سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ اسلام

باب:

صفحو:20 

بلنسيه Valencia جو اندلس جي اوڀر ۾ وادي الڪبيرتي آهي منجهس ايتريقدر باغات آهن ۽ نارنگين جي منجهس ايتريقدر پئداواري ٿي ٿئي جو کيس نارنگين جو شهر چئجي ته به جڳائي، عهد اسلام ۾ وڏي صنعت ۽ حرفت جو مرڪز هو، منجهس لوهه، شيشي، ريشم، شراب، ڊاک ۽ زغفران جو واپار هلندڙ هو. خاص ڪري ريشم جي ڪينئن جي پرورش گهڻي پيماني تي ٿيندي هئي. آفريقا، مصر ۽ ٻين ملڪن جا واپاري هتي ريشم جي واپار لاءِ ايندا هئا. هتي جو ريشمي ڪپڙو ”نسيج بلنسي“ جي نالي سان دنيا جي مارڪيٽن ۾ مشهور هو. هڪڙو عربي شاعر سندس تعريف هن ريت ٿو ڪري ”هي الفردوس في الدنيا جمالاً- لسا کننا مکاريما البعوص“ ”يعني لطف ۽ جمال جي لحاظ سان بلنسيه پنهنجي رهاڪن لاءِ بهشت آهي، پر منجهس مڇرن جي مصيبت آهي.“ رصافه ۽ مدينة المنصور ٻه منجهس وڏيون بازاريون هيون چؤطرف شهر ۾ زغفران ۽ نارنگين جا وسيع دلڪشا باغ هئا. اهل عرب کيس ”مطيب الاندلس“ يعنيٰ اسپين جي سير گاهه جي نالي سان ياد ڪندا هئا. بقول ابن زقاق عربي شاعر ته رونق ۽ لطافت ۾ بغداد جي هم پلئه هو. بقول مروان ته بلنسيه هڪ نو عمر معشوق آهي. جا پاڻ کي خوشنما باغن جي گلن ۾ لڪايو ويٺي آهي! ابوالحسن بن حريق لکي ٿو ته مشرق خواهه مغرب ۾ بلنسيه حسن جو مرڪز، علم ۽ فضل جي لحاظ سان هتان جي سر زمين بلند مرتبي تي هئي، جيئن ته” ابو العباس، بن اميد، ابن محذر، حجاف، ابو جعفر بن عبدالولي، ابوالحڪم ابن غماز، ابن جبير، ابن عبدون، علي بن احمد، ابن سعد الخير، رصافي وغيره جي علم ۽ ادب جي آسمان تي آفتاب ۽ ماهه تاب ٿي چمڪيا ۽ محدثين سڳورن مان ابوالمطرف بن عميره، ابوجعفر ابوعبدالله بن يعيشن، ابن هاجر ۽ ابن هذيل جن جا نالا اسپين جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيل آهن، سي هتان جي خاڪ مان پيدا ٿيا. ابو جعفر احمد بن حسن القضائي مشهور بلند پايه وارو محدث ٿي گذريو، جو فن ادب ۽ طب جو ڪامل استاد هو. مٿيون بزرگ مظاطبه جي ڳوٺ ۾ ڄائو جتي حديث جي وڏي درسگاهه هئي، هو غرناطه جي گورنر عثمان بن عبدالمومن وٽ ڪجهه وقت وزارت جي عهدي تي به ممتاز هو.

سلاطين اُميه جي عهد مهد ۾ اَهل اُندلس گويا علم جا حريص هئا، بقول علامهّ مقري ته سڄي اسلامي اسپين ۾ علمي جماعتون قائم هيون، جيئن ته قرطبه ۾ 150، مربه ۾ 52، مريدا ۾ 25، مرشيا ۾ 71، پر اشبيله غرناطه ۽ بلنسيه ۾ مٿين انجمن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ هو.

علامهّ ابوالفرج المطلي خامه فرسائي ڪري ٿو، ته قاضي صاعد بن احمد اندلسي جو طليطله جو قاضي هو تنهن سلاطين اندلس جي زماني ۾ جيڪا علوم ۽ فنون جي خدمت ڪئي، تنهن لاءِ سندس نالو هميشه تاريخ ۾ ياد رهندو.

علامهّ نفح الطيب مشهور اندلس جو مؤرخ اندلس جي پوليس کاتي جو ذڪر ڏيندي لکي ٿو ته اندلس ۾ اسلامي دور بابرڪات ۾ پوليس جو چڱو انتظام رکيل هو. هن کاتي جي اعليٰ عملدار کي ”صاحب المدينه“ سڏيندا هئا ۽ جيڪو رات جي نگهباني تي مقرر هوندو هو تنهن کي ”صاحب اليل“ سڏبو هو. پوليس جو عملو  شهرن ۾ شرابين ۽ زناڪارن جي چڪاس ڪندو هو ۽ سمورو ڪم شرعي امور مطابق هلندو هو. پوليس مٿان وڏو عملدار قاضي هو، پر پوليس جي علمدار کي سلاطين جي درٻار ۾ خاص عزت به هئي. بلاد اندلس ۾ عشا کان پوءِ شهر ۾ سڀ دروازا بند ٿيندا هئا ۽ هر ڪنهن ڪوچي ۾ پوليس جو پهرو رهندو هو پوليس وارن وٽ شمعدان ۾ ڪتو رهندو هو. هو اُگهاڙي تلوار سان پهرو ڏيندا هئا. موسيو ميثل اماري لکي ٿو ته هاڻوڪي يورپ ۾ پوليس جو رواج اندلس ۽ صقليه جي اسلامي طريقي تان ورتو ويو آهي، جيئن ته عيسوي چوڏهين صدئ تائين اٽليءَ ۾ پوليس کي Xurta يعنيٰ الشرط سڏيندا هئا.

(اڄ اسان کي ڪيتري قدر مذهبي آزادي مليل آهي؟ اسين هن نوبت کي اچي پهتا آهيون جو مغربي زهريلي تمّدن اسان جي نسلن جي اخلاق کي فنا ڪري رهي آهي ۽ مٿين تهذيب جي مطابق اسان کي اها آزادي ڏنل آهي، جو جابجا قانوناً علي الاعلان شراب خانا، چڪلا ۽ جوا خانا کليل آهن. ساڳيءَ ريت عدالتن جو به حال آهي، مغربي تهذيب جا وفادار چئي سگهندا ته مٿينءَ آزادئ ۾ ڪا قوم ترقي ڪري سگهندي؟ اُهي باطني اکيون جن جي وسيلي سان اسان حقيقت کي معلوم ڪيو هو، اُهي اڄ به اسان وٽ موجود آهن پر هاڻوڪي تهذيب جنهن کي اسين آزادئ جي نيلم پري سمجهي ويٺا آهيون، سا پنهنجي فريب سان اسان کي مٺيون لوليون ڏيئي غفلت جي بستري تي سمهاري رهي آهي! الائي قوم جا فرزند ڪڏهن بيدار ٿيندا؟

ترجمو: ”يعني اکيون انڌيون نه ٿيون ٿين پر اسان جون دليون سينن اندر انڌيون ٿين ٿيون.“

سلطان الحڪم جي علم پروري ۽ حوصلي مندين جو به غور ڪري ڏسو جو ناياب ۽ نادر ڪتابن جي ڳولا لاءِ سفير موڪليائين ته علمي جواهر گڏ ڪيو. رڳو ڪتابن جي گڏ ڪرڻ تي 6 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيائين ۽ سلطان جي ڪتب خاني جو اندازو ان مان ٿي سگهي ٿو ته فقط عربي ديوانن جي فهرست 80 صفحا هئي.

علامهّ مقري ڪتابن جو ڪل تعداد چار لک لکيو آهي، جي گهڻو ڪري چونڊيل ڪتاب هئا. قرطبه يورپ ۾ پهريون نمبر شهر هو، جنهن جون سڙڪون پختيون بڻايون ويون ۽ رات جي وقت اُنهن تي فانوسن جي روشني باقاعدي نظر ايندي هئي. سلطاني بارگاهه جي روشني ايتريقدر تيز هئي جو ميلن تائين اُن جي روشني ۾ گهمي ڦري سگهبو هو. اڄ ماڻهو يورپين طرز معاش ۽ تهذيب کان رعب ۾ اچي اسلامي ترقين جا منڪر آهن. هرسوٿا، هڪڙو اطالوي ڊراما نويس لکي ٿو، ته قرطبه زمين جي تختي تي هڪ زيور هو. منجهس ڏهه لک آدم رهندو هو! اڄ ترقئ جي زماني هوندي به منجهس 35 هزار آدم مس رهن ٿا! هتي جي سلاطين جي فوجي طاقت به افضل هئي، قرطبه جي باجبروت درٻار ۽ غازي عبدالرحمنٰ ثالث جي سونهري باب جو ذڪر اڳ ڏيئي چڪا آهيون. الناصر، الحڪم ۽ المنصور جي فوجي طاقت کان روم، قسطنطيه ۽ قاهره جي درٻارن ۾ زلزلو پئجي ويندو هو. هن وقت يورپ ۾ جيڪي فوجي ڪاروبار هلي ٿو سو عرب فوج جي نقل ۽ حرڪت تان ورتل آهي. قرطبه فوجي ڪارنامن جو به مشهور دنگل گاهه هو، جتي مسيحي يورپ جا جنگجو نائيٽ ۽ عربي نيزي باز شهسوار ميدان ۾ اچي زور آزمائي ڪندا هئا. عرب غيرتمند بهادر جيڪي جنگ جي وقت دشمنن سان مروتون ڪندا هئا، تن کي ڏسي سندن دشمن به اچي پيش پوندا هئا. سندن غيرتمندئ جا مثال تاريخن ۾ لبريز آهن. 1139ع ۾ جڏهن الفنسو ستين جي راڻئ جي قلعي ازيقا AZECA تي عربي لشڪر گهيرو ڪيو، تڏهن راڻئ چوائي موڪلين ته مان زال آهيان، بهادرن جو اهو ڪم نه آهي، جو زالن سان اُٿي وڙهن، جڏهن راڻئ قلعي جي ديوار تان منهن ڪڍيو تڏهن لشڪر کيس ڏسي سندس قلعي کي آزاد ڪيو ۽ ٻئي طرف رخ رکيائون. اها هئي اسلامي لشڪر جي غيرتمندي ۽ سچي بهادري، مطلب ته شب عنبر پوش کي مسلمانن ئي اچي بي نقاب ڪيو ۽ جتي ڪٿي علم جا درياهه وهائي ڏنائون. هنن ڪائنات جي خزانن کي سنڀاليو، اورچائي سان رکيو. ۽ دنيا سان اعتدالي سان هلت ڪيائون، عروج ۽ اقبال جو حيرت انگيز مثال ڪيائون. علم جي  آسمان جي آفتاب جيڪڏهن بغداد ۾ قاهره جي مينارن مان چمڪاٽ ٿي ڪيو، ته عظمت جو ماهتاب قرطبه ۽ غرناطه جي برجن تي چمڪيو. مطلب ته جتي به اسلامي شمشير تهذيب جي هلال جي صورت ۾ ٿي چمڪي، اهو زمين جو خطو تمدن جي آفتاب کان منور ٿيو. مسلمانو! انهن واقعات تي نظر وجهو ۽ عبرت جي اک سان خون جا لڙڪ وهايو. آه!

کبھی یہ دل تماشا گاہ تھا عیش و مسرت کا

اب اس میں حسرت و رنج و تمنا سیر کرتی ہیں

افسوس! اڄ اُميد ۽ راحت ۽ ڪامراني جي اها دل افروز شمع، جا غير جي ايوان ۾ چمڪي رهي آهي، سا ڪنهن زماني ۾ اسانجي تقدير جي ايوان ۾ روشن هئي. هتي هاڻي سواءِ نا اُميدي ۽ خوف جي ڪجهه ڪونهي. اڄ باغ ۽ بهار جي راحت ۽ سرور مان ٻيا گذري رهيا آهن، ڪاميابون حاصل ڪري رهيا آهن، ڪالهه اسان جي فرحت گاهن ۾ به دنيا جي چمن مان خشبوءِ تازي هوا آڻيندي هئي!

شب گیریزاں ہوگی آخت جلوہ خورشید سے

یہ چمن معمور ہوگا نغمئہ توحید سے

هشام ثاني

خليفي الحڪم ثاني المستنصر با لله پندرهن ورهيه قرطبه تي حڪومت ڪري وفات پاتي. کانئس پوءِ سندس جانشين سندس پٽ هشام، جو هن وقت فقط ٻارهن سالن جو هو، سو 366هه مطابق 976ع هشام ثانيءَ جي لقب سان تخت تي ويٺو. مرحوم خليفي پنهنجي اميرن سان چڱا پير کنيا هئا. سندن عهد مهد ۾ چؤطرف امن امان هو، جڏهن بيمار ٿيو، تڏهن حڪومت جي امرائن رئيسن ۽ ٻين نمڪ حلالن کي، جن شاهي دسترخوان تي پرورش ورتي هئي، روبرو گهرائي وفادار رهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين ۽ اميرن به وفادار ٿي رهڻ لاءِ ساڻس قسم کنيو، پوءِ حڪومت جي طرفان سڀني شهرن ۾ اشتهار ورهايا ويا، جن جي ذريعي عوام کي خبر ڏني ويئي ته خليفي جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شهزادو هشام تخت نشين ٿيندو.

شهزادي هشام ثاني بابت مؤرخن جو چوڻ آهي، ته ننڍئ عمر کان ئي منجهس دانائي، انصاف ۽ عام صفات جهاندارئ جون علامتون موجود هيون، جن جي ظهور کي ڏسي ائين پئي معلوم ٿيو ته هي شهزادو پنهنجي نامور ڏاڏي جي ڪارنامن جي پيروي ڪندو، پر افسوس جو مرحوم خليفي جي آزاد خيالي ۽ سندس علمي سرگرمين ۽ سندس عالمانه اصولن جي ڪري سندس فرزند کي سياسي اسٽيج ناموري حاصل ڪرڻ جو ڪو موقعو ڪونه مليو. ڇاڪاڻ جو جڏهن مرحوم خليفو نادر ۽ ناياب علمي نسخن جي گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هو ۽ هر وقت علمي دولت گڏ ڪرڻ ۾ مشغول هو، تڏهن ڪي سلطنت جا اهڙا اڪابر به هئا، جن سلطان جي مٿئين غير معمولي دستور عمل مان ناجائز فائدو وٺي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر جيڪڏهن خليفو اعظم جيئرو هجي ها ته کين ضرور گوشمالي ڪڍي ها، پر مرحوم خليفي کي ايتري فرست ڪانه هئي. هو سلطنت جي جاهه و جلال ۽ شان شوڪت کان وڌيڪ علم جو دوست هو، ۽ علمي جواهرن گڏ ڪرڻ ۾ جيڪا هن دولت قربان ڪئي، سا تاريخن ۾ اظهر من الشمس آهي سندس هن ذوق ۽ شوق جي ڪري ئي اسپين مغرب جي رهنمائي ڪئي. آمدم برسر مطلب، ته خليفة المسلمين جي مشغولين جو اهو نتيجو نڪتو جو سراءِ جون پرده نشينان به سياسي معاملات ۾ حصو وٺڻ لڳيون. اڳ اسين ذڪر ڏيئي چڪا آهيون ته جيئن چغتائي مغل شهنشاهن جي عهد مبارڪ ۾ بعض نامور شهزادين هندوستان جي سياسي تاريخ ۾ حصو ورتو، جئن راڻي نورجهان بيگم، ممتاز محل، زيب النساء وغيره وغيره ۽ وقت جي سلاطينن شهزادين جي خداداد قابليت کي ڏسي سندن هر طرح سان حوصله افزائي ڪئي. خود محي الدين غازي اورنگزيب عالمگير اول رحمة الله عليھ جي دختر نيڪ شهزادي زيب النساءِ بعض سياسي معاملات ۾ غازي موصوف جي حوصلي افزائي ڪئي. اهڙيءَ طرح اسلام جي شروعات کان وٺي به جن خاندانن حڪومتون ڪيون، تن ۾ وقت بوقت بعض اهڙيون نامور خواتين ٿي گذريون، جن سياسي ميدان ۾ حصو ورتو. ساڳئ طرح اسپين جي نامور خاندان اموي ۾ به ساڳيا واقعات رونما ٿيا. مثال طور غازي عبدالرحمٰن الناصرلدين الله پنهنجي دور همايون ۾ پنهنجي پياري راڻي الزهره جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۾ نئون شهر تعمير ڪرايو، کانئس پوءِ جڏهن الحڪم المستنصر بالله گادي تي ويٺو، ۽ سندس وفات کان پوءِ حرم سراءِ جو ملڪي اقتدار تي گهڻو زور هو. شايد سڀ کان وڌيڪ اقتدار هشام جي والده سلطانه صبح جو هو. جڏهن مرحوم خليفي جي انتقال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن نو عمر شهزادي جي ٻانهن پنهنجي ٻن وزيرن حاجب مصحفي ۽ محمد بن ابي عامر جي سپرد ڪري کين وفادار ٿي رهڻ لاءِ آخري وصيت ڪري ويو، ۽ سندس وصيت ۾ اهو به ڄاڻايل هو، ته شهزادو والده سلطانه جي سرپرستي هيٺ حڪومت ڪري. هشام جي والده جو نالو صبح هو. اها بلڪل هوشيار ۽ امور سلطنت مان قابل هئي، جنهن وزارت جو قلمدان محمد بن ابي عامر جي حوالي ڪيو.

محمد بن ابي عامر جي انحرافي

نو عمر خليفو ۽ راڻي والده سلطانه کي مرحوم خليفي جي وصيت موجب وزيراعظم تي ڪامل ڀروسو هو. کين وزير جي اندروني لالچن جي خبر ڪانه هئي، خليفي جي انتقال کان پوءِ محمد پهريائين حاجب مصحفي ۽ ٻين نمڪ حلال اميرن کي سندن عهدن تان لاهي ۽ ٻين ڪيترن شاهي خاندان جي خيرخواهن اميرن ۽ عهديدران کي مارائي سمورو ڪاروبار پنهنجي قبضي ۾ رکيو. والده سلطانه کي به لاچار سندس اقتدار تسليم ڪرڻو پيو. نو عمر خليفو، جو هن وقت صغير العمر هو، سو پنهنجي محلات ۾ رهندو هو. کيس پيءُ جي وصيت موجب وزيراعظم تي اعتبار هو، پر وزير دراصل مڪار هو.

محمد بن ابي عامر هن وقت مختيار ڪل هو ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق حڪومت ڪرڻ لڳو. ڪنهن به امير کي مجال نه هئي، جو کيس روڪي سگهي يا روبرو اچي گفتگو ڪري سگهي. جڏهن درٻار لڳندي هئي تڏهن امير اُمراءَ ٿوري وقت لاءِ اچي حاضر ٿيندا هئا ۽ وري پوئين پير درٻار مان نڪري هليا ويندا هئا. محمد پاڻ کي هن وقت المنصور جي لقب سان سڏائڻ لڳو. هن اهو لقب انڪري ورتو جو هن گهڻن ئي عيسائي شهزادن کي جنگ جي ميدان ۾ جيتيو. شروعات ۾ هو قرطبه جي يونيورسٽيءَ جو معمولي شاگرد هو، سندس پئ شريف نسل مان هو، پر معمولي حيثيت جو ماڻهو هو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ننڍي عهدي تي مقرر هو. پر المنصور کي، جڏهن هو طالب علم هو، ان زماني ۾ به کيس حڪومت ۽ اقتدار جا خواب نظر ايندا هئا. سندس حوصلا بلند هئا هو هميشه اها پيشين گوئي ڪندو هو ته ضرور ڪو اهڙو زمانو به ايندو جو هو اندلس جي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. ان زماني ۾ جڏهن هو اڃا شاگرد هو ته پنهنجن دوستن کي چوندو هو، ته جڏهن مان قرطبه جي تخت تي وهندس تڏهن توهان کي وڏا عهدا ڏيندس! وري بخت ۽ اقبال ڏي به غور ڪيو، جو هينئر جڏهن هو سچ پچ تخت جو مالڪ ٿيو، تڏهن پنهنجي ڪيل انجامن موجب پنهنجي دوستن کي گهرائي کين عهدا ڏنائين. مڪتب مان فارغ ٿي سرڪاري عدالت خاني ۾ بطور عريضي نويس مقرر ٿيو. عدالت خاني ۾ هن امير بيت المال سان واقفيت پيدا ڪئي، آخرڪار ننڍي منشي جي عهدي تي مقرر ٿيو، چالاڪ ۽ عقلمند هو ڪجهه خوشامد ڪجهه دلفريب طريقن ۽ حيلن سان آخر محلسراءِ تائين واقفيت پيدا ڪيائين، ۽ خاص طرح والده سلطانه سان رسوخ پيدا ٿيس. آخر شهزادين کي ضروري سامان پهچائڻ لڳو. بادشاهه لاءِ جڏهن ڪو تحفو يا ڪو ٻيو سامان ايندو هو، تڏهن به هو، پاڻ محلات ۾ پهچائيندو هو. اهڙي ريت محل سراءِ ۾ سندس اچڻ وڃڻ شروع ٿيو. ۽ ڪنهن منصب تي وڃي پهتو، راڻي مٿس مهربان هئي. 31 ورهين جي عمر ۾ هو، نه رڳو شهزادي وليعهد جو نگهبان هو، پر هڪ ٻن عدالتن جو منصف (چيف جج) ۽ پوليس جي هڪڙي حصي مٿان ڪماني به هو. هو وڏي اخلاق وارو، سندس عادتون چڱيون ۽ وڏو ڪريم النفس هو. محتاجن جي گهڻي سنڀال ۽ خاطرداري ڪندو هو، اهو ئي سبب هو جو ننڍي وڏي کي هن لاءِ عزت هئي. سلطنت جي اراڪين سان ته سندس اڳيئي رسائي هئي، جن مان ڪي وڏي مرتبي وارا به هئا، راڻي کي ڪم ڪار ۾ مدد ڏيڻ لڳو، نو عمر شهزادي جي خلاف هڪڙي فوجي بالا عملدار جڏهن سرڪشي ڪئي، تڏهن منصور هنکي شڪست ڏيئي پنهنجي همت جو ثبوت ڏنو.

هو جيڪڏهن فوجي ڪم ڪار مان واقف نه هو، ته به پوليس جي انسپيڪٽري ڪري چڪو هو، کيس سڀئي ڍنگ ياد هئا. قديم بهادر عربن جي نسل مان هو. سندس رڳن ۾ هاشمي خون موجود هو. هن پنهنجي رهڻ لاءِ جدا محلات زهيره نالي جوڙايو سندس نالي تي سڪو هلڻ لڳو، سرڪاري ڪاغذن تي سندس مهر لڳڻ لڳي، خطبي ۾ خليفي جي نالي سان گڏ سندس نالو پڙهجڻ لڳو، جڏهن سمورو انتظام قبضي هيٺ آيس تڏهن پنهنجي پيڙهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوجي کاتي ۾ ڦيرڦار ڪرڻ لڳو. عرب عهديدارن کي لاهي بربر سندن جاين تي مقرر ڪيائين. وٽس اهڙا ته ڇاڙتا موجود هئا جو نه ڪڏهن سندس فوجن ۾ بغاوت پئي ۽ نه وري ڪنهن امير کي ئي مجال ٿي جو سندس اڳيان دم هڻي سگهي.

عيسائين کي مات ڪرڻ

عيسائي، جي هيترو وقت ماٺ ۾ هئا، تن هميشه وانگر وري فساد ڪرڻ لاءِ مٿو کنيون ۽ اڳئين دستور موجب وري مسلمانن سان ظلم ڪرڻ لڳا. المنصور، جو هن وقت مختيار مطلق هو، سو سرڪشن کي سيکت ڏيڻ لاءِ فوجون وٺي نڪتو ۽ هڪڙئ يلغار سان ليؤن ۽ نيوري کي تاراج ڪري سرڪشن کي جوڳي سيکت ڏنائين ۽ مٿين علائقن جي تختگاهه شهرن ۾ مضبوط فوجون وهاريائين. ٿورن ڏينهن کانپوءِ وري ڪئٽيلونيا وارن عيسائين سرڪشي اختيار ڪئي، پر المنصور برسلونه کي تاراج ڪري فرنگي اميرن کي مات ڪري اسلامي سلطنت جون حدون پرنيس جبل جي به پريان وڌائي ڇڏيون. مٿين جنگين ۾ جيتوڻيڪ اسلامي فوجن جو مهندار غالب هو، جو سرحدي فوجن جو سپهه سالار هو، هو نهايت ئي بهادر ۽ جري عربي پهلوان هو، پر منصور پنهنجي حڪمت عمليءَ سان هن کي پنهنجو اهڙو دوست ٺاهي ڇڏيو، جو غالب پاڻ ظاهر ڪيو ته عيسائين کي منصور جي تلوار مات ڪيو. غالب جي مٿئين اعلان تي سڀني درٻارين ۽ عوام ڀروسو ڪيو، ۽ سڀني کي اهو يقينن ٿيو ته المنصور نه رڳو نظام سلطنت جي هلائڻ ۾ مدبر آهي، پر ميدان رزمگاهه ۾ جنگ جي فن ۾ سندس قابليت اعليٰ پيماني تي آهي. مٿين فتوحات ۾ جيڪو به مال غنميت هٿ لڳس، سو فياضئ سان فوجن کي ورهائي ڏنائين جنهنڪري فوجن کي به هن لاءِ عزت پيدا ٿي، وري جڏهن مظفر ۽ منصور ٿي واپس موٽيو، تڏهن قرطبه جي ڳلين مان آفرين ۽ تحسين جا عوام نعرا بلند ڪيا ۽ اهو ئي سبب هو جو کيس المنصور جي لقب سان سڏڻ لڳا. هاڻي المنصور جي زماني جو ذڪر ڏجي ٿو، ته هو ڪهڙي حيثيت جو ماڻهو هو.

المنصور جي حڪمت عملي ۽ سندس ڪارناما

المنصور جيتوڻيڪ مختيار مطلق هو، پر هن سلطنت جي ڪاروبار کي اهڙي عمدگي ۽ خوش اسلوبي سان هلايو، جو هن کان اڳ ڪڏهن به اهڙو انتظام اندلس ۾ ڪونه ٿيو هو. سندس انصاف گيريءَ جا ڪارناما تاريخن ۾ مشهور آهن، هو امير توڙي محتاج لاءِ هڪ جهڙو هو. هڪڙي ڀيري جڏهن سندس پٽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي، تڏهن کيس گهرائي ايتريقدر درّا هڻايائين جو آخر مري ويو! هن پنهنجي قانونن جي حفاظت ۾ پٽ جي مرڻ جي ڪائي به پرواهه ڪانه ڪئي. سندس اصلي مقصد اهو هو ته هميشه لاءِ اندلس جي تخت ۽ تاج تي قبصو ڪري، تنهنڪري پنهنجي آخري ڪاميابين لاءِ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪيائين، جيئن سندن رستو صاف ٿئي. پر رعايا کي سندس مقصد جي پوري پوري خبر هئي، تنهنڪري کيس رعيت مان خوف به هو. سلطنت جي مضبوط بازو يعنيٰ فوج ۽ عوام الناس جي خوشنودي هو اڳي ئي حاصل ڪري چڪو هو. باقي رهيو شهر جي اعليٰ تهذيب يافته جماعتين جو طبقو، پر اُهي جماعتون به سندس قانون کي پسند ڪرڻ لڳيون، ڇاڪاڻ جو خود خليفي اعظم عبدالرحمنٰ الناصر جي ڏينهن ۾ به اهڙو انتظام ڪونه هو، گويا منصور کي پنهنجي آخري چال ڏيکارڻ جو هن وقت عين وقت هٿ لڳو. جنهن انتظار ۽ مقصد لاءِ هو طالب علمي جي زماني ۾ خواب ڏسي رهيو هو.

هن وقت کيس ٻن شخصن مان خوف هو، هڪڙو فوجن جي سپهه سالار غالب کان ۽ ٻيو مصحفي کان، جو قلم جو بالاعملدار صاحب هو، پر بزدل ۽ ڪمزور هو. پهريون مصحفئ سان مائٽي ڳنڍيائين پر پوءِ آخر ڪنهن ڏوهه جي بهاني ۾ 987ع ۾ کيس گرفتار ڪرائي سزا ڏياريائين. ٻي هڪڙي روايت مان معلوم ٿو ٿئي، ته منصور مصحفئ کي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو. هن وقت بيت المال جي عهدي جو قلمدان به وزير اعظم پاڻ سنڀالي ورتو، ۽ سندس اقبال جو ستارو هن وقت پوري عروج تي چمڪڻ لڳو. سندس حڪومت جو انحصار جيتوڻيڪ مجلس شوريٰ تي منحصر هو، پر اُها مجلس رڳو نالي ماتر هئي. حقيقي بادشاهه کي ته هن محل سراءِ جي رنگ رلين ۾ اڳيئي مشغول ڪري ڇڏيو هو تنهنڪري شور سندس حڪمت عملئ جي تابع هئي. هو اندلس جو سچو پچو بادشاهه هو، سڀ ڪاغذ ۽ اشتهار سندس حڪم موجب جاري ٿيندا هئا، هو شاهي لباس ڍڪيندو هو، ۽ سڪن تي به سندس نالو اُڪريل هو، پر اهڙي جاهه و جلال هوندي به پنهنجي حاسدن کان محفوظ ڪين هو.

خليفي الحڪم جي مرڻ وقت شاهي باڊي گارڊ فوجن فساد ڪيو هو، جن کي هن مات ڪيو هو ۽ منجهانئن گهڻن کي جلاوطن ڪيو هئائين. تن سپاهين مان هڪڙي وزير جي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وزير کي به سازش جي خبر پئجي ويئي، ڪيترائي باغي گرفتار ٿي پيا، ۽ گهڻائي عذابن جي وگهي مارجي ويا. باقي رهيو، غالب، جو هن وقت سپهه سالار هو، سو قديم سپاهي هو. فوج ۾ سندس عزت هئي، ۽ سندس تلوار جو سڪو دشمنن تي ويٺل هو. منصور کي به خوف هو ته متان ڪنهن وقت غالب فساد نه ڪري، پر غالب کي بيگناهه مارائي به نه پئي سگهيو. کيس رعايا جي رضا جوئي جا ڍنگ به خوب ياد هئا هن سڀ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي پڪو ديندار سڏايو. ان لاءِ هن قرطبه جي فقيهن ۽ علمائن ۽ اهڙن دين جي دوڪاندارن جي محفل ڪوٺائي، سندن گهڻي عزت ڪئي. اسپين جا مسلمان، جي پنهنجي دين تي پڪا هئا، تن کي هن لاءِ عزت جاڳي، هن شرعي ڪتابن جي هڪڙي فهرست تيار ڪرائي، ۽ غير شرعي جيڪي به ڪتاب هٿ لڳس، تن کي ساڙائي ڇڏيائين، ۽ اهڙن تدبيرن سان فقيهن ۽ علمائن جي دلين تي قبضو ڪري ورتائين، جن آخر پنهنجي عادت موجب کيس دين جو حامي مشهور ڪيو. سندن ئي مدد سان هن پنهنجي وصيت جو اعلان هن ريت ڪيو ته، مرڻ کانپوءِ وزارت جي عهدي تي پنهنجي پٽ عبدالملڪ کي مقرر ڪيائين، اهڙي اعلان کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ لاءِ هن صغيرالعمر خليفي کان به صحيح ورتي ۽ 996ع ۾ پاڻ (السيد الملڪ الڪريم) جو خطاب به ورتائين. جڏهن عوام ۽ علمائن سڳورن جي دلين تي قبضو ڪيائين، تڏهن غالب جي اقتدار کي گهٽائڻ جي فڪر ۾ لڳو. پهريائين فوجن جي اصلاح جي بهاني سان سڀ فوجي اختياريون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتائين. سپهه سالار رڳو نالي جو وڃي رهيو، باقي غالب جا پراڻا جان نثار سپاهي متان سندس طرفداري نه ڪن، تن جي زور گهٽائڻ لاءِ مغرب اقصيٰ جنهن جو هن گهڻو ڀاڱو فتح ڪيو هو، اُتان نوان سپاهي ڀرتي ڪيائين، ۽ اُتر اسپين جي عيسائين مان به ڪي ڀرتي ڪيائين، جي نوان سپاهي هئا، تن جو ڪنهن خاص فرقي سان ڪوبه تعلق ڪونه هو. المنصور جي حسن سلوڪ ۽ قدر شناسي کي ڏسي هو  سندس وفادارئ جو دم ڀرڻ لڳا. هو فوجن کي درست ڪرڻ ۾ لڳو رهيو ۽ جيڪي سپاهي ميدان ۾ دل کولي وڙهندا هئا، تن جو خوب قدر ڪندو هو، اهو ئي سبب هو جو فوجون انتظام سان هيون، ۽ پاڻ به جنگ جا ميدان ڏسي چڪو هو، ۽ هن وقت هو هر فن موليٰ هو، سندس فوجي طاقت ايتريقدر مضبوط هئي، جو عبدالرحمنٰ الناصر جي ڏينهن ۾ به ايتريقدر طاقتور نه هئي. هن پنجاهه ڀيرا شمالي عيسائين تي حملا ڪيا ۽ هر هڪ دفعي فاتح ۽ منصور جي حيثيت ۾ موٽيو. غالب به هڪڙي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. کانئس پوءِ وري هڪڙي ٻئي فوجي سردار جعفر نالي جو ملڪ الزاب جي نالي سان مشهور هو، ۽ بهادرئ ۾ غالب ثاني هو، سو البته خليفي هشام سان دم ڀرڻ لڳو. پر منصور کيس هڪڙي ڀيري محل سراءِ ۾ گهرائي دعوت ڏني ۽ ايترو شراب پياريائينس جو انڌو ٿي ڪري پيو پوءِ مارائي ڇڏيائينس.

هو منصور سڏائڻ لاءِ پورو مستحق هو. هو جيتوڻيڪ سنگدل به هو، پر ايترو چئبو ته اندلس کي جيڪو اقبال، جيڪا دولت، عزت ۽ عظمت هن جي ڏينهن ۾ نصيب ٿي، اوتري ڪڏهن به ڪنهن به سلاطين جي زماني ۾ نصيب نه ٿي. سندس ڏينهن ۾ فوجي طاقت ۽ ڪارنامن کان سواءِ هنرن، علوم ۽ زراعتي ڪمن به گهڻو زور ورتو ۽ سندس دور ۾ مسلمان وڌيڪ آسودا هئا. هن شاهي خاندان سان جيڪا انحرافي ڪئي سا سندس دامن تي سياهه داغ آهن پر هو سخي، انصاف پرست ۽ صاحب ايمان هو، سندس فياضي، سخا ۽ انصاف جي چئني طرف هاڪ پيل هئي.

فارس جي مؤرخن جو قول آهي، ته سڪندر اعظم جي هڪڙي اک ڪاري هئي، هڪڙي ڳاڙهي هو هڪڙي ئي وقت به هيٺ ڏسي سگهندو هو، ۽ ٻيءَ اک سان مٿي آسمان ڏي به ڏسي سگهندو هو! ساڳيون. اکيون اسپين جي سڪندر (المنصور) کي به هيون. هڪڙي طرف عوام کي جيڪڏهن حقيقي تخت ۽ تاج جي مالڪ لاءِ محبت هئي ته ٻئي طرف منصور مسجدون تعمير ڪرائي، ماڻهن جون دليون پاڻ ڏانهن ڇڪي ڇڏيون هيون. هڪڙي طرف قانونن جو پابند هو ته ٻئي طرف علم جو دوست هو. تلوار جو به ڌڻي هو اتر ۾ عيسائين کي مات ڪري ڏکڻ ۾ آفريقا جو گهڻو حصو قبضي هيٺ آندائين. سال ۾ ٻه دفعا عيسائين سان جهاد ڪندو هو ۽ علم دوست فرمانروائن وانگر هڪڙي هٿ ۾ ڪتاب ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار رکندو هو. جڏهن ڪنهن مهم تي چڙهندو هو، تڏهن شعرا ۽ علمائن سڳورن کي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. کانئس اڳ ڪنهن به تاجدار ايتري فتوحات نه ڪئي. جيڏانهن ويندو هو منصور ۽ مظفر ٿي موٽندو هو، اقبال ۽ نصرت سندس هم رڪاب رهندا هئا.

سندس فوج جا جانباز بَر بَر ۽ مسيحي سپاهي جن کي لٽ مار جي مال سان مالا مال ڪري ڇڏيو هئائين، تن جي مدد سان هن عيسائي مخالفن کي ماري مات ڪري ڇڏيو، ليون کي سرڪري سندس قلعي جي فولادي ديوارن کي ڀڃي مسمار ڪري ڇڏيائين، ۽ برسلو نه تي قبضو ڪيائين. سندس تاب کان جليقيه به بچي ڪين سگهيو ان کي فتح ڪري هتي جي مشهور ڪليسا سينٽياگو کي به مسمار ڪرائي ڇڏيائين. مٿين ديول يورپ جي هڪ وڏي پاڪ مذهبي جاءِ هئي، جتي هزارن جي تعداد ۾ تارڪ الدنيا پادري رهندا هئا جڏهن ديول کي ڏسڻ ويو تڏهن اُتي هڪ ضعيف العمر راهب ڏٺائين، جو عبادت ۾ مشغول هو. پير مرد راهب کي ڏسي منصور جي دل ۾ رحم آيو ۽ حڪم ڏنائين، ته آئينده ڪنهن به عبادت گاهه کي نه ڊاٺو وڃي بلڪه هڪ فوج جو مضبوط دستو اهڙن جاين جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيائين. اهڙا هئا منجهس فوجي بهادرئ جا گُڻ جن جي ڪري کيس المنصور سڏيندا هئا. اتر جا اهي سرڪش باغي سپاهي جن جي بغاوتن جي ڪري اسپين جي تاجدارن کي ڪڏهن به آرام نصيب نه ٿيو، سي هينئر منصور جي قدم کان ڪنبڻ لڳا، جڏهن منصور جنگ تي نڪرندو هو تڏهن مسيحي حلقن ۾ گويا ماتم مچي ويندو هو. سندس خوف کان عيسائي شهزادن جي منهن جو رنگ بدلجي ويندو هو. ليون ۽ سندس ڀر وارين رياستن کان خراج ورتائين، قستاليه، نئوري، پامپلونه ۽ ٻين کي ماري مات ڪيائين. ليون تي محض هن سبب ڪري حملو ڪيائين، جو کيس خبر پئي، ته هڪڙي مسلمان عورت عيسائين جي قبضي ۾ آهي، بس ٻڌڻ جي دير هئي، هڪدم حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائين ۽ اهڙو حملو ڪيائين، جو عيسائي امير اُها عورت ته حوالي ڪئي پر معافي به گهريائين، تڏهن مس مس سندس جان آزاد ٿي!

آخر جو هن فاني دنيا ۾ آيو، سو ويو چرخ بي پير جي گردش ۽ موت جي چنبي کان ڪوبه بچي نٿو سگهي، افسوس جو اسپين جي ڊرامي جو هيرو جنهنجي تعريف ۾ اسان هي ورق ڪارا ڪيا آهن، سو به هن جي چنبي کان بچي نه سگهيو، کُلّ نفس ذائقتهِ المَوت صحيح آهي قستاليه تي آخري فوج ڪشي ڪرڻ بعد بيمار ٿيو ۽ وفات پاتائين، سندس لاش کي (مدينة سليم) ۾ دفنائي ڇڏيائون 1002ع ۾ هي واقعو ٿيو، سندس مرگ ناگهاني تي عيسائين خوشيون ڪيون. سندن ڪارناما اسپين جي تاريخ ۾ قابل يادگار آهن.

اهل بَربَرن جي اقبال جو ستارو

عربن جا جدا جدا قبيلا اسپين جي سر زمين تي اچي آباد ٿيا، منجهن آزادئ جو مادو قديم زماني کان هو، پر هن وقت هو مسلمان هئا، سندن ملت هڪڙي ۽ مذهب به هڪڙو ئي هو، تاريخدانن کي معلوم هوندو، ته ڪيئن نه هڪڙي قليل التعداد جماعت ۽ ملت جي فرزندن هڪڙئ ڪاهه سان سڄي اسپين کي فتح ڪري، توحيد جي جهنڊي هيٺ آندو پر اڃا فتوحات جو سلسلو جاري هو، ۽ اسپين جي طول ۽ عرض ۾ بهادر عربن جا قبيلا بيٺڪون جوڙي ويٺا هئا، ته باهمي رشڪ ۽ حسن جي باهه فاتحن ۾ اچي ڀڙڪي ۽ اهو گمان به هو ته اجهو فتح ڪيل ملڪ سندن هٿان نڪري ويندو. خلافت اُموي جي تاجدارن جي طرفان وقت بوقت فوجي امير مٿن حڪومت ڪرڻ لاءِ دمشق مان روانا ڪيا ويا، پر اهي به اندروني فسادن جي باهه کي وسائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا منجهانئن اڪثر فسادن کي مات ڪندي، موت جي گهاٽ چڙهيا. پر اتفاق سان هڪڙو مدبر شخص جو جهانداري لاءِ موزون هو اچي، اسپين جي ڪناري تي لٿو. اهو مدبر الملڪ عبدالرحمنٰ اول هو جنهن جي تدبيرن ۽ حڪمت عملي سان اندلس هڪ گڏيل سلطنت جي صورت ۾ دنيا جي اسٽيج تي نمودار ٿي، پر سندس مرڻ بعد وري اندلس ۾ فساد جي باهه ڀڙڪي، جنهن کي ٿوري وقت لاءِ عبدالرحمٰن جي استقلال وسائي ڇڏيو. هر طرف طوائف الملوڪي جا جهنڊا بلند ٿي ويا، پر مٿين پر آشوب حالت گهڻي دير تائين قائم رهي نه سگهي، ڇاڪاڻ جو هڪڙو زيادهه لائق ۽ في الحقيقت ”ظل الله“ جي تخت تي وهڻ سان تاريڪي جون حالتون جلد مٽجي ويون اهو خليفو اعظم عبدالرحمٰن ثالث هو، جنهن تفرقه انداز جماعتن جي پوري طور سان سر ڪوبي ڪئي، ۽ سرڪش فسادين جي بانيڪارن کي پائمال ڪري هڪ دفعو ٻيهر ملڪ کي قانون هيٺ آندو ۽ تاريخ شاهد آهي، ته سندس دور همايون ۾ پنجاهه سالن تائين ساندهه اندلس زمين جي تختي تي سراسر بهشت جو نمونو هو، هر طرف انتظام هو، ۽ مفلس توڙي امير امن امان ۽ آسودگي ۾ خوش هو. اهڙي دور بابرڪات کي ڏسي سياحن جا وات ڦاٽي پيا، مؤرخن جا قلم ڀڄي پيا ۽ شاعرن جيڪي قصيدا لکيا، تن مان ڪي نسخا مثال لاءِ پيش ڪري چڪا آهيون. اهڙي ڪامراني، خوشحالي، آسودگي ۽ دولت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڇو عربن جو پاڻ ۾ نفاق پيو؟ ان باري ۾ انشاء الله تعاليٰ اسين غرناطه جي باب ۾ هن سوال تي روشني وجهنداسون، جڏهن اسانجو قلم علامهّ ابن خلدون جو بيان لکڻ لڳندو، پر في الوقت ايترو چئجي ٿو، ته مغربي فلاسافر هينري وارڊ بيچر جو قول آهي ته: ڪاميابي حاصل ٿيڻ کان اڳ مرادن جو مجموعو ٿئي ٿي، پر جڏهن حاصل ٿئي ٿي، تڏهن هڪڙي ويران آکيري جيان معلوم ٿئي ٿي ۽ اهڙو ويران ٿيل آکيرو جنهن کي ورهين کان طائران خوشنوا ڇڏي چڪو هجي“.

اهو اندلس جنهن تي آرين چاندي کوٽڻ جي لالچ تي اچي، پنهنجو گهر جوڙيو، تنهن کي عرب جي صحرا نشينن باغِ آرم جو نمونو بنايو، پر ايتري ڪاميابي ۽ دولتن هوندي به صحرا جي بدوين کي وري صحرا جي دشتِ غربت جا خواب اچڻ لڳا، ۽ سر زمين اندلس جي شاداب ۽ پر فضا خاڪ کين برباد ٿيل آکيري جيان نظر اچڻ لڳي، نتيجو اهو نڪتو جو ايتري اقبال ۽ دولت هوندي به مسلمانن جي هزار سالن جي حڪومت يورپ مان مٽجي ويئي، ۽ وري ڪامران ۽ اقبالمند مسلمانن تي جيڪي هوشربا ظلم عيسائين نازل ڪياسي، عيسائين جي دامن تي هميشه لاءِ سياهه داغ رهندا. عبدالرحمٰن ثالث به آخر آخرت جو سفر اختيار ڪيو، اهو طوفان نوح جو عربن جي حسد ۽ عيسائين جي فساد برپا ڪري رکيو هو، تنهن طوفان کي پهرين الوالعزم بادشاهن پنهنجي مدبرانه ڪوششن ۽ تلوار سان روڪيو. هينئر به هڪڙي وزيراعظم هن طوفان کي روڪيو. هن جيڪڏهن شاهي خاندان سان غداري ڪئي، ۽ فارس جي بادشاهن وانگر کيس جاهه و جلالت حاصل ڪرڻ لاءِ شوق دامنگير هو پر ”ڪتاب الله“ جو پابند اعليٰ درجي جو مدبر ۽ آئين ملڪ دارئ کان واقف پنهنجي فطرتي قابليت جي ڪري، هن جيڪو اندلس جي اعليٰ توڙي ادنيٰ جي دلين تي پنهنجي اقتدار جو سڪو ڄمايو، سو قابل تعريف هو ۽ پنهنجي اڳوڻن آقائن جي حڪمت عمليءَ تي هلي سندن وصّيت کي پورو ڪيائين. في الحقيقت اندلس کي هن شخص پنهنجي استقلال سان فردوس برين بنائي ڇڏيو پر افسوس حياتي موت لاءِ آهي، ۽ ترقي پٺيان تنزل جو ڀوت به لڳل رهي ٿو. آخر منصور به موت جي دامن هيٺ پناهه ورتي ۽ کانئس پوءِ اندلس جي اقبال ۽ دولت جو ستارو به غروب ٿيڻ لڳو. اها خلافت جنهن جي پر جلال مسند جنهن کان يونان ۽ قسطنطنيه جا شهنشاهه ڪنبندا هئا، هينئر اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عربن جي جدا جدا جماعتن هٿيار کنيا، ۽ ڪامل اَسي ورهين تائين عربن، بربرن، سلاف ۽ اسپين جي ٻين مسيحي قبيلن هن دولت تي جهٽ هنيان ۽ ڪجهه نه ڪجهه جهٽ ۾ کڻندا رهيا. اندلس ۾ بنو اُميّه حڪومت جو هي آخري دور هو ڇاڪاڻ جو مرڪزي حڪومت گهڻو ڪمزور ٿي چڪي هئي، ڪڏهن اَهل قرطبه پنهنجي طرفان ڪو بادشاهه انتخاب ڪندا هئا، ڪڏهن اَهل بَر بَر پنهنجي طرفان ڪو بادشاهه کڙو ڪندا هئا، ڪڏهن اشبيله وارا بادشاهئ جو اعلان ڪندا هئا، مطلب ته جنهن جي ڏنڊي کي زور هوندو هو اُهو بازي کڻندو هو.

عبدالملڪ المظفر

وزير اعظم المنصور جي انتقال کانپوءِ سندس پٽ عبدالملڪ ”المظفر“ جي خطاب سان تخت تي ويٺو، هن پيءُ وانگر امن ۽ اتفاق جي سلسلي کي جاري ڪيو. عيسائين کي مات ڪري جراتمندي جو ثبوت ڏنائين ۽ ڇهن ورهين تائين اهڙي حڪومت ڪيائين جو ڪڏهن به ماڻهن اهڙو امن امان اڳ ڪونه ڏٺو، بقول علامّه سيد امير علي صاحب، ته هر هڪ ڏينهن عيد برابر هو. ايتري خوشحالي هوندي، به عام ماڻهن کي بنو عامر وارن لاءِ نفرت هئي. ٿوري عرصي گذرڻ بعد طوفان جو گهڻي عرصي کان شروع هو، وري نئين ساز ۽ سامان سان نمودار ٿيو. هڪ طرف تخت ۽ تاج لاءِ گهڻائي ڪوڙا دعويدار هئا، مطلب ته باغين جو هڪڙو هجوم هو، جنهن قرطبه جي ديوارن کي چئني طرفن کان گهيري هيٺ آندو هو. خاص ڪري اندلس جا رهاڪو شاهي خاندان جا طرفدار هئا. سندن اهائي خواهش هئي، ته بني اُميّه خاندان جي عظمت قائم رهي. وزير جي خاندان جي حڪومت کڻي ڪهڙي به باانصاف هجي، پر تنهن هوندي به  ماڻهن جو منجهانئن اعتقاد نڪري چڪو هو، ڇاڪاڻ جو هنن تخت ۽ تاج جي لالچ تي شاهي گهراڻي سان غداري ڪئي هئي ۽ وڏي ڳالهه ته بادشاهه به موجود هو. عوام اهو رايو ظاهر ڪيو، خواهه ڪيئن به ٿئي حڪومت جون واڳون هشام پاڻ سان رکي. هن مخالفت جي ڪري عربن جي قديم جماعت ۽ ملت جو شيرازو جلد بدلجڻ لڳو. اڪثر هن کان اڳ به وقت بوقت اسپين جي سر زمين تي انقلاب ٿيندا رهيا، پر هي هڪ عجيب انقلاب هو جو شاهي خاندان وارا محلات جي چئن ديوارن اندر بادشاهي ڪن، ۽ سندن موجودگي ۾ سندن نمڪ خور اهلڪار ملڪ تي حڪومت ڪندا رهن! بني اُميّه خاندان جي تاجدران ملڪ ۽ رعيت سان اهڙي نموني سان پير ڀريا هئا، جو هن وقت به ملڪ جا سڀئي نواب رئيس ۽ عرب امير شاهي خاندان سان همدردي ڪرڻ لڳا. هن وقت ملڪ ۾ آسودگي هئي، واپار ۽ هنر ترقي جي معراج تي پهتل هئا ماڻهن وٽ دولت جام هئي، قرطبه ۾ هزارين ڪارخانان هئا، جن ۾ بيشمار مزور ڪم ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مزورن ۽ سرمايه دارن جي وچ ۾ ڪنهن ٿورئ ڳالهه تان تڪرار هلندو هو، ته انقلاب برپا ٿي ويندو هو. اهڙن فسادن جو برو اَثر شاهوڪارن تي پوڻ لڳو.

عبدالرحمٰن سنڪل

المظفر جي مرڻ کان پوءِ جڏهن سندس ڀاءُ عبدالرحمٰن آڪٽوبر 1008ع ۾ تخت تي ويٺو تنهن کان ته ويتر فسادن زور ورتو. کيس سنڪل انڪري سڏيندا هئا، جو سندس ماءُ نئوري جي حاڪم سانڪوءَ جي ڌيءَ هئي. هو ڪم عقل هو، تخت تي ويهڻ سان هن هشام تي زور وڌو ته تخت ۽ تاج سندس سپرد ڪري. هشام جي اها حالت هئي جو ويچارو ٽيهن ورهين کان حرم سراءِ جي چئن ديوارن اندر نظربند هو، سندس عيش ڪده راجا اندر جو آکاڙو هو. پر يزدان جي جهرمٽ کي هو درٻار سمجهندو هو. جڏهن عبدالرحمٰن مٿس زور آندو تڏهن پڪار ڪيائين، ته منهنجي آرام ۾ خلل نه وجهو، پر سندس دانهن ڪوڪ ڪير ٻڌڻ وارو هو؟ اهل قرطبه سندس دانهن تي لبيڪ ڪئي، آخر خلافت جو بارگران سندس ڪلهن تي رکيائون پر جڏهن ڏٺائون ته هو پرستان جي سير ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين ٿو پسند ڪري، تڏهن قرطبه وارن شاهي خاندان جي هڪڙي شهزادي محمد کي حڪومت تي وهارڻ لاءِ کڙو ڪيو، ۽ هشام به سندس طرفداري ڪئي کيس ”مهدئ“ جو لقب به ڏنائين پر عبدالرحمٰن مٿن فوج ڪشي ڪئي. شامي عربن ۽ اميرن به شهزادي محمد جي طرفداري ڪئي. وڏو فساد جاڳيو هزارين ماڻهو شاهي خاندان جي جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيا، بنو عامر وارن جي محلات اَلحيرا کي لٽي باهه ڏنائون. سنڪل پنهنجي طرفدارن سميت قيد ٿي قتل ٿي ويو. هن انقلاب جو اهو نتيجو نڪتو جو بنو عامر وارن جي خاندان جون پاڙون پٽجي ويون پر بني اُميّه خاندان جي بنياد کي به سخت لوڏو اچي ويو.

محمد المهدي

مهدي تخت تي ويٺو پر بني اُميّه خاندان جو هي آخري دور هو. ڪڏهن اَشبيله وارا پنهنجو خليفو مقرر ڪندا هئا، ڪڏهن قرطبه وارا پر اسين اڳ چئي چڪا آهيون، هن وقت بربرن جي اقبال جو تارو اوج تي بيٺل هو، ڇاڪاڻ جو فوجن ۾ سندن گهڻا ماڻهو هئا، ۽ فوجي عهدن تي به هو ممتاز هئا. شاهي فوجن فساد ڪيو ۽ هڪڙي شاهي خاندان جي ٻئي شهزادي سليمان کي بادشاهه تسليم ڪيائون پر مهدئ هشام جي مدد سان قرطبه تي قبضو ڪري ورتو. سليمان وري ليون ۽ قستاليه جي عيسائي اميرن کان مدد گهري. مهدئ سندس مقابلي لاءِ ڪئٽيلونيا جي عيسائي امير کان مدد گهري. اها هئي گهرو جنگ جنهن ۾ ٻنهي شهزادن عيسائين جي امداد جي عيوض اُهي علائقا جي غازي الناصر ۽ وزير منصور ورهين جي خونريز جنگين کانپوءِ عيسائين کان فتح ڪيا هئا، سي سواءِ ڪنهن جدوجهد جي مسلمان شهزادن عيسائين جي حوالي ڪيا اٽڪل 2 سؤ قلعا ۽ شهر عيسائين جي حوالي ڪيائون. گهرو جنگ وئي زور پوندي، ڪڏهن سليمان جو قرطبه تي قبضو رهيو ڪڏهن مهدي جو قبضو رهيو، ڪفارن جي گهرن جا ڏيئا ٻرڻ لڳا عرب سلطنت ويئي ڪمزور پوندي. بارگاهه خلافت اها بارگاهه نه هئي، پر مقتل گاهه هو، جتي جيڪو آيو، سو قتل ٿيو. مهدي هن جنگ ۾ قتل ٿي ويو. نوبت محل سراءِ تائين وڃي پهتي هشام هڪڙي ڀيري حمام ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي 1010ع ۾ جڏهن مهدي قتل ٿيو تڏهن هشام جي سر تي به اچي نوبت پهتي، سندس ڪهڙو انجام ٿيو، تنهن لاءِ پورو پتو پئجي نه ٿو سگهي، البته سندس هڪڙي خادمه جي زباني ايترو معلوم ٿيو، ته هو هڪڙي ڏينهن موقعو ڏسي قيد مان نڪتو ۽ مڪه معظمه وڃي باقي زندگي جا ڏينهن عبادت الهيٰ ۾ گذاريائين. کانئس پوءِ ٻئي هڪڙي شخص پاڻ کي هشام سڏائي تخت لاءِ دعويٰٰ ڪئي. اَشبيله جي عامل به اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي، سندس پٺ ڀرائي ڪئي، پر هشام اهڙو ته تارڪ الدنيا ٿي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾  لڪو جو وري اسپين ۾ ڪنهن به سندس ڏس پتو ڪونه ڏنو.

هن گهرو جنگ ۾ جيڪو قرطبه کي نقصان پهتو سو قابل رحم هو، هيڏو سارو عظيم الشان تختگاهه شهر ويران ٿي ويو، وڏا وڏا محلات لٽجي باهه جي ٻل چڙهيا. شاهي خاندان وارن شهزادن ۽ حرم جي بيگمات سان جيڪي ڪلور ٿيا تن جو بيان ڏيئي نه ٿو سگهجي. اهو مدينة الزهره جو مايهء ناز محلات، جو خليفي اعظم هيڏي خرچ سان تيار ڪرايو هو دغابازن ان تي به قبضو ڪري لٽ مار مچائي ڏني ۽ پوءِ باهه ڏنائونس ۽ هي محلات جو دنيا ۾ هنرمندي ۽ صنعت ڪاري جي لحاظ سان لاثاني هو، جنهن تي ٻن شهنشاهن خرچ ڪيا هئا، سوسڙي ڀسم ٿي ويو شاهي خاندان وارن خوف کان وڃي، جامع مسجد ۾ پناهه ورتي، پر ظالم بَربَرن جنکي نه خوف خدا جو هو، ۽ نه وري رحم ڪري ڄاڻيندا هئا، تن بي رحمن مردن، زالن، ٻارن ۽ ضعيف مردن کي قتل ڪيو ايتريقدر جو سڄو فرش خون کان ڳاڙهو ٿي ويو.

سليمان

اهڙي حالت ۾ سليمان قرطبه جي تخت تي ويٺو، جڏهن بَربَرن ۽ عيسائين مايهء ناز قرطبه جي دولت کي پئي لٽيو. هو تخت جو مزو ماڻي نه سگهيو، کيس ادريسي خاندان جي هڪڙي امير علي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ هو پاڻ قرطبه جي تخت تي ويٺو. 408هه مطابق 1017ع ۾ سندس ئي پڄاڻان سندس ڀاءُ قاسم تخت تي ويٺو، جو ماٺيڻي سڀاءُ وارو انصاف پرست هو، پر بَربَرن جي هٿان مارجي ويو. قاسم ادريسي جي مرڻ کانپوءِ قرطبه وارن بني اميه خاندان مان عبدالرحمٰن نالي هڪڙي شهزادي کي تخت تي ويهاريو، پر ستت ئي مري ويو. کانئس پوءِ محمد نالي وارو اموي تخت تي ويٺو، سندس ڌئ شهزادي ولاديه نهايت ئي پاڪدامن هئي. سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي هئائين. هوءَ شاعره به هئي، 450هه 1087ع ۾ وفات ڪيائين. محمد سياڻو حليم طبع بادشاهه هو، 422هه مطابق 1031ع ۾ فوجن هٿان مار جي ويو. اهل قرطبه يحيٰ بن علي بن حامد ادريسي کي ڪجهه وقت تخت تي ٿا پيو، آخر 1035ع ۾ کيس تخت تان لاهي جمهوري راڄ قائم ڪيائون، آخر 40 ورهين کانپوءِ اَشبيله جي حاڪم مٿس قبضو ڪيو.

قرطبه جي آفتاب عظمت جو غروب ٿيڻ

اندلس ۾ جيڪو اندروني فساد پيو، تنهن جي اثر کان اسپين جي مختلف اميرن کي خودمختياري هٿ ڪرڻ جو وجهه مليو. عيسوي يارهين صدي جي وچ ۾ اٽڪل ويهن خاندانن جي جدا جدا شهرن تي خودمختيار حڪومت هئي.

ملاگا ۽ الجيراس وارن علائقن تي بنو حامد وارن خودمختياري حاصل ڪئي، هن خاندان جو باني بنو حامد ادريسي 1466ع ۾ پاڻ اميرالمومينن سڏائڻ لڳو. هو اصل مغرب اقصيٰٰ جو رهاڪو هو، ۽ پنهنجو نسل حامد بن ميمون بن احمد بن علي بن عبيدالله بن عمر ادريس کان ڇڪيندو هو. حامد آفريقا مان ڀڄي قرطبه ۾ اچي حاجب المنصور وٽ رهڻ لڳو، جنهن کيس گهڻو آڌرڀاءُ ڏنو، ۽ کيس خليفة المسلمين هشام جي فوج ۾ چڱي عهدي تي مقرر ڪيائين، ۽ قرطبه جي انقلاب ۾ هن گهڻو زور ورتو. هن خاندان وارن عيسوي 1057 تائين قرطبه تي حڪومت ڪئي ۽ پوءِ قرطبه اشبيلا سان لاڳو ٿي ويو.

2. اشبيله ۽ الغروتي بنو عابد خاندان جا بادشاهه بادشاهي ڪندا هئا، هن خاندان جو باني هتي جو قاضي ابوالقاسم محمد هو. هن خاندان جي پوئين حاڪم ابن عابد کي يوسف بن تفشين آفريقا ڏانهن لوڌي ڪڍيو.

3. غرناطه تي بَر بَر خاندان مان هڪڙي بادشاهي ڪئي، هن خاندان جو باني ضرائي هو سندس پوين 1090ع تائين غرناطه تي حڪومت ڪئي.

4. طليطله تي بنو ذوالنون وارن حڪومت ڪئي، جي پنهنجي شجاعت ۾ لاثاني هئا، منجهانئن پويون قادر ذوالنون هو، جنهن کان آلفنسو چوٿين 1085ع ۾ ٽوليڊو فتح ڪيو.

5. سر قسط تي بنو هود وارا حڪومت ڪندا هئا، جي محمد بن هشام جو اولاد هئا، اهي غازي عبدالرحمٰن ثالث جي ڏينهن کان اُتي حڪومت ڪندا هئا، 1118ع ۾ عيسائين راميز جي هٿ هيٺ مٿيون علائقو فتح ڪيو.

6. بادجاز، بلنسيه، مرشيا ۽ الميريا جي علائقن تي به جدا جدا جليل القدر عرب خاندان وارن بادشاهي ڪئي جي خودمختيار هئا، منجهانئن گهڻا شهزادا پنهنجي منصف مزاجي ۽ شاعرانه مزاج جي ڪري مشهور ٿيا، هو تهذيب يافته ۽ علم پرور هئا، پر مرڪزي حڪومت جي شيرازي بدلجڻ ڪري چؤطرف بدنظمي ۽ تشدد جي بازار گرم هئي. جيتوڻيڪ چؤطرف طوائف الملوڪي جا گل پکڙجي ويا هئا، پر تنهن هوندي به اهو خوف خوف دامنگير هو، ته متان اسلامي پرچم اسپين مٿان مٽجي نه وڃي.

7. دينيا Denia ۽ بحيره روم ۾ جيڪي به ٻيٽ اسپين سان لاڳو هئا، تن تي مولائي مجاهد بن عبدالله حڪومت ڪرڻ لڳو جوحاجب المنصور جي ڏينهن ۾ وڏي عزت وارو هو. مولائي مجاهد بهادر سپاهي ۽ بحري ملاح به هو وٽس مضبوط ٻيڙو به هو جنهن جي مدد سان هن اٽلي ۽ فرانس جي ڪناري وارن عيسائين کي مات ڪيو هو. جيستائين مولائي مجاهد جيئرو هو، تيسين عيسائين کي مجال نه هئي، جو بحيره روم تي دخل ڪري سگهن. هتي به طوائف الملوڪي جي وبا پيل هئي. پر اڪثر سڀئي حاڪم علم دوست ۽ هنرن کي ترقي ڏيندا هئا. سندن درٻارن ۾ علماء، فقهاء، اديب ۽ شاعرن جو هر وقت چرچو لڳل هوندو هو. اشبيله جو پويون حاڪم وڏو شاعر هو. بادالجاز جو شهزادو مظفر ابن افطاز مشهور مؤرخ هو هن جيڪا تاريخ (الڪتاب المظفر) تيار ڪئي، تنهن جا 50 جلد هئا. قرطبه جي اُمويّ خاندان جي اقبال جو آفتاب غروب ٿي چڪو، مرڪزي سلطنت ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي ۽ هر هڪ امير جدا جدا خود مختياري اختيار ڪئي، پر هن پر آشوب داستان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو انهن اميرن جو پاڻ ۾ اتفاق ڪونه هو. ٻئي طرف عيسائين جڏهن ملڪ جي اها حالت ڏٺي تڏهن اهڙي بيش بها موقعي کي غنيمت ڄاڻي سجاڳ ٿيا. جيڪڏهن عربن جا امير ۽ مختلف قبيلا گڏجي هڪ ٿي بيهن ها ته دشمنن کي مجال نه هئي جو مسلمانن کي تڙي ڪڍن ها پر آخر مسلمانن کي نفاق جو ستت ئي مزو چکڻو پيو. هو هڪ ٻئي جي ڳلي ڪپڻ لاءِ پنهنجن جگري دشمنن کان مدد وٺڻ لڳا، جيتوڻيڪ اُهي عيسائي وقت تي ساڻن بيرحمئ جون هلتون ڪندا هئا، پر مسلمان ناعاقبت انديشي جي نشي ۾ اهڙو مست هئا، جو کين ڪابه سڌ ڪا نه پئي، ته مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي. يا ته سندن تلوار خون آشام کان فرانس جي سر زمين ڪنبدي هئي، ۽ سندن توحيد جي نعري کان جرمني ۾ زلزلو پئجي ويندو هو پر ايتري طاقت، نعمتن نصيب هوندي، به سندن نالو هتي جي سر زمين کان ائين مٽجي ويو جو هزار سال حڪومت جو عرصو گويا عرب جي صحرا نشينن لاءِ خواب جي مثل هو. قرآن شريف ۾ جو بي فرمان گهنگار قومن جا جابجا قصا ۽ انهن جون سزائون بيان ٿيون آهن، سي دين جي دوڪاندارن (عالمن سڳورن) کان ڳجهيون نه آهن، قرآن شريف جا ڄاڻندڙ قرآن شريف جي پڙهڻ سان چڱي طرح معلوم ڪري سگهن ٿا. اها ڪهڙي شيء آهي جنهن ابليس کي آسمان مان لوڌائي زمين تي اڇلايو؟ ملعون کي رحمت جي بجاءِ لعنت نصيب ٿيس. خدائي قرب جي بجاءِ دوري مليس. تسبيح ۽ تقدس جي جاءِ تي ڪفر ۽ شرڪ انعام مليس.

اها ڪهڙي شيء آهي! جنهن حضرت نوح عليھ السلام جي زماني ۾ ساري اهل زمين کي طوفان ۾ غرق ڪيو؟ اها ڪهڙي شيء آهي، جنهن جي ڪري، سخت هوا عاد جي قوم کي پريشان ۽ هلاڪ ڪري ماري ڇڏيو؟ اها ڪهڙي شيء آهي! جنهن کان ثمود جي قوم تي آسمان مان وڏي گوڙ ٿي، جنهنجي دهشت ڪري انهن جو هيون ڦاٽي پيو ۽ فنا ٿي وئي؟ اها ڪهڙي شيء آهي! جنهنڪري حضرت لوط عليھ السلام جي قوم جا شهر مٿئين آسمان تائين کڻايا ويا ۽ وري اونڌا منهن ڀر هيٺ ڪيرايا ويا ۽ مٿن پٿر وسايا ويا؟ اها ڪهڙي شيء آهي جنهن کان حضرت شعيب عليھ السلام  جي قوم تي ڪڪر جي شڪل ۾ عذاب آيو ۽ ان مان نافرمان قوم مٿان باهه وسڻ لڳي؟ اها ڪهڙي شيء آهي! جنهن کان فرعون پنهنجي قوم سوڌو درياهه ۾ غرق ٿيو؟ اها ڪهڙي شيء آهي! جنهن کان قارون کي مال، اسباب سوڌو زمين ڳهي وئي؟ اها ڪهڙي شيء آهي جنهن هڪ ڀيري بني اسرائيل مٿان هڪڙي زبردست قوم کي غالب ڪيو، ۽ بني اسرائيل ان قوم جي هٿان خوار خراب ٿيا. سندن تازيون اڏيلون عمارتون ويران ۽ برباد ٿيون؟ سا خدا تعاليٰ جي نافرماني نه آهي، ته ٻيو ڇا آهي. اهي قصا قرآن شريف ۾ گهڻن جاين تي ذڪر ٿيل آهن، ۽ تن جو وري سبب هڪ جاءِ تي نهايت مختصر لفظن ۾ هن ريت ارشاد ٿيو. ”يعني اهو الله تعاليٰ نه آهي، جو انهن تي ظلم ڪري پر پنهنجو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي!“

اسپين جي مسلمانن تي جيڪي نازل ٿيو، سو به عبرت ناڪ مثال آهي. قرطبه ۽ غرناطه جي حسن دولت ۽ علم ۽ ادب جي لحاظ سان دنيا لاءِ مايه ناز هئا، سي گردش ايام جي هڪڙي چڪر سان اهڙو ته غائب ٿي ويا جو پسماندن لاءِ فاني عبرت جو مثال ڇڏي ويا.

اسپين جي عيسائين جو  زور وٺڻ

1065ع ۾ قستاليه جي عيسائي امير فرڊينڊ اول انتقال ڪيو سندس پٽ الفنسو ششم تخت تي ويٺو، هن جڏهن عربي اميرن ۽ شهزادن جي پاڻ ۾ نا اتفاقي ڏٺي، تڏهن هن پنهنجي حڪمت عملي ۽ تدبير سان قستاليه، ليون ۽ جليقيه جي عيسائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪڙي طاقت ٺاهي، مٿن حڪمراني ڪرڻ لڳو. پوءِ مسلمان اميرن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائي مدد ڏيڻ لڳو پر وقت تي پنهنجو پير ڪڍائي، سندن مزو ڏسڻ لڳو. مختلف قبيلن جا امير هن کان مدد وٺڻ لاءِ سندس خوشامدون ڪرڻ لڳا، ۽ گويا هو پنهنجي صدين جي دشمنن کي هينئر پنهنجو دوست سمجهڻ لڳا نتيجو  اهو نڪتو جو هو، هڪ وڏي خونريز جنگ ۾ ٽپي پيا. اها واردات ڏسي قستاليه جي عيسائين مسلمانن تي سخت حملا ڪرڻ شروع ڪيا، مسلمانن هن طوفان جي ڪري شهرن پٺيان شهر خالي ڪيا ۽ عيسائين بندرگاه قادس cadiz تائين ملڪ کي لٽي تاراج ڪيو. عيسائين جيڪي هن وقت مسلمانن مٿان ظلم برپا ڪيا تن جي بيان ڏيڻ لاءِ وڏي داستان جي ضرورت آهي. هن وقت اشبيله جو امير سڀني مسلمان شهزادن ۾ طاقتور هو، پر هن 1042ع ۾ وفات ڪئي، سڀ کان پهريائين هن عيسائين کي خراج ڏيڻ منظور ڪيو ۽ ٻين لاءِ به ذلت جي زندگي ڇڏي ويو، جيئن ته اندلس ۾ هن وقت جيڪي به اسلامي رياستون قائم ٿي چڪيون هيون، سي عيسائين کي خراج ڀرينديون هيون. خواهه مدد گهرڻ جي عيوض يا عيسائين جي خوف کان الفنسو به سال بسال ويو ڍلن ۾ اضافو ڪندو ۽ مسلمان ويا ڏينهون ڏينهن مفلس ٿيندا. 1075ع ۾ اَشبيله وارن قرطبه فتح ڪيو، طليطله وارن کي شڪست ڏيئي سمورو ملڪ فتح ڪيائون. مسلمان پنهنجي هٿن سان پنهنجي قبر پاڻ کوٽي رهيا هئا، عيسائي جن صدين کان غلامئ جون مصيبتون سٺيون هيون، سي اقبالمند مسلمانن جي نعمتن کي لٽڻ لاءِ سندن زوال جا منتظر هئا. هو دوست نما دشمن جي صورت ۾ طرح طرح جا مڪر، فريب ۽ تدبيرون سوچڻ ۾ مشغول هئا. هو مڪار لومڙين جيان شير دل مسلمانن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ لڳا. جرات، دليري، قوت ۽ بهادري اڃا به مسلمانن ۾ موجود هئي، پر هو پنهنجي شهزوري هڪ ٻئي کي ڏيکارڻ ۾ رڌل هئا. الفنسو جي افسون گري کان گويا بي خبر هئا. حسد ۽ نفاق جنهن دنيا جي هزارين جليل القدر الوالعزم قومن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو هو، اها وبا هينئر اسپين جي مسلمانن ۾ پئجي چڪي هئي.

جيتوڻيڪ اندلس جي اميرن ۾ نااتفاقي جي وبا پئجي چڪي هئي، پر اڃا به سندن محفل ۽ ملت جو ڏيئو روشن هو سندن دولت محفوظ ۽ عضوا سلامت هئا، جيڪڏهن پنهنجي دولت کي سنڀالڻ لاءِ اک پٽين ها ته منزل بلڪل آسان هئي، پر سندن اکين ۽ دلين تي اهڙو پڙدو چڙهي چڪو هو جو گويا هو زماني جي نيرنگين کان بيخير هئا. ڇاڪاڻ جو هوڏانهن سندن ”جو فروش گندم نما“ دوست آلفنسو هر قل جي مينار تائين ملڪ کي پنهنجو جولانگاه بنائي چڪو هو. نه فقط ايترو بلڪ آليڊو ۾ هن سواءِ ڪنهن خوف خطري جي هڪڙو مضبوط قلعو تعمير ڪرائي اُتي ٻارهن هزار مضبوط عيسائين جي فوج ويهاري ڇڏي هئي. سندس ئي فريب ڪري بلنسيه وارن خود مختياري اختيار ڪئي. آلفنسو جڏهن پنهنجي طاقت کي مضبوط ڏٺو، تڏهن شهنشاهيت جو اعلان ڪيائين. عرب جيڪو کيس ساليانو خراج ڀريندا هئا، تنهن مان هو راضي ڪين هو سندس اها ئي مراد هئي، ته مسلمانن جي سمورن علائقن تي قبضو ڪريان. هن يورپ جي عيسائين لاءِ هڪڙو اعلان ڪيو ته ”مسلمان جيڪي اسپين جي سرزمين تي وڏي دعويٰ ڪن ٿا ، تن سان ميدان ۾  مقابلو ڪرڻ چاهيان ٿو.“ سندس هن اعلان تي اڳوڻي ڪروزيڊ جي زماني وانگر گهڻائي جنگجو عيسائي ڌارين ملڪن مان اچي سندس لشڪر ۾ شامل ٿيا. اسپين جي مسلمانن جي اکين تي اڃا به پٽي چڙهيل هئي پر جڏهن هنن پاڻ کي چئني طرفن کان پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڏٺو، تڏهن بيروني امداد لاءِ واجهائڻ لڳا، افسوس جو منجهن اهڙو ڪوبه شخص ڪونه جاڳيو، جو سندن نفاق کي مٽائي، کين مرڪزي طاقت هيٺ آڻي، متحد ڪري سگهي.

  

اسپين ۾ المرويه خاندان The Almoravides rule in Spain

 

يوسف بن تشفين

1085ع ۾ جڏهن ذوالنون خاندان جي پوئين شهزادي قادر ذوالنون مشهور اسلامي تختگاهه طليطله کي الفنسو جي حوالي ڪيو، تڏهن اسپين جي فضا مسلمانن لاءِ ويئي، خوفناڪ ٿيندي. غرناطه، بادجوز ۽ اشبيله ۽ ٻين هنڌن جي اميرن کي اچي عيسائين مان خوف جاڳيو ۽ سندن اک پٽي، ڇاڪاڻ جو اسپين جي اُپٻيٽ جي ڌرتي تپي چڪي هئي، هو آسماني مدد لاءِ منتظر ٿيا. سندن پاڻ ۾ جيتوڻيڪ نفاق هو، پر هينئر سڀني ڳالهين کي وساري گهرو دشمن جي ٽارڻ جي ڪوشش ۾ لڳا.

اتر آفريقا ۾ هن وقت پوليٽڪل اسٽيج جو منظر بدلجي چڪو هو، يارهين صدئ ۾ جڏهن اسپين ۾ اسلامي سلطنت پرزا پرزا ٿي چڪي تڏهن اولهندي آفريقا ۾ بربرن جي هڪ نئين سلطنت قائم ٿي. بر بر اصل سامي النسل آفريقي هئا. پنهنجي چؤپائي مال لاءِ چراگاهن جي تلاش ڪندي اچي آفريقا جي صحرااعظم ۾ گهر ڪري رهڻ لڳا ۽ هڪڙي عالم سڳوري جي دعوت تي لبيڪ چئي اسلام اختيار ڪيائون ۽ پڪا ديندار مسلمان ٿي پيا. هو جنگجو  جانباز سپاهي هئا، سندن شهسوارئ جو دنيا ۾ چرچو هو. هو جيڪڏهن گهرن ها، ته هڪڙي لحذي ۾ سمنڊ ٽپي اسپين تي قبضو ڪن ها، پر اسپين جي مسلمان ڀائرن لاءِ هنن کي محبت ۽ عزت هئي، تنهنڪري هنن ڪڏهن به اوڏانهن اک ڪانه ڦيري. جيتوڻيڪ هن وقت براعظم آفريقا ۾ الجزائر Algeria کان وٺي سيني گيمبيا Senegambia تائين سندن حڪومت هئي. سندن باني غازي يوسف بن تفشين والئ مراڪش هو جنهنکي بغداد جي بارگاهه خلافت مان امير المسلمين جو لقب مليل هو. غازي اعظم وٽ علمائن سڳورن جي به هڪڙي جماعت هئي. جن جي صلاح مصلحت سان بربر قبيلن تي حڪومت ڪندو هو. هن وقت جڏهن آلفنسو پنهنجي مسيحي رڍن جي ٽلن سان مسلمانن کي اندلس ۾ تنگ ڪيو، تڏهن اندلس جي مسلمانن هڪڙو وفد غازي موصوف جي خدمت ۾ امداد لاءِ روانو ڪيو، جا سندن درخواست غازي اعظم منظور ڪئي.

غازي يوسف جي هٿان عيسائين جي شڪست

جڏهن عيسائين جي ظلمن ۽ حرڪتن جي خبر غازي اعظم جي ڪن تي پئي، تڏهن لبيڪ چئي 1086ع ۾ 10،000 جانباز بربر مجاهدن جي فوج وٺي طوفان وانگر رومي  سمنڊ لتاڙي اسپين ۾ وارد ٿيو. اسپين جو هر ننڍو وڏو مسلمان اچي سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿيو. اشبيله جي حاڪم ابن عابد جنهن جي غيرت ۽ خود دارئ کي آلفنسو ايتريقدر هڻي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، جو هن نه رڳو عيسائي حاڪم کي ڍل ڏني، پر پنهنجي ڌئ شهزادي زيده به هن سان پرڻائي ڇڏي هئائين، سوبه هن وقت فوجن سميت اچي غازي يوسف سان گڏيو، پر سندس مٿئين فعل جي ڪري غازي موصوف کائنس گهڻو ناراض هو. اندلس جا ٻيا امير به فوجن سميت اچي جهاد ۾ شامل ٿيا. غازي اعظم الجيراس کي پنهنجو فوجي مرڪز جوڙي اڳتي وڌيو. هوڏانهن آلفنسو به فوجن سميت مقابلي لاءِ آيو. (سڪر الياس) يا ذلاڪا جي مقام وٽ طرفين جو مقابلو ٿيو. 479هه مطابق 23 آڪٽوبر 1086ع ۾ هتي خونريز جنگ لڳي، علامّه ابن اثير لکي ٿو ته آلفنسو فقط ٽن سون سوارن جي مدد سان جان بچائي ميدان مان ڀڳو، باقي سڄو ميدان ڪفارن جي لاشن سان ڀرجي ويو. هن معرڪي کان پوءِ ليون جي حڪومت ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي. غازي اعظم گهڻو وقت اسپين ۾ ڪونه رهيو، ٽن هزار جانباز بربر فوج جو دستو اهل اندلس جي امن امان جي انتظام لاءِ ڇڏي موٽي آفريقا ڏانهن ويو، ساڻس گڏ گهڻائي اسپين جا عرب آفريقا ڏانهن لڏي ويا. ابن عابد به ساڻس گڏ آفريقا ويو، سندس پويان ڏينهن نهايت ئي تنگئ سان گذرڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي ڌئ آلفنسو کي ڏني هئي، تنهنڪري کين بلڪل ٿورو وظيفو ملندو هو. پوين ڏينهن ۾ سندس ڌيئرون چرخي تي سُٽ ڪتي ان مان پيءُ جو پيٽ پالينديون هيون. آخر 1095ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. يحيٰ بن المامون، طلطليه جي حاڪم، جنهن کي عيسائين مدد ڏني هئي، سو به يوسف هٿان مارجي ويو. سرقسطه جي اسلامي رياست کانسواءِ سڄو اسپين المرويا خاندان جي هٿ هيٺ اچي ويو. سندس سلطنت جون حدون باج درياهه Tages تائين هيون. غازي اعظم جيستائين جيئرو هو تسين عيسائين کي مجال نه هئي، جو مسلمانن سان دشمني رکي سگهن. غازي موصوف ڪيترائي ورهيه مغرب الاقصيٰ تي ۽ 16 سال اسپين تي حڪومت ڪري هڪ سو ورهين جي عمر ۾ 500هه محرم الحرام مطابق 1106ع ۾ وفات ڪئي، اِنالله واِنا اِليھ راجعون. هي اهو توحيد جو مايهء ناز فرزند هو، جنهن اهڙي نازڪ وقت ۾ اسپين جي مسلمانن جي ٻيڙي کي طوفان نوح کان بچايو هو. هرهڪ مسلمان کي هن مرد مجاهد لاءِ عزت هئي، سندس ساده مزاجي ۽ سيلم الطبعي جي ڪري هر عام خاص سندس ثناخوان هو. هو سواءِ شريعت جي ٻيو ڪو ڪم نه ڪندو هو، هن مسلمانن تان سڀئي ڍلون معاف ڪيون. اندلس جا نازڪ مزاج شاعرا جن سندس فتح ڪامراني تي قصيدا چيا، تن کي انعام ڏيئي سرفراز ڪيائين. کيس اميرالمسلمين جي لقب کانسواءِ ”سلطان اندلس“ به سڏيندا هئا.

علي ابوالحسن

مرويه وارن کي اندلس جي بچاءُ جو فڪر دامنگير رهندو هو، ڇاڪاڻ جو نازڪ مزاج اسپين جي مسلمانن کي پنهنجي علمي ادبي ۽ تهذيبي ترقي تي گهڻو فخر هو. سندن تلوارون عيسائي حريفن جي مقابلي ۾ اهڙو ته مُڏيون ٿي چڪيون هيون، جو هينئر تهذيب ۽ تمّدن جي استادن جي صحرا جا بدوّي حفاظت ڪرڻ لڳا، ۽ ڇو نه ڪن؟ ڀلا يوسف 1090ع ۾ جڏهن فاتحانه انداز سان غرناطه جي ديوارن اندر داخل ٿيو، تڏهن جيڪي مال هٿ لڳس، سو بي انداز ۽ بينظير هئا. مثال طور لعل، ياقوت، زمرّد، موتي ۽ بيش بها جواهرات. زيورات، بلوري، ظروف، زرفت غاليچا ۽ ٻيو طرحين طرحين جو قيمتي سامان، جو نازڪ مزاج اسپين جي مسلمانن گهرن ۽ محلاتن ۾ گڏ ڪري رکيو هو، سو غازي موصوف پنهنجن پهلوانن کي ورهائي ڏنو. بربر جن صحرا ۾ اُٺ چاري ڏٺا هئا، تن کي جڏهن اهڙيون سوغاتون سندن سردار مرحمت ڪيون تڏهن ڇو نه تلوار هڻن؟ آلفنسو جنهن مسلمانن جي دولتن کي لٽڻ جو خيال ڪيو هو، تنهن هيڪر وري زور آزمائڻ لاءِ پنهنجي هڪڙي بهادر فوجي سردار الور فينز کي فوج ڏيئي، يوسف جي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو، پر صحرا نشين فوج جنکي ياقوت ۽ لعلون انعام طور ملي چڪيون هيون تن اهڙي ته تلوار هلائي جو 1102ع تائين بربري فوجن بلنسيه تائين ملڪ فتح ڪيو، ۽ ڪنهن کي به مجال نه هئي، جو فاتحن جو قدم روڪي سگهن. بربرن جو هن وقت اندلس تي قبضو هو، ۽ عوام کي عيسائين جي ظلم کان پناهه ملي چڪي هئي، پر باتهذيب اندلس جي مسلمانن کي بربرن کان نفرت به پيدا ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ جو صحرا جا بدوي نه تهذيب يافته هئا، ۽ نه وري علم کان ئي واقف هئا، تنهنڪري اندلس جون تهذيب يافته قومون کانئن جلد بيزار ٿي پيون پر سندن تلوار جي خوف کان ڪوبه ڪڇي ڪين پئي سگهيون. اهل اندلس ۽ بربرن جو هڪڙو مذهب، هڪڙو نسل ۽ هڪڙي ئي جنس مان هئا پر سندن عادات خصائل، رسم، رواج، معاشرت جو طريقو نرالو هو. بربر تمّدن ۽ ملڪدارئ کان بي خبر هئا. هوڏانهن اندلس وارن ۾ مٿيان سڀئي خصائل هئا، پر منجهن قومي اتفاق ۽ باهمي همدردئ جو زيور ڪونه هو. بربر جڏهن اسپين ۾ آيا تڏهن سادا بانڪا سپاهي هئا منجهن عيش عشرت لاءِ ڪو چاهه ڪونه هو. هو شائستگي ۽ تهذيب کان وڌيڪ جنگي نيڪ نامين کي پسند ڪندا هئا.کين پنهنجي پاڪ مذهب لاءِ بيحد جوش هو. عيش ۽ طرب جي محفلن ۾ زندگي بسر ڪرڻ کان ضرب ۽ حرب کي پسند ڪندا هئا. افسوس جو اهل اندلس وارن جي عيش ۽ نشاط جي محفلن کي ڏسي، منجهن بداخلاقي پيدا ٿي ۽ رنگ رلين ۾ هو به شريڪ ٿي ويا، ۽ منجهانئن دلاوري محنت ۽ مشقّت جون عادتون جي بهادر سپاهين جو زيور آهن، اهي مردانگي جا سڀ صفات منجهانئن ڪافور ٿي ويا! اڃا ويهه ورهيه کين آئي مس ٿيا، ته کين ايتري به طاقت ڪانه هئي جو پنهنجي غالب حريفن جي سرڪوبي ڪري سگهن! نفساني لذتن شيردلن کي بزدل بنائي ڇڏيو. اڳي هو ملڪ جا ناظم هئا، هينئر ملڪ لاءِ غارتگر بنجي پيا! غلامّيءَ جا غبار آلود ڪڪر مٿن لڳا جي الوالعزام ٿيا تڏهن به رڳو ايترو ڪيائون جو چورن وانگر رات جو نڪري ماڻهن جا گهر لٽڻ لڳا، اها هئي شهر آشوب حالت اسپين جي مسلمان جي.

علي ابوالحسن والئ مراڪش به پيءُ وانگر بهادر، عادل ۽ سيلم طبع سلطان هو. هو پاڻ آفريقا ۾ رهندو هو. سندس سپهه سالار ابن ابي بڪر عيسائين کان اسپين ۾ ٽلاويرا، مئڊرڊ، مجرت، وادالجار، بادلجوز، سئنتاريم، بورڪوتل، تبرواه ۽ الشبونا Lisbon جا شهر فتح ڪيا، پر اڃا به باج درياهه جي پريان ملڪ سر قسطه. قلات ايوب Calatayub، آراگان ۽ ڪئٽيلونيا جبل پرنيس جي رهندڙ عيسائين جي اثر هيٺ هئا. اڳ اسپين جي دولت اسپين ۾ هئي، پر هينئر سمنڊ جي پريان آفريقا ڏانهن کڄي وڃڻ لڳي، اهڙي طرح مسلمانن کي به المروي خاندان جي تاجدارن لاءِ دلين ۾ ڌڪار پيدا ٿيڻ لڳي.

المهديه خاندان جو آغاز

المرويه خاندان وارا اسپين کي گهڻو سنڀالي ڪين سگهيا. ڇاڪاڻ جو آفريقا ۾ انقلاب پئجي ويو. علي پنهنجي سلطنت ۾ حڪم ڏنو ته امام غزالئ جي ڪتابن کي ساڙيو وڃي. اهڙي طرح امام موصوف جي ڪتابن کي پڙهڻ تي به گويا حڪومت جي طرفان سزا هئي. الغزالئ جي شاگردن مان عبدالله نالي هڪ عالم هو، جيڪو پنهنجي هڪڙي شاگرد عبدالمومن جي مدد سان جو فيض جو رهاڪو هو، ملڪ ۾ آزادئ سان واعظ ڪرڻ لڳو، پر جڏهن قاضين سندس خلاف موت جي فتويٰ ڏني، تڏهن عبدالله اسپين ڏانهن ڀڄي ويو. هو پاڻ کي المهدي جي لقب سان سڏائڻ لڳو، ستت ئي عليءَ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ تفشين بن علي بادشاهه ٿيو، پر عبدالمومن، جنهن پنهنجي علم، فضل ۽ بهادرئ جي هاڪ وجهي ڇڏي هئي. فيض مراڪش ۽ سڄي آفريقا تي هن قبضو ڪري ورتو. هن المرويه خاندان جي پوئين حاڪم ابراهيم کي اهل عيال سميت 1145ع ۾ مارائي، هن خاندان جو خاتمو ڪري ڇڏيو. اسپين تان جڏهن دولت مرويه جو جهنڊو کڄي ويو تڏهن وري اندلس جا ننڍا وڏا سردار خودمختيار ٿي، حڪومت ڪرڻ لڳا. قرطبه ۾ ابن هلدان، قادز ۾ ابن ميمون، مغربي شهرن تي ابن قوصي ۽ ابن زير وارا حڪومت ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ملتوني خاندان وارا غرناطه تي، بلنسيه ۾ ابن مروالش. پر هن وقت عبدالمومن جو پرچم آسمان تي لڏي رهيو هو. هن اسپين جي سڀني خودمختيار عاملن کي برطرف ڪري سندن رياستن تي قبضو ڪري، اندلس ۾ مرڪزي سلطنت جو بنياد وڌو، اهڙيءَ طرح المهديه خاندان جو آغاز ٿيو.

 

 

المهديه خاندان The Al-Mohade’s rule in Spain

 

514هه مطابق 1120ع ۾ هڪڙو شخص محمد (ابن طومارت) جي نالي سان سوس sus جي علائقي ۾ ظاهر ٿيو، اهو علائقو مراڪش جو هڪڙو پهاڙي علائقو آهي. هو عربي نسل مان هو. جئن ته محمد بن عبدالله بن طومارت پاڻ کي امام حسنرضه جي اولاد مان سڏائڻ لڳو. حقيقت ۾ هو هڪ بربر قبيلي مان هو ۽ ننڍپڻ ۾ مشرقي ممالڪ ۾ گهڻو وقت رهيو هو، وڏن وڏن علمائن ۽ فيلسوفن وٽ تعليم ورتي هئائين (جئن ته امام غزالي ابوبڪر طرطرشي وغيره) ۽ علم ۽ حڪمت ۾ ماهر هو. جڏهن مراڪش موٽي آيو، تڏهن هتي جي علمائن سان مذهبي بحث مباحثو ڪرڻ لڳو، تان جو اطلس جبل جي جهنگلي بر بر قبيلن تي ايترو اثر وڌائين جو ستت ئي پاڻ کي امام مهدئ آخر الزمان سڏائڻ لڳو. ان تحريڪ جي پردي پٺيان ويو، زور وٺندو. ٿوريئي عرصي ۾ هو سچ سچ مهدي ٿي پيو، ۽ هشام ماڻهن جا اچي سندس جهنڊي هيٺان گڏ ٿيا، ۽ مريدي جو طوق ڳلي ۾ وڌائون. سندس شاگردن مان مشهور شاگرد رشيد عبدالمومن نالي هو جو فيض fez جي هڪڙي مشهور دولتمند جو پٽ هو، تنهن کي پنهنجو سپهه سالار مقرر ڪيائين. هن فرقي جا ماڻهو پاڻ کي مهدوي سڏائڻ لڳا. جيستائين علي بن تفشين حيات هو، تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهيا. 1130ع ۾ ابن طومارت به وفات ڪري ويو، 1143ع ۾ علئ به انتقال ڪيو، کانئس پوءِ فيض جي تخت تي ابراهيم ويٺو، تڏهن عبدالمومن ميدان خالي ڏسي ابراهيم کي قيد ڪري آفريقا جي سلطنت تي قبضو ڪيو. المراويه خاندان جي تاجدارن کي هن تحريڪ مان گهڻو خوف رهندو هو، پر پويون حاڪم ابراهيم ڪمزور هو، تنهنڪري عبدالمومن آسانئ سان مٿس غالب ٿي، سندس خاندان جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ المهدوي خاندان وارا تخت ۽ تاج جا مالڪ ٿي پيا.

عبدالمومن

هر ڪنهن قوم جي ترقي ۽ عروج جو وقت ۽ حد مقرر رهي ٿي، اسين ان باري ۾ هر ڪنهن باب ۾ مثال پيش ڪري چڪا آهيون. دنيا جي سڀني الوالعزم ۽ فاتح قومن سان ساڳيو انجام ٿيو. قديم مصر جي علوم کي ڪنهن جي نظر لڳي؟ يونان ۽ سندس افلاطون جي حڪمت اسڪندر مقدوني ۽ ارسطو جي محفلن کي ڇو خاڪ نصيب ٿي؟ رومته الکبريٰ جو دنيا جو مايهء ناز تختگاهه هو، جنهن جا قيصر هفت  اقليم جا شهنشاهه سڏائيندا هئا، ڇو زمين ۾ پيوند ٿيا؟ نه رڳو اهي مثال پرڪار ٿيج، فينيشيا، ميڊيا، بابل هزارين عظيم الشان ۽ جليل القدر سلطنتون انتهائي ڪمال کي پهچي، آخر نيست ۽ نابود ٿي ويون! اهڙيءَ طرح قرطبه جي پوئين ساعت هئي. بربرن جي اچڻ کان اڳ هتي جي مسلمانن ۾ ڦوٽ پئجي چڪي هئي! وري جڏهن مرويه تاجدارن کان هنن نجات حاصل ڪئي، تڏهن به منجهن نااتفاقي ڏاڍي زور سان هئي، سندن پوليٽيڪل اسٽيج تي نوان نوان ائڪٽر نئين نئين لباس ۾ نمودار ٿيڻ لڳا. ٻئي طرف شام غريب جي اها نوبت اچي ٿي هئي، جو الفنسوستون جنهن ڏاڏي وانگر شهنشاهي جو لقب ورتو هو، تنهن غريب الوطن مسلمانن تي تلوار ۽ باهه سان مصيبتون نازل ڪرڻ شروع ڪيون هيون! آقي باقي جو مرويه ۽ مهدوي خاندان وارن جي جنگ آفريقا ۾ لڳي ۽ اسپين جو ميدان خالي ڏسي هنن شهرن پٺيان شهر ناس ڪيا. جبر، بيضا، عبيدا ۽ عند جار جا شهر جي مسلمانن جا مرڪز هئا، سي سندس هٿان ناس ٿي ويا. اسپين جي تهذيب ۽ تمدن جي پيشوائن (مسلمانن) جي اها حالت هئي، جو هڪ ته سندن پاڻ ۾ باهمي نفاق ٻيو وري ڌارين مسلمانن کان کين نفرت اُٽلندو پنهنجي حريفن اسپين جي عيسائين لاءِ کين محبت هئي ڇاڪاڻ جو ساڻن مائٽي جو رستو هئن. گويا مرڻ ۽ جيئڻ هنن سان قبول ڪري ويٺا. جڏهن عيسائي طاقتور ٿيندا هئا، ته مسلمان کين خراج ڀريندا هئا، وري جڏهن مسلمان زور وٺندا هئا، ته عيسائي کين ۽ ڍلون ڀريندا هئا، مطلب ته مسلمانن اڳيان موت ۽ حيات جو هڪ زبردست مسئلو پيش هو. عيسائين کي هن وقت اسپين جي مسلمانن کان ڪنهن به قسم جو خوف ڪين هو، ڇاڪاڻ جو هو، پنهنجي وڃايل طاقت وري هٿ ڪري چڪا هئا کين جيڪڏهن خوف هو ته سمنڊ جي پريان رهندڙ مسلمانن کان ڇاڪاڻ جو غازي يوسف بن تفشين مسلمانن جي خون جي بدلي ۾ جيڪي عيسائين کي سمنڊ ٽپي اچي، ٽوٽا چٻايا هئا، سي کين خوب ياد هئا، وري تازو جيڪو آفريقا ۾ المهدوي انقلاب برپا ٿيو، تنهن ۾ هنن المرويه تاجدار کي مدد ڏني، گويا آفريقا ۾ به اسپين جي عيسائي پنهنجئ حڪمت عملي جو ڄار پکيڙڻ لڳا، پر اتفاق سان مهدوي ڪامياب ٿيا. هينئر جڏهن عيسائي آفريقا ۾ ناڪامياب ٿيا، تڏهن وري آلفنسوستين اسپين جي مسلمانن تي هٿ صاف ڪرڻ لڳو، جنهنڪري مسلمانن تنگ ٿي، اڳئين دستور موجب پنهنجي آفريقا جي رهندڙ مسلمانن کي اچڻ لاءِ ڪانڍ ڏني.

الارڪوس جي معرڪي ۾ عيسائين جي شڪست

241هه مطابق 1147ع ۾ عبدالمومن هڪ مضبوط لشڪر ۽ جهازن جو دستو اسپين ڏي ڏياري موڪليو. بنو مهدي قبيلي الجيراس، اشبليه ۽ ملاگا تائين ملڪ فتح ڪيو ۽ قرطبه جي ضلعن ۾ جيڪي به سرڪش عامل هئا، تن طاقتور بربرن اڳيان سر تسليم خم ڪيو. 4 سالن تائين هو وري ٻئي زبردست حملي لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، پر افسوس جو عبدالمومن کي موت جو سڏ ٿيو. هو لڙائين ۾ جفاڪش سپاهي، فاتح ۽ پنهنجي امن امان رکڻ ۾ وڏو  مدبر هو. المرويه خاندان جا تاجدار خشڪ مزاج هئا، کين علم سان ڪا اهڙي دلچسپي ڪانه هئي پر عبدالمومن کي علم لاءِ گهڻو شوق هو. هن اشاعت جي ڪم کي پنهنجو اخلاقي فرض ڄاتو. سندس حڪومت برقه کان وٺي ويندي بحيره اوقيانوس جي ڪناري تائين سڄي ملڪ تي هئي. 1163ع ۾ هن 33 ورهيه حڪومت ڪري وفات ڪئي. هو گهاٽين ڀرون سان خوبصورت جوان هو. علمائن سان کيس محبت هئي.

هن پنهنجي عظيم الشان سلطنت کي پنهنجي پٽن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ابومحمد عبدالله بغيا Bugia جي علائقن جو حاڪم هو. ابو علي الحسن فيض جو والي هو. ابو سيد سيوطه جو حاڪم هو. سندس ٻيو پٽ ابو يوسف يعقوب جي لقب سان پيءُ جي سلطنت جو وارث ٿيو. هو بلڪل حليم طبع ۽ سخي بادشاهه هو، عيسائين کان تراغونا Taragona ۽ ٻيا شهر فتح ڪيائين. 1184ع مطابق ربيع الاول 580هه ۾ وفات پاتائين کانئس پوءِ سندس فرزند يعقوب تخت تي ويٺو، هنجي ڏينهن المهديه سلطنت وڏي اوج کي پهتل هئي. هو پيءُ وانگر لائق ۽ سياڻو بادشاهه ٿي گذريو.

آلفنسو نائين، جنهن 5 سالن تائين عارضي صلح ڪيو هو، سو پرنيس جيل کي لتاڙي اندلس تي شهرن پٺيان شهر لٽيندو ڪاهيندو آيو. ابو يوسف جنهن هن وقت المنصور جو لقب ورتو هو تنهن کي جڏهن مسلمانن جي فرياد ڪن تي پئي، تڏهن لبيڪ چئي طوفان وانگر جبل الطارق کي لتاڙي اسپين ۾ وارد ٿيو ٻئي طرف قستاليه جي جهنڊي هيٺ عيسائين جون مختلف جماعتون اچي گڏ ٿيون، الفنسو سندن مهندار هو. 9 شعبان المعظم 591هه مطابق 19 جولاءِ 1195ع ۾ الارڪوس Alarcos جي ميدان ۾ جنگ لڳي، ڪي چون ٿا، مرج الحديد وٽ جو قلات رابعه جي ويجهو آهي، اتي جنگ لڳي. هيءُ جنگ اسپين جي تاريخ ۾ بلڪل خونريز ۽ خوفناڪ جنگ هئي. سڄي رات سلطان المنصور جنگ جي ميدان ۾ نماز ۾ مشغول رهيو ۽ اسلام جي فتح لاءِ بارگاهه باري تعاليٰ کان دعا گهرندو رهيو، عيسائين سخت نقصان سان شڪست کاڌي، منجهن ڀاڄ پئي، عيسائين جا هڪ لک سٺ هزار سپاهي جهنم داخل ٿيا ۽ ٽيهه هزار مسلمانن هٿان قيد ٿيا، تنهن کانسواءِ بيشمار غنيمت جو مال مسلمانن کي هٿ آيو. عيسائي قلات رابعه جي مورچن ۾ وڃي لڪا، پر اهي گهيري ۾ اچي ويا، آلفنسو طليطله ۾ پناهه ورتي جتان لشڪر گڏ ڪري وري مقابلي لاءِ نڪتو، پر شڪست کاڌائين. قلات رابعه، وادلاجار، مجرت، اسڪيلونا ۽ سلامئنڪا جا شهر مسلمانن هٿ ڪيا، وٽن بيشمار قيدي هئا، جن مان ويهه هزار سلطان آزاد ڪيا. الارڪوس جي ويڙهه کان پوءِ اسلامي لشڪر اسپين ۽ پرتگال ۾ بيشمار قلعا فتح ڪيا. 1196ع ۾ سلطان ٻيهر طليطله تي گهيرو ڪيو. هتي عيسائين جي حالت اچي تنگ ٿي. (آلفنسو جي ماءُ) سندس زالون ۽ ڌيئرون قلعي مان نڪري زارو زار روئينديون اچي، سلطان اڳيان پيش پيون  ۽ پناهه لاءِ عرض ڪيائون. سلطان شاهي مستورات کي عزت سان گڏيو، سندن التجا منظور ڪيائين کين ڪمال مروت سان هيرن ۽ جواهر نگار سوغاتن سان مالا مال ڪري روانو ڪيائين. سلطان هڪ سال تائين اچي اشبيله ۾ رهيو جتي درٻار لڳائي، عيسائي شهزادن کي پناهه ڏئي ساڻن عهدناما ڪيائين. تنهن کان پوءِ اندلس جي مسلمان عاملن ۾ ڦيرڦار ڪري کين هدايتون ڏئي، 1197ع ۾ موٽي پنهنجي وطن آفريقا ڏانهن ويو، جتي 22 ربيع الثاني 595هه مطابق فيبروري 1198ع ۾ هي فاني جهان ڇڏي دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو. اِنالله واِنا اِليھ راجعون. سلطان يقعوب المنصور پنهنجي وقت جو صلاح الدين ثاني هو، جنهن اسپين جي مسلمانن کي عيسائين جي ظلم کان بچايو پاڻ نيڪ بخت پاڪدامن ۽ وڏو عالم هو کيس اسلام لاءِ عزت هئي. وٽس مضبوط مجاهدن جو هڪڙو لشڪر هو، جنهن تي سندس اقتدار هو. سندس عهد مهد ۾ هنر ۽ علم گهڻي ترقي ڪئي، غريبن ۽ مريضن لاءِ شفا خانا جاري ڪيائين. سندس ئي ڏينهن ۾ ابن ظهر، ابن باجا ۽ ابن رشيد مشهور فيلسوف ٿي گذريا. ابن رشد تي هڪڙي ڀيري سلطان ناراض ٿيو، کيس قيد ۾ رکيائين، پر پوءِ کيس قرطبه جو قاضي مقرر ڪيائين، هن خليفي هارون الرشيد ۽ مامون وانگر مسافرن جي گهڻي پرداخت ڪئي. جدا جدا شهرن ۾ محلات تعمير ڪرايائين. الارڪوس جي معرڪي جي يادگيرئ لاءِ غرلادا نالي Giralda  هڪ مينار کڙو ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org