محمد امين
ابن هارون الرشيد
خليفي هارون الرشيد اعظم جي مرڻ وقت شهزادو محمد
بغداد ۾ هو قاسم ڪنسرين ۾ هو ۽ مامون مّرو ۾ هو ۽
راڻي زبيده راقا ۾ هئي.خليفي جي مرڻ جي خبر حمويه
نالي مهديء جي هڪڙي آزاد غلام جو ٽپال کاتي جو هن
وقت بالا عملدار هو شهزادي محمد کي اطلاع ڏنو.
شهزادي صالح بن هارون به پنهنجي ڀاءُ جي خذمت ۾
شاهر مهر، شمشير، دستار ۽ جبو پيش ڪيا. محمد جو هن
وقت قصرالخلد ۾ رهندو هو تنهن کي وزارت قصرالخلافت
۾ گهرائي تخت تي ويهاريائون. تنهن کانپوءِ جامع
مسجد ۾ نماز پڙهي ويئي. وزارت فوجي سردارن ۽
اُمرائن نئين خليفي اڳيان نمڪ حلاليءَ جو قسم
کنيو. محمد هرهڪ نوڪر کي ٻن ورهين جي پگهار انعام
ڏني.
شهزادي مامون به ڀاءُ ڏي مبارڪباديءَ جو پيغام
موڪليو. سن 193هه ۾ محمد الامين جي لقب سان عباسي
تخت تي جلوه افروز ٿيو. راڻي زبيده جا خزاني سميت
هن وقت راقا ۾ هئي، سان بغداد ڏانهن رواني ٿي.
الامين وڏي ڌام ڌوم ۽ ادب سان اَنبار جي مقام وٽ
سندس استقبال ڪيو. راڻي شاهي محلات ۾ پٽ جي مرڻ
تائين سڪونت اختيار ڪئي. خليفو الامين ۽ مامون ٻئي
جدا جدا خيالن جا هئا. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ هو هڪ
ٻئي جا دشمن ٿي بيٺا. هارون الرشيد پنهنجي پٽن جي
چڱي پرداخت ڪئي هئي. هي ٻئي شهزادا سليم الطبع
هئا. شهزادو مامون جو ايراني عورت جي بطن مان هو
تنهن پنهنجي ماءُ ۽ مامي عيسيٰ جي هٿ هيٺ پرورش
ورتي هئي. پر سندس ماءُ صغيري عمر ۾ رحلت ڪئي هئي،
اِنڪري سندس تعليم تربيت جو ڪم خليفي مرحوم جعفر
بن يحيٰ برمڪي وزير جي سپرد ڪري ڇڏيو هو. مامون
فطرتاً سليم الطبع علم جو پابند قرآن شريف جو حافظ
۽ عيش عشرت کان کيس نفرت هئي ۽ انصاف جوبه ڪوڏيو
هو. برخلاف اُن جي الامين عياش ۽ ملڪي ڳالهين ۾
پيءُ کان گهڻو بعيد هو.
فضل ربيع جي اِشاري تي ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڻت
اسين اڳ چئي چڪا آهيون خليفو هارون الرشيد اعظم
پنهنجيءَ خلافت جي ڇهين سال سن 186هه ۾ جڏهن حج تي
ويو هو، تڏهن مڪي معظمه ۾ پٽن جي باري ۾ وصيت ڪري
ويو هو. جنهن وصيت تي سلطنت جي اڪابرن جون به
صحيحون ورتيون هئائين. هن عهدنامي موجب خزاني ۽
جنگي سامان جو مالڪ مامون کي ڪري ويو هو. پر فضل
بن ربيع جو برمڪي خاندان جي تباهيءَ کان پوءِ هن
وقت سلطنت جو وزيراعظم هو، تنهن جي تحريڪ سان
الامين فوجن کي ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو ۽ هر هڪ
سپاهيءَ کي ٻن ورهين جي پگهار ڏيئي خوش رکيائين.
خليفو هارون الرشيد جيڪو مامون لاءِ خزانو وزير کي
ڏيئي ويو هو سو هن الامين جي حوالي ڪري پاڻ کي
سرخرو ڪيو. ڀاءُ جي ۽ وزير جي بي ايمانيءَ ۽ غير
شرعي جانبداريءَ کي ڏسي شهزادي مامون کي گهڻو ڏک
ٿيو. کيس ڏاڍي تڪليف درپيش ٿي. ڇاڪاڻ جو وٽس نه
خزانو هو ۽ نه وري ڪو باقاعدهه سپاهه هو. ويتر
ڀائرن جي دوعملي سلسلي کي ڏسي بدقسمتيءَ سان
خراسان جي زميندارن به کيس ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪيو،
پر نااُميديءَ جي حالت ۾ وٽس اُميد جي جهلڪ به هئي
ڇاڪاڻ جو سندس صلاحڪار ڪامل مزاج تجربيڪار هئا جن
هن شهزادي جي اهڙي بيڪسيءَ جي حالت ۾ حوصلي افزائي
ڪرڻ ۾ انتهائي جدوجهد ڪئي. اُنهن مان هڪڙو فضل بن
سهل هو، جو ايراني نسل مان هو ۽ جعفر برمڪيءَ جي
مرڻ کانپوءِ مامون جو اتاليق به رهي چڪو هو. جيئن
فضل بن ربيع کي هاشمي خاندان سان همدردي ۽ ايرانين
سان دشمني هئي. سندس ئي اِشاري تي برمڪي موت جي
چنبي ۾ اچي ويا هئا! تيئن فضل بن سهل به ايراني
خون جو جڙيل پتلو هو. کيس شهزادي مامون لاءِ محبت
۽ همدردي هئي. ڇاڪاڻ جو مامون جي ماءُ به ممتاز
ايراني نسل مان هئي. تنهن کانسواءِ طاهر بن حسين
به مشهور سپھ سالار شهزادي جو رفيق هو، جنهن
خراسان ۽ توران ۾ رهي. ماوراءِ النهر جي جنگين ۾
چڱو نالو ڪڍيو هو. شهزادو مامون پنهنجي صلاح ڪارن
کي گهڻي عزت ڏيندو هو، جيئن ته هن فضل بن سهل کي
ذوالرياستين جو لقب ڏيئي صاحب السيف مقرر ڪيو.
مٿين صلاح ڪارن جي حسن انتظام سان خراسان جي ملڪي
انتظامن جي جوڙجڪ ٿيڻ لڳي. شهزادي پنهنجي خدادا
ذهانت ۽ حسن اخلاق سان ماڻهن جون دليون قابو ڪيون.
جڏهن مالي حالت درست ٿي ۽ شهزادي جو مڪمل طرح سان
رعايا تي قبضو ٿي چڪو، تڏهن فوجن جي انتظام کي
تڪميل جي پايهء تي پهچائڻ لاءِ فضل بن سهل پنهنجي
تحريڪ کي جاري ڪيو. آخر رستم ۽ افراسياب جو ملڪ
هو، هتي جا ماڻهو جي ايراني ۽ توراني نسل مان هئا،
سي فطرتاً جنگجو هئا، جن جي ضربن کان دمشق جي
شهنشاهيت اُٿلي چڪي هئي. ۽ هتي جي فسادن کي
مٽائيندي خليفي هارون دم ڏنو. ويتر جو ايراني
شهزادو، هن وقت سندن حڪمران هو، جنهن سان سندس
هاشمي ڀائرن جي خصومت هئي. تنهن سان ايراني همدردي
ڪرڻ لڳا ۽ وڏي پيماني تي خوشيءَ سان سندس فوجن ۾
داخل ٿيڻ لڳا. شهزادي مامون کي ڀائرن لاءِ محبت
هئي. هو وفا جو مجسمو هو، پنهنجي مرحوم والد
بزرگوار جي وصيت لاءِ اڃا به کيس عزت هئي. هوڏانهن
امين جي عيش و نشاط جي محفل صبح و شام گرم رهندي
هئي. سندس عياش طبيعت کي ڏسي بغداد جي فوجن نون
نون انعامن جي کانئس گهر ڪئي، جي انعام لاچار کيس
وقت بوقت ڏيڻا پيا.
بغداد جو شاهي تماشگاهه
شهزادي امين کي ناچن راڳن سان ايتريقدر وندر هئي
جو پرانهن ملڪن جا ناچو، راڳيندڙ ۽ بازيگر سندس
خرچن تي درٻار ۾ اچڻ لڳا. اُهي اڪثر رومي هئا، جي
پنهنجيءَ عياشيءَ جي ڪري رومةالکبريٰ جي عظيم
الشان سلطنت وڃائي چڪا هئا ۽ هينئر نو عمر
خليفةالمسلمين کي مٿين ڳالهين ڏانهن مائل ڪري رهيا
هئا. رومين جڏهن ملڪ فتح ڪيا تڏهن وٽن ايتري دولت
گڏ ٿي جو روم جو شهر آخر عشرتڪده بنجي پيو. هتي جي
شهنشاهن جو دنيا تي ڏؤنڪو وڃڻ لڳو. آخر سندن جلال
۽ عظمت صفحه هستيءَ تان مٽجي ويئي. تيئن بغداد
جنهن شان، تجمل، علميت ۽ تهذيب سان جزيرة العرب ۾
نمودار ٿيو، سو هينئر روم وانگر عيش جو مقام بنجي
پيو. ڇاڪاڻ جو هن خليفي جيڪو (ناچ گهر) تعمير
ڪرايو، سو ايتريقدر حيرت انگيز هو. جنهن جي اڳيان
روم جي مشهور تماشاگاهه ڪالوزيوم
جي مجال نه هئي، جو ڪلهو هڻي سگهي. خليفي هن عمارت
۾ هڪ سئو خوبصورت لونڊيون وهاريون هيون. جن جون
پوشاڪون هيرن ۽ الماس جي موتين سان جڙيل هيون، جي
سرود ۽ رقص وقت برق مضطرب جيان چمڪاٽ ڪنديون هيون.
اُهي عورتون پنهنجن هٿن ۾ باريڪ کجيءَ جون ٽاريون
کڻي اهڙي ناز ۽ خرام سان طاؤس جا قدم کڻنديون
هيون. جو چشم زار کي طاقت نه ٿيندي هئي جو هن بزم
سحر تي نگاهه وجهي سگهي. سرن ۽ سازن جو آواز وري
اهڙو ته مٺو هو جو ٻڌڻ وارا محوِحيرت بنجي پوندا
هئا. هن دجله نديءَ ۾ سير ۽ تفريح طبع لاءِ پنج
ٻيڙيون تعمير ڪرايون هيون. جن تي سونهري جڙت جو ڪم
ڪيل هو. اُنهن ٻيڙين ۾ ناچو ۽ گاني واريون عورتون
وهنديون هيون. اهڙي ريت درياهي سير به ٺاٺ ۽ تجمل
سان ٿيڻ لڳو. مٿيان سڀ ڪم رومي صلاحڪارن جي صلاح
سان ٿيڻ لڳا، جي هن وقت درٻار جا شاهي صلاح ڪار
هئا. اهڙي ريت خليفةالمسلمين کي برغلائي خزانا لٽڻ
لڳا. وزيراعظم فضل بن ربيع کي ڪائي پرواهه ڪانه
هئي. هو وڏو لالچي هو. خليفي جي اِرادن کي هر طرح
سان پورو ڪري پنهنجو مطلب پورو ڪندو هو.
ڀائرن جي رقيبانه چشمڪ اَمين جو عبرتناڪ انجام
فضل بن ربيع مامون جي پوري طرح سان مخالفت ڪري چڪو
هو. کيس اِهو به خوف جاڳيو ته جيڪڏهن مامون ڪامياب
ٿيو ته، هن کي وڏي مصيبت پيش ٿيندي. تنهن ڪري هن
ضعيف الراءِ خليفي کي مامون جي معزولي لاءِ چوريو
۽ خليفي کي سندس پٽ موسيٰ کي ولي عهد مقرر ڪرڻ
لاءِ چوريائين. هن ڪنهن به ويچار ڪرڻ کانسواءِ
سلطنت جي طول عرض ۾ هڪڙو گشتي فرمان جاري ڪرايو.
جنهن موجب مامون کي معزول ڪري پنهنجي پٽ شهزادي
موسيٰ لاءِ ماڻهن کان بيعت وٺڻ لاءِ حڪم ڏنائين.
هڪڙو پيغام مامون ڏانهن به روانو ڪيائين، ته موسيٰ
کي سلطنت لاءِ وليعهد تسليم ڪري. مامون کي جڏهن
پيغام پهتو، تڏهن خراسان جي اُمرائن کي سڏي ساڻن
حقيقت ڪيائين. فضل بن سهل هڪڙو جاسوس بغداد ڏانهن
موڪليو، ته جيئن وڌيڪ ڪارواين جي جاچ رکي ۽ اطلاع
ڏيندو رهي.جڏهن الامين ڏٺو ته مامون خاموش آهي.
تڏهن سن 194هه ۾ هن مامون کي ولي عهدي کان برطرف
ڪري، خطبن مان سندس نالو ڪڍي پنهنجي پٽ موسيٰ کي
وليعهد مقرر ڪري، کانئس پوءِ پنهنجي ٻئي پٽ
عبدالله کي ولي عهد مقرر ڪيو. ۽ خانه ڪعبه ۾ ،
جيڪو مامون جي وليعهدي جي باري ۾ هارون الرشيد جو
لکيل هو، تنهن کي گهرائي ڦاڙي پرزا پرزا ڪري
ڇڏيائين. دائود بن عيسيٰ حجاز جي عامل کي اها
ڳالهه نه وڻي. هن حجاز جي معتبرن کي سڏائي خليفي
وقت جي ظلم ۽ ناانصافيءَ کان آگاهه ڪيو. ”چيائين
ته توهان سڀني خليفي هارون جي وصيعت موجب
مسجدالحرام ۾ مامون ۽ موتمن جي وليعهد مقرر ٿيڻ
لاءِ روبرو قسم کڻيو هو، ان لاءِ توهان تي فرض
آهي، ته توهين پنهنجي انجام تي پورا رهو. خليفو
ناانصافي ڪري رهيو آهي، جنهن پنهنجي پٽ موسيٰ کي
وليعهد مقرر ڪيو آهي، جو اڃا ماءُ جا ٿڻ پيو ڌائي“
گورنر جي تقرير ٻڌي سڀئي حيران ٿيا ۽ مامون جي
خلافت جي بيعت تي سڀني رضامندي ڏيکاري. تنهن
کانپوءِ دائود هڪڙو اعلان جاري ڪيو. جنهن موجب سڄي
حجاز ۾ خطبن ۾ مامون جو نالو پڙهجڻ ۾ آيو.
ڀائرن جا تعلقات بلڪل بگڙجي ويا. مامون، جو هن وقت
مرو ۾ هو، تنهن سن 195هه مطابق سن 811ع ۾ حڪم جاري
ڪيو، ته ڪوبه ٻاهريون ماڻهو سندس سلطنت جي حد اندر
نه اچي. ٻئي طرف سرحدن تي خراساني فوجن کي مضبوط
ڪري ويهاريائين. جيئن رومةالڪبريٰ جي تخت لاءِ ٻن
مشهور رومي جرنيلن سيزر
Caesar
۽ پامپئي
Pampey
جي پاڻ ۾ هولناڪ جنگ لڳي هئي. تيئن امين ۽ مامون
جي وچ ۾ بغداد جي تخت ۽ تاج لاءِ هيءَ ويڙهه عرب
جي تاريخ ۾ ساڳئي پيماني تي مشهور آهي.
امين هڪڙي جرار فوج پنهنجي هڪڙي آزمودگار سپهه
سالار ابن ماهان جي هٿ هيٺ مامون جي مقابلي ۾
ڏياري موڪلي. هن فوج جو تعداد بقول امير علي
50،000 هو. جڏهن جاسوسن اها خبر مرو ۾ پهچائي.
تڏهن مامون نوجوان خراسانين جي هڪ فوج مشهور
سپهسالار طاهر بن حسين جي هٿ هيٺ مقابلي لاءِ
رواني ڪئي. ٻنهي فوجن جو رائي جي مقام وٽ تصادم
ٿيو. ابن ماهان جي فوجن خراسانين هٿان سخت شڪست
کاڌي. پاڻ به جنگ جي ميدان ۾ هڪڙي تير انداز جو
شڪار ٿي ويو. طاهر سندس سر وڍائي 750 ميلن جي
مفاصلي تان مامون جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو. شاهي
فوجن جي شڪست کان پوءِ خليفي عبدالرحمٰن ابن جبله
جي هٿ هيٺ نئين فوج رواني ڪئي. خونريز معرڪن کان
پوءِ طاهر همدان فتح ڪري حلوان وٽ اچي ڇانوڻي هئي.
هوڏانهن مامون پنهنجي سپهه سالار ن مان هراثمه بن
اعين کي فوجون ڏيئي طاهر جي مدد لاءِ روانو ڪيو.
طاهر فتح ڪيل شهر هراثمه جي حوالي ڪري پاڻ اهواز
ڏي ويو. اِنهيءَ وچ ۾ سڄي بغداد ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.
فضل بن ربيع جي صلاح سان خليفي هڪڙي فوج احمد ۽
عبدالله جي سرڪردگيءَ هيٺ مامون جي فوجن جي مقابلي
۾ رواني ڪئي. پر مامون جي جاسوسن جي حڪمت عمليءَ
سان خليفي جي فوجن ۾ فساد پئجي ويو ۽ ڪو کڙ تيل
ڪين نڪتو. خليفي محمد بن يزيد جي هٿ هيٺ ٽين فوج
رواني ڪئي، پر طاهر هن فوج کي به شڪست ڏني ۽ محمد
بن يزيد جنگ جي ميدان ۾ مقابلي ڪندي قتل ٿي ويو.
طاهر جي حڪمت عمليءَ سان امين جيڪي به فوجون خزانو
ڏيئي روانيون ڪيون، سي فساد ڪري وڃي طاهر سان
گڏيون. آخر طاهر جي پيشقدمي کي ڏسي عباس بن هادي
ڪوفي جي حاڪم، منصور بن مهدي بصره جي حاڪم ۽ دائود
بن عيسيٰ حجاز جي حاڪم هڪ ٻئي پٺيان مامون جي
اطاعت قبول ڪئي. طاهر اهواز، يمامه، عمان ۽ بحرين
جا علائقا فتح ڪندو اچي بغداد تي ڪڙڪيو. هن شهر جي
باب انبار کان حملو شروع ڪري ڏنو. اڌ شهر ته چٽ ٿي
ويو، شاهي قيدين قيد ڀڃي فساد کڙا ڪيا. شهر ۾ ڦر
لٽ جي بازار گرم ٿي. بدمعاش غريبن کي گهڻو ستايو.
شهر ۾ رسد ۽ سامان بند ٿيڻ ڪري اچي بک منهن ڪڍيو.
خليفو لاچار ٿي ڪري توشا خاني جو مال اسباب ۽
محلات جو سون ۽ چاندي جو سامان لشڪر ۾ ورهائڻ لڳو.
شاهي محلات قصر صالح ۽ قصر سليمان، جي دجله جي
ڪناري تي هئا. تن کي بچائڻ ڏکيو هو. آخر خليفي جي
سپهه سالار تنگ ٿي طاهر کي صلح لاءِ درخواست ڪئي.
جا هن خوشيءَ سان منظور ڪئي. طاهر خيزران جي
محلاتن کي ساڙائي ڇڏيو. جن تي ويهه لک درهم تيار
ٿيڻ تي لڳو هو. گهيري جي طوالت ۽ ڏڪر ڪري اهڙو
طوفان کڙو ٿيو جو انساني قوت کان ٻاهر هو. خليفي
کي اچي پنهنجي سر جو خوف لڳو هو ۽ پنهنجيءَ ماءُ ۽
پٽن سميت وڃي مدينةالمنصور جي محلات ۾ لڪو، جو
خليفي منصور دجله جي اُلهندي ڪپ تي جوڙايو هو.
خليفي امين هراثمه کي پاڻ سونپيو ۽ شاهي مهر ۽ عبا
طاهر جي حوالي ڪيا، پرطاهر کي هراثمه جي ڪاميابي
تي رشڪ جاڳيو. خليفي کي سندس هڪڙي وفادار سميت
طاهر جي ماڻهن هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ نيئي بند ڪيو. رات
جو ڪي عجمي سپاهي در ڀڃي اندر آيا. الامين کي قتل
ڪري سندس سر بغداد جي ديوار تي لڙڪائي ڇڏيائون.
جڏهن صبح ٿيو تڏهن شهر جي ماڻهن خليفي جي سر کي
لڙڪندو ڏٺو. پوءِ جامع مسجد ۾ طاهر جي حڪم سان
مامون جي نالي تي خطبو پڙهيائون. خليفي جي ٻن پٽن
موسيٰ ۽ عبدالله کي مامون ڏانهن ڏياري موڪليائين.
بغداد فتح ٿيڻ کان پوءِ مامون فضل بن سهل جي ڀاءُ
حسن بن سهل کي، علائقي جبل، اهواز، عراق ۽ حجاز جو
گورنر مقرر ڪيو. طاهر کي موصل شام ۽ مغرب جو حاڪم
مقرر ڪيائين. ۽ هراثمه کي خراسان جي ولايت سپرد
ڪيائين. باقي فضل بن سهل صاحب سيف ۽ قلم هو جيڪو
ذوالرياستين جي لقب سان مشهوري حاصل ڪري چڪي هو.
مطلب ته سياهه ۽ سفيد جو مالڪ هو ۽ وزارت جو
قلمدان به سندس حوالي هو.
عبدالله المامون ابن هارون الرشيد
سن 198هه مطابق سن 814ع ۾ خليفو الامين قتل ٿي
ويو. هن 4 سال 8 مهينا حڪومت ڪئي ۽ مرڻ مهل سندس
عمر 28 ورهيه هئي. هو نيڪ دل ۽ سچار هو. سڄو وقت
عيشن ۽ مزن ۾ گذاريائين. شهزادو عبدالله، جو
المامون جي لقب سان خلافت نشين ٿيو، سو نيڪ دل
انسان هو. سندس اها مرضي ڪانه هئي ته سندس ڀاءُ
قتل ٿئي. هن بغداد ۾ اچڻ سان قاتلن کي جوڳي سزا
ڏني ۽ پنهنجي ڀائٽين ۽ راڻي زبيده کي عزت سان گڏ
رهڻ لاءِ اجازت ڏنائين. جڏهن شهزادا وڏا ٿيا تڏهن
ساڻن پنهنجون ڌيئرون پرڻايائين. ڀاءُ جي اَهلڪارن
کي سندن ضبط ٿيل ملڪيتون موٽائي ڏنائين. ڀاءُ جي
قتل وقت هو مّرو ۾ هو. ڇاڪاڻ جو خراسان جي علمائن
جيڪا ناموري حاصل ڪئي. تنهن لاءِ تاريخ تصديق ڏيئي
ٿي. مامون پاڻ به علم جو بي بها گوهر هو. سو
علمائن جي هر وقت محفل ۾ رهندو هو ۽ مختلف علمي
اَصولن تي بحث مباحثا ڪندو رهندو هو. بغداد جي
حڪومت جون واڳون هن پنهنجي وزير فضل بن سهل جي
حوالي ڪيون هيون. جنهن تي کيس جوڳو اعتبار هو. پر
فضل جڏهن پاڻ کي هينئر مختيار ڏٺو تڏهن لالچي ٿي
پيو. غرض بغداد دارالخلافت ۾ جيڪي روزمره واقعات
ٿيندا رهيا، تن کان خليفي کي آگاهه نه ڪيائين. اهو
وڏو سبب هو جو هاشمي عباسي سلطنت ۾ مامون کان پوءِ
فساد ٿيندا رهيا. جڏهن وارداتن جي خبر خليفي کي
مّرو ۾ پهتي، تڏهن سن 204هه ۾ بغداد ۾ آيو ۽
حڪومت جي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ لڳو.
ملڪ ۾ فساد:
خليفي جي قتل کان پوءِ سن 198هه ۾ بني اُميه وارن
مان نصر بن شيث شام ۾ بغاوت کڙي ڪئي. هن حلب
علائقي جي ڪيترن ئي شهرن مثلاً ڪسيوم ۽ سمسياط تي
قبضو ڪيو. برابر 5 سالن تائين شاهي فوجون فساد کي
مٽائڻ ۾ رڌل رهيون. آخر سن 209هه ۾ عبدالله بن
طاهر ڪسيوم جي گهيري ۾ نصر کي شڪست ڏني. خليفي هن
کي معافي ڏني. پر عراق ۾ وري حسن بن سهل جي خلاف
بدوين مٿو ڪڍيو. شام ۾ فساد اڃا هلندڙ هئا، ته سن
199ع ۾ ڪوفي ۾ محمد بن ابراهيم جو ابن طبابا علوي
جي نالي مشهور هو ۽ اِمامن جي پيڙهي مان هو. تنهن
اَهل ڪوفين کي امام علي رضا
رحه
جي بيعت وٺڻ لاءِ دعوت ڏني. کيس بدوي سردارن به
مدد ڏني. مطلب ته ابن طبابا جي دعوت مقبول عام ٿي.
جيئن ته گهڻيئي ماڻهن مٿئين امام جي بيعت ورتي.حسن
بن سهل شاهي حڪم سان مقابلي لاءِ نڪتو. پر شڪست
کائي موٽيو. ڏاکڻي عراق تي ابن طبابا جو قبضو ٿي
ويو. پر ملڪ گيريءَ جي حوس ۾ بدوين هن کي زهر ڏيئي
ماري ڇڏيو. سندس پٽ محمد بن جعفر علوي جو صغير
العمر هو. اَبو السريا حسن هٿان گرفتار ٿيو. جنهن
سندس سر وڍائي خليفي جي درٻار ۾ موڪليو. باقي ابن
جعفر کي هراثمه قيد ڪري مرّو ڏانهن جلا وطن ڪري
موڪليو. مڪي ۽ يمن وارن وري امام جعفر
رحه
جي پٽن مان هڪڙي کي الصادق جي لقب سان پنهنجو
خليفو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهريءَ ريت خراسان کان
وٺي يمن تائين فسادن جي باهه پئي ٻري. پر خليفي کي
سندس وزيرن ڪائي خبر ڪانه ڏني. خليفي جي اک تڏهن
پٽي جڏهن وزير فضل ٻڍي سپهه سالار هراثمه کي مصر
تي ڪاه ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو پر هن نه مڃيو ۽ خليفي کي
وڃي سموريون خبرون پهچايائين. هراثمه فضل جي شرارت
ڪري مارجي ويو. هراثمه جي فوجن پنهنجي مهندار لاءِ
فساد ڪيا. هو فضل جي خلاف ٿي بيٺا. بغداد فسادن جو
مرڪز بنجي پيو. آخر جڏهن منصور بن مهدي هراثمه جي
جاءِ تي مقرر ٿيو. تڏهن مس مس فساد بند ٿيا پر اڃا
به فسادن جي باهه پئي دُکي.
عباسي خلافت کي بدلائڻ جو اِرادو ۽ اِمام علي
الرضا جي شهادت
هن وقت سڄيءَ سلطنت جي طول ۽ عرض ۾ اِها تحريڪ
جاري هئي، ته خلافت جون واڳون اِمامن سڳورن کي
ڏنيون وڃن. جڏهن خليفو مامون مّرو کان بغداد ۾
وارد ٿيو. تڏهن کيس فسادن جو ڪارڻ معلوم ٿيو. سن
200هه مطابق سن 815ع ۾ خليفي فاطمي اِمامن مان علي
بن موسيٰ اَلرضا کي خلافت لاءِ وارث مقرر ڪيو. هن
پنهنجي شاهي اعلان ۾ ڏيکاريو ته ”اِمام علي اَلرضا
کان وڌيڪ ڪوبه خلافت لاءِ مستحق ڪونهي“. رمضان
المبارڪ سن 201هه ۾ عباسي خلافت بدلجي خلافت علوي
سڏجڻ ۾ آئي ۽ سلطنت جي مدبرن نئين منصب اڳيان
وفاداريءَ جو قسم کنيو. خليفةالمسلمين عباسين جي
ڪاري جهنڊي کي لاهي علوي سائي جهنڊي کي بلند ڪرڻ
جو حڪم ڏنو. عباسين کي جڏهن اها خبر پهتي تڏهن
منجهن بيچيني ۽ اضطراب پيدا ٿيو. هنن گڏجي ابراهيم
بن مهدي سندس چاچي کي ڪوفي ۾ پنهنجو خليفو تسليم
ڪيو. عباسين سلطنت جي ڦيرڦار کي فضل بن سهل جي
پاران ڄاتو، جو هن وقت صاحب سيف ۽ قلم هو. هن حسن
بن سهل ۽ ٻين ايراني عهديدارن کي بغداد مان تڙي
ڪڍيو. چؤطرف فساد جي باهه لڳي، ڦورن ۽ بدمعاشن کي
وجهه ملي ويو. هنن ڏينهن ڏٺي جو بغداد ۾ ڦرلٽ ڪئي.
شرفا کي پنهنجيءَ عزت بچائڻ جو خيال فڪر ٿيو. هنن
پنهنجيءَ عزت جي بچاءَ لاءِ جدا جدا جماعتون تيار
ڪيون ۽ قاعدن جي جوڙجڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا.
ڏاکڻئي حجاز خواهه عراق ۾ به ساڳي حالت هئي. نئين
خليفي اِبراهيم کي به اَمن اَمان رکڻ ۾ مشڪلات پيش
ٿي. مطلب ته فضل ۽ حسن جي حڪمت عمليءَ جي ڪري
عباسي وسيع سلطنت ڇڄي پرزا پرزا ٿي پئي. اهڙي
مشڪلات جي وقت اِمام علي الرضا
رحه
پاڻ خليفي مامون وٽ ويو ۽ کيس فسادن جي خبر
ڪيائين. خليفي هڪدم بغداد تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
وزير فضل کي اِمام سڳوري سان عداوت هئي. هن اِمام
جي گهڻن ئي ماڻهن کي قيد ڪري سندن ڏاڙهيون پٽرائي
ڇڏيون. اِمام سربستي خبر خليفي کي ڪئي. فضل مارخ
جي مقام وٽ، جو مّرو کان هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي
آهي. ايراني فوجن هٿان مارجي ويو. خليفةالمسلمين
هن وقت پيءُ جي تربت جي زيارت ڪرڻ لاءِ طوس ۾
ترسيل هو ۽ امام علي رضا به ساڻس گڏ هو. پر ماهه
صفر المظفر سن 203هه مطابق سن 818ع ۾ فضل جي ڪن
ماڻهن اِمام سڳوري کي زهر ڏيئي شهيد ڪيو. اِمام
صاحب فاطمي اِمامن مان اَٺون اِمام هو. سندس مسند
تي سندس رشيد اِمام محمد التقيءَ جي لقب سان مسند
نشين ٿيو. خليفي کي اِمام جي موت تي گهڻو ڏک ٿيو .
هو ڪيترائي ڏينهن غم کان روئندو هو. سندس جنازو
مشهد مقدس ۾ دفنائي مٿس قبو جوڙايائين، جو اڄ
ڏينهن سوڌو ايران ۾ هڪ وڏي زيارتگاهه آهي. فاتح
خواني پوري ڪري خليفو بغداد ڏانهن موٽيو. نهروان
وٽ کيس طاهر ۽ ٻيا سلطنت جا اڪابر گڏيا. جن کيس
فسادن جي متعلق سموريون خبرون پهچايون.
بغداد ۾ اَمن اَمان:
سن 204هه مطابق سن 819ع ۾ خليفةالمسليمن وڏي تزڪ ۽
حشام سان بغداد ۾ وارد ٿيو. ماڻهن سندس اچڻ جو ٻڌي
شهر کي سينگاريو. جيڪي به فساد هئا سي بند ٿي ويا.
وزير احمد بن ابي خالد بادشاهه سان گڏ هو. ظالمن ۽
مظلومن جي پروڙ ڪئي ويئي. حجاز جي حڪمراني اهل بيت
مان هڪڙي کي سپرد ڪئي ويئي. ڪوفي ۽ بغداد جي
حڪمراني پنهنجن ڀائرن جي حوالي ڪيائين. طاهر کي
خراسان جو والي مقرر ڪيائين. جنهن سن 205هه ۾ وفات
ڪئي. سندس عهدي تي سندس پٽ طلحٰي مقرر ٿيو. جنهن
ستن سالن تائين خراسان ولايت تي حڪومت ڪئي.
بغداد وارن نئين سر خليفي جي بيعت ورتي. بدنصيب
اِبراهيم رهجي ويو. خليفي جي خوف کان روپوش ٿي ڀڄي
ويو. هو هڪ سال يارهن مهينن تائين عباسين جو عارضي
خليفو رهي چڪو هو. آخر هڪڙي ڏينهن زناني پوشاڪ ۾
ٻن عورتن سان گڏ پڪڙجي پيو. جڏهن بارگاهه خلافت ۾
خليفةالمسلمين جي روبرو آندو ويو، تڏهن سندس سزا
لاءِ اختيار جي اَربابن کان صلاح پڇيائين. جن هن
لاءِ قتل جي سزا مقرر ڪئي. پر وزير احمد چيو ته
جيڪڏهن اهڙي ڳريءَ سزا واري کي معافي ڏبي ته
تاريخن ۾ اَميرالمومنين جي فياضي يادگار رهندي.
خليفي وزيراعظم جي صلاح منظور ڪئي ۽ ابراهيم کي
معافي ڏنائين.
صّقليه ٻيٽ جو قلمرو عباسي هيٺ اچڻ:
هن وقت شام ۽ مصر جو حاڪم نصر هو، جنهن جي عهدي تي
خليفي عبدلله بن طاهر کي مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ
نصرالله هوشيار سياست دان هو، پر اخلاق انساني کان
بيخبر هو. هن فساد کڙو ڪيو پر هڪ ٻن لڙاين کانپوءِ
قيد ٿي، خليفي جي روبرو آندو ويو. خليفي کيس گهڻي
مروت سان معافي ڏني. عبدالله بن طاهر فسادن کي
روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
سن 207هه ۾ اُندلس جي بني اُميه خاندان جي خليفن
گهڻن عربن کي اِسپين مان لوڌي ڪڍيو. جن مان گهڻا
هجرت ڪري اچي اسڪندريه ۾ رهڻ لڳا، پر هتي به هنن
فساد کڙو ڪيو. عبدالله هنن لاءِ اعلان جاري ڪيو،
ته اُهي يڪدم هٿيار حوالي ڪن، نه ته مصر ولايت مان
نڪري وڃن. مهاجرين ڪريٽ ٻيٽ ۾ رهڻ لاءِ مصر جي
حاڪم کي درخواست ڪئي، جا سندن منظور ڪئي ويئي. کين
حڪومت جي طرفان ضروري اِمداد به ڏني ويئي. هو
مٿئين ٻيٽ ۾ اَمن اَمان سان زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
هتي هنن بيٺڪون وڌيون. سن 208هه ۾ ضيادةالله اغلب
نالي هڪڙي عربي سپهه سالار صّقليه ٻيٽ فتح ڪيو جو
پوءِ عباسي سلطنت سان لاڳو ٿيو.
خليفي جي شادي ۽ شاهي شان ۽ تجمل
سن 210هه مطابق سن 825ع ۾ ماه رمضان المبارڪ جي
سڳوري ساعت خليفةالمسلمين حسن بن سهل جي ڌيءَ
خديجه سان شادي ڪئي. نڪاح وزير جي محلات ۾ ٿيو، جو
محلات واسِط جي ويجهو هڪڙي نهر جي ڪپ تي اڏيل هو.
وزير سترهن ڏينهن تائين ڄڃ کي پر تڪلف مهماني ڏني.
راڻي زبيده به موجود هئي. چون ٿا ته هي شادي اهڙي
شان ۽ تجمل سان ٿي جو شاعرن قصيدا جوڙيا، جي شاهي
مهمان هئا. شاديءَ جي رات ڪنوار جي نانيءَ گهوٽ
مٿان هڪ هزار لعلون ۽ گهڻو سون گهور ڪيو. اُنهن
لعلن جو هار جوڙي ڪنوار جي نانيءَ جي ڳچيءَ ۾
پاتائون. اٽڪل اَسي پائونڊ وزن جيتريون ته رڳو مشڪ
۽ ڪافوري شمعون شمعدانن ۾ ٻاريون ويون. رواني ٿيڻ
وقت وزير بادشاهه ۽ ٻين اُمرائن کي شاهي بيش بها
خلعتون ڏنيون ۽ هر هڪ مهمان مٿان مشڪ ۽ عطر
ڇڙڪيائين. باقي عام کي سون ۽ رپيو بطور خيرات
ڏنائين. چون ٿا ته هن شاديءَ تي وزير جو اٽڪل
5000،000 درهم خرچ لڳو. خليفةالمسلمين وزير کي خرچ
جي عيوض فارس ۽ سوسانيا جي آمدني مرحمت ڪئي.
اِسلامي تاريخن ۾ جيڪي به نامور خاتون ٿي گذريون.
تن مان خديجه به هڪ نامور عورت ٿي گذري.مڙس جو مٿس
گهڻو پيار ۽ اعتبار هو. هن خاتون جيڪا اَهل بغداد
لاءِ فياضي ڪئي، تن لاءِ سندس نالو ويندي اڄ ڏينهن
سوڌو اسلامي تاريخن ۾ روشن آهي. جيئن ته مخلوق خدا
جي ڀلي لاءِ شهزاديءَ بغداد شريف ۾ ڪيترائي
شفاخانا ۽ عمارتون تعمير ڪرايون ۽ بادشاهه کي ملڪي
ڪاروبار ۾ به گهڻي مدد ڏيندي رهي. سندس حسن انتطام
جي ڪري عباسي سلطنت جا پرئين ڀر کي وڃي پهتي هئي
تنهن جي بنياد کي ڪرڻ کان بچايائين.
رومين خلاف جهاد ۽ خليفي جي وفات:
خليفي محمد الامين جي ڏينهن ۾ جيئن اِسلامي سلطنت
اندر فساد هئا. تيئن قسطنطنيه جي تخت لاءِ به
بازنطيني سلطنت اندر فساد هئا. جيئن ته قسطنطنيه
جو شهنشاهه بلغارين سان ويڙهه ۾ مارجي ويو. سندس
تخت تي سندس پٽ سترسيوس ويٺو، پر رومين ميڪائيل بن
جرجيس
کي پنهنجو شهنشاهه مقرر ڪيو، پر ميڪائيل کي ستت ئي
سندس هڪڙي جرنيل ليوُ نالي زبردستيءَ سان تخت تان
لاهي پاڻ شهنشاهه ٿيو. هن مسلمانن سان جنگ شروع
ڪئي، پر جنهن صورت ۾ شاهي فوجون اندروني جنگ ۾ رڌل
هيون، تنهن صورت ۾ خليفي محمد الامين کي ڪائي فرصت
ڪانه هئي، جو غريب رعايا کي رومي درندن هٿان بچائي
سگهي. ڇاڪاڻ جو ساڳئي وقت سن 195هه ۾ دمشق ۾ علي
بن عبدالله بن خالد يزيد فساد کڙو ڪيو هو. خليفي
مامون جي ڏينهن ۾ آرمينا جي پهاڙي علائقي جي
رهندڙ هڪڙي مجوسي بابق نالي يهودين، عيسائين
خواهه اُتي جي رهندڙ مسلمانن کي گهڻو تنگ ڪيو. هو
سرحد ٽپي ويجهن ڳوٺن کي ڦري زالن ۽ ٻارن کي قيد
ڪري وٺي ويندو هو. خليفي سندس گرفتاريءَ لاءِ
گهڻيون ڪوششون ڪيون. پر هو جابلو قلعن ۾ ڀڄي لڪي
ويندو هو. هن وقت قسطنطنيه جي تخت تي ٿيا فيلوس
شهنشاهي ڪندو هو. جنهن باغي بابق جي اشاري تي
اِسلامي سلطنت تي ڪاهه ڪئي. خليفو پنهنجي سر
اِيشيا ڪوچڪ تي ڪاهي ويو ۽ دين جي دشمنن جي گڏيل
فوجن کي شڪست ڏيئي سرحد تي مضبوط قلعا جوڙايائين.
تنهن کانپوءِ مصر ڏانهن ويو ۽ اُتي به ڪي قلعا
تعمير ڪرايائين. خوف هوس ته متان رومي مصر تي نه
ڪاهه ڪن. هڪڙي ڏينهن ايشيا ڪوچڪ جي طرطوس شهر ۾
خليفةالمسلمين جيئن اُتي جي نهر ۾ وهتو، تيئن سردي
لڳڻ ڪري رات جو کيس بخار آيو ۽ ماهه رجب المرجب سن
218هه مطابق آگسٽ سن 833ع ۾ هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪيائين. مرڻ مهل سندس عمر 48 ورهه هئي ۽ ڪل
20 سال حڪومت ڪئي هئائين. سندس جنازو طرطوس جي
باغيچي ۾ دفنايائون. هو بدن ۾ مضبوط ۽ خوبصورت
انسان هو. اِرادي جو وري اهڙو مضبوط هو جو عباسي
خليفن ۾ هن جهڙو عقلمند بادشاهه ڪو ورلي ٿي گذريو.
مرڻ مهل به رعيت جي سنڀال لاءِ ڀاءُ کي وصيت ڪري
ويو.
اسلامي سلطنت جي عروج جو زمانو، بغداد علوم ۽ فنون
جو مرڪز
هي خليفو علم جو بي بها گوهر هو. سندس ڏينهن ۾
خلافت جي مرڪز بغداد شريف، جيڪا مختلف علوم ۽ فنون
۾ ترقي ڪئي، سا ڳالهه تاريخن ۾ نيڪ روشن آهي. فياض
وري اهڙو هو جو گويا پنهنجي وقت جو حاتم هو. سندس
انصاف اهڙو بيريا هو جو وقت جو نوشيروان چئجيس ته
به جڳائي. سندس عهد ۾ علم ۽ حڪمت جي آفتاب پري پري
تائين روشني پهچائي ۽ مسلمانن دماغي طاقت حاصل
ڪئي. عباسي تاجدارن ۾ عقل، تدبر، دور اَنديشي ۽
اَنجام شناسي جي لحاظ سان عديم المثال هن جهڙي
شخصيت ڪو ورلي رکندڙ هوندو. ڇاڪاڻ جو مامون الرشيد
تمدن جي قديم ۽ جديد سلسلي جي بنياد وجهڻ وارو هو.
هاڻوڪي يورپ جيڪا تمدن جي آرائش حاصل ڪئي، سا
سموري نقش نگاري مغربي قومن مامون جي هٿ کان حاصل
ڪئي آهي. اِسلامي تمدن ۽ تهذيب هن خليفي جي ڏينهن
۾ وڃي ڪماليت جي معراج کي پهتي، جيئن ته حڪمت،
هيّت، رياضي ۽ طبعي علوم ۾ عربن ايتري ترقي ڪئي،
جو سندن علمي اشاعت جي ڪري يورپ جهالت ۽ تاريڪي
مان نڪري روشني حاصل ڪئي.اَميرالمومنين هميشه اِهو
خيال ڪندو هو، ته رعايا جي خوشحالي ۽ آسودگي علم ۽
تربيت تي منحصر آهي. مٿئين اَصول مطابق شاهي خزاني
مان سلطنت جي طول ۽ عرض ۾ جابجا مڪتب ۽ درسگاهون
تعمير ڪرايائين. جن تي بيشمار خرچ لڳو. غالباً
دنيا ۾ مامون ئي پهريون شهنشاهه هو جنهن اهڙو جس
کٽيو. هو فرقهء بنديءَ جي تنگ خيالن کان بلڪل آزاد
هو. سندس سلطنت ۾ هر هڪ فرقي ۽ قومن جا ماڻهو آزاد
هئا. جنهن جنهن انسان ۾ لياقت ڏسندو هو، تنهن کي
اُهڙو ئي عهدو ڏيندو هو. گويا اِنساني شخصيت ۽
لياقت کي پرکڻ ۾ هو ڪامل جوهري هو. اڳوڻن تاجدارن
رڳو وزيرن جي صلاح سان سلطنت جو ڪاروبار پئي
هلايو. پر مامون الرشيد هڪڙي جدا ديوان جو بنياد
وڌو. هن ديوان ۾ هر هڪ ملڪ ۽ قوم جي مدبرن کي عزت
ڏني ويندي هئي. هن محفل ۾ مسلمان به هئا، يهودي به
هئا بلڪ ساساني ۽ مجوسي به هئا. جن جي صلاح ۽
مشوري سان حڪومت جو ڪاروبار هلندو هو. هر هڪ مذهب
جي پيروڪار کي عبادت ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي مليل
هئي. سندس وسيع سلطنت ۾ هزارين ڪليسائون ۽ سوين
آتش خانا معمور هئا. بيت المقدس جي وڏي پادري
Patriarch
کي اختيار مليل هئا. عدل فاروقي جي انجام کي تازو
ڪيائين. مختلف مذهبن جي علمائن کي سندن درٻار ۾
وڏي عزت حاصل هئي. ڇاڪاڻ جو پاڻ وڏو عاقل ۽ تصوف
جو صاحب هو. اڪثر اُموي ۽ عباسي خليفن آلِ رسول
صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان بدگماني جي ڪري وقت
بوقت ظلم ڪيا، پر هن خليفي کي اِمامن سڳورن لاءِ
ڪمال محبت هئي. جيئن ته پاڻ اِمام علي الرضا
رحه
جو مريد هو. جنهن بزرگ جي صحبت کان هن حڪمت ۽ تصوف
جي علمن ۾ ڪمال فيض پرايو هو. اهو ئي سبب هو جو
بني نوع جي آزاديءَ لاءِ هن کي ڏاڍي حُب هئي. واصل
بن عطا
رحه
جو اِمام جعفر اَلصادق
رحه
جو مريد هو ۽ خواجه حسن بصري
رحه
جي مجلس ۾ به شرف حاصل ڪيو هئائين. تنهن
خليفةالمسلمين کي مذهبي معاملن ۽ بحث مباحثن ۾
گهڻي مدد ڏني. واصل بن عطا هڪڙي محفل برپا ڪئي
هئي، جتي عيسائي پادرين سان اِسلام جي پيغمبر ۽
قرآن شريف جي پاڪ تعليم تي ساڻن بحث ڪندو هو.
بغداد جا گهڻائي ماڻهو خليفي جي راءِ سان مٿئين
محفل ۾ شامل ٿيا. جيئن ته تصوف هن زماني ۾ نئون
لباس اختيار ڪيو هو. تنهن ڪري ڪي اهڙا بزرگ به هئا
جن مٿئين محفل ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو. جيئن
اِمام احمد بن حنبل ۽ محمد بن نوح
رحه.
جيتوڻيڪ اِسحاق بن اِبراهيم کين خليفي جي پاران
قيد به ڪيو، پر هنن ڪائي پرواهه نه ڪئي.
خليفو علم ۽ حڪمت جو ڏاڍو شوقين هو. سندس بارگاهه
خلافت ۾ هر وقت حڪيمن، شاعرن ۽ علمائن جو ميڙ لڳل
رهندو هو. جن خليفي منصور جي رهيل ڪم کي سرانجامي
ڏني. اِسڪندريه جي ڪتبخاني مان خليفي يوناني
پروفيسرن کي گهرايو، جن جي مدد سان قسطنطنيه جي
قيصر جي معرفت يونان جي اٿينس شهر جي قديم يوناني
ڪتب خاني مان ڪي ڪتاب هٿ ڪيائين. جن ڪتابن کي عربي
علمائن کان عربي ۾ ترجمو ڪرائي يوناني فلسفي جو
اظهار ڪيائين. مشهور يوناني پروفيسر ڪسٽا بن ليوڪ
هن ڪم تي مقرر هو. هن شهنشاهه جي ڏينهن ۾ علم ادب
۽ حڪمت جي فنون جو ظهور ٿيو. هن ڪم جو بنياد خليفي
منصور وڌو. هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ وڏي فياضيءَ
سان تربيت ٿيڻ لڳي. پر مامون الرشيد جي ڏينهن ۾
مٿيون ڪم پايهء تڪميل کي پهتو. فقط يوناني فلاسفرن
کي علم حڪمت سيکارڻ جي عيوض هن خليفي ساڍا ٻارنهن
مڻ سون قسطنطنيه جي قيصر کي ڏنا. ايتري خزاني خرچ
ڪرڻ مان پڙهندڙن کي معلوم ٿي ته خليفي کي علم سان
ڪيتري قدر محبت هئي؟ سندس عهدِمهد ۾ بغداد، بصره ۽
بخارا شريف ۾ وڏن مڪتبن جو بنياد پيو. اِسڪندريه،
بغداد ۽ قاهره ۾ عظيم الشان ڪتب خانن جو بنياد
پيو. ساڳئي وقت ۾ اُندلس جي ڪتب خاني ۾ به هزارين
ڪتاب موجود هئا. انهن ڳالهين مان معلوم ٿو ٿئي ته
جيئن جيئن عربن بيروني ملڪن جي فتوحات ۾ ترقي ڪئي،
تيئن علم جي ترقي ۾ به قدم ڪين روڪيائون. مسلمانن
جي علم هندسه، هيئت، طب ۽ ڪيميا ۾ ترقي ڪرڻ ۽
اشاعت جي ڪري مٿيان علم يورپ ۾ پهتا. جو احسان
يورپ جي مٿي تي هميشه رهندو.
جنهن صورت ۾ عربن هندوستان ۾ الور، ملتان ويندي
قنوج تائين ملڪ فتح ڪيا هئا، تنهن صورتن ۾ اُنهن
فتوحات سان گڏ علمي جواهر به گڏ ڪيا هئا. اُهي
سنسڪرت جا ڪتاب هئا. جي هنن بغداد ۾ آندا هئا.
خليفي مامون الرشيد جي زماني ۾ دوبان نالي برهمڻ
بغداد ۾ موجود هو، جنهن جي مدد سان عربن چئني ويدن
جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهڙن فلاسفرن کي خليفو وڏا
وڏا وظيفا ڏيندو هو ۽ واقعي اُنهن فلاسافرن به چمن
ستارن معارف کي گهڻي رونق وٺائي. نظام شمسي، خط
استوا، منطق البروج، ستارن جي گردش ۽ آسماني طبقن
جي ماهر فلڪيات کوجنا ڪئي ۽ زمين جي ماپ بحره قلزم
جي ڪناري کان شمار ٿيڻ لڳي. اَبوالحسن علم هيئت جو
وڏو ماهر هو، جنهن هڪ وڏي دوربيني تيار ڪئي هئي ۽
قاهره ۾ اُنجي وسيلي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئائين.
واسط، اپاميا ۽ شمسيا جي شهرن ۾ خليفو اڪثر حڪيمن
سان علم جراحي ۽ حڪمت جي اَصولن تي تجربا ڪندو هو.
هن وقت عربي زبان ڏاڍي ترقي حاصل ڪئي هئي. پر
خليفي فارسي، يوناني ۽ عبراني زبانن کي به رونق
وٺائي. فارسي زبان ۾ گهڻائي عربي لفظ گڏجي ويا.
مشهور ايراني شاعر عباس مروي به هن خليفي جي ڏينهن
۾ ٿي گذريو. اڱاري ڏينهن سڀني علمن تي ديوان عام ۾
علمائن ۽ حڪيمن شاعرن سان گڏجي خليفو بحث ۾ ڪندو
هو. ساڻن گڏجي ناشتو کائيندو هو ۽ مغرب جي نماز
تائين محفل گرم رهندي هئي. منجهند جي ماني به
بادشاهه وٽان ايندي هئي ۽ شاهي دسترخوان مان هرڪو
کائي دعائون ڪندو هو.
انصاف گيري
جي هڪڙي ڳالهه ڪجي؟ هڪڙي ڀيري جڏهن شهزادو عباس بن
مامون دجله نديءَ جي ڪپ تي سير ڪري رهيو هو، تڏهن
سندس نظر هڪڙي حسين عورت تي وڃي پئي. جا درياهه
مان اُن وقت پاڻي ڀري رهي هئي. اُن عورت جو نالو
مغيره بنت اَذدار هو، جا حسين ابن موسيٰ برمڪي جي
بيواهه زال هئي. کيس ٻه ٻار به هئا. شهزادي مغيره
جي خوبصورتيءَ تي فدا ٿي پيو. کيس نڪاح ڪرڻ لاءِ
چورايائين پر هن عورت صاف انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ جو
عباسين برمڪي خاندان کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. شهزادي
کي غصو لڳو ۽ هن عورت جي جهوپڙي، جا درياهه جي ڪپ
تي هئي، ڪاوڙ منجهان ڊهرائي ڦٽي ڪيائين. مغيره
پنهنجن ٻن ٻارن سميت خليفي جي درٻار ۾ اچي فرياد
ڪيو. اُن وقت خليفي سان گڏ شهزادو عباس به مسند تي
ويٺل هو. مغيره وڏي واڪي سان چيو ته ”توهان عباسين
برمڪين کي بيگناهه مارائي ڇڏيو، پر اسين رنون
زالون اڃا به توهان جي ظلم کان بچي نه ٿيون سگهون.
تنهنجي پٽ مونکي نڪاح لاءِ زور رکيو، مون اِنڪار
ڪيو، جنهن تي مون زن زال جي جهوپڙي ڪيرائي
ڇڏيائين. اي خليفا هينئر جواب ڏيم ته هن معصوم
يتيمن کي ڪٿي وڃي رهايان؟“ خليفةالمسلمين ٻڌي پٽ
تي ڏاڍو ڪاوڙيو، پاڻ مسند تان اُٿي مغيره کان
معافي گهريائين ۽ هڪدم پنج اشرفين جون ٿيلهيون
سندس قدمن اڳيان رکيائين ۽ جهوپڙي ڊهرائڻ جي عيوض
قصر عباس نالي عاليشان محلات سامان سميت کيس رهڻ
لاءِ عطا ڪيائين ۽ شهزادي جي قصور معاف ٿيڻ لاءِ
ٻيهر پاڻ معافي گهريائين. اهڙو هو اميرالمومنين
المامون جو انصاف. مدينةالسلام بغداد جو
نالو خليفي منصور رکيو هو، پر پوءِ بغداد جي نالي
سان مشهور ٿيو. خليفي مامون جي عهدِ مهد ۾ هن شهر
ڪمال رونق ورتي جيئن ته هن وقت سندس آبادي ڏهه لک
هئي. دنيا ۾ هن جهڙو شهر ڪو ورلي هو. منجهس 30،000
مسجدون، 10،000 حمام ۽ 360 شفاخانا موجود هئا.
سندس خوشگوار آبهوا، دجله ۾ ٻيڙين جي رواني ۽ باغن
جي رونق ڏاڍي وڻندڙ هئي.
محمد المعتصم بالله ابن هارون الرشيد:
مامون مرڻ کان اڳ پنهنجي ڀاءُ اَبو اسحٰق محمد جي
تخت تي ويهڻ لاءِ وصيت ڪري ويو هو، جو سندس وفات
کان پوءِ سن 218هه مطابق سن 833ع ۾ المعتصم بالله
جي لقب سان تخت تي ويٺو. مامون جي پٽ شهزادي عباس
کي عرب توڙي لشڪر گهڻو چاهيندا هئا. پر خبر نه ٿي
پئي ته الائي ڇو خليفي پنهنجي ڀاءُ لاءِ وصيت ڪئي.
شايد سندن نظر ۾ معتصم عباس کان وڌيڪ لائق هو. تخت
تي ويهڻ وقت ته فوجن ۽ اُمرائن معتصم جي بيعت
ورتي، پر پوءِ سڀني عام ناراضگي ڏيکاري. جيئن ته
ستت ئي فوجن بغاوت ڪئي. آخر جڏهن شهزادي عباس چاچي
جي بيعت ورتي تڏهن بغاوتون بند ٿي ويون. شهزادو
عباس پيءُ جي وصيت موجب چاچي سان فرمانبردار رهيو.
معتصم جي تاج پوشي مقام طرطوس وٽ ٿي جت هن محلات
ٺهرائڻ لاءِ حڪم ڏنو.
نئين خليفي کي هر وقت خوف لڳو رهندو هو، ته متان
عرب بغاوت نه ڪن. ڇاڪاڻ جو هو شهزادي جا طرفدار
هئا. تنهنڪري هن مرڪزي ايشيا مان ترڪمانن جون نيون
فوجون تيار ڪرايون. جن پوءِ خلافت عباسيه جو خاتمو
ڪري ڇڏيو. نئين فوجن ۾ ترڪمانن ۽ تاتارين قومن کان
سواءِ مصر ۽ يمن مان به ڀرتي ڪئي ويئي. جن مان
ترڪمانن کي فرغاني يا شرقي سڏڻ لڳا. باقي ٻين کي
مغربي نالو ڏنو ويو. نئين فوجن جي چال چلت عربن ۽
ايرانين کان بلڪل نرالي هئي. هو فقط خليفةالمسلمين
جو حڪم مڃيندا هئا. سندن بالا عملدار به تاتاري يا
ترڪمان هئا جن خليفي جي مرڻ کانپوءِ ايتريقدر زور
ورتو جو ڄڻ ملڪ جا حاڪم به پاڻ هئا. جيئن رومي
سلطنت ۾ پريٽورين فوجن کي بادشاهن کي تخت تي لاهڻ
۽ چاڙهڻ جو اختيار هو. تيئن عباسي سلطنت ۾ ترڪمانن
به ساڳيو اقتدار حاصل ڪيو. سندن پوشاڪون به
نراليون هيون ۽ بغداد جي گلين ۾ ڏاڍي مغروري ۽ ٺاٺ
سان گهمندا هئا. وري جيڪڏهن ڪو سندن سامهون
لنگهندو هو ته اُن کي ڌڪو ڏيئي ڪيرائي هليا ويندا
هئا. سندن اهڙئ مغروريءَ کان ماڻهن ۾ عام ناراضگي
پئجي ويئي.
نئون تختگاهه
خليفي المعتصم بالله کي پنهنجي عزيزن توڙي اُمرائن
تي اعتماد ڪونه هو. تنهنڪري اهڙي شڪ کان هن بغداد
جي اُتر اُلهندي ۾ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي نئون
سمارا جو شهر ٻڌايو. هتي پنهنجي رهائش لاءِ نئون
محلات، تنهن کان سواءِ فوجن لاءِ به ڇانوڻي تيار
ڪرايائين. جنهن ۾ ٻه لک 50 هزار فوجي بارقون ۽ هڪ
لک 60 هزار گهوڙن لاءِ ڪڙهيون تيار ڪرايائين.
پنهنجي شاهي محلات جي چؤطرف ترڪماني فوجي آفيسرن
جون دولت سرائون جوڙايائين ۽ شهر جو وڏو حصو سندن
رهائش لاءِ سندن حوالي ڪيائين. سمارا
Samarra
جي رونق وڌڻ لڳي. هن شهر جي تيار ٿيڻ کان پوءِ
البته بغداد جي رونق ڪجهه گهٽجڻ لڳي.
اِمام محمد التقي خليفي جي ملاقات لاءِ پنهنجئ زال
اُم الفضل سميت آيو، جا مامون جي ڌئ هئي. پر سن
835ع ۾ بغداد ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس
فرزند رشيد اِمام علي سجاده نشين ٿيو.
رومين سان جهاد ۽ عموريه جو خونريز معرڪو
بابق مجوسي جنهن سان خليفي مامون به جنگيون جوٽيون
هيون، سو ڪفار وري مسلمانن کي ستائڻ لڳو. هن وقت
سندس طاقت ايتريقدر وڌي ويئي هئي، جو سڄو طبرستان
جو پهاڙي علائقو سندس قبضي ۾ اچي ويو هو. خليفي
معتصم بالله ڪيتريون ئي فوجون سندس مقابلي ۾
روانيون ڪيون. پر اُنهن فوجن کي هن شڪستن پٺيان
شڪستون ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. سن 220هه ۾ خليفي پنهنجي
عجمي سپهه سالار اَفشين بن خيذر بن ڪائوس کي هڪڙي
فوج ڏيئي سندس مقابلي ۾ روانو ڪيو. جنهن ڪيترن ئي
معرڪن کان پوءِ بابق کي شڪست ڏيئي کيس پٽ سميت قيد
ڪري بغداد آندو پر خليفي فياضي ڪري کيس آزاد ڪري
ڇڏيو. پر جڏهن هو موٽي طبرستان ويو تڏهن وري فساد
کڙو ڪيائين. آخر هڪڙي اَرميني سردار کيس گرفتار
ڪري خليفي جي خذمت ۾ بغداد ڏانهن روانو ڪيو.
اَميرالمومنين باغيءَ کي هاٿيءَ تي چاڙهي بغداد جي
گلين ۾ گهمائڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ پوءِ کيس قتل ڪرائي
ڇڏيائين. اَفشين اٽڪل 7000 عيسائي ۽ مسلمان ٻار
باغين هٿان آزاد ڪرائي سندن گهرن ڏي روانو ڪيائين.
هن خذمت جي عيوض اميرالمومنين هن جي گهڻي عزت ڪئي
۽ کيس گهڻو انعام مرحمت ڪيائين. پر اَفشين جي
پڇاڙي نيٺ وڃي خراب ٿي.سن 223هه ۾ جڏهن افشين
سلطنت جي طرفان ايشيا ڪوچڪ ۾ فسادن کي پئي بند ڪيو
تڏهن بابق جي وير وٺڻ لاءِ نوفل بن ميڪائيل
قسطنطنيه جي شهنشاهه ڪئپي ڊوشيا جي علائقي تي
ڪاهه ڪري مسلمانن جي ڳوٺن کي ساڙائي قتل عام جو
حڪم ڏنو. رومي ڪفارن ڪيترن ئي مسلمانن جي زالن ۽
ٻارن کي قيد ڪيو ۽ ڪن کي پاڻ سان وٺي ويا. خاص ڪري
زپطران
Zapetron
جي ڳوٺ ۾ جتي خليفو ڄائو هو، تنهن کي ساڙي رومين
گهڻا ظلم ڪيا. لوهه جي تتل سيخن سان زالن ۽ ٻارن
جون اکيون ڪڍيائون. ڪيترن جا نڪ ۽ چپ وڍيائون ۽
پوءِ ڳوٺ کي باهه ڏنائون. چون ٿا ته مسلمان قيد
ٿيل زالن ۽ ٻارن مان هڪڙي بني هاشمي خاندان مان
هئي جنهن کي هڪڙي رومي سپاهي زور سان منهن تي ڪشي
چماٽ هنئين، جنهن تي عرب عورت رسم موجب
”وامعتصماه!“ ڪري پُڪاريو. جڏهن مظلومن جي فرياد
بارگاهه خلافت ۾ پهتي، تڏهن اميرالمومنين اُن وقت
شربت پي رهيو هو. هڪدم پيالو ڦٽو ڪري لبيڪ لبيڪ
يعني اجهو آيس چئي يڪدم فوجون وٺي ايشيا ڪوچڪ تي
طوفان وانگر ڪاهي ويو ۽ اُنقره وٽ هڪڙئ يلغار سان
رومي فوجن کي سخت شڪست ڏنائين. تنهن کانپوءِ ٻيءَ
يلغار ۾ عموريه
Amorium
جي شهر تي ڪيائين، جو غلاطيه علائقي جو مشهور شهر
هو. رومي هن شهر کي قسطنطنيه کان به پاڪ ڪري
ليکندا هئا. رومين هن شهر جي بچائڻ ۾ گهڻي
جانفشاني ڪئي. برابر پنجاهه ڏينهن تائين اِسلامي
فوجن شهر تي گهيرو ڪيو. آخر قلعي جي ديوارن کي
مسمار ڪري شهر ۾ گهڙيا. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته اٽڪل
30،000 ڪفار اِسلام جي فوجن هٿان جهنم رسيد ٿيا.
ڪن وري 90،000 تعداد ڏيکاريو آهي.
اَبو تمام عموريه جي معرڪي کي شاعرانه مزاق ۾ هن
ريت قلمبند ڪري ٿو ته:
”معتصم فريادين جي اِمداد جي عشق ۾ ڪيف آور شراب
جي جام ۽ نازنينانِ عرب جي شيرين لبن جي لذت ۽
بزمِ حرم کي خيرباد چئي لبيڪ پڪاري تلوار خون آشام
سان مياڻ مان ڪڍي رزمگاه ڏي اُٿي هليو.“
رومي فوجي مهندار بطيس فوجن سميت قيد ٿي بغداد ۾
آيو. اميرالمومنين فوجن کي قسطنطنيه تي حملي ڪرڻ
لاءِ حڪم ڏنو ۽ اسلامي فوجن باسفورس جي ڪناري تي
وڃي خيما کوڙيا. پر افشين جي غدارئ ڪري هئ مهم
رڪجي ويئي ڇو جو سن 224هه ۾ اَفشين جي اشاري تي
طبرستان ۾ مجوسي سردار ماذيار فساد ڪيو. هوڏانهن
بغداد ۾ خليفي کي غير حاضر ڏسي عربن شهزادي عباس
کي پنهنجو خليفو تسليم ڪيو. جڏهن خليفي کي جنگ جي
ميدان ۾ مٿين فسادن جي خبر پهتي تڏهن عبدالله بن
طاهر کي فوجون ڏيئي سندن مقابلي لاءِ موڪليائين.
جنهن افشين ۽ ماذيار کي گرفتار ڪري آندو. خليفي
کين افشين جي محلات ۾ نظر بند رکيو، جتي ٻئي غدار
بک جي وگهي مري ويا. چون ٿا ته افشين بت پرست هو.
جيئن ته سندس محلات ۾ ڪيترائي بت رکيل هئا. بغداد
جي فساد ڪري لاچار اميرالمومنين رومين سان
عهدنامون ڪري سن 227هه ۾ موٽي پنهنجي تختگاهه
سمارا ۾ آيو. جتي 19 ربيع الاول ڪنهن اوچتي بيمارئ
وگهي وفات پاتائين. هن جملهء 8 ورهيه 8 مهينا ۽ 8
ڏينهن حڪومت ڪئي. مرڻ وقت سندس عمر 39 سال هئي.
خليفو معتصم بالله جيتوڻيڪ عالم يا فاضل ڪين هو ته
به پنهنجي ڀاءُ مامون وانگر خلق قرآن جو اعلان ڪيو
هئائين. جنهن ڪري ڪيترن ئي وقت جي علمائن سندس
اعلان جي مخالفت ڪئي هئي. مٿئين جرم ۾ هن گهڻن ئي
کي سزائون به ڏنيون هيون. جيئن ته اِمام احمد بن
حنبل کي قيد ڪري سندس پيرن ۾ ڳريون ٻيڙيون
وجهرايون هئائين. جو اِمام صاحب مشڪل سان نماز
پڙهي سگهندو هو. چون ٿا ته جڏهن خليفو روم جي مهم
کان فارغ ٿي بغداد ۾ آيو تڏهن ٻيهر اِمام صاحب کي
گهرائي ساڻس بحث ڪيائين. پر هن جواب ڏنو ته ڪتاب
الله ۽ سنت رسول کان سواءِ مان ڪائي ڳالهه قبول نه
ڪندس. خليفي کي هن جواب تان غصو لڳو ۽ جلادن کي
حڪم ڏنائين ته اِمام کي درا هڻو. پر اِمام صاحب
پنهنجي عبادت ۾ لڳو رهيو. کيس جلاد درا هڻندا رهيا
جڏهن اُڻهويهه درا لڳس تڏهن غشيءَ ۾ ڪِري پيو.
سندس ڪلهن ۽ پٺن کان رت وهڻ لڳو. مطلب ته خليفو
اِستقلال جي هن فرشتي جي جراءت ڏسي
دهلجي ويو ۽ اِمام سڳوري کي کڻي آزاد ڪيائين.
اَميرالمومنين طبيعت جو شوخ ۽ نهايتي سنگ دل هو.
ڪنهن کي به مجال نه هئي جو درٻار ۾ ساڻس روبرو
بيهي سگهي، پر مشهور قاضي القضاة احمد بن اَبو
دائود سندس اُهو اهلڪار هو، جو پنهنجي حق گوئي جي
ڪري مشهور ليکجي ٿو. جنهن خليفي کي گهڻن ظلمن ڪرڻ
کان روڪيو.
صدائق الحنفيه ۾ لکيل آهي ته اِمام اَبو يوسفرحه
جي پوئلڳن مان بشر بن اَلوحيد بن خالد ڪندي، جو
وقت مشهور محدث ٿي گذريو، جنهن کي خليفي ڪن ڳالهين
جي ڪري قيد ۾ وڌو، پر هن حق جي فرشتي خليفي کي چيو
ته تنهنجي خوش ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي عقيدي کي مٽائي
نٿو سگهان! نه وري وقت جي بادشاهه جي ظلم جي خوف
کان پنهنجي ضمير جو گهات ڪري سگهان ٿو.
|