سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:16 

مسيحي پروپئگنڊا تي هڪ نظر

نهايت ئي اَفسوس جهڙي ڳالهه آهي ته يورپ جي اڪثر مؤرخين جيڪي اِسلام جي باجبروت شهنشاهن جي باري ۾ زهر اوڳاڇيو آهي، سو اِسلام جي سفيد ۽ پاڪ دامن تي سياهه داغ جي مثال آهي. اُنهن سچن واقعن تي پردو وجهي عوام جي نظر ۾ اِسلام کي گهڻو بدنام ڪيو آهي. حالانڪ اُنهن مغربي مؤرخن خود اِسلام جي مايهء ناز مؤرخن جي تاريخن تان ترجما ڪيا آهن ۽ حقيقي واقعن کي لڪائڻ ۾ ته حد ڪئي اٿن، پر اُهي ماڻهو، جي تاريخن کان غيرواقف آهن، سي مٿن اعتبار ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح نو عمر تعليم يافتن جي دلين تي برو اثر پئجي وڃي ٿو. جو قوم ۽ ملت لاءِ باعث نقصان آهي. يورپ جا عيسائي جي هن وقت صنعت ۽ حرفت ۾ ٻين قومن کان گوءِ کڻي ويا آهن. تن وٽ سڀ کان وڏو هٿيار ”ڪوڙ“ آهي. هو جڏهن ڪنهن کي بدنام ڪرڻ چاهيندا آهن تڏهن اُن جو انتقام ٽيلي گرامن، سفارت خانن ۽ اخبارات جي دفترن جي وسيلي پورو ڪندا آهن! اسان جو ان باري ۾ چوڻ فقط ايترو آهي، ته انسان ڪوبه ڪم ضمير جي خلاف ڪري ٿو، سو بناوٽي حيله سازين سان لڪي نه ٿو سگهي.

االناصرلدين الله ابن مستضي

سن 575هه مطابق سن 1179ع ۾ خليفة المسلمين المستضي 39 ورهين جي ڄمار ۾ 9 سال بغداد تي حڪومت ڪري وفات ڪري ويو، هو عادل ۽ سخي هو. کانئس پوءِ سندس پٽ شهزادو ابوالبعاس احمد الناصرلدين الله جي لقب سان اورنگ خلافت ٿيو.

ايوبيه سلطنت جو ڇڄڻ

سلطان صلاح الدين رحه  جنهن پنهنجي حريت ڪامله جي ذريعي مصر، شام، ڪردستان، عربستان کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪ زبردست سلطنت جو بنياد وڌو هو، سا عظيم الشان اِسلامي سلطنت سندن مئي پڄاڻان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پئي. سندس پٽن مان علي الملڪ الافضل ابوالحسن نورالدين شام ۽ فلسطين جو حاڪم ٿيو. سندس تختگاهه دمشق هو. عثمان الملڪ العزيز اَبو الفتح عمادالدين، جو پيءُ جي جيئري مصر جو حاڪم هو، سو مصر جو والي ٿيو. ٽيون پٽ غازي الملڪ الظاهر غياث الدين حلب جو حاڪم ٿيو. سلطان جو ڀاءُ الملڪ العادل غازي سيف الدين جو شام جي فوجن جو سپهه سالار هو، سو عراق ۽ شام جي ڀروارن علائقن تي حڪومت ڪرڻ لڳو. اسدالدين شيرڪوهه جي پٽن حمص ولاريو، اسدالدين، جو شام جي فوجن جو سپهه سالار هو، سو عراق ۽ شام جي ڀروارن علائقن تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ڀائرن جو جيڪڏهن پاڻ ۾ سلوڪ هجي ها، ته جيڪر سندن پويان به لڳو لڳ حڪومت ڪندا رهن ها، پر ستت ئي علي الملڪ دمشق جي والي ۽ الملڪ العزيز مصر جي حاڪم جي اچي پاڻ ۾ ناسازي جاڳي. اِهو فساد ايتريقدر وڌي ويو جو آخر علي الملڪ کي دمشق ڇڏڻو پيو،  ۽ سيف العدل مٿس قبضو ڪري ورتو. دمشق وڃائڻ کانپوءِ علي الملڪ سرخاد تي حڪومت ڪرڻ لڳو، پر ستت ئي الملڪ العزيز مصرئ انتقال ڪيو. کيس هڪ صغير العمر پٽ الملڪ المنصور نالي هو جنهن جي پاران سندس چاچو علي الملڪ حڪومت ڪرڻ لڳو. سندس الملڪ العدل سان اچي عداوت پئي، جنهن پنهنجن ڀائٽين کي مصر مان لوڌي کين عراق ۾ فرات ندئ جي ڀر وارن علائقن ۾ ڪي جاگيرون ڏنيون. 20 فيبروري سن 1200ع ۾ سيف الدين العادل القاهره ۾ وارد ٿيو. هن ٿوري ئي عرصي ۾ شام، الجزائر، دياربيڪر ۽ آرمينا جا علائقا فتح ڪيا. سن 612هه مطابق 1257ع ۾ يمن جو ڀاڱو، جو سندس ڀاءُ الملڪ المسعود ابوالظفر يوسف جي هٿ هيٺ هو، سوبه پنهنجي قبضي ۾ رکيائين. غازي الملڪ العادل سيف الدين انصاف پرست، سياڻو، پنهنجي ارادي تي پڪو ۽ سخي بادشاهه هو. سلطان الغازي مرحوم وانگر عالمن ۽ فاضلن جو دوست هو ۽ زبردست بادشاهه هو سندس نالي تي خطبو  پڙهبو هو ۽ سندس سِڪو مصر، شام، يمن، عربستان، ڪردستان ۽ آرمينا تي هلندو هو.

ستون ڪروزيڊ

سلطان صلاح الدين ايوبي جي وفات کان چار سال پوءِ ڪروزيڊرن پوپ ڪليسٽائين ثالث CELESTINE جي اشاري تي وري اِسلام جي خلاف فساد ڪيو. يورپ جا مسيحي تاجدار وري اسلام سان جنگين ڪرڻ لاءِ اُٿيا. رچرڊ جيڪو عهدنامو سلطان الغازي مرحوم سان ڪيو هو، سو ڀڄي پيو. ڪروزيڊرن جو وڏو لشڪر يوناني بندرگاهن تي لٿو. هنن بيروت تي قبضو ڪري ورتو، سلطان الغازي سيف الدين ٻئي طرف طوفان وانگر جافاتي گهيرو ڪيو ۽ طبنين جي هولناڪ معرڪي ۾ نصارن سخت شڪست کاڌي ۽ صلح لاءِ درخواست ڪيائون. ٽن سالن تائين طرفين پاڻ ۾ عارضي صلح ڪيو.

اٺون ڪروزيڊ

پنجن سالن گذرڻ بعد پوپ اِنوسينٽ ثالث جو دراصل عياش ۽ دولت پرست هو. تنهن دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ سان نئين فساد لاءِ يورپ جي بادشاهن کي دعوت ڏني، پر رچرڊ انگلينڊ جي بادشاهه جنهن اِسلام جي تلوار برق انداز جو مزو چکي ڏٺو هو، تنهن هن تحريڪ ۾ هڪڙي پائي به نه ڏني ۽  پوپ کي سخت جواب لکي موڪليائين. کيس ڪروزيڊ جي خواب خرگوش کان بيدار ڪيائين. يورپ جي ٻين شهزادن جدا جدا فوجون ۽ خزانا هن نئين ڪروزيڊ لاءِ روانا ڪيا. مغربي مؤرخن ته هن ڪروزيڊ جي باري ۾ جدا جدا رايا ڏنا آهن، پر علامه ابن اثير لکي ٿو ته فلسطين تي حملي ڪرڻ جي بجاءِ ڪروزيڊرن قسطنطنيه تي ڪاهه ڪئي. قسطنطنيه جي شهنشاه ائنگليوس ANGELUS جنهن جو اکيون سندس ڀاءُ ڪڍائي قيد ڪيو هئائينس. تنهنڪري سندس پٽ اليگزيوس ALEXUS ڪروزيڊرن کان مدد گهري هئي. ڪروزيڊرن انڌي شهنشاه کي مدد ڏيڻ جي بهاني سان قسطنطنيه تي ڪاهه ڪئي. ۽ شهر جو چوٿون حصو ساڙي ڇڏيائون. شهر جي ماڻهن پنهنجي زالن ۽ ٻارن جي بچاءَ لاءِ لاچار هٿيار کنيان. هفتي تائين ساندهه جنگ لڳي رهي. آخر فاتحن شهر تي قبضو ڪيو. جيڪو به شهر جو رهاڪو هٿ لڳن، تنهن کي قتل پئي ڪيائون. هنن ڳوٺن جا ڳوٺ ڦري ناس ڪيا. ديولن ۽ جاين کي باهه ڏئي ساڙيائون. نائيسٽاس NICETAS بازنطيني تاريخ نويس جي ڌئ ٻاهر نڪري قزاقن کي چيو ته ”توهين جن مسلمان ترڪن سان وڙهڻ آيا آيو. اُهي مسلمان توهان ظالمن کان هزار بار بهتر آهن. ڇاڪاڻ جو جڏهن سلطان صلاح الدين رحه بيت المقدس فتح ڪيو هو. تڏهن ڪنوارين ڇوڪرين، زالن، ٻارن ۽ ضعيف مردن سان نهايتي رحمدلي سان هلت ڪئي هئائين. نه توهان وانگر باهه، تلوار ۽ بک سان مخلوق خدا کي تنگ ڪيائين ۽ نه وري توهان وانگر ڪو زالن کي اُگهاڙو ڪيو هئائين!“

مطلب ته هي عيسائي قزاق جتي ويا. اُتي محلاتن ۽ ديولن کي لٽي ساڙي ماڻهن جا خزانا گڏ ڪري جوابازي ۽ شراب خوري ڪرڻ لڳا. سندن پيرن هيٺان يسوع مسيح ۽ عيسائي پادرين جا بت پيل هئا. جن کي پئي لتاڙيائون. سينٽ صوفيا جي مشهور  ديول ۾ جيڪي به قيمتي مورتون ۽ ٻيا بت ديوارن تي لڳل هئا. تن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري پاڻ ۾ ورهايائون. ايتريقدر جو خچرن کي مال کڻڻ لاءِ سينٽ صوفيا جي ديول ۾ اندر هڪلي ويا! مٿن ايترو مال لڏيائون جو هو کڻڻ کان لاچار ٿي پيون. پوءِ تلوار سان هنن کي ماري وڌائون. سندن خون ديول جي فرش تي ريلا ڪري وهڻ لڳو. ديول جي بطريق جي ڌئ ۽ ٻين ڪنوارين ڇوڪرين کي ديول م ناچ ڪرايائون ۽ پاڻ نشي ۾ مدهوش ٿي. ناچ پئي ڏٺائون. پنجون ڪروزيڊ فلسطين تائين ڪونه پهتو. پر قسطنطنيه جي رنگ رلين محفلن تائين رهجي ويو.

نائون ڪروزيڊ

پوپ انوسينٽ جي دلي مراد اڃا به پوري ڪانه ٿي، هن ڇهين ڪروزيڊ لاءِ واعظ ڪيو. هڪ فوج گڏ ڪيائين. جنهن ۾ انڌا، منڊا زالون ۽ ٻار مطلب ته جيڪي به هٿ لڳس سي ڪروزيڊ لاءِ تيار ڪيائين. هن ڪروزيڊ ۾ هنگري جي بادشاهه، آسٽريا جي ڊيوڪ، بئويريا ۽ جرمنئ جي شهزادن به فوجون ڏنيون. اٽڪل اڍائي لک فوج مشرق تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪتي، جنهن ۾ اڪثر هنس ۽ ٽيوٽان  قومون هيون، جن شام جي ڪناري تان مصر تي حملو ڪيو. سلطان الغازي سيف الدين، جو هن وقت شام ۾ سندن انتظار لاءِ ترسيل هو، سو مصر ڏانهن موٽيو، پر افسوس جو 7 جمادي الثاني سن 615هه مطابق 13 آگسٽ 1218ع ۾ دمشق وٽان لنگهندي وفات پاتائين. هن 20 ورهيه حڪومت ڪئي. سندس حڪومت جو عرصو شاندار هو، سلطان الغازي وانگر هن به ڪروزيڊرن کي شام ۽ سمنڊ تي شڪستون ڏنيون. سندس وفات کانپوءِ سندس سلطنت سندس پٽن ۾ ورهائجي ويئي. سندس پٽن مان شهزادو محمد الملڪ الڪمال ابو المعليٰ نصيرالدين مصر جو والي ٿيو. ٻيو پٽ شهزادو عيسيٰ الملڪ المعظم شرف الدين شام جو حاڪم ٿيو. ٽيون پٽ شهزادو موسيٰ الملڪ الاشرف مظفرالدين حلب جو والي ٿيو.

ڪروزيڊرن نيل درياهه جي ڇوڙ وٽ داميتيا تي حملو ڪيو. هتي جي شهر جو ڪروزيڊرن ساڳيو حال ڪيو. جهڙو بيت المقدس ۾ ڪيو هئائون. داميتيا جي آدم شماري 70000 هئي، جن مان فقط ٽن هزارن پنهنجي جان بچائي جن ٻين شهرن ۾ هن ظلم جي اچي خبر ٻڌائي. 10 ماهه رمضان المبارڪ سن 616هه مطابق 19 نومبر سن 1219ع ۾ هنن ڪفارن مصر جي پايهء تخت القاهره تي ڪاهه ڪئي.شهزادي الملڪ الڪامل کي ڀائرن هن مهم جي مقابلي ڪرڻ ۾ مدد ڏني، پر هن سواءِ  مقابلي جي شام سندن حوالي ڪيو. انهئ شرط سان ته هو مصر تي ٻيهر حملو نه ڪندا. پر عيسائين منظور نه ڪيو ۽ حملي کي جاري رکيائون، پر خوشقسمتئ سان نيل درياهه ۾ اوچتو اچي طغياني پئي. مصري فوجن به هن تائيد غيبي کي غنيمت سمجهي درياهه جا بند ڀڃي ڇڏيا. جنهنڪري عيسائين کي حملي ڪرڻ کان روڪ ٿي، سندن کاڌ خوراڪ جو سامان کپي ويو ۽ منجهن اچي ڏڪر پيو. هوڏانهن مصري فوجن به هٿيار سنڀالي ورتا، جنهنڪري لاچار ٿي نصارن صلح لاءِ درخواست ڪئي ۽ پوئين پير سمنڊ جي رستي موٽي ويا. عيسائين جي موٽي وڃڻ کانپوءِ مصر وري فسادن جو مرڪز بڻجي ويو، جيئن ته شهزادي الملڪ المعظم واليء دمشق پنهنجي ڀاءُ الملڪ الڪامل جي خلاف سلطان جلال الدين خوارزم شاهه کان مدد گهري، جو هن وقت خوارزم جو حاڪم هو. شهزادي الڪامل وري پنهنجي بچاءُ لاءِ جرمنئ جي شهنشاهه سان ناتو ڳنڍيو. هن پنهنجي وزير جمال الدين کي فريڊرڪ ثانئ ڏي مدد لاءِ موڪليو. فريڊرڪ ثاني يورپ جي سڀني بادشاهن کان علم، فلاسافي ۽ حڪمت ۾ هوشيار هو ۽ مسلمانن جو دوست هو. اسلام ڏانهن سندس گهڻو لاڙو هو. ڇاڪاڻ جو هن صقليه ٻيٽ جي اِسلامي درسگاهه ۾ تعليم ورتي هئي. هن والئ مصر جي مدد لاءِ هڪ نئون ڪروزيڊ تيار ڪرايو. جيتوڻيڪ پوپ کيس منع به ڪئي هئي. سن 624هه مطابق آڪٽوبر سن 1227ع ۾ الملڪ المعظم دمشق جي والي وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ الملڪ الناصر دائود دمشق جو حاڪم ٿيو. پر سندس چاچن جن جي سندس پيءُ سان دشمني هئي. تن ولايت دمشق تي قبضو ڪري ورتو ۽ الناصر دائود کي هوران، اڊيسا ۽ راقا جا علائقا بطور جاگير جي ڪري ڏنائون. شهزادي به چاچن جي نااتفاقي ڏسي لاچار کڻي ماٺ ڪئي.

فريڊرڪ ثاني جو الڪامل جي مدد لاءِ آيو هو، سو 4 فيبروري سن 1229ع ۾ فوجن سميت اچي شام ۾ لٿو. آخر گهڻي خط و ڪتابت کانپوءِ الڪامل ۽ فريڊرڪ جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو، ته ڏهن سالن تائين بيت المقدس بيت الحليم، جافا ۽ ايڪڙ تائين ملڪ عيسائين کي موٽي مليا. مسلمانن کي فقط سندن زيارتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ جي موڪل ملي. خاص ڪري بيت المقدس ۾ جامع العمر تي قبضي رکڻ جو کين حق ڏنو ويو. هن عهدنامي گهڻو جٽاءُ نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو مسلمان اهڙي عهدنامي تي رضامند نه هئا. ڇاڪاڻ جو جنهن ارضِ مقدس لاءِ هنن ورهين کان خون وهايو، سو سواءِ جنگ جي عيسائين جي حوالي ڪرڻ هنن لاءِ بدناموسئ جو باعث هو. ساڳئ طرح عيسائي، جي مسلمانن جا ازل کان دشمن هئا، سي مسلمانن جي مذهبي آزادئ کي تسليم ڪري نه سگهيا. وڏي ڳالهه ته فريڊرڪ کي به جرمنئ ڏانهن موٽڻو پيو، ڇاڪاڻ جو يورپ ۾ سندس اٽليءَ جي پاپال رياستن سان عداوت هئي. کيس خوف دامنگير هو ته متان سندس غير حاضري ۾ سندس ملڪ تي حملو نه ٿئي.

21 رجب المرجب سن 635هه مطابق 8 مارچ سن 1238ع ۾ الڪامل نصيرالدين مصر جي والئ وفات ڪئي. اَمير سندس پٽن مان شهزادي ابوبڪر الملڪ العادل کي مصر جي تخت تي ويهاريو، پر هو عياش ۽ هيڻو هو، تنهنڪري سندس ڀاءُ ايوب الملڪ الصالح کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿيو. هو هوشيار ۽ برجستو حاڪم هو. مصر جا مملوڪ امير جي هن وقت مصر جي فوجن جا مهندار هئا تن البته خود مختياري ڏيکاري، پر شهزادي ايوب به ساڻن ساڳيا پير کنيا. شهزادو الملڪ الناصر دائود جو هوران ۽ راقا جو امير هو، تنهن سن 637هه مطابق سن 1245ع ۾ عيسائين کان بيت المقدس فتح ڪري سندن ٻين گهڻن قلعن کي هڻي برباد ڪري ڇڏيو.

مصر ۽ شام هن وقت فسادن جا مرڪز هئا ۽ عباسي خليفا بغداد ۾ فقط بستري تي آرام وٺندا هئا ۽ رڳو نالي طور خليفة المسلمين ليکبا هئا. خليفي ناصرالدين سن 622هه مطابق سن 1225ع ۾ ستر سالن جي عمر ۾  وفات ڪئي. هن 47 سال 11 مهينا حڪومت ڪئي. عباسي خليفن ۾ ڪنهن ٻئي ايتري بادشاهي نه ڪئي، هن هڪ جدا فوج تيار ڪئي هئي. ۽ بندوق هلائڻ ۾ به ماهر هو.

الظاهر بامرالله ابن ناصر

خليفةالمسلمين ناصرالدين جي انتقال کان پوءِ سندس پٽ ابو نصر الظاهر بامرالله جي لقب سان خلافت تي ويٺو. علامه ابن اثير لکي ٿو ته، عباسي دور جي آخر ۾ پوين خليفن مان هي نهايتي رحمدل ۽ انصاف پرست خليفو ٿي گذريو. هن رعيت تان ڍلون معاف ڪيون ۽ مظلومن کي سندن حق موٽائي ڏنائين. سندس حڪومت جو نمونو خلفاء راشدين جي عهد مبارڪ جو نمونو هو. ماڻهو کيس عمر بن عبدالعزيز ثاني ڪري سڏيندا هئا. سن 623هه مطابق سن 1226ع ۾ وفات ڪيائين. مرڻ مهل سندس عمر 53 ورهيه جي هئي.

المستنصر بالله اول ابن ظاهر

شهزادو اَبو جعفر سن 623هه ۾ المستنصربالله اول جي لقب سان بغداد جي تخت تي ويٺو. پيءُ وانگر حليم طبع، رحمدل ۽ انصاف پرست حاڪم ٿي گذريو. هن دجله جي ڪپ تي هڪڙو وڏو مڪتب تيار ڪرايو. جنهن ۾ هر طرح جا ڪتاب موجود هئا ۽ شاگردن جي آسودگي ۽ تعليم لاءِ گهڻو خرچ ڪيائين. سندس ڏينهن ۾ مشرق کان هڪ نئين قوم (تاتارين) جي نالي سان پيدا ٿي، جنهن جي خوف کان هن پنهنجي لشڪر کي گهڻو وڌايو.

تاتارين جو قديم وطن ۽ سندس نسل

تاتار ملڪ TARTAR هڪڙو ڪشادو ميدان ۽ مٿاهون پٽ آهي، جو اُڀرندي ۾ چينð جي الطائي ۽ تين شان (آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ وارا) جبلن کان شروع ٿي اُلهندي ۾ خضر جي سمنڊ تائين پورو ٿئي ٿو. اهڙئ ريت اُتر ۾ تندرا TUNDRA جي ڌٻڻ واري زمين کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ پامير ۽ گلگت جي ڍنڍن تائين پورو ٿئي ٿو. تاتار ملڪ کي ٻئ صورت ۾ منگوليا يا (مغلستان) ڪري سڏيندا آهن. جنهن کي جاگرافئ ۾ چيني تاتار ڪري سڏين ٿا. هن ڪشادي ۽ کُلئي ميدان ۾ جيڪي قومون رهنديون هيون. تن کي هَنس يا ترڪ سڏيندا هئا، پر اُنهن سان ٻيون گهڻيون ذاتيون به هيون. جيئن ته توراني، روسي ۽ اُزبڪ. پر عيسوي يارهين يا ٻارهين صدئ ۾ هتي ٻيون به قومون اچي رهڻ لڳيون، جي چال چلت ۽ عادتن ۾ پاڻ ۾ ملي ويون. تان جو سڀئي قومون گڏجي هڪ قوم ٿي پئي. سندن جدا جدا قبيلن تي جدا جدا سردار هئا ۽ هر هڪ قبيلو جدا جدا نالي سان سڏبو هو. سندن قبيلا کلئي ميدان ۾  رهندا هئا، پر سندن نسل هڪڙو ئي هو. علامه عبداللطيف مؤرخ، جو لکي ٿو ته سندن مشهور هٿيار تيرڪمان هو. سندن خوراڪ گوشت هو جتي ويا اُتي قتل عام ڪيائون. وڏن وڏن ندين کي گهوڙن جي وسيلي عبور ڪندا هئا. سندن گهوڙا محنتي ۽ جفاڪش هئا. هو ڀٽن ۾ صحرائي بدوين وانگر خانه بدوش ٿي رهندا هئا.

عيسوي ٻارهين صدئ ۾ مٿيان سڀئي قبيلا هڪڙي سردار جي هٿ هيٺ اچي گڏ ٿيا. سندس سردار جو نالو تيموجن هو. جنهن جي خاندان جي ستن پيڙهين شهنشاهي ڪئي. تيموجن جو پيءُ ستن قومن جو سرڪردو هو ۽ اٽڪل 40000 قبيلا سندس ماتحت هئا. تيموجن جڏهن ستن ورهين جو هو تڏهن شڪار، تيراندازي ۽ نيزي بازئ جا فن سکيو ۽ جڏهن ٻارهن ورهين جو هو، تڏهن سندس پيءُ مئو.کيس صغير العمر ڏسي گهڻن ئي قبيلن جي اميرن بغاوت ڪئي. مگر هن پنهنجي اِستقلال ۽ صبر سان اُنهن کي مات ڪري اٽڪل 140 سردارن کي بغاوت جي الزام ۾ ڪوسي پاڻيءَ ۾ ٻوڙائي مارائي ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته متان ڪو ٻيو وري بغاوت نه ڪري. سن 1155ع ۾ تيموجن ڄائو ۽ سن 1189ع ۾ خاقان جي لقب سان تاتاري قبيلن جو شهنشاهه ٿيو. ساڳئي وقت ۾ پنهنجا تاتاري وٺي ڏکڻ ۽ اولهندي وارن ملڪن تي ڪاهون ڪيائين. سن 1227ع ۾ هن جهڙو بهادر شهنشاهه سڄي براعظم ۾ ڪو ورلي هو. وڏا وڏا امير ۽ سردار هن جي حشمت کان ڊڄندا هئا. افغان، ايراني ۽ هندو هن قوم کي مغل سڏيندا آهن. پر مغربي يورپي تاريخ نويسن کين تاتاري نالي سان ڪري سڏيو آهي، پر ويچار ڪري ڏسبو ته تاتاري قبيلن ۽ مغلن ۾ گهڻو تفاوت آهي. مثال طور هندوستان تي جن مغل شهنشاهن شهنشاهي ڪئي. اُهي سفيد رنگ جا ۽ خوبصورت هئا. سندن پيشانيون ڪشاديون. ابروخمدار، اکين جو ڪٽوريون نوڪدار ۽ ڪاريون، هرڻ جيان، ڊگها ڪارا وار، سينو ڪشادو، ڪمر شينهن وانگر سوڙهي سندن بازو مضبوط مگر ڪارايون سنهيون، هٿن جون آڱريون ڊگهيون، آواز سنهو خوشنما مطلب ته خوبصورتئ جون جيڪي وصفون چئجن، سي منجهن هيون. اهڙئ طرح سان عثماني ترڪ جن وڏو وقت يورپ تي حڪمراني ڪئي، تن کي به يورپي قومون تاتاري ڪري ليکين ٿا. پر غور ڪري ڏسبو ته يورپ ۾ ٽيوٽان، فرئنڪ، لاطيني، ائنگلو سئڪزن، نارمن، ڊچ يا يوناني جي پاڻ کي آريه نسل مان شمار ڪن ٿا. تن کان عثماني ترڪ، جي سندن روايتن موجب تاتاري آهن، وڌيڪ خوبصورت ۽ شجاع آهن. فاتح مغل جڏهن هندوستان ۾ آيا، تڏهن پاڻ سان ايراني تهذيب کي ساڻ آندائون، سندن ئي قومن جي صدقي هندوستان ايراني تهذيب جو لباس پهريو. عثماني ترڪن به جڏهن يورپ ۾ پير پاتو تڏهن هندوستان جي مغلن وانگر مٿي تي وڏيون دستارون ۽ بدن تي قبائون ڍڪڻ لڳا، پر رفته رفته هو ڪوٽ پتلون ڍڪڻ لڳا ۽ يونانين وانگر ڪاڙهي بناوت جي ڊگهي ٽوپي ڪاري ڦندڻ سان ڍڪڻ لڳا. هن لباس ۾ ته ويتر خوبصورت ڏسجڻ ۾ آيا. پر تاتارين خواهه منگولن يا اُزبڪن يا چينين جي شڪل هندوستان جي مغلن ۽ عثماني ترڪن کان سراسر مختلف نموني جي آهي. جيئن ته مٿين قومن جي پيشاني اڳتي نڪتل، اکيون چپڙيون، نڪ ننڍو ۽ ويڪرو، ڳلن جا هڏا نڪتل، ڏاڙهيون ٻچيون پر بدن مضبوط آهن. هندوستان جي مغلن ۽ عثماني ترڪن ۾ ڪو تفاوت ڪونهي. فقط ايترو تفاوت سو آهي، جو هندوستان جي مغلن کي ڊگهيون ڏاڙهيون هيون. پر عثماني ترڪ يورپ ۾ ڏاڙهيون ڪوڙائڻ لڳا.

آمدم برسرِ مطلب ته تاتارين جي ڪائي مقرر تاريخ ڪانهي. هر ڪنهن تاريخ نويس سندن متعلق جدا جدا رايا ڏنا آهن. سندن قبيلن جو ڪوئي مذهب ڪونه هو. اڪثر گوتمي پنڊت، نصارا، يهودي ۽ مسلمانن جا علماء سندن ڳوٺن ۾ گشت ڪندا هئا ۽ کين پنهنجي پنهنجي مذهبن جي تعليم ڏيندا هئا جنهنڪري منجهائن گهڻا ٻڌ ڌرم جا بت پرست هئا. اهڙئ طرح ڪي نالي طور عيسائي، ڪي بني اسرائيل ۽ ڪي مسلمان هئا. بعض مؤرخن پنهنجن تاريخن ۾ ڏيکاريو آهي، ته تاتاري خان ۽ مغل خان ٻه ڀائر هئا، جي قطائي جي ملڪ ۾ رهندڙ هئا ۽ 70000 قبيلا سندن ماتحت هئا! اسين اڳتي هلي تاتارين جي تاريخن جو تفصيل وار بيان ڏينداسون. وڌيڪ ڪائي راءِ زني ڪري نه ٿا سگهون. پئرس ۽ روم جي ڪتب خانن ۾ جيڪي تاتارين جي متعلق ڪتاب موجود آهن، تن ۾ لکيل آهي، ته سن 1238ع ۾ تاتارين جڏهن يورپ تي حملو ڪيو هو، سو تاتار خان جي هٿ هيٺ ڪيو هئائون. ان سبب ڪري روسي، فرينچ، انگريز، جرمن، اٽالين ۽ يوناني عثماني ترڪن کي تاتاري ڪوٺين ٿا. سندن اِهو رايو آهي، ته عثمان خان ترڪن جو باني تاتار خان جي اولاد مان هو ۽ ظهيرالدين بابر بادشاهه جنهن سن 1526ع ۾ مغلن جي شهنشاهت جو هندوستان ۾ پايو وڌو سو مغل خان جي اولاد مان هو(1).

تاتاري هڪ جاهل ۽ وحشي قوم هئي، تيموجن، جو سندن رئيس اعظم هو، تنهن پنهنجو هينئر نالو ڦيرائي زنگيز رکيو. مغلن جي زبان ۾ زنگيز جي معنيٰ آهي، وڏو پر اڪثر تاريخ نويسن کيس زنگيز جي بدران تاريخن ۾ چنگيز ڪري ڏيکاريو آهي. هو ڪفار وڏو دل جو ڪٺور ۽ جلاد هو، کيس (قهر خدا) جي لقب سان سڏين ٿا.

تاريخ جي ورق گرداني مان معلوم ٿو ڪجي، ته چنگيز جي حڪومت ۾ اڪثر اَمن امان هو. هڪڙي خونئ کي موت جي سزا ملندي هئي. باقي چورن ۽ بدمعاشن کي گڏجي ماريندا ڪُٽيندا هئا.

سندن گهر کليل پوٺن تي فوجي ڪئمپن جي مثل هئا، جتي هو رات ڏينهن هٿيارن سان مسلح رهندا هئا. هو پنهنجن غلامن ۽ جنگي قيدين سان البته مروتون به ڪندا هئا ۽ گڏجي کائنن سندن ملڪن جو عجيب ۽ غريب ڳالهيون ٻڌندا هئا. سندن ملڪ ۾ مغلستان، زنگيريا، پامير، چيني ترڪستان ۽ ڪرغستان مکيه علائقا هئا. هتي سياري ۾ سخت سردي ۽ اونهاري ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون لڳن ٿيون. ڇاڪاڻ جو مغلستان (منگوليا) جي اندروني حصن ۾ بحري هوا نه ٿي لڳي تنهنڪري هتي برسات به ورلي پئي ٿي. هو پنهنجي چوپائي مال جي پرورش لاءِ اڪثر چراگاهن جي تلاش ۾ رڌل رهندا هئا. اِن سبب ڪري کين هروقت سفر ڪرڻو پوندو هو. تنهنڪري سندن رهائش جو ڪو مقرر هنڌ ڪونه هو. سندن لشڪر بنا ڪنهن کاڌي يا آسائش جي ڏينهن جا ڏينهن دشمن سان مقابلو ڪندو هو. سندن مکيه هٿيار تيرڪمان هو. هو دشمنن کي آخر آڻ مڃائيندا هئا. سندن لشڪر هزارن جي تعداد ۾ ورهايل هو، ۽ هر هڪ سپاهئ تي فرض هو، ته هو پنهنجي مهندار جو حڪم مڃي. ڪنهن به سپاهئ کي مجال نه هئي جو جنگ جو ميدان ڇڏي سگهي. سندن مذهب نسبت ائين ٿو معلوم ٿئي، ته  اوائل ۾  هو بت پرست هئا، پر ايترو چئبو ته رب سموٰت والارض جي لاءِ سندن دلين ۾ شوق دامنگير هو. هو علم کان بلڪل پري هئا، سندن رئيس اعظم چنگيز خان به بيعلم جاهل هو. اهو ئي سبب آهي جو مخلوق خدا تي هن ناروا ظلم ڪيا، تنهن جي عيوض کيس ”قهرخدا“ جي لقب سان سڏيندا هئا. جيئن بخت نصر بابل مان نڪري بيت المقدس کي ناس ڪيو يا جيئن رومين ڪارٿيج ۽ اِسڪندريه ۾ بربادي ڪئي يا گاٿ لوڪن رومةالڪبريٰ کي تاراج ڪيو، تيئن تاتاري اُها قوم هئي جنهن مشرق مان طوفان وانگر مٿو ڪڍي اِسلامي دنيا جي مرڪز بغداد شريف ۾ جيڪا قتل ۽ غار تگري ڪئي، تنهن جي مرثيه خواني اڳتي هلي ڪبي. فخر ڪائنات پيغمبر خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم به هن مشرق جي قوم جي فساد کان پيشن گوئي ڪئي هئي ۽ هڪڙي ڀيري مشرق ڏانهن اِشارو ڪري فرمايائون ته فتنو مشرق جي طرف کان ٿيندو(1) ٻئي هنڌ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن آخري زماني جي فسادن بابت هن ريت خبر ڏني: ”قيامت ايستائين نه ايندي جيسين توهين تاتارين سان قتل ۽ خونرريزي نه ڪندو“ وري فرمايائون ”يکثرالهرج“ جڏهن حضور پر نور کان پڇيائون ته ”هرج“ جي ڇا معنيٰ آهي؟ تڏهن آنحضرت جن فرمايو ”قتلالقتل“ يعنيٰ گهڻي خونريزي ۽ قتل ٿيندو(2). هي اُهي قول آهن جي پيغمبر خدا  صلي الله عليھ وآلھ وسلم اُن زماني ۾ 6 سؤ سال اڳ چئي ويا آهن. واقعي بلاد اسلاميه جي علم جون شمعون روشن هيون ۽ بارگاهه خلافت اِسلاميه بغداد شريف جنهن جي تاجدارن جي چوکٽ اڳيان چين جا خاقان جهڪندا هئا ۽ جن جي حشمت کان رومةالڪبريٰ جون ديوارون ڪنبنديون هيون، هن لالهء صحرا جهڙي شهر کي تاتاري ڪفارن خاڪ ۽ خون سان ملائي ڇڏيو. تاتاري بي علم هئا تنهنڪري سندن تاريخ جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگهي. چنگيز جي مرڻ کان 68 سال پوءِ چين، ايران، آرمينا، شام، عرب، يونان، روس، پولينڊ، هنگري، اٽلي ۽ هندوستان جي ملڪن ۾ سندن تاريخون ڇپجي تيار ٿيون.

تاتارين جون تاريخون

سن1294ع ۾ ايران جي بادشاهه جي حڪم سان سندس وزير مغلن جي مڪمل تاريخ محنت ڪري حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي مغل خان جي عهد حڪومت تائين فارسي زبان ۾ تيار ڪئي. جنهن ۾ رڳو چنگيز خان ۽ اُن جي چئن پٽن جو بيان 9 جلدن ۾ ڪيل آهي. هن تاريخ ۾ شيباني خان اُزبڪ جو ذڪر ڏنل آهي. هن تاريخ جو ترجمو سويڊن جي هڪڙي قيدي يورپي زبان ۾ ڪيو هو. جو بهادر خان اُزبڪن جي اَمير وٽ سن 1644ع ۾ سائبيريا ۾ قيد هو.

فارسي زبان ۾ ٻي هڪڙي تاريخ چنگيزاعظم جي نالي، سلطان جلالدين جي وزير خواجه نظامئ سلطان جي حڪم سان تيار ڪئي. جنهن جو ترجمو سن 1710ع ۾ پئرس ۾ ٿيو.

چيني زبان ۾ مغلن جي تاريخ اُتي جي تختگاهه پيڪنگ شهر ۾ موجود آهي. جنهن ۾ مغلن جي فتوحات جو ذڪر ڏنل آهي. سن 1739ع ۾ فرانس جي مِشن سوسائٽي وارن فرانسيسي زبان ۾ ڇپي تيار ڪئي. جا هن وقت پئرس جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي.

شامي زبان ۾ مغلن جي تاريخ چنگيز کان وٺي نائين پيڙهي تائين اَبو الغرغاث تيار ڪئي، جنهن ۾ مغلن جي ڏهن پيڙهين جو بيان ڏنل آهي.

نيڪو فورس نالي هڪڙي يونانئ يونان جي تاريخ ۾ ڪجهه مغلن جو بيان ڏنو آهي، پر اُن زماني جو جڏهن تاتارين روس تي حملو ڪيو هو، پر سندن نسل کان بيخبر هو.

نڪان NICON نالي هڪڙي روسي پادرئ پنهنجي ڪتابن ۾ مغلن جو بيان ڏنو آهي پر اُهو به ان وقت بيان ڏنو اٿئين، جڏهن هنن روس تي ڪاهه ڪئي هئي.

پولنڊ جي شهر ڪئراڪو CARACOW ۾ هڪڙي حڪيم ميٿيو نالي وٽ تاتارين جي تاريخ موجود هئي، جا سن 1506ع ۾ جڙي هئي. هن وقت هنگري خواهه جرمنئ جي ڪتب خانن ۾ موجود آهي. سا دراصل هڪڙي فوجي جرنيل ٿراڪز جي جڙيل آهي، هن کي تاريخن لکڻ جو ڏاڍو شوق هو.

هندوستان جي تاريخن ۾ به تاتارين جي ڪاهن ۽ تيموري شهنشاهن جو ذڪر ڏنل آهي، پر رڳو سندن هندوستان تي ڪاهن جو ذڪر ڏنل آهي، سندن بيان چنگيز کان ڏنل آهي. جڏهن سلطان غياث الدين بلبن پهريون تاتارين کي پنجاب ۾ شڪست ڏيئي لوڌي ڪڍين.

ترڪي زبان ۾ جيڪا ترڪن جي تاريخ ”آل عثمان“ ڪرنل اِسمٰعيل بڪ تيار ڪئي آهي، تنهن ۾ عثماني ترڪن جي نسل بابت بيان ڪندي هن صاحب تاتارين جي تاريخ تي به ڪجهه روشني وڌي آهي. سندس بيان موجب مغلن جو شجرو وڃي حضرت نوح عليھ السلام سان ڳنڍجي ٿو.

انگريزي تاريخن ۾ گبن جي تاريخ ”رومي شهنشاهيت“ ۾ هن صاحب تاتارين جو ذڪر ڏنو آهي، جو قابل تعريف آهي. اُهو بيان اڪثر ابوالفدا جي عربي تاريخ تان ورتل آهي. ٻيو بيان مغربي سياح ”مارڪوپولو“ پنهنجي سياحت نامي ۾ ڏنو آهي، جو خان اعظم قبلائي خان جي درٻار ۾ موجود هو.

اِٽلي جي پايهء تخت روم ۾ جا تاريخ تاتارين جي لاطيني زبان ۾ لکيل آهي، سا اَبو الفدا جي تاريخ تان ترجمو ڪيل آهي.

تاتارين جون ڪاهون

چنگيز خان جي ڏينهن ۾ تاتاري ديوار چين کان وٺي روس جي وُلگا ندئ تائين سفر ڪندا هئا. جتي ويندا هئا، اُتي تنبو هڻي قيام ڪندا هئا. سندن حالت صحرا جي خانه بدوش اعرابن وانگر هئي. جيئن جيئن سندن قبيلا ويا وڌندا، تيئن تيئن هنن کي ٻين هنڌن جي ڳولا ڪرڻي پئي. وري بخارا ۽ چين جي هڪ ٻن قافلن کي ڦري هنن کي اهو خيال جاڳيو ته ايران، چين، ماوراءِ النهر، هندوستان ۽ مغربي ملڪ تاتار کان وڌيڪ دولتمند آهن، اهو هڪ خاص سبب آهي، جو هنن کي حملي ڪرڻ جو شوق دامنگير ٿيو. سن 609هه ۾ بخارا جا چار واپاري بلاد تاتار ۾ واپار ڪرڻ جي سانگي سان ويا، پر تاتارن کين لُٽي ستايو. هن کانپوءِ چنگيز ڏيڍ سو پنهنجا واپاري بخارا ڏانهن موڪليا. جڏهن اُهي اترار جي مقام وٽ پهتا، تڏهن اُتي جي امير بخاري واپارين جي بدلي ۾ هنن جو مال ڦري سلطان محمد خوارزم شاهه جي خذمت ۾ موڪليو. چنگيز کي هن حادثي جي ڪري اچي دل ۾ باهه ڀڙڪي.

اڳي چنگيز جا وڏا چين جي خاقان کي سالياني ڍل ڀريندا هئا، مگر جڏهن چنگيز پنهنجي قبيلن جو رئيس اعظم چونڊيو ويو، تڏهن بي عزتي جي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. هن هڪڙو وفد خاقان جي درٻار ۾ ڏياري موڪليو، جنهن خاقان جي درٻار ۾ وڃي کُليءَ طرح سان ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اڃا وفد درٻار ۾ ئي هو، ته درٻارين مان هڪڙي بيهي عرض ڪيو، ته تاتارين جا لشڪر شهر جي ديوار ٻاهران موجود آهن. ٿوري عرصي اندر هنن چين جا 90 شهر فتح ڪيا ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم ٿي وئي. خاقان جي فوجن کي طاقت نه ٿي جو هن طوفان بي تميزيءَ کي روڪي سگهن. شهنشاهه جي وڏن وڏن فوجي مهندارن وڙهڻ کان صاف جواب ڏنو ۽ پنهنجي بادشاهه جي خلاف فساد کڙو ڪيائون. سن 1214ع ۾ لاچار خاقان چنگيز سان عهدنامو ڪيو، جنهن ۾ خاقان پنهنجئ ڌئ جو سنڱ رئيس اعظم کي ڏنو تنهن کانسواءِ 3000 گهوڙا، 500 نوعمر ڇوڪريون، گهڻو ريشم ۽ سون چاندئ جو مال سندس خدمت ۾ بطور نذراني جي پيش ڪيائين. خاقان جي ڌئ نهايت ئي خوبصورت هئي. هن رئيس اعظم جي دل کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ گهڻي راز و نياز واري انداز سان ڪوشش ڪئي، پر چنگيز فوجي هو، دل جو ڪٺور هو. وري پاڻ وٽ دولت ۽ طاقت ڏٺائين، تڏهن ٻيهر چين تي حملو ڪيائين. چيني لشڪر هن ڀيري به شڪست کاڌي. تاتارين خاقان جي پايهء تخت (يعني ڪنگ) تي حملو ڪيو آخر هن گهيري ۾ چيني فوجن جي کاڌ خوراڪ جو سامان کپي ويو، تڏهن تاتارين شهر کي لٽيو ۽ ساڙي ڇڏيو. سڄو شهر مسمار ٿي ويو. شاهي محلات ۽ قلعا برابر ٽن ڏينهن تائين سڙندا رهيا(1). هن جنگ کانپوءِ جڏهن خاقان اُتر وارا پنج علائقا چنگيز جي حوالي ڪيا تڏهن مس مس سندس جان آزاد ٿي.

جڏهن چنگيز چين کي ساڙي لٽي تاراج ڪيو، تڏهن خوارزم شاهه خيوا جي والئ کان بدلي وٺڻ لاءِ نڪتو، جنهن اڳ سندس واپارين کي سزا ڏني هئي. سن 615هه مطابق سن 1218ع ۾ هڪ لک تاتاريي جرار فوجن سان منگوليا جي ميدان مان مٿو ڪڍيو، جو طوفان وانگر اچي فرغانه تي پلٽيو. ستت ئي افغانستان، هندوستان ۽ ايران به سندن بازي گاهه بنجي پيا. اسلامي دنيا ۾ ماوراءِ النهر، خراسان ۽ ايران بلڪل ڪيترائي ملڪ هئا. هنن ملڪن جا رهاڪو آباد ۽ آسودا، علم ۽ هنرن جي ڪمن ۾ ڀڙ ۽ زراعتي ڪمن ۾ ماهر هئا. شهرن جو چهچٽو بلڪل وسيع هو. بلاد اِسلاميه ۾ وڏا وڏا باغ، محلات، مساجد، مڪتب، ڪارخانا ۽ منجهن درسگاهون جڙيل هيون. خاص ڪري سلاطين سلجوقي جي مٿن ڇانو هجي. سندن عهد مهد ۾ وڏا وڏا رستا نهرون پليون جڙيون هيون. هن اِسلام جي مايهء ناز شهنشاهن مخلوق خدا جي ڀلي لاءِ سڀڪي ڪيو هو.هن وقت بلاد اِسلاميه جي آدم شماري لکن جي تعداد ۾ هئي. خاص ڪري هرات، بلخ، سمرقند، بخارا شريف ۽ نيشاپور ته ڪمال عوج کي پهتل هئا. اِهي شهر صدين کان اسلام جي تاجدارن جا تختگاهه هئا ۽ حجازي تهذيب جا مرڪز هئا. خوارزم شاهه جون فوجون ته هن سيلاب جي هڪڙئ نهر ۾ لڙهي ويون، مسلمانن خوف کان شهر خالي ڪري ڇڏيا. ڪفارن خوجند ۾ قتل عام ڪيو ۽ بخارا کي لٽ مار ڪرڻ کانپوءِ ساڙي ناس ڪري ڇڏيو. علامه ابن اثير لکي ٿو، ته وحشي ٽلن هن علم ۽ تهذيب جي مرڪز کي ناس ڪرڻ ۾ ايترا ظلم ڪيا، جو قلم کي لکڻ جي طاقت ناهي.

سن 1219ع ۾ مٿيون قهر خدا سمرقند تي ڪڙڪيو، جو نه رڳو علم ۽ حڪمت جي ڪري برک هو، پر وڏو واپار جو مرڪز هو ۽ سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر هو. هتان هندوستان، ايران، چين ۽ يورپ جا قافلا لنگهندا هئا. هي شهر اُن زماني جي لحاظ سان 3 ميل ڪشادو هو، سندس چؤطرف مضبوط ديوار ڏنل هئي. جنهنکي ٻارهن دروازا لوهه جا هئا ۽ ديوار جي اندران قلعا جڙيل هئا. جتي 110000 فوج ويٺل هئي. جن مان 60،000 ترڪمان 50،000 تاجڪ ۽ ايراني هئا، جي تاتاري طوفان کي روڪي نه سگهيا ۽ سڀئي سندن هٿان قتل ٿي ويا. جيتوڻيڪ شهر جي گهڻن ماڻهن ۽ اميرن آڻ مڃي، پر تنهن هوندي به  ڪفارن شهر کي مسمار ڪري ڇڏيو ۽ قتل عام ڪيائون، اٽڪل 30،000 ڪاريگر چنگيز ۽ سندس پٽن قيد ڪري پنهنجي وطن ڏانهن روانا ڪيا. باقي بيشمار مخلوق کي پنهنجن ڇانوڻين ۾ لڳائي ڇڏيائون  جي سندن لشڪر ۾ بار بردارئ جو ڪم ڪندا هئا. سمرقند مان رڳو 50،000 ماڻهن جان بچائي ٻين شهرن ۾ اچي پناهه ورتي، جتي هن طوفان جي خبر ڏنائون.

بلخ جي ماڻهن کي جڏهن سمرقند ۽ بخارا جي هولناڪ قتل عام ۽ غازتگرئ جي خبر پئي، تڏهن هنن گهڻيون ئي قيمتي بيش بها سوکڙيون رئيس اعظم جي خدمت ۾ بطور نذراني جي نياز سان پيش ڪيون. پر خان اعظم کين شهر خالي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پوءِ شهر کي باهه ڏياريائين، جو سڙي خاڪ جو ڍير ٿي پيو. پوءِ سندس لشڪر ماڻهن کي قتل ڪيو.

سن 1220ع ۾ هن طوفان اُرگنج کي تاراج ڪيو. نيسا NESSA ۾ 700 ماڻهن کي رسن سان ٻڌي سمهاري پوءِ تيرن سان چٽي ماري ڇڏيائون! سن 1221ع ۾ نيشاپور، جو طاهري ۽ سلجوقي خانن جو تختگاهه هو.ð تنهن کي مسمار ڪرائي زمين سان ملائي پوءِ مٿس جوَ پوکايائين. فقط 400 ڪاريگرن کي آزادي ڏيئي پنهنجي وطن مغلستان ڏانهن ڏياري موڪليائين. نيشاپور ۽ سندس گرد نواح جملهء 1،74،000 ماڻهو قتل ٿي ويا!! هرات ۾ برابر هڪ هفتو قتل ۽ غارتگري جي بازار گرم رهي. جتي 1،600،000 ماڻهو بيگناهه قتل ٿيا، شهر جي مسجدن ۾ فقط چاليهه مسلمان بچيا. جن شهيدن لاءِ مرثيه خواني ڪئي. مشهور اِسلامي شاعر علامه شيخ فريدالدين عطار رحه به ڪفارن هٿان شهيد ٿيو(1).

دناور ۽ همدان وارن سان به ساڳيان ظلم ٿيا. فقط راءِ جي شهر ۾ 15000 ماڻهو قتل ٿي ويا.

محمد خوارزم شاهه پنهنجي قبيلي سان هيڏانهن هوڏانهن لڪندو جان بچائيندو رهيو، پر آخر سندس قبيلو ڪفارن هٿان گرفتار ٿي مارجي ويو. فقط سندس هڪڙو فرزند وڃي بچيو. جو ڪفارن سان مقابلو ڪندو رهيو. شاهه پنهنجي جان بچائي بحيره خضر جي هڪڙي ٻيٽ ۾ وڃي لِڪو جتي هن وفات پاتي.

تاتارين جي موٽ کانپوءِ سندس پٽ سلطان جلال الدين موٽي خوارزم، هرات ۽ غزنئ تي قبضو ڪيو. جتان لشڪر گڏ ڪري مغلن جو مقابلو ڪيائين. پر هڪ ٻن جنگين ۾ شڪست کاڌائين. چنگيز سندس پٺيان پيو. جلال الدين وڃي هندوڪش جبلن ۾ لڪو. چنگيز هتي به کيس آرام وٺڻ نه ڏنو. هڪ ٻن معرڪن کان پوءِ ڀڄي وڃي سنڌو ندئ  وارن علائقن ۾ پناهه ورتائين. تاتاري به سندس پٺيان پيا. آخر دهلي جي غلام بادشاهه سلطان غياث الدين بلبن تاتارين کي شڪست ڏيئي اولهندي ڏانهن تڙي ڪڍيو.

وچ ايشيا ۽ ايران ۾ جيڪي سلجوقي شهنشاهن واپار جي سهوليت لاءِ رستا تعمير ڪرايا هئا، سي بلڪل ناس ٿي ويا. اسلامي ملڪن جا هنر برباد ٿي ويا. شهر جا شهر خاڪ ۽ خون سان ملي ويا. ڪاشتڪارن کي هولناڪ فاتح فوج ۾ ڀرتي ڪيو. باقي هنرمند ڪاريگرن کي جي هزارن جي تعداد ۾ هئا پنهنجي تختگاهه قرراقرم ڏانهن روانو ڪيائين. جن مٿيون شهر چنگيز جي پٽن لاءِ سينگاريو. نوٽ ](قراقرم) جو شهر چنگيز جي اولاد جو تختگاهه هو، سو الطائي جبل جي اُتر ۾ منگوليا ۾ اُرگا URGA جي ڏکڻ ۾ هو. سندس ڦٽل نشان اڃا موجود آهن. چون ٿا، ته هتي جبل جي غار ۾ چنگيز جو تابوت ۽ ڪي بيش بها ڪتاب اڃا سوڌو موجود آهن. جن جي خبر هتي جي رهاڪن کي آهي. ٿورا ڏينهن ٿيا ته ٽائيمس آف انڊيا جي روزاني پرچي ۾ لکيل هو، ته هڪڙو روسي سياح حڪومت چين جي اجازت سان وڃي، قراقرم جو ڦٽل شهر ڳولي لڌو. هن جو چوڻ آهي، ته چنگيز جو تابوت اڃا تائين الطائي جبل جي هڪڙي غار ۾ رکيل آهي. پر هتي جا رهاڪو ڪنهن به ڌارئي ماڻهوءَ کي خبر نه ٿا ڏين. جيڪڏهن ڪو اُتي وڃي ڳولا ڪري ٿو ته اُن کي ماري ڇڏين ٿا. هو سياح لکي ٿو، ته مون کي به اها خبر هڪڙي اُتي جي ريڍار کان پئي.

چنگيز جڏهن ايران تي فوج ڪشي ڪرڻ ۾ مشغول هو، تڏهن چين جي خاقان وجهه وٺي سندس علائقن تي ڪاهه ڪئي. جنهنڪري کيس پٺتي موٽڻو پيو، پر سندس فاني زندگئ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا. سن 624هه مطابق سن 1227ع ۾ هو مُئو.

چنگيز جا پويان

چنگيز پنهنجي حرم ۾ 500 زالون ڇڏي ويو، کيس 4 پٽ هئا، جي وڏا جنگجو هئا، جڏهن پاڻ ڪنهن مهم تي نڪرندو هو ته سندس پٽ پيءُ جي غير حاضرئ ۾ ملڪ جي سنڀال ڪندا هئا. اُهي پنهنجن فوجن جا سرڪردا به هئا. منجهان طوشي وڏو شڪاري هو. چغطائي سلطنت جو وڏو منصبدار هو. افطائي وزارت جي قلمدان جو مالڪ هو. طولي فوجن جو سپهه سالار هو. خان اعظم جي مرڻ کانپوءِ سڀني گڏجي افطائي کي بادشاهه انتخاب ڪيو جو اڳيئي وزارت جي قلمدان جو مالڪ هو. کائنس پوءِ سندس پٽ گايوڪ شهنشاهه ٿيو. هن جي مُئي پڄاڻان طولئ جي ٻن پٽن: منگو خان ۽ قبلائي خان شهنشاهي ڪئي.

خان اعظم قبلائي خان

تاتاري يا مغل رئيسن جيئن جيئن نوان ملڪ فتح ڪيا، تيئن هنن کي بيشمار دولت هٿ لڳي. 84 ورهين جي عرصي ۾ سڄي ايشيا ۽ يورپ تي مغل پکڙجي ويا. سندن چار جدا جدا سلطنتون ٺهي ويون. اڳ چين جي سلطنت ٻن وڏن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي. هڪڙو اُتر وارو ڀاڱو ٻيو ڏاکڻئون ڀاڱو. اُتر واري ڀاڱي کي چنگيز هڻي ناس ڪري ڇڏيو هو، جنهنڪري خاقان خوف کان ڏکڻ ۾ نئون شهر ڪائيفانگ نالي تعمير ڪرائي. اُتي شهنشاهي ڪرڻ لڳو. هتي لکين چيني اچي آباد ٿيڻ لڳا. ڇاڪاڻ جو هنن کي تاتارين کان خوف هو. چنگيز مرڻ وقت پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي چينين کان بدلي وٺڻ لاءِ وصيت ڪري ويو هو. سندس وصيت موجب خاقان کي مات ڪرڻ لاءِ قبلائي خان چين جي نئين تختگاهه تي حملو ڪيو. جڏهن چينين کي هن نئين آفت جي خبر پئي تڏهن هنن شهر جي ٻاهران هڪڙي وڏي کاهي کوٽي تيار ڪئي. جنهن ۾ باهه جا وڏا مچ ٻاري ڇڏيائون. انهئ لاءِ ته مغل روڪجي وڃن. پر شهر آخر فتح ٿي ويو. شهر جا رهاڪو شهر ڇڏي ساهه جي بچاء لاءِ ڀڄڻ لڳا ۽ تاتاري سندن پٺيان کين قتل ڪندا ويا. ]اڪثر تاريخن مان ائين معلوم ٿو ٿئي چينين خواهه تاتارين وٽ توپون ۽ بندوقون هيون، کين گولي بارود ٺاهڻ جي تعليم هئي، اِن باري ۾ مارڪو پولو، هڪڙي مشهور مغربي سياح جو چوڻ آهي،  ته 14 صدئ عيسوي ۾ جيڪي قافلا يورپ کان چين ڏي ايندا هئا. اُنهن قافلي وارن کان چيني بارود جا هٿيار ٺاهڻ سکيا.(1) ٻئي هڪڙي چيني ترجمان گابل جو چوڻ آهي ته چينين وٽ عيسوي  سورهين صدئ کان اڳ اهي هٿيار موجود هئا. شايد تاتاري ۽ مغلن اهي هٿيار ٺاهڻ چينن کان سکيا.

ڪائيفانگ جڏهن تاتارين فتح ڪيو، تڏهن خاقان جو شاهي گهراڻو وڃي ها مچو جي شهر ۾ رهڻ لڳو. جتي سندن شاهي محلات جڙيل هئا ۽ شهر کي هڪڙي وڏي ديوار ڏنل هئي. پر تاتارين هن قلعي جي ديوارن کي توپن سان اُڏائي شهر تي قبضو ڪيو. خاقان شاهي قبيلي ۽ خزاني سميت قيد ٿي خان اعظم جي روبرو آندو ويو. هن 9 گهمرا  مٿو زمين تي رکي سلام بجا آندو پوءِ رئيس اعظم کيس ترڪستان ڏانهن جلا وطن ڪري موڪليو. جڏهن اُتر وارا علائقا فتح ٿيا، تڏهن خان اعظم ڏاکڻئي چين ڏانهن رخ ڦيريو. سن 1279ع ۾ ڏاکڻئي چين جو تختگاهه شهر ڪانتون CANTON هو، چون ٿا ته جڏهن تاتارين هي شهر فتح ڪيو. تڏهن هتي جي حاڪم پنهنجي عزت کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريو. ساڻس گڏ فاتحن جي خوف کان اٽڪل ڏيڍ لک چينين پاڻ کي ٻوڙي ماري ڇڏيو! چين جي وسيع سلطنت کي فتح ڪرڻ کان پوءِ خان اعظم قبلائي خان جاپان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن ڪانتون بندر مان هڪ لک ملاح مضبوط غورابن ۾ وهاري اوڏانهن روانا ڪيا. پر سندس مراد پوري نه ٿي. ڇاڪاڻ جو بادِ طوفان جي مخالفت ڪري سندس جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي غرق ٿي ويا، پر تنهن هوندي به ڪوريا، ٽانڪن، ڪوچين، پيگو، بنگال ۽ تبت جا علائقا خان اعظم کي خراج ڀريندا هئا. خان اعظم پوءِ بحري سفر ڪيا. هن بورنيئر ٻيٽ تائين سفر ڪيو.

تاتارين جون مغرب تي ڪاهون

هن وقت مغربي اِسلامي دنيا  تي جدا خاندان ۽ بادشاهه بادشاهي ڪندا هئا. ايران ۾ سلجوقين جي ڪا ٿوري طاقت وڃي رهي هئي. فسادين مروّ ۽ نيشاپور ۾ بربادي ڪئي. چئن سالن تائين سلطان ترڪمانن وٽ قيد هو، جن سندس راڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. آخر جڏهن سلطان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيس ۽ ائين دلشڪستو ٿي مئو. سن 552 هه مطابق سن 1157ع ۾ سندس ڀائيٽي اَمير طغرل نيشاپور جي دور ۾ سلجوقي سلطنت صفحهء هستي تان مٽجي ويئي!

ارسلان شاهه نالي هو جو هن خاندان جو پويون زنگي تاجدار عطا بيگ نور الدين سندس مرڻ کانپوءِ سندس صغير پٽ شهزادو مسعود تخت تي ويٺو جو پنهنجي پئ جي وفادار وزير بدرالدين لولو جي زير نگران هو. سندس مرڻ کانپوءِ ناصرالدين محمود حڪومت ڪئي. پر سن 1218ع ۾ سندس مرڻ کانپوءِ بدرالدين 37 ورهيه موصل تي حڪومت ڪئي. سن 660هه مطابق سن 1262ع ۾ مغلن موصل تي قبضو ڪيو.

ايشيا ڪوچڪ – يعني روم ولايت تي تاتارين سن 1235ع کان سن 1237ع تائين حملا ڪيا. سندن پهرئين حملي وقت قونيه جي تخت تي سلطان علاؤالدين ڪيقباد اَرسلان هو. هن سلطان کي وقت جي علمائن سڳورن (غياث الاسلام و مسلمين) لقب ڏنو هو. ڇاڪاڻ جو تاتارين جي قتل ۽ غارتگرئ کان جڏهن مشرقي اِسلامي دنيا تباهه ٿي تڏهن  گهڻن ئي بزرگن سندس دامن هيٺ اچي پناهه ورتي هئي. مشهور صوفي خواجه نجم الدين ڪبريٰرحه جو اُن وقت سندس درٻار ۾ هو، سو  درويش پنهنجي ڪتاب مرصاد العباد ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن مشرقي ملڪ تاتارين جي ڪاهن ڪري ناس ٿي ويا، تڏهن سر زمين روم ۾ آسودگي ۽ اَمن امان هو گهڻائي مسلمان ايران ۽ عراق مان لڏي اچي روم ۾ گهر ڪري ويٺا. جن جي سلطان گهڻي حوصله افزائي ڪئي ۽ علمائن کي پنهنجي درٻار ۾ عزت ڏنائين“. سن 634هه ۾ هن سلطان وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ غياث الدين ڪيخسرو قونيه جي تخت تي ويٺو. سن 641هه ۾ تاتارين کيس شڪست ڏني. تنهن کانپوءِ قونيه جي سلجوقي سلطنت تاتارين کي خراج ڀريندي رهي. سندن درٻار ۾ تاتاري سفير به رهندو هو.

مصر ۾ سلطان صلاح الدين اعظم جي پيڙهي مان مصر جي تخت تي سلطان ايوب الملڪ الصالح، جيڪو پنهنجي ڀاءُ ابوبڪر کي تخت تان لاهي پاڻ حاڪم ٿيو هو، تنهن سن 638هه ۾ مصر جي خودمختيار مملوڪن کي مات ڪري شام تي به قبضو ڪيو هو. شام جي ايوبي شهزادن سندس آڻ مڃي. سن 1240ع ۾ سلطان محمد خوارزم شاهه جنهن کي تاتارين (خيوا) مان ڀڄائي ڪڍيو هو، سو فوجن سميت اچي شام ۾ وارد ٿيو. سندس اوچتي اچڻ ڪري شام ۾ بي آرامي پئجي ويئي خوارزمي فوجن قتل عام شروع ڪيو. سن 644هه ۾ سخت معرڪن کانپوءِ خوارزمي فوجن جو خاتمو ٿيو.

15 شعبان المعظم سن 647هه مطابق 23 نومبر سن 1249ع ۾ الملڪ الصالح نجم الدين 10 ورهيه حڪومت ڪري وفات ڪئي. هو سخن جو سچو عادل ۽ چڱي چال جو بادشاهه ٿي گذريو. ڪوبه ڪم وزارت جي صلاح کانسواءِ ڪين ڪندو هو. مصر ۾ هن وڏي فوج تيار ڪئي هئي. سندس پٽ شهزادو توران شاهه جو هن وقت شام جي سرحد تي هو، سندس اَميرن وفادارئ ۾ راڻي شجرالدُر کي بادشاهه جي مرڻ جي خبر ڪين ڏني. جڏهن سندس اميرن وفادارئ جو قسم کنيو، تڏهن راڻيءَ سان خبر ڪيائين. شهزادو توران شاهه الملڪ المعظم جي خطاب سان مصر جو والي ٿيو. ڪروزيڊرن ليوس ستين فرانس جي بادشاهه جي هٿ هيٺ مصر تي ڪاهه ڪئي. پر توران شاه کين سخت شڪت ڏني. هن معرڪي ۾ گهڻائي عيسائين جا امير جهنم داخل ٿيا. خود ليوس به اسلامي لشڪر هٿان مارجي ويو. توران شاهه جي پنهنجي مملوڪ اميرن سان اچي ناسازي پيدا ٿي، تن کيس تخت تان لاهي سندس ماءُ راڻي (شجرالدر) کي تخت تي ويهاريو. سندس ڏينهن ۾ بغداد جي عباسي خليفن جو سڪو هلڻ لڳو. سندس فوجي اميرن مان معذالدين ايبڪ زبردست سپهه سالار هو، جيڪو سن 1250ع ۾ راڻي کي تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿيو. ٻين اميرن ۽ وزيرن کي اها ڳالهه نه وڻي. هنن گڏجي ايوبي خاندان مان الڪامل جي اولاد مان شهزادي موسيٰ کي الملڪ الاشرف جي لقب سان مصر جي تخت تي ويهاريو ۽ ايبڪ فوجي سپهه سالار ٿي رهڻ لڳو. شهزادو ناصر يوسف، جو هن وقت دمشق ۽ حلب جو حاڪم هو، تنهن سان ايبڪ صلح ڪيو، جنهن جي عيوض اردن تائين سمورو ملڪ مصر ولايت سان لاڳو ٿي ويو.

ستت ئي ايبڪ جي نيت بدلجي ويئي، هن بهاني سان شهزادي اشرف کي سندس مائٽن ڏانهن يمن ڏياري موڪليو ۽ پاڻ حڪومت ڪرڻ لڳو. ايوبي خاندان مان هي پويون تاجدار هو جنهن جي نالي تي مصر ۾ خطبو پڙهبو هو. مملوڪن جي اڻبڻت ڪري شهزادي ناصر ۽ ايبڪ جي پاڻ ۾ جنگ لڳي ۽ العريش تائين جيڪو ملڪ ڏنو هئائين، سو موٽائي پنهنجي قبضي ۾ رکيائين. سن 1268ع ۾ ايبڪ وفات ڪئي.کانئس پوءِ سندس پٽ نورالدين علي (الملڪ المنصور) جي خطاب سان مصر جي تخت تي ويٺو.

 شام تي الملڪ الناصر يوسف ايوبي جي حڪومت هئي، جنهن کي ايبڪ جي مرڻ کانپوءِ بارگاهه خلافت بغداد مان سلطان جو لقب ڏنو ويو. شهزادي ناصر جي حڪومت فرات درياهه کان وٺي مصر تائين هئي. پر گهڻائي ايوبي شهزادا شام جي شهرن تي حڪومت ڪندا هئا. تاتارين جي شام تي ڪاهه وقت حمص جو حاڪم الملڪ الاشرف موسيٰ شير ڪوهه جو پوٽو هو. حمص تي تقي الدين عمر جا پويان حڪومت ڪندا هئا. تقي الدين جي پٽن مان شهزادي الملڪ المنصور  ڪروزيڊرن کي شام ۾ شڪست ڏني هئي. شابيق جي علائقي تي غازي سيف الدين ابوبڪر جا پويان حڪومت ڪندا هئا. تاتارين جي حملي وقت المنصور اول جو پوٽو منصور ثاني حڪومت ڪندو هو، سندس تخت گاهه حمص ۾ هو. گهڻائي شهزادا هلاڪو ڪفار جي هٿان شهيد ٿيا.

يورپ جا عيسائي جن کي هر وقت اسلام منجهان خوف رهندو هو ۽ انهئ ارادي سان هو بيگناهه مسلمانن سان سر زمين شام تي خونخوار ڪروزيڊن جون جنگيون ڪري چڪا هئا. پر الله تعاليٰ هينئر مشرق مان هڪ اهڙي آفت دنيا مٿان رواني ڪئي. جنهن اسلام خواهه مسيحت جي طاقتن کي لوڏي ۾ وجهي ڇڏيو.

سن 1235ع ۾ اُفطائي خان اعظم جي چئي موجب باطوخان طول جي پٽ 1500000 تاتارين خونخوار ٽلن سان پولينڊ ۽ هنگرئ تي حملو ڪيو. وٽس ججهيءَ فوج کانسواءِ مضبوط جهازن جو دستو، توبخانا ۽ برفاني ملڪن ۾ رهڻ لاءِ چمڙي جون پوشاڪون ۽ برف تان سفر ڪرڻ لاءِ چمڙي جون گاڏيون به هيون. هو طوفان وانگر اُسترا خان کي لتاڙي جا رجيا، سرڪيشيا جا ملڪ هٿ ڪندو.روس جي ٻن مکيه شهرن ماسڪو ۽ ڪيف تائين پهتو جن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. هن وقت سڄي دنيا جي چوٿين حصي تي تاتارين جو قبضو ٿي چڪو. روس فتح ڪرڻ کانپوءِ هيءَ فاتح پولينڊ جي مشهور شهرن ڪراڪو ۽ لبلن کي ساڙي بحيره بالٽڪ جي ڪناري تائين وڃي پهتو. هن جرمنئ جي ٽيوٽان اميرن ۽ هنگرئ جي هَنس سردارن کي جنگ لاءِ اعلان ڪيو. هنگري ۾ قتل عام شروع ٿي ويو. فاتح جتي ويا اُتي شهرن کي ساڙي چٽ ڪيائون. هن 3000 عيسائي اميرن کي پنهنجي روبرو ڪهائي ڇڏيو! وڏن وڏن شهرن جا ماڻهو شهرن کي خالي ڪري وڃي جهنگن ۾ لڪا، پر تاتارين اُنهن جهنگن کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو! ناروي ۽ سوئيڊن جا ماڻهو ته گهر ڇڏي خوف کان وڃي سمنڊ جي ٻيٽن ۾ لڪا هئا. روم جي پوپ هڪ عرضداشت خان اعظم جي خذمت ۾ رواني ڪئي ته خونريزي بند ڪئي وڃي، پر هن مغروريءَ سان جواب ڏنو ته ”جنهن خدا جي پٽ عيسيٰ جي عيسائي اُمت آهن ساڳئي خدا جا اسين به پٽ آهيون. (نعوذبالله) تنهنڪري  عيسائين جو رتبو تاتارين کان مٿي ٿي نه ٿو سگهي“. خان اعظم جي مٿئين جواب کي ڏسي پوپ جرمني، فرانس ۽ انگلنڊ جي بادشاهن کي تاتارين جي خلاف ڪروزيڊ ڪرڻ لاءِ خط روانا ڪيا پر تاتارين جو لشڪر گهڻي وقت سفر ڪرڻ ۽ وڏين جنگين جوٽڻ ڪري ٿڪجي پيو هو تنهنڪري هو موٽي تاتار ڏانهن روانا ٿيا ۽ عيسائين جي جان ڇُٽي پئي.

هلاڪو خان، جو هن وقت خان اعظم قبلائي جو فوجي سردار هو ۽ چنگيز جو پوٽو هو، سو پنهنجي ڀاءُ منگو خان جي پاران ايران جو سپهه سالار هو. تنهن ايران جي اولهندي وارن ملڪن تي فوج ڪشي ڪئي. سلطان جلال الدين سندس مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي وڃي ڪردستان جي جبلن ۾ لڪو، جتي هڪڙي ڪرد هٿان مارجي ويو. سن 630هه ۾ سلطان علاء الدين سلجوقي تاتارين جي آڻ مڃي ۽ ڍل ڏيڻ جو انجام ڪيائين. سن 633هه تاتارين اَربيل ۽ نينوا تائين ملڪ فتح ڪري ڦر لٽ ڪئي.

سن 635هه ۾ تاتارين عراق تي فوج ڪشي ڪئي ۽ بغداد تائين ڪاهي آيا، هنن ٻه گهمرا شهر تي حملا ڪيا. خليفي مستنصر بالله جي فوج کين ٻنهي حملن ۾ شڪست ڏني. هن مهم کان پوءِ خليفي شهر جي ٻاهران مضبوط ديوار ڏياري. سن 639هه ۾ تاتارين وري روم ولايت تي ڪاهه ڪئي. سلطان غياث الدين سندن خلاف جهاد جو اعلان پڌرو ڪيو پر شڪست کاڌائين. ڪفارن سيواس ۽ قيصريه ۾ ڦرلٽ ڪئي. موٽندي آذربائيجان به فتح ڪيائون. سلطان غياث الدين جڏهن ڪجهه نقد رقم، ڪپڙا، گهوڙا ۽ ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيو. تڏهن ساڻس صلح ٿيو. 10 جمادي الثاني سن 1243ع خليفي مستنصر بالله 52 ورهين جي عمر ۾ 18 سال حڪومت ڪري وفات ڪئي.

المستعصم بالله ابن المستنصر

سن640هه مطابق 1243ع خليفي مستنصر جي مرڻ کانپوءِ  شهزادو اَبو احمد عبدالله المستعصم جي لقب سان خلافت نشين ٿيو. سن 630هه ۾ شيخ عزالدين بن علي، جو اَبن اَثير جزرئ جي نالي سان مشهور آهي، وفات پاتي. هو مشهور تاريخ نويس ٿي گذريو. سندس مشهور تاريخ ”التاريخ الڪامل“ جي نالي سان آهن جنهن ۾ حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي سن 628هه تائين جيڪي واقعات ٿي گذريا آهن، تن جو بيان ڏنل آهي.

بغداد جو زوال

ايراني تهذيب پنهنجو آخري رنگ هاڻي ظاهر ڪيو. عرب جي صحرا نشينن جي اڄ اُها سندن اڳوڻي سادي حالت ڪانه هئي، پر هو وڏن وڏن محلاتن ۾ عيش جي محفلن ۽ رنگ رلين ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳا. المستعصم ته هڪڙو عياش خليفو هو. اهڙئ طرح ڪمزور به هو. سندس ڏينهن ۾ بغداد ۾ سنين ۽ شيعن جو ديرينه فساد وري نئين سر جاڳيو. خليفي پنهنجي پٽ ابوبڪر ۽ هڪڙي فوجي سردار رڪن الدين کي فوج ڏيئي، شيعن جي خلاف موڪليو، ان ڪري هڪ شيعي وزير مويدالدين شيعن جي بيڪسي ۽ ماتم کي ڏسي تاتاري ڪفارن کي، جي هن وقت بغداد جي ٻاهران خيما کوڙي ويٺا هئا، حملي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. اِسلام جا مايهء ناز مؤرخ سيوطي، اَبن خلدون، ابوالفدا ۽ مقريظي مٿئين وزير کي پنهنجي تاريخن ۾ دغاباز ۽ غدار ڪري لکن ٿا. وري رشيد الدين پنهنجي تاريخ جماعت التواريخ ۾ هنجي ساراهه ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته جيڪڏهن مويد الدين تاتارين کي حملي ڪرڻ لاءِ دعوت نه ڏئي، ها ته جيڪر شيعن جو بنياد مٽجي وڃي ها تنهنڪري پنهنجئ جماعت جي بچاءُ لاءِ هن تاتارين کي ڪانڍ ڏني. هن فساد کان اڳ سلطنت جي اهلڪارن خليفةالمسلمين کي اها صلاح ڏني هئي، ته جنهن صورت ۾ تاتاري بغداد جي گرد نواح ۾ خيمه زن آهن. تنهن صورت ۾ مٿن فوج ڪشي ڪجي، ۽ کين بغداد جي علائقي مان تڙي ڪڍجي، پر خليفو جو عياش ۽ سست طبع وارو هو، تنهن اهلڪارن کي جواب ڏنو ته ”مون لاءِ رڳو بغداد جو شهر ڪافي آهي“. هلاڪو خان جنهن وقت تبريز تي ڪاهه ڪئي هئي، تنهن کي جڏهن وزير جو پيغام پهتو تڏهن هن هيٺيون پيغام خليفي ڏانهن ڏياري مُڪو“.

”جڏهن اسان روئد بار جي خلاف فوج ڪشي ڪئي هئي، توڏانهن پنهنجو سفير مدد گهرڻ لاءِ ڏياري موڪليوسين، ته تو مدد ڏيڻ لاءِ انجام ڪيو، پر پنهنجو هڪڙو سپاهي به ڪونه موڪليو. تنهنڪري توهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته پنهنجئ اهڙي روش کان باز اچ نه ته خزاني سميت پنهنجي سلطنت وڃائيندين“.

هلاڪو رئيس اعظم جو جڏهن خليفي کي پيغام پهتو، تڏهن طوفان اڳيان مٿي جهڪائڻ بدران پنهنجي غدار وزيرن جي صلاح سان مغلن جي سردار کي اهڙو سخت جواب لکي موڪليائين، جو ملڻ شرط هن بغداد تي ڪاهه شروع ڪئي. هلاڪوءَ وٽ هن وقت ايتري فوج هئي جو بغداد جي شهر کي وڪوڙي ويئي. خليفي جي فوجن بغداد جي لڳ تاتارين جو مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي موٽ کاڌائون. فاتحن وٽ توپون هيون. جن جي وسيلي سان هنن شهر جي ديوار کي مسمار ڪري شهر جي وڏن وڏن قيمتي محلاتن ۽ مينارن کي وٺي باهه ڏني. چاليهن ڏينهن تائين بغداد تي ساندهه گهيرو ڪيائون. تان جو شهر جا رهاڪو اچي تنگ ٿيا. لاچار خليفةالمسلمين هلاڪوءَ کان خط جي وسيلي پناهه گهُري، پر اهڙيون ڳالهيون بي سود هيون، جن اميرن جي وفد مٿيون خط هلاڪو کي ڏنو تن سڀني کي هن قتل ڪرائي ڇڏيو. آخر خليفةالمسلمين پاڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻن پٽن سان هلاڪوءَ سان گڏجڻ لاءِ محلات مان ٻاهر نڪتو. ساڻس گڏ رقاب سان 3 هزار امير ۽ ٻيا شهر جا رئيس هئا منجهن اِمام، قاضي ۽ شيخ صدر به موجود هئا. هلاڪو خليفي کي سندس ڀائرن ۽ پٽن سان ڏاڍي آڌر ڀاءُ سان گڏيو پر اندروني سندس دل ۾ دغا هئي. هن خليفةالمسلمين کي چيو ته ”توهين پنهنجن ماڻهن کي چئو ته هٿيار ڦٽي ڪري شهر کان ٻاهر ٿي نڪري بيهن، ڇاڪاڻ جو سندن آدم شماري ڪبي“ دراصل سندس هڪڙو بهانو هو، ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ شرط هلاڪوءَ  قتل عام جو حڪم ڏنو. تاتارين هن اسلام جي مرڪز کي مسمار ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو. علامه گبن لکي ٿو، ته بغداد جي قتل عام ۽ غارتگري جي بيان ڏيڻ لاءِ ڪاغذن ۽ استادن جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي، جو بيان ڏئي سگهي. اُهي شريف ۽ باعصمت زالون جن ڪڏهن به لشڪر جي شڪل ڪانه ڏٺي هئي. تن جي شهر ۾ کلين چؤسولن ۾ بي عزتي ٿيڻ لڳي، مخلوق خدا مٿان اهڙا ظلم بيحد ڪيائون، شاهي سوغاتون، شاهي ڪتب خانا، شاهي خزانا، جي صدين کان پئي گڏ ٿيا ۽ حجازي ۽ ايراني تهذيب جا ذخيرا هڪڙي لحذي ۾ لٽجي ويران ٿي ويا! چون ٿا ته برابر ٽن ڏينهن تائين بغداد جي نيسارن مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. شهر جي گهٽين ۾ رت جا درياهه وهي هليا، جي وڃي دجله ۾ پيا. جنهنڪري ميلن ۾ درياهه جو پاڻي ڳاڙهو هو. ڇهن  هفتن تائين قتل ۽ لٽ مار جاري رهي. اُهي محلات ۽ مساجد، جن جي گنبذن تي سون جو ڪم ٿيل هو. اُهي سون جي لالچ ڪري هيٺ ڪيرايا ويا. بيمارن کي شفاخانن ۾ وڃي قتل ڪيائون.  بغداد شريف وڏئ دولت ۽ علم جو مرڪز هو، سندس ڪتب خانو سڄي دنيا ۾ مشهور هو، انهيءَ ڪتب خاني جنهن جا ڪتاب قلمي هئا تاتارين دجله ندئ ۾ ڦٽو ڪيو. اُهي ڪتاب ايترا گهڻا هئا جو آخر دجله جي وهڪ بيهجي ويئي ۽ درياهه ٻيو رخ ورتو!

عباسي تاجدارن، جن ورهين کان وڏي شان ۽ تجمل سان بغداد تي حڪمراني ڪئي، تن جا خزانا لٽجي ويا ۽ سندن خاندان به لٽجي ويو! 20 محرم الحرام سن 656هه مطابق 1258ع ۾ خليفو ابو احمد المعتصم بالله ڀائرن پٽن ۽ وڏن اميرن، رئيسن ۽ وزيرن سميت شهيد ٿيو. هن 16 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ قتل وقت سندس عمر 50 ورهيه هئي. سندس وفات کانپوءِ عباسي سلطنت جو چراغ بغداد ۾ گل ٿي ويو. سن 133هه کان ويندي 656هه تائين جملهء 524ورهين تائين بغداد شريف وڏي عظمت، شان ۽ شوڪت سان اسلام جو پايهء تخت ۽ خلافت جو مرڪز رهيو. علامه ابن خلدون لکي ٿو ته تاتارين جي ڪاهه وقت بغداد شريف جي آدمشماري 20 لک هئي. جن مان 15 لک تاتاري ڪفارن هٿان قتل ٿي ويا. علامه ابن اثير لکي ٿو، ته دنيا ۾ تاتارين جي ڪاهه هڪ خدائي آفت هئي، جا سڄئ دنيا تي پکڙجي ويئي مگر اسلامي دنيا کي سخت نقصان رسيو، سندس چوڻ آهي، ته دنيا تي جيڪي به الله تعاليٰ مصيبتون نازل ڪيون، تن مان تاتارين جي ڪاهه هڪ نرالي آفت هئي. علامه عبداللطيف لکي ٿو، ته سڀني بدقسمتين کان تاتارين جو حملو هڪ وڏي بدقسمتي هئي. جواڻي جو چنگيز وٽ تاريخ نويس هو، سو لکي ٿو ته دنيا ۾ علم جي لحاظ سان خراسان هڪڙو ستارو هو، جو تاتارين جي حملي ڪري غروب ٿي ويو. اسلام جي مرڪز بغداد شريف جي زوال تي گهڻن ئي شاعرن مرثيه خواني ڪئي، پر سڀني کان وڌيڪ شيراز جي بلبل تعريف مرثيه خواني ڪئي آهيð.

بقول ڊاڪٽر سر محمد اقبال صاحب:

”حضرت شيخ مصلح الدين سعدي رحه ايران جو مشهور شاعر ٿي گذريو. اڄ ڏينهن سوڌو سندس نالو علمي دنيا ۾ پيو ڳائجي. فارس جي حاڪم عطا بيگ ابوبڪر بن سعد زنگي سندس گهڻي تعظيم ڪئي. سندس نالو مبارڪ شرف الدين هو. مصلح سندس لقب ۽ سعدي سندن تخلص هو. سن 589هه مطابق سن 1333ع ۾ ڄائو هو(1) بغداد شريف جي مشهور نظاميه ڪاليج ۾ تعليم ورتي هئائين ۽ اُن وقت جي مشهور علمائن مثلاً ابوعبدالرحمٰن بن جوزي جنهن کي جمال الدين جي نالي سان سڏين ٿا ۽ پنهنجي وقت جو امام  هو، تنهن جي اتاليقي هيٺ تعليم پرائي هئائين. تنهن کانپوءِ جناب حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني قطب رباني غوث صمدانيرحه  جي بيعت ٿيا ۽ کانئن علم تصوف، طريقت ۽ معرفت حاصل ڪيائون ۽ بغداد جي زوال وقت جيڪي تاتاري ڪفارن خليفةالمسلمين ۽ مسلمانن سان ناروا هلتون ڪيون، تن حوادث ۽ واقعات جو سمورو نظارو شيخ صاحب جن اکين سان ڏٺو، شيخ صاحب شاعر، عالم، صوفي هئڻ کانسواءِ وڏا سياح به هئا جيئن ته هنن 14 حج ڪيا تنهن کان سواءِ يورپ، بربري، حبش، مصر، شام، فلسطين، آرمينا، ايشيا ڪوچڪ، عربستان، تاتار، افغانستان ۽ هندوستان تائين سير ڪيائون. بغداد شريف تي جيڪي سندن زوال بنسبت ابيات آهن تن مان ٿورو هت ذڪر جي سورت ۾ ترجمو ڏجي ٿو:

آسمان کي جُڳائي ته مستعصم اميرالمومنين جي تباهئ تي زمين تي خون وسائي.

يا مُحمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جيڪڏهن قيامت ۾ ظاهر ٿيندو ته هينئر ٻاهر اچو ۽ دنيا ۾ قيامت کي ڏسو!

محل جي ناز پروردن جي حلق جو خون نيسارن مان وهي هليو، ۽ منهنجي دلجو خون آستين مان ٽپڪي نڪتو.

زماني جي گردش ۽ انقلابن کان پناهه گهرجي، پر اِها ڳالهه ڪنهن جي خيال ۾ نه ٿي اچي ته ڇا مان ڇا ٿيڻو آهي.

جن کي هن بغداد جي شان ۽ شوڪت ڏسڻي هجي، جتي روم جا قيصر ۽ چين جا خاقان زمين تي ويهندا هئا، ۽ مٿو ٽيڪيندا هئا.

دجله جو پاڻي خاص خون جيان ڳاڙهو ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ائين ڳاڙهو رهيو ته بطحا جي سرزمين کي به سرخ ڪري ڇڏيندو.

شهيدن جي خاڪ تي گريه جي ڪهڙي ضرورت ڇاڪاڻ جو فردوس برين ته فقط اُنهن لاءِ خصيص نعمت آهي.

طاقت جو زور موت تي غالب اچي نه ٿو سگهي، جڏهن قضا اچي ٿي تڏهن قوت غائب ٿيو وڃي!

جڏهن نصيب ڦيرو کائي ٿو، تڏهن هن جو امتحان وٺڻ بي فائدو آهي، جڏهن گهوڙي تان زين الٽي ته پوءِ حملو ڪرڻ فضول آهي.

يارو مردار دينار لاءِ ڳجهون پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن تون جيڪڏهن هوشيار آهين ته سيمرغ جيان پاسو ڪر.

بعض اصحاب شيخ صاحب تي هي اعتراض آڻن ٿا، ته هن خليفةالمسلمين معتصم بالله جهڙي نالائق خليفي تي مرثيه لکڻ سندن شان کان ٻاهر آهي. واقعي هن ڳالهه کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته متعصم بالله نالائق، مغرور ۽ بي انصاف هو، سندس غرور، لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري سندس پٽ شهزادي ابوبڪر ڪرخ جي بني هاشمي وارن سان ناروا ظلم ڪيا ۽ خليفي هن ڳالهه جو ڪو تدارڪ ڪونه ڪيو، پر ٻيءَ صورت ۾ اها ڳالهه سڀني کي تسليم ڪرڻي پوندي، ته رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي اُمت جو خون تاتاري قزاقن پاڻيءَ وانگر وهائي ڇڏيو ۽ ملت بيضا جي اُها عمارت جنهن جو بنياد خلفاء راشدين پنهنجي هٿن مبارڪن سان وڌو، سا عمارت هڪ اک ڇنڀ ۾ خاک جو ڍير ٿي ويئي. شيخ صاحب دراصل اسلام جي مرثيه خواني ڪئي آهي.

جڏهن تاتارين جي تلوار خون آشام (مدينةالسلام) کي برباد ڪري ڇڏيو، تڏهن غدار وزير جو به وارو آيو، جنهن ڪجهه وقت اڳ پاڻ کي هلاڪو خونخوار اڳيان سرخرو ڪيو هو ۽ پنهنجي آقا، ساداتن ۽ فقهاءِ ۽ علمائن سڳورن جي لاشن کي خاڪ ۽ خون ۾ ٽپندو ڏسي خوش پئي ٿيو، پر کيس خبر نه هئي ته هلاڪوءَ جي تلوار اڃا به اُڃايل هئي. جيئن ته هلاڪو کيس گهرائي چيو، ته ”تون پنهنجي آقا سان غداري ڪئي آهي“ ائين چئي هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرائي ڇڏيائين.

بغداد جي زوال کانپوءِ تاتارين شام تي حملا ڪيا، جتي ويا اُتي قتل غارتگري ڪيائون، ايڊيسا ۽ هوران جي رهاڪن کي قتل ڪيائون حلب ۾ 50000 رهاڪو قتل ٿي ويا. 10 هزار زالون ۽ ٻار بطور غلامن جي وڪاڻا. شام کان پوءِ هو فلسطين پهتا، سندن مرضي هئي، ته قسطنطنيه جي دولت کي لٽجي پر 15 رمضان المبارڪ سن 658هه مطابق سن 1260ع ۾ سلطان بائبرس، جو پوءِ مصر جو والي ٿيو، تنهن جي هٿان تاتارين شڪست کاڌي ۽ شام مان تڙجي ويا.

سلطان بائبرس پاڻ مملوڪ هو، سندس خاص مرضي هئي، ته خلافت جي بنياد کي وري مضبوط ڪجي. عباسي خاندان مان هڪڙو شهزادو ابوالقاسم احمد بن ظاهر، جو تاتارين هٿان بچيو هو، سو بغداد ۾ موجود هو. سلطان مٿئين شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو، جڏهن قاهره پهتو تڏهن مملوڪ سلطان پنهنجي اميرن ۽ وزيرن سان سندس استقبال ڪيو ۽ شيخ الاسلام جي فتويٰ سان کيس خلافت تي ويهاريائين. جو پوءِ مصر ۾ المستنصربالله ثاني جي لقب سان سن 660هه ۾ قاهره جي تخت تي ويٺو. سندس نالي تي خطبو پڙهجڻ ۾ آيو، ساڳئي سال ۾ 12 مئي سن 1261ع ۾ شيخ عبدالسلام قاضي تاج الدين خطبو پڙهيو ۽ سڀني خليفةالمسلمين جي هٿان بيعت ورتي. مصر ۾ خلافت عباسيه 255 ورهين تائين قائم رهي. ڪل 15 خليفن خلافت ڪئي. تان جو سن 923هه سن1516ع ۾ سلطان سليم خان اول عثماني حڪمران مصر تي حملو ڪري مصر کي قلمرو عثمانيه سان ملائي ڇڏيو.

تاتارين جو تختگاهه قراقرم

چنگيز جي اولاد، جيئن جيئن ڌاريا ملڪ فتح ڪيا، تيئن ٻين ملڪن جي رسمن تهذيب جو مٿن اثر پيو. هنن افغان ۽ ايراني زالن سان شاديون ڪيون. سندن اولاد خوبصورت ٿيڻ لڳو، اُهي سندن پويان پاڻ کي ترڪمان سڏائڻ لڳا. مغلستان (منگوليا) جي ميدان ۾ هڪڙو عاليشان شهر ڌارين ڪاريگرن کان تيار ڪرايائون. جو قراقرم جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ چنگيز جي اولاد جو تختگاهه قائم ٿيو. اڳ تاتاري پنهنجي عادتن موجب کليل پوٺن ۾ گذر ڪندا هئا مگر يورپ خواهه ايشيا جي ڏکڻ اولهندي وارن وسيع شهرن کي ڏسي افطائي ۽ منگوءَ جو اولاد هينئر وڏن وڏن فلڪ بوس محلاتن ۾ گذارڻ لڳو. هنن بغداد، چين ۽ پئرس جي ڪاريگرن کي پاڻ سان آندو، جن نقاش ڪاري ۽ عمارتسازئ سان شهر کي سينگاريو. تختگاهه جي ٻاهران ڪشادا باغ ۽ سيرگاهون هيون، جن باغن ۽ سيرگاهن ۾ سون ۽ چانديءَ جا بت رکيل هئا. اَبوالفدا پنهنجي تاريخ ۾ مٿين محلاتن ۽ باغن جو ذڪر ڏنو آهي. ٻئي هڪڙي اُن وقت جي فرانسيسي سياح رُبي ڪوز پنهنجي سفرنامي ۾ ذڪر ڏنو آهي، ته قراقرم شهر ۾ مون هڪڙو فرينچ انجنيئر ڏٺو جنهن جو نالو گيلامي بچر جنهن رئيس اعظم لاءِ هڪڙي چمن ۾ شاهي چاندئ جو بت ۽ وڻ جوڙيو هو. اُن وڻ جي هيٺان چئن شينهن جي ڪنڌ تي هڪڙو ڦوهارو جوڙايو هئائين. هر هڪ شينهن جي وات مان خوشبودار پاڻي ۽ عرق نڪرندا هئا جن جي خشبو کان هن باغ جي گهمندڙن جو دماغ معطر رهندو هو. قراقرم ۾ 2 مشهور شاهي بازارون هيون، جن مان هڪڙي بازار ۾ فقط مسلمان واپاري پري پري ڏيساورن مثلاً مصر، شام ۽ فارس ولايتن جا مال آڻي هتي وڪڻندا هئا. ٻيءَ بازار ۾ چيني ۽ ٻين قومن جا واپاري ۽ رهاڪو رهندا هئا. مسلمانن جي عبادت لاءِ شهر ۾ ٻه وڏيون عاليشان جامع مسجدون، رومن ڪئٿولڪ فرقي وارن لاءِ ديول ۽ 12 چينين جا مندر هئا، جن ۾ جدا جدا نمونن جا بت رکيل هوندا هئا. هينئر اهو زمانو آيو هو، جو چنگيز جي اولاد مان قديمي وحشت جو اثر نڪرندو ويو هو، جنگ کي وحشت ناڪ پر خطر فعل سمجهڻ لڳا. هنن پنهنجن فوجن جو تعداد گهٽائي ڇڏيو، جدا جدا هنڌن تي عدالت خانا قائم ڪيائون. اهڙي طرح سندن رعيت کي به هنن لاءِ عزت پيدا ٿيڻ لڳي، پر انهن ڳالهين هوندي به بادشاهن جي طاقت غير محدود هئي. خان قبلائي جي زماني ۾ ڊاڪ رساني، عدالتي ۽ رزعي ڪمن گهڻو زور ورتو. نئنڪنگ درياهه کان وٺي ويندي تختگاهه تائين پنجن سون ميلن ۾ هڪ وڏي نهر کوٽائي ويئي. خان اعظم سڄي براعظم ايشيا ۾ زبردست شهنشاهه ٿي گذريو. اٽڪل 13 ڪروڙ ماڻهو سندس ماتحت هئا. سندس درٻار ۾ فيلسوف ۽ نجومي به موجود هئا، جن کي درٻار ۾ عزت به ملندي هئي. سندن عام مذهب ٻڌ هو، جو اُن زماني ۾ هندوستان، سيام، چين ۽ تبت تائين پکڙيل هو. رئيس اعظم به ٻڌ ڌرم جو ٻوڄاري هو. درٻار ۾ لهاسا جي وڏي پنڊت لاما کي وڏي عزت هئي. آخر وڏي ڏڪر اچي مٿو ڪڍيو، جنهن جي وگهي  هيءَ عظيم الشان سلطنت، جا مغلستان، چين، ڪوريا، ترڪستان، سائبيريا، ايران ۽ ڏکڻ اوڀرندي روس تي سڪو هلائيندي هئي. سا ڇڄي پرزا پرزا ٿي ويئي. هر هڪ امير جدا جدا ڀاڱي تي خودمختيار ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو. طولوي يوئن خاندان جي نالي سان چين تي سن 771هه مطابق 1370ع تائين منگولن حڪومت ڪئي، سندن تختگاهه پيڪنگ هو. طولوي مغلستان وارن سن 951هه مطابق 1543ع تائين حڪومت ڪئي. سندن تختگاهه قراقرم هو. هلاڪو ايلخان ايران تي سن 750هه مطابق سن 1349ع تائين حڪومت ڪئي. سندن تختگاهه تبريز هو. باطوبن جوجي قبچاق تي سن 780هه مطابق سن 1378ع تائين حڪومت ڪئي. اَسترا خان تي به هلاڪو جو اولاد سن 1554ع تائين رهيو. هلاڪو شيبان بن جوجي غيرستان تي سن 1659ع تائين طغا تيمور بن جوجي بلغاريا، روس ۽ ڪريميا تي سن 1783ع تائين حڪومت ڪئي. چغطائي بخارا تي سن 1358ع تائين. بخارا جو خاندان تيموريه يا دهلي جا مغل جن سن 1857ع تائين حڪومت ڪئي قاچاريه ايران جو پويون شاهي خاندان هو. انهن مان اڪثر سڀني دين اسلام اختيار ڪيو ۽ ٻين اسلامي قومن کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. سندن بيان بخارا، ترڪي، ايران ۽ هندوستان جي تاريخن ۾ موقعي تي ڏبو.


ð  نوٽ: چين جو قديم مذهب (ڪنفيوشين ازم) هو. هن ڌرم جو باني ڪنفيوشس هو، 1122ورهيه عيسوي سن کان اڳ ٿي گذريو، جڏهن چائو CHOW خاندان جي چين تي حڪومت هئي. 478ورهيه عيسوي سن کان اڳ هن ڌرم جو خاتمو ٿيو. ساڳي وقت گوتم ٻڌ جو ٻڌ ڌرم اوڀرندي ۾ پکڙجي ويو، جو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان 480 سال اڳ ڄائو هو.

(1)  گبن جي تاريخ رومن ايمپائر

(1)  مرصاد العباد از حضرت خواجهء نجم الدين ڪبريٰ رحمت الله عليہ

(2) مرصاد العباد از حضرت خواجهء نجم الدين ڪبريٰ رحمت الله عليہ

(1)  چين ولايت جو اڳوڻو تختگاه شهر يعني پيڪنگ هو، جنهن جا ڦٽل نشان هاڻوڪي تختگاه جي ڀرسان بيٺل آهن. يعني پيڪنگ جي بربادئ کانپوءِ چينن ڪائيفانگ جو نئون شهر ٻڌو.

ð  اڪثر تاريخ نويسن جو رايو آهي ته چنگيز جي ظلمن ڪري اٽڪل هڪ ڪروڙ چاليهه لک انسان موت جو شڪار ٿيا.

(1) مرصادالعباد از حضرت خواجه نجم الدين ڪبريٰ عليھ رحهّ

(1)  مارڪو پولو وينس VENICE اٽلئ جي شهر جو رهاڪو هو. هي پهريون مغربي سياح هو جنهن بحرالڪاهل PACIFIC OCEAN جي ٻيٽن تائين سفر ڪيو هو.

ð جيئن سعدي بغداد جي زوال تي مرثيه خواني ڪئي آهي تيئن علامه حضرت داغ دهلي جي زوال تي مرثيه خواني ڪئي آهي.

(1)  الائي ڪيئن شيخ صاحب جن بغداد جو زوال اکين سان ڏٺو؟ ڇاڪاڻ جو بغداد جو زوال سن 1258ع ۾ ٿيو ۽ شيخ جن سن 1333ع ۾ تولد ٿيا! سرگو، اوسلي شيخ جي ولايت جيڪا مٿئين ريت ڏيکاري آهي سا غلط آهي ڇاڪاڻ جو شيخ جن بغداد جي زوال وقت واقعي موجود هئا سندن ولادت جو سال سن 1184ع هو.                 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org