنشاهه پاڻ کي سون سان تورائي اُهو خزانو خيرات ڪندا هئا، پر اها رسم شهنشاهه عالم پناهه بند ڪرائي. پاڻ وقت بوقت خيراتون ڏيندو هو. مسڪينن ۽ محتاجن جو ته رفيق هو. خلد مڪاني پاڻ چوندو هو ته مون کي مسڪينن جي دعا گهرجي.

(8)              1668ع ۾ ٻه پٿر جا هاٿي، جي آگري جي قلعي جي (هاٿي پول) دروازي تي سلطان نورالدين جهانگير کڙا ڪرايا هئا سي خلد مڪاني لهرائي ڦٽا ڪيا، ڇاڪاڻ جو قلعي ۾ اچڻ ۽ وڃڻ مهل بتن جو ڏسڻ شريعت جي خلاف هئي.

(9)              1670ع ۾ رعايا لاءِ فرمان جاري ٿيو ته سلام چوڻ ۽ ورائڻ وقت هندن وانگر هڪ ٻئي اڳيان مٿو ڪين جهڪائين، مگر فقط اسلام عليڪ چون. جڏهن سندن ٻن درٻارين مٿين حڪم جي انحرافي ڪئي، تڏهن اُنهن کي عهدن تان لاهي ڦٽو ڪيائين.

(10)          اڳ هندوستان جا نجومي جڏهن سال جو شجرو تيار ڪندا هئا، تنهن کان اڳ طرح طرح جي عجيب ۽ باطل پيشن گوين سان ماڻهن کي گمراهه ڪندا هئا. جن جو اثر عوام تي پوندو هو. 1675ع ۾ اهڙين باطل پيشنگوئين تي قطعي بندش وڌي ويئي.

(11)           اڳ مغل شهنشاهن جي جنم جي ڏينهن درٻار ۾ وڏا وڏا جشن ٿيندا هئا، جن تي وڏا خرچ لڳندا هئا. 1670ع ۾ خلد مڪاني اها فضول رسم بند ڪرائي ڇڏي. 1677ع ۾ جشن تاجپوشي جي رسم بند ڪئي وئي. اهڙن موقعن تي رڳو پان، مشڪ وغيره شيون درٻار ۾ ورهائڻ ۾ اچڻ لڳيون. تخت واريءَ جاءِ ۾ جتي بيش بها پردا لڳل هوندا هئا، سي کڻايا ويا ۽ درٻار جو نمونو بلڪل سادگيءَ سان هلڻ لڳو. پڻ درٻارين لاءِ به حڪم جاري ٿيو ته سادگي اختيار ڪن. مطلب ته وزارت جا جواهر نگار قلمدان به هٽايا ويا. اميرن کي سوغاتون پيش ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي. اڳ راجائون ۽ نواب ريشمي لباسن ۾ اچي درٻار کي زينت وٺائيندا هئا. پر هينئر حڪم موجب سوٽي ۽ پشمي چوغن سان اچڻ لڳا.

(12)          اڳ جڏهن ڪنهن راجا کي ڪا منصبي درٻار مان عطا ٿيندي هئي ته شهنشاهه سندس پيشانيءَ تي رنگ جو ٽڪو پنهنجي هٿ سان هڻندو هو. هينئر اُها رسم صاف بند ڪئي ويئي. 1679ع ۾ اهڙو فرمان جاري ٿيو، ڇاڪاڻ جواها هندو رسم جو نمونو هو. عهد عالمگيري ۾ جڏهن ڪنهن کي منصبي عطا ٿيندي هئي ته رڳو ٿورو جهڪي وات سان ”تسليم“ جو لفظ ڪڍندا هئا. اهڙي رسم اڃا به شرفا جي محفلن ۾ هلندي ٿي اچي ۽ تهذيب اعليٰ جي نشاني شمار ڪئي وڃجي ٿي.

(13)           اڳ جڏهن مغل شهنشاهه يا شاهي خاندان جا شهزادا ڪشمير ويندا هئا ته سون جي تعداد ۾ نوعمر خوبصورت ڇوڪريون بيش بها پوشاڪون پهري شهر کان ٻاهر نڪري ناچ ۽ راڳن سان شاهي خاندان جو استقبال ڪنديون هيون، پر درويش مزاج شهنشاهه پنهنجي صوبيدار کي حڪم ڏنو، ته اهڙي غير شرعي رسم آئينده لاءِ بند ڪئي وڃي.

(14)          اڳ مغل شهنشاهه صبح جو جهروڪي ۾ ويهي ماڻهن کي درشن ڪرائيندا هئا. اها رسم عرش آشياني اڪبر جي زماني کان چالو هئي. هن رسم کي درشن ڪوٺبو هو. پر جلوس عالمگيري جي يارهين سال اهڙي رسم بند ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ جو مٿين رسم ڪن هندن ۾ ايتري قدراثر ڪري ويئي هئي جو منجهن هڪ جدا فرقو پئجي ويو هو، جن کي (درشني) ڪوٺيندا هئا. ”ته جيسين وقت جي شهنشاهه جو منهن صبح سان نه ڏسن تيسين ڪو ڪم ڪين ڪندا هئا. قديم رومي شهنشاهت ۾ به اها رسم جاري هئي پر خلد مڪاني صاحب قران ثالث اهڙي بادشاهه پرستيءَ جي رسم کي خلاف شرع سمجهي بند ڪري ڇڏيو.

(15)           اڳ هندوستان جا مسلمان ايتريقدر قبر پرست هئا جو اوليائن جي قبرن تي وڏا قيمتي پٿر رکندا هئا ۽ وڃي مٿو ٽيڪيندا هئا، سجدا ڪندا هئا، شرفا مسلمانن جون زالون به زيارت ڪرڻ وينديون هيون. اهڙي پير پرستي جي رواج کي حق پرست شهنشاهه ٻنجو ڏنو.

(16)          اڳ مسلمان شراب پيئندا هئا ۽ شراب جو وڪرو ڪندا هئا، پر شهنشاهه مفتي اعظم کي حڪم ڏنو ته مسلمانن جي چڪاس رکي ۽ شراب جي وڪري تي بندش وڌائين. شهر جي ڪوٽوال کي حڪم هو، ته جنهن گهر ۾ شڪ پئيس اُن جي تلاشي وٺي ۽ شراب ٺهڻ جي بٺين کي ناس ڪرائي. هن فرمان کان پوءِ شراب پيئڻ ۽ وڪرو بند ٿي ويو. اڪثر شرابي لڪي ڇپي شراب پيئندا هئا. نه ته درٻار جي وزيرن جو اهو حال هو جو اُٿڻ سان ڀنگ پيئندا هئا ۽ شهرن ۾ ڏنڊن ڪونڊن جو ڏهڪار لڳل هوندو هو. پر شاهي فرمان موجب اها منحوس عادت بند ٿي ويئي. تنهن کانسواءِ ڪوٽوال کي حڪم هو ته جنهن گهر ۾ ناچ ۽ راڳ جو آواز ٻُڌن ته اهڙن اوزارن کي ڀڃائي ڇڏين. هن فرمان کان پوءِ وڏا وڏا امير ۽ نواب به لڪي راڳ ٻڌندا هئا.

(17)          بدپيشي وارين عورتن يا گاني وارين لونڊين لاءِ حڪم نڪتو، ته اُهي بدپيشو ڦٽي ڪري وڃي مڙس ڪن ۽ نڪاح وجهي ويهن. خاص ڪري قماربازن کي شهنشاهه دين پناهه پاڻ روبرو گهرائي سزائون ڏيندو هو.

(18)          هوليءَ جي موقعي تي هندو بازارين ۾ ناجائز فعل اختيار ڪندا هئا، جي انساني تهذيب جي سراسر خلاف هئا. تنهن کانسواءِ محرم الحرام جي موقعي تي عاشورن ڪڍڻ جي رسم به بند ڪئي وئي. خاص ڪري عاشورن جي بندش تي 1669ع ۾ برهانپور ۾ فساد به پيو هو، پر جَليل القدر شهنشاهه ڪا پرواهه نه ڪئي.

(19)          هندن جون زالون مڙس جي مُئي کان پوءِ جيئري چکيا تي چڙهنديون هيون. اها به رسم بند ڪئي ويئي. تنهن کانسواءِ ڪشمير جي حاڪمن کي حڪم ڏنائين، ته ڪشمير جون زالون بدن اُگهاڙو ڪري نه سگهن. جلوس عالمگيري جي يارهين سال فرمان جاري ٿيو، ته ڪو به ماڻهو پنهنجي اولاد کي نه وڪڻي. وري اُهي مشائخ، جي تصوّف جون دعوائون ڪندا هئا، مثلاً آخوند شاهه محمد بدخشاني جو حضرت ميان مير علي رحه لاهوريءَ جو مريد هو، جو پنهنجي ڪلامن جي ڪري به مشهور هو. شاهي خاندان مان شهزادي محمد دارا ۽ شهزادي جهان آرا بيگم جو منجهس اعتقاد هو، جن درويشن جي رهائش لاءِ ڪشمير ۾ وڏي خرچ سان محلات تيار ڪرايو هو، تنهن کانسواءِ وڏا وڏا درٻاري به سندس رندانه محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا. هن جيڪي تصوّف جي باري ۾ شعر چيا هئا، سي عوام جي زبان تي به هئا، پر جڏهن عالمگير تخت تي ويٺو ته آخوند صاحب خوش ڪلامي ڦٽي ڪري اچي لاهور ۾ گوشي نشيني اختيار ڪئي. يا ته محلاتن ۾ اڪل۽ شرب جي محفلن ۾ گذاريو هئائين يا ته مفلسي ۾ دم ڏنائين، کيس مس مس ته مرشد جي قدمن ۾ رکڻ جي جاءِ ملي.

وري صوفي سرمد جو حال ٻڌو جو ايران کان هندوستان ۾ جڏهن آيو، ته ننگر ٺٽي جي هڪڙي هندو ڇوڪري ابي چند نالي تي عاشق ٿي پيو. ايتريقدر عشق جو ڀوت مٿس غالب ٿيو جو اُگهاڙو گهمڻ لڳو. سندس ڪلام به صوفيانه هئا جي شرعي نڪته نگاهه سان سراسر خلاف هئا. هندو کيس نانو جيني ڊگمبر ڪري ڪوٺيندا هئا. سو اُگهاڙي گهمڻ جي ڏوهه ۾ مارايو ويو.

محمد طاهر، جو حسن علي خان جو ديوان هو، سو 1772ع ۾ ان ڪري مارايو ويو جو هو شيعو هو هڪڙي ڀيري اصحابن سڳورن جي حق ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو هئائين، بورن جو روحاني پيشوا سيد قطب الدين احمد آبادي پنهنجي ست سؤ مريدن سميت مارايو ويو. ڇاڪاڻ جو هن گجرات ۾ شيعي حاڪم جي بانور تي اهل سنت جماعت وارن سان گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ بوهرا سنين تي ڏنگا پير کڻندا هئا. اهي هئا مذهبي ۽ معاشرتي احڪام غازي عالمگير اوّل جا، جن جي ڪري بدنام آهي. ”افسوس“.

تمہیں لے دے کہ ساری داستاں میں یاد ہے اتنا،

کہ عالمگیر ہندوکش تھا، ظالم تھا، ستمگر تھا!

عهد عالمگيري ۾ اسلامي دنيا سان تعلقات

خلد مڪاني غازي محي الدين سلطان اورنگزيب عالمگير جي جلوس عالمگيريءَ جي پهرين ڏينهن کان وٺي اسلامي بيروني دنيا جا سياسي تعلقات هندوستان سان ٿيڻ شروع ٿيا ۽ عهد عالمگيري ۾ جيئن هندوستان ۾ فتوحات جو دائرو وسيع ٿيڻ لڳو تيئن بيروني دنيا سان هندوستان جا تعلقات به مضبوط ٿيڻ لڳا ۽ اهڙا ٿيا جو وري ڪڏهن به نه ٿيا. فتوحات عالمگيري جون خبرون جڏهن دور ۽ دراز ملڪن تائين وڃي پهتيون، تڏهن چؤطرف کان مبارڪبادي پيغام شهنشاهه ڏي اچڻ لڳا ۽ بيروني اسلامي دنيا جا سفير درٻار ۾ اچي پيش ٿيا. شهنشاهه کين شرف بازيابي بخشي سندن عزت ڪئي ۽ شاهي خلعتون ڏيئي هفت ڪشور هندوستان جي شهنشاهت جي دوستيءَ جو رستو ساڻن مضبوط ڪيو. ڪن ڌارين سلطنتن واپار جي سانگي پنهنجا سفير درٻار ۾ پيش ڪيا، جن جي عرضداشتن کي شهنشاهه ڪمال مروّت سان منظور ڪري کين قلمرو ۾ سواءِ محصول ڏيڻ جي واپار جي موڪل مرحمت ڪئي. تاريخ شاهد آهي ته جي عهد عالمگيري ۾ هندوستان جا تعلقات ماوراءِ النهر ايران، عربستان، مصر، حبش، دولت عثمانيه ۽ مغرب اقصى سان قائم هئا، جن تي هن ريت روشني وجهون ٿا. اُميد ته صاحب ذوق لاءِ دلچسپي جو باعث ٿيندو.

مقامات مقدّس سان تعلقات

هن زماني ۾ شريف مڪه معظمه جي دنيا ۾ عزت هئي. اڳوڻا مغل شهنشاهه به مقامات مقدّس جي گهڻي خدمت ڪري چڪا هئا، خاص ڪري عرش آشياني اڪبر اعظم جي ڏينهن کان هندوستان جا حجاز سان تعلق قائم ٿي چڪا هئا، پرخلد مڪاني عالمگير اوّل جي ڏينهن ۾ اُهي تعلقات اهڙا مضبوط ٿيا جو خود امير المومنين سلطان ترڪيءَ کي عالمگير جي حڪمت عمليءَ مان اچي خوف جاڳيو. جيئن ته جلوس عالمگيري جي پهرئين سال سلطان الغازي هڪڙو وفد مير سيد ابراهيم جي سرپرستي هيٺ حجاز ڏانهن روانو ڪيو ۽ امير وفد کي 6 لک رپيا نقد حوالي ڪيائين ته اهل بيت ۽ ٻين محتاجن ۽ مسڪينن کي وڃي ورهائي ڏئي، تنهن کانسواءِ مقامات مقدّس جي زيارتگاهن ۽ مساجد جي خرچ لاءِ به ٻيو گهڻو ڪجهه ڏيئي خدا حافظ چئي روانو ڪيائين. سيد ابراهيم بخير سلامتيءَ سان وڃي حجاز پهتو وري جڏهن ماهه جون 1661ع ۾ سيّد صاحب مڪي شريف ۾ وفات پاتي تڏهن بارگاهه عالمگيري مان وفد جي سرڪردگي جو ڪم حاجي احمد سعيد جي سپرد ڪيو ويو، جو بحڪم فرمان عالمگيري برابر چئن سالن تائين حجاز ۾ رهي 1665ع ۾ هندوستان موٽيو. مٿين خدمت جي عيوض شريف مڪي پنهنجو هڪڙو وفد سيّد يحى مڪي جي سرپرستي هيٺ شهنشاهه جي وفد سان گڏ ڏياري موڪليو، جنهن شريف اعظم جي طرفان هڪڙو خلاصو خط شهنشاهه جي خدمت ۾ اچي روبرو پيش ڪيو. فياض شهنشاهه سمورو احوال ٻڌي 13،000 روپيا نقد حجازي وفد جي پيش ڪيا. هن وفد کان پوءِ حجاز جا تعلقات دهلي جي درٻار سان مضبوط ٿي ويا پر شهنشاهه وقت بوقت حجاز جي غربا ۽ محتاجن جي پرورش ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو، مثلاً 1668ع ۾ 90،000 روپيا، 1671ع ۾ 30،000 ۽ 100 اشرفيون، 1674ع ۾ 5،000 روپيا ۽ 1686ع ۾ 5،000 شريف اعظم کي بطور دهليءَ جي درٻار پاران بطور محتاجن جي خيرات لاءِ وظيفو ملندو رهيو. تنهن کانسواءِ خلد مڪاني پنهنجيءَ ملڪيت مان سال بسال پنهنجا گماشتا مقامات مقدس ڏانهن روانا ڪندو هو، جي طول ۽ عرض حجاز ۾ گشت ڪري غريبن ۽ محتاجن کي خيراتون ڏيندا هئا. 1684ع ۾ جڏهن شيخ الاسلام هند مڪي ڏانهن روانو ٿيو تڏهن سندس معرفت هڪڙي طلائي صندوق ۽ هڪڙو خط وجهي رخصت ڪرڻ وقت کيس هدايت ڪئي، ته هيءَ صندوق نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي قدمن اڳيان وڃي مدينه شريف ۾ رکي. شهنشاهه ڪيتري قدر پاڪ عقيدتمند هو، سو مٿئين مثال مان پتو پئجي سگهي ٿو. 1693ع ۾ جڏهن شهزادي محمد اعظم بيماريءَ کان شفا پاتي تڏهن خيرات لاءِ خزانن جادر پَٽجي ويا. هن دفعي 20،000 روپيا مقامات مقدس جي مسڪينن جي خيرات لاءِ حجاز روانا ڪيا ويا. پوين ڏينهن ۾ جڏهن شهنشاهه کي خبر پئي ته شريف محتاجن کي پوري خيرات نه ٿو ڏئي، تڏهن شهنشاهه جيڪو خط ان باري ۾ پنهنجي وزارت کي لکيو سو هن ريت هو:

”مان سال بسال جيڪي خزانو حجاز ڏانهن روانو ٿو ڪيان سو شريف لاءِ نه ٿو موڪليان، پر اُنهن محتاجن ۽ مسڪينن لاءِ، جي مقامات مقدس ۾ رهن ٿا. مون کي معلوم ٿيو آهي، ته شريف ناجائز طور پنهنجي ذاتي ڪمن تي خزانا خرچ ڪري رهيو آهي. شايد هو سمجهي ٿو ته هندوستان دولتمند ملڪ آهي، تنهنڪري کيس هتان اهڙي دولت ملندي رهندي پر شريف کي ياد رکڻ گهرجي ته مان جيڪي روانو ڪريان ٿو، سو رڳو سندس معرفت آهي، محض غريبن ۽ مسڪينن لاءِ اڄ کان وٺي سمورا وظيفا سورت جي رهندڙ عرب واپارين هٿان روانا ڪريو، جن جا گماشتا حجاز ۾ موجود رهن ٿا. منهنجي اها خواهش نه آهي، ته شريف اعظم جي معرفت موڪلڻ سان منهنجو نالو اسلامي دنيا ۾ ڳائجي، پر مان اُنهن محتاجن ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ دولت رواني ڪريان ٿو جي سچا مومن آهن ۽ خيرات وٺڻ لاءِ مستحق آهن.“

شهنشاهه مٿيون فرمان وزارت لاءِ انڪري پڌرو ڪيو، جو کيس ڪي خط حجاز کان پهتا هئا، جن ۾ شريف جي ناجائز هلت جو ذڪر ڏنل هو. سورت جا واپاري عرب شهنشاهه جي طرفان گماشتا هئا، اُهي اهڙي ريت غريبن جي سنڀال لهڻ لڳا، جو شهنشاهه کي سموري خبر پوڻ لڳي ۽ شريف کي ان باري ۾ به ڪائي خبر ڪانه رهي.

ايراني سفير بارگاهه عالمگيري ۾

جڏهن دهليءَ جي تخت ۽ تاج لاءِ ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ جنگ لڳل هئي، تڏهن ايران جي والي شاهه عباس ثاني صفوّي دکن جي ٻن شيعن بادشاهن کي لکيو هو، ته هو مراد ۽ دارا جي مدد ڪن. پر هينئر جڏهن فتوحات عالمگيريءَ جون خبرون ايران ۽ توران تائين پهتيون تڏهن شاهه پنهنجي توپخاني جي اعليٰ عملدار تفنگچي بدق بيگ آقاسي جي سرپرستي هيٺ هڪڙو وفد بارگاهه عالمگيري ڏانهن روانو ڪيو تاڪ شاهه جي طرفان وڃي دهلي جي درٻار ۾ شهنشاهه کي مبارڪباد پيش ڪري. سرزمين ايران جهڙي گل ريز آهي، تهڙيءَ طرح هتي جا انسان به دانش خيز ۽ نڪته ريز آهن. قديم زماني کان براعظم ۾ تهذيب جو تاج سندن ئي مٿي تي هو. هتي جي تهذيب ۽ معاشرت جو اثر نه رڳو ايشيا تي پيو پر سڄيءَ اسلامي دنيا تي بغداد کان وٺي قسطنطنيه ويندي قرطبه تائين دنگ ڪيائين ته ٻئي طرف دهلي سمرقند، لکنؤ ۽ سرنگا پٽم جي درٻارن ۾ به ايراني رنگ لڳي ويو. وڏي ڳالهه ته اسلام جي دامن هيٺ جيڪا علمي لياقت ايران شعر سخن ۽ فلسفي ۾ حاصل ڪئي، تنهن علم ۽ شاعريءَ جو چرچو به جدا جدا ڪنڊن ۾ لڳل هو ۽ اڃا به آهي. فردوسي، حافظ، انوّري ۽ قاآني جهڙن مايهء ناز اديبن ۽ شاعرن جي قلمن جي نوڪن کان وڏا وڏا پهلوان ۽ باجبروت شهنشاهه ڪنبدا هئا. مون کي خبر آهي ته جڏهن سلطان محمود غزنوي فردوسيءَ جي ڪيل انجام جي اِنحرافي ڪئي، تڏهن سندس باري ۾ شاعر ڪهڙي خامهَ فرسائي ڪئي هئي! حافظ رحه به هڪڙي دفعي هندوستان جي خال ۽ خط کي سمرقند ۽ بخارا وارن سان عالم وجد ۾ اچي وڪيو هو! ۽ تصوّف جي باريڪ پردن کي چاڪ ڪري.

دنيا ۾ احسان فراموشي ۽ نمڪ حرامي سڀني کان وڏو اخلاقي گناهه سمجهيو وڃي ٿو، پر قاآني ان باري ۾ ڪو لحاظ ڪين ڪيو. جنهن شخص جي شان ۾ اڄ قصيده خواني ڪري فصاحت ۽ بلاغت جي گنگا جمنا وهائي ٿو. سڀاڻي ساڳئي شخص جي توهين ۽ تذليل ڪرڻ ۾ هن کي مطلق خيال نه هو. جڏهن ڪو شخص ڪنهن اعلى منصبي کي وڃي پهچندو هو، ته هو سندس مدحت سرائي ۾ زمين ۽ آسمان جا طبق ملائي ڇڏيندو هو، وري جڏهن ڪنهن جي منصبي کسبي هئي ته جهٽ قاآني به طوطي وانگر اکيون بدلائي ڇڏيندو هو ۽ نهايت ئي ذليل ۽ فحش الفاظ ۾ سندس گلا ڪندو هو. اڪثر قصيدن ۾ هن محمد شاهه قاچار جي وزيراعظم حاجي مرزا آقاسي جي عدل ۽ انصاف جا گيت ڳايا پر جڏهن هو وزارت جي منصبي تان لاٿو ويو ۽ مرزا تقي خان وزارت تي مامور ٿيو تڏهن امير ڪبير جي شان ۾  قصيدا لکيائين.

مطلب ته فحش گوئي ۽ بيباڪيءَ ۾ پورو ابن الوقت هو. سعدي، جامي، نظامي ۽ مولانا روم جهڙا پاڪباز صوفياء ڪرام به هن گل انگيز خاڪ جا پتلا آهن. وڏن وڏن شهنشاهن هتي جي شاعرن جي رڳو زبان ۽ قلم جي خوف کان سندن خاطرداري ڪئي. اهڙي نڪته نگاهه سان جڏهن ايراني وفد جي آمد جي خبر دهليءَ جي درٻار ۾ پهتي، تڏهن دهليءَ جي سياسي حلقن ۾ به ٿرٿلو پئجي ويو. شهنشاهه کان وٺي ويندي معمولي سپاهي تائين هر ڪنهن ائين پئي ڄاتو ته اڄ سندن آزمائش جو وقت آهي. ائين نه ٿئي متان ايراني ڪا خامي نه ڪڍيو وڃن ۽ دهلي درٻار کي اسلامي دنيا اڳيان ڪا بدنامي سَهڻي نه پوي. ايرانين کي جو دهليءَ جي درٻار ۾ عزت هئي، سو رڳو انڪري جو هندوستان جي ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ دانشمند ۽ باتهذيب هئا. آمدم برسر مطلب ته 24 مارچ 1661ع ۾ دهليءَ جي درٻار پاران ايراني سفير مير آتش بدق بيگ آقاسي جو خير مقدم ڪيو ويو. ايراني جنهن رستي کان دهليءَ ۾ وارد ٿيو، اُنهن رستن کي هر طرح سان سينگاريو ويو، شاهي فوجن مير آتش آقاسيءَ جي سلامي ورتي. جڏهن بارگاهه عالمگيري وٽ سفيرجي سواري پهتي تڏهن قلعي کان توپن سان سندس سلامي ورتي ويئي. ايراني سفير 500 ايراني جانبازن سوارن جي همراهه وڏين مڇن سان هڪڙي ترڪي تازيءَ تي سوار هو. بارگاهه عالمگيري ۾ پهچي سفير کي شهنشاهه شرف ملاقات بخشيو، سفير شاهه عباس ثاني صفويّ جي پاران مبارڪبادي جو رقعو پيش ڪيو. مير منشي خط کولي شهنشاهه کي پڙهي ٻُڌايو، جنهن ۾ آل تيمور ۽ صفويّ خاندان جي دوستيءَ جو ذڪر ڏنل هو، جنهن ۾ شاهه ڄاڻايو هو ته ڪيئن نه اوکيءَ ويل ايران مغل شهنشاهن جي مدد ڪئي هئي. آخر شاهه طهماسپ ۽ سلطان نصيرالدين همايون مرزا جي دوستي جو ذڪر هو. آخر ۾ قنڌار جي معرڪن ۽ شاهجهان جي عهدنامي جو ذڪر هو وغيره.

ايراني سفير بدق بيگ آقاسيءَ بيش بها سوکڙيون اورنگزيب عالمگير اڳيان ايران جي درٻار پاران پيش ڪيون، جن ۾ ايران جي لذيذ ميون کان سواءِ 66 عراقي گهوڙا هڪڙو سچن موتين جو هار جنهن جي قيمت 60،000 روپيا هئي ۽ سندس وزن 37 قيراط هو. جملي سوغاتن جي قيمت 4،22،000 روپيا هئي. خلد مڪاني غازي عالمگير 2،500 روپيا بروقت سفير کي بطور خلعت جي مرحمت فرمايا سفير شڪريو ادا ڪيو.

4 مهينن تائين ايراني سفير شهنشاهه وٽ بطور شاهي مهمان رهي 4 جولاءِ بدق بيگ آقاسي ايران ڏانهن راهي ٿيو. شهنشاهه دانشمند خان کي خط لکڻ لاءِ حڪم ڏنو، جنهن شاهه ڏي خط اهڙي مضمون ۾ لکيو جو قابل تعريف هو. هن خط ۾ شهنشاهه شاهه جي دوستيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اُميد ظاهر ڪيائين ته آئينده ٻئي سلطنتون اسلام جي فائدي لاءِ هر طرح سان ملي ڪوشش ڪنديون. خط کانسواءِ 7 لکن جون بيش بها سوغاتون ملتان جي حاڪم تربيت خان جي سپرد ڪري 4 هزار فوج سان مير آتش آقاسيءَ سان همراه ڪري ايران روانو ڪيائين. تربيت خان 4 سالن تائين اصفهان رهي موٽيو. چون ٿا ته شاهه عباس صفوّي دهليءَ جي سفير سان نهايت ئي مغروريءَ سان گڏيو ۽ مرزا طاهر وحيد شاهه جي طرفان جيڪو خط لکي تربيت خان کي ڏنو، سو اعتراض جوڳو هو. ماهه سيپٽمبر 1666ع ۾ جڏهن تربيت خان آگري پهتو ۽ شاهه جو خط پيش ڪيائين تڏهن شهنشاهه پڙهي غصي کان ڳاڙهو ٿي ويو تربيت خان کي گهٽائي اوڙيسا جو نواب مقرر ڪيائين. رڳو اِن لاءِ ته جيڪڏهن شاهه توکي مغروريءَ سان گڏيو ته تو ڇو نه شاهه کي سخت جواب نه ڏنو. خط پڙهڻ کان پوءِ شهنشاهه هڪدم شهزادي معظم کي راجا جسونت سنگهه جي سرپرستيءَ هيٺ فوجون ڏيئي افغانستان روانو ڪيو، پر درحقيقت شاهه عباس ثانيءَ ۾ ايتري ٿوم ڪانه هئي جو عهدِ عالمگيري ۾ هندوستان تي ڪاهه ڪري سگهي. آخر قصو هن ريت ختم ٿيو جو انهيءَ وچ ۾ شاهه وفات پاتي تنهن هوندي به شهنشاهه ايران جي سرحد تي مضبوط فوجن رکڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ ايران سان واپار بند ڪري ڇڏيائين. پاڻ چوندو هو ته ايراني منهنجي نظر ۾ (غولِ بيابان) آهن، کين باطل مذهبان جي نالي سان سڏيندا هئا.

ماوراءِ النهر سان تعلقات

1661ع ۾ سلطان صبحان قلي خان واليءَ سمرقند هڪڙو وفد شهنشاهه جي درٻار ۾ موڪليو. هن وفد پاڻ سان ڪي ترڪي گهوڙا، اُٺ ۽ شڪار لاءِ ڪي بحري باز باشا به آندا. شهنشاهه وفد کي 26،000 روپيا مرحمت فرمايا. ساڳي سال ۾ سلطان عبدالعزيز خان بخارا جي واليءَ خواجه احمد جي سرپرستي هيٺ وفد روانو ڪيو. شهنشاهه 12،000 روپيا وفد کي مرحمت ڪيا، تنهن کانسواءِ سندن مهمانيءَ تي هڪ لک رپيا خرچ ٿا، مٿيان ٻئي وفد هندوستان ۾ رهي پيا، موٽڻ جي ڪانه ڪيائون. 2 جولاءِ 1664ع ۾ شهنشاهه مصطفيٰ خان خفي کي بطور سفير جي بخارا جي درٻآر ۾ ڏياري موڪليو. سفير سلطان عبدالعزيز کي ڏيڍ لک جون سوغاتون پيش ڪيون، تنهن کانسواءِ هڪ لک رپين جون سوغاتون سلطان صبحان قليءَ لاءِ ڏياري مُڪائين.

1667ع ۾ جڏهن بخارا ۽ بلخ جي سلاطين جا سفير دهليءَ ۾ آيا تڏهن شهنشاهه ساڻن مروت سان گڏيو ۽ وڃڻ مهل کين ساڍن ٽن لکن جون سوغاتون مٿين بادشاهن لاءِ ڏنائين.

اپريل 1664ع ۾ مير فولاد خان قاشغر جي حاڪم مير عبدالله خان طرفان سفير ٿي آيو. جڏهن موٽيو تڏهن اڌ لک جون سوغاتون سلطان لاءِ ڏيئي روانو ڪيائين. 1668ع ۾ مير عبدالله خان کي جڏهن سندس پٽ بلبراس خان تخت تان لاهي ڇڏيو تڏهن عبدالله خان دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو. پر رستي تي ڦورن سندس ملڪيت ڦري ورتي. بارگاهه عالمگيري ۾ جڏهن خبرون پهتيون تڏهن عالمگير مروت سان پنهنجي ڪشمير ۽ پنجاب جي صوبن کي لکيو ته هڪدم هڪ لک روپيا سفر خرچ لاءِ سلطان جي پيش ڪن، تنهن کانسواءِ شاهي تنبو سامان وغيره به کيس خدمت ۾ پهچي حوالي ڪن ۽ ڪشمير جي حاڪم کي اها به هدايت ڪئي ويئي، ته دهليءَ تائين سلطان جو هم رقاب رهي. جڏهن مير عبدالله خان جي سواري دهليءَ کي ويجهي پهتي، تڏهن وزيراعظم سلطنت طرفان سندس استقبال لاءِ ويو ۽ اورنگزيب دسترخوان تي ساڻس گڏجي کائڻ فرمايو ۽ هر طرح سان معزول سلطان جي خاطرداري ڪيائين. سندس رهائش لاءِ جمنا نديءَ جي ڪپ تي هڪڙو محلات خالي ڪرائي ڏنائينس، کيس هر وقت شاهي دسترخوان تان ماني ملندي هئي. وري جڏهن اورنگزيب ڪڏهن شڪار لاءِ يا هاٿين جي ويڙهه ڏسڻ لاءِ نڪرندو هو، ته امير کي ساڻ وٺي نڪرندو هو. اها هئي عزت قاشغر جي معزول سلطان جي اورنگزيب وٽ.

امير عبدالله خان اَٺ مهينا دهليءَ ۾ رهي پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان مڪي شريف وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو شاهي فوجن بندرگاهه سورت تائين سندس سلامي ورتي. امير عبدالله جي اچڻ ۽ وڃڻ تي جملهء لک روپيا خرچ لڳو. 1670ع ۾ جڏهن اَمير موٽي هندوستان آيو، تڏهن شهنشاهه هڪ لک روپيا هن لاءِ ساليانو وظيفو مقرر ڪيو. 1675ع ۾ دهليءَ ۾ وفات پاتائين. اورنگزيب واپارين ۽ وقت جي علمائن مشائخن جي گهڻي عزت ڪئي، سندس دور عالمگيري ۾ ڌارين ملڪن جا بيشمار علماء دهليءَ م اچي رهڻ لڳا. تنهن کانسواءِ هن درويش سلطان کي هندوستان کان ٻاهر به ڪي دوست هئا، مثلاً عبدالغفار بخاريءَ کي 1660ع کان 1667ع تائين 41،000 روپيا مرحمت ڪيائين. تنهن کان سواءِ پنهنجي ٻين دوستن جي به عزت آهر سنڀال لڌائين.

دولت عثمانيه سان تعلقات

هي اُهو زمانو هو جڏهن مغرب ۾ دولت عثمانيه (ترڪي) ۽ مشرق ۾ مغل شهنشاهت دنيا ۾ بلڪل زبردست اِسلامي حڪومتون هيون. 1551ع م فردوس آشياني سلطان شهاب الدين محمدؐ شاهجهان جيڪو خط ترڪيءَ جي سلطان سليمان خان اعظم ڏي لکيو تنهن ۾ سلطان الغازي کي خليفةالمسلمين جي لقب جي بدران (قيصر روم) ڄاڻايو هئائون. هن خط مان اهو پتو لڳي سگهي ٿو ته هندوستان جا مغل شهنشاهه پاڻکي خليفةالمسلمين سڏائيندا هئا. پر جنهن صورت ۾ مقامات مقدس تي ترڪيءَ جي سلاطين جو قبضو هو، تنهن صورت ۾ سڄي اسلامي دنيا کي ترڪي جي سلاطين لاءِ عزت هئي. اورنگزيب عالمگير جي عهدمهد ۾ ٻنهين زبردست اِسلامي دولتن جا سياسي تعلقات پاڻ ۾ مضبوط هئا. جيئن ته 1667ع ۾ غازي عالمگير خلد مڪانيءَ شاهه خواجه جي سرپرستيءَ هيٺ هڪڙو وفد (سلطان محمد خان رابع) ڏي مُڪو ۽ تاريخ شاهد آهي ته قسطنطنيه جي ايوان يلدز ۾ عالمگيري سفير کي سلطان المععظم جي سلطنت پاڻ لاءِ باعث فخر ڄاتو. ڇاڪاڻ جو هي اُهو زمانو هو جڏهن ترڪن جي هئبسبرگ سان آخري جنگ هئي ۽ ترڪي افواج قاهره جو ويانا تي غلبو هو.

وائينا جي غلبي کانپوءِ ترڪي افواج قاهره جيڪا موٽ کاڌي سا تاريخ ۾ هڪڙي مشهور ڳالهه ليکجي ٿي اُهي صاحب ذوق جيڪي تاريخ جي صحبتن مان واقف آهن، سي ئي هن واقعه جو انداز ڪري سگهن ٿا، جيئن ته  1686ع ۾ نيوهاسل جي معرڪي کانپوءِ ترڪن بڊاپيسٽ هنگرئ جو تختگاهه خالي ڪيو. 1687ع ۾ مهاڪز جي ويڙهه ۾ سڄو هنگري، سلاوينيا ۽ ڪروشيا جاعلائقا ترڪي سلطنت کان ڇڄي ڌار ٿيا. يورپ ۾ هو بي يارومددگار هئا. هي پهريون دفعو هو جو ترڪيءَ جي سلطان احمد خان ثاني بخارا ۽ دهلي جي اسلامي درٻارن ۾ اتحاد اسلام جي باري ۾ پنهنجا سفير روانا ڪيا هئا. جيئن ته سن 1690ع ۾ بابعالي جو سفير درٻار عالمگيري ۾ حاضر ٿيو ۽ سن 1691ع ۾ مصطفى چاؤش بابعاليء جو خط سلطان صبحان قليءَ جي درٻار بخارا ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ اسلامي سلطنت جي اتحاد جي باري ۾ ذڪر ڏنل هو. ]ڏسو صفحو (486)[-

سن 1690ع ۾ جيڪو قسطنطيه جو سفير دهليءَ ۾ وارد ٿيو، تنهن جو رڳو سبب اهو هو جو عرش آشياني اڪبر اعظم جنهن حڪمت عمليءَ سان حجاز سان تعلقات ڳنڍي ويو هو ۽ سال بسال جيڪي خزانا حجاز ۾ خيرات لاءِ پلٽجڻ لڳا ۽ مڪي جي شريفن کي جيڪا عزت مغل شهنشاهن لاءِ هئي. اِنهن سڀني ڳالهين جو اهو نتيجو نڪتو جو عثماني علائقن مثلاً مصر، حجاز، يمن، حضرالموت ۽ عراق جا سياسي تعلقات دهليءَ جي درٻار سان قائم ٿي چڪا هئا ۽ سلطان سليمان خان اعظم جي ڏينهن کان وٺي  ترڪيءَ جي سلاطين کي يورپ ۾ جنگيون جوٽڻيون پيون ۽ جنهن صورت ۾ ترڪي فوج ظفر موج کي يورپ جي ميدانن مان فرصت ئي ڪانه پئي ملي اُهڙيءَ صورت م ترڪيءَ جي سلاطين کي خودبخود دهليءَ جي درٻار سان دوستي رکڻ لاءِ باقاعدا ڊپلوميٽڪ تعلقات قائم رکڻا پيا. خاص ڪري خلد مڪاني غازي محي الدين عالمگير اول جي زماني ۾ دهليءَ جا سياسي تعلقات ترڪي مقبوضات سان بلڪل ويجها پوندا ويا. ٻئي طرف جڏهن شاهه عباس ثانيءَ صفوي دهليءَ جي سفير سان اِصفهان ۾ مغروريءَ سان گفتگو ڪئي، تڏهن نه رڳو اورنگزيب ايران جي سرحد تي فوجون روانيون ڪيون، پر ٻئي طرف امير زبردست خان کي سفير طور بخارا جي درٻار ۾ سلطان صبحان قلي خان کي ڏياري موڪليو. ان لاءِ هندوستان ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ لڳي ته بخارا جي سلطنت مغل شهنشاهن کي مدد ڏئي، پر مٿيون وفد ناڪامياب ٿي موٽيو. هاڻي اچو ته ترڪيءَ سان غازي عالمگير جا ڪهڙا تعلقات هئا؟ 1661ع ۾ بابعالي بصره جي گورنر حسن پاشا کي دهليءَ ۾ سفير ٿي وڃڻ لاءِ هدايت ڪئي. مٿيون سفير مبارڪبادئ جو خط وٺي سلطان المعظم طرفان دهليءَ ۾ سفير ٿي وڃڻ لاءِ هدايت ڪئي. مٿيون سفير مبارڪبادئ جو خط وٺي سلطان المعظم طرفان دهليءَ ۾ وارد ٿيو. وفد جيڪي سوغاتون پاڻ سان آنديون هيون تن ۾ ڪي عراقي گهوڙا ۽ ڪي جارجيا جون خوبصورت ٻانهيون به هيون. اورنگزيب هن وفد جي هر طرح سان خاطرداري ڪئي. 1669ع ۾ جڏهن مٿئين گورنر جي سلطان سان ناسازي ٿي، تڏهن هو پهريون ايران ويو، پر ايران جي شاهه سياسي نڪته نگاهه سان کيس ايران ۾ رهڻ جي اجازت ڪانه ڏني، تنهن کانپوءِ حسن پاشا دهليءَ ۾ آيو ۽ جڏهن بارگاه عالمگيري م پيش ٿي تخت طاؤس کي چميائين تڏهن جليل القدر شهنشاهه سندس رتبي کي سڃاڻي 5 هزارن جي منصبي تي مقرر ڪري کيس اسلام خان جو خطاب مرحمت ڪيو. سندس ٻن پٽن کي به لياقت آهر وڏا مرتبا عنايت ڪيائين. شهنشاهه جيڪا ترڪ گورنر جي خاطرداري ڪئي تنهن سندس فياضي جي هاڪ پري پري تائين وڃي پهتي. ايتريقدر جو جڏهن بابعالي حسن پاشا جي جاءِ تي يحى پاشا کي بصره جو والي مقرر ڪيو تڏهن ڪنهن ڳالهه تان هو نوڪري ڦٽي ڪري دهليءَ ۾ آيو ۽ وڏي منصبي تي مامور ٿيو. 1665ع ۾ عدن ۽ حضرالموت جي حاڪمن پنهنجا سفير دهليءَ جي درٻار ۾ ڏياري مُڪا. 1667ع ۾ يمن جي امام اسمٰعيل به پنهنجو سفير دهليءَ جي درٻار ۾ موڪليو، جنهن 9 عربي بيش بها گهوڙا اِمام جي طرفان شهنشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيا.

1665ع ۾ شهنشاه جي سخا ۽ فيض جو چرچو سڄي عربستان ۽ مغربي دنيا تائين پکڙجي ويو. جيئن ته ساڳي سال موراڪش جي سلطان هڪڙي سيد هٿان مبارڪبادي جو خط آڻي شهنشاهه اڳيان پيش ڪيو. 1683ع ۾ سندس ڀاءُ سيد احمد روبرو اچي شهنشاهه سان ملاقات ڪئي. ۽ 5000 روپيا نقد بطور خلعت جي کيس مرحمت ڪيا ويا. 1665ع ۾ حبش جي رهندڙ مسلمانن سيد ڪمال جي سرپرستي هيٺ هڪڙو وفد شهنشاهه جي خدمت ۾ ڏياري مڪو، جنهن مسجد جي تعمير لاءِ بارگاهِ معلى ۾ درخواست ڪئي، جا شهنشاهه ڪمال مروت سان قبول ڪئي ۽ وفد کي معقول رقم ڏني ويئي تنهن کانسواءِ اُتي جي مسلمانن جي حقوق جي پرداخت لاءِ 12000 جون سوغاتون اُتي جي عيسائي بادشاهه لاءِ وفد جي معرفت روانيون ڪيائين. هن وفد جي اچڻ کان پوءِ حبش ۽ هندوستان جا سياسي تعلقات قائم ٿي ويا. 1671ع ۾ حبش سفير اتي جي بادشاهه دهليءَ جي درٻار ۾ وارد ٿيو، هن موقعه تي شهنشاه 10000 جون سوغاتون وفد جي معرفت بادشاه لاءِ روانيون ڪيون. اهي هئا خارجي تعقات هندوستان جا غازي محي الدين عالمگير صاحب ثالث جي عهد مهد ۾.

فتوحات عالمگيري

جڏهن مسلمان هندوستان ۾ آيا تڏهن هندوستان ۾ جيڪا هندن جي بهادر جنگجو قوم هئي، سا راجپوتن جي هئي. جن جو زور ترڪن، افغانن هڻي پورو ڪري ڇڏيو هو. تنهن کانپوءِ جيڪا هندن جي زبردست قوم اسلامي سلطنت جي مقابلي ۾ اُٿي، سا (مرهٽن) جي هئي، جن جو قديم ملڪ دکن ۾ (مهارا شٽرا) هو. هي قوم جابلو هئي ۽ اُلهندي گهاٽن جي ميدانن ۾ کيتي تي گذران ڪندي هئي. هو پاڻ کي پنهنجي روايتن موجب راجپوت سڏائڻ لڳا. جڏهن ملڪ عنبر احمد نگر فتح ڪيو تڏهن مالوجي ڀونسلا وٽس هشت هزاري عهدي تي هو، جو ديوگري جي راجا جي اولاد مان هو. اهي مرهٽا دکن جي اسلامي حڪومتن، بيجاپور ۽ احمدنگر جي فوجن ۾ نوڪري ڪرڻ لڳا. خاص ڪري بيجاپور جي حڪومت جو سمورو ڪاروبار مرهٽي زبان ۾ هلندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس سموري رعيت مرهٽا هئا. آهسته آهسته هو گولڪنڊه جي قطب شاهي حڪومت جي فوجن ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا. مالوجي کي احمدنگر جي سلطان وٽان نوڪري جي عيوض هڪ جاگير به مليل هئي جا اڄ (پونا) جي نالي سان مشهور آهي. سندس پٽ شاهه جي به سلطان وٽ نوڪر هو، جو پوءِ بيجاپور جي سلطان وٽ وڃي نوڪر بيٺو. سلطان کيس ميسور ۾ بئنگلور ۽ سيرا جون جاگيرون مرحمت ڪيون هيون. سندس پٽ جو نالو شيوا هو، جو مرهٽن جي سلطنت جو باني ليکجي ٿو  ۽ هندو کيس  (ڇترپتي شيوا) جي نالي سان ياد ڪن ٿا. هو وڏي همت جو صاحب هو ننڍي هوندي پونا جي پهاڙي گهاٽين ۾ فن سپهه گري، تيراندازي ۽ سوارئ جا فن سکيو. کيس ننڍي هوندي کان فوج گڏ ڪري فتوحات جو خيال جاڳيو. تنهن کانسواءِ پنهنجي قوم ۾ هڪ ممتاز جاگيردار جو پٽ هو. ٻيو ته دکن جون اسلامي حڪومتون مغلن سان جنگين ڪري ڪمزور ٿي چڪيون هيون. سورهن ورهين جي عمر ۾ جابلو قومن سان دوستي رکي ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪيائين. هو رستن تان لنگهندڙ قافلن کي ڦرڻ لڳو. ٽورنا جو قلعو بيجاپور جي سلطان کان گهري ورتائين. تنهن کانسواءِ پرندر جي مسلمان حاڪم کي رشوت ڏيئي قلعو ورتائين. سلطان کي جڏهن خبر پئي تڏهن سندس پيءُ شاهه جي کي قيد ۾ رکيائين، جو چئن سالن تائين سلطاني ترنگ ۾ قيد هو. پر سلطان جو نوڪر هو، سندس نمڪ حلالي تي سلطان کي رحم آيو ۽ کيس آزاد ڪيائين. غرض مغلن جون فوجون دکن ۾ ويڙهه ۾ رڌل هيون ۽ شيوا جي لنگهندڙ قافلن کي ڦري خوب راڱا ڪيا. بيجاپور جي سلطان تنگ ٿي پنهنجي بهادر سپهه سالار افضل خان کي سندس مقابلي لاءِ موڪليو، پر پرتاپ ڳڙهه جي قلعي ۾ ملاقات جي بهاني سان ڀاڪر پائڻ وقت پنهنجي فولادي چنبن سان افضل خان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. هن وقت شيوا جي وٽ 250 ميل ملڪ 7 هزار سوار فوجون ۽ 50 هزار مرهٽن جي جرار فوج هئي. ٻيا به ڪيترا ڦُرلٽ ڪرڻ جي ارادي سان اچي ساڻن گڏ ٿيا هئا. 1083هه مطابق 1662ع ۾ اورنگ آباد جي رهندڙ مغل سردار شائسته خان کي سندس اميرن سوڌو محلات ۾ هڻي پورو ڪري ڇڏيائين. شائسته خان زخمي ٿي جان بچائي ڀڳو. تنهن کانپوءِ هن مرهٽي سورمي بيجاپور جي رياست ۾ ڦرمار ڪئي. پر سورت جو بندرگاهه، جو هن وقت باب الحج هو جتان جهاز مڪي شريف ڏي ويندا هئا، تن جهازن تي به هٿ صاف ڪرڻ لڳو. شهنشاهه راجا جئسنگهه ۽ دلير خان هٿ هيٺ فوجون ڏياري موڪليون، پر شيوا جي ساڻن صلح ڪري اچي گڏيو ۽ جڏهن مغل فوجون بيجاپور جي سلطان سان جنگ ۾ رڌل هيون. تڏهن شيوا جي شهنشاهه طرفان وڙهندي چڱي بهادري ڏيکاري، جنهن تي شهنشاهه مٿس گهڻو راضي ٿيو ۽ هڪڙو خط آفرين نامي طور کيس لکي مڪائين. جڏهن شيوا جي پنهنجي پٽ سمبا جي سميت دهلي جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. تڏهن شهنشاهه کيس هشت هزاري جي منصبي سرفراز ڪئي، جو بلڪل وڏو عهدو هو. پر شيوا جي قبول نه ڪري درٻار مان نڪري ويو. شهنشاهه کي سندس اهڙي روش تي غصو لڳو ۽ کيس قيد ڪيائين. پر هو ڪنهن مڪر سان اُتان نڪري مٿرا آيو ۽ ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي اچي ملڪ پهتو. جت 1680ع ۾ مري ويو. سمباجي، جنهن کي ڪولاپور جي نواب قيد ڪري دهلي ڏياري موڪليو هو، سو شرابي هو ۽ درٻار ۾ ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهايائين، جنهن تي مارجي ويو. 1689ع ۾ سندس مئي کانپوءِ مرهٽن سندس پٽ ساهوءَ کي پنهنجو راجا مقرر ڪيو، سندس سردارن مان راءِ ڳڙه جو راجا رام سنتاڪي ڪارپرا ۽ دانا جي ٻه زبردست سردار هئا. ٻئي طرف شهنشاهه پنهنجي سپهه سالارن مان ذوالفقار خان، آزاد خان، شهزادي معظم ۽ ڪام بخش کي دکن ڏياري موڪليو، جي مرهٽن سان وڙهندا رهيا ۽ خان جهان جي اورنگ آباد ۾ ڇانوڻي هئي. 1686ع ۾ شهزادي معظم گولڪنڊه جي نواب ابوالحسن کي شڪست ڏيئي، حيدرآباد دکن کي فتح ڪيو ۽ غازي الدين دهليءَ جي درٻار پاران پهريون نطام مقرر ٿيو. ساڳي سال ۾ بيجاپور فتح ٿيو. 1688ع ۾ تابخور مغلن جي فوج فتح ڪيو. 1690ع ۾ مغلن جي فوج راءِ ڳڙهه جو قلعو فتح ڪيو، راجا رام وڃي جنجيءَ ۾ لڪو. 1698ع ۾ ذوالفقار خان سرڪيو راجا سنتا جي قتل ٿي ويو. راجا رام جي جوستاري ۾ لڪو اُتان بيشمار لشڪر گڏ ڪري ڪاهه ڪيائين. آخر شهنشاهه پاڻ وڃي ستارو فتح ڪيو مرهٽا وڃي جابلو گهاٽين ۾ لِڪا جيسين غازي عالمگير جيئرو هو، تيسين ڪڏهن به مٿو ڪين کنيائون.

مير جملو جو بلڪل برجستو سپهه سالار هو، تنهن مشرق ۾ ڪوچ بهار ۽ آسام جا ملڪ فتح ڪيا، هن چين فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر 12رمضان المبارڪ 1083هه مطابق 1663ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس پٽ محمد امين کي به وڏو عهدو شهنشاهه ڏنو. دور عالمگيري ۾ مغل سلطنت جيترو هندوستان ۾ واڌارو ڪيو اوترو ڪڏهن ڪين ڪيائين.

غازي عالمگير جي وفات:

دکن ۾ اسلامي سلطنتن ۽ مرهٽن سان ويڙهه گهڻي وقت تائين جاري رهي. ايتريقدر جو شهنشاهه پاڻ اؤرنگ آباد ۾ اچي ڇانوڻي هڻي ويٺو هو. ساندهه تڪليفن ۽ پيرسني جي ڪري سندس صحت ۾ گهڻو ڦيرو پيو. آخر 21 فيبروري 1707ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، انالله و اِنا اليھ راجعون. سندس تربت اڃا اورنگ آباد ۾ آهي، هي شهنشاهه درويش مزاج هو. سندس ڏينهن ۾ ماڻهو آسودا هئا، البته دکن جي طول ۽ طويل ويڙهن تي گهڻو خرچ لڳو. ڏکڻ ۾ مرهٽن ۽ اُتر ۾ سکن مٿو ڪڍيو، پر اها عالمگيري تلوار هئي، جنهن سرڪشن کي روڪيو هو. کانئس پوءِ مغل شهنشاهه عياش ۽ ڪم طاقت هئا، جنهنڪري عظيم الشان سلطنت ڇڄي پرزا پرزا ٿي ويئي. سندس عهد ۾ جيترو سلطنت واڌارو ڪيو، اوترو دهليءَ زور ورتو. غازي عالمگير جي زندگي بلڪل سادي هئي. هو پنهنجي هٿن سان پاڻ ٽوپيون ٺاهي اُهي وڪڻي اُن تي گذاران ڪندو. هو.

 

1700ع ۾ مغل شهنشاهت جو نظارو غازي عالمگير اوّل جو زمانو

سندس راڻي هٿن سان کاڌو پچائيندي هئي. غازي اورنگزيب قد جو ڊگهو خوبصورت گوري رنگ جو سندس ڏاڙهي مبارڪ گول هميشه سفيد ململ جي پوشاڪ پائيندو هو. فقط دستار مبارڪ ۾ هڪڙو لعل لڳل هوندو هوس. سو فقط نشانيءَ لاءِ، ڇاڪاڻ جو هفت اقليم جو شهنشاهه هو. مرڻ مهل ساڍا چار روپيا ڪن لاءِ سرهاڻي وٽ رکي ڇڏيا هئائين، جي سندس هٿن جي پورهئي مان هئا. اَٺ سو پنج روپيا نقد رکيل لڌا، جي مسڪينن جي خيرات لاءِ پنهنجي وصيت نامي ۾ ڏيکاري ويو هو. مٿيان روپيا قران شريف ترجمو ڪري گڏ ڪري رکيا هئائين. حڪومت هٿ ڪرڻ ۾ جيڪي پيءُ ۽ ڀائرن سان پير کنيا هئائين، تن لاءِ هميشه افسوس ظاهر ڪندو هو. شهنشاهه پاڻ شاعر به هو. عربي، ترڪي ۽ فارسي ۾ ماهر هو. ايتري سادگي هوندي به سندس رعب داٻ ۽ حشمت ايتريقدر هئي جو وڏا وڏا سرڪش مغل جرنيل کانئس ڪنبندا هئا. حڪومت جي جدا جدا صيغن جا ڪاغذ پاڻ جاچيندو هو. هي پويون مغل شهنشاهه هو، جنهن جو دٻدٻو ڏورانهن ملڪن ۾ هو.

محمد بهادر شاهه

شهنشاهه عالمگير جي وفات جون خبرون جڏهن دهلي پهتيون تڏهن شهزادو اعظم، جو هن وقت ڪابل ۾ هو تنهن پنهنجي شهنشاهت جو اعلان ڪيو. پر غازي اورنگزيب شهزادي معظم لاءِ وصيت ڪري ويو هو، جو هن وقت دکن ۾ هو. هن پاڻ کي محمد بهادر شاهه ”شاهه عالم“ جي اعلان سان پڌرو ڪيو. شهزادو اعظم، جو مغرور هو، کيس آزاد خان ۽ سندس پٽ ذوالفقار خان تي ڀروسو هو پر مٿين سردارن سندس ڪا مدد ڪانه ڪئي. جڏهن آگري وٽ جنگ لڳي تڏهن پٽن سميت مارجي ويو. شهزادي ڪام بخش به دکن ۾ فساد ڪيو، پر حيدرآباد جي جنگ ۾ زخمي ٿي مارجي ويو. ماهه ربيع الاول 1119هه مطابق 1707ع ۾ شهزادو معظم بهادر شاهه شاه عالم جي لقب سان دهلي جي تخت تي ويٺو. سلطنت جي رضاڪارن کي عهدا ڏنائين، جيئن ته منيم خان خان، جو هن وقت ڪابل جو صوبيدار هو، برجستو ۽ نيڪ نيت اهلڪار هو، تنهن کي وزارت جو قلمدان سپرد ڪيائين. سندس سپه سالارن مان دائود خان مرهٽن جي راجا ساهوءَ کان مرهٽن جي ملڪ جي اُپت جي چوٿين حصي وٺڻ تي ساڻن صلح ڪيو. ساڳيءَ طرح شهنشاهه جئپور جي راجا، مارواڙ جي راڻي اَجيت سنگهه ۽ جئپور جي راجا جئسنگهه سان صلح ڪري کين حق حقوق موٽائي ڏنا، جنهنڪري سلطنت جي ڏکڻ توڻي اولهندي ۾ اَمن اَمان هو. پر پنجاب ۾ هڪڙي نئين قوم زور ورتو جن جي مقابلي ڪرڻ ۾ مغل شهنشاهت کي گهڻي مشڪلات درپيش ٿي.

سک قوم

اولهندي ۾ راجپوت ڏکڻ ۾ مرهٽا هئا، جن جي مقابلي لاءِ دهليءَ جي سلطنت کي مضبوط فوجن جي رکڻ جي ضروت درپيش ٿي. اُتر ۾ وري هينئر سکن مٿو ڪڍيو، جن سان سال بسال مغلن کي جنگيون ڪرڻيون پيون. سک ڌرم جو پايو وجهندڙ بابا نانڪ هو جو سکن جو باني گرو ڪري ليکجي ٿو. هو عيسوي 15 صديءَ ۾ پنجاب ۾ ٿي گذريو. سندس متا ڪجهه هندو ڌرم مان ڪجهه صوفي طريقي جا هئا. سندس چوڻ هو ته خدا هڪڙو آهي، هندو ۽ مسلمانن کي گڏجي ان جي عبادت ڪرڻ گهرجي، ٻن مذهبن کي گڏائڻ آسان ڪم ڪين هو، جيئن ته اڪبر اعظم جي وفات کان پوءِ مسلمانن جي اچي ساڻن خصومت جاڳي. مسلمانن سکن کي پنجاب جي اُتر وارن پهاڙين ڏانهن لوڌي ڪڍيو، پر گرو گوبند سنگهه، جو بابا نانڪ کان پوءِ سکن جو ڏهون گرو هو، تنهن جي سرپرستيءَ هيٺ منجهن نئين طرح سان فوجي احساس جاڳيو. هو ڏاڙهيون رکڻ لڳا ۽ نيري پوشاڪ پائڻ لڳا. نين خصلتن ۽ نين پوشاڪن جي ڪري هو جدا ڏسجڻ ۾ آيا. سندن گهڻا ماڻهو مغلن هٿان مارجي ويا. گرو گوبند سنگهه جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بندا نالي سکن جي هڪڙي سرڪردي هيٺ هو مسلمانن جا ڳوٺ ڦرڻ ۽ مساجد ويران ڪرڻ لڳا، پر سرهند جي معرڪي ۾ جيتجي ويا. اُتان وري لڌيانه ۽ ٻين شهرن ۾ پکڙجي ويا. محمد بهادر شاهه مٿن چڙهائي ڪئي، کين لاهور تائين هٽايائين. ماهه محرم الحرام 1124هه مطابق 1712ع ۾ محمد بهادر شاهه 5 ورهيه حڪومت ڪري 71 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.

محمد جهاندار شاهه

محمد بهادر شاهه کانپوءِ شهزادو معزالدين محمد جهاندار شاهه جي لقب سان تخت تي ويٺو. سندس ڀاءُ شهزادو عظيم الشان، جو هن وقت بنگال جو نواب هو، تنهن فساد ڪيو، پر مارجي ويو. ذوالفقار جو هن وقت وزارت تي مامور هو، تنهن هڪ نيچ قوم جي عورت سان شادي ڪري زال جي مائٽن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا، جنهن تي سلطنت جي رضاڪارن ناراضپو ڏيکاريو، پر ڪنهن کي مجال ڪانه هئي جو ڪڇي سگهي. خود بادشاهه به سندس هٿن ۾ کيڏڻو هو. ٻئي طرف جهاندار شاهه شاهي خاندان جي شهزادن کي مارائڻ لڳو. فرخ سير، جو عظيم الشان جو پٽ هو ۽ هن وقت بنگال جو نواب هو، تنهن فساد کڙو ڪيو. ساڻس سيد حسين علي حاڪم بهار ۽ سيد عبدالله الله آباد جو حاڪم مددگار ٿيا. سندن مدد سان فرخ سير دهلي تي ڪاهه ڪئي. ٻئي طرف جهاندار شاهه ذوالفقار خان جي مدد سان 70،000 فوجون وٺي آگري مان نڪتو. 17 محرم الحرام 1125هه مطابق جنوري 1713ع ۾ وڏي جنگ لڳي. ذوالفقار خان ۽ شاهي فوجن شڪست کاڏي. بادشاهه ذوالفقار خان جي گهر ۾ پناهه ورتي. جڏهن فرخ سير دهلي پهتو تڏهن آزاد خان بادشاهه جي ٻانهن سندس حوالي ڪئي. فرخ سير زاد خان کي معافي ڏني، ڇاڪاڻ جو سندس خاندان ٻن سون ورهين کان خدمت ادا ڪئي هئي. باقي ذوالفقار خان جهاندار شاهه ۽ سندس ٻين رفيقن کي ساڳي سال ۾ مارائي ڇڏيائين. مغل شهنشاهت ۾ هي پهريون انقلاب هو، جنهن کان پوءِ جيئن پوءِ تيئن سلطنت جو شيرازو بدلجڻ لڳو اميرن ۽ رضاڪارن جا حوصلا وڌڻ لڳا.

فرخ سير

تخت تي ويهڻ شرط پنهنجي ٻن رفيقن مان سيد عبدالله کي سلطنت جو وزيراعظم ۽ سيد حسين کي اميرالامراءُ مقرر ڪيائين. ٻئي ڀائر خودمختيار هئا. سلطنت جو سمورو ڪاروبار سندن هٿن ۾ هو. تاريخن ۾ (بادشاهه ساز) ڪري ليکجن ٿا. سيد ڀائرن جا وڏا سلطان التمش جي ڏينهن ۾ عربستان کان آيا ۽ مظفر نگر ۾ سندن جاگيرون هيون. سندن ڳوٺ کي (باڙه سعادت) سڏيندا هئا. فرخ سير پهريون ته کين وڏا عهدا ڏنا ۽ پاڻ محلات ۾ عيش عشرت ۾ لڳي ويو، پر پوءِ پڇتائڻ لڳو.

فرخ سير جو سيدن هٿان شهيد ٿيڻ

پهريون جڏهن مارواڙ جي راجا اَجيت سنگهه سرڪشي ڪئي تڏهن هن حسين علي کي سندس گوشماليءَ لاءِ روانو ڪيو، ٻئي طرف راجپوت سردارن کي لکيائين، ته حسين کي پورو ڪري ڇڏيو. جڏهن حسين کي راز جي خبر پئجي ويئي تڏهن هن راجا کي ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو. راجا بادشاهه جي آڻ مڃي پنهنجي پٽ کي دهلي جي درٻار ۾ موڪليو، پنهنجيءَ ڌيءَ جو سنڱ به ڏنائين.

جڏهن حسين علي درٻار ۾ آيو تڏهن فساد پئجي ويو. آخر هو دکن جو نظام مقرر ٿي اوڏانهن ويو. شهنشاهه خانديش ۽ گجرات جي حاڪم دائود خان کي، (جنهن دکن جي جنگين ۾ نالو ڪڍيو هو)، سندس خلاف لکيو. هن لشڪر وٺي کليءَ طرح سان سيد جو مقابلو ڪيو، پر 1129هه مطابق 1716ع ۾ مارجي ويو. جڏهن حسين عليءَ شهنشاهه جي نيت بدليل ڏٺي تڏهن 1717ع ۾، مرهٽن سان صلح ڪيو. جنهن موجب دکن جي چوٿ 10 لک رپيا مرهٽن کي ڏيڻا ڪيائين. هن ڪم عقليءَ جي ڪري مرهٽا وري زور وٺڻ لڳا. هو دهليءَ کان دکن ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي وري ڌاڙا هڻڻ لڳا. شهنشاهه کي جڏهن مٿئين عهدنامي جي خبر پئي تڏهن صاف انڪار ڪيائين. هن ملڪ آصف جاهه کي دائود خان جي نوابي ڏيڻي ڪئي، پر هن جي مجال نه هئي جو حسين ۽ مرهٽن جي گڏيل فوج جو مقابلو ڪري سگهي. عبدالله به مغرور هو. پهرئين درجي جو عياش هو. هن وزارت جو سمورو ڪم رتن چند هڪڙي هندوءَ جي سپرد ڪيو هو، جو مسلمانن جي خلاف پير کڻڻ لڳو، جنهنڪري رعايا ستت بيزار ٿي.

جڏهن چؤطرف بدامنيءَ جون دانهون بادشاهه جي ڪن تي پيون تڏهن هن وزارت جو عهدو پنهنجي قبضي ۾ رکڻ گهريو. آخر پنهنجي صوبن مان آصف جاه واليءَ مراد آباد، سر بلند خان واليءَ بهار ۽ پنهنجي سهري اجيت سنگهه کي سيد ڀائرن جي خلاف پاڻ سان شامل ڪيو. شهنشاهه رڪن الدوله کي وزارت جو عهدو ڏيڻ ٿي گهريو جو اصل ڪشمير جو هو. کيس مراد آباد بطور جاگير جي ڪري ڏني هئائين. سيد عبدالله کي به اچي خوف کنيو، هن ڀاءُ کي چوائي موڪليو، جو 1131هه مطابق سن 1718ع ۾ سيد حسين خانديش مان مرهٽن جي گڏيل فوج وٺي اچي دهليءَ جي ٻاهران ڇانوڻي هڻي ويٺو. شهنشاهه جهاد جو حڪم ڏنو، پر سيدن سندس محلات تي گهيرو ڪيو. 1131هه مطابق 1719ع ۾ بادشاهه کي قتل ڪري وڌائون. هن بادشاهه جي ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ سنين ۽ شيعن جا فساد ٿيا. گجرات ۾ هندن ۽ مسلمانن جا فساد ٿيا.

رفيع الدرجات ۽ رفيع الدوله

سيدن پوءِ شاهي خاندان مان ٻن شهزادن رفيع الدرجات ۽ رفيع الدوله کي هڪ ٻئي پٺيان ڪري تخت تي ٿاڦيو پر پوءِ هو سُتت هڪ ٻئي پٺيان مري ويا. آخر روشن اختر کي دهليءَ جي تخت تي ٿاڦيائون.

محمد شاهه

ماهه ذي القعده 1131هه مطابق سن 1719ع ۾ شهزادو روشن اختر محمد شاهه جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي ويٺو. هن وقت آصف خان هڪڙو ئي ترڪي نسل مان امير هو، جنهن کان سيد خوف کائيندا هئا. 1136هه ۾ هن سيدن جي متحد فوجن کي شڪست ڏني هو دکن جو صوبيدار هو، جتي پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لڳو. نواب سعادت خان جو فوجن جو مهندار هو، سو به شهنشاهه جو طرفدار هو. سُتت ئي حسين عليءَ کي دکن ۾ هڪڙي پٺاڻ خنجر هڻي پورو ڪري ڇڏيو. سيد عبدالله کي جڏهن ڀاءُ جي مرڻ جي خبر پئي تڏهن 1133هه ۾ ٿورن ئي صلاحڪارن جي مدد سان هڪڙي نئين شهزادي کي دهليءَ جي تخت تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪيائين، هڪڙو لشڪر به تيار ڪرايائين، جنهن کي پوري فوجي تعليم به مليل ڪانه هئي، پر محمد شاهه روهيلن جي فوج مقابلي لاءِ ڏياري موڪليس. دهلي ۽ آگري جي وچ ۾ جنگ لڳي. عبدالله شڪست کائي قيد ٿي ويو، کيس ساداتي جي لحاظ سان معافي ملي. تنهن کان پوءِ محمد شاهه دهلي ۾ وارد ٿيو. غريبن ۽ مسڪينن کي خيراتون ڏنائين. آصف جاه کي گهرائي وزارت جو قلمدان سندس سپرد ڪيائين، پر هن انڪار ڪيو ۽ دکن جي صوبيداري تي رهڻ پسند ڪيائين.

محمد شاهه تاريخن ۾ مشهور آهي هي اُهو محمد شاهه هو، جنهن کي رنگيلو ڪري سڏين ٿا. سندس درٻار جو عجيب حال هو. درٻار ۾ عيش ۽ عشرت جي محفل هر وقت گرم رهندي هئي، وٽس جيڪا ناچو عورت هئي، تنهن تي سندس ايتريقدر پيار هو، جو شاهي مهر به سندس قبضي ۾ هئي.

يا ته اُها درٻار ۽ اُهو طائوسي تخت جنهن تي ابوالمظفر محمد شاهه جهان ۽ غازي محي الدين اؤرنگزيب عالمگير جهڙا شهنشاهه ويهي انصاف ڪندا هئا، جن جي حشمت کان مشرق توڙي مغرب ڪنبندو هو. اڄ ساڳي درٻار ۾ عيش ۽ راڳ جي محفل گرم هئي ۽ شهنشاهت جون واڳون تبلچين ۽ ميراثين جي هٿن ۾ هيون. صبح توڙي شام شراب جا دور هلڻ لڳا. محمد شاهه نوعمر ۽ خوبصورت جوان هو، سندس سمورو ڌيان ناچن ۽ راڳن ڏانهن هو، کيس ملڪي ڪاروبار ۽ ٻين ڪمن جي ڪا خبر ڪانه هئي. نواب ۽ امير پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ خودمختياري اختيار ڪرڻ جي فڪر ۾ هئا.

مرهٽن سان جنگيون

هن وقت مرهٽن جو پيشوا بالا باجي راءِ هو، جنهن مرهٽن کي سڏي چيو ته ”مغل سلطنت جي بنياد کي لوڏو اچي ويو آهي، هينئر ٿڙ کي ڌڪ هڻبو ته ٽاريون پاڻمرادو ڪري پونديون. پوءِ جهنڊو بلند ڪري چيائين ته جيسين هن کي هماليه جبل جي دامن ۾ وڃي نه کوڙبو تيسين قدم نه روڪبو.“

مرهٽا ويا زور وٺندا، جيئن گجرات اِسلامي سلطنت هٿان نڪري ويو. اُتي مرهٽو سردار پلاجي گائڪواڙ ۽ مالوه تي راناجي سنڌيا حڪومت ڪرڻ لڳا. اُهي ٻئي پيشوا جا فوجي عملدار هئا. دکن ۾ آصف جاه کي ايتري طاقت ڪانه هئي جو مقابلو ڪري سگهي. اُٽلندو سندس اها دلي خواهش هئي ته مرڪزي سلطنت ڪمزور ٿئي ته مان خودمختيار ٿيان! ويتر مرهٽن جي اُسرڻ ڪري دکن قلمرو دهلي جي سلطنت کان ڇڄي ڌار ٿيو. وڏي ڳالهه ته محمد خان روهيلي الله آباد جي حاڪم جي 1733ع ۾ مٿرا، الله آباد ۽ بنارس جا شهر به مرهٽن جي جهنڊي هيٺ اچي ويا. مغل شهنشاهه کي پنهنجي عيش جا محفلن مان ايتري فرصت ڪانه هئي جو اُٿي ڪجهه ڪري سگهي! باجي راءِ دهليءَ ڏي رخ رکيو. مغلن جي فوج وزيراعظم غازي قمرالدين جي هٿ هيٺ هئي. هوڏانهن سعادت خان به فوجون وٺي اچي گڏ ٿيس. 1149هه سن 1737ع ۾ مرهٽن سخت شڪست کاڌي. باجي راءِ ڀاڄ کاڌي. دهليءَ جو رستو صاف ٿي ويو. آصف جاه به ڪجهه پيرن کي چوريو، اچي شهنشاهه سان ملاقات ڪيائين. مرهٽن جي هن شڪست کان پوءِ بادشاهه گجرات ۽ مالوه جا پرڳڻا آصف جاه جي پٽ غازي الدين جي حوالي ڪيا، تنهن کانسواءِ 43،000 فوج ۽ توپخانو ڏيئي روانو ڪيائينس. سعادت خان جو پوٽو صفدر جنگ ۾ ساڻس همراهه هو. 1150هه مطابق 1737ع ۾ ڀوپال وٽ جنگ لڳي. مرهٽن آصف جاه جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا. لاچار هن مرهٽن سان صلح ڪيو. نربدا نديءَ کان وٺي چنبل نديءَ تائين مالوه جو سمورو ملڪ مرهٽن جي حوالي ڪيائين، پر 50 لک روپيا شهنشاهه کان بطور تاوان جي وٺي ڏيڻا ڪيائين، تڏهن مس مس جان آزاد ٿيس. جيسين 50 لک شهنشاهه کان وٺي تيسين هڪ نئين آفت ملڪ تي اچي ڪڙڪي جنهن آقي باقي صفائي ڪري ڇڏي.

نادر شاه افشار جي ڪاهه

خدا جي قدرت چئبي جو جيئن مغل پويان شهنشاهه ڪم طاقت هئا تيئن ايران جي صفوي خاندان جا پويان به ڪم طاقت هئا. شاه حسين صفوي هن مايهء ناز خاندان جو پويون تاجدار هو، جنهن جي عهدِ حڪومت ۾ درانين ۽ غلائي قومن ايران تي حملا ڪري سندس نڪ ۾ دم ڪيو هو. شاهه حسين جارجيا جي حاڪم گرگين خان جي هٿ هيٺ 20،000 لشڪر افغانستان تي چاڙهي موڪليو. ٻئي طرف افغاني فوجن جو سرڪردو امير ويث هو، جنهن کي ايران جي ڪم طاقتي جي پوري خبر هئي. هن ايراني فوجن کي شڪست ڏيئي پنهنجي استقلال سان قنڌار کسي خودمختيار سلطنت جو بنياد وڌو. سن 1708ع جو اُهو زمانو هو جڏهن افغانستان آزاديءَ جو جامو پهري دنيا اڳيان نمودار ٿيو. سن 1720ع ۾ غلزين ۽ درانين جي گڏيل فوج خراسان تي حملو ڪري فتح جو جهنڊو کوڙيو. ويڙهه هلندڙ هئي ته امير ويث وفات ڪئي. ڌرين ۾ به ڪجهه نااتفاقي پوڻ جو امڪان هو، پر امير مرحوم جي پٽ غازي محمود جي هٿ هيٺ درانين مشهد تي گهيرو ڪيو. ٻئي طرف کين اُزبڪن به مدد ڏني، هن بدامني جي ڪري سڄي ايران ۾ فساد پئجي ويو. غازي محمود قنڌار مان 25،000 لشڪر وٺي ڪرمان تي ڪاهه ڪئي. اُتان يزد فتح ڪري اصفهان وٽ ايراني فوجن کي شڪست ڏنائين. اصفهان جي آبادي هن وقت 6 لک هئي. افغانن شهر تي گهيرو ڪري شهر وارن کي تنگ ڪيو. محمد علي حاذين پنهنجي شعرن ۾ چڱو بيان ڏنو آهي. 6 مهينن جي گهيري کانپوءِ ماڻهو اهڙو ته اچي لاچار ٿيا جو خود شاهه حسين پنهنجي اميرن ۽ اهلڪارن سان گڏجي سندس آڏو پيش پيو ۽ پنهنجو جواهر نگار تاج لاهي سندس مٿي تي رکيائين. اهو واقعو 1722ع ۾ ٿيو. اصفهان کانپوءِ قزوين جو وارو آيو، هتي به محمود قتل جي بازار گرم ڪئي. شاهه حسين کي هڪڙي ننڍڙي محلات ۾ کڻي نظربند ڪيائين، کيس 5 غلام ۽ 5 ٻانهيون خدمت لاءِ رکڻ جي اجازت ڏنائين. اها هئي حالت پوئين صفوي تاجدار جي، 1724ع ۾ غازي محمود دماغ جي بيماري جي ڪري مئو. سندس ڀائيٽو امير اشرف تخت نشين ٿيو. هن نه رڳو ايران کي افغاني جهنڊي هيٺ آندو پر بحيره خضر جي پريان روسين ۽ عراق ۾ ترڪن سان به چوٽون کاڌيون، جي صفوي خاندان جي زوال تي ايران تي ڪاهي آيا هئا. شاه حسين جي پٽ شاه طهماسپ خوف کان بحيره خضر جي ڪناري واري رهندڙ قاچار قوم وٽ وڃي پناهه ورتي، سندس وڏن ورهين کان وٺي ايران تي شهنشاهي ڪئي هئي، تنهنڪري مٿين قوم شهزادي کي عزت ڏيڻ لڳي. هت سندس نادر قلي سان ملاقات ٿي. جنهن ڦورن جي جماعت گڏ ڪئي هئي ۽ پنهنجي جماعت کي قديم ايرانين جي بهادرئ جون روايتون ٻڌائيندو هو ۽ منجهن آزادئ جو روح ڦوڪڻ لڳو. آخر سندس دعوت تي مختلف جماعتون سندس جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيڻ لڳيون. هن پهرين مشهد تي ڪاهي درانين کي شڪست ڏيئي خراسان تي قبضو ڄمايو، تنهن کانپوءِ امير اشرف کي سيستان جي حاڪم محمد خان سميت شڪست ڏيئي افغانن جو اهڙو ته حال ڪيائين جو ستن ورهين ۾ جيڪو هنن ايران فتح ڪيو هو، سو سمورو خالي ڪرائي ڇڏيائين. منجهانئن گهڻا افغان مارجي ويا. 1729ع ۾ قنڌار ۽ ڪرمان مان امير اشرف لنگهندي هڪڙي بلوچ هٿان مارجي ويو.

افغانن کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ نادر قلي ترڪيءَ جي سلطان سان به جنگ جوٽي، کانئس تبريز خالي ڪرايائين. موٽندي درانين سان صلح ڪري هرات سندن حوالي ڪيائين. غلزين وري خراسان تي ڪاهه ڪئي، پر نادر قلي، جو اڳ شيعو هو، تنهن سني فرقو اختيار ڪري ساڻن صلح ڪيو. ايتريقدر جو افغان خوشيءَ سان سندس فوجن ۾ داخل ٿيڻ لڳا. جڏهن ايران ۾ امن امان آندائين، تڏهن شاهه طهماسپ موٽي تهران ۾ آيو ۽ تخت تي ويهي حڪومت کي سڌارڻ لڳو. هن ترڪن سان ڪو نئون عهدنامون ڪيو، جا ڳالهه نادر قلي کي نه وڻي هو درحقيقت پنهنجي وقت جو جنگجو فاتح هو، سو رڳو بهاني جي ضرورت هيس. سندس خاص مرضي هئي ته ايران جو تخت ماڻيان، تنهنڪري زوريءَ شاهه کي لاهي سندس صغير پٽ کي کڻي تخت تي ٿاڦيائين. پوءِ روس ۽ ترڪيءَ کي شڪستون ڏيئي کانئن پاڻ کي بادشاهه تسليم ڪرايائين.

سن 1736ع ۾ موغان جي ميدان ۾ لشڪر سميت نڪري نروار ٿيو ۽ ايران جي هڪ لک اميرن ۽ سردارن کي سڏايائين، جن سان صلاح مصلحت ڪيائين، جن خوشيءَ سان تاج ڪياني سندس مٿي تي رکيو، تنهن کانپوءِ نادر شاهه جي لقب سان مشهور ٿيو.

نادر شاهه پنهنجي وقت جو مشهور فاتح هو هن ايران کي زوال کان بچايو، روس ۽ عثماني ترڪن کي ٽوٽا چٻايائين. براعظم ايشيا ۾ چنگيزاعظم ۽ تيمور صاحب کانپوءِ هي ٽيون نمبر فاتح هو. ڪن غلزين ساڻس فساد ڪري وڃي غزنيءَ ۾ پناهه ورتي، جا هن وقت دهليءَ جي سلطنت سان لاڳو هئي، تنهنڪري نادر شاهه هڪڙو خط دهليءَ جي درٻار کي لکيو، پر دهلي جي درٻار اندر، جا آکاڙو هئي، نادر کي جواب ڏئي ته ڪير ڏئي؟ ٻئي طرف آصف جاه دکن جي نواب کيس ڪابل ۾ خط لکيو، جنهن ۾ دهليءَ جي شهنشاهه ۽ خزانن جي سموري خبر لکي موڪليائينس.(1)

جنهن رستي کان اڳ تيمور ۽ بابر هندوستان تي ڪاهي آيا هئا، اُنهن ساڳن وٿاڻن کي وسائيندو نادر شاهه هندوستان جي پُر فضا زمين اکين سان ڏٺي کيس شيراز جي گل انگيز سر زمين به وسري ويئي. محمد شاهه کي خوف هو ته متان مرهٽا نه دهلي جي دولت لُٽي وڃن ۽ واقعي مرهٽا به انهيءَ خيال ۾ هئا ته هيڪر هندوستان جي اڻ کٽ دولت هٿ ڪجي، پر شهنشاهه جي اک تڏهن پٽي جڏهن قاصدن کيس خبر ڏني ته نادر شاهه جون فوجون دهليءَ جي ٻاهران اچي بيٺيون آهن! نادر شاهه وٽ جمله ڏهه هزار فوج هئي، وٽس چار هزار افغانن جي  جانباز فوج هئي، جي رڳو لٽ مارجي ڪري ساڻس شريڪ هئا. شهنشاهه جي صوبن مان فقط سعادت خان ڪجهه نمڪ حلالي ڏيکاري. آخر شهنشاهه خان دوران کي فوجون وٺي ڪرنال وٽ سندس مقابلو ڪيو. ڪي تاريخ نويس لکن ٿا ته نادر شاهه وٽ 36،000 سوار فوج هئي، تنهن کانسواءِ دکن جي نظام ۽ سعادت خان پشاور ۽ لاهور جي صوبن کي اڳيئي اطلاع ڏنو هو ته هو نادري فوجن سان ڪنهن به قسم جو مقابلو ڪين ڪن. اهو ئي سبب هو جو نادري فوجن ميدان پاڻ لاءِ صاف ڏٺو(2). جيتوڻيڪ خان دوران وٽ 2 لک فوج هئي ته به 15 ذي القعد 1151هه مطابق 13 فيبروري 1739ع ۾ نادري فوجن هندوستان جي فوجن کي گجرن ۽ مورين وانگر ڪپي ڇڏيو، خان دوران به شهيد ٿيو. نظام ۽ سعادت خان جنهن ۾ شهنشاهه کي شڪ پيو تن ڄاڻي واڻي پاڻ کي نادر هٿان قيد ڪرايو، جنهن پوءِ کين آزاد ڪيو. دکن جي نظام جيڪا هن وقت پنهنجي آقا ۽ دهليءَ جي درٻار سان نمڪ حرامي ڪئي، سا ڳالهه دکن جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ سياهه داغ جي يادگار رهندي. نادر شاهه پنهنجي اعلان ۾ پڌرو ڪيو ته جيڪڏهن کيس ڳري رقم ملندي ته هو موٽي ايران ڏانهن هليو ويندو. باقي سلطنت تي قبضي ڪرڻ لاءِ سندس ڪائي خواهش ڪانه آهي. هو محمد شاهه سان شاهي ڪمال مروت سان گڏيو. 9 مارچ ڌاري هو شهر ۾ داخل ٿيو. محمد شاهه شاهي محلات ۾ کيس بطور شاهي مهمان جي ڪري رهايو ۽ سندس لشڪر به شهر جي هڪڙي پاسي ۾ رهڻ لڳو. نادر شاهه پنهنجي فوجن کي سخت حڪم ڏنو هو، ته  ڪنهن به شهر جي رهاڪو سان ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪن، پر اُٿڻ سان ڪن دهليءَ جي ماڻهن غلطي ڪري ايراني فوج جا ڪي سپاهي ماري وڌا ۽ شهر ۾ فساد جاڳيو. جڏهن نادر شاهه کي خبر پئي تڏهن فساد کي مٽائڻ لاءِ پاڻ اُٿيو، پر چاندني چوڪ وٽ جڏهن سندس سواري روشن الدوله جي سونهري مسجد وٽ پهتي تڏهن ڪنهن بدمعاش مٿس گولي ڇوڙي پر هو بچي ويو. تنهن کان پوءِ هن قتل عام جو حڪم ڏنو، بس پوءِ ته آفت الهى جو نظارو هو، سڄو ڏينهن ايرانين بازار ۾ لٽ مار ڪري ڪيترن ئي هنڌن کي باهه ڏنائون. آخر جڏهن محمد شاهه پاڻ اچي نادر شاهه کي عرض ڪيو، جنهن پنهنجي فوجن کي ماٺ ڪرائي، اٽڪل هڪ لک ماڻهو زالون ٻار ۽ پير مرد ايرانين هٿان مارجي ويا.(3) اڃا تائين سونهري مسجد واري شهر جي پاسي کي (خوني دروازو) ڪري سڏين ٿا. 40 ڪروڙ رپيا شهر وارن کان ايرانين ڦريا. تنهن کانپوءِ شهنشاهه پنهنجي ڌئ جو سنڱ نادر شاهه جي پٽ کي ڏنو. 5 مئي نادر شاهه بيشمار دهليءَ جي دولت لُٽي. طاؤسي تخت سميت موٽيو، سموري ملڪيت جي قيمت 80 اَسي ڪروڙ رپيا هئي، اُهي جواهر جي بابر جي ڏينهن کان پئي گڏ ٿيا. تنهن کانسواءِ هر ڪنهن نواب ۽ امير کان جدا جدا رقمون ورتائين. مڙس 58 ڏينهن دهليءَ ۾ رهيو، سو جيڪا شيء سٺي ٿي نظر آيس، سو ويو توٻرن ۾ وجهندو. ڍاڪا جون نرم ململيون، جي ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺيون هئائين، تن جا ٿانوَ قيمتي فرش برتن مطلب ته راجا اندر جو آکاڙو هو، سو جيڪي ٿي ڏٺائين، سو سڀ ويو هڙپ ڪندو. تنهن کانسواءِ خوبصورت ناچ واريون لونڊيون ڪيترا غلام ۽ ڪاريگر ساڻ وٺي، پهرين منزل شالامار باغ لاهور ۾ ڪري، خير سان ايران پهتو. محمد شاهه کي تخت تي ٿاڦي سنڌ نديءَ جا اولهندي وارا علائقا کانئس کسي خير سلامتي سان وطن پهتو. دهلي جنهن کي جهان آباد سڏيندا هئا، تنهن جو اهو حال هو جو اهڙو ڪو گهر خالي ڪين هو، جتان روڄ پٽڪي جو آواز نه پئي آيو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ته چون ٿا ته پکي به اُڏامندو نظر نه آيو! مسٽر سڪاٽ SCOTT لکي ٿو، ته ڪل 9،00،000 پائونڊن جو مال کڻي ويو. نادر نامي ۾ لکيل آهي، ته ڪل 15 ڪروڙن جي موڙي فاتح ساڻ کڻي ويو، پر ٽئوريننر لکي ٿو ته رڳو طاؤسي تخت جي قيمت 6000،000 پائونڊ هئي. والله اعلم. خير دهلي  شهنشاهت کي ڦري ناس ڪري ويو.

نادر شاهه جي ڪاهه کانپوءِ مغل سلطنت جي حالت

پويان مغل شهنشاهه ته رڳو دوڪاندار هئا، رڳو تخت تي ويهي ڄاڻندا هئا. سندن عيش ۽ آرام جي محفلن کي ڏسي سندن صوبا ۽ نواب مغرور ٿي ويا. هو پنهنجي خودمختياري کي لڳي ويا رڳو نالي طور ڪي ڍلون شهنشاهن کي پيش ڪرڻ لڳا. پر مرڪزي دهلي جي سلطنت مالدار هئي، نالي طور دٻدٻو قائم هو، آقي باقي جو نادر شاهه گڏ ٿيل دولت به لٽي ويو. اُهو دٻدٻو به ويندو رهيو. مرهٽا راجپوت ۽ سک صوبن جي نااتفاقي کي ڏسي ويا اندروني زور وٺندا. فوجن جو شيرازو ته اڳ بدلجي چڪو هو، باقي جو نادر شاهه ڪاهه ڪئي ته فوجي حالت به ڪمزور ٿي ويئي. مرهٽا دهليءَ جي جهٽ هڻڻ لاءِ منتظر هئا. هنن پهريون دکن جي نواب تي ڪاهه ڪئي پر آصف جاه جي پٽ ناصر جنگ ڏهه هزار فوجن سان 1153هه مطابق 1740ع ۾ باجي راءِ کي احمد نگر وٽ سخت شڪست ڏني، جنهن غم ۾ پيشوا مري ويو. پر جڏهن بالا جي راءِ پيشوا ٿيو، تڏهن هن مغل شهنشاهه کان 50 لکن روپين جي گهُر ڪئي، جا آصف جاه کين وٺي ڏيڻ لاءِ انجام ڪري ويو هو. پر مغل شهنشاهه وٽ هينئر پائي ڪانه رهي هئي جو کين ڏيئي ٽاري! تنهنڪري لاچار مالوه ۽ بنگال جي اُپت ڏيڻي ڪيائين. پر جيسين اهو فيصلو  ٿئي، تنهن کان اڳ سندن هڪڙي سردار راگهو جي ڀونسلا بنگال تي چڙهاي ڪئي. اوڌ جي نواب سعادت خان جي پٽ صفدر جنگ ۽ بنگال جي نواب علي وردي خان گڏجي 1745ع ۾ مرهٽن کي شڪست ڏني. جنهنڪري بنگال ڪجهه وقت لاءِ آزاد رهيو. پر ستت ئي مصطفى خان نالي هڪڙي پٺاڻ علي وردي خان جي خلاف فساد ڪيو، جنهنڪري نواب جي طاقت گهٽجي ويئي. 1751ع ۾ جڏهن هو مئو تڏهن مرهٽن ڪرناٽڪ ۽ اوڙيسا جي ڀاڱن تي آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو. تنهن کانسواءِ 12 لک رپيا بنگال جي اُپت مان سالياني چوٽ وٺڻ لڳا. پر مرهٽن کي ڌڪ هڻڻ وارو ٻيو هڪڙو مجاهد افغانستان مان جاڳيو نه ته مرهٽا سڄي هندوستان تي قبضو ڪري وڃن ها.

سن 1747ع ۾ محمد شاهه وفات ڪئي.

احمد شاهه

محمد شاهه جي وفات کانپوءِ سندس فرزند احمد شاهه جي لقب سان تخت تي ويٺو. هن صفدر جنگ کي وزيراعظم مقرر ڪيو، هو اوڌ جو نواب هو. هن وقت روهيلن فساد ڪيو، پر سنڌيا ۽ لڪر ٻن مرهٽن سردارن جي مدد سان 1164هه ۾ روهيلن کي شڪست ڏنائين. آخر وزارت جي عهدي لاءِ نظام جي پوٽي صفدر جي وچ ۾ جنگ لڳي. 1751ع ۾ صفدر جنگ دهليءَ تي جاٽن جي مدد سان ڪاهه ڪئي، پر غازي الدين مرهٽن جي مدد سان دهلي بچائي ورتي، پر شهنشاهه غازي الدين جي خلاف هو. جڏهن غازي الدين کي خبر پئي تڏهن شهنشاه جي ڇانوڻيءَ تي ڀرتپور تي ڪاهي ويو. احمد شاهه خوف کان اچي دهلي ۾ پناهه ورتي. غازي الدين سلطنت جي رضاڪارن جي جماعت اڳيان شهنشاهه جي خلاف ورزيءَ جوسوال پيش ڪيو. آخر هن شهنشاهه جون اکيون ڪڍرائي انڌو ڪيئين. پوءِ سليم گڙهه جي قلعي ۾ قيد رکيائينس. سندس وفات ۽ دفن جو پتو تاريخن ۾ پئجي نه ٿو سگهي.غازي الدين، جو صفدر جنگ جي 1754ع ۾ مئي کانپوءِ مختيار مطلق هو تنهن جهاندار شاهه جي پٽ محمد مظفرالدين کي عالمگير ثانيءَ جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي ڪري ٿاڦيو.

مظفر الدين

1164هه مطابق 1757ع ۾ عالمگير ثاني تخت تي ويٺو پر بيوس هو. غازي الدين شيعو هو ، مغرور هو، هن شيعن سان همدردي ڏيکاري، جنهنڪري دهليءَ جي بازارين م 6 مهينن تائين فساد پيو. پنجاب جو حاڪم منو خان هو سندس مئي کانپوءِ سندس زال حڪومت جو ڪم سنڀاليندي هئي، غازي الدين کانئس ڌئ جو سنڱ گهريو. پر بيوهه عورت انڪار ڪيو، تنهن تي کڻي قيد ڪيائينس. جڏهن غازي احمد شاهه کي خبر پئي تڏهن هن ڪاهه ڪئي.

غازي احمد شاهه دوراني

ايران ۾ مذهبي فرقي بندي پوڻ ڪرڻ ڪري 1160هه مطابق 1747ع ۾ نادر شاهه ايرانين هٿان شهيد ٿي ويو. سندس مئي کانپوءِ غازي احمد شاهه جو سندس خزانچي هو سو (دُرِ دوران) جي لقب سان قنڌار جي تخت تي ويٺو. نادر شاهه جي پٽ شاهه رخ مرزا به سندس اقتدار کي مڃي خراسان سندس حوالي ڪيو. نادر شاهه کان پوءِ براعظم ايشيا ۾ هي چوٿون نمبر فاتح هو، هن  بلخ، ڪشمير فتح ڪيا، سيستان ۽ بلوچستان جي اميرن به سندس آڻ مڃي. دهليءَ جي سلطنت جا نادر شاه جي ڪاهه کانپوءِ زبون ٿي چڪي هئي. خاص ڪري پنجاب جي حالت نازڪ هئي، هتي جي صوبي وٽ ايتري فوج ڪانه هئي جو اندروني فسادن کي روڪي سگهي، نه وري دهليءَ مان ڪا مدد ملي ٿي سگهيس. ڇاڪاڻ جو مرهٽا دهليءَ ٻاهران ڇانوڻيون هڻي ويٺا هئا. محمد شاهه جي ڏينهن ۾ ستلج تائين ملڪ احمد شاهه هٿ ڪيو هو سندس مقابلي لاءِ محمد شاهه 12000 فوج شهزادي احمد ۽ وزير قمرالدين جي هٿ هيٺ رواني ڪئي هئي پر سرهند جي معرڪي ۾ قمرالدين شڪست کائي مارجي ويو ۽ پنجاب احمد شاهه کي خراج ڀرڻ لڳو.

جڏهن غازي الدين منو خان جي بيوهه زال کي تنگ ڪيو ۽ مٿين حادثي جي خبر پئي، تڏهن غازي 1170هه مطابق 1756ع ۾ قنڌار مان لشڪر وٺي دهليءَ کان 20 ميلن جي مفاصلي تي اچي ڇانوڻي هنيئن. غازي الدين شاهه کان معافي ورتي ۽ منو خان جي زال کي آزاد ڪيائين. سندس فوجن دهليءَ ۾ ڦرمار ڪئي. شجاع الدوله جو هينئر اوڌ جو نواب هو، تنهن کان به خراج وصول ڪيائين. پوءِ مٿرا جي بتخاني کي مسمار ڪري موٽڻ جو ارادو ڪيائين. شاهي حرم مان پاڻ به شادي ڪيائين. ۽ پنهنجي پٽ تيمور شاهه کي به شادي ڪرايائين. شادي جو ڪم لاهي نجم الدوله هڪڙي روهيلي نواب کي شهنشاهه جو وزير مقرر ڪري. دهليءَ جي ڦٽل سلطنت کي هيڪر انتظام هيٺ آڻي روانو ٿيو، وڃڻ مهل واعدو ڪري ويو ته جيڪڏهن مرهٽا دهليءَ تي ڪاهي آيا، ته ساڻن لڙندس ۽ اميرن ۽ راجائن لاءِ فرمان جاري ڪيائين ته هو مغل شهنشاهه جا فرمانبردار ٿي رهن. سن 1171هه مطابق 1757ع ۾ موٽي قنڌار ويو.

پاڻي پٽ جي جنگ غازي احمد شاهه هٿان مرهٽن کي شڪست

غازي الدين جو تازو وزارت مان لٿو هو، تنهن پهريون نجيب الدوله سان سازش ڪئي، پوءِ سڌيءَ طرح مرهٽن سان دوستي رکيائين، جي هن وقت سڄي هندوستان ۾ طاقتور هئا. اورنگ آباد ۾ صلح ۽ پيام ٿيا. 1757ع ۾ راگهوبا مرهٽن جي جرار فوج وٺي غازي الدين کي ساڻ ڪري دهليءَ تي ڪاهه ڪئي. هن شاهي قلعي تي هڪ مهيني تائين گهيرو ڪيو. شهنشاهه آخر فاتحن لاءِ قلعي جا در پٽيا. غازي الدين کي وزيراعظم مقرر ڪيائين. نجيب الدوله بيوس ٿي سهارنپور ڏانهن نڪري ويو.

پنجاب جي حاڪم مير منوءَ جي هڪڙي سردار غازي احمد شاهه جي پٽ تيمور شاهه سان سازش ڪري دهلي ۾ اچي مرهٽن وٽ پناهه ورتي، سندس چرچ تي 1171هه مطابق 1758ع ۾ راگهوبا پنجاب تي ڪاهه ڪئي اُهو ملڪ فتح ڪري راجپوتن کي شڪست ڏيئي پنهنجو حاڪم مقرر ڪري دکن موٽيو.

1759ع ۾ وري داتا جي سنڌ يا مالوه جي راجا روهيل کنڊ تي ڪاهه ڪئي، هن دفعي مرهٽن 1300 ڳوٺ ناس ڪيا. نجم الدوله لکنوءَ مان تلوار کڻي مرهٽن جي مقابلي لاءِ نڪتو، کين شڪست ڏيئي گنگا نديءَ جي پريان لوڌي ڪڍيائين.

جڏهن شهنشاهه پنجاب جي حاڪم جهان خان غازي احمد شاهه کي مرهٽن جي ڪاهه جي خبر ڏني، تڏهن غازي بلوچستان جي بروهي خان مير نصير کي شڪست ڏيندو شڪارپور ۽ پشاور کان ٿيندو 1173هه مطابق سپٽمبر 1759ع پنجاب تي ڪاهه ڪئي ۽ جمنا ندئ تي آڻي خيما کوڙيائين. غازي الدين شهنشاهه عالمگير ثاني کي قتل ڪري سندس ڌڙ نديء ۾ ڦٽو ڪيو جو پوءِ ماڻهن ڪڍي همايون جي تربت ۾ وڃي دفنايو. غازي الدين خوف کان ڀڄي ويو. مرهٽن جو زور هن وقت سڄي هندوستان ۾ هو. وڏي اوج کي پهتل هئا. وٽن مضبوط سوار ۽ پيادل فوج هئي. هنن دهلي تي ڪاهي مغل شهنشاهه جي توپخاني ۾ باقي بچيل خزانا لٽيا، جاٽ قوم جا ماڻهو به هزارن جي تعداد ۾ ساڻن شامل هئا. ديوان خاص جي ڇت جا چاندئ جي هئي، سا لاهي ويا، تنهن کانسواءِ محلات جي ديوارن ۾ جيڪي به قيمتي پٿر لڳل ڏٺائون سڀ لاهي ويا. ڪل 17 لکن جو مال هٿ ڪيائون. سندن خاص مرضي هئي ته دهليءَ تي ويهي شهنشاهي ڪجي، آخر پيشوا جي پٽ وسواس راءِ پنهنجي شهنشاهي جو اعلان به ڪيو. شاهي محلاتن کي ڦري پوءِ پاڻي پٽ ڏي رخ رکيائون. سندن فوجن جو مهندار ڀائو نالي هو، جنهن وٽ 55 هزار سوار فوج 2 لک پيادل فوج مضبوط توپخانو ۽ 15 هزار ته تعليم يافته ٻي فوج به هئي. فوجن جي ڪمان ابراهيم گارڊني جي هٿ هيٺ هئي. جنهن ڪجهه وقت فرينچن جي فوج ۾ به تعليم ورتي هئي. ماهه جولاءِ 1760ع ذي الحج 1173هه ۾ پاڻي پٽ جي ٽين جنگ هئي، احمد شاهه غازي وٽ 40،000 افغاني ۽ ايراني فوج هئي. سندس جهاد جي اعلان تي 38،000 روهيله سرڦريلا ۽ 13000 هندوستاني فوج هئي. مرهٽن لاءِ تازي فوج 10،000 اگوندراءِ بنديلي جي طرفان ۽ 12،000 سوار فوج آئي بقول ڪاشي رام ته مرهٽن جي جهنڊي هيٺ ڪل 5 لک فوجون هيون.

تازئ آيل فوج مسلمانن کي پٺين طرف کان وڪوڙي ويئي، پر عطائي خان افغان گوندراءِ جي فوجن کي ماري 60 ميلن تائين هٽائي رستي کي صاف رکيو. پوءِ غازئ جي فوجن مرهٽن جي آمدنيءَ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا. ٻن مهينن تائين مرهٽا گهيري ۾ رهيا، جا ٽن هولڪر جي فوجن کي ماري ميدان مان ڀڳا. مرهٽن جي لاتعداد فوجن ۾ اچي بک پئي، هنن 3 گهمرا حملا ڪيا، پر شڪست کاڌائون. غازئ جو فوجون  ٿڪل هيون. پر هن ڪائي پرواهه ڪانه ڪئي. فوجن کي پڪاري چيائين ته ”جنگ کٽي پوءِ خراسان هلجو نه ته اتي دفن ٿجو! پاڻ سمورو وقت گهوڙي تي سوار ٿي لشڪر کي همٿائيندو هو. سندس عبادتگاهه به جنگ جي ميدان ۾ هئي. ڏينهن جو 50 يا 60 ميلن تائين چڪر هڻندو هو. رات جو ڇانوڻيءَ جي چؤطرف 5 هزار توراني جانباز چڪر هڻندا هئا. ان لاءِ ته هندوستاني فوجون رات جو آرام وٺن. آخر مرهٽا ڪڪ ٿيا سندس مهندار ڀائو نهايت ئي عاجزئ سان نجم الدوله کي چيو ته سندس شاهه سان صلح ٿي! پر غازي احمد شاهه فرمايو، ته هي دغاباز قوم آهي، جي هنن کي هن دفعي آزاد ڪبو ته وري ٻئي دفعي هو وڙهڻ لاءِ نڪرندا، تنهنڪري هت سندن هميشه لاءِ فيصلو ڪجي. آخر ٻي واهه  نه ڏسي مرهٽن ۾ ڀاڄ پئي، شاهه گهوڙي تي چڙهيو ۽ الله اڪبر جا نعرا بلند ٿي ويا. لکين مرهٽا غازين هٿان مارجي ويا. 20 ميلن ۾ سندن لاشن جا ڍير لڳي ويا. ابراهيم توبچي مارجي ويو، هي واقعو جمادي الثاني 1174هه مطابق جنوري 1761ع ۾ ٿيو. اٽڪل 2 لک مرهٽا مارجي ويا. شاهه جي وزير شاهه ولي خان چڱي همت ڏيکاري. مرهٽن کي جيڪو هندوستان تي شهنشاهي ڪرڻ جو خيال ۽ خواب هو تنهن جي فال سندن حق ۾ بدنڪتي. پاڻي پٽ جي ٽين جنگ کانپوءِ سڄي مهاراشٽر ۾ روڄ ۽ پٽڪو پئجي ويو. مرهٽن جي طاقت پرزا پرزا ٿي ويئي. احمد شاهه غازي دهلي ۾ وارد ٿيو، پر علي گوهر جنهن کي غازي الدين تخت تي ٿاڦيو هو، سو هن وقت حياتي جي خوف کان لکنؤ ڀڄي ويو هو، تنهن کي مبارڪبادئ جا پيغام موڪلي پنهنجي وطن ڏانهن موٽيو. مرهٽن جي شڪست به مغل شهنشاهت کي بچائي نه سگهي ڇاڪاڻ جو هن وقت هڪڙي نئين آفت هندوستان ۾ پير کوڙيو جا هئي انگريز قوم جنهن کان نه مغل بچي سگهيا نه مرهٽا پڄي سگهيا نه وري سک ئي سندن مقابلو ڪري سگهي.

------

هندوستان تي انگريزن جو قبضو

سن 1608ع ۾ پهريون انگريز جهاز هيڪٽر ڪپتان هاڪنس جي سرپرستي هيٺ سورت پهتو. هن جيمس اول انگلينڊ جي بادشاهه جو خط آگري ۾ شهنشاهه جهانگير کي ڏنو، جو کيس مروّت سان گڏيو. کيس هڪڙي آرميني عورت سان به شادي ڪرايائين. 1612ع ۾ ڪپتان ٿامس بسٽ پورچوگيزن کان سورت جو بندرگاهه کسيو. 6 فيبروري 1613ع ۾ مغل شهنشاهه جهانگير سان عهدنامون ٿيو. سر ٿامس رو پهريون انگريز سفير مغليه درٻار ۾ رهڻ لڳو. سن 1640ع ۾ پهريون ڪلڪتي ۾ واپار جي ڪوٺي وڌائون، پر کين گهڻو محصول ڀرڻو پيو هگلئ ۾ سندن جهازن کي اچڻ جي  جازت ڪانه هئي.(1)

1640ع ۾ شاهه جهان جي ڌئ سڙي پئي، سورت جي انگريز ڊاڪٽر جبريل بوٽن سندس دوا ڪئي. جنهن جي عيوض انگريز ڪمپني کي محصول ڀرڻ کانسواءِ واپار ڪرڻ ۽ ڪوٺين وجهڻ جي اجازت ملي ۽ هگلئ ندئ تائين سندن جهاز اچڻ لڳا. 1661ع ۾ ڪئٿرائين آف برگنزا پرتگال جي شهزادي جي شادي انگلنڊ جي بادشاهه چارلس ثاني سان ٿي، جنهنڪري بمبئي جو اُپٻيٽ انگريزن کي ڏاج ۾ مليو، جو بادشاهه 1688ع ۾ ڪمپني جي وڪيو. 1661ع ۾ انگلنڊ جي سرڪار ڪمپني کي اختياريون ڏنيون، ته ديسي حاڪمن سان جنگ يا صلح ڪري. ايگزا شيپل AIXA-CHAPELLE جي عهدنامي موجب انگريزن ۽ فرانس جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. هاڻي سوال آهي ته ڇو انگريز هندوستان ۾ مظفر ۽ منصور رهيا؟

(1)                    (2) فرينچ لوڪ اشراف ۽ ملڻ سار هئا. ڪنهن سان ڪين ڦٽائيندا هئا، ديسي ماڻهن سان نرمئ سان پيش ايندا هئا. فرانسي حڪومت جي کين هدايت هئي ته هندوستان ۾ صلح سانت سان رهجو، ڪنهن سان ڪين ڦٽائجو.

(2)                   پورچوگيزن کي عيسائي مذهب پکيڙڻ جو فڪر هو. ماڻهن کي زور سان عيسائي ڪرڻ لڳا. گووا مسيحيت جو مرڪز پکيڙڻ جو فڪر هو. ماڻهو سندن سختين جي ڪري کانئن جلد بيزار ٿيا. کين نفرت سان ڏسڻ لڳا.

(3)                   ڊچن ۽ ڊينن جي سياسي حالت بلڪل خراب هئي تنهنڪري هندوستان هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.

(4)                   انگريز موقعي شناس هئا. هندوستان جي رهاڪن جي ساده مزاجي مان هنن گهڻو فائدو ورتو. ديسي شهزادن کي پاڻ ۾ ويڙاهي کين مدد ڏيئي رپيا ۽ ملڪ کانئن وٺڻ لڳا. هو واپار ڪرڻ جي سانگي هن ديس ۾ آيا، پر ماڻهن کي سادو ڏسي منجهن ملڪ گيري جي حوس دل ۾ جاڳي ۽ جيئن پوءِ تيئن ويا ڪامياب ٿيندا. سرجان مالڪولم پوليٽڪل هسٽري آف انڊيا ۾ ٻئي هڪڙي انگريز وليم هاؤٽ به مٿين ڳالهه جي تصديق ڏني آهي ته ”آيا سون ٽانڊو کڻڻ پر باورچي بڻجي ويٺاسون(1)

ڊاڪٽر ڪانگريو Congreve جيڪو خط لارڊ پامرسٽن کي لکيو، تنهن ۾ سري ۾ ”هندوستان سان انصاف ڏيکاريو هئائين ته :

اسين ست سمنڊ جهاڳي واپارين جي لباس م هندوستان جي ڪناري تي پهتاسون. هتي جي رهاڪن اسان سان همدردي ڪئي، اسانکي واپار جون ڪوٺيون وجهڻ ڏنائون، پر جڏهن اسان کين ڪم طاقت ڏٺو تڏهن اهو فائدو ورتوسين جو سندن گهرن جا مالڪ ٿي ويٺاسون. اسان جيڪا هنن سان هلت ڪئي سا اهڙي وحشتناڪ هئي جيئن اسپيئرڊ لوڪن فاتحن جي صورتن ۾ پيرو ۽ ميڪسيڪو وارن سان  ڪئي!“

(5)                    هندوستاني ايماندار ۽ دل جا سچا هئا تنهنڪري هو ڌارين کي به ايماندار سمجهڻ لڳا. هو مغربي لوڪن جي چال ۽ حرفت کان بيخبر هئا. سندن ايمانداري ۽ مهمان نوازي کين ڌارين جو غلام بنائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو تلوار جا ڌڻي هئا ۽ بدني طاقت ۾ به يورپين کان وڌيڪ بهادر هئا. ڪرنل مالسن پنهنجي ڪتاب “The Decisive Batxes in India” ۾ صاف ڏيکاري ٿو ته ”هندوستاني ايماندار هئا، تنهنڪري ڌارين جو غلام ٿيا. جن جن ديسي شهزادن مٿن ايمان آندو، سي آخر سندن مڪر ۽ فريب جي ڄار ۾ ڦاٿا ۽ پوءِ پڇتائڻ لڳا.

انگريزن جيڪي به هندوستانين سان واعدا ڪيا، سي سڀ ڀڳائون. اهو ئي سبب هو جو 1857ع ۾ هندوستان ۾ آزاديءَ جي جنگ پيو، تنهن لاءِ انگريز جوابدار آهن ۽ نه ڪه هندوستاني“.

جڏهن انگريز هندوستان ۾ آيا تڏهن حيدرآباد دکن جي نواب، مرهٽن ۽ ميسور جي والي حيدر علئ جي پاڻ ۾ سخت اڻبڻت هئي. جيڪڏهن هو هڪ ٿي وڃن ها، ته ڪنهن به يورپي طاقت کي مجال نه هئي جو سندن قدم اُکاڙي سگهن ها. پر افسوس جو مٿين تاجدارن وٽ سندن صلاح ڪار انگريز هئا، جن جي چرچ تي هو دست بگريبان هئا. اهو مکيه سبب هو.(2)

اُهي انگريز ظاهري طور ريزيڊنٽ هئا پر اندروني طرح ديسي راجائن ۽ نوابن جي خلاف ڪم ڪندا هئا. سڀ کان پهريون جيڪو هنن ديسي راجائن ۽ نوابن سان عهدنامون ڪيو، سو هي هو ته ڪنهن به ڌارئي ماڻهو يعنى فرينچ، آمريڪن، جرمن يا ڊچن وغيره سان ڪوبه تعلق نه رکندا ۽ وري مٿين لوڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ڏيندا. هن عهدنامي کان پوءِ ديسي حڪمرانن کي قيدي ٺاهي رکيائون. بمبئي گورنمينٽ مسٽر ماسٽائين کي انڪري پوني موڪليو ته ”مرهٽن کي نظام ۽ حيدر علئ سان گڏجڻ نه ڏي“ وري (بلوبُڪ آف ائوڌ)Blue Book of oudh ۾ جيڪي اوڌ جي نواب جي خانگي ڳالهين بابت انگريزي سفير ڪلڪتي ڏي گورنر کي خبرون ڏنيون، سي قابل ديد واقعات آهن. آقي باقي جو 1832ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني رياستن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي ۽ وري (سَبسِي ڊائري سِسٽم) جو قانون جيڪو زوري رياستن تي مڙهيو ويو تنهن راجائن ۽ نوابن جي گويا فاتح خواني ڪئي!

جنگ پلاسي 1757ع

بنگالي جو نواب علي وردي خان بهادر سپاهي، سياست دان ۽ مدبر شخص هو. جڏهن مغلن جو اقبال گهٽجڻ لڳو تڏهن هن پنهنجي خاندان لاءِ بنگال ۾ حڪومت وجهڻ ٿي گهري. هو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حرڪتن کان پوري طرح واقف هو. پر سندس سمورو وقت اندروني فسادن کي مٽائڻ ۽ مرهٽڻ جي ڪاهن کي روڪڻ ۾ گذريو. اهوئي سبب هو جو کيس فرصت ڪانه پئي ملي، نه ته کيس انگريزن جي مقصد جي پوري خبر هئي.

سن 1746ع ۾ ڪرنل مل جيڪا اسڪيم فرئنسِس آف لورين کي پيش ڪئي هئي تنهن ۾ هن هندوستان جي باري ۾ هن ريت احوال ڏيکاريو هو ته ”جيڪڏهن ڪا يورپي طاقت هندوستان تي بحري رستي کان ڪاهه ڪندي ته آسانيءَ سان بهار، بنگال ۽اُڙيسا تي قبضو ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ جو مغل شهنشاهت هن وقت پرئين ڀر تي پيل آهي. هندوستان ۾ سون ۽ رپيو ڀرپور آهي. برازيل ۽ پيرو کان هي ملڪ گهڻو دولتمند آهي. مغلن وٽ لشڪر ٿورو آهي ۽ نه وري ڪا وٽن بحري طاقت آهي. ملڪ بغاوت لاءِ تيار آهي. هن ملڪ جون نديون جهاز رانئ لاءِ مفيد آهن. مغل شهنشاهه جي هڪڙي باغي نواب علي وردي خان ٽن پرڳڻن بهار، بنگال ۽ اُڙيسا کي شهنشاهت کان ڇني پنهنجي قبضي هيٺ رکيو آهي، وٽس 30 ملين دولت موجود آهي. سندس سالياني اُپت 3 ملين آهي. رڳو هڪڙي ڌڪ هڻڻ سان ڪري پوندو. 3 جهاز ۽ 2 هزار فوج قبضي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي“.

(1)               بنگال جو واپار هندن جي هٿ هيٺ هو. پنهنجي مسلمان نواب جا خيرخواهه هئا، پر فرنگي واپارين کين سبز باغ ڏيکاري پنهنجي طرف ڇڪي ورتو. 10 اپريل 1756ع ۾ نواب علي وردي خان وفات ڪئي. سندس گاديءَ تي سندس ڏهٽو نواب سراج الدوله ويٺو، جو 24 ورهين جو نوعمر جوان هو. انگريز کيس تنگ ڪرڻ لڳا، قلعا جوڙڻ ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳا، جا سموري سندن ڪاروائي ڪيل عهدنامي جي خلاف هئي. ايم جين لا پنهنجي روزنامچه ۾ ڏيکاري ٿو، ته هڪڙي ڀيري جڏهن نواب انگريزن جي قاسم بازار واري ڪارخاني کي ڏسڻ ويو، ته انگريزن روڪ ڪيس! وري جڏهن سندس تاجپوشي ٿي. تڏهن هڪڙو به انگريز سندس درٻار ۾ ڪين ويو. اها سندن نواب سان ظاهري کؤنس هئي. نواب هڪدم انگريزن ۽ فرينچن کي حڪم ڏنو ته آئينده لاءِ سندس حڪومت جي حدن اندرڪوبه قلعو تيار نه ڪن.

(2)              پونا جي نواب شوڪت جنگ، جو علي وردي خان جو مائٽ هو، تنهن کي مغل شهنشاهه کان خط پهتو. جنهن ۾ کيس نوابي جو لقب ڏيکاريل هو. سراج الدوله مٿس حملو ڪيو. هن نوابي جي دعوى ڦٽي ڪئي، پر وٽس ڪي خط موجود هئا جي انگريزن کيس نواب جي خلاف مُڪا هئا.

(3)              راج ڀلاب ڍاڪا جي ديوان جي نواب سان خصومت جاڳي، هن پنهنجي پٽ ڪشنداس جي هٿ هيٺ سمورو مال اسباب ٻار ٻچا انگريزن وٽ ڪلڪتي ڏياري موڪليو، نواب جڏهن انگريزن کان سندس گهُر ڪئي تڏهن هنن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. وڏي ڳالهه ته انگريز بنگال جي واپارين کي چورڻ لڳا، ته نواب کي ڪوبه محصول ڪين ڏين.

(4)              نواب هڪدم قاسم بازار واري ڪوٺيءَ تي قبضو ڪري ڪلڪتي تي ڪاهه ڪئي. 160 ميلن جو فاصلو گرمي جي موسم ۾ يارهن ڏينهن ۾ لتاڙي ڪلڪتي پهتو. ٽاناهه جي معرڪي ۾ انگريزن کي شڪست ڏنائين. نواب جي مرضي هئي ته انگريزن سان صلح ڪجي، پر بنگال سڄي هندوستان ۾ زرخيز علائقو هو، سو انگريزن جي اک به هن علائقي تي کتل هئي. هو ڄاڻي واڻي جنگ جا بهانا ڳولڻ لڳا.

20 جون 1756ع ۾ ڪلڪتو نواب جي فوجن فتح ڪيو ۽ انگريزن سان نرمي ڪيائين. هي جو انگريزي تاريخن ۾ لکيل آهي ته نواب انگريزي قيدين کي (بلئڪ هول) ڪاري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو، جا 18 انچ ويڪري هئي ۽ 46 سپاهين مان رڳو ٻئي ڏينهن 12 ڄڻا جيئرا نڪتا! اهو نسورو ڪوڙ آهي. نواب کي سندس نانئ ۽ ماءُ آمنه بيگم قيدين سان رحمدل ٿي رهڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي. سيرالمتاخرين جي مصنف سيد غلام حسين ۽ ڊاڪٽر ڀولاناٿ  چندر مصنف Tracels of a Hindh ڪلڪته يونيورسٽي مئگزين 1895ع واري پرچي ۾ انگريزن جي مٿئين بهتان جي پورئ طرح سان قلعي کولي آهي.مطلب هن ريت آهي ته ڪن انگريزن قيدين شراب پي بدمستي جي حالت ۾ زخمين سان وڙهڻ ۽ شور ڪرڻ لڳا، تڏهن نواب جي سپاهين منجهان ڪن کي جدا هڪڙي ڪمري ۾ بند رکيو. منجهائن ڪي زخمي مري ويا هئا. باقي سمورو ڪوڙ نواب تي انگريزن جي مهندار مسٽر هالئوئل HOLWELL لکين روپيا مير جعفر کان وٺي ڪمپني جي ڊائريڪٽرن کي ڪوڙي رپورٽ موڪلي هئي. ان لاءِ ته انگريز سراج الدوله سان جنگ ڪن ۽ مير جعفر تخت تي وهي. جنگ کان پوءِ نواب ڪلڪتي جو نالو علي نگر رکي مانڪ چند هڪڙي هندو سردار کي هتي جو نائب مقرر ڪري فرينچن کان اَٺ لک روپيا جنگ جو تاوان وٺي مرشدآباد موٽيو.


(1) مرزا مظفر حسين شاه طهماسپ صفوي اول جو ڀائٽيو هو.

(1) History of Aurongzib by j.sarkar M.A

(1) The rise British in India by Major B.D.Baoru IMS Raties

(2) The seen cities of Delhi by Gordon Hearn

(3) “History of Nadir Shah by Fraser”

نوٽ:- هندوستان جو طاؤسي تخت اڃا تائين ايران ۾ موجود آهي.

(1) Annals of the English in Bengal Vol I

(2) Rise of christian power in India by Major B.D Basn IMS.

(1) The English in India by William Howitt

(2)  هسٽري آف مرهٽا 1873 ايڊيشن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org