محمد بن قاسم
فاتح سنڌ
خليفي وليد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ حجاج محمد
هارون کي هند ۽ سنڌ جو نائب مقرر ڪيو. جو 5 ورهيه
فتحون ڪندو رهيو. حجاج خليفي جي اجازت سان بديل کي
5 سؤ سپاهين سان محمد هارون ڏي موڪليو. هو عمان جي
سمنڊ مان لنگهي نيرون ڪوٽ
۾ پهتو ۽ ٽن هزار لشڪر سان ديبل تي ڪاهيائين. جڏهن
راجا ڏاهر کي اَلور ۾ اِها خبر پهتي، تڏهن هن
پنهنجي پٽ جئسين کي 4 هزار سپاهين ۽ سوارن سان
موڪليو. بديل ديبل جي ماڻهن کي اڳيئي ڀڄايو هو، پر
هاڻ هاٿين سان ڏاڍي جنگ ڏني. سندس گهوڙا هاٿين کان
ٽاهه کائي ڀڄڻ لڳا. اِنهيءَ هوندي به بديل پنهنجي
پڳ لاهي گهوڙن جون اکيون ٻڌي پئي وڙهيو. پر نيٺ
وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو. بديل جي شڪست ۽ شهادت جو
ٻڌي حجاج کي گهڻو ڏک ۽ غصو ٿيو. هن هڪدم پنهنجي
ڀائيٽي ۽ ناٺي محمد بن قاسم بن عقيل ثقفيءَ کي هند
۽ سنڌ جو نائب مقرر ڪيو.
محمد بن قاسم نو عمر سترهن سالن جو تمام همت ڀريو
جوان هو. حجاج هن جي منظوري خليفي وليد کان گهري،
جنهن خوشي نه ڏيکاري ليڪن حجاج لکيو ته وير وٺڻ
ضروري آهي ۽ انجام ڪيائين ته جيڪي انهئ چڙهائيءَ
تي شاهي خرچ خزاني مان ٿيندو تنهن کان ٻيڻو پهچائي
ڏيڻ منهنجي ذمي آهي. آخر خليفي منظوري ڏني.
حجاج بن يوسف حڪم ڪڍيو ته 6 هزار شام جا چونڊيل
بهادر محمد قاسم سان روانا ٿين. اُهو لشڪر سگهو ئي
گڏ ٿيو ۽ 92 هجري مطابق سن715ع ۾ محمد بن قاسم
حجاج کان موڪلائي روانو ٿيو. پهرين منزل شيراز ۾
ڪيائين. جتي 6 هزار گهوڙي سوار، 6 هزار اُٺن وارا
۽ 3 هزار بار برادرئ جا اُٺ جي حجاج بن يوسف
موڪليا هئا، سي اچي گڏ ٿيا. تنهن کانسواءِ ڪيتريون
ئي ٻيڙيون اَبو مغيره ۽ حزيم جي هٿ هيٺ روانيون
ڪيون ويون، ته عمان جي نار کي لتاڙي سڌو ديبل بندر
وٽ وڃي لنگر هڻن. شيراز ۾ ماڻهن ۽ گهوڙن جون زرهون
۽ قلعي ڀڃڻ جون ڪِلون ۽ ٻيو سڀ ضروري سامان کاڌي
وغيره جو گڏ ڪري محمد بن قاسم مڪران ڏي رخ رکيو.
مڪران ۾ محمد هارون، جو اڳيئي اُتي هو سو اچي
گڏيس. پوءِ ٻئي اَرمائيل يعني لس ٻيلي ۾ اچي لٿا.
اتي محمد هارون اچي ڏاڍو بيمار ٿيو ۽ مري ويو.
اُتان محمد بن قاسم لشڪر سوڌو ديبل ڏانهن هليو.
ڏاهر جو پٽ جئسين تڏهن نيرون ۾ هو. تنهن پنهنجي
پيءُ ڏانهن اَلور ۾ پيغام موڪليو. پر ڏاهر اُتي جي
علافي عربن جي صلاح سان پٽ کي وڙهڻ کان منع ڪئي.
هجري 93 سن 711ع محرم جي ڏينهن محمد بن قاسم ديبل
۾ اچي پهتو. ساڳئي ڏينهن سامان ۽ ڪلن جون ٻيڙيون
اَبو مغيره ۽ حزيم جي سنڀال هيٺ اچي پهتيون. پوءِ
محمد بن قاسم چوطرف خندق هڻائي لهي پيو ۽ جنگ جي
نغارن وڄائڻ ۽ جهنڊن کولڻ ۽ ديوار شڪن ڪلن جي تيار
ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.
ديبل جو لشڪر پهرئين ڏينهن وڙهڻ لاءِ سنبري آيو،
پر عربن کي وڙهڻ جو حڪم نه هو. ستن ڏينهن کانپوءِ
جڏهن حجاج جو حڪم پهتو تڏهن هو قلعي تي ڪاهي آيا ۽
ديبل جي فوج کي ڀڄائي ڀتيون ٽپي آيا. ديبل ۾ هڪ
وڏو مندر هو، جنهن جا پتل جا برج هئا، سو ورتائون
۽ ڦريائون. اُتي بت جي سيوا ڪرڻ واريون ست سؤ
خوبصورت زالون هيون. تن جا زيور لاٿائون ۽ ٻيو به
تمام گهڻو لٽ جو مال هٿ ڪيائون. جاهين ٻُڌ اُن
مندر جو پنڊت رات جو لڪ چورئ ٻيڙيءَ جي رستي ڀڄي
ويو.
ٿورا ڏينهن ديبل ۾ منزل ڪري محمد قاسم نيرون ڪوٽ
تي ڪاهيو ۽ سامان ٻيڙين جي رستي سانگره ڍنڍ مان
موڪليائين. ڇهن ڏينهن ۾ هو ديبل مان نيرون ڪوٽ ۾
آيو. اُتي حاڪم ڀنڊ رڪن سمني محمد بن قاسم جي ڏاڍي
آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ در کولي ڏنا، اچي مٿس پيش پيو.
محمد بن قاسم هن کان گهڻو خوش ٿيو. هن کي ۽ شهري
ماڻهن کي آزادي ڏنائين. ٻڌ جي مندر جي جاءِ تي هڪ
مسجد ٺهرائي ۽ هڪڙو نائب اُتي مقرر ڪري سيوستان
ڏي هلڻ جي تياري ڪيائين. سيوستان جي حاڪم بشيرا
مسلمانن کي سامهون ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهو ڊڄي
ويا ۽ مسلمانن جي رحمدلئ جا تازا مثال ڏسي پيش پوڻ
۾ راضي هئا، تنهنڪري هفتي جي اندر محمد بن قاسم
اُهو قلعو به ورتو ۽ بشيرا لِڪ َ چورئ رات جو ڀڄي
ٻڌيا
ڏي ويو. لٽ جو مال لشڪر ۾ ورهائي، ڪي شاهي خزاني
ڏي موڪلي ۽ نائب مقرر ڪري محمد بن قاسم بشيرا جي
پٺيان پيو. جنهن وڃي سيسم جي قلعي ۾ پاڻ کي قابو
ڪيو هو. اهو بشيرا چندر جو پٽ ۽ ڏاهر جو سؤٽ هو.
نيٺ هن عربن سان جنگ ڪئي پر مارجي ويو ۽ ٻڌيا جو
سڄو علائقو عربن جي هٿن ۾ آيو.
اتي حجاج بن يوسف جو پيغام پهتس ته نيرون ڪوٽ ٽپي
هن ڀر ٿي سڌو اَلور تي ڪاهه ڪر. حڪم موجب غازي
محمد بن قاسم ڀٽن ۽ چننن جي قومن کي جيتي راوڙ ۽
چتور جي حد ۾ آيو. اُتي جو حاڪم موڪو پٽ وسايو،
جنهن ڳجهيءَ طرح سان صلح ڪري نائبي حاصل ڪئي،
انهيءَ شرط سان، ته جيڪي ٻيڙيون گهربيون سي
اِسلامي لشڪر کي موڪليندو رهندو. پوءِ مهراڻ جي ڪپ
تي منزل ڪري محمد بن قاسم راجا ڏاهر ڏي پنهنجو
وڪيل موڪليو. راجا پنهنجي وزير سياڪر ۽ عربن جي
سردار محمد علافيءَ سان صلاح ڪري جواب موڪليو ته
اسين جنگ لاءِ تيار آهيون. ڏاهر جي اِشاري تي
سيوستان جي حاڪم چندرام فساد ڪيو. عربن جي گهوڙن ۾
اچي بيماري پئي، جي مرندا ويا ۽ لشڪر ۾ به اچي
بيماري پئي. خبر پئجڻ شرط حجاج بن يوسف ٻه هزار
عربي گهوڙا، سرڪو ۽ ٻيون دوائون روانيون ڪيائين.
محمد بن قاسم درياهه ٽپي هن ڀر ٿيو. ڏاهر علافي
عربن کان مدد گهري پر هنن وڙهڻ کان انڪار ڪيو.
پوءِ پنهنجي پٽ جئسين کي لشڪر ڏيئي مقابلا لاءِ
روانو ڪيائين. پر عرب وڪوڙي ويس. سنڌي لشڪر مارجي
ويو. جئسين به ذري گهٽ مارجي وڃي ها، پر ڀڄي ويو.
اِتي موڪي جو ڀاءُ راسل به ڦري مسلمانن جو طرفدار
ٿيو. راجا ڏاهر راوڙ جي قلعي ۾ منزل ڪئي. محمد بن
قاسم به سندس پٺيان پيو. راجا دلشڪستو هو، ڇاڪاڻ
جو نجومين چيس ته فتح مسلمانن جي آهي. ٽن ڏينهن
تائين راجپوتن ڏاهر جي طرفان جنگ ڪئي پر مارجي
ويا. چوٿين ڏينهن راجا سياڪر وزير جي صلاح سان
5000 بهادر راجپوت 20،000 پيادا زرهه پوش ۽ هڪ سؤ
هاٿي وٺي جنگ جي ميدان ۾ آيو. پاڻ لشڪر جي وچ ۾
هو، هاٿئ تي ويٺل هو. هٿ ۾ تير ڪمان هئس. ٻه
ٻانهيون هودي ۾ ساڻس ويٺيون هيون. هڪڙئ تير کنيون
پئي ڏنس، ٻئي پان سوپاري ٺاهيو پئي ڏنس. ڪي چون ٿا
ته هڪ برهمڻ به ساڻ گڏ ويٺل هئس. پيادا سندس اڳيان
بيٺل هئا ۽ ڪمانن ۽ نيزي وارا سندس ساڄي پاسي ۽
سوار اُگهاڙين تلوارن سان سندس کاٻي پاسي. جئسين ۽
محمد علافي سندس لشڪر جا مهندار هئا. محمد بن قاسم
به عرب پهلوانن نيزي بازن ۽ تير اندازن کي سڄي کٻي
بيهاري پاڻ سندن وچ ۾ بيهي حملو ڪيو. سڄو ڏينهن
جنگ هلي. هزارين ماڻهو مارجي ويا. آخر رات پئي.
راجا لشڪر موٽائي ويو. اِسلامي فوجن به بارقن ۾
آرام ورتو. ٻئي ڏينهن جنگ وري شروع ٿي. اُهو جنگ
جو پنجون ڏينهن هو. سن 93هه مطابق 711ع ۾ ماهه
رمضان المبارڪ جو ڏينهن هو. ڏاهر سان سندس ٻئي پٽ
ڏهرسين ۽ جئسين موجود هئا. 10،000 سوار ۽ 30،000
پيادا هئا. محمد بن قاسم پنهنجي فوج جون 5 قطارون
ٻڌائي کين الله جي سپرد ڪيو.
راجا وٽ هاٿين جا رٿ هئا، جن کان عربي گهوڙا ٽهڻ
لڳا. پر محمد بن قاسم 9 سو گندرف جي ٻرندڙن تيرن
هڻڻ وارا لشڪر ۾ ورهائي بيهاري ويو. جنگ لڳي،
ڪيترائي سنڌي اچي اِسلامي لشڪر سان گڏيا. مئلن ۽
ڦٽيلن جا ڍير لڳي ويا. راجا ڏاهر پاڻ هاٿيءَ تي
ويٺي تير هلايا. سج لهڻ تي هو راجا وٽ باقي هزار
کن سوار وڃي بچيا هئا. اُتي محمد بن قاسم گندرف جي
تيرن وارن کي حڪم ڏنو ۽ ٻرندڙ تير اُڇلائڻ لڳا.
هاٿين ۾ اچي ٽاهه پيو. ڪيترائي پنهنجا ماڻهو زيان
ڪيائون. هڪڙو ٻرندڙ تير راجا ڏاهر جي هودئ ۾ لڳو ۽
اُنکي اچي باهه لڳي. هاٿي ڪڏندو ڪڏندو وڃي ڍنڍ ۾
پيو راجا توڙي هاٿي ڪاهڻ وارو ٻئي پاڻيءَ ۾ گپ ۾
ڪِري پيا. مٿان عربن تيرن جو وسڪارو ڪيو. شجاع
نالي عرب جي تلوار جي ڌڪ سان ڏاهر جي سسي وڍجي
پئي. پوءِ ته سنڌين ۾ اچي ڪوس پيو، ڪي ٿورا بچيا
جي راوڙ جي قلعي ۾ لڪيا. باقي سڀ مارجي ويا.
راجا ڏاهر جي ڀيڻ ٻائي ۽ سندس پٽ جيئسين راوڙ جي
قلعي ۾ وزير سياڪر ۽ محمد علافي جي صلاح سان 15000
سپاهي گڏ ڪري، ڀانيو ته نڪري برهمڻ آباد جي قلعي ۾
وڃي پناهه وٺون ۽ اُتان جنگ هلايون.
پر محمد بن قاسم کي خبر پئجي ويئي. هن قلعي تي
گهيرو ڪيو. راڻي ٻائي ۽ ٻين زالن دشمن جي هٿ چڙهڻ
جي ڊپ کان پاڻ کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ راجا ڏاهر جي
راڻي لاڏئ پاڻ کي ڪوٽ تان هيٺ اُڇلائي وڌو جنهن کي
محمد بن قاسم هٿ ڪري پنهنجي نڪاح ۾ آندو. راوڙ جو
قلعو وٺي 6 هزار ماڻهو قتل ڪيائون ۽ زالون ٻار قيد
ڪيا ويا.ڏاهر جي سسي ۽ سندس ڀائٽي ۽ ٻيون ٽيهارو
کن مائٽياڻيون ٻين 60،000 قيدين سان گڏ لٽ جي
خزاني سميت حجاج بن يوسف ڏي موڪليون. جنهن وري
اُهي خليفي جي خذمت ۾ دمشق ڏياري موڪليون. محمد بن
قاسم چؤطرف هندوستان ۽ سنڌ جي راجائن ڏي پيش پوڻ
لاءِ يا مسلمان ٿيڻ لاءِ يا ڍل ڏيڻ لاءِ خط ۽
اشتهار موڪليا. وزير سياڪر وڃي مسلمان ٿيو. محمد
بن قاسم کيس وڏي عزت ڏيئي پنهنجو صلاح ڪار وزير
ڪري پاڻ وٽ رکيو. جئسين 40،000 هزار لشڪر سان
برهمڻ آباد ۾ وڙهيو ۽ 6 مهينن جي محاصري کانپوءِ
عربن اُهو قلعو فتح ڪيو. جئسين راجستان جي صحرا
ڏانهن ڀڄي ويو. محمد علافي ڪشمير جي ٽڪرين ۾ وڃي
پناهه ورتي. اُتي جي راجا هن کي گهڻو مان ڏنو ۽
شڪلبار جو علائقو انعام ڏنائين. جتي آخر مري ويو.
سنڌ فتح ڪري اُتي اَمن امان رکي برهمڻ کي مندرن ۾
پوڄا ڪرڻ جي اجازت ڏني. جنهن ڪري ماڻهو کانئس گهڻو
خوش ٿيا.
کيس ملتان ۽ اَلور فتح ڪرڻ جو حجاج وٽان حڪم پهتو.
اُن موجب سن 712ع ۾ محمد بن قاسم فتح ڪيلن وڏن
شهرن ۾ پنهنجا نائب مقرر ڪري پاڻ اڳتي هليو. دشمنن
کي مات ڪندو نيٺ اچي اَلور پهتو. جو سڀ کان وڏو
شهر هو ۽ قلعو هو، وڏي ڳالهه گادئ جو هنڌ هو. راجا
ڏاهر جو ننڍو پٽ گوپي هتي رهندو هو ۽ ماڻهن کي
دلاسو پئي ڏنائين ته راجا ڏاهر هند جي راجائن کان
مدد وٺي لشڪر آڻڻ لاءِ ويو آهي. پر راڻيءَ لاڏيءَ
جڏهن مارجڻ جي خبر ڏني، تڏهن اچي پيش پيا. گوپي ڪن
خاص ماڻهن سا ڀڄي چتورجي جي قلعي ۾ پنهنجي ڀاءُ
جئيسين سان وڃي گڏيو جن ڪورج جي راجا دروهراءِ وٽ
پهريون پناه ورتي، پر اُتي جي راجا جي ڀيڻ جانڪي
جئيسين تي عاشق ٿي پئي. جنهن ڪري ٻنهي اُتان نڪري
ڪشمير جي راجا وٽ جلندر جي شهر ۾ پناهه ورتي.
اهڙيءَ طرح برهمڻ جي حڪومت پوري ٿيڻ تي عربي
سلطنت جو بنياد هندوستان ۾ ڏکڻ اولهندي کان پيو.
محمد بن قاسم الور جي حڪمرانيءَ ۾ شرعي قانون
هلائڻ لاءِ ابو عاف بن قيس کي مقرر ڪيو ۽ موسيٰ بن
يعقوب ثقفيء کي نائب مقرر ڪيو.۽ غازئ پاڻ ملتان
ڏانهن رخ رکيو. رستي ۾ بياس ندئ جي ڪناري تي بابيه
جو قلعو ورتائين. هتي جو حاڪم ڪڪسهه جو چندر جو پٽ
۽ ڏاهر جو سؤٽ هو. وڏو فيلسوف ۽ حڪيم هو، تنهن کي
وزارت جوعهدو سونپيائين. اِها هئي نوعمر عرب فاتح
جي فياضي. گولڪندا جو قلعو 17 ڏينهن جي سخت لڙائي
کانپوءِ فتح ڪيائين، جو راوي ندئ جي ڪپ تي هو.
تنهن کانپوءِ ملتان جي راجا ڪندراءِ سان جنگ
جوٽيائين. 2 مهينا جنگ هلي. مسلمانن 6000 ماڻهو
قتل ڪري قلعو هٿ ڪيو، ڪيترائي قيد ڪيائون.
واپارين، ڪاريگرن ۽ آبادگارن کي معافي ڏنائون.
ملتان جي فتح ۾ اسلام جي سپهه سالار کي تمام گهڻو
خزانو ۽ لٽ جو مال هٿ لڳو. هر هڪ سوار کي چار سو
چاندئ جا درهم حصي ۾ مليا. تنهن کانسواءِ هڪڙي
برهمڻ جي ڏس تي هڪڙو وڏو بت زمين مان کوٽي ڪڍيو
ويو، جنهن ۾ تيرهن سو ويهه مڻ سون جا هئا ۽ بيشمار
هيرا جواهر لڳل هئس!
محمد بن قاسم دائود عثمانئ کي ملتان جو نائب مقرر
ڪري رهي پيو. هن وقت وٽس 50،000 سوار فوج هئي.
هتان اَبو حليم شيبانئ کي 10،000 هزار سوار فوج
ڏيئي هندوستان فتح ڪرڻ لاءِ قنوج ڏياري موڪليائين.
هن وقت اُتر اولهندي وارن ملڪن تي راجپوتن جو راڄ
هو ۽ وري جمنا نديءَ کان ويندي بنگال تائين وچين
ملڪ کي (مڌيه ديش) چوندا هئا. جو زور ڀرين راڄن ۾
ورهايل هو، جنهنجو مهاراجا قنوج ۾ ٿي رهيو.
گنگانديءَ جي هيٺئين ماٿريءَ جي ڀاڱن ۾ پال يا ٻوڌ
گهراڻن جو راڄ هو. بمبئيءَ جي ڪناري تي مالوا جو
راڄ هو. ڏکڻ هندوستان ۾ ڪيترن ويڙهو راجائن جو راڄ
هو. جتي چيرا، چولا ۽ پانڊيا گهراڻن جي مهاراجائن
جا نالا مشهور آهي.محمد بن قاسم خزانو غورابن جي
رستي ديبل بندر مان خليفي جي خذمت ۾ ڏياري موڪليو.
چون ٿا ته شاهي خزاني مان 60،000 هزار درهم سنڌ جي
مهم لاءِ خرچ ٿيا هئا. محمد بن قاسم اُنهن کان
ٻيڻا اڳيئي پهچائي ڏنا هئا ۽ 20،000 درهم ٻيا وڌيڪ
به پهچائي ڏنا هئائين.
ابو حليم شيباني جڏهن اُڌاپور ۾ پهتو، تڏهن
هندوستان جي راجا (راءِ هرچندر جهشل) هن سان وڙهڻ
لاءِ تياري ڪئي. تنهنڪري محمد بن قاسم به وڌيڪ
لشڪر وٺي اُڌاپور ۾ آيو. پر جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ
محمد بن قاسم کي بغداد ڏي وڃڻ جو حڪم پهتو.
تنهنڪري في الحال اِها جنگ مهمل رهجي ويئي.
هندوستان جي مال غنيمت سميت محمد بن قاسم راجا
ڏاهر جون ٻه ڌيئرون سورج ديوي ۽ پرمل ديوي خليفي
وليد بن عبدالملڪ جي خذمت ۾ ڏياري موڪليون جن محمد
بن قاسم فاتح سنڌ جي خلاف خليفي کي چوريو. دراصل
هنن شهزادين پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ لاءِ فاتح سنڌ
جي خلاف ڪوڙي تهمت جوڙي، جنهن تي خليفي ڪاوڙجي
محمد بن قاسم کي ناحق ڍڳي جي کل ۾ سبرائي مارائي
ڇڏيائين پر جڏهن خليفي کي ڪوڙي تهمت جي خبر پئي
تڏهن ٻنهي کي عذابن سان مارائي ڇڏيائين.
عربن جي ڏينهن ۾ سنڌ
عرب شهنشاهت جي ڏينهن ۾ به سنڌ جو تختگاهه اَلور
هو. بعد ۾ عربن المنصوره جي شهر جو بنياد وڌو جو
ڳپل وقت سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو. سنڌ جي حد اُتر ۾
ملتان تائين هئي. اَلور جو شهر ڪشادگيءَ ۾ ملتان
جي شهر جيڏو هو. هن کي چوڌاري ٻه ديوارون هيون ۽
وڏو واپار جو هنڌ هو. عربن جي ڏينهن ۾ سنڌ وارا
قافلن جي مدد سان خراسان، زابلستان، سجستان،
قنڌار، غزني ۽ سنڌو نديءَ جي سڀني شهرن ويندي
ڪشمير ۽ ترڪستان تائين واپار ڪندا هئا ۽ سمنڊ جي
رستي وري مالابار،، سيلون، جاوا ۽ چين سان واپار
هلندو هو.
اُپت جا 3 رستا هئا. (!) زمين جي ڍل (2) في آسامي
(3) بندرن تان مال لهڻ تي ڍل. گويا سنڌ ۽ ملتان جي
اُپت ٽنهي قسمن جي ڍلن مان 1500000 درهم يا اٽڪل
2700000 لک روپيا هئي. هڪ شاهوڪار کي 48 درهم
سالياني ڍل ڏيڻي پوندي هئي. موچاري پيدائش واري تي
24 درهم، پورهيت کان 12 درهم، باقي زالن، ٻارن ۽
ضعيفن تي ڍل معاف هئي. ماڻهن جي پوشاڪ اُنهن ڏينهن
۾ عراق جي ماڻهن جهڙي هئي. سن 1030ع تائين سنڌ عرب
شهنشاهت سان لاڳو رهي. سن 77ع ۾ بغداد جي عباسي
گهراڻي جي شهنشاهه خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾
شيخ تراب علي سنڌ جو نواب هو جنهن حڪومت کي گهڻو
وڌايو هو ۽ ساڳئي سال مري ويو. سندس قبر اڃا تائين
ٺٽي کان 8 ميل پري ڏکڻ اولهندي آهي. هن جي ڏينهن ۾
ڀنڀور جو شهر ناس ٿي ويو. خليفي مامون الرشيد جي
ڏينهن ۾ تميم گهراڻي جا ۽ سمارا شهر جا رهندڙ عرب
اچي سنڌ ۾ رهڻ لڳا. بني عباس جي 25 خليفي قادر
بالله وٽ مشهور فردوسي شاعر، سلطان محمد غزنوي
وٽ، غزنئ کان اچي پناهه ورتي. تنهن تي سلطان
ڪاوڙجي سنڌ جي علائقي پنجاب تي ڪاهه ڪئي. اِهو
واقعو سن 1205ع ۾ ٿيو. هن ملتان ۽ اُچ مان عربن کي
تڙي ڪڍيو ۽ سندس وزير عبدالرزاق سڄي سنڌ فتح ڪئي.
فتوحات آفريقه ۽ اسپين
سن 86هه ۾ خليفي وليد پنهنجي سؤٽ حضرت عمر بن
عبدالعزيزرضه
کي حجاز جو حاڪم مقرر ڪيو، جو وڏو صاحب دل، شريف ۽
حق پرست انسان هو. بني اُميه وارن جيترا ظلم ڪيا.
اُنهن ظلمن جو گهڻو ڀاڱو هن ماڻهن جي دلين تان
مٽائي ڇڏيو. جيئن ته مدينة المنوره ۾ اچڻ سان هن
اصحابن جي جماعت کي ٻيهر نئين سر قائم ڪيو ۽ سڄي
ملڪ جو انتظام مٿئين جماعت جي صلاح مصلحت سان ڪرڻ
لڳو. يزيد ۽ عبدالملڪ جن مقامات مقدسه کي حملن سان
ناس ڪرايو هو، هن ٻنهي پاڪ شهرن کي عبادتگاهن ۽
آرامگاهن سان ٻيهر آباد ڪرايو. چؤطرف رستا نئين سر
تعمير ڪرايائين ۽ جنهن ڪري حجاز جي ٻن پاڪ شهرن جو
واپار ٻين ڏيساورن سان هلڻ لڳو. هو نيڪ دل ۽ مروت
وارو انسان هو. سندس غريبن محتاجن سان ڏاڍي دل
هوندي هئي. جڏهن سندس انصاف ۽ مروت جون خبرون
پرانهن ملڪن تائين پهتيون تڏهن گهڻا عراق جا رهاڪو
اچي حجاز ۾ رهڻ لڳا. جي حجاج بن يوسف جي ظلم کان
تنگ هئا. حجاج چالاڪ ۽ سرير هو، عبدالملڪ وانگر
خليفي وليد تي به سندس اثر هو. هن عمر بن
عبدالعزيزرضه
جي خلاف خليفي کي چوريو جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو
جو عمر بن عبدالعزيزرضه
کي خليفةالمسلمين عهدي تان لاهي ڇڏيو. سندس جاءِ
تي جيڪو نئون حاڪم مقرر ٿيو تنهن عراقين کي حجاز
مان لوڌي ڪڍيو. يزيد بن مهلب ۽ سندس ڀاءُ، جي هن
وقت حجاج وٽ قيد هئا، تن اتان جان ڇڏائي خليفي جي
ڀاءُ سليمان وٽ پناهه ورتي.
اسلام کان اڳ اسپين جي حالت
هن وقت اِسپين ۾ جيڪا عيسائين جي قوم آباد هئي
تنهن کي وزي گاٿ
Visigoths
سڏيندا هئا. وزي گاٿ انهن مشهور وحشي قومن مان
هئي، جن رومةالکبريٰ جي سلطنت جي صوبن کي تاراج
ڪري ڇڏيو هو.گاٿ ايشيا جا رهاڪو هئا، جن مان
آسٽروگاٿ اٽليءَ تي قابض ٿي ويٺا، باقي وزي گاٿن
جرمنيءَ جي وحشي رهاڪن کي شڪست ڏيئي يا ڀڄائي
عيسوي پنجينءَ صديءَ ۾ رومي شهنشاهيت جي آئي بيريا
واري علائقي يعنيٰ هسپانيا تي قبضو ڪري ويٺا. اصل
روم جي هينئر اُها حالت ڪانه رهي هئي جو ملڪ ۽
ناموس جي تلوار سان حفاظت ڪري سگهن. پر سندن عيش
پرورئ جو اِهو نتيجو نڪتو جو اُتر يورپ کان ڳاٿن
جا وحشي قبيلا پلٽجي پيا، جن جي اڳيان رومي فاتحن
جي دال ڳري نه سگهي. اِسپين جي خاص حالت هن وقت
اِها هئي جو اَمير ۽ سردار ته نفس پروري ۽ تن
آسانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم به ڪين ڄاڻيندا هئا.
گويا هو ائين سمجهندا هئا ته هو پيدا به نفس
پرستيءَ لاءِ ٿيا آهن. باقي ماڻهو جن جو گذر
ڪاشتڪاريءَ تي هو، اُهي گويا اميرن جا زر خريد
غلام هئا. اميرن ۽ غريبن کان سواءِ وچين طبقي جي
ماڻهن کي وري برگر ڪري سڏيندا هئا جن تي فوجي ڪم ۽
بادشاهه لاءِ محصول اُڳاڙڻ جو ڪم رکيل هو. تنهن
کان سواءِ دولتمندن لاءِ عيش ۽ نشاط جو سامان به
اِهي موجود ڪندا هئا. هاڻي پڙهندڙ اندازو ڪري
سگهندا ته جنهن قوم جي اخلاقي حالت ايتريقدر ڪِريل
۽ تهذيب ايتري درجي تي پهتل هئي، سا ڪيئن هڪ حملي
آوار فاتح قوم جي مقابلي جو تاب جهلي سگهندي؟ جن
جا گهر عرب جي ريگستان ۾ هزار ميل پري هئا، جي هن
وقت آفريقا جي جنگجو بربر جهڙي قوم کي به ڪجهه
ڪرامت ۽ ڪجهه تلوار جو مزو چکائي زير ڪري چڪي هئي؟
اهل گاٿ عيش جي خواب ۾ اهڙا ڪجهه بيخود ٿي ننڊ ڪري
رهيا هئا، جو ڪنهن ايندڙ مصيبت جي هنن کي ڪا
پرواهه ڪانه هئي. سندن تلوارون گهڻي مدت کان بيڪار
رکيل هيون، جن کي هن وقت زنگ لڳي ويو هو. قضا هنن
کي خواب ۾ به ٻڌائي رهي هئي ته اجهو ترڪي تازين تي
چڙهيل شهسوار اڄ يا سڀاڻي آيا! پر اُٿي ڪير؟ غريب
طبقي وارا پنهنجن سردارن کان گهڻو بيزار هئا،
ڇاڪاڻ جو هو سرمايه دارن لاءِ صبح کان وٺي شام
تائين پورهيو ڪندا هئا، پر کين بدلي ۾ فقط ايترو
به مس ملندو هو جو سندن پيٽ جو دوزخ ڀرجي سگهي!
اِها حالت چئي رهي هئي ته اڄ يا سڀاڻي ضرور انقلاب
پوندو. اهڙئ شڪست يافته قوم مان باقاعده فوج تيار
ڪرڻ ناممڪن هو.
عيسوي اٺين صديءَ ۾ جڏهن اِسلام جو سيلاب آفريقا
کي لتاڙي هن وقت بحيره اوقيانوس جي ڪناري تائين
سڄو ملڪ والاري ويو هو. هن وقت گاٿ قوم کي اسپين ۾
رهي ڪل ٻه صديون مس گذريون هيون. مسلمانن سان
اسپين ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻه صديون گاٿ قوم لاءِ
ڪافي عرصو هو، پر هو عياش ۽ آزاد خيال وارا هئا.
وحشي ته اصل کان هئا، مذهب تي سندن پورو اعتبار
هو، پر رڳو نالي طور هو عيسائي هئا. بازنطيني
شهنشاهه قسطنطنين جي تحريڪ اِها هئي ته وقت جي
بادشاهه جي مذهب جي هر ڪو پيروي ڪري، پر اسپين تي
اُن جو اثر بلڪل ٿورو پيو. البته ڪئٿولڪ پادرين جي
مرضي هئي، ته ڪئٿولڪ فرقي کي زور وٺائجي ۽ ديولون
برپا ڪجن، پر سندن اِهي اُميدون ثاب نه پيون،
ڇاڪاڻ جو گاٿ به رومين وانگر سياهه ڪار بدڪار هئا.
مسيحي مذهب سندن حال ۾ ڪائي اصلاح ڪانه ڪئي.
پادرين عام ماڻهن کي اخوت ۽ همدردئ لاءِ پهريون
پهريون واعظ ڪيا. پر جڏهن اُهي چندا چيسرا گڏ ڪري
مالدار ٿي ويا. تڏهن قديم رومي رواج وانگر اُهي به
غلامن تي ظلم ڪرڻ لڳا
دولتمندن به غريبن جي ڪا سنڀارڪانه لڌي. اُهي
ساڳئ شهوت پرستئ ۾ غرق هئا. جنهن رومين جو تڏو
کنيو هو. غرض دولتمند نشي ۾ چور ۽ غريب ڍلون ڀري
ڀري ڏاڍا ڪڪ ۽ هوڏانهن ٻئي طرف طارق جبل پريان
مسلمانن فاتحن جا خيما کتل هئا. جن جا سينا مذهب
محمدئ کان معمور ۽ جن ننڍئ عمر کان جنگي قاعدا
سکيا هئا.
اسپين ۾ يهودين سان به ظلم ٿي رهيا هئا. اُهي وقت
جي اَميرن ۽ پادرين کان گهڻيون تڪليفون سهي چڪا
هئا. مراڪش ۾ مسلمانن جي بادشاهي هئي. اُتي هر طرح
سان اَمن امان هو تنهن ڪري گهڻا يهودي اِسپين کي
ڇڏي اِسلام جي جهنڊي هيٺ آفريقا ۾ اچي رهڻ لڳا.
هن وقت اِسپين جو بادشاهه راڊرڪ نالي هو، جنهن
بادشاهه وٽزا کي لوڌي حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون
هيون. هو شهوت پرست ۽ عياش هو. کيس جاهه ۽ حشمت
سان ڏاڍي دل هئي. اڪثر امير ۽ اُمراء کانئس ڪڪ
هئا. ملڪ ۾ چؤطرف نااتفاقي هئي. گويا هڪڙي چڙنگ
اڇلڻ جي دير هئي. ڀنڀٽ ٻرڻ ۾ دير ڪانه هئي. اِسپين
جي حڪومت ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايل هئي. اُتي
اِهو رواج هو جو ننڍا ننڍا حاڪم پنهنجا شهزادا ۽
شهزاديون بادشاهه جي درٻار ۾ ڏياري موڪليندا
هئا.اِنڪري ته شاهي آداب، تهذيب ۽ تربيت حاصل ڪن.
ڪائونٽ جولين جو سيوطا جو گورنر هو. جنهنجي يونان
جي بادشاهه سان دوستي هئي. تنهن دستور موجب پنهنجي
ڌئ شهزادي فلورينڊا، جا نهايت ئي حسين ۽ جميل هئي
شاهي درٻار ۾ طليطله
ڏياري موڪلي. پر افسوس جو جڏهن راڊرڪ جي نظر مٿئين
شهزادئ تي پئي. تڏهن سندس حسن جو شڪار ٿي ويو ۽
سندس عصمت جي دامن کي چاڪ ڪري ڇڏيائين. اِها هڪ
وڏي بي عزتي جي ڳالهه هئي. ڇوڪرئ پنهنجي هڪڙي
معتبر غلام کي سڏائي پنهنجي پيءُ ڏي هڪڙو ڳجهيءَ
طرح سان خط لکيو. ڪائونٽ جو لين اڳيئي بادشاهه جو
دشمن هو، ڇاڪاڻ جو سندس سهري کان هن تخت کسيو هو.
باقي جو ڌئ جو خط پهتس . سو تپي ڳاڙهو ٿي ويو. هن
پڪو ارادو ڪيو، ته جيڪڏهن مسلمان اسپين تي ڪاهه ڪن
ته ملڪ کي بچائڻ جي عيوض کين مدد ڏيندس.
ڪائونٽ جولين هميشه وانگر شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
پنهنجي دل جو اصلي راز لڪائي وڃي بادشاهه سان
نهايتي اعزاز ۽ اڪرام سان گڏيو ۽ ملڪ جي حفاظت جي
باري ۾ بادشاهه سان صلاح مصلحت ڪيائين. موٽڻ مهل
پنهنجي بدنصيب ڌئ فلورينڊا کي ساڻ وٺي سيوطا
ڏانهن وڃڻ لاءِ بادشاهه کان رخصت گهريائين. وڃڻ
مهل بادشاهه راڊرڪ کيس فرمائش ڪئي، ته مونکي شڪاري
بازن جي ضرورت آهي جو لين عرض ڪيو ته بادشاهه
سلامت ”توهان لاءِ انشاءالله تعاليٰ اهڙا بحري باز
۽ باشا روانا ڪندس جو توهان پنهنجي سڄي عمر ۾ نه
ڏٺا هوندا“ مطلب ته عربن جي حملي ڏانهن اشارو ڪري
بادشاهه کي مٿئين جملي ۾ راز ظاهر ڪري سيوطا ڏانهن
واڳون ورائي هليو.
اُتر آفريقا ۾ دمشق جي طرفان حسن بن نعمان اسلامي
مفتوحات جو گورنر هو، تنهن کي سن 89هه ۾ خليفي
عهدي تان لاهي ڇڏيو هو ۽ موسيٰ بن نصير کي آفريقا
جو حاڪم مقرر ڪيو هئائين. موسيٰ بن نصير جو پيءُ
به هڪ وڏو مهندار هو، جنهن کي اَمير معاويه صفين
جي جنگ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه سان وڙهڻ جو حڪم
ڏنو هو. پر هن صاف اِنڪار ڪيو هو. حسن جي عهدي تان
لهڻ کانپوءِ بربرن ۽ رومين فساد کڙو ڪيو، پر موسيٰ
هنن کي شڪست ڏئي باغي سرڪردن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو
هو. پاڻ نيڪ دل انسان هو هن اِسلامي تبليغ لاءِ
خاص علماء سڳورا مقرر ڪيا هئا. جن اسلام جي پاڪ
اصولن کان بربرن کي آگاهه ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي
هئي. سندس حسن انتظام جي ڪري اڪثر بربرن اسلام
اختيار ڪيو. رومي جڏهن آفريقا مان تڙجي ويا. تڏهن
اهي وري بحيره روم جي ٻيٽن مثلاً مجورقه، مينارقه
۽ اويقا ۾ رهڻ لڳا ۽ وجهه وٺي آفريقا جي ڪناري
وارن شهرن ۾ لٽ مار ڪندا هئا. موسيٰ بن نصير به
غافل ڪين هو. هن هڪ وڏو بحري دستو تيار ڪرائي سمنڊ
جي رستي سندن مقابلو ڪيو. رومين شڪست کاڌي ۽ مٿيان
ٻيٽ اِسلامي سلطنت سان لاڳو ٿي ويا ۽ اتي جي رهاڪن
جي حالت به گهڻو سڌرڻ لڳي. عربن هتي وڏا وڏا محلات
۽ سيرگاهون تيار ڪيون. تنهن کانسواءِ واپار ۽
زراعت ۽ تعليم کي گهڻي رونق وٺايائون. جنهن ڪري
مٿين ٻيٽن جا رهاڪو اَمن امان ۽ آسودگئ سان زندگي
بسر ڪرڻ لڳا.
خليفي وليد جي ڏينهن ۾ حجاج بن يوسف ۽ موسيٰ ٻئي
وڏا حاڪم ٿي گذريا، پر موسيٰ حجاج وانگر ظالم ڪين
هو. سندس حڪومت وادي نيل کان وٺي اُڀرندي ۾ بحيره
اوقيانوس تائين هئي. فقط اُتر ۾ سيوطا جو علائقو
باقي رهيل هو. جنهن صوبي جو حاڪم ڪائونٽ جولين هو،
جو اِسپين جي بادشاهه جي ماتحت هو. آفريقا جي
سرزمين هن وقت اِسلام جي هٿ هيٺ ظلم کان پاڪ ٿي
چڪي هئي ۽ هتي جون وحشي قومون ترقي جي معراج کي
پهچڻ لڳيون. اِسپين جي حالت بلڪل زار هئي، اُتي جا
رهاڪو گاٿ بادشاهن جي ظلم کان گهڻو بيزار هئا. جن
جو بيان اسين مٿي لکي چُڪا آهيون. مطلب ته گاٿ
بادشاهن جي ڏينهن ۾ جهڙي اِسپين جي حالت خراب هئي،
اُهڙي وري ڪڏهن نه ٿي!
ڪائونٽ جولين جڏهن پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس آيو تڏهن
هڪدم موسيٰ بن نصير سان اچي ملاقات ڪيائين. نه ته
اڳي هو اِسلام جو دشمن هو، پر هن شرف ملاقات حاصل
ڪرڻ سان اِسلام جي سپھ سالار کي چيائين ته ”اڄ
توهانجي ۽ منهنجي دشمني پوري ٿي، اڄ کان وٺي آءٌ
توهان جو دوست ٿي رهندس“. گفتگو جي دوران ۾ هن
اِسپين جي زرخيزي ۽ ملڪ جي ٻين اَفسانن سان عرب
سپه سالار جي دل ۾ حملي ڪرڻ لاءِ شوق جاڳايو. هن
اِسپين جي صاف ۽ شفاف چشمن، شاداب چراگاهن،
خوشگوار زمين، لذيذ ميون، عاليشان محلاتن ۽ گاٿ
بادشاهه جي محلن ۽ لبريز خزانن جا احوال ڏنا. تنهن
کانسواءِ رستن ڏيکارڻ جو انجام ڪيائين. مگر
اِسلامي فوجن جو سردار اهڙو خوش اعتقاد احمق ڪين
هو، جو هڪڙي ورهين جي دشمن جي چئي تي لڳي سواءِ
غور ڪرڻ جي هڪدم فوجن کي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏئي.
مرد دانا ۽ دور انديش هو. هن سمجهيو ائين نه ٿي جو
هن خاصي دعوت ۾ ڪو دشمنيءَ جو ڄار نه رکيل هجي ۽
وڃڻ سان شهسوار ڪنهن فريب جي دام ۾ گرفتار ٿي نه
وڃن. موسيٰ بن نصير هڪدم هڪڙو دستو آزمائش لاءِ
طارف جي سرڪردگئ هيٺ اُندلس ۾ لٽ مار ڪرڻ لاءِ
تيار ڪرايو ۽ طارف کي هدايت ڪيائين ته لٽ مار ڪري
هڪدم موٽي اچو. ڇاڪاڻ جو جنرل موسيٰ بن نصير جي
اِها مرضي ڪانه هئي ته اڻ ڏٺي دعوت ڏيڻ تي هڪدم
فوجون ڏياري موڪلي، ڇاڪاڻ جو آفريقا ۽ اِسپين جي
وچ ۾ سمنڊ به هو. جولين هن مهم لاءِ چار جهاز
ڏياري موڪليا. هي واقعو سن 710ع ۾ ٿيو. طارف حڪم
موجب اِسپين جي مقام طاريفا وٽ لٿو جو اڄ تائين
سندس نالي سان طاريفا سان سڏجي ٿو. هن ڪاميابي سان
گاٿ بادشاهه جي بيپناهه سلطنت ۾ لٽ مار ڪري موٽي
آيو ۽ جولين جيڪي به ڳالهيون ڪيون هيون، سي سڀ سچ
نڪتيون ۽ جولين کي به پڪ ٿي ته مسلمان مونکي نيڪ
نيت ۽ پنهنجو مددگار سمجهندا. هوڏانهن دارالخلافه
کان به خوشخبر قاصد خليفي کان اِهو پيغام آندو ته
اِسپين تي يڪدم حملو نه ڪجو، باقي وقت بوقت لٽ مار
لاءِ فوجي دستا روانا ڪندا رهجو. مگر اِسپين جي
قسمت جون واڳون الله تعاليٰ کي مسلمانن جي سپرد
ڪرڻيون هيون. جيئن ته ٿورن ڏينهن ۾ اِها خبر پهتي
ته گاٿ بادشاهه جي خلاف اِسپين جي اُتر ۾ رهندڙن
قومن فساد کڙو ڪيو آهي جنهن ڪري بادشاهه فسادين کي
مات ڪرڻ لاءِ اوڏانهن رڌل آهي.
طارق بن زياد فاتح اِسپين
عرب وائسراءِ موسيٰ بن نصيرکي اِسپين فتح ڪرڻ جو
گهڻي عرصي کان شوق هو. هينئر جو خليفي کان کيس
اجازت ملي، تنهن ڪري 8 رجب المرجب سن 92هه مطابق
30 اپريل سن 711ع ۾ فوجي سرڪردن مان طارق بن زياد
کي 7000 بربر جانبازن جي فوج ڏيئي اُندلس تي حملي
ڪرڻ لاءِ خدا حافظ چئي ڏياري موڪليائين. طارق بن
زياد آفريقا ۽ اسپين جي وچواري سمنڊ جي لنگهه کي
ٻيڙن جي وسيلي عبور ڪري قلته الاسد تي قبضو ڪيو.
جنهن کي جبرالٽر
Gibraltar
جبل الطارق سڏين ٿا. جبل الطارق کي پنهنجي فوجن جو
صدر مقام مقرر ڪري اَلجيراس
Algeciras
تي ڪاهه ڪيائين. ٿيوڊامير هتي جي حاڪم جو راڊرڪ
جي بادشاهيءَ جو صوبيدار هو، تنهن اسلامي فوجن سان
مقابلو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. تنهن کانپوءِ طارق
بن زياد اڳتي ڪين وڌيو، ڇاڪاڻ جو کيس خبر پئي ته
راڊرڪ وڏي فوج وٺي مقابلي لاءِ اچي ٿو. وادي
الڪبير جي ڪناري تي فوجن پاڻ ۾ چڪري کاڌي (وادي
الڪبير هڪڙي ندي آهي جا ٽرئيفلگر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ
ڪري ٿي) چون ٿا ته بادشاهه راڊرڪ کي اڳيئي پادرين
چيو هو ته عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جنگ لڳندي،
جنهن ۾ عيسائي شڪست کائيندا ۽ مسلمان کٽندا.
راڊرڪ کي اها خبر هرقل بادشاهه جي طلسمي گنبذ مان
به پئي هئي. جنهن کي هن ڊهرائي اندر وڃي ڏٺو هو.
سندس هار ٿيندي، هوڏانهن عرب مؤرخن جو چوڻ آهي، ته
جڏهن طارق بن زياد اسپين ۾ فوجون لاٿيون، تڏهن
خواب ۾ کيس حضرت مُحمّد مصطفيٰ رسول عربي صلي الله
عليھ وسلم بشارت ڏني ته ”اي طارق اُٿي وڙه ۽
اِسپين کي فتح ڪر“.
موسيٰ طارق جي مدد لاءِ 5 هزار بربرن جي ٻي فوج
ڏياري موڪلي. هن وقت وٽس ڪل 12000 فوج هئي، پر
اِها فوج راڊرڪ جي فوجن اڳيان ڪجهه به ڪين هئي.
ڇاڪاڻ جو مسيحي جهنڊي هيٺ هن وقت اٽڪل 72000 هزار
فوج گڏ ٿي هئي. هن وقت حضرت طارق اشبيله
Seville
کي لتاڙي طليطله ڏانهن وڌڻ
لڳو. جنهن وٽ سندس سڀ سردار جهنڊي هيٺ موجود
هئا.15 ماه رمضان المبارڪ سن 92هه مطابق سپٽمبر سن
711ع ۾ سيڊونيا وٽ قرطبه
Cordova
جي ويجهو جنگ لڳي. راڊرڪ به
فوجي لباس ۾ ڇٽ مٿي تي پائي سايهء دار شامياني
هيٺان ميدان ۾ حاضر هو. مسلمانن جڏهن عيسائي
بادشاهه جو ٺٺ ۽ تجمل ڏٺو تڏهن البته سندن دليون
سست ٿيڻ لڳيون، پر طارق بن زياد گهوڙي کي اَڙي هڻي
ميدان ۾ مسلمانن ڏانهن مخاطب ٿي وڏي زور سان چوڻ
لڳو ته ”اي اسلام جا پهلوانو! توهين ڏسي رهيا آهيو
ته توهان جي اڳيان دشمن ۽ پٺيان سمنڊ بيٺو آهي.
جيڪڏهن توهان کي خدا ۾ ڀروسو آهي ته زنانو لباس
ڦٽي ڪري مرداني لباس ۾ نڪري نروار ٿيو. ڇاڪاڻ جو
هاشمي تلوار جي جوهر ڏيکارڻ لاءِ اڄ جو ڏينهن مقرر
ٿيو آهي“.
اِهو ٻڌڻ شرط فوجن جا حوصلا وڌڻ لڳا ۽ سڀني پڪاري
چيو ته ”اي طارق اسين سڀ توسان آهيون جيڏانهن
چوندين اوڏانهن هلڻ لاءِ تيار آهيون. پوءِ سڀ الله
اڪبر جو نعرو هڻي دشمنن جي صفن ۾ ڪاهي پيا. برابر
اٺ ڏينهن اُها بازارگرم ٿي، جتي رڳو جانفشاني جو
سودو هو. طرفين دل کولي جوهر ڏيکاريا. پر آخر بربر
جانبازن دشمن جا قدم جنگ جي ميدان مان اُکاڙي
ڇڏيا. چؤطرف عيسائي فوجن ۾ ڀاڄ پئي.
راڊرڪ سڀني اُميدن کي منقطع ڪري مايوسي ۽ حسرت جي
عالم ۾ پنهنجي شڪست کاڌل ماڻهن جي حالت کي ڏسي
رهيو هو. جيڪي مڇين وانگر زخمن جي ڪري ڦٿڪي رهيا
هئا. جيڏانهن سندس نگاهه ٿي پئي اوڏانهن خون جا
درياه وهي رهيا هئا. شاهه راڊرڪ اِسپين جو بادشاهه
ڪيڏانهن ويو. تنهن جي ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي.
ٻئي ڏينهن جڏهن جنگ جو مطلع صاف ٿيو، تڏهن سندس
جتي ۽ گهوڙو وادي الڪبير جي ڪناري تي ماڻهن وڃي
لڌا. پر سندس لاش جو ڪو پتو ڪونه پيو. ائين لکن ٿا
ته هو درياهه ۾ ٻڏي مُئو ۽ درياه جون لهرون کيس
سمنڊ ڏانهن لوڙهي ويون. جيئن اهل فارس جي حڪايتن
موجب عقيدو آهي، ته اُتي جو بادشاهه ڪيخسرو وري
هيڪراچي سندن حمايت ڪندو يا قديم ويلز جي رهاڪن جي
عقيدي موجب، ته سندن بادشاهه آرٿر موٽي اچي سندن
هيڪر مدد ڪندو. تيئن اهل اسپين جا عيسائي پنهنجي
روايتن موجب عقيدو رکن ٿا، ته شاهه راڊرڪ به هڪ
دفعو ٻيهر اچي سندن مدد ڪندو. اِسپين جي قديم
افسانن مان معلوم ٿو ٿئي ته گاٿ خاندان جو پويون
بادشاهه راڊرڪ سمنڊ ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ ۾ آرام ڪري
رهيو آهي ۽ عيسائين تي جڏهن مصيبت ايندي، تڏهن هو
مٿئين ٻيٽ جي آرامگاهه مان نڪري عيسائين جي سرڪردي
ڪندو. اُهي اڃا تائين انتظار ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ کين سالن جا سال گذري ويا آهن!!!
مٿينءَ فتح عظيم الشان جو ذڪر آفريقا جي گورنر
موسيٰ بن نصير خليفي وليد بن عبدالملڪ جي درٻار ۾
قاصد هٿان ڏياري موڪليو. جڏهين مٿينءَ فتح جي خبر
شام ۽ عراق ۾ پهتي تڏهن سڀئي ٻڌي حيران ٿيا ۽ طارق
بن زياد جي بهادرئ جا گيت ڳائڻ لڳا.ڇاڪاڻ جو هي
هڪڙي اهڙي نعمت الله تعاليٰ مسلمانن تي نازل ڪئي،
جنهن جو کين گمان به ڪين هو. ڇاڪاڻ جو وادي الڪبير
جي محشرستان جنگ کان پوءِ اسپين جو سڄو اُپٻيٽ
مسلمانن فتح ڪيو.جڏهن طارق بن زياد جي بهادرئ جو
ناماچار دور ۽ دراز ڏيهن ۾ مشهور ٿيڻ لڳو. تڏهن
موسيٰ بن نصير کي هن لاءِ رشڪ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ جو
هڪڙي سندن زيردست فتح عظيم جو سهرو پنهنجي مٿي تي
ٻڌو. تنهن ڪري هن حسد کان کيس تاڪيد نامو ڏياري
موڪليو، ته جيڪي ملڪ تو فتح ڪيو آهي سو بس آهي ۽
تون اڳتي نه وڌ. پر پختي ارادي واري طارق پنهنجي
حڪمران جي حاسدانه حڪم ۽ منع نامي تي عمل نه ڪيو ۽
ملڪ جي چئني ڪنڊن تي لشڪر موڪلي پاڻ به الله
تعاليٰ جي ذات باري تي ڀروسو رکي اڳتي وڌيو، ٿوري
ئي عرصي ۾ مسلمانن سيڊونيا ۽ ڪارمونا جا علائقا
فتح ڪيا. اِسيجا
Ecija
جي مقام وٽ راڊرڪ جي ڀاڄ کاڌل فوج گڏ ٿي رهي هئي.
تنهن کي هڪڙي ئي معرڪي ۾ مسلمانن شڪست ڏني. هنن ڪي
رواجي شرط پيش ڪيا، جي نيڪ دل اِسلامي سپهه سالار
منظور ڪري کين پناهه هيٺ آندو. اِسلامي فوجن جو
پهريون حصو مغيث روميءَ جي هٿ هيٺ هو، جن جو تعداد
ڪل ست سو هو، سي قرطبه تي ڪاهي ويو. اُوچتو ڳڙن
سان سخت مينهن وسڻ لڳو. مسلمانن مينهن کي غيبي مدد
ڪري ڄاتو. ڇاڪاڻ جو عيسائي ان کي بدشگون سمجهي وڃي
شهر ۾ لڪا ۽ شهر جي ديوار جا کڻي در بند ڪيائون.
پر شهر جي ٻاهران انجيرن جا وڏا وڻ هئا جن تي عرب
چڙهي ڀت ٽپي شهر ۾ داخل ٿيا. رات جو اچي تلوار
هلي،عيسائي گهٻرائجي ويا. مطلب ڳالهين ڪندي
مسلمانن مٿيون شهر کٽيو. تنهن کانپوءِ به ٽن مهينن
تائين هتي جي عيسائي ڪائونٽ مسلمانن سان مقابلو
ڪيو. پر آخر مطيع ٿيو. يهودي، جن محاصري ۾ مسلمانن
کي مدد ڏني ۽ جنگ جي ميدانن ۾ هو گاٿن جي خلاف
مسلمانن جا مدگار رهيا ۽ صلح جي وقت به سمورو هنر
۽ واپار جو ڌنڌو سندن حوالي ڪيو ويو. لشڪر جو
ٻيون حصو جو طارق بن زياد گاٿ قوم جي خلاف ملاگا
MALAGA
تي ڏياري موڪليو هو. تنهن مٿيون علائقو وڃي سرڪيو.
ٽئين دستي وڃي اَلويرا ۽ غرناطه
GRANADA
فتح ڪيو ۽ هتي جي رهاڪن ڪومرشيا جي ڪوهستاني
علائقي ۾ وڃي جبلن ۾ پناهه ورتي. هتي جي صوبي
تدمير جو اَوري ميولا شهر ۾ وڃي لِڪو هو. عيسائي
زالن کي مرد نو لباس پهرائي مسلمانن سان وڙهڻ لڳو.
جڏهن صلح ٿيو تڏهن مسلمان جرنيل سندس حڪمت عملئ کي
ڏسي اهڙو خوش ٿيو، جو هنکي مرشيا جي علائقي جو
گورنر مقرر ڪيائين. اڃا تائين اِسپين وارا مرشيا
کي ٿيوڊي ميرلينڊ جي نالي سان ياد ڪن ٿا.
چوٿين فوج حضرت طارق پاڻ وٺي گاٿ بادشاهن جي
تختگاه طليطله تي ڪاهه ڪئي. گاٿ لوڪ طارق بن زياد
جي خوف کان ايتريقدر خوف زده ٿي ويا هئا جو، جتي
سندس نالو ٻڌندا هئا، اُهو ملڪ خالي ڪري ڀڄي ويندا
هئا. هينئر به منجهانئن ڪيترائي سردار طليطله کي
خالي ڪري وڃي آسٽريا جي پهاڙي علائقي ۾ لڪا. باقي
يهودين ۽ غريب ڪاشتڪارن مسلمانن جا پير چميا،
ڇاڪاڻ جو هو مسلمانن کي آزادي بخشڻ وارا خدائي
فرشتا سمجهڻ لڳا. گاٿ قومن جي ڪيترن سردارن،
ڪائونٽ جولين جي مائٽن ۽ اڳوڻي شاه اخيلا جي مائٽن
اچي آڻ مڃي. جڏهن طارق بن زياد ڏٺو ته هينئر ميدان
صاف ٿيو آهي تڏهن اُنهن سردارن کي ڪمال مروت سان
وڏن عهدن تي مقرر ڪيائين. مطلب ته مسلمانن جو قدم
سر زمين اِسپين ۾ پڪئ طرح سان ڄمي ويو ۽ دمشق جي
سلطنت اُڀرندي ۾ هندوڪش جبلن کان وٺي اُولهندي ۾
اِسپين جي هرقل جي مينارن تائين وسيع ٿي ويئي.
طارق بن زياد اسپين ۾ اسٽورگا
Astorga
تائين ملڪ فتح ڪيو ۽ طليطله ۾ اُپاس نالي عيسائيءَ
کي پنهنجو صوبيدار مقرر ڪيائين. جو اڳوڻي اِسپين
جي شاهه وٽزا جو ڀاءُ هو.
جڏهن موسيٰ بن نصير آفريقا جي گورنر طارق بن زياد
جي ڪارنامن ۽ نامورئ جون خبرون ٻڌيون تڏهن 18000
عربن جي هڪڙي فوج ساڻ ڪري سمنڊ کي طوفان وانگر
لتاڙي اِسپين جي سرزمين تي وارد ٿيو. ان لاءِ ته
عزت ۽ ناموري مان ڪجهه حصو پاڻ به حاصل ڪري.
طليطله ۾ اِسلامي سپهه سالارن جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي.
پوءِ ٻنهي متحد فوجن گرمئ جي موسم ۾ سن 714ع ۾
حملو شروع ڪيو. چون ٿا ته طارق بن زياد پنهنجي
حاڪم موسيٰ جو نهايت ئي اعزاز ۽ اڪرام سان استقبال
ڪيو. پر موسيٰ حڪم عدوليءَ جي عيوض هن فاتح کي
ڪوڙا هڻايا. پر جڏهن خليفي وليد کي اِها خبر پهتي
تڏهن هڪدم موسيٰ بن نصير ۽ طارق بن زياد ٻنهي کي
دمشق گهرائي ورتائين.
پر ان کان اڳ متحد فوجن موسيٰ ۽ طارق جي سردارئ
هيٺ آراگان
Aragon
تي حملوڪيو. سرقسطه
Saragossa،
ترغونه
Tarragona،
برسلونه
Barcelona
۽ ٻيا اِسپين جي اُتر وارا
علائقا پرنيس
Pyrenees
جبلن تائين مسلمانن فتح ڪيا.
پرتگال
Portugal
ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ فتح
ڪيائون، جو سندن هٿ هيٺ جدا علائقو اَلغرب جي نالي
سان سڏجڻ لڳو (اسپين وارا اڄ تائين پرتگال کي
اَلغرب
Algarve
جي نالي سان سڏين ٿا). هن وقت اسپين ۾ فقط اسٽريا
جبلن ۾ عيسائين جي باقي رياست وڃي رهي هئي. طارق
بن زياد اُتر اولهندي واري علائقي جليقيه
Galicia
تي حملو ڪيو. ٻئي طرف موسيٰ سڄي يورپ کي سر ڪرڻ جو
خيال ڪيو. هن پرنيس جبل جي گهاٽين کي لتاڙي فرانس
تي حملو ڪيو ۽ لئينگويڊلڪ
Languedoc
جو علائقو فتح ڪيو، جو گاٿ سلطنت جو هڪڙو صوبو هو.
اسپين جي اُتر اولهندي وارين جنگجو قومن کي شڪستن
پٺيان شڪستون ڏيئي، لوگو
Lugo
فتح ڪيو هئائين ۽ باقي ڪائونٽ پيليو
Pelayo
باقي وڃي رهيو هو، ته ايتري ۾ دمشق کان قاصد آيو
جنهن طارق ۽ موسيٰ کي موٽي اچڻ لاءِ خليفي جو حڪم
اچي ڏنو. دراصل خليفي وليد جي اِها سخت غلطي هئي،
جو هن ٻن فاتحن کي گهرائي ورتو. جنرل طارق ۽ موسيٰ
جي موٽي وڃڻ کانپوءِ پيليو جي اڳواڻيءَ ۾ جابلو
عيسائين پنهنجي جابلو قلعن کي وري مضبوط ڪري ڇڏيو.
آخر اُهو زمانو به آيو جو هو مسلمانن سان چشم
نمائي ڪرڻ لڳا. ۽ پڻ اهو وقت به آيو جو اُنهن
مسلمانن کي سر زمين اِسپين مان لوڌي ڪڍيو.
موسيٰ بن نصير موٽڻ وقت نئين اِسلامي سلطنت کي
مضبوط ڪري ويو. هن پنهنجي پٽ عبدالعزيز کي اَشبيله
جي شهر ۾ نون علائقن جو حاڪم مقرر ڪري، مٿيون شهر
سندس تختگاهه ڪيو. ۽ پنهنجي ٻئي پٽ غازي عبدالله
کي، جو بهادر هو، پنهنجي جاءِ تي آفريڪا جو حاڪم
مقرر ڪري قيروان سندس تختگاهه مقرر ڪيائين. پنهنجي
اَمير البحر عبدالصالح کي جهازن ۽ بحري فوجن جو
سرڪردو مقرر ڪري طنجه
Tangier
کي سندس بحري مرڪز ڪيائين. پنهنجي ننڍي پٽ
عبدالملڪ کي مراڪش (موراڪو) جو حاڪم مقرر ڪيائين.
غازي موسيٰ سمورو انتظام غازي عبدالله جي حوالي
ڪري، کيس تاڪيد ڪري اطمينان کانپوءِ خليفي جي
درٻار دمشق ڏانهن روانو ٿيو.
عربن جو اِسپين ۾ نظام عمل ۽ سندن بيٺڪون
عربن اِسپين جي اُپٻيٽ ۾ سرزمين اُندلس کي پسند
ڪيو. گويا قدرت سندن رهنمائي ڪئي. هي اُهو صوبو
آهي، جو دولت، تجارت ۽ پنهنجي خوشگوار آبهوا جي
ڪري نه فقط رومين جي زماني کان مشهور آهي، پر اڄ
ڏينهن تائين قدرتي رونق رکي ٿو.
اِسپين جو اُتر واري علائقي جي آبهوا عربن لاءِ
موافق ڪانه هئي. ڇاڪاڻ جو اُتي برف پئي ٿي ۽ طوفان
خيز هوائون لڳن ٿيون، پر ڏاکڻئي حصي جي هوا فرحت
افزا، زمين سر سبز شاداب ۽ زراعت لاءِ موزون هئي.
وري حسن اتفاق سان مسلمانن به پهريون ڏاکڻئي حصي
تي قبضو ڪيو ۽ اُن کي بيٺڪ جوڙيائون. عرب، جي گرم
ملڪ جا رهاڪو هئا، سي آفتاب جي حرارت تي گويا عاشق
آهن. تن کي اُندلس ۾ آفريقا جي گرم هوا جو مزو اچڻ
لڳو. عربن هتي اُها عظيم الشان ۽ بديع المثال
سلطنت قائم ڪئي، جو وسط زماني
۾
بينظير هئي. جنهن يورپ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هي
اُهو زمانو هو جڏهن سڄي اقليم يورپ تي وحشت ۽
جهالت طاري هئي. اُن وقت مغربي دنيا ۾ اُندلس جي
اسلامي سلطنت پنهنجي علم ۽ ادب جي ڪري گويا هڪ شمع
نور هئي. جنهن جي شعاعن سڄي يورپ کي منور ڪيو.
ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ٻين وحشي قومن وانگر اهل
عرب جاهل ۽ وحشي هئا، پر اسپين، جيڪا اِسلام جي
پرچم جي هيٺ ترقي ڪئي. اُهڙي ترقي هن ملڪ کي ڪڏهن
به نصيب ڪانه ٿي. سندن ملڪ داري جو انتظام اعليٰ
سليقي سان هو. بظاهر اِهي عرب ريگستان جا رهاڪو
هئا، جي عرب ۽ آفريقا جي بيابانن کي لتاڙي اسپين ۾
اچي گهر ڪري ويٺا. تاريخ شاهد آهي ته اُهي خدا جو
حڪم ۽ رسول عربي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو پيغام
ريگستان مان وٺي نڪتا. گويا خدائي فرشتن سندن
نگهباني ڪئي. هو جتي ويا اُتي مظفر ۽ منصور رهيا ۽
پنهنجي خدائي علم ۽ اسلامي تهذيب سان هنن ٻين قومن
جي حالت کي درست ڪيو. عربن پاڻ سان گڏ انصاف، علم،
هنر ۽ حڪمت کي آندو. نور اَحمديءَ کان نه فقط مصر
۽ آفريقا ظلمت ڪده کان نڪري روشني ورتي پر يورپ به
مٿئين نُور کان منور ٿيو. عرب مسلمان هئا، پر سچ
ائين آهي ته اسپين جا عيسائي پنهنجي هم مذهب ۽ هم
مشرب اڳوڻن رومين ۽ گاٿ شهنشاهن جي حڪومت کان عربن
جي نظام حڪومت کان گهڻو خوش ۽ آسودا هئا. شروعات ۾
عرب فاتحن کي مذهبي اختلاف هئڻ ڪري البته ڪجهه
مشڪلاتون پيش آيو، ڇاڪاڻ جو اهو اَمر ضروري ۽
لازمي هو. اسپين جا ماڻهو ڪي عيسائي، ته ڪي بت
پرست هئا، پر سندن اها مرضي هئي، ته سندن دنياوي
زندگي اطمينان سان بسر ٿئي پر اهي ڳالهيون کين هن
نئين عهد ۾ حاصل ٿيون. شروعات ۾ سلطنت جي انقلاب
پوڻ ڪري چؤطرف فتنا ۽ فساد برپا ٿيا ۽ خون جي
بازار گرم رهي، پر عرب فاتحن مٿين خرابين کي جلد
روڪي ڇڏيو. سُتت ئي ملڪ ۾ امن ۽ امان ٿيو ۽ اَهل
اسپين کي يقين ٿيو ته عرب سلطنت هنن لاءِ مفيد
ثابت ٿيندي. عربن ملڪ جي رهاڪن کي اجازت ڏني ته
پنهنجي قديم رسمن تي قائم رهن. هو فقط کين ڍل
ڏيندا هئا. هر هڪ عيسائي کي فقط 12 درهم ۽ شاهوڪار
عيسائيءَ کي 48 درهم ڏيڻا پوندا هئا. هر هڪ درهم
جي قيمت هڪڙي فرئنڪ
Franc
جي برابر هئي. عيسائين جا پنهنجا منصف هئا، سمورو
ڪم عيسائين جي مذهبي اصولن مطابق هلڻ لڳو. ٻارن
ضعيفن ۽ زالن خواهه مردن کي آزادي ڏني ويئي، ته
جيڪو مذهب وڻين سو اختيار ڪن. البته جيڪي اونڌا
حڪم، جي اڳوڻن حاڪمن پنهنجي فائدي لاءِ قائم ڪيا
هئا، سي عربن رد ڪيا. ڪاشتڪارن سان مروتون ٿيڻ
لڳيون. کين سمورا حق ڏنا ويا. هو پنهنجي اُپت مان
ٿورو مسلمان حاڪمن کي ڏيندا هئا. باقي سموري
پيداوار سندن ئي ملڪيت هئي. اهڙين مروتن کي ڏسي
گاٿ ۽ يهودي خواهه فرانسيسي، جي شهر خالي ڪري ڀڳا
هئا، سي موٽي اچي رهڻ لڳا.
اهڙي انتظام جي ڪري برابر اَٺ صديون ڪڏهن به اسپين
۾ وري فساد نه پيو. اسلام جو وڏو اخلاقي اصول ۽
اسپين تي احسان اهو هو، جو غلامن کي آزادي ڏني
ويئي ۽ غلاميءَ جي رسم کي هميشه لاءِ ٻنجو اچي ويو
۽ ٿوري ئي عرصي ۾ عيسائي پاڻمرادو ڪلمة توحيد پڙهي
اِسلام جي وسيع دائري ۾، جو رحمت جو سرچشمو هو،
اچي داخل ٿيا. عربن سان گڏ بربر به هئا، جي قديم
جنگجو هئا، جن رومين سان جنگيون جوٽيون هيون. عربن
وانگر هو به بهادر سپاهي هئا، پر عربن اڳيان سندن
پير پڙي نه سگهيا. ڪجهه تلوار سان ۽ ڪجهه ڪرامت
سان کين زير ڪيو هئائون.
عربن اسپين جي نئين سلطنت کي پنجن ولايتن ۾ ورهايو
هو. مٿن پنج والي
Viceroys
حڪمراني ڪرڻ لڳا. هر هڪ کي سياسي اختيار به مليل
هئا.
(1)
پهريون علائقو اُندلس
Andalusia
جو اوڀرندي ۾ بحيره روم کان وٺي اُلهندي ۾ گواڊينا
ندئ تائين پکڙيل هو. منجهس قرطبه، اشبيله، ملاگا،
اسيجا، جين ۽ واسونا مکيه شهر هئا.
(2)
ٻيون علائقو جليقيه ۽ لوسيٽينيا هو. منجهس مريڊا،
اِورا، بيجا، لزبن، ڪونيمبرا، لوگو، اَسٽورگا ۽
زئمورا وغيرهه جا شهر هئا.
(3)
وچ وارو علائقو، جو اوڀرندي ۾ بحيره روم کان
هاڻوڪي پرتگال تائين هو. منجهس طليطله
Toledo،
سيونقه، دينيا، مرشيا، لارقه، بائيزا وغيرهه مشهور
شهر هئا.
(4)
ڊورو ندئ کان وٺي پرنيس جبل تائين هو. منجهس
سرقسطه، ترتوسه ترغونه، جاد، بوبسترو وغيرهه جا
شهر هئا.
(5)
پرنيس جبل جي پريان فرانس واقع هو. منجهس نارنوني،
نيمس
ڪراڪسون، بزيرس، ايج ، مئگيلون، لاڊو مکيه شهر
هئا.
مٿين شهرن ۾ عرب ۽ بربر مسلمان رهندا هئا، جي
قبيلن ۾ هئا. هو ڪڏهن ته عيسائين سان وڙهندا هئا
نه ته قديم عرب رسم موجب پاڻ ۾ وڙهندا هئا. جن کي
نه ڪي والي روڪي سگهندا هئا ۽ نه وري دمشق جي
خليفن کي طاقت هئي، جو کين روڪي سگهن. اسين هيٺ
عرب قبيلن جو شجرو ڏيکاريون ٿا جن شهرن ۾ هو رهندا
هئا.
(1)
اَهل دمشق....... قرطبه ۽ اَلويرا.
(2)
اَهل حمص......... اشبيله ۽ نيبلا
(3)
اَهل ڪنعان......... جين
(4)
اَهل فلسطين........... مدينه، الجزائر،
سيڊونيا
(5)
اَهل اردن.............
رياهه، ملاگا
(6)
اَهل فارس............ زيرز
(7)
اَهل يمن................ طليطله
(8)
اَهل عراق............. غرناطه
(10) اَهل مصر............... ميريڊا ۽
لزبن.
شامين سان گڏ جيڪي عرب مصر کان آيا، تن کي سڪونت
اختيار ڪرڻ لاءِ مرشيا جو صوبو مليو. جنهن جو نالو
ڦيرائي هن مصر رکيو. اَمير عبدالعزيز، جو هن وقت
اسپين جو حاڪم هو، تنهن حڪمت عمليء سان خانه جنگين
کي مٽائڻ لاءِ، هندوستان جي مغل شهنشاهن وانگر
گهڻي ڪوشش ورتي ۽ ڪامياب به ٿيو. هو نرم دل ۽ هر
دلعزيز هو. هن عيسائي زالن سان شادي ڪرڻ جي رواج
کي جاري ڪيو. سڀ کان اڳ هن پاڻ راڊرڪ، اڳوڻي
عيسائي بادشاهه جي بيواهه زال اِگيلونا
Egilona
سان شادي ڪئي. عرب جي هن وقت مختلف ملڪن ۾ گهر ڪري
ويٺا هئا، سي بلڪل هوشيار ڪاشتڪار هئا. ڇاڪاڻ جو
هو فارس، مصر ۽ شام جهڙن آباد ملڪن مان اچي لڏي
ويٺا هئا. هنن يهودين سان گڏجي واپار کي به زور
وٺرايو ۽ غيرآباد ملڪن کي زير آب ڪيائون. ملڪ آباد
ٿي ويو ۽ چؤطرف رستا تعمير ڪيائون. طوائف
الملوڪيءَ جو رواج مٽجي ويو ۽ اسپين يورپ ۾ باغ
بڻجي ويو. کين هڪ وسيع سلطنت جي بنياد وجهڻ جو
وجهه مليو هو، پر هنن اتحاد جي بدران پاڻ ۾ عداوت
پيدا ڪئي. جڏهن ته بربر به سرڪشي ڪرڻ لڳا. اهڙين
حالتن ڪري سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي.
خليفي وليد بن عبدالملڪ جي وفات
خليفي وليد بن عبدالملڪ پنهنجيءَ حڪومت جي جدا جدا
اهلڪارن کي دمشق گهرايو، سو فقط ان لاءِ ته سندس
وصيت کي ٻُڌن. انهيءَ ارادي سان هن حجاج بن يوسف
عراق جي حاڪم، قتيبه بن مسلم خراسان جي حاڪم ۽
موسيٰ بن نصير ۽ طارق بن زياد آفريقا ۽ اسپين جي
حاڪمن کي سڏايو هو. پر اُهي جيسين دارخلافت ۾ پهچن
تنهن کان اڳ خليفي جمادي الثاني سن 96هه ۾، مطابق
فيبروري سن 715ع ۾ وفات پاتي. هن 9 ورهيه 7 مهينا
حڪومت ڪئي. مسعودي ۽ ابن اثير هن کي ظالم ۽ غير
محدود بادشاهه ڪري لکن ٿا، پر اسان کي سندس چڱن
ڪمن ڏانهن به غور ڪرڻ گهرجي. هي خليفو پنهنجي پيءُ
عبدالملڪ ۽ ڏاڏي مروان کان وڌيڪ نرم دل هو. اَهل
شام هن جي گهڻي تعريف ڪندا هئا. هن دمشق ۾ هڪ وڏي
جامع مسجد تعمير ڪرائي. مدينة المنوره ۽ بيت
المقدس ۽ ٻين شهرن ۾ به مسجدون تعمير ڪرايائين.
سلطنت جي هر هڪ حصي ۾ قلعا، رستا، کوهه، آرام
گاهون ۽ شفاخانه تيار ڪرايائين. غريبن محتاجن ۽
انڌن لاءِ جدا جدا شهرن ۾ وظيفا مقرر ڪرايائين.
ملڪ ۾ يتيم خانا به تيار ڪرايائين، جتي سندن پرورش
۽ تعليم چڱي ٿيڻ لڳي. هو پاڻ شهرن جي دڪانن ۽
مارڪيٽن ۾ گهمندو هو ۽ جدا جدا شين جا اگهه پاڻ
مقرر ڪندو هو. بني اُميه خليفن مان هي پهريون
بادشاهه هو، جنهن علم ۽ هنرن کي ترقي وٺائي.
سليمان بن عبدالملڪ
خليفي وليد پنهنجي پٽن کي تخت تي ويهارڻ لاءِ گهڻي
ڪوشش ڪئي، پر سندس وفات کان پوءِ سن 96هه مطابق سن
715ع ۾ سندس ڀاءُ سليمان تخت تي ويٺو. جو سخي دل،
عياش ۽ خوش مزاج انسان هو. هن علمائن سڳورن جي
گهڻي حوصلي افزائي ڪئي. تخت تي ويهڻ سان عراق ۾
جيڪي به بدنصيب قيدي حجاج قيد ڪيا هئا، تن کي آزاد
ڪرايائين، تنهن کان سواءِ عراق ۾ جيڪي به ڍلڻ
اُڳاڙڻ جي ڪم تي حجاج مقرر ڪيا هئا، تن کي عهدن
تان لاهي غريبن جي دعا کٽيائين.
حڪومت جي اميرن ۾ ڦيرڦار
معدر ۽ يمني عربن جي پاڻ ۾ سخت عداوت هئي ڇاڪاڻ جو
حجاج يمني عربن تي ڏاڍا ظلم ڪيا هئا. قتيبه خراسان
جو والي به مٿين فسادن جي ڪري مارجي ويو. افسوس جي
ڳالهه چئبي ته غازيان اسلام موسيٰ بن نصير ۽ طارق
بن زياد، جن اسپين ۽ آفريڪا فتح ڪيو هو، سي به
يمني هئڻ ڪري شهيد ڪيا ويا. ساڳيءَ طرح عبدالعزيز
بن موسيٰ، جو هن وقت اسپين جو گورنر هو، سو به
اشبيله ۾ قتل ڪيو ويو. عبدالعزيز بن موسيٰ جي مرڻ
کان پوءِ ايوب بن حبيب جو موسيٰ جو ڀاڻيجو هو،
تنهن کي اسپين جي مسلمانن حاڪم ڪري ٿاڦيو، پر سندس
خودمختياري کان آفريقا جي حاڪم انڪار ڪيو، سن 96هه
۾ امير ايوب جي جاءِ تي الحر حاڪم مقرر ڪيو ويو.
جو معدر خاندان مان هو. هن پاڻ سان آفريقا کان 400
عربن جا قبيلا آندا هئا، جي هن وقت اسپين جي شاهي
خاندان ۾ شمار ٿيڻ لڳا. مطلب ته عباسي خليفن جي
حڪومت تائين ڪڏهن ته اسپين جي تخت تي دمشق مان
حاڪم مقرر ٿيا، ته ڪڏهن وري آفريقا جي تختگاه
قيروان مان مقرر ٿيڻ لڳا. سلطنت جي جدا جدا اميرن
جي ڦيرڦار ٿيڻ ڪري ملڪ ۾ بدانتظامي وڌندي ويئي. حر
پنهنجي ٽن سالن جي حڪومت ۾ اُتر اسپين ۾ گهڻيون
فتوحات ڪيون.
عربن جي قسطنطنيه تي ڪاهه
سن 98هه ۾ جڏهن خليفو سليمان دابڪ
Dabak
جي مقام وٽ هو. اُتي ليو
Leo
نالي هڪ بازنطيني جرنيل سان سندس ملاقات ٿي. هن
خليفي کي قسطنطنيه تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني ۽
انجام ڪيائين، ته اسلامي فوجن کي هر طرح سان مدد
ڪندس. هن کان اڳ قسطنطنيه جي تخت لاءِ اُتي گهڻو
وڳوڙ پيل هو. جيئن ته سن 711ع ۾ جوسطنين ثاني قتل
ٿي ويو، تنهن کان پوءِ فلپيڪس تخت تي ويٺو، جنهن
کي سن 713ع ۾ انڌو ڪري لاٿائون. کانئس پوءِ
اناتسطيس تخت تي ويٺو، جيڪو جلدئي قتل ٿي ويو ۽
ٿيوڊ اساس تخت تي ويٺو، هوڏانهن خليفي سليمان
مسلمه جي هٿ هيٺ وڏي فوج قسطنطنيه تي چاڙهي موڪلي.
مسلمه سواءِ ڪنهن رنڊڪ جي هيلس پائنٽ کي لتاڙي
قسطنطنيه کي گهيرو ڪيو. ٻئي طرف خليفي جي پٽ ٿريس
تي حملو ڪري اُتي جي تختگاهه سڪاليبت تي گهيرو
ڪيو. رومين اها روبڪار ڏسي، ٿيوڊاساس کي قتل ڪري،
ليو کي، جو هن وقت مسلمانن جو طرفدار هو، تخت لاءِ
لالچ ڏياري، جنهن تي ليو آخر وڃي پنهنجن سان گڏيو
۽ پاڻ کي قيصر روم سڏائڻ لڳو. هن کي مسلمانن جي
خوراڪ ۽ بارود رکڻ وارن هنڌن جي خبر هئي، تنهنڪري
اسلامي لشڪر جي خوراڪ جي وڏي حصي کي باهه
ڏياريائين. جنهن ڪري بري خواهه بحري فوجن ۾ اچي
ڏڪر پيو. آخر خليفي فوجن کي موٽي اچڻ لاءِ لکيو،
جنهن ڪري جرنيل مسلمه موٽي آيو.
خليفو هن وقت دابڪ وٽ موجود هو، پر اوچتي بيماريءَ
جي وگهي 30 سفر المظفر سن 099هه مطابق سن 717ع ۾
ٻه سال 5 مهينا حڪومت ڪري مري ويو.
خليفي جي مرضي هئي، ته سندس پٽن مان ايوب تخت تي
ويهي، پر هو مري ويو هو. سندس ٻيو پٽ دائود ٿريس ۾
هو ۽ موٽيو ڪين هو، تنهن ڪري انهيءَ شش و پنج ۾ هن
پنهنجي سؤٽ عمر کي خليفو مقرر ڪيو. خليفو سليمان
پاڻ چڱو هو، پر پيءُ وانگر دشمنن لاءِ ظالم هو،
عياش طبع به هو، رعيت کيس مفتاح الخير جي لقب سان
سڏيندي هئي، ڇاڪاڻ جو هن حجاج بن يوسف جي قيدين کي
آزاد ڪيو هو.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه:
ماهه صفر المظفر سن 99هه مطابق سيپٽمبر سن 717ع ۾
عمر بن عبدالعزيزرضه
”عمر ثانيءَ“ جي لقب سان خلافت نشين ٿيو، هن کي
عرب خليفة الصالح جي لقب سان سڏيندا هئا.
سندس والد بزرگوار جو نالو عبدالعزيز هو. جو خليفي
عبدالملڪ جو ڀاءُ هو ۽ مصر جو حاڪم هو ۽ وڏو
انصاف پرست هو، سندس والده ماجده حضرت عمر فاروقرضه
جي پوٽي هئي. پيغمبر صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان
پوءِ جيڪي شروعات وارا چار اصحاب سڳورا خلافت نشين
ٿيا، تن کي راشدين خليفا ڪري سڏين ٿا، تيئن اهل
سنت جماعت وارا هن خليفي کي پنجون راشد خليفو ڪري
ليکين ٿا. هو رحم دل، انصاف وارو ۽ سادي خرچ ڪرڻ
وارو انسان هو. کيس حڪومت جي بار مان خوف ٿيندو
هو. سندس زال فاطمه بنت عبدالملڪ چوي ٿي ته ”هڪڙي
ڏينهن مون ڏٺومانس ته عبادت ڪرڻ کان پوءِ زار زار
روئڻ لڳو. تڏهن مون پڇيومانس ته اي خليفا روئڻ جو
ڪهڙو سبب آهي؟ تڏهن ورندي ڏنائين ته ”منهنجيءَ
سلطنت ۾ گهڻا ظلم ٿين ٿا ۽ گهڻا اهڙا غريب به
هوندا جن جي جسم تي پوشاڪ ڪانه هوندي ۽ روئان ٿو
انهيءَ لاءِ ته جن کي وڏا عيال ۽ کائڻ لاءِ هڪ
ڪاري ڪوڏي به ڪينهي انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا مون
کان محشر جي ڏينهن سوال ڪندو، تنهن وقت مون کي ڪو
به ڇڏائي ڪين سگهندو.“
سندن سادگيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، وٽس جيڪي به
قيمتي گهوڙا هئا، تن کي نيلام ڪري بيت المال ۾
غريبن جي سنڀال لاءِ خزانو ڪري رکيائين. پنهنجي
زال کي به چيائين ته جيڪي به زيور ۽ مال پيءُ ۽
ڀائرن کان مليا اٿئي، سي خدا جي راهه ۾ خيرات ۾
داخل ڪري ڇڏ! جنهن تي بيبي سڳوريءَ به زيور لاهي
بيت المال ۾ ڏنا. چون ٿا ته جڏهن خليفي عمر بن
عبدالعزيزرضه
کان پوءِ سندس سالو يزيد بن عبدالملڪ بادشاهه ٿيو،
تڏهن اُهي زيور پنهنجي ڀيڻ کي موٽائي ڏنائين، تڏهن
بيبيءَ فرمايو ته مڙس جي جيئري مون اِنهن زيورن جي
پرواهه نه ڪئي، ته سندس مرڻ کان پوءِ اُهي ڪيئن
پائينديس؟ هن رحمدل خليفي يهودين ۽ نصرانين کي
سندن ديولن ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني، تنهن
کانسواءِ پيغمبر خدا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو
باغيچو، جو مروان کسي ورتو هو، سو هن پيغمبر جي
اولاد کي موٽائي ڏنو. هن کان اڳ بني اُميه خاندان
جا خليفا حضرت عليرضه
۽ سندس اولاد پاڪ جي گلا ماڻهن جي واتان ٻڌي گهڻو
خوش ٿيندا هئا، پر خليفي عمر بن عبدالعزيزرضه
مٿين ناجائز رسم سخت تاڪيد سان بند ڪرائي. ماڻهن
کي حڪم ڏنائين ته اِمامن سڳورن جي حق ۾ دعا گهرو ۽
سخاوت لاءِ تاڪيد ڪيائين. حجاج بن يوسف جيڪي به
خراسان، عراق ۽ سنڌ ۾ ظلم ڪيا هئا، تن کي بند
ڪيائين. غير مذهب وارن لاءِ اعلان جاري ڪيائين، ته
جيڪو دين اسلام اختيار ڪندو، تنهن کي مسلمانن جهڙا
حق ملندا، جنهن تي گهڻن ئي دين اسلام اختيار ڪيو ۽
پاڻ تي عربي نالا رکيائون، چون ٿا ته سڀني بني
اُميه خاندان جي خليفن ۾ هن جهڙو ڪو ورلي هو.
مسلمه، جو هن وقت قسطنطنيه جي ديوارن هيٺان شهر کي
گهيرو ڪري ويٺو هو، تنهن کي به واپس اچڻ لاءِ حڪم
ڏنائين، ته خرچ بچي پئي ۽ مخلوق خدا ڪشت ۽ خون کان
بچي.
ملڪي صنعت ۽ واپار کي ترقي وٺايائين. هر هڪ صوبي
جي حاڪم لاءِ حڪم ڪڍيائين ته ڪاريگرن جي حوصلي
افزائي ڪن. يزيد بن مهلب سليمان بن عبدالملڪ جي
دور ۾ عراق جو حاڪم هو ۽ اهڙي مغروريءَ ۾ هن ڪي
ظلم به ڪيا هئا، جڏهن خليفي کانئس پنهنجي اعمالن ۽
سرڪاري اخراجات جي وضاحت گهري، ته هن انڪار ڪيو،
جنهن تي کيس حلب جي قلعي ۾ قيد رکيائين. جتي خليفي
جي مرڻ تائين قيد هو.
ڪوفي جي حاڪم جنهن ڪي ظلم ڪيا هئا، تنهن لاءِ
هيٺيون اعلان ظاهر ڪيائين، ”ياد رک ۽ خدا جو خوف
ڪر، پنهنجي گناهن جو ڌيان رک. غريبن، مظلومن کان
اوتري ڍل اُڳاڙ جيتري هو ڏيئي سگهن. رعيت جي
آسودگي انصاف تي منحصر آهي. تنهن ڪري اُنهن کان
رشوت وٺڻ کي حرام سمجهه ۽ مسافرن کان ڍل وٺڻ کي
گناه ڪري ڄاڻ.“
اسپين ۾ عيسائين سان جنگيون ۽ اميرن ۾ ڦيرڦار
جناب خليفة المسلمين کي جڏهن اسپين جي بدانتظامي
جي خبر پيئي، تڏهن حر کي گاديءَ تان لاهي السامه
بن عبدالملڪ کي واليءَ جي عهدي تي مقرر ڪيائين.
السامه هوشيار، تجربيڪار اهلڪار هو. هن حڪومت جي
انتظام کي گهڻو سڌاريو ۽ ملڪي ڪاروبار به هن جي
ڏينهن ۾ مضبوطيءَ سان هلڻ لڳا. هن خليفي جي حڪم
سان اسپين ۾ آدم شماريءَ جو دفتر کوليو. جتي هر
ڪنهن قوم جي آدم شماري ٿيڻ لڳي. تنهن کانسواءِ ملڪ
جي هر ڪنهن حصي جي پيمائش ٿيڻ لڳي. سر قسط ۾ هڪ
عظيم الشان جامع مسجد تعمير ڪرايائين، برجن ۽ پلين
جي تعميرات ۾ چڱو بهرو ورتائين. مطلب ته اسپين جي
شان ۾ هن خليفي جي ڏينهن ۾ وڌيڪ رؤنشو لڳي ويو.
لاڊو علائقي ۾، جتي اڃا گاٿ قوم جا عيسائي قبيلا
رهندا هئا، جي وقت بوقت عربي قبيلن جي اڻبڻت مان
فائدو وٺي فساد ڪندا هئا ۽ وري جڏهن مسلمان مٿن
حملا ڪندا هئا، ته جبل پرنيس جي گهاٽين ۾ وڃي
پناهه وٺندا هئا، تن جنگجو عيسائي قبيلن کي هن
سردار مات ڪيو، سيپٽيمينيا ۽ ناربون جا شهر فتح
ڪيائين. دشمنن جي حملن کي روڪڻ لاءِ ناربون ۾ وڏي
فوج ۽ قلعا تعمير ڪرايائين. تنهن کان پوءِ فوج وٺي
اڪوئيٽائين
Aquitaine
علائقي جي تختگاهه ٽولوس
Toulouse
تي حملو ڪيائين. هتي جي حاڪم (ڊيوڪ) وڏي فوج سان
مسلمانن جو مقابلو ڪيو، جيتوڻيڪ عيسائين جي فوج
ڏهه حصا وڌيڪ هئي، پر مسلمانن به قسم کنيو ته ”يا
ته مرنداسون يا ته شهر فتح ڪنداسون“ ڏاڍي زور سان
فوجن جو تصادم ٿيو، چؤطرف خون جون نهرون وهڻ
لڳيون، فتح ۽ شڪست جي ڪا خبر ڪانه پيئي. انهيءَ
گهمسان جي معرڪي ۾ دشمنن جو هڪڙو تير السامه کي
اچي نڙيءَ وارو لڳو ۽ شهيد ٿي زمين تي ڪري پيو. پر
عبدالرحمان نالي واري هڪ سردار اسلامي فوجن کي
همٿائي حملي کي جاري رکيو. آخر عيسائين سخت شڪست
کاڌي ۽ جبل پرنيس ڏي ڀڳا. عبدالرحمان جيڪا هن جنگ
۾ بهادري ڏيکاري، سا تاريخن ۾ مشهور آهي. سن 721ع
۾ مٿين ٽولوس جي جنگ لڳي. هن جنگ ۾ گهڻا عربن جا
نامور سردار ۽ پهلوان شهيد ٿيا.
هن عرصي ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيزرضه
وفات ڪئي. هو سچار ۽ انصاف پرست خليفو هو، تنهن
ڪري سڄي بني اُميه خاندان وارن ۾ اچي خوف جاڳيو،
ته متان دمشق جي شهنشاهيت سندن هٿان نڪري نه وڃي،
ڇاڪاڻ جو خليفة المسلمين حڪومت جون واڳون اهڙن
مدبرن جي حوالي ڪيون هيون، جي سچار ۽ ايماندار
هئا، نه ته اڳ بني اُميه وارا خليفا اهڙا سمورا
عهدا پنهنجن مائٽن کي ڏيندا هئا. هڪ روايت مطابق
خليفي کي سندس هڪڙي مڪار وزير، هڪڙي غلام جي معرفت
ديرسمن وٽ سندس محلات ۾ زهر ڏياري شهيد ڪيو، هي
واقعو ماه رجب المرجب سن 101هه مطابق ماهه جنوري
سن 720ع ۾ ٿيو.
يزيد (ثاني) بن عبدالملڪ
مرحوم خليفي جي وصيت موجب يزيد ثاني بن عبدالملڪ
دمشق جي تخت تي ويٺو. هن حجاج بن يوسف جي ڀائٽيءَ
سان شادي ڪئي هئي. تنهن ڪري هن کي معدر خاندان سان
ڏاڍي محبت هئي. خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيزرضه
معدر ۽ حميره جي وچ ۾ پورو ميزان رکيو هو، پر
هينئر جو يزيد ثاني معدرن جو طرفدار ٿي بيٺو، تنهن
ڪري حميرن کي اچي تعصب جاڳيو. يزيد بن مهلب کي
اڳيئي حجاج سان وير هو. هوڏانهن وري يزيد قسم کنيو
ته مهلب جي پٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. پر يزيد
بن مهلب خليفي کي صاف صاف چوائي مُڪو ته هڪ لک
نيزي بازن سان تنهنجو مقابلو ڪندس. خليفي عمر بن
عبدالعزيزرضه
هن کي اڳ حلب جي قيدخاني ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو هو، پر
جڏهن خليفي جي بيماريءَ جي خبر چؤطرف پکڙجي ويئي،
تڏهن هي قلعي جي چوبدارن کي ڪجهه رشوت ڏيئي عراق
ڏانهن فرار ٿي ويو، جتي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي دمشق
جي خلاف فساد جو جهنڊو کڙو ڪيائين. حضرت اِمام
بصري رحمة الله عليھ، جو هن وقت جو امام هو، تنهن
ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ کان گهڻو روڪيو، پر يزيد بن
مهلب جو ڀاءُ نهايت ئي جرار پهلوان هو، تنهن سان
گهڻائي عراق جا ماڻهو اچي شامل ٿيا. جن کيس مدد
ڏيڻ لاءِ انجام ڪيو. جڏهن بارگاهه خلافت ۾ مٿئين
حادثي جي خبر يزيد ثانيءَ کي پهتي، تڏهن هن وڏي
فوج مسلمه ۽ عباس بن وليد جي هٿ هيٺ مهلب جي پٽن
جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪلي، جي بني اُميه جي فوج
جا مشهور پهلوان هئا. ٻئي فوجون فرات نديءَ جي
ساڄي ڪپ تي اڪرا
Akra
جي ميدان ۾ گڏ ٿيون، هن جنگ ۾ مهلب جي پٽن سخت
شڪست کاڌي، سندس هڪڙو پٽ حبيب ڪرمان ڏانهن ڀڄي ويو
۽ يزيد ترڪن جي خاقان وٽ وڃي پناهه ورتي.
مهلب جا پٽ يمني هئا ۽ اهل يمن جي معدرن سان دشمني
هئي، جنهن ڪري عراق، آذربائيجان، آفريقا توڙي
اسپين ۾ ٻنهي ڌرين جي پاڻ ۾ خوب چٽاڀيٽي شروع ٿي.
خليفي عمر بن عبدالعزيزرضه
جي عدل ۽ انصاف قومن جي ميزان کي چڱيءَ طرح سان
رکيو هو، پر برخلاف اُن جي يزيد ثاني هر وقت حرم ۾
گذاريندو هو. وٽس ٻه ڳائڻ واريون خوبصورت عورتون
هيون، جن مان حبابه سان ته خليفي جي ايتري محبت
هئي جو سندس مرڻ کان پوءِ سُتت ئي سندس ارمان ۽ ڏک
۾ ماهه رجب المرجب سن 705هه مطابق سن 724ع ۾ پاڻ
به راه عدم ڏانهن راهي ٿيو. ٻيءَ عورت جو نالو
سلامه هو جا به پنهنجيءَ خوبصورتيءَ ڪري سندس
درٻار ۾ مشهور هئي. هي خليفو لاغرض ۽ عياش طبع
انسان هو.
عباسي تحريڪ
خليفي يزيد ثانيءَ جي ڏينهن ۾ عباسي تحريڪ زور وٺڻ
لڳي. عباسي خاندان جنهن جو نسل حضرت عباسرضه
کان شروع ٿئي ٿو، سو ترقي ڪرڻ لڳو. هن تحريڪ کي
زور وٺائڻ لاءِ ڪي خاص ماڻهو، جي جاسوس به هئا،
خراسان جي علائقي ۾ عباسي تحريڪ کي زور وٺائڻ لڳا.
اها خبر اُن وقت جي خراسان جي حاڪم کي پئجي ويئي.
هن مٿين ماڻهن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرائي کانئن
مٿئين تحريڪ بنسبت گفتگو ڪئي، پر کين آزاد ڪري
ڇڏيائين، ڇاڪاڻ جو کيس ڪو ضروري سراغ هٿ لڳي نه
سگهيو. هو ڪاميابيءَ سان تحريڪ کي جاري رکندا
هليا، تان جو منجهانئن ڪيترائي گرفتار ٿي موت جو
شڪار ٿي ويا. آخر هنن پنهنجيءَ جان جي بچاءَ لاءِ
زمين جي اندر ته خانا تيار ڪيا، جتي تحريڪ جي ڪم
کي زور وٺائڻ لڳا. خراسان اسلامي دنيا ۾ پهريون
ملڪ هو، جتي جي رهاڪن کي اَهل بيت لاءِ حُب هئي.
هن تحريڪ آخر ايترو زور ورتو جو رفته رفته سڄو
ايران هن تحريڪ ۾ شامل ٿيو. بني عباس خواهه اَهل
بيت کي بني اُميه ورا پنهنجو دشمن ڪري ليکيندا
هئا. اهو ئي سبب هو جو هنن عراق ۽ حجاز ۾ آل رسول
صلي الله عليھ و آلھ
وسلم تي جيڪي ظلم برپا ڪيا، سي تاريخ ۾ روشن آهن.
عباسي تحريڪ جنهن مشرق مان سيلاب وانگر مٿو کنيو،
تنهن سُتت ئي اُميه سلطنت کي گهيري ۾ آڻي صفحهء
هستيءَ تان مٽائي ڇڏيو. باوجود ان جي، خليفي عمر
بن عبدالعزيزرضه
حجاج بن يوسف جي ظلمن کي، جي هن عراق ۽ حجاز يا
ايران ۾ ڪيا هئا تن کي، پنهنجيءَ فياضيءَ ۽ انصاف
گيريءَ جي ذريعي سان مٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر
اُهي ناروا ظلم اهڙا هئا جن جا داغ ماڻهن جي دلين
تان مٽجڻ جا ڪين هئا. کانئن پوءِ يزيد ثانيءَ جي
ڏينهن ۾ يمني به بنو اُميه جي خلاف ٿي بيٺا ۽
ڪربلا جي شهيدن جي خون ناحق آخر رنگ لاتو ۽ عام
ماڻهن ۾ اها صدا بلند ٿيڻ لڳي ته آل رسول صلي الله
عليھ و آلھ وسلم جا حق بني اُميه وارا ضبط ڪري
ويٺا آهن. سي حقوق اَهل بيت کي موٽائي ملڻ گهرجن.
پر اَهل بيت سڳورا صبر جا درياهه هئا، هنن دنيوي
حڪومت جي ڪائي پرواهه نه ڪئي، جيتوڻيڪ اهڙن ظلمن
هوندي به وقت بوقت ماڻهن امامن سڳورن کي گهڻائي
ڀيرا اعلان ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏنيون هيون، پر اَمامن
سڳورن دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو. جڏهن اهل بيت
بادشاهيءَ جي اعلان ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن ماڻهن
بني عباس يعني حضرت عباسرضه
جي اولاد کي پنهنجي حقن ظاهر ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني،
حضرت عباسرضه
پيغمبر صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو چاچو هو ۽ سن
32هه ۾ وفات ڪئي هئائيون، کيس چار پٽ هئا جن مان
عبدالله تاريخن ۾ ابن عباس جي نالي سان مشهور آهي،
جو مڪي ۾ سن 619ع ۾ هجرت کان 3 سال اڳ ڄائو هو ۽
حضرت عليرضه
جو سچو مددگار هو. پاڻ صفين ۽ ٻين معرڪن ۾ موجود
هو. پنهنجن سڀني ڀائرن ۾ عالم ۽ مشهور پهلوان هو.
حضرت علي المرتضيٰرضه
جي عهد ۾ فوجن جو سالار اعظم هو. حضرت عبدالله بن
عباسرضه
سن 61هه ۾ طائف ۾ حضرت امام حسينرضه
جي شهادت جو ٻُڌي اِنهيءَ غم ۾ 70 ورهين جي عمر ۾
وفات ڪئي. سندس پٽ جو نالو علي هو، جنهن کي پيءُ
کان وڌيڪ آل رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان
محبت هئي. هن سن 117هه ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ
سندس پٽ محمد قبيلي جو رئيس ٿيو. هن صاف صاف
پنهنجيءَ خلافت جو اعلان ڪيو. اُهو اعلان هڪڙي
جماعت جنهن جو هو باني هو، تنهن عام ماڻهن جي ڌيان
تي هن ريت هلايو ته ”اِمام حسينرضه
جي ڪربلا ۾ شهيد ٿيڻ کان پوءِ امامت جو وارث اِمام
محمد حنيفرضه
هو. کانئس پوءِ وارث سندس پٽ ابو هاشم هو. جنهن
خوشيءَ سان اِمامت محمد بن علي بن عبدالله بن عباس
کي ڏني.“ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن تحريڪ زور ورتو. سن
125هه، سندس وفات کانپوءِ سندن پٽن: ابراهيم،
عبدالله، ابو عباس السّفاح ۽ عبدالله ابو جعفر
المنصور، جي سندس پٺيان وارث ٿيا، تن عباسي تحريڪ
کي جاري رکيو.
هشام بن عبدالملڪ
يزيد ثاني جي مُئي کان پوءِ سندس ڀاءُ هشام خلافت
نشين ٿيو، سندس ڏينهن ۾ نه فقط ملڪ جي اندروني حصن
۾ فساد ٿيا، پر بيروني علائقن ۾ به ساڳيو حال ٿيو.
اُتر ۾ ترڪمانن ۽ بحيره خضر جي جهنگلي قومن لُٽ
مار ڪرڻ شروع ڪئي، وچين علائقن ۾ خارجين سرڪشي
اختيار ڪئي، ٽئين طرف مشرق ۾ عباسي تحريڪ سلطنت جي
بنياد کي ڪمزور ڪرڻ لڳي. هر وقت اهو خوف هو ته
متان ڪو اندروني فساد نه ٻري پئي. پويان جيڪي به
بني اُميه خليفا ٿي گذريا سي ڪمزور هئا، سندن
سمورو ڪاروبار وزيرن جي معرفت ٿيڻ لڳو، جي خود غرض
۽ ناتجربيڪار هئا، جن رعيت کي گهڻو تنگ ڪيو، اڃا
به ڪي معزز تجربيڪار ماڻهو موجود هئا، جي قوم جي
هن تاريڪيءَ ۾ رهنمائي ڪري سگهن، پر سلطنت تنزل
هيٺ اچي ويئي هئي، تنهن لاءِ زبردست قائد جي ضرورت
درڪار هئي.
خالد بن عبدالله ڪسري، جو هن وقت عراق جو حاڪم هو،
جو سن 120هه تائين اُتي رهيو، سو پاڻ يمني هو. هن
جدا جدا قومن سان تعلقات مضبوط ڪري ڇڏيا ۽ پورو
انصاف رکيائين، جنهن ڪري ڪنهن به قوم کي فساد ڪرڻ
جو وجهه ملي نه سگهيو. عيسائين ۽ يهودين سان به
مروتون ڪيائين، کين عهدا به ڏنائين، سندن ديولن جي
به مرمت ڪرايائين. خراسان ۾ معدرن ۽ حميرن جي پاڻ
۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي. فرغانه جي ترڪمانن به هنن فسادن
مان فائدو ورتو، تنهن ڪري خالد پنهنجي ڀاءُ اَسّد
الڪسريءَ کي لشڪر ڏيئي فسادن کي بند ڪرڻ لاءِ
موڪليو. فسادين شڪست کاڌي ۽ وچ ايشيا جي ترڪمانن
وٽ پناهه ورتائون. سن 119هه ۾ اَسد ختل فتح ڪيو،
جو فرغانه جي اُڀرندي ۾ هو، جو ترڪن جي خاقان جو
هو. اَسد هن سان به جنگ جوٽي ها، پر سياري جي موسم
اچڻ ڪري بلخ ڏانهن موٽي آيو. هن خاقان ساڻس مقابلو
ڪيو پر هار کائي جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. جڏهن
هي خبرون دمشق پهتيون، تڏهن فتح جي خوشيءَ ۾ هتي
ڏاڍا شادامنه ٿيڻ لڳا. ستت ئي خليفي خالد ڪسري کي
عهدي تان لاهي ڦٽو ڪيو ۽ بدقسمتيءَ سان سن 120هه ۾
اَسد به انتقال ڪيو. خالد کان پوءِ ناصر بن سيار
خراسان جو حاڪم مقرر ٿيو، جو بلڪل بهادر، هوشيار ۽
عادل حاڪم هو. کانئس جيترو پڄي سگهيو اُترو ماڻهن
کي فائدو پهچايائين.
اڃا خراسان جا فساد مس بند ٿيا، ته وري اُتر
اِيران، آرمينا ۽ قفقاز جي رولو قومن فساد کڙا
ڪيا. سن 108هه ۾ ترڪن ايران ۾ ڦرمار ڪئي. خليفي جو
ڀاءُ مسلمه، جو آذر بائيجان جو حاڪم هو، سو ڪجهه
ڪري ڪين سگهيو. ترڪن کي ڏسي عام ماڻهو به فسادن ۾
حصو وٺڻ لڳا. ايران کان پوءِ فسادين آرمينا ۾ ڦرلٽ
ڪئي ۽ موصل تائين ملڪ کي تاراج ڪيائون. خليفي ڀاءُ
کي لاهي ٻئي هڪڙي عرب سپهه سالار جراح کي مقابلي
لاءِ موڪليو، پر اَردبيل جي معرڪي ۾ ترڪن هٿان قتل
ٿي ويو. خليفي ٻي فوج صفدر الحارثيءَ جي هٿ هيٺ
موڪلي، جنهن ترڪن کي شڪست ڏيئي کانئن سمورو ملڪ
موٽائي ورتو ۽ جن جن رهاڪن کان فسادين مال ڦريا
هئا، تن کي موٽائي ڏنائين.
سن 114هه ۾ آخر هتي جو حاڪم مروان ٿيو، جو مروان
پهرئين جو پوٽو هو. هن بحيره خضر جي رولو قومن کي
مات ڪري، کانئن جارجيا ۽ ملڪبه جا علائقا فتح ڪيا،
پر عراق ۽ عربستان جي خارجين خليفي کي آرام سان
حڪومت ڪرڻ نه ڏني، جيئن فسادن کي روڪڻ لاءِ خليفي
کي وقت بوقت وڏين فوجن رکڻ جي ضرورت پئي.
آفريقا ۾ جنگيون ۽ عربن جو صقليه ٻيٽ فتح ڪرڻ
هن خليفي جي ڏينهن ۾ عربن آفريقا ۾ نيو گني فتح
ڪيو، پر بحيره روم ۾ سارڊينا ۽ مشهور صقليه
(سِسِلي) ٻيٽ ۽ فرانس ۾ ڪيترائي علائقا فتح
ڪيائون. مطلب ته مشرق ۽ مغرب ۾ فتوحات جي بازار
گرم رهي.
هن وقت آفريقا ۾ هڪ قوم سفاري جي نالي سان پيدا
ٿي. جنهن اُتي جي عرب قبيلن جي اَميرن جي خلاف
بغاوت شروع ڪئي. جن کي ڏسي بربرن ۽ خارجين به فساد
کڙا ڪيا.مطلب ته بني اُميه خاندان جي خلاف نه فقط
ايران، عراق يا يمن ۽ حجاز ۾ بغاوت ٿي هئي، پر
آفريقا جي عربن ته مورڳو سندن خلاف ڪفر جي فتويٰ
ظاهر ڪئي. تانجور (طنجه)
Tangiers
۾ ڪن ڍلن وجهڻ سبب بربرن ۽ خارجين فساد ڪري، اُتي
جي حاڪم کي قتل ڪري قيروان تي به حملو ڪيو. جنهن
مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ حبيب بن عبيده صقليه ٻيٽ جي
حاڪم کي خليفي دمشق مان آفريقا وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو.
حبيبب جيسين آفريقا پهچي، تنهن کان اڳ سندس پٽ وڏي
فوج وٺي آفريقا پهتو، پر هن سخت شڪست کاڌي ۽ سندس
گهڻو لشڪر بربرن هٿان مارجي ويو. جن ۾ گهڻائي عرب
شهسوار هئا. هئ جنگ دمشق جي شهنشاهه لاءِ ڏاڍي
خوفناڪ ثابت ٿي، ڇاڪاڻ جو ابن حبيب جي مارجي وڃڻ
ڪري سڄي اُتر آفريقا جو ملڪي انتظام بگڙجي ويو. هن
جنگ کي عرب (عذوةالشرف) جي نالي سان سڏين ٿا،
ڇاڪاڻ جو هن جنگ ۾ گهڻائي عرب امَير شهيد ٿيا هئا.
هن شڪست جو اَثر اِسپين تي به خراب پيو. ڇاڪاڻ جو
اُتي جي عربن به فساد ڪري وقت جي حاڪم کي تخت تان
لاهي ٻيو سندس جاءِ تي ڪري ٿاڦيو.
جڏهن آفريقا جي خوفناڪ شڪست جي خبر دمشق ۾ خليفي
کي پهتي، تڏهن هن پنهنجي هڪڙي جرنيل ڪلثوم کي وڏي
فوج ڏيئي آفريقا روانو ڪيو. پر هن به شڪست کاڌي،
ساڻس گهڻائي پهلوان مارجي ويا. خليفي ٽيون لشڪر
مضبوط شامي سپاهين جو آفريقا تي چاڙهي موڪليو. هن
لشڪر طوفان وانگر قيروان تي قبضو ڪيو. بربرن ۽
خارجين جي متحد فوجن سخت شڪست کاڌي. باغين جو
سردار اُقاشا خوفناڪ معرڪي کانپوءِ صحرا اعظم ڏي
ڀڄي ويو. فتح کان پوءِ خليفي آفريقا جي حڪومت
حنضله بن صفوان جي حوالي ڪئي. نئين حاڪم اچڻ شرط
قيروان جي پسگردائي ۾ قلعا تعمير ڪرايا.
بربرن چوٿون دفعو 3 لکن جي فوج سان قيروان تي ڪاهه
ڪئي. چون ٿا ته عرب ايڏي وڏي فوج ڏسي ڀڄڻ جو سعيو
ڪرڻ لڳا. پر حنضله جامع مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ کان
پوءِ سڀني اميرن کي سڏي چيو ”بهتر ائين آهي ته جنگ
جي ميدان ۾ بيهي سر ڏيون ۽ هميشه لاءِ ناموس
کٽئون. ائين نه ٿئي جو تاريخ ۾ عربن تي ڪو داغ نه
لڳي ۽ هميشه لاءِ بدناموس ٿيون“. سندس دليرانه
تقرير کي ٻڌي عربن جي رڳن ۾ خون جوش وٺڻ لڳو. هو
ڪمر سان تلوارون ٻڌي ميدان ۾ مقابلي لاءِ نڪتا.
اِهو رات جو وقت هو حنضله فوجن کي هٿيار ورهائي
ڏنا، زالن به جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انجام ڪيو. صبح
صادق نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ الله اڪبر جا نعرا
هڻندا جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پيا. سڄو ڏينهن ميدان
ڪارزار خون سان رنگين رهيو. شام نمودار ٿيڻ شرط
فسادين همٿ هاري ۽ منجهن ڀاڄ پئي. چون ٿا ته هڪ لک
اسي هزار بربر قتل ٿي ويا ۽ ڪجهه عربن جوبه نقصان
ٿيو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ حنضله جامع مسجد ۾
خداوند تعاليٰ جا شڪرانه بجا آندا ۽ هڪ قاصد دمشق
ڏانهن خليفي جي خدمت ۾ فتح جي خوشخبري پهچائڻ لاءِ
روانو ڪيائين. هو انصاف پرست قانون ساز مجاهد هو.
آفريقا ۾ کانئس اڳ بدامني ۽ چؤطرف فساد جاري هئا.
پر سندس اچڻ ڪري فسادي مات ٿيا ۽ ملڪ کي نئين سر
آسودگي ۽ امن اَمان نصيب ٿيو.
سر زمين يورپ ۾ حق جا نعرا غازي عبدالرحمٰن فاتح
فرانس
هن وقت اِسپين ۾ اُندلس جي حڪومت مسلمانن جي
زيردست هئي. اِسپين بني اُميه شهنشاهيت جو هڪڙو
حصو ڪري ليکبو هو. قرطبه جا اَمير سياسي خواه ملڪي
معاملن ۾ اندروني طرح سان خودمختيار هئا. پر
آفريقا ۾ بربرن ۽ خارجين جي شڪست کانپوءِ اسپين جي
حڪومت جون واڳون آفريقا جي حاڪم جي هٿ هيٺ اچي
ويون. جنهن جو تختگاهه قيروان هو.قيروان جي حاڪم
کي دمشق جي درٻار مان سموري اختياري مليل هئي، ته
جنهن کي وڻي اِسپين جي تخت تان لاهي يا گادي نشين
ڪري سگهي. هن نئين ڦيرڦار هئڻ ڪري ملڪ ۾ اندروني
فساد شروع ٿيا. اَلسامه کانپوءِ لشڪري جي صلاح ۽
راءِ عام سان غازي عبدالرحمٰن الغافقي اِسپين تي
حڪومت ڪندو هو. جنهن کي هينئر حنضله تخت تان لاهي
اَنباسه کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو. غازي
عبدالرحمٰن اِسپين ۾ مشهور عرب پهلوان هو، جنهن
تازو گال ۽ گاٿ قبيلن کي اُتر اِسپين ۾ شڪستون
ڏنيون، سندس برق مضطرب تلوار کان هن وقت فرانس جي
زمين ۾ زلزلو پيدا ٿي چڪو هو. فاتحانه جوهر
کانسواءِ هو انصاف پرست ايماندار ۽ بي ريا حاڪم
هو. اِسپين جا رهاڪو کانئس گهڻو خوش هئا. افسوس جو
ماهه صفرالمظفر سن 103هه ۾ حڪمرانيءَ جون واڳون
کانئس کسجي ويون. نئون حاڪم اَنباسه به مرد مسلمان
هو. هن اچڻ شرط پهلوانيءَ جا جوهر ڏيکاريا. گاٿ
قوم کي هڪ ٻئي پٺيان شڪستون ڏنائين. هن گهڻا قلعا
فتح ڪيا. هو غازي موصوف وانگر نيڪ نيت مجاهد هو.
ماڻهو کانئس گهڻو خوش هئا. سندس ڏينهن ۾ عربن
ڏاکڻيءَ آفريقا جا به ڪي ملڪ فتح ڪيا هئا. وٽس
بارسلونه جي قلعي ۾ ڪيترائي گاٿ اَمير قيد هئا، پر
سندن هر طرح سان سنڀال ڪندو هو. سندن مدد سان هو
مختلف قومن کي ملائڻ ۽ هڪڙي مرڪز تي آڻڻ جي ڪوشش ۾
رڌل هو، پر اِتفاق سان اهڙي مجاهد کي هڪڙي فسادئ
شهيد ڪري ڇڏيو. کانئس پوءِ غازي عبدالرحمٰن جي
ٻيهر تخت تي ويهڻ تائين برابر 5 حاڪمن هڪ ٻئي
پٺيان اِسپين تي حڪومت ڪئي. منجهانئن ڪن فقط ڪي
ٿورا مهينا حڪومت ڪئي سندن ڏينهن ۾ رڳو فساد پيا.
سن 111هه ۾ هشام جي ڏينهن ۾ عربن جبل پرنيس کي
لتاڙي فرانس جي ليونس ميڪان ۽ سون جا شهر وڃي فتح
ڪيا. تنهن کانسواءِ بيون ۽ اَتون جي شهرن کي
لٽيائون. افسوس جو اڃا عربن ۽ بربرن کي پاڻ ۾
اندروني نفاق هو. اِهو مکيه ڪارڻ هو، جو سندن
فتوحات جو قدم روڪجي ويو. پر خوش قسمتئ سان خليفي
هشام غازي عبدالرحمٰن کي ٻيهر اِسپين جي حڪومت
مرحمت فرمائي. هي اُها هستي هئي جنهن کان نه فقط
عرب يا بربر خوف کائيندا هئا پر عيسائي به خوف
کائيندا هئا. خلافت بني اُميه جي زماني ۾ جيڪي به
اِسپين تي حڪمران ٿيا تن سڀني کان غازي عبدالرحمٰن
برجستو حاڪم ٿي گذريو. اِسپين جون واڳون هٿ ڪرڻ
شرط هن فوجي کاتي کي مضبوط ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ گشت
ڪري هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر کي جاچيائين. جيڪي به عملدار
هن غافل ڏٺا تن کي عهدن کان لاهي ڇڏيائين. هن کي
بيروني فتوحات جو گهڻو شوق هو، تنهن ڪري هڪ وڏي
فوج تيار ڪيائين. سندس ڏينهن ۾ عثمان بن اَبونيسا
سرجين جي حاڪم جنهن اِڪوئٽين جي ڊيوڪ جي ڌيءَ
شهزادي ليمپگي سان شادي ڪئي هئي. تنهن پنهنجي سهري
جي طرفان بغاوت کڙي ڪئي. پر غازي عبدالرحمٰن ڪو
اهڙو بزدل ڪين هو، جنهن کان هو بچي سگهي. هن هڪڙو
لشڪر الباب جي شهر تي چاڙهي موڪليو. عثمان شڪست
کاڌي ۽ مارجي ويو.
سندس زال کي غازي عبدالرحمٰن دمشق ڏياري موڪليو.
جنهن سان اُتي خليفي هشام شادي ڪئي. عثمان جي
اِسپين جي سڀني علائقن جي عيسائين سان دوستي هئي
اِن ڪري غازي عبدالرحمٰن کي اڳتي وڌڻ کان روڪ ٿي
پر آخر سن 732ع ۾ آراگان جي رستي فرانس جي بگورال
۽ بيران جي علائقي ۾ فوجن سميت داخل ٿيو.
(عمل ابو هلال)
نوٽ:-
هن نقشي ۾ جيڪي به نالا ڏنل آهن سي عربي زبان ۾
آهن. مثلاً عرب اسپين کي هسپانيا، فرانس کي
افرنسيسه، ساراگوساکي سرقسطه، ٽوليڊو کي طليطله،
گرئناڊا کي غرناطه، ڪاروڊوا کي قرطبه، سيوائيلي کي
اشبيله، پرتگال کي الغرب، پرنيس جبل کي برنيز يا
برناٽ، اندوليوشيا کي اُندلس، ناربوني کي اَربونه
وغيره جيئن جيئن ملڪ اايندا تيئن تيئن اُنهن جا
حوالا به ڏبا.
فرانس جو هن وقت يورپ ۾ تهذيب جو هنڌ آهي، تنهن جي
هر شهر آرلس نسبت اُن زماني ۾ عرب فاتح هن ريت لکن
ٿا ”هڪ سڃو شهر ندئ جي ڪپ تي هو ۽ سمنڊ کي ويجهو
هو. هن شهر جي ماڻهن خوشئ سان ڍل ڏيڻ منظور ڪئي.
مسلمانن فرانس تي ڇو حملو ڪيو؟ سا ڳالهه تاريخ
عالم ۾ يادگار آهي ته امير عبدالرحمٰن غازئ جي
حڪومت جي ڏينهن ۾ عثمان ۽ سليمان اَلعربي نالي
اڳواڻن بغاوت ڪئي ۽ هنن شارليمن کي اسپين تي حملي
ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني.
جڏهن عيسائين جي رفيق عثمان موت جو پيالو پيتو،
تڏهين آرلس جا عيسائي عهدنامي کي ڀڃي سرڪشي ڪرڻ
لڳا. رائين ندئ
Rhine
جي ڪپ تي جنگ لڳي. عيسائين شڪست کاڌي ۽ خراج ڏيڻ
منظور ڪيائون. هن وقت عرب پرنيس جبل کي ٽپي فرانس
جي حد ۾ هئا، سندن فاتحانه قدم روڪجڻ جا نه هئا،
موت ۽ حياتي جو مسئلو سندن اڳيان هو. کين روڪڻ
لاءِ گاٿن، رومين ۽ فرنگين
Franks
وس ڪيا پر ڪنهن کي مجال نه هئي جو تلوار جي ڌڻين ۽
نيزي باز شهسوارن کي روڪي سگهي!!غازي عبدالرحمٰن
ٿوريئي مقابلي ڪرڻ کانپوءِ بورڊيڪس تي قبضو ڪيو.
جو فرانس جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ بحر اوقيانوس تي
بحري مرڪز هو. اڪوئيٽيناجي ڊيوڪ، جنهن مقابلي ڪيو،
تنهن شڪست کاڌي ۽ ڊراڊون جو رستو صاف ٿي ويو. هن
معرڪي بابت اِزڊور آف بيجا
Isidore of Beja
لکي ٿو ته ڊراڊون جي جنگ ۾
جيڪي عيسائي عربن هٿان قتل ٿيا، تن جي پوري تعداد
جي خبر خدا کي هئي! ڇاڪاڻ جو عيسائين جا لاشا ڳڻڻ
کان ٻاهر هئا. هن معرڪي کان پوءِ اڪوئيٽينا جو سڄو
علائقو عربن فتح ڪيو. هتان غازي عبدالرحمٰن جون
مظفر ۽ منصور فوجون برغونه (برگنڊئ) جي شهر ٽاورس
طرف وڌڻ لڳيون. ڇاڪاڻ جو غازي عبدالرحمٰن کي سينٽ
ٽارٽن جي ديول جي خزاني جي خبر پئجي ويئي. اسلامي
فوجن برغونه کي لتاڙي ليونس، بسانڪن ۽ سينز جي
قلعن تي قبضو ڪري برجن تي اِسلامي پرچم کوڙيا.
مٿين قلعن ۾ مضبوط فوجون وهارڻ کانپوءِ غازي موصوف
فرانس جي تختگاه تي قبضي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
ايڪوئيٽينا جي ڊيوڪ يوڊيز
EUDES
شڪست کائڻ کانپوءِ هرسٽال جي حاڪم تشارل کان مدد
گهري، جو پيپن دي هرسٽال جو پٽ هو. سندس تختگاهه
پئرس هو. هو سڄي فرانس ۾ لاپرواهه ۽ غير محدود
رياست جو حاڪم هو. هن يوڊيز جي عرضداشت کي غيرت
جي نگاهه سان منظور ڪري، پنهنجي رعيت مان فوجن
لاءِ ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لڳو. هن نه رڳو فرنگين کي
فوجن ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني، پر وادئ ڊينيوب
DANUBE
۾ رهندڙ هنس
HUNS
قوم ۽ وادئ الايلب
ELBE
جي رهندڙ جرمن ٽيوٽان قوم جي ٽلن کي هن پاڪ جنگ ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني. هن ٿوريئي عرصي ۾ هڪ وڏو
جنگجو قومن جو ڪٽڪ تيار ڪري طوفان وانگر ڏکڻ ڏي رخ
رکيو. مسلمانن، جن ڪيلبز کان وٺي مارسيلز تائين
ملڪ اک ڇنڀ ۾ فتح ڪيو. تن الله تي توڪل رکي دشمنن
سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وکون وڌايون. هي وقت سڄي يورپ
لاءِ ڏاڍو نازڪ هو، ڇاڪاڻ جو هيءَ دنيا جي 15
فيصله ڪن لڙاين مان هئي، جنهن اَمر جي فيصلي لاءِ
هن وقت عرب ۽ بربر مسلمانن ۽ عيسائين جون تلوارون
مياڻن مان نڪري چڪيون هيون. اُهو فيصلو هي هو ته
آئينده ٽاٽرڊيم مسجد ٿي پئي يا ڪليسا ئي رهي ۽ اهو
ته سينٽ پال جي ديول ۾ نعرهء تڪبير بلند ٿئي يا
وري گهنڊ وڄن! جيسين مقابلو ٿئي، تنهن کان اڳ
اسلامي فوجن جي سپهه سالارعظم ٽورز
Tours
جو شهر وڏي خونريز معرڪي کانپوءِ فتح ڪيو. جيڪڏهن
هن معرڪي ۾ مسلمانن جو نقصان نه ٿئي ها، ته شايد
اڄ سڄي يورپ تي صليب جي بجاءِ هلال جو جهنڊو لڏندو
ڏسون ها.
ٽورز جو ميدان شاداب ۽ چراگاهن سان سرسبز هو. عربن
وٽ لٽ مار جو سامان بيشمار هو، تنهنڪري اِسلامي
فوجن جي سپاهين غازي عبدالرحمٰن کي موٽي هلڻ لاءِ
درخواست ڪئي. پر غازي موصوف موٽي وڃڻ کي مناسب ڪين
ڄاتو. هن مجاهدن کي صاف صاف لفظن ۾ چيو ته ”اسين
وڙهڻ لاءِ آيا آهيون. نه مال گڏ ڪرڻ لاءِ آيا
آهيون. هن وقت دشمن اسانجي مٿان بيٺا آهن. پس
جيڪڏهن هينئر موٽي هلنداسون ته به ايترو پنڌ ڪري
ڪين سگهنداسون، تنهنڪري بهتر آهي، ته دشمن سان
وڙهي جنگ جي ميدان م سر ڏيون“. دشمنن جي فوجن ۾
گهوڙي سوار فوجن کانسواءِ پيادل به بيشمار لشڪر
هو.
اُهو زمانو يورپ ۾ وحشت ۽ جهالت جو هو. جيئن ته
ٽيوٽان ۽ هنس پيادلن کي بگهڙن جي کلن جي پوشاڪ
پهريل هئي. سندن وار ايڏا ڊگها هئا جو ٻنهي ڪلهن
کان پئي لڙڪين. هنن هڪڙي لحذي ۾ لورين ندئ کي ٽپي
اِسلامي فوجن جي ڇانوڻيءَ تي گهيرو ڪيو. 6 ڏينهن
تائين حملو ٿيندو رهيو ۽ عربن به سدِ اسڪندرئ
وانگر کين ٺوڪرن پٺيان ٺوڪرون پئي ڏنيون. آخر ستين
ڏينهن عام جانفروشي جي بازار گرم ٿي يعنيٰ ماهه
رمضان المبارڪ سن 116هه مطابق آڪٽوبر سن732ع ۾
عربن حملو ڪيو. پر عرب سپاهين کي مقابلي ڪرڻ کان
وڌيڪ پنهنجي مال ۽ متاع جوبه خيال دامنگير هو، جو
سندن ڇانوڻئ ۾ گڏ ٿيل رکيل هو. غازي عبدالرحمٰن
کين گهڻو ئي سمجهايو. پر سندس سمجهائڻ مٿن ڪو اثر
نه ڪيو. هو وچ ميدان ۾ سرِ بازار بيٺل هو. هوڏانهن
شارل صفن کي چيريندو طوفان وانگر پئي آيو. سندس
دليرانه جانبازئ کي ڏسي فرنگين کي وڌيڪ همت پيدا
ٿي. غازي عبدالرحمٰن کي وچ ميدان ۾ دشمن جو هڪڙو
تير اچي لڳو ۽ شهيد ٿي ڪِري پيو. هن واقعي کان
پوءِ اِسلامي لشڪر ۾ اچي بداَمني پيدا ٿي. اِنهئ
وچ ۾ رات پنهنجي ظلمت سان ميدان کي ڍڪيو هرڪو دوست
۽ دشمن وڃي پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ آرامي
ٿيو. اِسلامي لشڪر تي به شام غربت سايو ڪري رهي
هئي. پر رات آرام سان ڪين گذري. ڇاڪاڻ جو عرب
مهندارن ۾ اچي فساد جاڳيو. جنهن ڪري گهڻا ئي سردار
راتو رات پنهنجا لشڪر سپٽيمينا ڏانهن موٽائي ويا.
صبح صادق يوڊيز ۽ همزاد شارل جڏهن عربن جي
ڇانوڻيءَ تي ڪاهي آيا، تڏهن شهيدن جي ڍير کانسواءِ
ڪجهه به ڪين ڏٺائون. ان کان علاوه زخمي سپاهي به
ڪريل هئا جن کي عيسائين بي رحميءَ سان ماري ڇڏيو.
شارل (چارلس) جي اڳتي وڌڻ لاءِ مرضي هئي، پر سندس
ٽيوٽان سپاهين اڳتي وڃڻ کان انڪار ڪيو. جيڪڏهن عرب
ٽورز جي جنگ کٽين ها ته اڄ جيڪر يورپ جو نقشو دنيا
ڪنهن ٻئي رنگ ۾ ڏسي ها. عرب مصنف هن جنگ کي پنهنجي
تاريخن ۾ ”بلادالشهدا“ جي نالي سان سڏين ٿا. ڇاڪاڻ
جو جنگ ۾ غازي عبدالرحمٰن ۽ ٻيا گهڻائي مجاهد شهيد
ٿيا هئا. هن هنگامي جي جڏهن خبر اُندلس پهتي، تڏهن
مسلمانن گهڻو ماتم ڪيو ۽ اُندلس جي تاريخ ۾ اڃا
تائين ٽورز جي جنگ”گنج شُهدا“ جي نالي سان مشهور
آهي. عرب مورخن جي خلاف عيسائي مؤرخن جو رايو آهي
ته مٿئين جنگ ۾ عربن جو 360،000 لشڪر چٽ ٿي ويو.
واَلله علم. ٽورز جي شڪست کان پوءِ عربن موٽندي
سليگان
Soligan
جي وڏي ديول لموسن
Limousin
کي باهه ڏني. شارل جيڪا ٽورز ۾ بهادري ڏيکاري تنهن
جي عيوض عيسائين کيس (چارلس مارٽل ڪارل آف دي
هيمر) جو لقب ڏنو.
|