هندن جا پراڻا راڄ
عيسوي سن کان 1000 ورهيه اڳي کان عيسوي 300 ورهيه
اڳ تائين آريه لوڪن جا سردار پنهنجن قومن سوڌا
هندوستان جي ندين جي ماڙين ۾ ويا وڌندا. هو اتر
هندوستان کان نڪري ونڌيا جبلن کي لتاڙي دکن جي
مهاندي، گوداوري ندين جي ڪپن تي وڃي گهر ڪري ويٺا.
اُن زماني ۾ سڀني زور وارو راڄ (مگڌ) يا ڏاکڻئي
بهادر جو هو. هن اوڀرندي ۾ ونگ يعني بنگالي ديس جو
بنياد وڌو. اولهندي ۾ ڪلنگ يعني اوڙيسا جو راڄ
ليکبو هو. مالواه جي سهڻي ٽڪرائتي ملڪ جنهن کي
چنبل ندي آباد ڪري ٿي، سو اَونتي جي نالي سان پڌرو
هو. گجرات جي ڀاڱي کي (سوراشٽرسڏيندا هئا. دکن ۾
گوداوري نديءَ جي ماٿريءَ سان لاڳيتو (انڌرا) جو
راڄ هو. ڏکڻ هندوستان ۾ دراوڙ لوڪ رهندا هئا، جي
ناگن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندا هئا پر پوءِ برهمڻن جي
ديوتائن برهما، وشنو ۽ شِو کي پنهنجو ڪري مڃڻ لڳا،
پر اِن هوندي به پنهنجا پراڻا ديوتائون ۽ اعتقاد
هنن ڪين ڇڏيا، هندڪي ڌرم ۾سندن پراڻن ديوتائن جي
به پوڄا ٿيڻ لڳي.
ڏکڻ هندوستان ۾ سڀ کان آڳاٽي زماني کان وٺي چار
وڏا راڄ هئا. پهريون هو پانڊيا جو راڄ، جو ڏکڻ ڏي
تامل ديس ۾ هو. هتي جو مکيه شهر مدورا هو. پانڊيا
جي اُتر ۾ چولا جو راڄ، اهو به تامل ديس ۾ هو،
جنهن جو مکيه شهر ڪانچي يا ڪانجي ورم هو. ٽيون هو
چيوا ڪرناٽڪ ديس، جنهن کي هاڻي ميسور چون ٿا.
چوٿون هو ڪيرالا اُلهندي گهاٽن ۽ سمنڊ جي وچ وارو
ملڪ، جنهن کي هاڻي ملبار ۽ ٽرانونڪور ڪوٺين ٿا.
چولا ۽ پانڊيا ٻن تامل راڄن ۾ سدائين يڌ (جنگ) لڳي
پيئي هئي.
قديم آريا جيڪي هندوستان ۾ آيا، سي پاڻ کي هندو
سڏائڻ لڳا. برهمڻ منجهن خاص ذات هئي. هو ديوتائن
جي پرارٿنا ڪرڻ، شعر لکڻ ۽ قاعدن جوڙڻ جو ڪم ڪندا
هئا. سندن وڏا ڪتاب ويد هئا سندن شعرن جا ٻه وڏا
ڪتاب مهاڀارت ۽ رامائڻ مشهور هئا. هنن پنهنجي ٻولي
سنسڪرت جو ڏاڍي خبرداريءَ سان اڀياس ڪيو. هنن صرف
۽ نحو جوڙيو. هو نجوم ۾ به ماهر هئا. علم هندسه ۽
رياضيءَ ۾ هنن نالو ڪڍيو. پائيني مشهور صرف و
نحودان هو. منجهن وڏا وڏا فيلسوف به هئا. مثلاً
سانکيا طريقه جو بنياد ڪپيلا وڌو. عيسوي سن کان
200ورهيه اڳي پتنجليءَ يوگ جو طريقو ڪڍيو. ٽيون
طريقو گوتم ڪڍيو، جنهن کي ”نياءُ“ ڪوٺيندا آهن
”وشيتڪ طريقو“ ڪنادرشيءَ وڌو. مَنوَ جو ڌرم شاستر
راجائن ڪاڻ قانونن جو ڪتاب هو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو،
ته هو راڄ ڪيئن هلائين. ٻڌ ڌرم جيئن پوءِ تيئن ويو
زور وٺندو. سندس باني ساڳيا قوم جي راجا سڌوڌن
کشتريءَ جو پٽ هو. سندن تخت گاهه ڪپل وستو هو.
گوتم پنهنجي زال يسوڌرا ۽ پٽ کي ڇڏي پٽنا جي ڏکڻ ۾
گيا جي مندرن ۾ وڃي رهيو. سندس اهو متو هو ته
”ماڻهو مرن ٿا تنهن کان پوءِ سندن آتمائون ٻين
ماڻهن يا ساهه وارن ۾ وڃي ٿيون پون ۽ گهڻا جنم وٺن
ٿيون“ عيسوي سن کان 242 ورهيه اڳي اشوڪا مگڌ جي
وڏي راجا هن ڌرم جي ٽين سڀا گڏ ڪئي. 30 ورهيه تنهن
کان پوءِ ستين لوڪن جي راجا ڪنشڪ چوٿين پوئين سڀا
گڏ ڪئي. هي فرقو ويو وڌندو، جيئن ته هندوستان
کانسواءِ برما، چين تبت ۽ وسط ايشيا تائين پکڙجي
ويو. يعني عيسوي 300 ورهيه اڳي کان وٺي 700 عيسوي
سن تائين، ٻڌ ڌرم جو زمانو ڪري چئجي. ڇاڪاڻ جو
اُنهي زماني ۾ ٻُڌ ڌرم درجه بدرجه هندوستان ۾ مکيه
ڌرم ٿي ويو هو.
جين ڌرم
جنهن زماني ۾ ٻڌ اُپديش ڪيو، ساڳئي زماني ڌاري ٻئي
هڪڙي کشڙي راجا ورڌمن، جنهن پاڻ کي ”مهاوير“
سڏايو، جدا جين ڌرم جو بنياد وڌو، جو اُتر
هندوستان ۾ ٿي گذريو. سندس مرڻ کان پوءِ 200 ورهيه
جڏهن مگڌيش (مگد) ۾ ناليرو چندر گپت راجا هو، تڏهن
اُتي وڏو ڏڪار پيو. اُنهيءَ وقت گهڻا چيني ڏکڻ
هندوستان ۾ ميسور ۽ ڪانارا ۾ وڃي رهيا. هن وقت هن
ڌرم جا ڦٽي ٻه فرقا ٿيا، هڪڙا ”سويتم ور“ جن جا
مهنت اڇا جاما پهريندا هئا ۽ ٻيا ”دگم ور“ جي اصل
ڪپڙا ڪين ڍڪين. اڃا تائين 15 لک جيني هندوستان جي
ڌار ڌار ڀاڱن ۾ رهن ٿا، ڪنهن به جيت کي ڪين
ماريندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو ڀائيندا آهن ته مرڻ
پڄاڻان ماڻهوءَ جون آتمائون ٻين ساهه وارن ۾ وڃي
ٿيون پون ۽ وري وري جنم وٺن ٿيون. سندن مندر شهرن
۽ ماڻهن جي گهرن کان پري گهاٽن ٻيلن ۽ ٽڪرين تي
آهن. هو بت پرست آهن، ڪانارا ضلع ۾ ڪرڪل ۾ جيڪا
پٿر جي مورت آهي سا 42 فوٽ اُتاهين آهي! گجرات ۾
پاليتانا، گرنار ۽ اَبو پهاڙ تي سندن مندر جڙيل
آهن. جن ۾ بت رکيل آهن.
يونانين جون ڪاهون
آريه لوڪ، جي ايران ۾ ويا، تن اُتي هڪڙي وڏي
بادشاهت وڃي ٺاهي . 500 ورهيه ق م ايران جي سلطنت
سنڌو درياهه کان وٺي سڄي مغربي ايشيا تي هئي، جن
کي هاڻي روم، ايران، افغانستان، ترڪستان ۽ پنجاب
سڏين ٿا. هتي جي بادشاهه زر ڪسيس يونان تي ڪاهه
ڪئي هئي، پر شڪست کائي تڙجي ويو. ايرانين جي مٿئين
هار کان پوءِ سڪندر مقدونيا جي حاڪم يونان تي قبضو
ڪري 35000 يونانين جي لشڪر سان ايران تي ڪاهي هتي
جي بادشاهه دارا کي شڪست ڏيئي افغانستان، ترڪستان
هٿ ڪري خيبر جي دري کان هندوستان ۾ آيو. پنجاب جي
هندو راجا پورس کي جيتي سڄي هندوستان فتح ڪرڻ جو
خيال ڪيائين، پر سندن لشڪر ٿڪل هو، جو گهڻي مسافري
ڪئي هئائين. آخر موٽندي بابل جي شهر ۾ مُئو. کانئس
پوءِ سندس سپهه سالار سيليوڪس بخترا ۾ بيٺڪ وجهي
راڄ ڪيو. سندس سفير ميگا ٿينيز هندوستان جي راجا
چندر گپت وٽ رهندو هو. مٿيون يوناني سفير جو پٽنا
۾ رهندو هو، سو لکي ٿو ته 347 ورهيه ق.م هندوستان
۾ 118 هندن جا راڄ هئا. يونانين سَوکن ورهيه بخترا
تي حڪومت ڪئي، پوءِ هو تاتارين ۽ تورانين هٿان
تڙجي ويا.
316 ورهيه ق.م. مگڌ جوراڄ چندر گپت زوروارو ٿي
گذريو. گنگانديءَ کان پنجاب تائين هن ملڪ کي آريه
ورت سڏين ٿا، هتي جي اڳوڻن آريه وديهن، پنچلان،
ڪوسلن ۽ ڪاسي ماڻهن جا راڄ به منجهس اچي ويا. بقول
ميگا ٿينيز ته مگڌ جو تخت پٽنا (پٽاليپترا) 9 ميل
ڊگهو هو ۽ راجا وٽ 6 لک پيادا ۽ 40 هزار سوار فوج
هئي. اشوڪا اعظم هن جو پوٽو هو. مصر، يونان ۽ شام
جي يونانين جي حاڪمن ساڻس عهدناما به ڪيا هئا. 222
ق.م مئو. کانئس پوءِ چاليهه ورهيه مٿئين موريا نسل
جي پڄاڻي ٿي. آرين جي انڌرا قوم جنهن دکن ۾
ديلنگانه ۾ حڪومت ڪئي، تن 26 ورهيه ق.م. مگڌ جو
راڄ کٽيو، سندن 26 راجائون ٿي ويا جن يوناني ۽
تاتارين (سٿين) کي اوڀر ندي هندوستان ۾ اچڻ کان
روڪيو. اُهي به ٻڌ ڌرم جا پوڄاري هئا.
عيسوي 300 ورهيه ڌاري گپتا گهراڻي قنوج ۾ حڪومت
ڪئي ۽ انڌرا گهراڻي جي جاءِ ورتي، 200 ورهين تائين
سندن زورقائم رهيو. سندن نامور راجا سَمُدر گپتا
ٿيو، جو سڄي هندوستان تي حڪومت ڪندو هو. هو وشنوءَ
جو پوڄاري هو. سٿين جي وڏي قوم ”هُن“ گپتن کي ماري
چٽ ڪري ڇڏيو.
وڪرما جيت ۽ سلاجيت
سٿين لوڪن جا اُڙد جيڪي بخترا يا ترڪستان مان
هندوستان ۾ آيا. منجهن زور واري ”هُن“ قوم هئي، جي
پوءِ هندوستان ۾ رهي هندن سان رلي ملي ويا هئا.
سندن مهندار تورمن نالي هو. سندس پٽ مهر ڪُل مالوه
جي ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ وس ڪيا. پر اُجين جي راجا
يَسو ڌرن ديو ملتان جي ويجهو سن 533ع ۾ هن کي شڪست
ڏني. يَسو ورڌن هندوستان ۾ وڪرما جيت جي نالي سان
مشهور آهي. هو اُنهيءَ زماني جي هندو راجائن کان
وڌيڪ مشهور آهي. سندس ڪچهرئ ۾ نوَ ماڻهو رهندا
هئا، جي اُنهي زماني جا نوَ رتن سڏبا هئا. اُنهن
مان مها ڪَوي ”ڪاليداس“ مشهور شاعر ٿي گذريو. ٻيو
رتن امر سنهن جنهن جي سنسڪرت لغت مشهور آهي. ٽيون
رتن ڌن ونتري جو ويد هو. چوٿون رتن ورارچي جنهن
پراڪرت ٻولي جو صرف ونحو جوڙيو. پنجون واراهه مهر
جو وڏو هيئت دان هو. پنج تنتر جون آکاڻيون وڪرم جي
ڏينهن ۾ جڙيون. جي پوءِ فارسي ۽ عربئ ۾ ترجمو ٿيون
۽ عربئ تان يورپ جي زبانن ۾ ترجمو ٿيون. وڪرماجيت
شِوَ جو پوڄاري هو. اڃا تائين وڪرمي نسبت ليکجي
ٿو.
(هئوئين چئنگ) چيني سياح جڏهن قنوج ۾ ويو، تڏهن
اُتي سلاجيت جو راڄ هو. جو وڪرماجيت جي پيڙهئ مان
هو. سن 634ع ۾ هن هڪ وڏي قنوج ۾ سڀا گڏ ڪئي. 21
راجائون هن سڀا ۾ آيا ۽ ڌرم تي بحث هليو. سڀا جي
پهرئين ڏينهن ٻڌ جي مورت، ٻئي ڏينهن وري سورج
ديوتا جي مورت ۽ ٽئين ڏينهن شِوَ جي مورت دکي
ويئي. 75 ڏينهن تائين ڀنڊارو هليو. تنهن کانپوءِ
سلاجيت سڀ خزانا هيرا جواهر شاهي اسباب ڀڪشن ۽
برهمڻن کي ورهائي ڏنا. پوءِ شاهي لباس لاهي لڳڙا
کڻي ڍڪيائين ۽ گيا ۾ ڀڪشن جي محفلن ۾ رهندو هو. سن
533ع کان وٺي اٽڪل سن 1000ع تائين ڪا ناليواري قوم
هندوستان ۾ ڪانه آئي. ڇاڪاڻ جو هندوستان جي ڀر
وارا ملڪ ترڪستان، افغانستان ۽ ايران تي اسلام جو
قبضو ٿي چڪو هو ۽ اُتي جا رهاڪو مسلمانن سان جنگين
۾ رڌل هئا. مسلمانن جي ڪاهه کان اڳ راجپوت راجائن
جو هندوستان ۾ راڄ هو.
راجپوت
عيسوي 600 کان 1200 عيسوي تائين ڏسجي ٿو، ته جتي
ڪٿي راجپوتن جي حڪومت پئي هلي، اُهي ڪير هئا؟ هو
پاڻ چون ٿا ته اسين رام ۽ ڪرشن جو اولاد آهيون.
(والله اعلم) پر راجپوت جي معنى آهي راجائن جا پٽ.
ائين ڏسجي ٿو ته دهلي ۽ قنوج وارا بلڪل نج کشتري
ٻج مان هئا، باقي ٻيون راجپوت قومون جي راجپوتانا،
مالوه ۽ گجرات ۾ رهن پيون سي سٿين جو اولاد هيون.
(1) گجرات ڪرشن جو ديس سوراشتر سڏجڻ ۾ آيو. اُتي
ولڀي گهراڻي جي راجائن 416ع کان وٺي ٽي سؤ ورهيه
راڄ ڪيو. اٽڪل 766ع کان وٺي ويندي مسلمانن جي
زماني تائين سوراشٽر تي راجپوتن
ڪومتح
حڪومت
ڪئي. اُنهن جي گادئ جو هنڌ انهلوارا يا انهل پٽن
هاڻي پٽن جي نالي سان پڌرو آهي.
(2)وڪرما جيت جو راڄ مالوا ۽ سندس جاءِ نشين اٽڪل
730ع تائين راڄ ڪيو.
(3) اوڙيسا هتي ڪيسري راجائن راڄ ڪيو. ڪيسري
راجائن کان پوءِ ٻئي هڪ راجپوت گهراڻي 1132ع کان
1534ع تائين چار سؤ ورهيه حڪومت هلائي. ڀُو
وَنيشو، پُري ۽ جگناٿ ۾ سندن مندر هئا وشنوءَ جا
پوڄاري هئا.
چالوڪيه راجپوتن نربدا ۽ ڪرشنا ندي جي وچ واري ملڪ
دکن تي 500ع کان 1200ع تائين 700 ورهيه راڄ ڪيو.
سندن ٻه شاخون هيون. هڪڙن جي گادئ جو هنڌ راج
مندرئ ۾ هو، ٻي شاخ وارن جو تختگاهه مهارا شٽر ۾
ڪلياڻ ۾ هو.
(5) ”بيلال“ گهراڻي جي راجپوت راجائن ميسور جي ملڪ
۾ اٽڪل 900ع کان وٺي 1310ع تائين حڪومت ڪئي، اُنهن
جي گادئ جو هنڌ دورا سمدر هو جتي هنن هاليڊ جو
مندر جوڙيو.
(6) ”ڪاڪٽي“ گهراڻي جي راجپوتن راجائن اٽڪل 1100ع
کان وٺي 1323ع تائين تيلنگانه ۾ حڪومت ڪئي پوءِ
اسلام جي دور ۾ گولڪنڊه سڏجڻ ۾ آيو.
(7) پال ۽ سين راجائن 500 ورهيه کن بنگال ۾ حڪومت
ڪئي. هنن 1300ع تائين حڪومت ڪئي پوءِ مسلمانن هٿان
جيتجي ويا.
(8)”يا دو“ اُنهن ديوگرئ ۾ اٽڪل 1100ع کان وٺي
اٽڪل 1300ع تائين حڪومت ڪئي. 1300ع ۾ مسلمانن فتح
ڪري مٿس دولت آباد نالو رکيو.
(9) دهلي، قنوج ۽ اجمير به راجپوتن جا گهراڻا هئا.
راٺوڙ، چوَهاڻ، تومار ۽ ٻگهيلا سندن مشهور ذاتيون
هيون جن جو ذڪر هيٺ ڏبو.
اسلام
کان اڳ هندوستان جو ڏيک
هندوستان تي اسلامي ڪاهون
برخیز و پیالہ راز مے پرگردان
باشد کہ غم جہان بہم در شکنم
هندوستان تي اڪثر اُتر اُلهندي کان اسلام جا حملا
ٿيندا رهيا. پهريون عربن محمد بن قاسم ثقفيءَ جي
هٿ هيٺ هن ملڪ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ فتح ڪيائون. بقول
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب ته بني عباس
خاندان جي پنجويهين خليفي قادر بالله وٽ فردوسي
شاعر ڀڄي اچي پناهه ورتي. سلطان محمود غزنوي سندس
ٻانهن لاءِ گهر ڪئي. پر خليفةالمسلمين ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. تنهن تي سلطان ڪاوڙجي سندس ملڪ جي ڪن
ڀاڱن تي ڪاه ڪئي. سن 1025ع ۾ هندوستان جي سنڌ ۽
پنجاب واري ڀاڱي تي ڪاهه ڪري ملتان ۽ اُچ جا شهر
ورتائين. پوءِ سندس وزير عبدالرزاق سڄي سنڌ فتح
ڪئي. هندوستان ۾ سنڌ جو علائقو جو اڳ عربن جي هٿ
هيٺ هو، سو هينئر غزنئ جي سماني سلطنت سان لاڳو ٿي
ويو. غزنئ جا تاجدار ترڪي نسل مان ڪين هئا، بلڪه
سماني (ايراني) هئا. ڇاڪاڻ جو ”ابواسحٰق الپتگين“
جو هن خاندان جو باني هو، سو پنجين پيڙهيءَ ۾
يزجرد مان هو. سلطان محمود غزنوي جنهن کي بغداد جي
بارگاهه خلافت مان (يمن الدوله) جو خطاب مليل هو،
تنهن سترهن ڀيرا هندوستان تي ڪاهون ڪيون هيون. پر
هندوستان ۾ ڪنهن مستقل سلطنت جو بنياد ڪونه وڌو
هئائين، ڇاڪاڻ جو اُن زماني ۾ عباسي سلطنت گهڻو
ڪمزور ٿي ويئي هئي. تنهنڪري هر ڪنهن ملڪ جي حاڪم
خودمختياري اختيار ڪئي هئي. تنهن صورت ۾ سلطان
محمود غزنوي سمورو وقت خراسان ۾ جنگين ۾ رڌل هو.
فقط پنجاب پرڳڻي جا قلمرو غزني سان شامل هئا.
سمانيه خاندان کانپوءِ غور خاندان وارن غزني تي
قبضو ڪيو.
غوري خاندان
“The Ghorides”
سلطان علاءُ الدين حسن جهان سوز
سن 552هه مطابق سن 1157ع ۾ اَفغانستان جي اُڀرندي
۾ هڪڙو نئون خاندان جاڳيو، جنهن سمانيه خاندان جو
پُڄاڻو ڪري ڇڏيو. سن 550هه ۾ هن خاندان جي باني
علاؤالدين حسن غزني فتح ڪري هتي غور
GHOR
خاندان جو بنياد وڌو. کيس جهان سوز جي لقب سان
اِنڪري ياد ڪن ٿا، جو هن غزنئ کي باهه ڏياري هئي.
سلطان محمود جا پويان، جي ڪم طاقت هئا، تن کي هن
لاهور ڏي ڀڄائي ڪڍيو، جي پنجاب تي حڪومت ڪرڻ لڳا.
علاؤالدين حسن خراسان فتح ڪرڻ جو اِرادو ڪيو. پر
سلطان سنجر اڳتي وڌڻ نه ڏنس، جو پوءِ هو هندوستان
تي حملا ڪرڻ لڳو. سن 1156ع ۾ هن وفات ڪئي.
(اِنالله واِنا اِليھ راجعون). کانئس پوءِ سندس
فرزند سيف الدين غور جي تخت تي ويٺو پر ستت ئي
انتقال ڪيائين. کانئس پوءِ سندس سؤٽ غياث الدين
جاءِ نشين ٿيو. جنهن سن 569هه مطابق سن 1163ع ۾
غزنئ جو تختگاهه غوري سلطنت سان لاڳو ڪري ڇڏيو. سن
571هه ۾ غياث الدين جي ڀاءُ معزالدين محمد بن سام،
جو پوءِ شهاب الدين محمد جي لقب سان تخت تي ويٺو،
جو هن وقت غوري لشڪر جو سپهه سالار هو، تنهن ملتان
فتح ڪيو. سن 582هه ۾ سمانيه خاندان جي پوئين حاڪم
خسرو مَلڪ کي قيد ڪري مارائي ڇڏيائين. جڏهن پنجاب
۾ باقي سندس ڪوبه حريف ڪونه رهيو تڏهن سر زمين هند
جي هندو راجائن کان فتح ڪرڻ ۽ اسلامي فتوحات جي
دائري کي وسيع ڪرڻ جو پڪو اِرادو ڪيائين.
سلطان غازي شهاب الدين
سلطان غازي شهاب الدين غوري اِسلام جو پهريون
بادشاهه هو، جنهن هندوستان جي هندو راجائن کي مات
ڪري هتي اِسلامي سلطنت جو بنياد وڌو. هن وقت
هندوستان جي اُتر ۾ هندو راجپوت راجائن جون جداجدا
حڪومتون هيون. جن مان دهلي اَجمير، قنوج ۽ گجرات
جون مضبوط حڪومتون هيون. جتي سندن مختلف قبيلا
رهندا هئا. مثلاً اَجمير ۾ چوهاڻ، قنوج ۾ راٺوڙ ۽
گجرات ۾ ٻگهيلا نسلن جا حاڪم حڪمراني ڪندا هئا.
ستت ئي اَجمير ۽ دهلي جون حڪومتون گڏجي هڪ ٿيون ۽
مٿن ”پرٿوي راج“ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو سڀني راجپوت
راجائن ۾ مضبوط ۽ مغرور هو. قنوج جي راجا جيئچند
کان اهڙو سور سَٺو نه ٿيو ۽ هن غازي شهاب الدين کي
هندوستان تي حملي ڪرڻ لاءِ دعوت موڪلي. سن 1190ع ۾
غازي موصوف پهريون گهمرو هندن سان مقابلو ڪيو، پر
پرٿوي راج کي هن ڀيري هڪ سؤ راجائن مدد ڏني
”ٿانيسور“ جي ويجهو تراوڙي جي ميدان ۾ سخت مقابلو
ٿيو. راجپوت دل کولي وڙهيا ۽ غزنئ جي فوجن سخت
شڪست کاڌي. هو غزنئ ڏانهن موٽي ويو. جتي پنهنجي
لشڪر جي اميرن جي بزدلئ جي عيوض سندن منهن گهوڙن
جي توٻرن ۾ وجهائي غزنئ جي بازارن ۾ گهمڻ لاءِ حڪم
ڏنائين ته ڀل آئينده لاءِ دل کولي وڙهن.
اگر غم لشکر انگیزد کہ خونِ عاشقان ریزد
میں و ساقی بہم سازیم و بنیادش براندازیم
سميڪتا جي چشم فسون گر جي ڪري راجپوتن جي طاقت کي
شڪست
راچپوت قوم بهادر هئي. منجهن غيرت ۽ عزت جو مادو
هو. جنگ جي ميدانن ۾ بهادرئ سان مقابلو ڪندا هئا.
هو تلوار جا ڌڻي هئا، تير اندازئ ۾ هو ڪامل شهسوار
هئا. اڳ جڏهن غور جي مجاهد مٿن ڪاهه ڪئي تڏهن هنن
اهڙي جانبازئ سان مقابلو ڪيو، جو اسلام جي مجاهدن
جي به اک پٽجي پئي ۽ غازي شهاب الدين اڳين شڪست جي
بدلي وٺڻ لاءِ منتظر هو. پر قدرت جا ڪارناما به
ڏسو، ته ڪيئن هن اسلام جي فتوحات لاءِ سرزمين
هندوستان جي شاهراهه کي صاف ڪري ڇڏيو. قنوج جي
راجا جئچند جي ڌئ شهزادي سميڪتا جي حسن ۽ ناز
پرورئ جي طول ۽ عرض ڪشور راجستان ۾ ڌوم متل هئي.
گهڻائي راجپوت سورما سندس چشم فسون گر جي منتر جو
شڪار ٿي چڪا هئا. راجا جئچند جي پرٿوي راج سان
جيتوڻيڪ ڪن سياسي ڳالهين جي ڪري ناچاڪي هئي، پر
حضرت عشق جي ڪارنامن ڏي به ٿورو غور ڪري ڏسو جو
سميڪتا هزار دلين سان پرٿوي راج تي فدا هئي. ڇاڪاڻ
جو سڀني راجپوت راڻن ۾ هو خوبصورت جوان هو. خدا جي
قدرت ڏسو ڪاؤنٽ جولين جي ڌئ شهزادي فلوريڊا سان
جڏهن اسپين جي بادشاهه راڊرڪ غير جائز محبت رکي،
تڏهن عيسائين ۾ نفاق پئجي ويو ۽ ڪاؤنٽ جولين
مسلمانن جو ڦري مددگار ٿي بيٺو ۽ مسلمانن کي اسپين
تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ سندن رستو کولي ڇڏيائين، ساڳي
حالت راجپوت سورمن سان ٿي.هڪڙي ڀيري جڏهن گهڻائي
راجپوت شهزادا قنوج جي درٻار ۾ پنهنجئ قسمت آزمائڻ
لاءِ حاضر هئا، تڏهن پرٿوي راج به ويس بدلائي هن
محفل ۾ حاضر هو. سميڪتا جي هٿ ۾ هار هو. نهايتي
مستاني ادا سان کُلئي درٻار ۾ اچي حاضر ٿي، هرڪو
منتظر هو ته ڪنهن جي ڳچي ۾ هار وجهندي ڇاڪاڻ جو
راجپوتن ۾ اها قديم رسم هئي ته شهزاديون پاڻ لاءِ
وَر پاڻ ڏسي اِنتخاب ڪنديون هيون. پس سميڪتا به
هينئر پيءُ جي کليءَ درٻار ۾ پاڻ لاءِءِ وَرُ ڳولڻ
نڪتي، پر پرٿوي راج، جو سندس چشم منترساز جواڳ
گهائل هو ۽ سميڪتا، جا سندس نگاهن جو شڪار ٿي چڪي
هئي، تنهن سڀني راجڪنورن جي اُميدن کي پائمال ڪري
وڃي پرٿوي راج جي ڳلي ۾ محبت جو هار وڌو. بس وجهڻ
جي دير هئي. پرٿوي راج جا جانباز ڪي راجپوت سوار
دروازي کان ٻاهر اڳ اشاري جا منتظر بيٺل هئا، پوءِ
پرٿوي راج کيس ڀاڪر ۾ وجهي گهوڙي تي چاڙهي کليءَ
درٻار مان ڪافور ٿي ويو. وٺ وٺ ٿي ويئي، پر ٻئي
طرف سندس همراهن مياڻ مان تلوارون ڇڪي ورتيون.
درٻار جو پل ۾ نقشو بدلجي ويو. ڪنهن کي ڳجهه جي
خبر ڪانه پئي ته ڇا ٿي ويو.
در رہِ لیلی کہ خطر ہاست بسے
شرط اول قدم آن است کی مجنون باشی
مٿيون قول پرٿوي راج ثابت ڪري ڏيکاريو، پر چوهاڻن
۽ راٺوڙن جي اچي ويڙهه شروع ٿي. شهاب الدين غوري
رحه جو موقعه جو منتظر هو، سو اهڙو
وجهه ڏسي سن 1193ع ۾ مجاهدن جي زبردست فوج وٺي
ميدان ۾ نڪتو. تراوڙيءَ جي ٻيءَ جنگ ۾ اسلامي فوجن
راجپوتن کي سخت شڪست ڏني، پرٿوي راج ۽ ٻيا گهڻائي
راجائون جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي ويا. اجمير ۽ دهلي
تي مسلمانن قبضو ڪيو. سن 1194ع ۾ غازي موصوف قنوج
تي ڪاهه ڪئي. راجا جئچند به قتل ٿي ويو. بهار ۽
بنگال جا رستا پاڻمرادو اسلامي فوجن لاءِ کُلي
پيا. راجپوتن کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ سلطان گجرات،
ڪالنجر ۽ گواليار تي ڪاهون ڪري مٿيان علائقا فتح
ڪيا.
سلطان هند خواجه معين الدين چشتي
سلطان الهند خواجه معين الدين چستيرحه
هن سلطان جي ڏينهن ۾ هندوستان ۾ قدم فرمايو. خواجه
صاحب اصل ايران جي ڳوٺ سنجر جا رهاڪو هئا. هڪڙي
ڀيري جڏهن حج تي ويا تڏهن بارگاهه رسالت مان کين
هندوستان ڏي وڃڻ لاءِ حڪم مليو. خواجه صاحب
هندوستان ۾ آيا ۽ اجمير شريف ۾ رهڻ لڳا. سندن فيض
۽ ڪرامت جي ڪري اِسلام گهڻي ترقي ڪئي. سندن مزار
مبارڪ به اجمير آهي جتي سال بسال وڏو ميلو لڳندو
آهي. پاڻ هندوستان ۾ وڏا اولياء شمار ڪيا وڃن ٿا.
غلام گهراڻو
“The House of Slaves”
سلطان
قطب الدين ايبڪ
سن 1193ع ۾ سلطان شهاب الدين جي ڀاءُ غياث الدين
وفات ڪئي، جنهنڪري کيس هندوستان ڇڏڻو پيو. موٽڻ
مهل پنهنجي سپهه سالار قطب الدين کي، جو دراصل
سندس غلام هو ۽ پنهنجي سعادتمندئ جي ڪري وڃي ايڏي
رتبي کي پهتو هو، دهلئ جي تخت تي ويهاري هندوستان
جي سموري فتح ڪيل دولت سندس سپرد ڪري پنهنجي وطن
ڏانهن موٽي ويو. مسلمان بادشاهن جي فياضي ۽ مروت
ڏي به ٿوري نظر ڪريو، جو هندوستان جهڙي سلطنت
پنهنجي غلامن جي سپرد ڪيائون. ڀاءُ جي مرڻ کانپوءِ
ٿورو وقت غازي شهاب الدين غزنئ جي تخت تي رهيو. سن
602هه مطابق سن 1206ع ۾ هن فاني جهان مان لڏي
دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. اِناللهِ واِنا اليھ
راجعون. کائنس پوءِ غزني جي تخت تي به سندس غلامن
حڪومت ڪئي. جن کي فرزندن کان به وڌيڪ پيار ڪندو
هو.
سلطان سخي قطب الدين ايبڪ، سلطان الغازي شهاب
الدين جي سڀني غلامن مان تربيت جو صاحب هو. غازي
موصوف کي اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هن کي هندوستان
جو تخت ۽ تاج سپرد ڪيائين. سلطان قطب الدين سن
592هه ۾ تاج الدين يلدوز جي نياڻي سان شادي ڪئي.
هو جنگ ۾ بهادر، دانا ۽ فياض هو. رعيت کيس گهڻو
پسند ڪندي هئي. هن پنهنجن اهلڪارن ۽ ٻين گهڻن
محتاجن کي زمينون بطور جاگير جي سرفراز ڪيون ۽
بيشمار ناڻو خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪيائين. سندس
ڏينهن ۾ راجپوتن سرڪشي ڪئي، پر کين شڪست ڏيئي
سلطان پنهنجي يادگيري لاءِ دهلي ۾ (قطب مينار)
جوڙايو، جو سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس سڄو قرآن شريف
اُڪريل آهي. 258 ڊگهو آهي. اڃا تائين پراڻي دهلي ۾
موجود آهي ۽ قطب صاحب جي لاٺ جي نالي سان مشهور
آهي. هن جمله 4 ورهيه حڪومت ڪئي. سن 1210ع ۾ لاهور
۾ وفات ڪيائين. اناللهِ وانا اليھ راجعون. لاهور
جي اَنارڪلي بازار ۾ سندس مزار موجود آهي.
سلطان التمش
سلطان قطب الدين کانپوءِ سندس پٽ (اَبو المظفر
آرام) دهلئ جي تخت تي ويٺو. هن هڪ سال راڄ مس ڪيو،
ته سندس ڀائر سلطان قطب الدين وٽ وڪڻي ويا هئا، پر
سندس اقبال وڏو هو جو پوءِ هو دهلئ جي تخت تي
ويٺو. ننڍي هوندي سلطاني حرم ۾ پرورش ورتي هئائين
۽ نمڪ حلالئ جي ڪري سلطان جي ڌئ پرڻيو هو. هن 25
ورهيه دهلئ تي حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ بختيار
خلجي جنهن قطب الدين جي حڪم هيٺ بهار ۽ بنگال فتح
ڪيو هو، سرڪشي اختيار ڪئي، پر التمش شڪست ڏنس.
اهڙئ طرح سنڌ جي صوبي به بغاوت ڪئي پر مات ٿي ويو.
هن مالواه ۽ گواليار جي راجپوتن سان جنگيون جوٽيون
۽ 6 ورهين جي ڊگهئ ويڙهه کانپوءِ کين شڪست ڏيئي
دهلئ موٽيو. هي وڏو اقبالمند بادشاهه ٿي گذريو. هو
فاتح به هو ۽ انتظام رکڻ ۾ به ڀڙ هو. هن جي ڏينهن
۾ دهلي نئين سر رونق ورتي. کيس بغداد جي درٻار مان
به خطاب مليل هو. سن 1236ع ۾ انتقال ڪيائين.
سلطان رضيه
سلطان التمش کانپوءِ سندس پٽ شهزادو رڪن الدين تخت
تي ويٺو، پر هو حڪومت هلائڻ جي لائق ڪين هو،
تنهنڪري سندس ڀيڻ شهزادي رضيه بيگم تخت تي ويٺي.
هيءَ پهرين مسلمان شهزادي هئي، جا دهلئ جي تخت تي
ويٺي. جڏهن سلطان التمش ٻاهر ڪنهن جنگ تي ويندو
هو، ته سلطنت جو سمورو ڪاروبار هن شهزادئ جي حوالي
ڪري ويندو هو. تخت تي ويهڻ سان هن سلطان رضيه جو
لقب ورتو. التمش پاڻ چوندو هو ته ”خدا هن کي دل ۽
دماغ مڙساڻو ڏنو آهي ۽ ويهن پٽن کان به سرس آهي“.
واقعي هي شهزادي دلير به هئي. ٽن ورهين تائين
سلطنت جو ڪاروبار ڏاڍي همت ۽ استقلال سان
هلايائين. هو کليءَ درٻار ۾ اچي تخت تي ويهندي هئي
۽ پنهنجن اهلڪارن سان روبرو ڳالهائيندي هئي.
تيراندازي، نيزي بازي ۾ بلڪل چست هئي. وٽس ياقوت
نالي هڪڙو حبشي غلام هو، جنهن هن جي گهڻي خوشامند
ڪئي هئي، جو پوءِ لشڪر جو سپهه سالار به ٿيو.
درٻار جي اميرن راڻئ تي شڪ آندو ۽ فساد کڙو
ڪيائون. راڻئ پنهنجي بچاء لاءِ هڪڙي ترڪي امير سان
شادي ڪئي، جو سندس طرفان بهادرئ سان وڙهيو. پر ٻئي
قيد ٿي ويا. سن 1239ع ۾ ٻئي مارجي ويا.
سلطان ناصرالدين محمود
سلطان رضيه جي مُئي کانپوءِ اَمير سندس ڀاءُ
شهزادي بهرام کي تخت تي ويهاريو پر هو حڪومت هلائڻ
جي لائق ڪين هو. ملڪ ۾ وري فساد کڙا ٿيا. هو قيد
ٿي مارجي ويو. کانئس پوءِ التمش جو پوٽو شهزادو
علاؤالدين تخت تي ويٺو، پر فساد ويا وڌندا. آخر
سلطنت جي اهلڪارن التمش جي ٽئين پٽ شهزادي ناصر
الدين محمود کي تخت تي ويهاريو. سن 1246ع ۾ هو
دهلئ جي تخت تي ويٺو. هي بلڪل درويش مزاج بادشاهه
ٿي گذريو. جيتوڻيڪ بيت المال ۾ لکين بلڪ ڪروڙين
رپيا موجود هئا. پر هن ڪنهن به قسم جو وظيفو ڪين
ورتو. سندس گذران سندس بازن جي ڪمائي تي منحصر هو.
هن زماني ۾ هندوستان ۾ ڇاپ خانا ڪين هئا. سڀ ڪتاب
هٿ سان لکڻا پوندا هئا. ڪاتبن کي گهڻي ڪمائي هوندي
هئي. سلطان جو پاڻ عربي ۽ فارسئ جو عالم هو، سو
گذران غريبن وانگر ڪندو هو. خزاني کي ڪڏهن هٿ
ڪونه لاتائين. سندس محلات ۾ ڪنهن به قسم جو عيش
جو سامان ڪين هو. نه وري درويش شهنشاهه وٽ ڪو غلام
هو. گهر ۾ رڌڻ پچائڻ ۽ ٻيو ڪم ڪاج سمورو سندس راڻي
سليمه بيگم، پاڻ هٿن سان ڪرڻو پوندو هو. مولوي
بشيرالدين احمد پنهنجئ تاريخ دهلئ ۾ لکي ٿو، ته
”هڪڙي ڏينهن ماني پچائيندي راڻئ جو هٿ سڙي پيو.
جنهن تي سلطان کي عرض ڪيائين، ته گهر جو سڀ ڪم ڪاج
آءٌ پاڻ ڪنديس، مونکي فقط هڪڙي ٻانهي جي ضرورت
آهي، جا ماني پچائي ڏي، کيس سلطان جواب ۾ چيو ته
”اي راڻي مان جيتوڻيڪ دهلئ جو شهنشاهه آهيان، پر
سلطنت جي خزاني سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي. ڇاڪاڻ
جو اُهو سڀ رعايا جو مال آهي ۽ رعايا، ڀلي لاءِ
خرچ ڪرڻ لاءِ آهي. منهنجي جيڪا آمدني آهي، سا
توکان ڳجهي ڪين آهي، مان بلڪل غريب آهيان، ۽ ايتري
حيثيت ڪانه اٿم جو تو لاءِ ٻانهي رکي سگهيان. دنيا
۾ تڪليف جا ڏينهن بلڪل ٿورا آهن، جن کي صبر سان
برداشت ڪرڻ گهرجي. خداوند تعالى توکي هن تڪليف جي
عيوض اجر اعظيم بخشيندو“. اِها هئي وراڻي درويش
شهنشاهه جي پنهنجي راڻئ کي.
سلطان ناصرالدين محمود خداپرست اِنسان هو ۽ سلطنت
جي جهڳڙن کان هميشه پري رهندو هو. سلطنت جو سمورو
ڪاروبار پنهنجي امير بلبن حوالي ڪري ڇڏيو هئائين.
جو زبردست امير هو. سندس ڀيڻ به پرڻيو هو. پاڻ
سلطان سمورو وقت ڪتابن لکڻ ۽ عبادت الهى ۾
گذاريندو هو. مٿئين امير جي مدد سان 20 ورهيه دهلئ
تي حڪومت ڪيائين. سلطان قطب الدين ۽ التمش جيڪو
ملڪ فتح ڪيو هو، هن هيڻن بادشاهن جي ڏينهن ۾
راجپوت راجا وري واپس وٺي ويا هئا. پر اُهو سمورو
هن وري هٿ ڪري دهلي جي حڪومت هيٺ آندو. تاتاري، جن
وري وري پئي ملڪ تي ڪاهيو، تن کي پٺتي تڙي
ڪڍيائين. سن 623هه مطابق سن 1266ع ۾ درويش شهنشاهه
وفات ڪئي. انالله وانا اليھ راجعون. کيس (درويش
بادشاهه) سڏيندا هئا. سندس درٻار ۾ هر وقت عالمن ۽
فاضلن جو هجوم لڳل رهندو هو. (طبقات ناصري) جو
ڪتاب سندس جڙيل آهي.
سلطان بلبن
بلبن، جو هن وقت غياث الدين جي لقب سان دهلئ جي
تخت تي ويٺو. سو التمش جو غلام هو، پر چڱي ڪٽنب
مان هو. سلطان موصوف هن کي خريد ڪيو هو. پنهنجي
بهادري ۽ قابليت ۽ وفادارئ جي ڪري پهريائين سلطان
جي ڌئ پرڻيو ۽ پوءِ هڪڙي علائقي جو حاڪم ٿيو.
سلطان ناصرالدين محمود جي ڏينهن ۾ وزارت جي عهدي
تي ممتاز هو. غياث الدين بلبن جي ڏينهن ۾ گهڻائي
مسلمان امير ۽ سردار تاتارين جي خوف جي ڪري اچي
سندس اجهي هيٺ رهيا. فياض سلطان کين جدا جدا
علائقن ۾ جاگيرون ڏنيون. سندس درٻار ۾ هڪڙي وقت 15
شهزادا موجود هئا. بلبن دهلئ جي گهٽين تي اُنهن جا
نالا کڻي رکيا. مثلاً غور گهٽي، بغداد، خيوا گهٽي
وغيره وغيره. تاتارين جا لشڪر وري پنجاب تي ڪاهي
آيا. پر سلطان ۽ سندس پٽن کين شڪستون ڏيئي لوڌي
ڪڍيو. هن سلطان چڱي ريت حڪومت ڪئي ۽ تعريف
ڪمايائين. پنهنجي وڏي پٽ شهزادي خضر خان محمود کي،
جو امير خسرو ايراني شاعر جو شاگرد هو، تنهن کي
ملتان ۽ اَپر سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيائين. هن شهزادي
جي علمائن درويشن سان گهڻي محبت هئي. امير خسرو
دهلوي ۽ امير حسن دهلوي سندس درٻار جا مشهور شاعر
ٿي گذريا. بقول مرزا قليچ بيگ صاحب ته هن شهزادي
حضرت شيخ سعدي شيرازي رحه کي هندوستان
اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، پر هيءَ بزرگ پيرسنيءَ جي
ڪري اچي نه سگهيو.
شهزادي خضر خان جو پنهنجئ زال کي طلاق ڏيڻ
سيرة العارفين ۾ لکيل آهي، ته شهزادي خضر خان کي
پنهنجي زال سان گهڻي محبت هئي. پر هڪڙي ڀيري شراب
پيئڻ ڪري طرفين جي پاڻ ۾ بدمزگي ٿي پئي. جنهنڪري
هن زال کي طلاق ڏني، پر جڏهن نشي مان بيدار ٿيو
تڏهن پنهنجي فعل تي ڏاڍو پشيمان ٿيو. هن ملتان
شريف جي علمائن کي گهرائي کانئن صلاح پڇي. هنن
وراڻي ڏنس ته جيسين زال کي ٻيو مڙس نه ڏبو ۽ کانئس
طلاق نه گهربي تيسين زال توتي حلال نه ٿي ٿي سگهي.
پر شهزادي جي اها مرضي نه هئي، ته ڪو ڌاريو سندس
زال سان نڪاح ڪري. آخر قاضي اثيرالدين خوارزمي جي
تدبير ۽ صلاح سان شهر جي ڪامل درويش سان بيگم جو
نڪاح ٿيو. حضرت شيخ صدر الدين وڏا اُن زماني جا
پاڪيزه بزرگ هئا. ٻي ڪا واهه نه ڏسي شهزادي مشڪل
سان منظوري ڏني. نڪاح کان پوءِ قاضي صاحب شيخ تي
زور وڌو ته هينئر طلاق ڏي. شيخ صاحب جواب ڏنو ته
توهان پاڻ نڪاح وڌو ۽ وري پاڻ ئي طلاق لاءِ زور
وجهي رهيا آهيون. پر بيگم جي مرضئ جي خلاف مان
طلاق ڏئي نه ٿو سگهان. ٻئي طرف جڏهن بيگم کي خبر
پئي ته بادشاهه شيخ کي طلاق ڏيڻ لاءِ زور ڏيئي
رهيو آهي، تڏهن هوءَ نيڪ بخت عورت شيخ جي قدمن تي
ڪِري کيس عرض ڪرڻ لڳي ته الله تعالى مونکي هن فاسق
جي صحبت مان ڇڏائي توهان جهڙي پاڪ بزرگ جي صحبت ۾
آندو آهي. هينئر الله ڪارڻ مونکي هن ظالم جي حوالي
نه ڪر! شهزادي کي جڏهن خبر پئي تڏهن هو قاضي کي
موت جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو، پر هن منٿ زاري ڪري
پنهنجي جان بچائي، ته وري شيخ کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو
پر شيخ سواءِ ڪنهن خوف خطري جي جواب ڏنو، ته
بيگناه مان زال کي طلاق ڏئي نه ٿو سگهان. توکي
جيڪا مون تي زبردستي ڪرڻي آهي، سا ڪر. چون ٿا ته
شهزادي هڪڙي فوج ملتان کي تباه ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي،
پر خدا جي قدرت جو مغلن جي هڪ جماعت ملتان تي ڪاهه
ڪئي، شهزادو هنن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو.
طغرل خان بنگال جي حاڪم جو فساد
بنگال جي حاڪم طغرل خان فساد ڪيو، سن 1266ع ۾ جڏهن
برسات جي موسم هئي ۽ بنگال جا رستا بند هئا. تڏهن
فوج گنگا ۽ جمنا جي رستي ٻيڙين تي رواني ڪئي وئي.
اوڌ ۾ پهچڻ سان وڌيڪ ٻيڙين ٺاهڻ لاءِ سلطان حڪم
ڏنو ۽ ٻيڙين جي ئي وسيلي گهوگهرا ندي پار لنگهيو.
طغرل خان شڪست کائي مارجي ويو ۽سلطان پنهنجي پٽ
بوغرا خان کي اُتي جو حاڪم مقرر ڪيو. مٿئين مهم
مان معلوم ٿو ٿئي. سلطان غياث الدين وٽ فوجن جي
نقل ۽ حرڪت لاءِ ٻيڙو به موجود هو.
ابوالفدا دمشقي ۽ مارڪو پولو
ساڳئ صدئ جي پڇاڙئ ۾ ابوالفدا دمشقي ۽ مارڪو پولو
مغربي سياح لکن ٿا، ته سن 1273ع ۾ مالابار ۽ ڪاري
منڊل ڪناري ڪپهه جا ڪارخانا هئا. ڪاري منڊل ڪناري
تي موتي نڪرندا هئا. هو لکن ٿا، ته عربستان ۽
ايران کان جيڪي غوراب کنڀات جي بندرگاهه تي اچي،
لنگر هڻندا هئا ته عدن جي بندرگاهه تي به اسان
هندوستان جا جهاز مال سان ڀريل ڏٺا. مٿيان سياح
لکن ٿا، ته اُن زماني ۾ ڪاري منڊل ڪناري کان
زنگبار ڏي ويندڙ هندوستان جي جهازن کي ويهه ڏينهن
لڳندا هئا، پر موٽندي کين سمنڊ جي وير ڪري 3 مهينا
لڳندا هئا.
سلطان غياث الدين 22 ورهيه بادشاهي ڪئي. سندس عمر
هن وقت 80 ورهيه هئي. کيس جڏهن شهزادي خضر خان جي
مرڻ جي خبر پهتي، تڏهن ڏک جي وگهي مري ويو. سندس
ٻيو پٽ بوغرا خان، جو هن وقت بنگال جو حاڪم هو،
تنهن کي بنگال اهڙو ته وڻي ويو جو پيءُ جي مرڻ جو
ٻڌي دهلي جي تخت لاءِ ڪا ڪوشش ڪانه ڪيائين. هن
پنهنجي پٽ ڪيقباد کي گادئ تي ويهاريو، پر هو حڪومت
هلائي نه سگهيو. ٽن ورهين کانپوءِ سندس خلجي وزير
کيس ماري پاڻ دهلئ جو بادشاهه ٿيو. بوغرا خان تنهن
کانپوءِ ٻين ڇهن بادشاهن جي راڄ ۾ به بنگال تي
حڪومت ڪندو رهيو. ۽ 44 ورهين تائين حڪومت ڪري اُتي
وفات ڪيائين. غلام گهراڻي جي بادشاهه ترڪي نسل مان
هئا. سن 1206ع کان سن 1290ع تائين حڪومت ڪيائون.
خلجي خاندان
“The House of Khilji”
خلجي خاندان وارن جو نسل ماوراءِ النهري ترڪن مان
هو. غلام خاندان وارا توڙي خلجي گهراڻي جا سلاطين،
جن دهلئ تي حڪومتون ڪيون، سي غور خاندان جا غلام
هئا. افغانستان ۾ رهي اُتي جي رهاڪن سان رلي ملي
ويا هئا. پر افغانن وانگر هو وحشي ڪين هئا. پر هو
باتهذيب ۽ شائسته مزاج هئا. ترڪي زبان ڳالهائيندا
هئا.
سلطان جلال الدين
سلطان جلال الدين 70 ورهين جي عمر جو هو، جڏهن
دهلي جي تخت تي ويٺو. چون ٿا ته جڏهن اُمرائن کيس
حڪومت جون واڳون سپرد ڪيون تڏهن روئڻ لڳو ۽ پنهنجي
آقا سلطان غياث الدين بلبن جي تخت تي ويهڻ پسند نه
ڪيائين. وري جڏهن کيس گهوڙي تي چاڙهي دهلئ جي
بازارن ۾ سندس جلوس ڪڍي نڪتا، تڏهن پيرين پيادو
هلڻ لڳو ۽ جڏهن تخت تي ويهاريائونس تڏهن هميشه
وانگر پنهنجي اڳوڻي ڪرسئ تي وڃي ويٺو. غلام گهراڻي
جي پوئين شهزادي شمس الدين ڪيقباد کي ڪجهه وقت قيد
۾ رکي پوءِ مارائي ڇڏيائين. هن قتل جي ڪري البته
اميرن ۾ ناراضپو جاڳيو، پر پنهنجي حسن انتظام ۽
خوش خلقي سان ستت کين پنهنجو رفيق بنائي ڇڏيائين.
ملڪ ۾ فساد بدامني
ملڪ جاجهو، جو سلطان بلبن جو ڀائيٽو هو، تنهن وزير
جي سازش کي ڏسي فساد کڙو ڪيو. ساڻس ڪي نمڪ حلال
امير به شامل هئا، پر سلطان جي پٽ ارقالي خان سڀني
کي شڪست ڏيئي قيد ڪيو، جڏهن پيرسن سلطان جي روبرو
آڻي، کڙو ڪيائون. تڏهن سڀني کي معافي ڏيئي آزاد
ڪيائين. ملڪ جاجهوءَ کي ملتان جو علائقو حوالي
ڪيائين. پر اڃا به غلام گهراڻي جي ڪن وفادار اميرن
سان هن فساد کڙو ڪيو. تنهن کان پوءِ مالوه جي حاڪم
به سرڪشي اختيار ڪئي ۽ سلطان کي مٿس فوج ڪشي ڪرڻي
پيئي. اهڙن فسادن جي ڪري مغلن پنجاب تي ڪاهه ڪري
ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي. ٻين فسادين ۽ ڌاڙيلن کي به
وجهه ملي ويو، جي شاهي رستن تي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا.
سلطان جيتوڻيڪ پيرسن هو، پر اهڙئ ضعيف عمر ۾ به
فسادن کي ٻنجو ڏيئي مغلن کي تڙي ڪڍيائين. سندن
جيڪي به سردار قيد ٿيا، تن کي ڪمال مروت سان آزاد
ڪري ڇڏيائين. نيڪدل سلطان جي فياضي ۽ مروتن کي
ڏسي، اٽڪل ٽيهه هزار مغل پنهنجئ رضا سان اچي اسلام
جي دائري ۾ شامل ٿيا ۽ سلطان جي خدمت ۾ رهڻ لڳا.
سلطان سندن رهائش لاءِ دهلئ جي ڀرسان هڪڙو شهر
سندن نالي تي تعمير ڪرايو، جو مغل پور جي نالي سان
سڏجڻ لڳو.
مسلمانن جي دکن تي پهرين ڪاهه
جڏهن سلطان مغلن کي پنهنجو ڪيو، تڏهن مالواه تي
نئين سر ڪاهه ڪرڻ جو خيال ڪيائين. ڪاراه جو امير
شهزادو علاءُ الدين خلجي جو، هن وقت شاهي فوجن جو
سپهه سالار هو، ۽ سلطان جو ڀائٽيو هو، تنهن (بنديل
کنڊ) جي گهڻن هندو راجائن کي مات ڪري گهڻا قلعا هٿ
ڪيا هئا، جن مان کيس بيشمار خزانو هٿ لڳو. مٿئين
فتوحات جي عيوض سلطان کيس اوڌ جي علائقي جي نوابي
سرفراز ڪئي.
شهزادي علاءُ الدين وٽ جڏهن بيشمار لشڪر ۽ خزانا
گڏ ٿيا، تڏهن دهلئ جي تخت کي هٿ ڪرڻ لاءِ سندس
خواهش ٿي. سلطان کي سندس راڻئ هن اِرادي جي باري ۾
گهڻو اڳ اطلاع ڏيئي ڇڏيو هو، پر ضعيف العمر چاچي
کي ڀائٽئي تي اعتبار هو، هن راڻي جي ڳالهه تي
اعتبار ڪين ڪيو. پر درحقيقت علاءُ الدين جي دل ۾
واقعي دغا هئي. هو ڪاراه مان 8 هزار سوارن جي جرار
فوج وٺي دکن فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو، پر پنهنجي اعلان ۾
پڌرو ڪيائين، ته مان چاچي سان وڙهي نڪتو آهيان.
اها سندس سياسي چال هئي. ڇاڪاڻ جو هندوستان هندن
جو آبائي وطن هو ۽ راجائن جي پاڻ ۾ ٻڌي هئي، ٻئي
طرف مسلمان ڌاريا هئا. جيتوڻيڪ سلطنت جو مرڪز دهلي
سندن هٿن ۾ هو، پر اڃا به گهڻو ملڪ باقي رهيل هو،
جتي هندن جون حڪومتون هيون. هو اِسلام جي وڌندڙ
طاقت کي ڏسي رشڪ کائيندا هئا. سندن خاص مرضي هئي،
ته کين هندوستان مان تڙي ڪڍجي. هندن وٽ مالن خزانن
جي ڪمي ڪانه هئي وٽن فوجون هٿيار بيشمار هئا. پر
ڀارت جي چندر بنسي يا سورج بنسي سيناني راجپوت
سورمن کي مجال نه هئي، جو ترڪن جي تلوار خون آشام
جو مقابلو ڪري سگهن. هنن سالن جا سال ساندهه دهلئ
جي سلاطين سان جنگيون جوٽي ڏٺيون، پر ڪو کڙ تيل
نڪري ڪين سگهيو. اُٽلندو سڄو اُتر هندوستان اسلامي
سلطنت هيٺ اچي ويو. پر دکن جا راجائون اڃا مضبوط
هئا. هنن کي پڪ هئي ته مسلمان ونڌيا جبل جي گهاٽن
جهنگن کي لتاڙي ڪين سگهندا. شهزادو علاؤالدين برار
جي گهاٽن ٻيلن کي لتاڙي (ايلچ پور) پهتو. اُتان
وري ديوگري تي ڪاهه ڪيائين. ديوگرئ جو راجا رام
ديو جنهن جي حڪومت سڄي مهراشٽر تي هئي ۽ هو دکن
سڄي جو سچو پچو راجا هو. هن جا ماڻهو جي مسلمانن
سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ويا هئا، سي اسلامي لشڪر هٿان
قيد ٿي ويا. راجا کي جڏهن خبر پئي، تڏهن فوجن سميت
مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪتو، پر شڪست کاڌائين. هندو
ڀروارن قلعن ۾ وڃي لڪا. علاءُ الدين شهر ۾ وارد
ٿيو. مسلمانن کي هن قديم تختگاهه شهر مان جيڪي مال
متاع هاٿي، گهوڙا هٿ لڳا تن جي بيان ڪرڻ جي قلم کي
طاقت ڪانهي. شهزادي ڪمال مروت سان راجا جي پٽ ۽
راڻي کي آزاد ڪري راجا ڏانهن ڏياري موڪليو. مٿئين
مروت راجا جي دل تي ايتريقدر اثر ڪيو، جو خوشئ سان
بيشمار خزانا، جواهر بطور نذراني جي آڻي پيش
ڪيائين. چؤطرف مرحبا جا آواز بلند ٿي ويا. ايلچ
پور جو علائقو شهزادي جي حوالي ڪيائين. پوءِ
شهزادو وڏي مال خزانن ۽ طنبيلن سان خانديش کان
ٿيندو مالواه پهتو. هن مهم ۾ مسلمانن ست سؤ ميلن
جو سفر ڪيو. وٽن کاڌ خوراڪ جو سامان به کٽي ويو
هو، پر هنن ڪنهن به قسم جي پرواه ڪانه ڪئي ڇاڪاڻ
جو ترڪ سفر ۽ فاقيه مستئ کي گهڻو پسند ڪندا هئا.
اِهو ئي سبب هو، جو راجپوتن جا پير رزمگاهه ۾
اُکاڙي ڇڏيائون.
سلطان جلال الدين جو علاءُ الدين هٿان مارجڻ
سلطان جلال الدين جي اهلڪارن کي شهزادي علاؤالدين
جي فريبڪارين جي خبر هئي. سندس غير حاضرئ ۾ هنن
سلطان کي هڪ لشڪر تيار ڪرڻ جي لاءِ صلاح ڏني، پر
سلطان جي نيت صاف هئي. ٻيو ته کيس خبر هئي، ته
ڀائٽئي وٽ گهڻو خزانو آهي، جو هن دکن مان هٿ ڪيو
هو، سندس اها مرضي هئي ته شهزادي کي ريبي سندس
خزاني تي هٿ صاف ڪريان، علاؤالدين جو هن وقت تخت
هٿ ڪرڻ لاءِ منتظر هو ۽ وٽس بيشمار خزانا هئا.
تنهن وري نئين سازش پکيڙي. هو جڏهن ڪاراه پهتو،
تڏهن پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي بادشاهه جي خدمت ۾
ڏياري موڪليائين، ته اچي ساڻس ملاقات ڪري، جڏهن
سلطان سندس ڇانوڻي ۾ لنگهي آيو، تڏهن بغلگيري ڪرڻ
وقت نيزو هڻي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري نيزي تي
چاڙهي سندس ڇانوڻئ ڏي موڪليائين. سلطان جلال الدين
هن وقت پير مرد هو سندس عمر 77 ورهيه هئي.
سلطان جي موت بابت هڪڙي درويش جي پيشن گوئي
ضياءُ الدين برني هڪڙو تاريخ نويس لکي ٿو،ته سلطان
جلال الدين جي زماني ۾ هڪڙو درويش سيدي مولى هو،
سياح به هو، جيئن ته گهڻن ملڪن جو سير به ڪيو
هئائين. تنهن کانسواءِ گهڻن ڪامل بزرگن سان سندس
ملاقات به ٿي هئي. دهلئ ۾ هن هڪڙو يتيم خانو، هڪڙو
مڪتب به کوليو هو ۽ هر وقت سندس سخا جا در پٽيل
رهندا هئا. سندس درسگاهه ۾ هر ڪنهن طبقي جا ماڻهو
تعليم وٺندا هئا، تنهن کانسواءِ مسافرن جي آسائش
لاءِ به گهڻو خرچ ڪندو هو. سندس خوراڪ فقط پاڻئ ۾
اوٻاريل چانور هئا. نه وٽس ڪا زال هئي نه وري کيس
ڪو غلام هو. پر سندس خرچ ڏي غور ڪبو ته دهلئ جي
ڪنهن وڏي کان وڏي امير جي مجال نه هئي، جو ايترو
خرچ هلائي سگهي. غريبن ۽ محتاجن کانسواءِ گهڻائي
امير لوڪ تنگدستي جي ڪري وٽس ايندا هئا، جن کي قدر
آهر خزانو به ڏيندو هو. هو نرالي طرز جو انسان هو
ڪڏهن عام طرح سان عبادت ڪانه ڪئي هئائين. اڪثر
دهلئ جي گلين ۾ اها ڳالهه گشت ڪرڻ لڳي، ته سيد
درويش وٽ ”پارس پٿر“ آهي! روزمرهه سندس محفل ۾
هزارين امير اچي شامل ٿيندا هئا ۽ اٽڪل ڏهه هزار
اميرن کي هن لاءِ عزت هئي، جن ۾ اڪثر گهڻا امير
سلطان غياث الدين بلبن جا مائٽ هئا. آخر فقير جي
شهرت وڃي سلطان جي ڪنن تائين پهتي ڇاڪاڻ جو فقير
جي غيبي خزانن جي انت جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي،
ته ايترو خزانو فقير ڪٿان ٿو آڻي. حڪومت جي حڪمت
عملئ جي نڪته نگاهه سان سلطان فقير جي صحبت ۾
رهندڙن ڪيترن ئي اميرن کي کڻي قيد ڪيو، پوءِ سندس
ڪرامت جي پرک لاءِ هڪڙي وڏي باهه ٻاريائين، جا
نمرود جي آتشڪده کان گهٽ ڪين هئي. پوءِ فقير کي
اُن مان لنگهڻ لاءِ حڪم ڏنائين. پر اُن وقت ڪي
اهڙا بادشاهه جا ڇاڙتا بيٺل هئا. جن ڏنڊن سان هڻي
فقير کي ماري وڌو. مرڻ مهل هن بزرگ چيو، ته مان
بيگناهه آهيان، مونکي بيگناهه توهان ماريو آهي، پر
ياد رکو توهين به خدائي عذاب کان بچي ڪين سگهندؤ.
چون ٿا ته اوڏي مهل آسمان مان هڪ ڪارو غبار اُٿيو،
جنهن کي دهلئ جا ماڻهو ڏسي ڊڄي ويا. خود سلطان کي
به اچي خوف جاڳيو، سندس پٽ اوڏئ مهل مري ويو. مطلب
ته جيڪي به ڳالهيون رونما ٿيون، تن لاءِ فقير اڳ
وصيت ڪري ويو هو. دهلئ جو عروج ۽ زوال به اهڙن
واقعاتن سان تعلق رکي ٿو. اڄ ڏينهن سوڌو دهلي
ڪيترائي ڀيرا زبون ٿي وري نئين سر جاڳي آهي.
سلطان علاءُ الدين
سلطان جلال الدين جي مرڻ جي خبر جڏهن شاهي محلات ۾
پهتي، تڏهن سندس راڻئ پنهنجي ننڍي پٽ کي کڻي تخت
تي ٿاڦيو. پر علاءُ الدين جڏهن دهلي ۾ وارد ٿيو،
تڏهن خوف کان ملتان ڏانهن ڀڄي ويئي. جتي سندس ٻيو
پٽ نواب هو. حڪومت جي اهلڪارن جي دل وٺڻ لاءِ
علاءُ الدين پنهنجي خزانن جا کڻي در کوليا. هرڪو
ننڍو وڏو انعام اڪرام وٺي سندس طرفدار ٿي بيٺو.
پوءِ پنهنجن سؤٽن کي مارائي راڻئ کي قيد ۾
رکيائين. سلطان علاءُ الدين فاتح هو سندس فوجي
حالت قابل تعريف هئي، هن سڄو وقت فسادن کي مٽائڻ ۽
جنگين ۾ گذاريو.
تخت تي ويهڻ کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ اَلغ خان ۽ وزير
نصرت خان کي فوجن ڏيئي گجرات فتح ڪرڻ لاءِ روانو
ڪيائين. جن گجرات فتح ڪيو ۽ گهڻو خزانو هٿ ڪيائون.
هتي جو راجا دکن ڏانهن ڀڄي ويو. جڏهن وزير موٽي
دهلئ ۾ آيو، تڏهن ڪجهه خزانو لڪايائين. اها سڀ
مغلن جي شرارت هئي، جي هن وقت گهڻي تعداد ۾ دهلي
جي فوجن ۾ نوڪر هئا. بادشاهه منجهانئن ڪن باغين کي
مارائي وڌو ڪن رئٿنمبور جي راجا وٽ وڃي پناهه
ورتي. بادشاهه سندن ٻارن ٻچن کي مارائي ڇڏيو، وري
جڏهن رئٿنمبور فتح ڪيائين، تڏهن جيڪي به اُتي باغي
هٿ لڳس تن کي مارائي ڇڏيائين. مغل جي وقت بوقت
هندوستان تي ڪاهون ڪندا هئا، تن وري ڪاه ڪئي.
مغلن جي ڪاهه اَمير ظفر خان جي شجاعت
ترڪستان جي والي امير داؤد خان جي پٽ قطلوغ خان جي
هٿ هيٺ دهلئ تي ڪاهه ڪئي، جو ايران جي بادشاهه جي
طرفان سن 1297ع مطابق سن 697هه ۾ هرات جو حاڪم هو.
هن ڪاهه جي خوف کان ڀروارن پرڳڻن جا ڪيترائي ماڻهو
اچي دارالسلطنت دهلئ ۾ وارد ٿيا. دهلئ جي بازارن ۾
اهڙئ ته اچي ڀيڙ ٿي جو پير رکڻ جي جاءِ ڪانه هئي.
تنهن کانسواءِ شين جي کاپي ڪري ڏڪر منهن ڪڍيو.
سلطان ملڪ جي بچاء لاءِ لشڪر گڏ ڪيو، بقول
ابوالقاسم مصنف تاريخ فرشته، ته ايترو لشڪر ڪڏهن
به اڳ ڪٺو ڪين ٿيو. سلطان جي سپهه سالار امير ظفر
خان اهڙي ته بهادري ڏيکاري جو سلطان ۽ سندس ڀاءُ
کي منجهانئس خوف جاڳيو. هنن هن بهادر امير کي پوري
فوج به ڪانه ڏني، پر تنهن هوندي به دشمنن سان
وڙهندي جنگ جي ميدان ۾ شهادت جو جام نوش فرمائي
پنهنجي نمڪ جي قطرن جو آخري ثبوت ڏنائين.
دکن تي ڪاهون حسن ۽ عشق جا راز ۽ نياز
راجپوتن جي طاقت جو زوال سلطان محمود غزني ۽ غازي
شهاب الدين جي تلوار، بجلي جي صورت ۾ مٿائن ڪڙڪي،
تنهن جي ڪري اچي چڪو هو، سومناٿ جون ديوارون حسرت
جا ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. پر اڃا به مهاراشٽر جي
غارن ۾ هن فنا ٿيل قوم جا ڪي جواهر محفوظ هئا.
سلطان علاءُ الدين جي دکن تي پهرين ڪاهه کين موت
جو پيغام اڳ ڏيئي چڪي هئي. پر هن ڀيري سندن زوال
اُنهن راڻين جي حسن ۽ نزاڪت ڪري ٿيو، جن جي چشم
فسون گر ترڪي سلاطين جي دلين کي پنهنجي دامِ گيسو
۾ گرفتار ڪري ڇڏيو هو. خاص ڪري سلطان علاءُ الدين
جيڪي به ڪاهون ڪيون، سي عشق جي راهه ۾ ڪيون. سوين
مسلمان زماني جي نيزنگئ جي ڪري تلوارن جي گهاٽ
چڙهيا ۽ لکين روپيا خزانن مان خالي ٿي ويا.
سلطان علاءُ الدين غازي دکن جون دولتون اڳ ماڻي
ڏٺيون هيون. هينئر جو مغلن جي ڪاهن کان فارغ ٿيو.
سو خيال ڪيائين ته اُنهن دولتمند راجائن کي هيڪر
وري سبق سيکاريان، جيتوڻيڪ راجستان خواهه دکن ۾
راجپوت سورمن جي شڪست ۽ برباديءَ جي ڪري گهر گهر ۾
ماتم هلي رهيو هو، پر دهلي جا سلاطين، جي اڪثر
مغلن سان جنگين ۾ رڌل رهندا هئا. تنهنڪري اهڙي
فرصت ملڻ جي ڪري هندن جي گذريل زخمن ڪي انگور ٻڌا
مس هئا، ته علاؤالدين مٿن لوڻ ٻرڪڻ جا نئين سر
سانباها ڪيا. هن وقت رئٿنمبور ۽ چتور راجپوتن جا
ٻه مشهور قلعا هئا، جن جي مضبوطي جو هندو دم
ڀريندا هئا.
شهزادي سليمان ۽ حاجي مولا حبشئ جون بغاوتون
سن 700هه مطابق سن 1300ع ۾ سلطان پنهنجي ڀاءُ الغ
خان ۽ وزير کي رئٿنمبور جي قلعي تي چاڙهي موڪليو.
پرويز کي پٿر لڳڻ ڪري موت نصيب ٿيو. تنهن تي سلطان
پاڻ فوجون وٺي نڪتو، پر سلطان جو ڀائيٽو شهزادو
سليمان، جو هن وقت حڪومت جو بازو هو، تنهن چاچي کي
مارڻ ۽ دهلئ جي تخت هٿ ڪرڻ لاءِ پورو منصوبو دل ۾
سٽيو. سلطان رئٿنمبور ڏانهن ويندي جڏهن واٽ تي
هڪڙي هنڌ ڇانوڻي هڻي شڪار ڪري رهيو هو. تڏهن اوچتو
مٿس دشمنن تيرن جي بارش ڪئي، هو زخمي ٿي جهنگ ۾
ڪِري پيو. شهزادو کيس مئل سمجهي پاڻ کي بادشاهه
ڪوٺائي ڪاروبار هلائڻ لڳو. هوڏانهن جڏهن سلطان جي
اک پٽي تڏهن رڙهي ڇانوڻي ۾ پهتو. ڪجهه وقت اُتي
علاج ڪرائي، پوءِ دهلئ تي ڪاهي ويو. شهزادي سليمان
کي گرفتار ڪرائي مارائي ڇڏيائين. سندس ٻين ٻن
ڀائٽين بدايون ۾ فساد ڪيا پر مارجي ويا. تنهن کان
پوءِ وري شاهي خاندان جي هڪڙي حبشي غلام حاجي مولا
نالي شاهي خاندان جي هڪڙي شهزادي کي تخت تي ٿاڦي
ملڪ ۾ فساد ٻاري ڏنائين. پر سلطان سڀني فسادين کي
مات ڪيو. حاجي مولا پنهنجي سموري ڪٽنب سوڌو مارجي
ويو.
الغ خان هڪ سال ساندهه حملي ڪرڻ کانپوءِ رئٿنمبور
فتح ڪري اُتي جي راجا کي سندس ڪٽنب سوڌو گرفتار
ڪيو. سن 703هه مطابق سن 1303ع ۾ سلطان ميواڙ تي
ڪاه ڪري اُتي جي جابلو قلعي چتوڙ تي قبضو ڪيو.
هتي سسوديا قبيلي جا راجپوت راجائون راڄ ڪندا هئا.
سلطان قلعو پنهنجي وڏي پٽ جي حوالي ڪيو، پر ٻئي
سال راجا شاهي قيدخاني مان ڀڄي نئين سر جنگ جوٽي،
پر سلطان سندس ڀائٽي راج ڪنور (مالديو) کي هتي جي
حڪومت سپرد ڪئي. جو برابر سلطان کي خراج ڀريندو
رهيو. تان جو حميري راجپوتن کيس اُتان تڙي ڪڍيو.
جڏهن سلطاني بيروني فتوحات ۾ مشغول هو، تڏهن مغلن
وري وري پئي ملڪ تي ڪاهون ڪيون. پر حضرت خواجه
نظام الدين اولياء رحه جي دعا سان هو
دهلي ڇڏي ڀڄي ويا. مغلن ٻن سالن تائين پنجاب ۽
روهل کنڊ تي ڪاهون ڪيون، پر اڪثر سلطان جي هٿان
قيد ٿي ويا. تاريخ فرشتا ۾ لکيل آهي ته هڪڙي
لڱاسلطان 9000 مغل مارائي ڇڏيا.
ملڪ ڪافور
جڏهن راجستان جو مشهور قلعو چتوڙ فتح ٿيو. تڏهن
سلطان هڪڙوو لشڪر بنگال جي رستي کان ورنگال ڏياري
موڪليو، جو هن وقت تيليگانه جو تختگاهه هو. ٻيو
لشڪر ديوگري ڏي موڪليائين، ڇاڪاڻ جو اُتي جي راجا
خراج ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. (مَلڪ ڪافور) نالي
هڪڙو غلام جو گجرات جي هڪڙي واپارئ وٽ اچي وڪاڻو
هو، ۽ سلطان جڏهن گجرات فتح ڪيو، تڏهن سندس فوج ۾
اچي نوڪر بيٺو سو پنهنجي نمڪ حلالي سان هن وقت دکن
جي مهم جي فوجن جو سپهه سالار هو، ۽ سلطان مٿس
ايتريقدر راضي هو، جو کيس (رئيس اعظم) مقرر ڪيو
هئائين. ٻيا اُمراء رئيس اعظم سان گڏ دهلي آيا.
سلطان مٿس گهڻو مهربان ٿيو ۽ راجا کي شاهي خلعت
مرحمت ڪيائين. جڏهن راجا مسلمانن سان ايماندار ٿي
رهڻ لاءِ انجام ڪيائين
.
اَلغ خان جو هن وقت گجرات جو حاڪم هو سو به فوجون
وٺي رئيس اعظم جي مدد لاءِ مهاراشٽر ڏانهن ٿي ويو،
ته واٽ تي بئگلانه جي شهر ۾ گجرات جي راجا جي راڻي
(ڪملا ديوي) هٿ لڳس. جنهن کي نظر بند ڪري سلطان جي
خدمت ۾ دهلي روانو ڪيائين. راڻي پنهنجئ خوبصورتي
جي ڪري لاثاني هئي، سلطان ڏسي مٿس موهت ٿيو ۽
سلطاني حرم ۾ داخل ڪيائينس ۽ حرم ۾ به سڀني راڻين
۾ ممتاز ليکجڻ ۾ آئي. راڻي جي چنچل مزاجي سلطان تي
ايترو اثر ڪيو جو هو هر طرح سان مختيار مطلق هئي.
هن راڻي سلطان کي چيو ته منهنجي ڌئ (ديول ديوي) جا
ديوگرئ جي راجا جي پٽ سان منڱيل آهي ۽ هن وقت راجا
وٽ آهي. سا بلڪل خوبصورت آهي. راجپوت راڻئ جي چئي
موجب مٿئين شهزادئ کي هٿ ڪرڻ لاءِ سلطان الغ خان
کي لکيو. اَلغ خان گجرات جي راجا تي پنهنجي ڌئ
حوالي ڪري ڏيڻ لاءِ زور وڌو. جڏهن راجا ڏٺو ته
ڇوٽڪارو ٿي نه ٿو سگهي. تڏهن لشڪر جي حفاظت هيٺ
شهزادئ کي ساهري گهر ديوگري ڏانهن روانو ڪيائين.
اَلغ خان کي جڏهن سراغ رسانن خبر ڏني تڏهن هن
مٿئين لشڪر تي رستي تي ڪاهه ڪئي. راجپوتن شڪست
کاڌي پر ديول ديوئ جو پتو لڳي نه سگهيو. الغ خان
سلطان جي خوف کان سڄي ديوگرئ جي تلاش ڪئي، پر ڪو
پتو لڳي نه سگهيو، جڏهن ايلورا جي غارن وارن مندرن
جي تلاش ڪيائين. تڏهن هڪڙئ غار مان هٿ لڳس. راجپوت
محافظ فوجن شڪست کاڌي ۽ ديول دهلئ جي درٻار ۾ وڃي
حاضر ٿي. شهزادو خضر خان راجپوت شهزادئ جي حسن کي
ڏسي سندس زلف جي دام ۾ گرفتار ٿيو. سلطان پٽ جي
رمز سهي ڪئي ۽ سندن شادي ڪرائي ڇڏيائين. راجپوتن
جي حسن جي گرم بازارئ تي امير خسرو ايراني شاعر
گهڻا شعر جوڙيا.
جس نے دیکھا آکے یہ آئینہ خانہ دہر کا
فی الحقیقت بس وہ اپنا آپ ہی حیران ہوا
ورنگال جو راجا باقي وڃي رهيو هو، جنهن سرڪشي
اختيار ڪئي ۽ ملڪ ڪافور ڪرناٽڪ تي حملو ڪيو ۽ اُتي
جي راجا جي تختگاهه ’دورا سمندرا‘ تي قبضو ڪيائين.
جو سرنيگا پٽم کان سو ميلن جي مفاصلي تي هو. تنهن
کان پوءِ ملڪ ڪافور راميشور ۽ سرانديپ جي ڪناري
وارا ملڪ فتح ڪندو. مابر ۾ فتح جي يادگار ۾ هڪ
مسجد جوڙائي، شڪراني جو سجدو بجاءِ آندائين. وڏي
ڳالهه ته هتي مسلماني سلطنت جو بنياد وڌائين. سيد
حسن به هتي جو بادشاهه هو، جنهن سلطان محمد تغلق
جي ڏينهن ۾ فساد ڪيو هو. ملڪ ڪافور جت جت ويو اُتي
مساجد تعمير ڪرائي مسلمان حاڪم مقرر ڪندو ويو،
پوءِ گهڻي خزاني سان موٽي دهلي آيو ، جتي سلطان
کيس گهڻي آڌر ڀاءُ سان گڏيو.
ديوگري جو راجا رام ديو مري ويو، سندس پٽ جڏهن
گادئ تي ويٺو، تڏهن خراج ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. پر
مهاراشٽر ۽ ڪرناٽڪ جي راجائن کي سلطان جي خلاف
چوريائين. ملڪ ڪافور کيس سيکت ڏيڻ لاءِ ٽيون دفعو
دکن ويو، جتي ديوگري جي راجا کي قتل ڪري ٻين سندس
پاڙيسرين کي شڪستون ڏيئي کانئن خراج وصول ڪيائين.
پوءِ فتح ۽ نصرت سان موٽي هلي آيو.
سلطان هن وقت ضعيف العمر هو ۽ ٻيو ته کيس سڀني ۾
شڪ هو. ملڪ ڪافور جنهن کي هميشه عزت ڏيندو هو ۽
سياسي ڪاروبار ۾ سندس ساڄو بازو هو، تنهن تخت هٿ
ڪرڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪيون، پر کيس شاهي خاندان جي
اهلڪارن ۽ شهزادگان مان خوف هو. هن شاهي خاندان ۾
ڦيري ۽ ڦيٽاري وجهڻ لاءِ سلطان کي برغلايو.
ايتريقدر جو سلطان پنهنجي راڻي ۽ ٻن پٽن کي قيد ۾
رکيو. باقي الغ خان وڃي بچيو هو. مٿئين ڪشمڪش جي
ڪري سياسي حالتن ۾ ڦيرڦار ٿيڻ لڳي. جيئن ته راڻي
حمير وري چتوڙ فتح ڪيو ۽ راجا رامديو جي پوٽي راجا
هرپال به خودمختياري ڪئي جنهن اسلامي فوجن کي
مهاراشٽر ۾ شڪست ڏني.
سلطان علاءُ الدين جي درٻار
سلطان علاءُ الدين پنهنجي وقت جو مشهور ۽ بهادر
سلطان ٿي گذريو. هن دکن تي ڪاهون ڪيون. ٻيو
راجپوتانا جي راجپوت راجائن سلطان هٿان شڪست کاڌي.
سلطان جو انتظام به سخت هو، پر هو هميشه پنهنجن
اِرادن ۾ ڪامياب رهيو. پر وڏي ڳالهه ته سندس ڏينهن
۾ ماڻهو خوش حال ۽ آسودا هئا، هر ڪو دولتمند هو.
سلطان اڻپڙهيل هو تخت تي ويهڻ کانپوءِ لکڻ پڙهڻ
سکيو ۽ امامت جي دعوى به ڪرڻ لڳو ۽ اسڪندر ثانئ جو
قلب ورتائين. هن خانگي جماعت سازي ۽ سياسي جماعتن
کي گڏ ٿيڻ کان روڪ ڪئي. ڪنهن به امير کي طاقت ڪانه
هئي، جو سڌو سلطان سان ملاقات ڪري سگهي. ڪڙمي
سرڪار کي درخواست ڪري زمين وٺي سگهندا هئا ۽
سرڪاري حڪم کانسواءِ چوپايو مال به رکي نه سگهندا
هئا. کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين تي مقرر اگهه ٿيل هئا.
مثلاً اَن- گاهه- چؤپائي مال ۽ گهوڙن جي مقرر ٿيل
قيمت هئي. ملڪ ۾ بيروني مال جي آمدني ۾ واڌارو ٿيڻ
لڳو. باقي ملڪي پيدائش جي روانگي تي گهڻي روڪ هئي.
اهو ئي سبب هو جو ملڪ ۾ چؤطرف آسودگي جو دور هو.
بازارين ۾ دوڪانن جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ لاءِ وقت مقرر
هوندا هئا. تنهن کانسواءِ سلطان وٽ جاسوسن جو جدا
عملو رهندو هو، جي شهر جي هلت ۽ چلت جي سلطان کي
خبر پهچائيندا هئا. سلطان وڏن وڏن شهرن ۾ جدا جدا
محلات جوڙايا هئا. سندس چوڻ آهي ته مذهب کي ملڪي
ڳالهين ۾ آڻڻ اجايو آهي، ڇاڪاڻ جو مذهب فقط خانگي
زندگي بسر ڪرڻ لاءِ چڱي ڪرت آهي. سندس عهد حڪومت ۾
هر ڪنهن فرقي جي ماڻهن کي ملڪي ڪاروبارن جي باري ۾
پنهنجن اميرن کي صلاح ۽ مشوره ڏيڻ لاءِ حق هوندو
هو ۽ خود سلطان پنهنجن اميرن جي راءِ کي غور سان
ٻڌندو ۽ پسند ڪندو هو.
خواجه نظام الدين اولياء جو سلطان سان ملاقات ڪرڻ
کان انڪار ڪرڻ
حضرت محمد بن علي اَلبخاري، جي سلطان المشائخ نظام
الدين اولياء محبوب الهى جي لقب سان دهلئ ۾ مشهور
آهن. سندن ولادت سعادت 27 صفرالمظفر سن 640هه
مطابق 1235ع ۾ ٿي. ابتدائي تعليم بدايون ۾ حاصل
ڪيائون، جو سندن وطن هو. تنهن کانپوءِ دهلئ ۾
تشريف آور ٿيا. 14 ورهين جي عمر تائين صدر ولايت
شمس الملڪ جي اتاليقي هيٺ علم حاصل ڪيائون ۽ علم
حديث مولانا ڪمال الدين وٽ حاصل ڪيائون. جڏهن
خواجه صاهب پهريون دهلئ ۾ آيا، تڏهن سلطان غياث
الدين بلبن جو زمانو هو. 15 رجب المرجب 675هه ۾
پاڪپتن پهتا. حضرت شيخ فريدالدين بابا شڪر گنج
رحه پنهنجي قوم جي ڪن اصحابن سان سندس
استقبال ڪيو.
خواجه صاحب جن بابا شڪرگنج رحه جي هٿن
تي بيعت ورتي.خواجه صاحب برابر ستن بادشاهتن ڏسڻ
کانپوءِ 735هه مطابق سن 1324ع ۾ انتقال فرمايو.اُن
وقت محمد ثالث بن تغلق دهلئ جي تخت تي هو. دهلئ
کان ٽن ميلن جي فاصلي تي موضع غياث پور جو نظام
الدين جي نالي سان سڏجي ٿو. اُتي مدفن آهن. سندن
روضي جي چؤطرف دهلئ جي گهڻن ئي سلاطين جون قبرون
آهن. سلطان المشائخ خواجه نطام الدينرحه
کي نه ڪا جاگير هئي، نه وري کين حڪومت جي طرفان
ڪنهن قسم جو وظيفو ملندو هو، پر سندن لنگر
ايتريقدر وسيع هو، جو هزارها ماڻهو روزانو لنگر
مان کائي گذر ڪندا هئا. سندن همدردي ۽ ڪرامت جو
چرچو طول ۽ عرض ڪشورِ هند ۾ لڳل هو ۽ هزارين مشتاق
سندن زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ايتري نذر ۽ نياز
۽ لنگر کانپوءِ به وٽن ڪاري ڪوڏي چئجي سابه ڪانه
هئي! هن بزرگ جي اخلاق عظيم کي ڏسي حاسدن کان سٺو
نه ويو، آخر هنن وڃي سلطان علاءُ الدين جا ڪن
ڦوڪيا. ايتريقدر جو سلطان جي دل ۾ خطرو جاڳيو، ته
متان سندس بزرگن جو ڪمال امور سلطنت ۾ نه ڪورخنو
پيدا ڪري. سو آزمائش خاطر شهزادي خضر خان پنهنجي
فرزند کي، جو خواجه صاحب جو مريد هو، هڪڙو رقعو
لکي موڪليو جنهن ۾ لکيل هو ته ”توهين اچي اسانکي
سلطنت جي اهم امورات ۾ پنهنجي صلاح ۽ مشوره سان
مستفيد فرمايو.“ بادشاهه جي اهڙي خط لکڻ مان اهو
ڏسڻ مقصود هو ته بزرگ جو دنياوي عروج طرف خيال آهي
يا نه؟ مگر حضرت جن جواب ۾ فرمايو ته ”فقيرن کي
سلطنت جي امورات سان ڪهڙو واسطو؟ مان شهر کان ٻاهر
هڪڙئ ڪنڊ ۾ پيو آهيان. پر اهڙي حال تي به جيڪڏهن
توهين وڌيڪ ستائيندؤ ته خداوند تعالى جي زمين
ڪشادي آهي مان ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويندس“.
بادشاهه اهڙو جواب ٻڌي نهايت ئي پشيمان ٿيو ۽
معذرت سان حاضر ٿيڻ لاءِ اجازت گهريائين، پر حضرت
جن فرمايو ته ”توهانجي اچڻ جي ضرورت نه آهي، مان
غائبانه دعاگو آهيان، جو غيب جي دعا ۾ اثر ٿيندو
آهي“ پر امير خسرو سوچيو ته جيڪڏهن شيخ جي اجازت
کانسواءِ بادشاهه ملاقات ڪندو، ته ضرور خواجه صاحب
ناراض ٿيندا. سو هن شيخ کي لکيو ته توهين دهلي ڇڏي
پاڪ پٽن هليا وڃو، جنهن تي هو دهلي ڇڏي پاڪ پتن
هليا ويا. سلطان کي جڏهن خبر پئي تڏهن امير خسرو
کان جواب طلب ڪيائين. امير جواب ڏنو ته قبلا
توهانجي ناراضگي مان مونکي جان جو خطرو هو، سو مون
پنهنجئ جان کان ايمان کي ترجيح ڏني. بادشاهه امير
جي برجستي جواب کان خوش ٿيو ۽ کيس معافي ڏنائين.
قطب الدين مبارڪ شاهه
سلطان علاءُ الدين 20 ورهيه حڪومت ڪري 6 شوال
المڪرم سن 716هه مطابق 19 ڊسمبر سن 1312ع ۾ ملڪ
ڪافور هٿان شهيد ٿيو. انالله وانا اليھ راجعون.
سندس پٽن مان ملڪ ڪافور ننڍي کي، جو صغير هو، دهلئ
جي تخت تي ٿاپي، باقي ٻن پٽن جون اکيون ڪڍرائي
ڇڏيائين. ٽئين پٽ شهزادي مبارڪ کي به مارائڻ جي
ڪوشش ۾ هو، پر اميرن سندس چال کي صحيح ڪري کيس قتل
ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ شهزادي مبارڪشاهه کي
قطب الدين جي لقب سان دهلي جي تخت تي ويهاريائون.
پر هن پنهنجي پئ جي ٻن وڏن عملدارن کي مارائي ٻين
ڪيترن اهلڪارن کي، جن کيس تخت تي ويهڻ ۾ مدد ڏني
هئي تن کي عهدن تان لاهي پنهنجن غلامن کي سندن
عهدن تي رکي ڇڏيو. اُنهن غلامن مان خسرو خان جو
اصل هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو هو تنهن کي
وزيراعظم مقرر ڪيائين. سلطان قطب الدين شروعات ۾
ئي ظلم ڪيا، پر ڪي چڱا به ڪم ڪيائين. جيئن ته
سترهن هزار قيدي آزاد ڪيائين. غريبن کي زمينون
موٽائي ڏنائين، جي سندس پئ ضبط ڪيون هيون. ڍلون
گهڻيون گهٽائي ڇڏيائين. واپار تان محصول
گهٽايائين. جنهنڪري رعايا کانئس خوش هئي. هي سلطان
پيءُ وانگر جنگجو به هو، جن جن حاڪمن سرڪشي ڪئي تن
کي پوري پوري سيکت ڏنائين. هڪ لشڪر گجرات فتح ڪرڻ
لاءِ موڪليائين ۽ پاڻ دکن تي ڪاهي ويو، ڇاڪاڻ جو
راجا هرپال اُتي مسلمانن کي گهڻو تنگ ڪيو هو، راجا
سندس هٿان قيد ٿيو، جنهن کي جيئرو ساڙائي ڇڏيائين.
تنهن کانپوءِ واندو ٿي دهلي موٽي آيو، جت عيش ۽
آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو. وٽس خوبصورت عورتن جي
هڪڙي جماعت هئي، جن کان ناچ ڪرائيندو هو، ۽ پاڻ هر
وقت شراب جي نشي ۾ مست رهندو هو. هن پنهنجي وزير
خسرو کي مالابار فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيڪو هڪ سال
کانپوءِ ڦرلٽ جي خزانن سان موٽيو. بادشاهه خزانا
ڏسي گهڻو خوش ٿيو ۽ وزير کي مختيار مطلق ڪري
ڇڏيائين. خسرو اهڙي اختياري ڏسي گهڻن ئي اميرن کي
مارائي ڇڏيو. هو اصل گجرات جي ڀر واري هندو نيچ
قوم مان هو. هن پنهنجي قوم جي گهڻن ئي کي فوجن ۾
ڀرتي ڪيو. ڪيترن ئي کي وڏا وڏا عهدا ڏنائين، پوءِ
وري پاڻ تخت هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. 719هه
مطابق 1319ع ۾ سلطان کي مارائي پاڻ بادشاهه ٿي
ويٺو. درٻار جي اميرن مان جونا خان، جو غازي خان
تغلق پنجاب جي والئ جو پٽ هو، سو پنهنجي جان بچائي
ڀڄي نڪتو ۽ پوءِ خسرو خان سان جنگ جوٽيائين. وٽس
افغانن جي مضبوط فوج هئي. هن جنگ ۾ خسرو خان پاڻ
مارجي ويو ۽ سندس فوجن به شڪست کاڌي. غازي خان
جڏهن دهلئ ۾ وارد ٿيو تڏهن ماڻهن خوشي سان کيس
دهلي جي تخت تي ويهاريو.
|